سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب: --

صفحو :19

عمادالدين محمد بن قاسم ]بن محمد بن حــُـڪـَـم[ بن

اَبي عـَـقـِـيل ثـَـقـَـفـِـي جو والي ٿيڻ

خبرن ۾ تصرف ڪندڙ ۽ روايتن جا تفسير ڪندڙ هيئن ٿا چون ته: جڏهن دارالخلافت طرفان سنڌ جو ملڪ حجاج بن يوسف ثقفيءَ جي حوالي ٿيو، تڏهن محمد بن قاسم کي، جو سندس چاچي ]جي پٽ[ جو پٽ ۽ پڻ ناٺي هو ۽ حجاج جي ڌيءَ سندس گهر ۾ هئي، هند جو گورنر مقرر ڪيائين. هن جي عمر سترهن سال هئي. انهيءَ امارت جي مبارڪ باديءَ ۾ حمزه بن بـِـيض الحنفي هيءُ شعر چيو:

اِنَ الشـَـــجَاعـَـقـَــة وَالسمـَـاحـَــة وَالنهيٰ

لـَمـُـحـَـمد بـــــنِ القـَــاســم بـــنِ مـُـحـَـمـَـدِ

قـَـادَ الـُـجيـَـوشَ لـِـسـَـبع عـَـشرَة حـِـجَقـةَ

يـَـا قـُـربَ ذَالـِـــکَ سـُـؤددَ ا مـِـن  مـَـولـِـد

]بيشڪ محمد ابـــن قاسم ساڻ خاص،

آهي سخا، عقل ۽ رعـــيت پـــــــــــروري.

سترهن ورهين جي عمر ۾ ســـردار ٿيو،

ڪيڏي نه آ ويجهي ڄمڻ کي سروري! [

ابوالحسن مـَـدائنـِـي. بشر بن خالد کان روايت ڪئي آهي ته: بـُـدَيل جي قتل ٿيڻ کان پوءِ حجاج، وقت جي خليفي وليد ڏانهن هڪ خط لکيو، جنهن ۾ هندستان جي فتح ڪرڻ جي اجازت گهريائين. خليفي لکيو ته: اها جاهل قوم آهي، ۽ ملڪ تمام پري، پڻ لشڪر ۽ لڙائي جي هٿيارن وغيره جي تياريءَ ۽ بندوبست تي وڏيون رقمون خرچ اينديون ۽ ]بيت المال تي[ گهڻو بار پوندو، جا ڳالهه نهايت خراب آهي ۽ ]هي معاملو[ ترسائڻ گهرجي، ڇو ته جڏهن به لشڪر وڃي ٿو ته مسلمان هلاڪ ٿين ٿا، تنهنڪري ڪا مصلحت سوچج.[94]

 

حجاج جو خط

پوءِ حجاج ٻيو دفعو خط لکي واضح ڪيو ته: اي ميرالمؤمنين! ڪيترو وقت گذري ويو آهي ته مسلمان قيدي، ڪافرن جي هٿن ۾ گرفتار ٿيل آهن، ۽ اسلام جو لشڪر هڪ ڀيرو شڪست کائي چڪو آهي، جنهن جو بدلو وٺڻ ۽ مسلمانن کي آزاد ڪرڻ ضروري آهي: ۽ خط ۾ جيڪو ارشاد ٿيو ته ]اها[ ولايت پري آهي ۽ لشڪر جي تياري ۽ انتظام ۾ بيفائدي رقم خرچ ٿيندي، ] تنهن لاءِ عرض[ ته اسان وٽ تياري ۽ هٿيار وغيره سڀڪجهه ]اڳيئي[ موجود آهن ۽ گهڻو تفاوت ڪونه ٿيندو، ۽ جيڪڏهن ڪو خرچ ، بار ۽ تڪليف ٿي ته ]انهيءَ لاءِ[ آءٌ جوابدار ٿو ٿيان ته دارالخلافت جي خزاني مان هن لشڪر تي جيتري رقم خرچ ٿيندي ته انهيءَ کان ٻيڻي-ٽيڻي رقم خزاني ۾، شال خدا تعاليٰ انهيءَ کي آباد رکي- داخل ڪرائي ويندي: انشا ِّ الله تعاليٰ.

