ڏاهر جو ڏهرسينہ
ڏانهن لکيو موڪلڻ
پوءِ ڏهرسينہ ڏانهن تعظيم ۽ تڪريم سان هڪ خط لکيائين
”جيتوڻيڪ
مايين کي اسان جي پيءُ ڏانهن نسبت آهي، پر
]حقيقت ۾[ هوءَ جتن جي ڌيءَ آهي،
جيڪي اصل ۾ مخالف ۽ جرائم پيشه آهي: خصوصاً
جتن جون زالون. جيڪڏهن حقيقت کان واقف ٿيندين ته
هو اعتماد ۽ اعتقاد جا لائق نه آهن، ۽ امانت ۽
پرهيزگاريءَ کان پري آهن. هندي پهاڪو مشهور آهي ته
”جيڪو
رڍ جي ٽنگ وٺندو سو ڏهندو، ۽ جيڪو جتڻي زال جي
ٻانهن کان وٺندو سو انهيءَ تي چڙهندو.“
جنهن صورت ۾ هن جو مزاج اجنبي آهي، تنهنڪري ان سان
نڪاح جائز هو. هيءَ نصيحت ڇڏي ڏي، جيڪڏهن توکي
]اڃا
به[
هن ڳالهه ۾ ڪو شڪ شبهو هجي ته پوءِ مان سخت قسم
کڻان ٿو ۽ پڪو انجام ڪيان ٿو ته مان هر حالت ۾
تنهنجو فرمانبردار رهندس، ۽ مان اروڙ جي قلعي ۾
تنهنجي گورنرن مان هڪ گورنر جي طور آهيان، ۽ توسان
مخالفت نه ڪندس ۽ نه وري ڪو مقابلو ڪندس، وڌيڪ
ادب.“
ڏهرسينه جو ڏاهر کي هٿ ڪرڻ لاءِ اروڙ وڃڻ
جڏهن ڏاهر جو لکيو سندس ڀاءُ ڏهرسينه کي پهتو ۽
سمجهيائين ته ڏاهر پاڻ کي هن ٺڳيءَ سان خوش ڪري
اچڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڀاءُ جي نصيحت مٿس اثر ڪونه
ڪيو، تڏهن سامان ۽ سواريءَ جي تيار ڪرڻ جو حڪم
ڏنائين،
[61]
۽ سوڀارو تارو ڏسي جلدي روانا ٿيا. ڪيترا ڏينهن
خطرناڪ بيابان جي رستي ۽ نئن ۾ هلندو رهيو، ۽ هرهڪ
منزل تي کوهيون کوٽارائي، پنهنجون مشڪون ۽ ٿانءُ
پاڻي سان ڀريل رکندو هو، جيئن لشڪر ڍاول رهي ۽ اُڃ
نه مري. اهڙيءَ طرح گهڻا ڏينهن رستي ۾ گذاريائون،
۽ ترسندا ۽ نرمي ڪندا رهيا.
]ائين
ڪرڻ
سان
هن[
ڏاهر کي ٺڳڻ ٿي چاهيو، ۽ اٽڪل ۽ رٿ سان ڪنهن طرح
ڏاهر کي هٿ ڪرڻ
]گهريائين
ٿي[.
جاسوس موڪليندو، رستن ۽ شڪار گاهن ۾ جاچ ڪرائيندو
ٿي رهيو، جيئن هن کان ڀڄي نه وڃي.
]هوڏانهن[
ڏاهر
]جيتوڻيڪ
ظاهر
۾[ سارو ڏينهن عيش ۽ خوشيءَ ۾ رهي، پاڻ کي مشغول رکندو رهيو،
]پر
اندران
ئي
اندران[
رستن ۽ شڪارگاهن تي جاسوس موڪلي خبر رکندو ٿي آيو،
۽ اعتماد جوڳن ماڻهن ۽ جنگي جوڌن کي پورن هٿيارن
سان چؤطرف مقرر ڪري، قلعي جي چئني دروازن تي
ايماندار ۽ قابل اعتماد چوڪيدار ويهاريا هئائين،
ته جيئن نهايت ڪوشش سان قلعي جي دروازن جي حفاظت
ڪن ۽ هروقت ويٺا رهن. هوڏانهن ڏهرسينه گمان ڪندو
رهيو ته شايد ڏاهر پنهنجي ڪئي کان پشيمان ٿيو آهي.
