سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب: --

صفحو :26

ڏاهر جو وزير کي جواب ڏيڻ

        ڏاهر چيو ته: اي هوشيار وزير! تون جيڪي چڱو سمجهين ٿو سو عين مصلحت ٿي سگهي ٿو. پر هن وقت لاڳاپيدارن کي هندستان موڪلي ڏيڻ، ]مصلحت[ ڏسڻ ۾ نٿي اچيم، ڇا لاءِ ته رعيت فڪرمند ٿيندي ۽ ٺڪـر ۽ امير دل شڪسته ٿي جنگ نه ڪندا ۽ ٽڙي پکڙي ويندا، ۽ مون کي پڻ هن ڳالهه کان شرم ٿو اچي ته ڪنهن ٻئي کي التجا ڪريان يا ڪنهن جي دروازي تي وڃي انتظار ڪريان ته اندر اچڻ جو حڪم آهي؟ هيءُ عار آءٌ ڪيئن برداشت ڪري سگهندس.وزير چيو ته: تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟ بندي کي واقف ڪر ته خير خواهي ۽ صلاح طور (اها) همراءِ خادمن کي ٻڌائي وڃي.

راجا ڏاهر جي وزير سان صلاح ڪرڻ

راجا ڏاهر چيو ته: منهنجي راءِ جي تقاضا آهي ته هن سان سامهون ٿي جنگ ڪريان، ۽ جنگ ]پوري[ ڪوشش ۽ سعيي سان ڪريان. جيڪڏهن انهن تي غالب ٿيس ته پوءِ هو سڀ ذليل ٿيندا ۽ منهنجي بادشاهي مضبوط ٿيندي، ۽ جيڪڏهن ننگ ۽ ناموس خاطر ڪٺو ويس، تڏهن به هيءَ خبر عرب خواه هندستان جي ڪتابن ۾ لکي ويندي، ۽ بزرگن جي واتان دنيا جي بادشاهن جي ڪن پوندي ته راجا ڏاهر پنهنجي ملڪ خاطر دشمن جي مقابلي ۾ پنهنجي پياري جان فدا ڪئي. (شمني جو جواب ڏيڻ: پوءِ شمني چيو ته: منهنجي سڄي نصيحت جو دارومدار (انهيءَ تي) آهي ته راجا جي ذات باقي رهي ۽ هيءَ بادشاهي قائم رهي. نه ته ٻيءَ صورت ۾ اسان بندن لاءِ ]سڀڪجهه[ آسان آهي. ]اسان لاءِ[ سـَـتـَـن جي هڪ لپ، پاڻيءَ جو ڍُڪ ۽ ڪپڙي جي اڳڙي ڪافي آهي. شال راجا جي راءِ مٿانهين رهي. ]154[

محمد بن قاسم جي اِسلامي لشڪر سان اڀرندي طرف ڏانهن ٽپي اچڻ جي خبر

جڏهن محمد بن قاسم ]درياءُ[ ٽپڻ جو پڪو ارادو ڪيو، تڏهن فڪر ڪرڻ لڳو ته ائين نه ٿئي جو راجا ڏاهر لشڪر وٺي، مهراڻ جي ڪناري تي اچي اسان جو گهٽ جهلي ۽ روڪ ۽ ٽوڪ واجب سمجهي، تنهنڪري سندس احوال معلوم ڪرڻ ضروري آهي.