 

دارالخلافت ۾ خط جو پهچڻ ۽ لشڪر لاءِ هندستان جي سفر جي اجازت وٺڻ

جڏهن هن خط خليفي جي مطالعي جو شرف حاصل ڪيو، تڏهن اجازت جو فرمان جاري ٿيو. (حجاج جو ٻيهر عرض ڪرڻ) تنهن تي حجاج وري ٻيهر عرضداشت موڪلي ته

 

: جنهن صورت ۾ اجازت جي فرمان سان مـُـشـَـرَف ٿيو آهيان، ته هاڻي شام جي سردارن مان ڇهن هزارن کي حڪم فرمايو ته جنگ جي هٿيارن ۽ ٻئي پوري ساز و سامان سان هن لشڪر ڏانهن روانا ٿين. ]اهي ماڻهو اهڙا ناليوارا هجن[ جن مان، لڙائي وقت، هر هڪ جو نالو مون کي معلوم هجي، ۽ هو مون سان موافق ٿي رهن، ۽ لڙائي کان منهن نه موڙين.[95]

 

 

حـَـجَاج جوشام ڏانهن لکڻ

ابوالحسن ]مدائني[، اسحاق بن ايوب کان روايت ڪئي ۽ چيائين ته: حـَـجـَـاج جي لکڻ تي شام جي رئيسن جي فرزندن مان اهڙا ڇهه هزار ماڻهو، جن جا پيءُ ماءُ جيئرا هئا، ۽ پوري تياري ڪري ٿي سگهيا، ۽ ناليرا بهادر، جيڪي پنهنجي ننگ ناموس خاطر لڙائي ]جي ميدان[ ۾ بيهي محمد بن قاسم سان وفاداري ڏيکاري ٿي سگهيا، اچي حاضر ٿيا. (روايت:) ابوالحسن کان روايت آهي ته: ڇهه هزار مشهور ناليرا ماڻهو آيا، انهن مان هڪڙي ماڻهو حـَـجـَـاج جي اڳيان اچي چيو ته مون وٽ سامان ڪونهي. حجاج کيس هڪل ڪري چيو ته: "مون وٽان نڪري وڃ، نه ته توکي ڪهندس. جنهن تي اهو شامي حـَـجـَـاج وٽان نڪري وٺي ڀڳو. واٽ تي ٻيا سوار ٿي آيا، جن کانئس پڇيو ته: هن تيزي سان ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ چيائين ته مون وٽ پورو سامان ڪونه هو ]جنهن ڪري[ حـَـجـَـاج دڙڪو ڏنو آهي ته توکي سزا ڏيندس. هو کيس موٽائي وٺي آيا، ۽ فرصت وقت چڱي نموني سان پيش ڪيائون ته جنهن وقت حڪم پهتو ته ]سامان خاطر[ دير ڪرڻ جي مجال نه هئي ۽ خدمت جي سعادت حاصل ڪئي ويئي!

 

جمعي جي ڏينهن حـجـَـاج جوخطبو ڏيڻ

پوءِ حجاج، جمعي جي ڏينهن خطبو ڏنو ۽ چيائين: انَ الاَ يـَـام ذَاتُ دُوَلِ وَ  الحـَـربۡ سـِجال ( زمانو ڦرندڙ ۽ ٻه منهين ترار آهي). يـَـومُ لـَـنـَـا ويـَـومُ علـَـينـَـا (ڪو ڏينهن اسان لاءِ آهي ته ڪو ڏينهن اسان جي خلاف آهي). جيڪو ڏينهن اسان جو آهي، تنهن ۾ ]مخالف[ لشڪر کي قيد ڪرڻ گهرجي، ۽ جو ڏينهن اسان جي خلاف آهي، تنهن ۾ تحمل ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان تي جيڪا نعمت آهي سا وڌي ۽ جيڪو حادثو ٿيو هجي، سو دفع ٿي وڃي.[96]  ۽ نعمت ڪندڙ،] ساراهه جي[ لائق ۽ بيمثال خداوند عزوجل جا ٿورائتا آهيون، سندس تعريف اسان جي زبانن تي جاري آهي، ۽ سندس ڪرم ۽ نعمت ۾ اميدوار آهيون ته پنهنجي ڪامل نعمت هميشه جاري رکي ۽ ڪوبه دروازو اسان تي بند نه ڪري ۽ اسان کي انهيءَ شڪر جو ثواب عنايت ڪري. بـُـديـَل جي فراق کان ڏک جو آواز هر گهڙي منهنجي دل جي ڪنن ۾ پهچي رهيو آهي ۽ مان لـَـبيڪَ لـَـبيڪَ (حاضر آهيان، حاضر آهيان) چئي رهيو آهيان. خدا جو قسم ته جيڪڏهن عراق ۽]  ٻيو[ جيڪي به منهنجي قبضي ۾ آهي، تنهن جو سارو مال هن ڪم تي خرچ ڪريان ته به جيستائين هيءُ ٽڪو پاڻ تان نه لاهيندس ۽ بدلو نه وٺندس، تيستائين منهنجي غضب جي باهه ڄڀي ٿڌي نه ٿيندي.

