سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب: --

صفحو :5

(الف) مدائني جون روايتون: مدائني کي عرب مؤرخن هڪ معتبر مؤرخ ڪري تسليم ڪيو آهي، جو سندس روايتون اڪثر پڪيون ۽ پختيون آهن. افسوس جو فتحنامي ۾ سندس روايتن جون ڪڙيون حذف ٿيل آهن، انهيءَ ڪري سندس روايتن جو پورو تنقيدي جائزو وٺي نٿو سگهجي، تنهن هوندي به هيٺيون حقيقتون مدائني جي روايتن جي اندروني صحت کي ثابت ڪن ٿيون:

(1) سنڌ بابت فتحنامي ۾ ڏنل مدائني جون اڪثر روايتون سندس انهن سـَـند  وارن راوين کان بيان ٿيل آهن، جن کان هن مرڪزي خلافت ۽ ٻين واقعن بابت احوال ٻڌا ۽ نقل ڪيا آهن، ۽ جن جي بيان کي بلاذري ۽ طبري جهڙن معتبر مؤرخن پڻ صحيح تسليم ڪري پنهنجي ڪتابن ۾ داخل ڪيو آهي. هن سلسلي ۾ هيٺيون روايتون غور طلب آهن:

1- ص 109/ ]78[ تي عبدالله بن سوار بابت بيان ابوالحسن مدائني ٻن راوين يعني هذلي ۽ مسلمة بن محارب” کان نقل ڪيو آهي. فتحنامي ۾ چار ٻيون روايتون (ص 111، 108، 109، ۽ 112) هذلي جي وسيلي ۽ هڪ روايت (ص 246) مسلمة بن محارب جي ذريعي بيان ٿيل آهن، جن مان ص 113 تي هذلي واري روايت ۽ ص 246 تي مسلمة واري روايت آڏو ابوالحسن جو نالو ڏنل آهي، پر ص 108، 109، ۽ 112 تي هذلي وارين روايتن آڏو ابوالحسن جو نالو غالباً فارسي مترجم جي بيڌيانيءَ سبب حذف ٿيل آهي. (1) 

سـُـلمي بن عبدالله بن سـُـلمي،(2)جو ابوبڪر الهذلي جي عام نالي سان مشهور آهي، سو اسلامي تاريخ جو مڃيل ۽ مسلم راوي آهي. طبري پنهنجي تاريخ ۾ تقريباً 20 روايتون سندس سـَـند جي سلسلي سان نقل ڪيون آهن، جن مان 8 روايتون ابوالحسن مدائني جي ذريعي نقل ڪيل آهن.(3) يعني ته هذلي جون گهڻي ۾ گهڻيون روايتون مدائني جي ذريعي نقل ٿيل آهن. مطلب ته هذلي، مدائني جي استادن مان هو ۽ سندس روايتون نه صرف طبري پر ٻين مصنفن  به مدائني جي زباني نقل ڪيون آهن.(4)   ابوبڪر هذلي عباسي خليفي منصور (وفات 108 هه/775ع) جي ڏينهن تائين زنده هو،(1) ۽ مدائني، جو سنه 135 هه ۾ ڄائو، ان جي عمر ان وقت تائين تقريباً 23 ورهيه هئي، جنهن ڪري هن، هذلي کان سڌو سنئون سندس زباني جملي تاريخي حالات ٻڌا ۽ پنهنجي ڪتابن ۾ لکيا، ۽ ٻين تائين به پهچايا. (2)