سليمان جو لڙائي تي وڃڻ

پوءِ سليمان بن نـَـبهان قريشيءَ کي حڪم ڪيائين ته: توکي پنهنجو لشڪر وٺي راوڙ  جي قلعي جي مقابل لڙائيءَ لاءِ وڃڻ گهرجي، ته جيئن ڏاهر جو پٽ گوپي(1) پيءُ جي مدد تي نه اچي. سليمان ڇهه سؤ ماڻهو ساڻ وٺي لڙائي تي ويو. وري عـَـطـِـيـہ تـَـغلبي(1) پنج سئو ماڻهن ساڻ اگهم جي رستي تي مقرر ڪيائين ته جيئن ڪندراه(2) واري ايراضي تي چوڪسي ڪري. (هوڏانهن وري) قلعي نيرون جي سردار شمني ميگهڌنيـہ (3) کي فرمايائين ته رستي تي اناج ۽ گاهه موجود رکي، متان لشڪر کي ان جو احتياج پوي، ۽ ]محمد بن[ مـُـصعـَـب بن عبدالرحمان (4) کي ]لشڪر جي[ مقدمي (مـُـهڙ) تي مقرر ڪيائين ته اڳتي وڃي رستن جي چؤڪسي ڪري. نـُبـَـاتـَـہ بن حـَـنظـَـلـہ ڪـِـلابـِـي کي هڪ هزار سوارن سان قلب(وچ) ۾ رکيائين. (ايتري ۾) ذَڪوان بن عـَـلوان البـَـڪري، پندرهن سؤ سوارن، ٻيٽ جي حاڪم موڪي ]پٽ[ وَسايي، ڀـَـٽي ٺـَـڪـُـرن، ۽ ]مهراڻ جي[ الهندي طرف جي جتن، جن بيعت ڪئي هئي، ]انهن مڙني[ کي پاڻ سان وٺي اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو، ۽ ساڪري جا وڏيرا پڻ ٻيٽ واري ايراضي(1) ۾ تيار ٿي بيٺا ]155[.

محمد بن قاسم جي پاڻيءَ ٽپڻ لاءِ جاچ ڪرڻ

جڏهن محمد بن قاسم کي معلوم ٿيو ته لشڪر جو مقدمو (مـُـهڙ)، جهم جي گهيڙ وٽ پهتو آهي، ۽ ]جَهم بن[ زَحر جـُـعفـِـي (2) پڻ (لشڪر جي) مقدمي سان وڃي ڏسي آيو ته ڪهڙي جاءِ کان گهيڙ سوڙهو ۽ ڪناروموافق آهي، تڏهن انهيءَ ٻيٽ جي سامهون بيهي مهراڻ جي شڪل ڏسي حڪم ڪيائين، جنهن موجب پـُـل ٺاهڻ لاءِ ٻيڙيون موجود ڪري، انهن کي پٿرن ۽ واريءَ سان ڀري ميخون هڻي مضبوط ڪيائون.

ڏاهر کي موڪي ]پٽ[ وسايي جي ٻيڙين آڻڻ جي

خبر پوڻ

پوءِ جڏهن ڏاهر کي خبر پيئي ته موڪي ]پٽ[ وسايي ٻيڙيون آڻي محمد بن قاسم کي ڏنيون آهن ۽ هو (درياءُ) ٽپڻ لاءِ گهيڙ تي آيا آهن، تڏهن ڏاهر جـَـيسيـِـنه کي ٻيٽ جي قلعي جي حفاظت لاءِ موڪليو، ۽ چيائينس ته وسايي ]پٽ[ سربند تي اعتبار نه ڪج، ممڪن آهي ته انهيءَ به پٽ سان ]ملي،  محمد بن قاسم جي[ بيعت ڪئي هجي. جـَـيسينه ٻيٽ جي قلعي ۾ آيو. موڪي جي ڀاءُ، راسل نالي ]پنهنجي[ ڀاءُ جو مخالف هو، ۽ ڏاهر وٽ حاضر ٿي عرض ڪيائين ته: شال راجا سلامت رهي! شال راجا فتحمند رهي!! بندي جي فرمانبرداري ۽ سچائي  بابت ]توهان کي[ معلوم آهي ته ]ڪيئن نه[ ٻانهپ جي شرطن بجا آڻڻ ۾ دورانديشي ۽ احتياط قائم رکندو آيو آهيان. جيڪڏهن بندي کي حڪم ٿئي ته ٻيٽ جي قلعي جي نگهبانيءَ لاءِ وڃان، ۽ عرب جي لشڪر کي ڪڏهن به ]درياءُ[ ٽپڻ نه ڏيندس] 156[.

