سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب؛ --

صفحو :32

 

محمد بن قاسم جو حجاج بن يوسف ڏانهن خط موڪلڻ

محمد بن قاسم برهمڻ آباد ۽ لوهاڻي جي ڪاروبار کان فارغ ٿيڻ ۽ جتن تي ڍل مقرر ڪرڻ کان پوءِ حجاج بن يوسف کي انهيءَ حال کان واقف ڪيو، ته: برهمڻ آباد جي جلوالي ڍوري (1) کان مٿي(2) هيءَ خدمت لاڳو ڪئي ويئي(2). کيس سنڌ جي زمين کي قبضي ۾ آڻڻ جو ]پڻ[ ڄاڻ ڏنو ويو ۽ تفصيل سان ٻڌايو ويو.

حجاج جو جواب

پوءِ حجاج جواب لکيو ته: ”اي سؤٽ محمد بن قاسم! تون جيڪا سپاهداري، رعيت نوازي، رعيت جي حال تي پرورش ۽ ڪاروبار جي انتظام ۾ ڪوشش ڪري رهيو آهين، سا گهڻي ساراهه (جي لائق) آهي، ۽ جنهن نموني هر جڳهه تي ڍل مقرر ڪئي وئي آهي ۽ رعيت جي هر قسم کي شريعت جي دستور ۽ معاملي موجب سرفراز ڪيو اٿيئي، سو حڪومت جي مضبوطي ۽ بادشاهي جي انتظام جو باعث ٿيو آهي. هاڻي انهيءَ جاءِ تي ترسڻ نه گهرجي. هند ۽ سنڌ جي بادشاهيءَ جا ٿنڀا اروڙ ۽ ملتان آهن. جي بادشاهن جا تختگاهه آهن. بادشاهن جا خزانا ۽ دفينا (پڻ) انهن ٻن جاين ۾ مدفون هوندا. جيڪڏهن رهڻو اٿيئي ته ڪنهن اهڙي جاءِ تي رهه، جا پـُـرفضا هجي، جيئن سڄي سنڌ ۽ هند هٿ هيٺ اچي وڃي. جيڪو اسلام جي تابعداريءَ کان انڪار ڪري تنهن کي قتل ڪري ڇڏيو. الله تعاليٰ توهان جي مدد ڪندو. هند جي شهرن کي  [216] ويندي چين جي حد تائين فتح ڪرڻ تو تي لازمي آهي(1) امير قـُـتـَـيبـَـه بن مـُـسلم قريشي(2) کي ]پڻ چين فتح ڪرڻ لاءِ [ مقرر ڪيو ويو آهي. سڀ ]عراقي[ غلام انهيءَ ڏانهن منتقل ڪريو ۽ ]جـَـهم بن زَحربن قـَـيس کي به هن ڏانهن موڪليو وڃي، ۽[ مقرر ڪيل ]عراقي[ لشڪر ساڻس گڏ وڃي(3) . اي سؤٽ! تون ]پڻ[ اهو ڪو ڪارنامو ڪج جيئن ]تنهنجي پيءُ[ قاسم جو نالو روشن ٿئي، ۽ دشمن عاجز ۽ پريشان ٿين. اِنشـَـاءَ الله تعاليٰ!

حجاج بن يوسف جا خط پهچڻ

جڏهن حجاج جو خط محمد بن قاسم کي پهتو، ته پڙهيائين. چيل هو ته: ”اي محمد! لکپڙهه ۾ اسان سان مشورو ڪندو رهه، ڇاڪاڻ ته اهو هوشياريءَ جو سرمايو آهي. مفاصلي جي دوريءَ سبب اسان جي آڏو پردو ٿو رهي. تون ڪوشش ڪر جيئن شهر جا چارئي اڳواڻ ماڻهو شوق سان فرمانبرداري ڪن، ۽ (سندن) دلجوئي ڪندو رهه.