مسلمة جو سڄو نالو مسلمة بن محارب بن سلم بن زياد آهي ۽ هو مشهور اموي سپهه سالار زياد جي اولاد مان هو. (3) مسلمة نه صرف تاريخي راوين ۾ مڃيل آهي، پر حديث جي راوين ۾ پڻ شمار ٿيل آهي. (4) هو مدائني جي استادن منجهان آهي ۽ سندس تاريخي روايتون گهڻو ڪري مدائني جي ذريعي ئي بلاذري توڙي طبري تائين پهتيون. مدائني سڌو سنئون کانئس اهي روايتون ٻڌيون. بلاذري فتوح البلدان (ص ص 73، 250 ۽ 280) ۾ ٽي ررايتون مسلمة جي سـَـند جي سلسلي سان نقل ڪيون آهن، ۽ پنهنجي ٻي تصنيف ڪتاب انساب الاشراف جي جلد 4 ۽ 11 ۾ جملي ڇهه روايتون مسلمة جي سـَـند جي سلسلي سان مدائني جي زباني سان نقل ڪيون آهن. (5) طبري جملي 43 روايتون مسلمة جي سـَـند جي سلسلي سان نقل ڪيون آهن ۽ اهي سڀئي مدائني جي ڪتابن تان يا مدائني جي شاگرد عمر بن شبہ کان خود مدائني جي زباني نقل ڪيل آهن. خود فتحنامي ۾ ص 346 تي ٻي هڪ روايت پڻ ابوالحسن مدائني، مسلمة بن محارب کان نقل ڪئي آهي.

مطلب ته هذلي توڙي مسلمـة، مدائني جا وڏا معاصر ۽ تاريخ جا ڄاڻو هئا. افسوس جو فتحنامي ۾ کانئن جيڪي روايتون مدائني بيان ڪيون آهن، تن مان ڪن جا پويان سلسلا (يعني ته خود هذلي ۽ مسلمة جن ماڻهن کان اهي ڳالهيون ٻڌيون ۽ انهن وري جن کان ٻڌيون، تن جا نالا) حذف ٿيل آهن، جنهن ڪري اکين ڏٺل يا همعصر روايتن جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي. تنهن هوندي به ڪن روايتن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته مدائني جي روايتن جو سلسلو نيٺ انهن ماڻهن تائين پهچي ٿو، جي بيان ٿيل واقعن کان پوري طرح واقف هئا. مثلاً ص 111 تي ابوالحسن مدائني جي روايت ابوبڪر هذلي کان ۽ هذلي جي روايت اَسود کان آهي ۽ اها امير معاويـہ جي عهد (41-60 هه) ۾ راشد بن عمرو جي محاذ هند تي مقرري بابت آهي. هن روايت ۾ جيتوڻيڪ هذلي ۽ اَسود جي وچ وارن راوين جا نالا حذف ٿيل آهن(1) ته به بيروني شهادتن جي بنياد تي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اَسود مان مراد الاسود بن يزيد النخعي آهي، جو تاريخ جو مشهور راوي آهي. تاريخ طبري ۾ گهٽ ۾ گهٽ 9 تاريخي بيان اهڙا آهن جن جي سـَـندن جي سلسلي جي آخري ڪڙي اَسود آهي. اَسود، ڪوفـي جي برگزيده تابعين مان هو ۽ حضرت عثمان رضه جي شهادت (سنه 35 هه) وقت حضرت عثمان رضه طرفان مدافعت ۾ مشغول هو. (1) ان بعد امير معاويه جي عهد تائين سندس زندهه رهڻ ۽ راشد بن عمرو جي مقرريءَ کان واقف هئڻ بالڪل قياس جي ويجهو نظر اچي ٿو. انهيءَ لحاظ سان مدائني جي هيءَ روايت نموني طور ثابت ڪري ٿي ته سندس روايتن جا ماخذ بالڪل پختا ۽ معاصراڻا آهن.

مٿئين تفصيلي بحث بعد اسان هيٺ فتحنامي ۾ مدائني جي باقي ٻين روايتن جي ماخذن تي مختصر روشني وجهنداسون.