راسل کي حڪومت ڏيڻ

پوءِ راجا ڏاهر، ٻيٽ جي حڪومت راسل جي حوالي ڪري ٻيٽ جي سردارن ۽ مکيه ماڻهن کي سندس حڪم هيٺ ڏنو، ۽ جـَـيسيـِـنه ]پٽ[ ڏاهر اتان واپس آيو. ]جنهن تي[ ڏاهر جي ]پوئلڳ[ ڳوٺاڻن ڀانيو ته اسلام جو لشڪر غالب ٿي اچي] ٻيٽ ۾[ لٿو آهي.

ڏاهر جي گمان کانسواءِ بغاوت جي خبر اچڻ

ابوالحسن مـَـدائـِـنـِـيءِ کان روايت ڪئي اٿن ته: وسايو ۽ هن جو پٽ راسل هميشه موڪي ]پٽ[ وسايي جا مخالف هئا، ۽ سندن مخالفت ظاهر هئي. ڇاڪاڻ ته موڪي ]پٽ[ وسايي ڏاهر کان نافرمان ٿي محمد بن قاسم سان بيعت ڪئي هئي، ۽ راسل، مخالفت سببان، موڪي ۽ محمد بن قاسم جي لشڪر جي سامهون آيو هو. هوڏانهن موڪي کي جڏهن کان وٺي هي عقل آيو هو، تڏهن کان ڏاهر جي تابعداري ۾ سر نه جهڪايو هئائين، ۽ اسلام جو خيرخواه هو ۽ سچائي ۽ اعتقاد سان ڏاهر جي لشڪر جي برخلاف رٿون ۽ اٽڪلون ڪندو رهيو ۽ سندن شڪست جون  ڪوشش پئي ڪيائين.

جنهن جماعت هيءُ حال ڏٺو هو، تن کان هن طرح روايت ڪئي ويئي آهي ته: جڏهن محمد بن قاسم ٻيڙيون گڏ ڪري هڪٻئي سان ڳنڍڻ لڳو، تڏهن راسل ملڪ جي سردارن ۽ مشهور ماڻهن سان گڏجي، کين پل ٻڌڻ ۽ مهراڻ ٽپڻ کان روڪڻ لاءِ (مٿن)حملو ڪيو. تنهن تي محمد بن قاسم مهراڻ جي پيٽ جي انداز موجب سڀ ٻيڙيون الهندي ڪناري تي هڪٻئي سان قطار ڪري ڳنڍڻ جو حڪم ڪيو، پوءِ ته جنگي بهادر هٿيار پهري ٻيڙين ۾ ٿي ويٺا ۽ پتڻ جي انهيءَ جاءِ کان، جيڪا کين هٿ آئي ]157[ هئي، ] مٿي[ منڍ واري ٻيڙي کڻي ڇوڙيائون ۽ اها مـُـهڙ واري ٻيڙي] لهواري وهڪري سبب[ وڃي اڀرندي ڪناري تي بيٺي. اسلام جي لشڪر تير وسائي ڪافرن کي ڪناري کان پري ڪيو ۽ هڪدم ميخون ٺوڪي پـُـل ٻڌائون.(بس پوءِ ته) سوارن ۽ پيادلن حملو ڪيو ۽ اڀرندي ڪناري طرف(1) ڇلنگيون ڇـُـلنگيون ٿي ٽپيا ۽ صفون  ٻڌائون، ۽ ڪافر ڀڄي ويا. عرب جي لشڪر غالب ٿي کين جهم ]جي حد[ کان ٻاهر ڀڄائي ڪڍيو. ڪافرن مان جيڪي همت وارا سوار ڀلن گهوڙن تي سوار هئا، تن کڻي گهوڙن کي ڇڏيو، ۽ سڄي رات هلندا رهيا: نيٺ جڏهن صبح صادق اونداهيءَ رات جي پردي مان ظاهر ٿيو، تڏهن وڃي ڏاهر جي لشڪر گاهه ۾ پهتا. ڏاهر خواب گاهه ۾ ستل هو ۽ دربانن هن کي جاڳائڻ جي همت نٿي ڪئي. نيٺ سندس خاص ماڻهن مان هڪڙو سندس خلوتگاهه ۾ ويو، ۽ راجا ڏاهر کي جاڳائي کيس اسلام جي لشڪر جي پهچڻ، ۽ ڪافرن جي شڪست کائي ڀڄڻ جو احوال تفصيل سان ٻڌايائين. ڏاهر آرام جي بستري تان ٽپو ڏيئي اٿيو.