 

محمد بن قاسم کي هند ۽ سنڌ ڏانهن روانو ڪرڻ.

پوءِ حجاج ، محمد کي سوار ڪري، گهڻيون هدايتون ڏنيون، ۽ لشڪر کي گهڻي مال سان مضبوط ڪري، هند ۽ سنڌ جي جهاد واسطي مقرر ڪرڻ کان پوءِ حجاج هيءُ شعر پڙهيو:

دُعا الـحـَجَاجَ فـَـارِسہ بۡدَيــــــل
وَقـَـد مـَـالَ الـَـعدُ و عـَـلـَـيٰ
بۡدَيلِ
وشـَـمـَـرَ  ذَيلـ
ہ الـحجَاجۡ لـَـمـَــــا
دَعـُـــــــاهُ اَن يـُـشـَـمـِــــرَه 
بِدَيلِ
فـَـديتُ الـمـَـالَ لـِـلع
قاراتِ حـَـشوا
بـِـلا عـَـــدِ يـُـــعـَـــــــد وَ لاَ
بِکـيـــــلِ

]سڏيو حجاج کي بۡدَيـل سوار،
جڏهن دشمن بـُـديل کي گهيريو،
کنيا حــجـاج هــن جي سڏ تي ور،
پڻ مـدد لاءِ واڳ کــي ڦيـــــــريـو.
ٻـُـڪَ ڀري مال، مون لٽيو لئــــه   جنگ ،
نه ڳڻيو آهه مون، نه ٿم (اٿم) توريو.
[

تنهن کان پوءِ حجاج ]محمد بن قاسم کي[ چيو ته: شيراز جي رستي کان نڪري آهستي آهستي منزلون ڪندو، روانو ٿيءُ، جيئن پورو لشڪر توکي پهچي وڃي.[97]

 

لشڪر جو شيراز پهچڻ

پوءِ محمد بن قاسم چڱي بخت جي مدد سان وڃي شيراز ۾ لٿو ۽ منزل ڪيائين، جيستائين عراق ۽ شام وارا سڀيئي پهچي ويا. ]هوڏانهن حجاج[ قلعي جي لڙائي لاءِ گهربل سامان جهڙوڪ مـَـنجـَـنـِـيقـُـون، رنبا، تبرون ۽ چلـِـتـَـهو(1) ڪـِـشتي ۾ رکي، ابن مـُـغيـِـرَه ۽ خـُـرَيم کي ڪـِـشتي جو نگران مقرر ڪري، کين تاڪيد ڪيو ته جيڪڏهن هنن ٻيڙين کي ڪو نقصان ٿيو ته انهيءَ لاءِ هو ئي جوابدار آهن، ۽ معاملو سزا تائين پهچڻ نه گهرجي.

 

حجاج جو محمد بن قاسم ڏانهن خط

پوءِ حـَـجاج ، محمد بن قاسم ڏانهن هڪ خط لکيو، جنهن ۾ ٻڌايائينس ته: مون خـُـرَيم ۽ ابن مـُـغيـِـرَه کي روانو ڪيو آهي. کين حڪم ڏنل آهي ته ديبل جي آسپاس ۾ اچي توسان ملن، تنهنڪري توکي ٻيڙين جي پهچڻ تائين اتي ترسڻ گهرجي. الله جي حفاظت ۽ امان ۾ روانا  ٿيو- فـِـي حـِـفظِ الله وَ عـَـونـِہ.

(روايت:) اسحاق بن اَيوب ۽ هـِـلـُـوَاث(2) ڪـَـلبـِـي روايت ڪئي آهي ته: حـَـجاج پوري لشڪر جي ضرورتن جي تياري چڱيءَ طرح ڪئي هئي، بلڪ ڪوشش ڪري ضرورت کان وڌيڪ هٿيار ۽ سامان ڏنو هئائين.