شهر جي اڳواڻن مان چئن ماڻهن کي ملڪ جي سڌاري لاءِ آزاد پروانو (عطاڪرڻ)

پوءِ شهر برهمڻ آباد، يعني ٻانڀـِـڙاهه(1) جي ڪاروبار واسطي وَداع بن حـُـمـَـيد البـَـحري(2) کي سڏي، رئيس ۽ ڪامورا مقرر ڪيائين. مالي ڪاروبار شهر جي چئن واپارين جي حوالي ڪيائين، ۽ انهن کي کليو پروانو عطا ڪيائين ته: سڀ ڪلي ۽ جزي ڪم سندس حضور ۾ پيش ڪيا وڃن، ۽ ڪوبه معاملو وغيره سندس صلاح کان سواءِ پورو نه ڪيو وڃي. نـَـوبة بن دارس کي راوڙ جي قلعي تي مقرر ڪيائين، جيئن انهيءَ جاءِ تي رهي ٻيڙيون تيار رکي. جيڪا به ٻيڙي مٿان يا هيٺان اچي، خواهه وڃي، ۽ جيڪڏهن انهيءَ ۾ جنگي سامان هجي ته جهلي ]217[ راوڙ جي قلعي ۾ کڻي وڃي. انهيءَ (راوڙ) کان مٿي وارن ٻيڙين جو حڪم ابن زيـِـاد العـَـبدي(1) کي ڏنائين. ڪڇ واري طرف جو ڪيرج جي بادشاهه دروهر جي هٿ ۾ هو، سو هـُـذَيل بن سليمان الاَزدِي کي ڏنائين. حـَـنظلـہ بن اَخي نـُـباتـہ(2) ڪـِـلابيءَ ]يعني نـَباتہ ڪـِـلابيءَ جي ڀاءُ جي پٽ حـَـنظلـہ[ کي دهليله جو حاڪم ڪيائين. پوءِ ]سڀنيءَ کي[ حڪم ڏنائين ته هر مهيني جاچ جوچ، واقفيت ۽ آزمائش بعد ملڪ جي حالتن جي خبر ڏيندا رهن. انهن سڀنيءَ کي هڪٻئي جي مدد ڪرڻ جي پارت ڪيائين ته: جيڪڏهن مخالف جي لشڪر، يا رعيت جي مخالفت سب ڪو فتنو پيدا ٿئي ته انهيءَ ]پارت[ تي عمل ڪجؤ، ۽ فسادين جي ڪـَـن مـَـهٽ ڪجو. ۽ قيس بن عبدالملڪ بن قيس الدمني،(3) خالد انصاري ۽ هزار پيادن کي سيوستان (سيوهڻ) ۾ رکيائين(4). مسعود تـَـمـِـيمي، ابن شيبهَ جـُـدَيدِي(4) فراس عـَـتـِـڪـِـي(1) صابر يـَـشڪـُـرِي، عبدالملڪ بن عبدالله الخـُـزَاعـِـي، مـُـهـَـنيٰ(2) بن عـَـڪہ، ۽ الوَقاءَ  بن عبدالرحمان کي ديبل ۽ نيرون ڪوٽ جي عملداريءَ تي روانو ڪيائين، جيئن اهي حدون محفوظ رهن.  ملـِـيح نالي، بـَـڪر بن رائـِـل جي هڪ آزاد ڪيل غلام کي اشبهار(3)  جو گورنر مقرر ڪيائين، ۽ ]ابن[ علوان بڪري(4) ۽ قـَـيس بن ثـَـعلبـَة ، ٽن هزارن غلامن سان اتي ئي رهجي پيا، کين زالون ]هيون[ ۽ اولاد ٿيو ۽ جـَـتن جي ساري ملڪ کي قبضي ۾ ڪري رهندا آيا.

محمد بن قاسم جي رواني ٿيڻ جي خبر

ساؤندي سـَـمہ جي والي، امير محمد، هن طرح بيان ڪيو آهي ته: جڏهن محمد بن قاسم ]218[ برهمڻ آباد جي بندوبست، ۽ اڀرندي، الهندي، ڳوٺن ۽ پسگردائيءَ جي معاملن مضبوط ڪرڻ کان فارغ ٿيو، تڏهن خميس جو ڏينهن، 3- محرم سنه چورانوي هجري، منزل پٽي وڃي، ساؤنديءَ جي پسگردائيءَ ۾ انهيءَ جاءِ تي لٿو، جنهن کي ”منهل“ (1)  چون ٿا. (اتي) هڪ فرحت افزا ڍنڍ ۽ سرسبز چراگاهه (هو)، جنهن کي ڍنڍ وڪر بهار(2) چوندا هئا، انهيءَ ڍنڍ جي ڪناري تي منزل ڪيائين. انهيءَ پاسي جا سڀ ماڻهو(3)، شمني ۽ ٻـُـڌَ وارا(3)، واپاري هئا. ]اهي[ سڀ فرمانبرداريءَ سان پيش آيا، محمد بن قاسم حجاج جي فرمان موجب سڀني کي امانَ ڏيئي فرمايو ته: ”پنهنجي وطن ۾ آرام سان آسودا رهو، ۽ پنهنجي ڍل وقت تي خزاني ۾ پهچائيندا رهو.“ پوءِ مٿن ڍل مقرر ڪري انهن مان ٻن ماڻهن کي مٿن رئيس مقرر ڪيائين: هڪ بواد شمني(4)، ٻيو ٻـُـڌيڻي پٽ ڀـَـمـَـن ڍول(1). انهيءَ پاسي جا ٻهراڙي وارا جـَـت هئا، جن سڀني فرمانبرداري قبول ڪئي. سڀنيءَ کي حجاج جي پرواني جي حڪم موجب، خوف کان امانَ ڏيئي، اها حقيقت ]حجاج ڏانهن[ لکي موڪليائين.