2- ص 112 تي ابوالحسن مدائني جو حاتم بن قبيصة بن المهلب (2) جي زباني ٻڌل بيان ڏنل آهي. حاتم بن قبيصة سنه 98 هه ۾ طخارستان جو گورنر هو.(3) هو تاريخ جو وڏو ڄاڻو هو ۽ راوي عمر بن شبة جهڙيءَ طرح مدائني کان تاريخي روايتون نقل ڪيون آهن، اهڙي طرح هن حاتم بن قبيصة کان به روايتون نقل ڪيون آهن.  (4)انهيءَ ڪري مدائني جو حاتم بن قبيصة کان نقل ڪرڻ بالڪل قياس جي ويجهو آهي. البت هيءَ روايت عبدالله بن سوار جي جنگ بابت آهي، جنهن کي امير معاويه تقريباً سنه 41-42 هه ۾ محاذ هند تي مقرر ڪيو ۽ انهيءَ جنگ ۾ حاتم بن قبيصة جو هجڻ ممڪن نظر نٿو اچي. طبري سنه 50 هه جي ٻن واقعن جا اکين ڏٺا احوال جن ماڻهن جي زباني حاتم بن قبيصة جي وسيلي نقل ڪيا آهن، انهن ماڻهن ۽ حاتم بن قبيصة جي وچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ راوي جو واسطو آهي. (1) انهيءَ ڪري فتحنامي جي هن روايت جو پويون حصو ظاهراً حذف ٿيل آهي ۽ جنهن ماڻهو ابن اسوار کي جنگ ۾ ڏٺو، سو خود حاتم بن قبيصة ناهي، مگر اهو راوي، جنهن کان حاتم بن قبيصة هيءُ روايت نقل ڪئي، ٿو ڀانئجي.

3- ص 125 تي ابوالحسن مدائني جي اسحاق بن ايوب جي زباني ٻڌل بيان ڏنل آهي، جو سنه 92 هه ۾ حجاج جو محمد بن قاسم کي سنڌ تي رواني ڪرڻ لاءِ فوج گڏ ڪرڻ بابت آهي. طبري، ابوالحسن مدائني جون اسحاق بن ايوب کان نقل ڪيل ٻه روايتون ڏنيون آهن جي امير معاويه جي عهد ۽ وليد بابت آهن. (2) فتحنامي جي هيءُ روايت پڻ وليد جي عهد جي آهي ۽ روايت جي اعتبار کان مڪمل آهي. ص 127 تي ٻي روايت ۾ اسحاق بن ايوب ۽ هلواث ڪلبي جا نالا ڏنل آهن، ۽ ظاهراً آڏو مدائني جو نالو ڇڏيل آهي ڇو ته هلواث جون روايتون پڻ مدائني ذريعي پهتل آهن.(3)

4- ص 131 تي ابوالحسن ابو محمد مولي بني تميم کان ديبل جي محاصري جو نقل ڪيو آهي ۽ 252 تي ابوالحسن ساڳئي ابو محمد هندي کان ملتان جي منروي بتخاني جو بيان نقل ڪيو آهي. ان مان ظاهر آهي ته ابو محمد هند يعني سنڌ جو هو ۽ بنو تميم جو پالتو هو. ٿي سگهي ٿو ته ابو محمد کي انهن واقعن جي سنئين سڌي خبر هجي، ڇاڪاڻ ته اهي واقعا سنه 93-95 هه جا آهن ۽ ممڪن آهي ته ابو محمد گهٽ ۾ گهٽ 56 سال پوءِ به جيئرو رهيو هجي، جو سنه 150 هه ڌاري جڏهن ابوالحسن مدائني جي عمر 15 سال هئي، تڏهن کيس انهن ڳالهين جي خبر ڏني هجيس. پر غالباً فتحنامي ۾ انهن روايتن جو به پويون حصو حذف ٿيل آهي ۽ ابو محمد خود ٻئي ڪنهن کان اهي حالات ٻڌا، ڇاڪاڻ ته بلاذري فتوح البلدان (ص 438) ۾ محمد بن قاسم جي فتح بابت هڪ بيان نقل ڪيو آهي جو مدائني، ابو محمد الهندي کان ٻڌو، ۽ ابو محمد وري ابو الفرج نالي راوي کان ٻڌو. بهرحال بلاذري جو هي حوالو ثابت ڪري ٿو ته ابو محمد، مدائني جي استاد راوين منجهان آهي.