ڏاهر جو ننڊ مان اٿڻ ۽ دربان کي ڪافرن جي ڀڄڻ ۽ اسلام جي فتح جي خبر آڻڻ تي سزا ڏيڻ

۽ چيائين ته: بري خبر ڏني اٿيئي. ۽ هن کي پنهنجي ويجهو سڏي، ڪاوڙ مان سندس پٺيءَ تي مڪ هنيائين. ڏاهر جو هٿ ڳورو هو، جنهنڪري اهو ماڻهو انهيءَ ڌڪ کان مري ويو.

(روايت:) تاريخ جي مصنفن هن طرح روايت ڪئي آهي ته: جڏهن محمد بن قاسم دريا ِّ ٽپي ويو، تڏهن اعلان ڪيائين ته: اي اسلام جا لشڪر! هينئر مهراڻ جو پاڻي توهان جي پويان آهي، ]158[ ۽ ڪافرن جو لشڪر توهان جي سامهون مقابلي ۾ ايندو. جنهن جي دل موٽي وڃڻ چاهي سو هتان موٽي وڃي، ڇاڪاڻ ته (جنهن وقت) دشمن سامهون ٿيندو ۽ لڙائي شروع ٿيندي، انهيءَ وقت جيڪڏهن ڪو ماڻهو مــُـنهن ڦيريندو ته لشڪر دل شڪستو ٿي ڀڄڻ جي ڪندو، جنهن ڪري دشمن اسان تي غالب پئجي ويندو. ]اهو اسان لاءِ[ وڏو عيب ٿيندو، ]ڀڄڻ[ وارو مردار ٿي مرندو ۽ اڳيان آخرت جي عذاب جي گرفتاري ]ٿيندس[. ]انهيءَ اعلان بعد[ ٽن ماڻهن کان سواءِ ڪوبه واپس نه موٽيو، هڪڙي چيو ته مون کي هڪ ڌيءَ آهي، جنهن جو مون کان سواءِ ڪو به ڪمائيندڙ ڪو نه آهي، ٻئي چيو ته مون کي هڪ ماءُ آهي، جنهن جو ڪو ويجهو عزيز ڪو نه آهي جو کيس (مرڻ کان پوءِ) دفن ڪري يا سندس تيمارداري ڪري، ۽ ٽئين چيو ته مون کي تمام گهڻو قرض ڏيڻو آهي ۽ اهڙو ڪو به ماڻهو جيئرو ڪو نه آهي جو (اهو بار) منهنجي گردن تان لاهي. امير ]محمد بن[ قاسم انهن کي اجازت ڏني. باقي ٻيا سڀ اتفاق ڪري بيهي رهيا.

 ٽپڻ لاءِ پل ٻڌڻ(1)

پوءِ جڏهن پل تيار ٿي ته فوج لنگهڻ لڳي ۽ بني حـَـنظـَـلـَـه جي هڪڙي شخص تراب نالي کان سواءِ، جو لنگهڻ وقت پل تان ڪـِـري ٻڏي ويو، ٻئي ڪنهن کي به ڪا تڪليف ڪانه پهتي.