جڏهن اها سڄي حقيقت حجاج کي معلوم ٿي، تڏهن جواب ڏنائين ته: ”حڪم ظاهر آهي ته جيڪو به لڙائي ڪري تنهن کي قتل ڪريو، ٻيءَ صورت ۾ سندن پٽ ۽ ڌيئرون ضمانت طور قيد ڪري بند رک. جيڪي ماڻهو فرمانبرداري لائق آهن ۽ سندن دل صاف آهي، تن کي امان ڏيئي سندن ذمي مال مقرر ڪريو. ڪاريگرن ۽ واپارين تي تمام هلڪو بار رکجوّ. جنهن بابت معلوم ٿئي ته آباديءَ ۽ کيتيءَ ۾ گهڻي ڪوشش ڪري ٿو، تنهن سان قانوني ڍل ۾ رعايت ۽ همدردي ڪئي وڃي. جيڪو اسلام جي عزت سان مشرف ٿئي، تنهن جي مال ۽ کيتيءَ مان عشره (ڏهون حصو) روتو وڃي، جيڪو پنهنجي ڌرم تي قائم رهي، تنهن جي ]219[ ڪارخاني ۽ کيتيءَ مان ملڪ جي قانون موجب ديواني ڍل جو حصو وصول ڪري ڪامورن جي حوالي ڪيو وڃي.“

پوءِ ]محمد بن قاسم[ اتان منزل پٽي وڃي بهراور(2) ۾ لٿو. اتي پڻ سليمان بن نـَـبهان ۽ ]قبيلي[ ڪـِـندَه جي آزاد ڪيل غلام اَبـُـوفضـہ القـُـشيري کي سڏي، خداءِ عـَـزَ وَ جـَـلَ، ۽ وڌيڪ تاڪيد لاءِ ڪندَه جي اولاد جا قسم ڏيئي(1) کين جنيد بن عـَـمـَـرَو ۽ بني تميم منجهان جماعت سان محبت ڪرائي، گڏي، اهل بهراور جي ]علائقي جي[ دنگ ڏانهن موڪليائين،(1) جتي هو وڃي مقيم ٿيا. عـَـمـَـرَو بن مـُـختار الاڪبر الحنفي کي نائب مقرر ڪري، ناليرن مردن جي هڪ جماعت سندس فوج ۾ رکيائين.

سمن جو استقبال تي اچڻ

پوءِ سمن جي قبيلن ڏانهن رخ رکيائين. ويجهو پهچڻ تي هنن دهل ۽ شرنايون وڄائي، ناچ ڪندي، استقبال ڪيو. محمد بن قاسم پڇيو ته: ”هيءُ لـُـڙ ڇا جو آهي؟“ ٻڌايائون ته: ”سندن رسم آهي ته جڏهن ڪو بادشاهه يا حاڪم نئون ٿيندو آهي، تڏهن خوشي ڪري راندين ۽ راڳن سان پيش ايندا آهن.“ پوءِ خـُـريـَـم بن عـَـمروَ، محمد بن قاسم وٽ آيو ۽ چيائين ته: ”خدا تعاليٰ جي تعريف ۽ تـَـهـِـليل(1)  چوڻ اسان تي واجب آهي، جنهن هيءَ جماعت اسان جي تابعدار ۽ حڪم هيٺ ڪئي آهي، ۽ اسان جو حڪم هن ملڪ ۾ جاري ٿيو آهي.“  خريم هڪ ]220[ داناءُ ۽ هوشيار شخص هو، ۽ تنهن سان گڏ ديندار ۽ امانت وارو هو. محمد بن قاسم سندس بيان تي کلي چيو ته: ”انهن جي حڪومت توکي عطا ڪئي ويئي“. ۽ پوءِ] انهن سمن کي[ سندس آڏو ناچ ۽ تماشي ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. (انهيءَ تي) خريم، مغربي سون جا ويهه دينار کين انعام ڏنا ۽ چيائين ته: ”هيءَ بادشاهي رسم آهي، جو جڏهن ڪنهن حاڪم جي اچڻ ڪري خوشي ڪن ٿا ۽ الاهي شڪر بجا آئين ٿا ته هيءَ نعمت انهن وٽ سدائين قائم رهندي.“