البت فتحنامي ۾ ص 201 تي، ڏاهر جي قتل، لاڏيءَ جي گرفتاري ۽ محمد بن قاسم جو لاڏيءَ کي خريد ڪرڻ واري حڪايت پڻ ابو محمد هنديءَ کان نقل ٿيل آهي، جنهن اها ابو مسهر عابي کان ٻڌي، جنهن وري اها هند جي ڪنهن شخص کان ٻڌي. هيءَ روايت مشڪوڪ آهي، ڇاڪاڻ ته جيتوڻيڪ ابو محمد مشهور راوي آهي، ۽ پڻ جيڪڏهن ابو مسهر عابي کي صحيح طور ابو مسهر عبدالاعليٰ تسليم ڪجي، جو پڻ مشهور راوي آهي(1) ته به روايت جي آخري ڪڙي مشڪوڪ ۽ مبهم آهي.

5- ص 252 تي ابوالحسن مدائني، خريم بن عمرو کان ملتان جي ڌن بابت روايت نقل ڪئي آهي. خود فتحنامي مان ظاهر آهي ته حجاج، خريم کي محمد بن قاسم سان گڏ موڪليو هو (2) ۽ خريم سنڌ جي فتحن ۾ ساڻس گڏوگڏ هو(3) ۽ غالباً ويندي آخر تائين محمد بن قاسم سان گڏ رهيو(4)  انهيءَ ڪري ملتان جي فتح ۽ خزاني وارو احوال سندس اکين ڏٺو آهي.

6- ص 197 تي ابوالحسن جي ابوالليث هندي کان ٻڌل روايت (ڏاهر جي قتل بابت) ڏنل آهي، جا هن (ابوالليث) پنهنجي پيءُ کان ٻڌي. ان کان اڳ ص 142 تي پڻ محمد بن قاسم جي ديبل ڏانهن روانگيءَ وارو بيان ابو الليث التميمي الهندي کان بيان ڪيل آهي، پر بيان ڪندڙ (ابوالحسن مدائني) جو نالو حذف ٿيل آهي. ابوالليث هي پويون بيان جعونـہ بن عقبة السلمي کان ٻـڌو. هاڻي خود فتحنامي جي ص 133 تي ڏنل بيان مان ظاهر آهي ته جعونـہ السلمي، محمد بن قاسم سان گڏ هو ۽ خاص منجنيقن جي چارج ۾ هو. انهيءَ حوالي مان انهن روايتن جي صحت جي تصديق ٿئي ٿي.

7- ص 234 ۽ 246 تي مدائني (علي بن محمد) جون ٻه روايتون عبدالرحمان بن عبد ربـہ السليطي کان ڏنل آهن. پوئين روايت ساڳئي وقت مسلمة بن مهارب ۽ عبدالرحمان بن سليطي کان نقل ٿيل آهي، جنهن جي معنيٰ ته عبدالرحمان ۽ مسلمة ٻئي مدائني جا وڏا معاصر هئا.

وري ص 112 ۽ 128 تي عبدالرحمان بن عبدربـہ کان ٻه روايتون ڏنل آهن جن جو ناقل پڻ مدائني کي ئي سمجهڻ گهرجي، پر سندس نالو حذف ٿيل آهي. عبدالرحمان بن عبدربـہ کان ابوالحسن جون اهي چارئي روايتون مستند آهن، ڇاڪاڻ ته ساڳين واقعن بابت بلاذريءَ جا ابوالحسن کان نقل ڪيل بيان انهن سان ملي اچن ٿا.