عرب جي لشڪر جو لنگهڻ

        تنهن کان پوءِ اسلام جو لشڪر روانو ٿيو، ۽ وڃي ٻيٽ جي قلعي جي ويجهو ٿيو. سڀ سوار لوهه] جي زرهن[ ۾ غرق ٿي نڪتا هئا. ]محمد بن قاسم[ جاسوسي دستي طور ]ڪي ماڻهو[ چوطرف مقرر ڪري، لشڪر جي ٻاهران کاهي کوٽڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان جي اندر سامان سڙو رکائي، ]159[ محمد بن قاسم ٻيٽ جي قلعي کان راؤڙ ڏانهن روانو ٿيو، ۽ نيٺ وڃي انهيءَ جاءِ وٽ پهتو، جنهن کي جيور(1) ٿي چيائون. راوڙ ۽ جيوَر جي وچ ۾ هڪ خليج  ]پاڻيءَ جي گهاري[ هئي، ڏاهر انهيءَ آبگير (ڇڇ) جي گهيڙ وٽ حفاظت خاطر ڪي هٿياربند ۽ خاص ماڻهو بيهاريا هئا، ته نظر ڪندا رهن.

ڏاهر کي ٽپي اچڻ جي خبر پوڻ

        محمد بن قاسم خيال ڪيو ته شايد هنن جو لشڪر چالبازي ٿو ڪري ۽ هو ]وجهه وٺي[ اسان سان سامهون ٿيندا. سو مـُـحـُـرِز بن ثابـِـت قـَـيسي (2) کي ٻه هزار سوارن سان  مقرر ڪري ۽ محمد بن زيـِـاد اَلعـَـبدِي کي هڪ هزار سوار ساڻ ڏيئي، ٽپايائين جي وڃي هنن جي سامهون کـُـپي ويٺا.

ڏاهر جو محمد عـِـلافي کي گهرائڻ

پوءِ ڏاهر جي حڪم ڪرڻ تي محمد بن حارِث عـِـلافيءَ کي سڏيائون. عـِـلافي آيو ۽ ڏاهر چيو ته: اي محمد! اسان جي توتي مهرباني خاص ههڙي وقت لاءِ هئي. جيئن ته جاسوسيءَ جو عهدو هميشه تنهنجي حوالي رهيو آهي، هن وقت خاص طرح (اهو ڪم) تنهنجي ذمي لڳايو ٿو وڃي، ڇاڪاڻ ته عرب جي لشڪر جي طور طريقي کان تون وڌيڪ واقف آهين، تنهن ڪري انهيءَ لشڪر جي جاسوسي پڻ تنهنجي حوالي ڪرڻ وڌيڪ مناسب ٿيندي.

(عـِـلافي جو جواب:) اتي عـِـلافي چيو ته: اي راجا! تنهنجي خيرخواهي اسان تي واجب آهي، ڇاڪاڻ ته تنهنجي نعمت جو حق اسان جي مٿان لازم ٿيو آهي. پر اسان مسلمان آهيون، ۽ اسلام جي لشڪر جي سامهون جنگ نه ڪنداسون ۽ نه  ترار کڻنداسون. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مسلمانن جي هٿان ڪسي وياسون ته مردار ٿياسون ۽ جيڪڏهن انهن کي ڪٺوسون ته سندن خون اسان جي گردن ۾ رهندو، ۽ ان جو بدلو ]160[ جهنم جي باهه آهي. بيشڪ تنهنجي نعمت ۽ نمڪ جو حق اسان جي گردن ۾ آهي، ۽ اهڙو ڪو به ماڻهو ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اچيم، جو تنهنجو خيرخواه هجي. پر مان هن (عرب جي) لشڪر جي طاقت کان بيخوف نٿو رهي سگهان جيتوڻيڪ تنهنجي نعمت جي زير بار آهيان، ]تاهم[ مون کي ]هتان نڪري وڃڻ جي[ موڪل ڏي(1).

محمد عـِـلافيءَ جي درخواست ۽ ڏاهر جو ان کي جواب ڏيڻ

        هنن ٻوٽن جي باغبان اهڙيءَ طرح ظاهر ڪيو آهي ته: عـِـلافيءَ جڏهن هيءُ احوال کيس ٻڌايو، تڏهن ڏاهر چيو: مون تو کي ههڙي ڏينهن لاءِ رکيو هو، پر جنهن صورت ۾ تون مون کي هن حادثي ۾ مدد نٿو ڪري سگهين ۽ منهنجو حڪم (مڃڻ) توکي ڏکيو ٿو لڳي، ته پوءِ اسان جي خدمت ۽ صحبت مان هليو وڃ.