آخر جڏهن ٽن ڏينهن جي پنڌ تي پهتو، تڏهن سندس
جاسوسن موٽي اچي خبر ڏني ته ڏاهر بن چچ ۽ سندس
لشڪر سارو ڏينهن عيش عشرت ۽ راند روند ۾ مشغول
آهن، ۽ ڏهرسينه جي طرف جو ڪوبه فڪر ڪونه اٿن.
ڏهرسينه جي ڏاهر کي وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ
]هيءَ
خبر ٻڌي،[
ڏهرسينه کي لالـچ ٿي ته جڏهن هو غافل آهي، تڏهن
شايد هيءُ قلعو
]آسانيءَ
سان[
هٿ چڙهي ويندو. تنهن ڪري ڪوشش ڪري يلغار ڪرڻ شروع
ڪيائين، ۽ هڪ ڏينهن رات ۾ ويهه فرلانگ پنڌ ڪري صبح
جي وقت[62]
اروڙ پهتو. ڏاهر انهيءَ وقت شڪار تي وڃڻ لاءِ
تيار هو. گهوڙو سندس اڳيان آندائون ته ايتري ۾
اوچتو هڪ سوار ظاهر ٿيو، جنهن ڪي سوار آسپاس پڻ
ويهاريا هئا. سوار جي قلعي جي دروازي تي پهچڻ سان
قلعي جا دروازا بند ڪيائون، ۽ ماڻهو هٿيار کڻي
ڪـُـنگرن تي چڙهي آيا. هوڏانهن ڏهرسينه
]به[
اچي قلعي جي دروازي تي بيٺو، ۽ دربان کي چيائين:
”دروازو
کول ته مان اندر اچان.“
مگر قلعي وارن دروازو نه کوليو، ۽ جنگ لاءِ تيار
ٿيا. ڏهرسينه ڏاهر ڏانهن ماڻهو موڪلي، پيغام روانو
ڪيو ته:
”مان لڙائي ۽ جهڳڙي لاءِ نه آيو آهيان،
]پر
حقيقت هي
آهي
تهل[ هيءُ قلعو منهنجي پيءُ جو تختگاهه هو، ۽ انهيءَ کان مون
کي
]ورثي
۾[
مليو آهي، ۽ توکي منهنجي هٿان. راجائي منهنجي آهي،
۽ تون منهنجي طرفان هن جاءِ جو گورنر آهين. هڪ ملڪ
۾ ٻه ڇٽ نه ٿيندا آهن.
]تنهن
ڪري
توکي[ هن بادشاهيءَ تان هٿ کڻي، قلعو منهنجن اعتماد جوڳن
ماڻهن جي حوالي ڪرڻ گهرجي.“
ڏاهر وراڻيو ته:
”تون
ويجهو نه اچ، ۽ وڃي ٻاهر ڪئمپ ڪري، پنهنجا اعتماد
جهڙا ماڻهو موڪل ته مون کي ڀروسو ٿئي، ۽ ٻاهر نڪري
قلعو تنهنجي حوالي ڪريان.“
ڏهرسينه جڏهن ڏٺو ته هو
]ڏاهر[
مقابلي لاءِ تيار آهي، ۽ هي حيلو ڪارآمد نه ٿيو،
سو مهراڻ ٽپي وڃي
]ٻئي
ڪپ
تي[ منزل ڪيائين، ۽ ڏاهر جي پڪڙڻ لاءِ سودا پچائيندو ۽ دل ۾
سٽون سٽيندو رهيو. پهريائين ته هن سان صلح ۽ نرمي
اختيار ڪري، برادريءَ ۽ قرابت جي رستي تواضع ڪندو
رهيو،
]انهيءَ خيال
کان[
ته مون قلعي کان ٻاهر نڪري اچي. ٻئي پاسي اروڙ جي
مکيه ۽ وڏن ماڻهن ڏانهن ماڻهو موڪليندو رهيو ته
مون
]انهن
جي ذريعي[
سندس بيعت ڪري،
]پر
ڪي به[
حاصل نه ٿيو.