مٿين وضاحت مان قدري ظاهر آهي ته فتحنامه ۾ مدائني سان واسطو رکندڙ روايتون تاريخي اعتبار کان صحيح آهن. البت ص 255 تي محمد بن علي ۽ ابوالحسن مدائني جي نالن سان ڏاهر جي ڌيئرن جي محمد بن قاسم خلاف سازش بابت جا ڪهاڻي نقل ٿيل آهي، سا جملي مستند تاريخي ماخذن جي خلاف آهي ۽ انهيءَ ڪري ان جو سـَـند جو سلسلو پڻ غالباً مصنوعي آهي. (1)

(ب) مدائني کانسواءِ (؟) باقي ٻيا عرب راوي: جملي ٻيون 14 روايتون اهڙيون آهن (2) جي پڻ عرب راوين کان آهن، پر انهن جي سـَـند جي سلسلي ۾ نه مدائني جو نالو ڏنل آهي ۽ نه وري اهڙي ڪنهن ٻئي راوي جو، جنهن کان (فتحنامي ۾ ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي) مدائني جي ٻي ڪا روايت موجود هجي. چئي نٿو سگهجي ته اهي ڪي مستقل روايتون آهن جن سان مدائني جو تعلق ناهي، ڇاڪاڻ ته انهن جي سـَـند جا  سلسلا بلڪل مختصر ۽ هڪ ٻن راوين جي نالن تائين محدود آهن. بالڪل ممڪن آهي ته انهن مان ڪافي روايتون مدائني جي ذريعي پهتل هجن مگر مدائني جو نالو به ٻين راوين سان گڏ ڇڏي ڏنو ويو هجي.

جيئن ته انهن روايتن جي سـَـند  جا سلسلا بلڪل مختصر طور ڏنل آهن ۽ يقيني طور راوين جا نالا حذف ٿيل آهن، انهيءَ ڪري وڌيڪ تحقيق لاءِ ميدان تنگ آهي. البت ڪي تاريخي اهڃاڻ موجود آهن جي هنن روايتن جي صحيح هجڻ تي شاهد آهن: مثلاً ص  [151]/215تي ڏنل داستان جي روايت خواجه امام ابراهيم طرفان آهي ۽ آخر ۾ ص 480 واري حاشيه ۾ ڏنل تفصيلي بحث هن روايت جي صحت کي ثابت ڪري ٿو. ٻين روايتن کي بلاذري ۽ يعقوبي جي فتح سنڌ بابت بيانن سان ڀيٽجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته اهي پڻ انهن صحيح ۽ مستند بيانن جي منافي نه آهن، سواءِ ٻن روايتن جي: هڪ ص 268 تي ڏنل لاڏي بابت عقيل بن عمرو نالي راوي جو بيان، ۽ ٻيو ص 275 تي بنو تميم جي ڪنهن نامعلوم شخص ذريعي نقل ڪيل بيان، جنهن ۾ محمد بن قاسم جو حجاج کان سندس ڌيءُ جو سڱ گهرڻ وارو قصو بيان ٿيل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ص 439، حاشيه [94]/131 ۾ محمد بن قاسم جي شادي متعلق تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي جنهن مان مٿين ٻنهي روايتن جي ترديد ٿئي ٿي.

(ج) مقامي روايتون: مدائني جون روايتون خواهه اهي ٻيون روايتون، جي عرب راوين جي سـَـنـَـدَن جي سلسلن سان موجود آهن، سي عرب محققن جي فن روايت جي اصولن موجب ڏنل آهن. انهن مان اڪثر روايتن جا سلسلا انهن عرب راوين تائين پهچن ٿا، جن کي واقعن جي سڌي سنئين خبر هئي. ڪن ٻين روايتن جا سلسلا سنڌ جي مقامي راوين، مثلاً، ابو محمد، (1)  ابوالليث هندي (2) ۽ امير محمد والي ساوندي سمـہ (3) تائين پهچن ٿا. انهن راوين مان ابو محمد ۽ ابو الليث ٻئي عرب قبيلي بنو تميم سان وابسته هئا ۽ سندن روايتون مدائني ۽ ٻين عرب راوين ذريعي پهتل آهن. ساوندي سمه جو والي امير محمد، غالباً عرب هو، مگر کانئس نقل ڪيل روايت جو سـَـند جو سلسلو حذف ٿيل آهي. انهن ٽن راوين مان صرف ابو محمد هندي جو ص 267 تي ڏاهر جي قتل ۽ لاڏيءَ جي گرفتاري بابت بيان دراصل ٻئي هڪ نامعلوم مقامي شخص کان نقل ٿيل آهي ۽ انهيءَ ڪري ان گمنام شخص جي سند کي مستند چئي نٿو سگهجي، جيئن مٿي ص 2 تي ڄاڻايو ويو آهي.