محمد بن قاسم جي لوهاڻي مان سهته (علائقه) ڏانهن منزل کڻڻ(2)

(3) ڳالهين جي راوي، علي بن محمد کان ]۽ ان[ عبدالرحمان بن عبدربد السليطيءَ کان هن طرح روايت ڪئي آهي(2) ته: جڏهن محمد بن قاسم لوهاڻي ]پرڳڻي[ جي ڪم کان واندا ٿي، سهته ]قوم جي پرڳڻي[ جي منزل تي آيو، ته سندن رئيسن ۽ مکيه ماڻهن مٿا ۽ پير اگهاڙا ڪري سندس استقبال ڪيو ۽ امان گهري. انهن کي پڻ امانَ ڏيئي، (مٿن) ڍل مقرر ڪري ضامن ورتائين، ۽ رستي جون منزلون طئي ڪري اروڙ پهچڻ گهريائين. هنن جي سونهن کي اڳ ۾ ڪري اروڙ تائين آيا، جو شهر هند جو تختگاهه ۽ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي، ۽ اتي جا رهاڪو اڪثر ڪري واپاري، هنرمند ۽ هاري آهن. راجا ڏاهر جو پٽ گوپي(3) انهيءَ قلعي تي قبضو ڪيو ويٺو هو، ۽ ڪوبه ماڻهو راجا ڏاهر جي ڪسي وڃڻ جي خبر سندس اڳيان بيان ڪري نٿي سگهيو. هو چوندو ٿي رهيو ته: ”راجا ڏاهر اڃان جيئرو آهي، ۽ هند جي لشڪر وٺي اچڻ لاءِ ويل آهي، جيئن انهن جي قوت ۽ مدد سان عرب جي لشڪر جي سامهون ٿئي.“ ]محمد بن قاسم[ هڪ مهينو انهيءَ قلعي جي سامهون هڪ ميل پنڌ تي ڇانوڻي هڻي ويٺو، (اتي) هڪ مسجد جو بنياد رکيائين، ۽ جمعي جي ڏينهن اتي خطبو پڙهيائين.

اروڙ وارن سان جنگ ڪرڻ

پوءِ اروڙ وارن سان جنگ شروع ڪيائون، انهن (اروڙ وارن) کي اميد هئي ته ڏاهر ڪا مدد ]221[ آڻيندو، سو قلعي جي مٿان نعرا ٿي هنيائون ته: ”توهان کي جان ۽ مال جي معافي ڪانه ملندي، جو ڏاهر مدد وٺيو ٿو اچي. هاٿين، سوارن ۽ پيادن جو بي انداز زبردست لشڪر توهان جي پويان ايندو، ۽ اسين قلعي کان ٻاهر نڪري توهان جي لشڪر کي شڪست ڏينداسون. هينئر توهان پنهنجو مال ۽ اسباب ]خوامخواه[ برباد ٿا ڪريو. پنهنجي جان تي رحم ڪري ڀڄي وڃو، متان برباد ٿيو. ]هيءُ[ نصيحت ڪن ڪريو.“