 

اُٺن جي مدد ڏيڻ

پوءِ ]حجاج[ چيو ته: توهان جي تياري پوري ٿي چڪي، هاڻي چئن سوارن پٺيان هڪ اُٺ وٺو. توهان کي ڍوئيندڙ ڏاچيون ڏيان ٿو ته جيئن محتاج نه ٿيو ۽ اُٺن تي گهڻو بار نه رکو. خدا تعاليٰ کان ڊڄجو، صبر سان سينگاريل رهجو، ۽ جڏهن دشمن جي ملڪ ۾ پهچو [98] ته ڪشادي ميدان ۾ منزل ڪجو، جيئن خلاصا رهو. جنگ جي وقت ٽوليون ٽوليون ٿي جدا جدا طرفن کان اچجو، ڇاڪاڻ ته هاٿين جي جنگ به ڪا شيءِ آهي. ۽ جڏهن هو حملو ڪن ته هڪ جاءِ تي بيهي تير وسائجو، ۽ برگستوان(1) سامهون ڪري، جهنگلي مرن ۽ هاٿين جهڙيون سـِـريون ٺاهجو. ]هن کان اڳ[ درزين ۽ زرهدارن کي حڪم ڏنائين، جن برگستوانن جون سـِـريـُـون شينهن ۽ هاٿين جهڙيون ٺاهيون، ۽ اهي موڪلي ڏنائين. حــَـجاج جا خط ڇهن هزارن سوارن، ڇهن هزارن اُٺن ۽ ٽن هزار باربردار بـُـختي اُٺن سميت شيراز پهتا. محمد بن قاسم خط پڙهيا. ]انهيءَ وقت[ هجرت کي 92 سال گذريا هئا(2).

 

محمد بن قاسم جو مڪران پهچڻ

خبرن جي مصنفن ۽ تاريخ جي مؤلفن، عبدالرحمان بن عبدربہ(1)کان هن طرح روايت ڪئي آهي. ۽ انهيءَ عبدالملڪ بن قيس کان روايت ڪئي، جنهن چيو ته: محمد بن قاسم جڏهن مڪران پهچي، محمد ]بن[ هارون سان ملاقات ڪئي، تڏهن آءٌ ان سان گڏ هئس. محمد ]بن[ هارون هن سان پيادو هلڻ لڳو، ]پر[ محمد بن قاسم، محمد ]بن[ هارون کي سوار ڪيو ۽ اچي منزل وٽ پهتا. پهچڻ تي هن ]محمد بن هارون[ گهڻو سمر، تحفا ۽ سوکڙيون موڪلي چيو ته محمد بن قاسم هن نرمي ۽ تواضع ڪري نالو پيدا ڪيو آهي، ۽ انهيءَ ئي تياري ، سامان، عقل، استقلال، هنر ۽ دانائيءَ سان سنڌ ۽ هند جوملڪ فتح ڪندو.

 

محمد ]بن[ هارون جو محمد بن قاسم سان گڏجي روانو ٿيڻ

پوءِ، امن منظر بحري نقل ٿو ڪري ته: محمد بن قاسم اتان اَرمابيل ڏانهن روانو ٿيو، ۽  محمد ]بن[ هارون پڻ هن سان ]هلڻ جو[ پڪو ارادو ڪيو. هو جيتوڻيڪ [99] بيمار هو ته به محمد بن قاسم سان ]سفر ۾[ رفاقت ڪيائين ۽ رستي جي سختي سبب سندس بيماري وڌي ويئي، ۽ بيماريءَ ]جو دوري[ کان متاثر ٿيڻ لڳو. جڏهن ارمابيل جي منزل تي پهتو ته سندس عمر پوري ٿي ۽ پيارو ساهه حق تعاليٰ جي حوالي ڪيائين. کيس اتي دفن ڪيائون.

لشڪر جو ارمابيل کان اڳتي وڌڻ

پوءِ محمد بن قاسم لشڪر وٺي ، ديبل ڏانهن روانو ٿيو. انهيءَ وقت جـَـيسـِـينه بن ڏاهر، نيرون ۾ هو، تنهن پيءُ ڏانهن لکيو ته: محمد بن قاسم عربستان کان لشڪر وٺي ديبل جي حدن ۾ پهتو آهي،] مون کي اجازت ڏيو[ ته مان انهيءَ سان جنگ ڪرڻ وڃان؟ ڏاهر، عـِـلافـِـينِ کي گهرائي انهن کان صلاح پڇي. عـِـلا فـِـينِ ڏاهر کي چيو ته: محمد بن قاسم، حجاج جو سؤٽ آهي. هن سان بهادر لشڪر ساڻ آهي، جي ناليرا بهادر، شريفزادا ۽ جنگي جوڌا آهن، ] جن[ چونڊ گهوڙن ۽ پورن هٿيارن سان توهان جي لڙڻ واسطي توجهه ڪيو آهي: خبردار! انهن سان سامهون نه ٿجو، ڇاڪاڻ ته هن وقت شام کان هڪ ماڻهو آيو آهي، جنهن ٻڌايو آهي ته عرب جي لشڪر جو هڪ-هڪ سوار ڏاهر کان انتقام وٺڻ لاءِ آيو آهي. ڏاهر پٽ کي، انهن سان وڙهڻ کان منع ڪئي.