عرب راوين سان لاڳاپيل انهن ٽن مقامي شخصن جي بيانن کانسواءِ فتحنامي ۾ ڪافي اهڙو مواد موجود آهي جنهن جو بنياد مقامي روايتن تي آهي. اهڙين روايتن مان صرف هڪ روايت ص 195 تي (شجاع نالي شخص جي ڏاهر سان مقابلي بابت) اهڙي آهي جنهن ۾ مقامي راوي، رام سيـہ برهمڻ جو نالو کنيل آهي. باقي هيٺيون روايتون، فن روايت جي اصول موجب نه آهن، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪنهن به راوي جو نالو ڏنل ڪونهي.

1- صفحي 62 کان صفحي 105 تائين اسلامي فتوحات کان اڳ واري سنڌ جي تاريخ واري سڄي بيان جو مدار ٻڌل سئل ڳالهين تي آهي ۽ ڪٿي به ڪنهن راوي جو نالو ڄاڻايل ڪونهي. مثلاً ص 55 تي شروعات ئي غير معلوم خبرن جي راوين ۽ تاريخ جي مصنفن سان ٿئي ٿي ۽ ص 66 تي هن داستان جو مصنف ۽ هن بوستان جو لکندڙ پڻ نامعلوم آهي. هن باب ۾ ص 77 تي عرب امير عين الدولـہ ريحان مدني جو ذڪر، ص 87 تي رسول الله جي هجري ٻئي سال ڏانهن اشارو ۽ ص 103 تي عرب قبيله بنو سامـہ جي علافين جو سنڌ ڏانهن ڀڄي اچڻ وارو ذڪر ڏيکارين ٿا ته هي باب يقيني طور ڪنهن مسلمان مؤرخ جو جمع ڪيل آهي. ان کان سواءِ هن باب ۾ سنڌ جي ڪن مقامي واقعن ۽ حالتن جا تفصيل ڏيکارين ٿا ته هن تاريخي باب مرتب ڪرڻ ۾ ڪافي تحقيق کان ڪم ورتو ويو آهي. البت هن باب ۾ چچ ۽ راڻي سونهن ديوي جي عشق واري داستان وارو افسانوي رنگ غالباً فارسي مترجم جو اضافو آهي جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو.


 

(1)  ڏسو آخر ۾ ص 294-295 تي ڏنل حاشيه 108/ ]77[

(2)  طبري (3x255) سندس نالو بالڪل انهيءَ طرح ڏنو آهي، جو صحيح سمجهڻ گهرجي. طبري جي ايڊيٽرن اسماءِ خاص جي فهرست ۾ سندس نالو سلمـہ بن عبدالله ڪري لکيو آهي ۽ ابن رستـہ جي ڪتاب الاعلاق النقيسـة“ (ص 313) ۾ سندس نالو سليمان بن عبدالله لکيل آهي. وڌيڪ سندس حالات لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص 294 - 295

(3)  ڏسو تاريخ طبري ص ص 1x2831، 1x2872، 1x3068، 1x3135، 1x3198، 2x173، 2x1326 ۽ 3x132.

(4)  مثلاً بلاذري فتوح البلدان (ص 18) ۾ فقط هڪ روايت هذلي جي اسناد سان اَندي آهي ۽ اها ابوالحسن مدائني جي زباني نقل ٿيل آهي. ساڳيءَ طرح بلاذري پنهنجي ٻئي ڪتاب انساب الاشراف (جلد 11 ص 227) ۾ پڻ هذلي جي روايت مدائني جي ذريعي نقل ڪئي آهي.

(1)  ڏسو طبري 3x401، 424، 435، ۽ 436.