ڏاهر جي زال لاڏيءَ جو اروڙ جي قلعي وارن سان ڳالهائڻ لاءِ وڃڻ

محمد بن قاسم جڏهن لڙائيءَ ۾ سندن جانفشاني ڏٺي، ۽ سندن مقابلو نظر مان ڪڍيائين ته هو ]ڪنهن به طرح[ ڏاهر جو ڪسي وڃڻ قبول نٿا ڪن، تڏهن ڏاهر جي زال لاڏيءَ کي، جا غنيمت جي مال مان خريد ڪري، پنهنجي نڪاح هيٺ آندي هئائين، انهيءَ ڪاري اُٺ تي، جنهن تي ڏاهر جي زال ]گرفتار ٿيڻ وقت[ سوار هئي، سوار ڪري پنهنجن اعتماد جو ڳن ماڻهن سان قلعي جي اڳيان موڪليائين، تان جو ان ]ويجهو وڃي[ بلند آواز سان چيو ته: ”اي قلعي وارؤ! توهان کي چڱائي چوڻي اٿم، سامهون اچي بيهو ته چوان.“ ]هيءُ ٻڌي[ مکيه ماڻهن جو هڪ ٽولو قلعي جي مٿان چڙهيو. پوءِ لاڏي منهن کولي چيو: ”مان آهيان ڏاهر جي زال لاڏي. اسان جو راجا ڪسي ويو، ۽ سندس سـِـر جهنڊن سان گڏ عراق ڏانهن ۽  ڇٽ دارالخلافت ڏانهن موڪليائون. توهان پاڻ کي برباديءَ ۾ نه اڇلايو“. (قولہ تعاليٰ) وَلاَ تلقـُـوا بـِـاَيدِ يکم اِلـَـيٰ التـَـهلـُـکَةِ (1) (پاڻ کي بربادي ۾ نه اڇلايو). پوءِ دانهن ڪري زار زار روئڻ ۽ پار ڪڍڻ لڳي. هو قلعي مٿان چئي رهيا هئا ته: ”ڪوڙ ٿي ڳالهائين، تون پڻ هنن چنڊالن ۽ ڍڳي کائيندڙن سان ملي هڪ ٿي ويئي آهين. اسان جو راجا اڃا جيئرو آهي. وڏو لشڪر، زبردست ڪٽڪ ۽ مست هاٿي ساڻ ڪري دشمنن کي دفع ڪرڻ ايندو. تو پاڻ کي عربن سان خراب ]222[ ۽ ڪنو ڪيو آهي، ۽ سندن حڪومت کي اسان جي ملڪ تي ترجيح ٿي ڏين.“ ]اهڙيءَ طرح[ هو گاريون ڏيندا ٿي رهيا. هيءَ خبر وڃي محمد بن قاسم کي پهتي، جنهن ڪري لاڏيءَ کي واپس گهرائي، محمد بن قاسم چيو ته: سيلائج جي گهراڻي کان بخت بيزار ٿي چڪو آهي.

هڪ جادوگرياڻي جو ڏاهر جي موت بابت جاچ ڪرڻ.

هن ڳالهه جي سنواريندڙن هن طرح بيان ڪيو آهي ته: اروڙ جي قلعي ۾ هڪ جادوگرڻ رهندي هئي(2) جنهن کي هنديءَ ۾ ”جوڳڻي“ چوندا آهن(2). گوپي ]پٽ[ ڏاهر(3) ۽ شهر جي مکيه ماڻهن انهيءَ وٽ وڃي عرض ڪيو ته: تنهنجي علم مان اميد آهي ته اسان کي راجا ڏاهر جي خبر ملندي ته ڪٿي آهي؟“ جادوگرياڻيءَ چيو ته: ”مون کي اڄوڪو ڏينهن مهلت ڏيو ته مان جاچ جوچ ڪري پوري خبر وٺي توهان کي واقف ڪريان.“ پوءِ گهر ويئي ۽ ٽن پهرن کان پوءِ سرانديپ جي ٻيٽ مان مرچن ۽ جافر جي وڻ جي تازي ۽ سائي شاخ مکڙين، گلن، ۽ ڦر سميت هٿ ۾ کڻي موٽي آئي ۽ چيائين: قاف کان قاف تائين ساري دنيا جو سير ڪيم، پر سنڌ ۽ هند ۾ ڪنهن به جاءِ تي سندس نشان به ڏسڻ ۾ ڪونه آيم، ۽ نه ڪا سندس خبر ٻڌم. وڃي پنهنجي ڪا تدبير ڪريو. جيڪڏهن جيئرو هجي ها ته مون کان ڳجهو پاسيرو نه رهي ها. هن خبر جي تصديق لاءِ سرانديپ مان سايون ٽاريون توهان وٽ کڻي آئي آهيان، جيئن توهان کي مون ۾ بدگماني نه ٿئي. مون کي پڪ ٿي ويئي آهي ته توهان جو راجا روءِ زمين تي جيئرو ڪونه آهي.

 

 

(1)  فارسي ڇاپي جي متن ۾: ”جوئي جلواني“، ڪيل ترميم ۽ ترجمي لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص  [201] ن-ب)

(2)-(2)  اصل الفاظ ”اين خدمت تحرير افتاد“.