محمد عـِـلافيءَ جو هليو وڃڻ

محمد عـِـلافي هن کان جدا ٿي بيلمان جي حڪومت (1) ڏانهن هليو ويو، جو (بيلمان) ان ملڪ جو والي هو، ۽ اهو ملڪ هن جي ڏاڏي بتابر (يا نيابر) بن بجر(2) جي نالي سان مشهور هو. هو ڏاهر جي ڪـُـسڻ تائين اتي رهيو.

]محمد بن قاسم جو[ محمد عـِـلافيءَ کي امان ڏيڻ(3)

پوءِ محمد بن قاسم هن کي امان ڏيئي، کيس ملڪ جي وزارت جو پروانو لکي ڏنو، ۽ هندستان ڏانهن وڃي اتي جي بادشاهن کي اسلام سان مشرف ٿيڻ يا ڍل ڀرڻ جي ترغيب ڏيندو هو، چڱن واعدن سان کين اميدوار ڪندو هو، ۽ ]161[ هو سندس ]محمد بن قاسم جي[ تابعداري ۽ بيعت ۾ ايندا هئا، ۽ جيڪي پروانا گهرندا هئا تن لاءِ خدمت ۾ عرض ڪندو هو. جنهن ڪري سڀيئي سندس اطاعت ۾ آيا. سڀني کان اڳ ۾ طاطرس بن بجر بيلمان، ڪيرج (1) جو راجا سر بند(2) ڪنبه يا ڪشه(3) جو مالڪ کوڪو پٽ موڪو(4) ۽ گيان پٽ ٿاهر(5) اسلام جو شرف حاصل ڪري ڏن-ڀرو ٿيا.

محمد بن قاسم جڏهن ملتان ڏانهن ويو، تڏهن ]محمد علافي[ وفات ڪئي.

ڏاهر جي عـِـلافيءَ سان صلاح ڪرڻ

محمد ]بن [حـَـسن کان روايت ڪئي اٿن، جنهن بيان ڪيو ته: پهرئين ڏينهن جڏهن عـِـلافي جنگ کان معافي گهري ۽ مسلمانن سان لڙڻ کان پاسو ڪيو، تڏهن ڏاهر چيس: جيڪڏهن عربن جي جنگ کان معافي ٿو گهرين ته به اسان سان رهي جاسوسي ڪندو رهه، جيئن اسان کي  هنن جي رٿن کان واقف ڪندو رهين، ۽ سندن اٽڪلن جي دفع ڪرڻ جو صلاحون ڏيندو رهين. پوءِ عـِـلافي، ڏاهر سان گڏجي هنن جي حال معلوم ڪرڻ لاءِ جاسوس ٿي ويو. جڏهن عربن جي لشڪر کي ويجهو ويو، تڏهن عربن طعنا هنيا ۽ عـِـلافي ڀڄي موٽي آيو.

 


(1)  هن نالي جون اصل پڙهڻيون هن طرح آهن. ر،م،ن،ب،س: قرتي: پ،فوقي. فارسي ڇاپي ۾ قوفيپڙهڻي اختيار ڪيل آهي جا نه فقط قياس ويجهو آهي، بلڪ اسان جي خيال ۾ صحيح آهي. علم اللغت موجب، مَعَرَب ۽ دَخيل لفظن جي صورتخطين جي لحاظ سان قوفي صاف طورگوپي معلوم ٿئي ٿو ۽ اسان ترجمي ۾ انهيءَ اصلي نالي کي ترجيح ڏني آهي. بشڪريه، محترم قاضي احمد ميان اختر صاحب.(ن-ب)

(1)  فارسي ڇاپي ۾ عطيہ ثعلبي آهي. ر جي پڙهڻي تغلي ياتقلي جا پڻ م جي پڙهڻي آهي. انهن پڙهڻين جي آڌار تيتغلبي صحيح معلوم ٿئي ٿو ۽ ثعلبي ان جي تصنيف آهي. ان کان سواءِ انساب ۾ پڻ ثعلبي نقسبت عام ڪانهي.(ن-ب)

(2)  هي پڙهڻي فارسي ڇاپي مطابق آهي. ن جي پڻ اهائي پڙهڻي آهي، پ،ڪ: کندراهه، ر،م:کند اد همه.