(2) طبري، مدائني جون هذلي کان ٻڌل روايتون مدائني جي شاگرد عمر بن شبـہ جي زباني نقل ڪيون آهن.

(3)  ڏسو تاريخ طبري، 2x445 .

(4)  ڏسو بخاري جي التاريخ الڪبير جلد 4 ص 279.

(5)  ڏسو ڪتاب انساب الاشراف جلد 4 ص ص 73، 81، 106 ۽ جلد 11 ص ص 27، 168، 226.

(1)  ڇاڪاڻ ته هذلي ۽ مسلمـة ٻئي همعصر ۽ مدائني جا مکيه ماخذ آهن ۽ مدائني ڪي روايتون ٻنهي کان ساڳي وقت ٻڌيون آهن (ڏسو تاريخ طبري 2x73). طبري هڪ روايت ڏني آهي جا هن ابن حميد کان ٻڌي ۽ هن مسلمـة کان ٻڌي، مسلمة ابواسحاق عبدالرحمان کان ٻڌي ۽ عبدالرحمان سندس پيءُ اَسود کان ٻڌي (1x225). هن سلسلي اسناد مطابق مسلمـة ۽ اَسود جي وچ ۾ ٻيا راوي آهن. ان مان ظاهر آهي ته فتحنامي جي مٿين روايت ۾ مسلمة جي همعصر هذلي ۽ اَسود جي وچ ۾ به ڪم از ڪم ٻن راوين جا نالا هئڻ کپن جي حذف ٿيل آهن.

(1)  ڏسو تاريخ طبري 1+2896، 2916، ۽ 2960.

(2)  متن ۾ حاتم بن قتبيـہ الباهلي غلط آهي ۽ صحيح نالوحاتم بن قبيصـة بن المهلب آهي-

(3)  ڏسو تاريخ طبري 2x1324

(4)  تاريخ طبري 2x109-110.

(1)  طبري سنه 50 هجري جي ٻن واقعات کي هن ساڳي روايت سان بيان ڪيو آهي ته: طبري، عمر بن شبـہ کان، عمر بن شبـہ، حاتم بن قبيصـة، غالب بن سليمان کان، غالب بن سليمان، عبدالرحمان بن صبح کان (ايضا 2x109-110)

(2)  ڏسو تاريخ طبري 2x201 ۽ 2x1741

(3) ڏسو مٿي ص 8.

(1)  ابو مسهر عبدالاعليٰ بن مسهر تاريخ جي راوين مان آهي ۽ طبري ٽن روايتن (2x4، 3x1130، ۽ 3x2426 ۾ سندس نالو کنيو آهي، جن مان هڪ (3x130) منجهان گمان نڪري ٿو ته هو مامون جي حڪومت جي آخري سال سنه 18 هه ۾ جيئرو هو.

(2)  ڏسو فتحنامه، ص 127 ۽ 130

(3)  ساڳيو، ص 134، 207، 216، 233.

(4)  محمد بن قاسم جي سنڌ مان معزولي سنه 96 هه جي پهرئين اڌ  ۾ واقع ٿي. ان وقت تائين خريم جي ڪنهن ٻئي هنڌ موجودگي ثابت ڪانهي ۽ فتحنامي جي حوالن مان قوي گمان نڪري ٿو ته هو سنڌ ۾ هو، محمد بن قاسم جي معزولي بعد سنه 96 جي پوئين ۽ 97 هه ڌاري قتيبـة جي قتل وقت خريم خراسان ۾ نظر اچي ٿو (ڏسو طبري 2x130 ۽ 1312.

(1)  ڏسو آخر ۾ ص 351-362 جتي هن مصنوعي حڪايت ۽ صحيح تاريخي حالات تي تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي.

(2)  ڏسو فتحنامه، ص 106، 107، 113، 116، 119، 121، 128، 137، 171، 193، 201، 205، 207، 219.

(1)  ڏسو فتحنامه، ص 131، 252 ۽ 201

(2)  ساڳيو، ص 142 ۽ 197

(3)  ساڳيو، ص 231.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org