(1)  اصل فارسي عبارت بالڪل ناقص آهي، جنهن جي ٻين عربي تاريخن جي مدد سان تصحيح ڪئي وئي آهي. تفصيل لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]217[. (ن-ب)

(2)  ر، م، ن، ب، ڪ، ح، س انهن سڀني نسخن جي پڙهڻي ”القريشي“ (صحيح: القرشي) آهي، پ جي پڙهڻي ”الراشي“ پڻ القرشي“  جي تصحيف آهي. مطلب سڀني نسخن جي متفقه پڙهڻي مطابق هيءَ نسبت ”القريشي“ ٿيندي، لهذا اسان انهيءَ کي ترجيح ڏني آهي. مگر قتيبه بن مسلم عام طرح ”الباهلي“ جي نسبت سان مشهور آهي ۽ انهيءَ ڪري فارسي ايڊيشن جي فاضل ايڊيٽر، ”الباهلي“ جي نسبت کي صحيح سمجهي متن ۾ رکيو آهي. مگر ”القرشي“ نسبت بالڪل صحيح ۽ هن جاءِ تي وڌيڪ موزون آهي. وضاحت لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]217[. (ن-ب)

(3)  اصل فارسي عبارت بالڪل ناقص آهي، جنهن جي ٻين عربي تاريخن جي مدد سان تصحيح ڪئي وئي آهي. تفصيل لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]217[. (ن-ب)

(1)  فارسي ڇاپي جي پڙهڻي ”بابن واه“ آهي جا غالباً  پ مطابق آهي، ر: پاين وام م: پرين واه ن ب: بابراه س: ابو بن واهه اسان ن، ب جي پڙهڻي ”بابراه“ کي ترجيح ڏني آهي ۽ غالباً پ ر، م جي قرائتن ۾ تصحيف آهي، ۽ اهي پڙهڻيون به اصل ۾ غالباً ”بانب راه“ جي بگڙيل صورتخطي آهن. ”بابراه“ يا ”بانب راه“، برهمڻاباد جي مقامي سنڌي نالي ”ٻانبڙاه“ (يا ٻانڀڻاه) جي فارسي صورتخطي معلوم ٿين ٿيون، تنهن ڪري اسان هن لفظ کي، انهيءَ مقامي نالي مطابق لکيو آهي. پڻ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]217[. (ن-ب)

(2)  فارسي ڇاپي ۾ هيءَ نسبت هن صفحي تي توڙي مٿي ]109[ ۽] 124[ صفحن تي ”النجدي“ لکيل آهي، ۽ هن صفحي توڙي مٿي ص ]124[ تي حاشيي ۾ مختلف نسخن جون پڙهڻيون ڏنل ڪين آهن، جنهن جي معنيٰ ته انهن ٻنهي صفحن تي جملي نسخن جي متفقه پڙهڻي ”النجدي“ آهي. ن ۽ ر جي انهن ٻنهي صفحن تي اها ساڳي پڙهڻي آهي. البته ص [109] تي فارسي ڇاپي جي حاشيه ۾ فقط ٻن نسخن جون مختلف پڙهڻيون هن طرح ڏنل آهن- ب: التحدي، س: اينحدي. ”النجدي“ حقيقت ۾ ”البحري“ جي بگڙيل صورتخطي آهي، ۽ صحيح نسبـہ ”البحري“ آهي ۽ نه ”النجدي“- جنهن لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]217[. (ن-ب)

(1) يعني محمد بن زياد العبدي. (ن-ب)

(2)  فارسي ڇاپي ۾ ”بنانـہ“، جو صحيح نه آهي.

(3)  فارسي ڇاپي ۾ ”الدمني“ آهي مگر هي نسبت نهايت مشڪوڪ آهي (ڏسو مٿي حاشيه (1) ص (151)، اسان هت، نسخن جي مختلف قرئتن مطابق هن لفظ جي عاري صورت ڏني آهي. (ن-ب)