(3)  مختلف نسخن جون اصل پڙهڻيون هي آهن: پ،مندينہ: ر: مقدمنيہ، م،س، مقدونيہ: ن،مقديتہ: ڪ،مقديفہ: فقط پ جي پڙهڻي جي صورت علحده آهي ۽ ان جي لحاظ سان اصل نالو مـَـنڌِيڻَ يا مانڊَنَ ٿي سگهي ٿو. مگر ٻين سڀني نسخن جي قراعتن ۾ هن نالي جي شروع ۾ مقـ آهي ۽ انهيءَ لحاظ سان پ جي پڙهڻي به غالباً مقدينہ“ مقدنيہ“ جي بگڙيل صورت ٿي سگهي ٿي. فارسي ڇاپي ۾ مقدنيہ“ پڙهڻي اختيار ڪيل آهي. ٻئي صورت م،س جي قرا ِّت آهي جنهن ۾و اضافي آهي: ۽ ٽين صورت ن جي قرا ِّت آهي جنهن جي پوئين حصي ۾ ت آهي ۽ اها پڙهڻي مقدتيہ“ به ٿي سگهي ٿي، م،س جي قر ِّت به ن جي بدران جيڪڏهن ت پڙهجي ته اها پڙهڻي مقدوتيہ“ ٿي سگهي ٿي. انهيءَ لحاظ سان مقدنيہ، مقدوتيہ ۽ مقدتيہ پڙهڻيون ٿي سگهن ٿيون، جي ميگهڌَنـِـيہ، ميگهدُوتيہ ۽ ميکهدَتـَـيـَـه جهڙن اصلي نالن ڏانهن رهنمائي ڪن ٿيون. جيئن ته سنڌ ۾ ڌڻي، ڌڻ، ڌنو وغيره لفظ عام آهن، تنهنڪري اسان متن ۾ ميگهڌنيـہ پڙهڻي رکي آهي.(ن-ب)

(4) اصل ۾ مصعب بن عبدالرحمان. ڪيل تصحيح لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ]101[.(ن - ب)

(1) ٻيٽ واري ايراضي لاءِ اصل عبارت جزيره بيت آهي.(ن-ب)

(2)  اصل ۾: زَحر جعفي حقيقت ۾ محمد بن قاسم جي لشڪر ۾ زَحر نه بلڪ سندس پٽ جهم بن زحرالجعفي شامل هو. ڏسو مٿي ص ]  101 ۽ 102[ (ن - ب)

(1)  هيءَ عبارت نسخي ر تان وڌايل آهي. اصل ۾ سڄو فقرو هن طرح آهي: و از اَب مهران بتفاريق مي گذشتند.(ن-ب)

(1)  هن عنوان جو اهو مطلب ناهي ته ٻيهر پل  ٻڌائون. مگر پل ٻڌڻ ۽ لشڪر جي لنگهڻ بابت ڪي واقعا بيان ڪيل آهن ۽ انهيءَ ڪري هي عنوان ۽ ان کان پوءِ ٻيو عنوان ٻيهر لکيو ويو آهي.(ن-ب)