 

حجاج بن يوسف جو فرمان، ارمابيل جي منزل تي

محمد بن قاسم کي پهچڻ

محمد بن قاسم جڏهن ارمابيل فتح ڪيو: تڏهن حـَـجاج جو خط ارمابيل پهتو، جنهن ۾ اشارو هو ته: ديبل جي حد ۾ جڏهن منزل ڪريو. [100]تڏهن منزل تي خبردار رهجو ۽ جڏهن لهو ]۽ آرام ڪريو[ تڏهن ]پنهنجي چوڌاري[ کاهي کوٽجو ته توهان لاءِ بچاءُ ۽ پناهه هجي، ۽ گهڻو ڪري بيدار رهجو، ۽ جيڪو ماڻهو قرآن پڙهندڙ (حافظ) هجي، سو هميشه قرآن جي تلاوت ۾ رهي ۽ ٻيا دعا ۾ مشغول رهن. ۽ نهايت ڪوشش  سان هوشيار رهجو، ڌيرج کي پهنهجو سينگار بنائجو، خدا عزوجل جو ذڪر زبان تي جاري رکجو، ۽ الله تعاليٰ جي توفيق کان مدد گهرندا رهجو ته جيئن خدا تعاليٰ توهان کي فتحمند ڪري ۽ گهڻو ڪري لاَحـَـولَ وَ لاَ قـُـوَة اِ لا بِاللهِ العـَـليِ العـَـظـِـيمِ (1)(وڏي ۽ بزرگ الله تعاليٰ جي امداد کان سواءِ ٻي ڪابه واه ۽ قوت ڪانه آهي) جي قول کي پنهنجي واهر ۾ ڪم آڻجو. ۽ جڏهن ديبل جي حد ۾ پهچو، تڏهن ٻارهن وال ويڪري، ڇهه وال اونهي ۽ ڇهه وال اوچي کاهي کوٽجو. جڏهن دشمن جو مقابلو ڪريو ته خاموش رهجو، جيتوڻيڪ دشمن نعرا هڻي بيهودي بڪواس ڪن ۽ جنگ تي سنبري  بيهن ته به جيستائين مان حڪم نه ڏيان، توهان جنگ نه ڇيڙجو. ۽ منهنجي خطن مان احوال معلوم ڪجو، ۽ جيڪا صلاح مان ڏيان، اها چڱي سمجهي انهيءَ تي عمل ڪجو ته انشا ِّ الله تعاليٰ توهان جي مشڪل حل ٿيندي.


 

(1)  اصل لفظ خفتانآهي، هيءُ هڪ ريشم جو جنگي لباس ٿيندو آهي، جنهن ۾ ريشم جو ڪپڙو هڪٻئي مٿان تهه ڪري سبيو ويندو آهي. سنڌ ۾ هن کي آڳاٽي وقت ۾ چلـِـتـَـهو (چهل+ تـہ يعني چاليهن تهن وارو ڪپڙو) چوندا هئا.(مترجم)

(2) اصل ۾ حلوان ڪلبي آهي.حلوان نالو عربن ۾ گهڻو ڪري ڪونه آهي. صحيح هلواث ڪلبي آهي، جو تاريخ طبري(يورپ ايڊيشن جلد 2،ص 1275 )۾ پڻ فتوحات سنڌ جي سلسلي جو راوي آهي. (ن- ب)

(1) برگستوان هڪ هٿيار هوندو هو جو گهوڙن کي جنگ جي ميدان ۾ پهرائيندا هئا، جيئن هو ترارين جي زخمن کان محفوظ رهن.(مترجم)

(2)  غالباً مراد ته گذرڻ وارا هئا. حقيقت ۾ سال 92 هجري جو اڌ مس گذريو هوندو، ڇاڪاڻ ته جيئن اڳتي هلي معلوم ٿيندو، سال 93 هجري محرم مهيني ۾ ته محمد بن قاسم ديبل پهتو هو.(ن- ب)

(1) فارسي ڇاپي ۾ عبدالله پ جي پڙهڻي مطابق عبدربـ* ٿيڻ گهرجي. هن لفظ جي تصحيح لاءِ ڏسو هن اڳ حاشيه صفحو [81] ۽ صفحه [93]. (ن- ب)

(1) هي آيت ڪانهي. آيـت صرف ”لاحول ولاقوة الا باالله آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org