(4) - (4)  اصل عبارت: ”مسعود تميمي بن شيبة جديدي“، مگر صحيح عبارت غالباً ”مسعود تميمي و ابن شيبـة جديدي“ ٿيڻ گهرجي، (ڇاڪاڻ) ته تميمي“ جديدي بالڪل ٻه الڳ نسبتون آهن. جن جو هڪٻئي سان ڪوبه واسطو ڪونهي. ”تميمي“ جي نسبت بنو تميم ڏانهن آهي جي عدنائي عرب آهن، ۽ ”جديدي“ جي نسبت بنو جديد ڏانهن آهي جو قبيلو ُبنو جديد من بني اسد بن شريک بن مالڪ بن عمرو بن مالڪ بن فهم (اشتقاق ابن دريد) ص (294) بن غنم بن دوس بن عدثان بن عبدالله بن زهران بن کعب بن الحارث بن کعب بن عبدالله بن مالڪ بن نصر بن الازد(جمهرهِ ابن حزم، ص 58-356[ الازد مان آهي يعني قحطائي عرب آهي. ان کان سواءِ تميم ۽ ازد پاڻ ۾ ڄڻ چانڊيا مگسي هئا. (ن-ب)

(1)  اصل ۾: فراستي عنڪي. ”عتڪي“ جي نسبت بنوالعتيڪ قبيلي ڏانهن آهي جو ”ازد“ مان آهي (ڏسو آخر ۾ حاشيه ص )187[. ”فراستي“ نالو عربن ۾ ڪٿي به نظر نٿو اچي ۽ غالباً اهو”فراس“ جي تصحيف آهي. (ن-ب)

(2)  اصل متن ۾ ”مهني“، ڏنل تلفظ کي اسان خود صحت جي لحاظ کان سموهيو آهي. (ن-ب)

(3)  هت فارسي ڇاپي خواه ر، ن ۾ ”اجتهاد“ آهي جو غالباً ”اشبهار“ جي تصحيف آهي. مٿي ص ]132[ تي اشبهار جي قلعي ۽ پسگردائي جي جتن جو ذڪر ڪيل آهي. هت به هيٺ جتن جي ملڪ جو ذڪر آهي، جنهن مان ڀانئجي ٿو ته صحيح نالو اشبهار هئڻ گهرجي. والله اعلم بالصواب. (ن-ب)

(4)  اصل متن ۾ ”علوان بحري“، مگر محمد بن قاسم جي لشڪر ۾ علوان نه، پر سندس پٽ ذڪوان شامل هو. ڏسو مٿي ص، ]107، 155، 171، 172، 174، 187، ۽ 192[. (ن-ب)

(1)  پ، م، ر مطابق، ن، ب، ح: مسهل، س، ڪ: مستهل.

(2)  فارسي ڇاپي جي پڙهڻي ”دنده و کربها ِّ“ آهي  جا غالباً م، ب مطابق آهي، پ: ديده دکريها ِّ، ر: دنده و کربهار، ن: دنده وکريّها ِّ، ح: وکريها، اسان ر جي پڙهڻي ”دنده و کربهار“ ( ً ڍنڍ وڪربهار) اختيار ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته هن حصي جي شمنين ۽ ٻڌ وارن رهاڪن مان گمان نڪري ٿو ته ”وکربهار“ ڪو هن ايراضي جو ٻڌ جو مندر هو جنهن جي پويان ڍنڍ تي به نالو پئجي ويو. ٻڌ جي مندرن جي نالن جون پڇاڙيون عموماً ”بهار“ هونديون آهن. (ن-ب)

(3) -(3)  فارسي ايڊيشن ۾ اصل الفاظ: ”سمنيان ويدگان“. پ، ن، ب، ح، ڪ ۾ ”بدگان“ جي بدلي ”بهزمان“ آهي، س: بهزنان، ر: ارکان، م: لدکان.

(4) اصل متن مطابق ”سمني بـَـوادُ“، ر، ن ۾ پڻ ”بواد“ پڙهڻي آهي، پ: بران، ڪ: بوار. (ن-ب)

(1) فارسي ڇاپي ۾ هن نالي جي پڙهڻي ”بديهي بمن دهول“، ڏنل آهي جا م، ن، ب، مطابق آهي، ر: ”بديهني بمن دهول“، پ: مائي زن داهر، ڪ: بدهي. اسان ر جي پڙهڻي جي مناسبت سان، سنڌي نالي ۽ اُچار مطابق ”ٻڌيڻي ]پٽ[ ڀمن ڍول“ ڪري لکيو آهي. ]ن-ب[