(1)  فارسي ڇاپي ۾ جيپور پڙهڻي متن ۾ رکي وئي آهي جا س جهڙي غير معتبر نسخي جي پڙهڻي آهي. معتبر نسخن مان ر، ن، ب، جي متفقه پڙهڻي جيور آهي، پ جي پڙهڻي چيور آهي جا جيور سان موافق آهي. هي نالو مٿي ص]133[ تي اچي چڪو آهي ۽ اتي سڀني نسخن مطابق جيور آهي. هي نالو وري ص ]167[ تي آيو آهي، جتي هن نالي جي لفظي معنيٰ موضع ظفر ڄاڻايل آهي ۽ فاضل ايڊيٽر (ڊاڪٽر دائود پوٽي) آخر ۾ ص]133[ جو حاشيو لکندي لفظ جيور کي انهيءَ معنيٰ سان هن طرح تطبيق ڏني آهي: جي=ظفر --- ور (مشق از ورُو) = محيط به، يعني موضعي محيط بظفر (ڏسو فارسي ڇاپو ص 263). ص]167[  تي به پ ۽ ر جهڙن جهونن نسخن جي پڙهڻي جيور آهي، انهيءَ ڪري هن صفحي تي توڙي ص] 167[ تي اسان جيور پڙهڻي اختيار ڪئي آهي.(ن-ب).

(2)  سڀني نسخن مطابق هت قيسي مگر ص ]171[ تي اَلدمشقي.

(1)  شايد علافيءَ جو بيت لاتـُـقــِـيـمـَـن بدَار-الخ جو مٿي صفحي ]138[ ۾ لکيو ويو آهي، سو هن موقعي تي چيل ٿو ڏسجي. ڇاڪاڻ ته هن موقعي سان اهو بيت مناسب آهي ۽ جتي لکيو ويو آهي، انهيءَ جاءِ سان ڪا به مناسبت نٿو رکي.(مترجم)

(1)  اصل عبارت: ممالک بيلمان. بيلمان راجا جي نالي طور آيو آهي. هت پ جي پڙهڻي چلمان آهي.(ن-ب)

(2)  فارسي ڇاپي ۾ هيءُ نالو بتابر بن الحر ڪري لکيو ويو آهي، جو پ، ن، ب، م نسخن مطابق آهي. ر جي پڙهڻي نيابر بن الحر آهي، هيٺ ص ]162[ تي طاطرس بن بجر بيلمان جو نالو آيل آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته هت به الحر جي بدران صحيح بجر آهي. (ن-ب)

(3) هيءُ عنوان صرف علافيءَ جي سلسلي ۾ هتي اچي ويو آهي ۽ پوءِ محمد بن قاسم-الخ مان پـوءِ“. جي معنيٰ ته هن واقعي بعد ۽ نه ته هن کان يڪدم پوءِ“. علافي پوءِ به جيسينہ سان گڏ رهيو ۽ غالباً ان بعد محمد بن قاسم کيس امان ڏني ته هندستان جي بادشاهن وٽ سندس ايلچي ٿي وڃي. تنهن ڪري  هو ڪشمير جي راجا وٽ ويو، جنهن لاءِ ڏسو صفحو] 203[. (ن-ب)

(1)  ر، ن، ب، س، ڪ جي پڙهڻي کيوج آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته غالباً صحيح پڙهڻي کيرج ئي آهي. جنهن جو ذڪر هن بعد ]218[ ۽ ]228[ صفحي تي اچي ٿو. پ، م جي پڙهڻي کنوج آهي جا مناسب نٿي نظر اچي.(ن-ب)

(2)  پ: سوبند: ڪ: سونيذ.

(3)  فارسي ڇاپي ۾ کنبه جا غالباً پ جي پڙهڻي آهي: مگر ر، ن، ب، س جي پڙهڻي کتہ“ آهي، جنهن مان کشہ“ جو به گمان نڪري ٿو، وڌيڪ توضيع لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه صفحو ]162[.(ن-ب)

(4)  فارسي ڇاپي جي پڙهڻي کهوکه بن موکه آهي جا غالباً م مطابق آهي. ٻين نسخن ۾ هي سڄو نالو ڏنل ڪونهي: پ ۾ فقـہ که آهي ۽ ن ۾ بن موکه (ن-ب)

(5)  فارسي ڇاپي جي پڙهڻي قبايض بن طاهر آهي جا غالباً ب مطابق آهي. ن جي پڙهڻي به اهائي آهي، مگر ر،م جي پڙهڻي قيان بن طاهر آهي ۽ اسان انهيءَ جي مدار تي ئي گيان بن ٿاهر ڪري لکيو آهي.(ن-ب)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org