(2)  فارسي ڇاپي جي عبارت: ”وبہ هراور نزول کرد“، ۽ ان لحاظ سان هي نالو ”هرور“ ٿي سگهي ٿو. ر، ن جي عبارت: ”و بهراور نزول کرد“ يعني ”بهراور“ هڪ گڏيل لفظ آهي ۽ اسان جي خيال ۾ اهو مفرد نالو آهي ۽ نه ”بـہ+ هراور“ جو مرڪب. ممڪن آهي ته اصل نسخي جي عبارت ”وبـہ بهراور نزول کرد“ هجي ۽ ڪاتبن پهرئين ”بـہ“ کي زائد سمجهي نه لکيو هجي. اسان جي هن گمان جو پهريون سبب هن نالي جي پ ۾ ڏنل پڙهڻي (”تهراو“) آهي. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن نالي جي اصل عاري صورت ”تهراو“ يا ”تهراور“ آهي، يعني ته هن نالي جي شروع ۾ ”هه“ کان اڳ هڪ گهر يا دندان آهي. ٻيو سبب هيٺ ڏنل، غالباً ساڳئي نالي ”بهراور“ جي، جملي قلمي نسخن ۾ ”بهرج“ پڙهڻي آهي، جنهن جي شروع وارو اڌ حصو ”بهر“ آهي. (ن-ب) 

(1) -(1)  فارسي ڇاپي جي عبارت هن طرح آهي: وايشانرا و اَنجماعة رابہ جنيد بن عمرو و بني تميم داد وبحد اهل بهرج فرستاد“ مگر هڪ نه، سڀني نسخن ۾ پهرين بـہ“ جي بدران از آهي ۽ ٻيو ته سڀني نسخن ۾ ”بني تميم“ بعد هيٺيان ٻه-ٽي الفاظ آهن، جي ايڊيٽر مبهم سمجهي ڇڏي ڏنا آهن. پ: محبت، ن، ب، ح: منجست سـَـبہ، س: محبت بستہ، ڪ: سنجت سبہ. غالباً ”محبت بستـہ“ يعني ”محبت ڪرائي“ صحيح آهي (ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]220[)، ۽ انهيءَ لحاظ سان هيءَ فارسي عبارت هن طرح بيهندي: ”وايشانرا و ان جماعت را از جنيد بن عمرو وبني تميم محبت بستـہ، داد و بحد اهل بهرج فرستاد“. ترجمو به انهيءَ لحاظ سان ڪيو ويو آهي. مگر ”بهرج“ غالباً ”بهراور“ جي تصحيف آهي، ڇاڪاڻ ته بهرج جو شهر، جنهن جو ذڪر مٿي ]76[  ۽  ]82[ صفحن تي اچي چڪو آهي، ان وقت جي سنڌ جي حدن کان ٻاهر ۽ مڪران کان به الهندي غالباً سيستان جي حدن ۾ هو ۽ هت انهيءَ جو ذڪر بي موقعي آهي. محمد بن قاسم ”بهراور“ ۾ اچي لٿو ۽ انهيءَ بهراور علائقي جو انتظام ئي سندس پيش نظر هو. (ن-ب)

(1)  يعني ذڪر لا اِلـہ اِلا الله چوڻ. (مترجم)

(2) اصل عنوان ”منزل کردن محمد بن قاسم بطرف لوهانـہ وسهتہ“ يعني محمد بن قاسم جو لوهاڻو ۽ سهتہ علائقن طرف منزل ڪرڻ، مگر هيٺ ڏنل بيان مان واضح آهي ته محمد بن قاسم، لوهاڻہ جي علائقي جو انتظام مڪمل ڪري چڪو هو، ۽ هاڻي سهتہ يا سهتن جي علائقي واري ايراضي ڏانهن منزل ڪيائين. (ن-ب)

(3) - (2)  اصل عبارت: راوي احاديث از علي بن محمد بن عبدالرحمان بن عبدالله السليطي چنان روايت کرد“. حقيقت ۾ علي بن محمد (المدائني) ۽ عبدالرحمان ٻه جدا نالا آهن. محمد ۽ عبدالرحمان جي وچ ۾ ”بن“ غلط آهي ۽ غالبا= ”عن“ (يعني کان) جي بگڙيل صورتخطي آهي. عبدالرحمان بن عبدالله به غلط آهي، صحيح نالو عبدالرحمان بن عبد ربـ* السليطي آهي جنهن جو ذڪر مٿي ُ81، 93، ۽ 99لله صفحن تي اچي چڪو آهي. (ن-ب)

(3)  اصل صورتخطي: ”قوني“ ڪيل ترميم لاءِ ڏسو مٿي حاشيه-1 ص 175. (ن-ب)

(1)  سورهِ البقرهِ: رڪوع 24 (ن-ب)

(2) -(2)  اصل عبارت: کہ بہ هندوي جوگني گويند

(3)  اصل ۾، قوفي داهر.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org