ڏاهر جي وزير سان صلاح ڪرڻ
پوءِ ڏاهر، ٻڌيمن وزير کي گهرائي چيو ته:
”ڏهرسينه
خط و ڪتابت ۾ هيڏي
[63]
نرمي ۽ نوڙت بجا ٿو آڻي، تنهنڪري منهنجو عقل تقاضا
ٿو ڪري ته ٻاهر نڪري پنهنجي بزرگ ڀاءُ جو رضامندو
حاصل ڪريان، ۽ ڀانيان ٿو ته هو مون سان ٺڳي نه
ڪندو.“
ٻڌيمن وزير چيو:
”اي
راجا! هن قول تي اعتماد نه ڪرڻ گهرجي، ۽ هن ٺڳيءَ
۽ مڪر تي ٺڳجي، سندس چوڻ قبول نه ڪر. ڇاڪاڻ ته
بادشاهن کي گهڻيون ئي رٿون هونديون آهن، ۽ اقرار ۽
قسم ته سندن ٺڳيءَ جا دام آهن. هو صلح ۽ اٽڪل سان
دشمن کي دام ۾ ڦاسائيندا آهن، ۽ پنهنجي مطلب
برصواب ٿيڻ لاءِ قسمين قسمين تواضع سان سخن چوندا
آهن. بادشاهي آداب ۾ ته دشمن کي مڪر ۽ حيلي سان هٿ
ڪري سگهجي ٿو، رڳو
]انهيءَ تي[
عمل ڪرڻ گهرجي، ۽ جيڪو مصيبت جي دام ۾ گرفتار
ٿيندو ته پوءِ انهيءَ کي ڪوبه حيلو ڪم نه ايندو.
ٺڳي ۽ مڪر ته رڳو بادشاهن جي انتقام وٺڻ لاءِ
بنايا اٿن. سو مان ڊڄان ٿو ته
]متان[
توکي ڏهرسينه طرفان ڪا تڪليف پهچي، يا ٺڳيءَ جي
دام ۾ ڦاسي تڪليف جي پڃري ۾ گرفتار ٿئين، جتان
آزاد ٿيڻ تنهنجي لاءِ ڏکيو ٿي پوي.“
ڏاهر چيو ته:
”جيتوڻيڪ
]هيءُ[
خوف بجا آهي، ۽ بيپرواهه نٿو ٿي سگهجي، تاهم سڳو
ڀاءُ آهي، ۽ آءٌ کانئس ڀڄي نٿو سگهان، ۽ جيڪي
فرمايو اٿس سو قبول ڪرڻو آهي.
]تنهن
ڪري[ مان سندس خدمت ۾ حاضر ٿيندس،
]بشرطيڪ[
مون کي اهڙو اعتماد ڏياريو وڃي، جنهن کان منهنجو
کٽڪو لهي وڃي.“
جنهن تي راجا ڏهرسينه پڪو انجام ڪري، قسم نامو
لکيو ۽ چيو ته:
”مان
تنهنجي ڀروسي ڏيارڻ خاطر اڪيلو ايندس ۽ تون لشڪر
سميت ٻاهر اچ ته توکي ڏسان.“
انهيءَ انجام تي ٻنهي اتفاق ڪري وقت مقرر ڪيو. ٻئي ڏينهن جيئن آسمان جي سج
اڀرندي جي اُفق کان ڪني ڪڍي، ۽ دنيا سـُـرمائي
لباس ڪلهي تان لاهي ڇڏيو
ته ڏهرسينه هاٿيءَ تي چڙهي اروڙ جي اولاهين دروازي
کان آيو. قلعيدار ڏاهر ڏانهن معتبر ماڻهو موڪليو
ته: ڏهرسينه قلعي جي دروازي تي آيو آهي،
]تنهن
لاءِ[ ڪهڙو حڪم آهي[64]
؟
ڏاهر فرمايو ته:
”دروازو
کولي کيس اڪيلو اندر آڻيو.“ ]جنهن
تي[ ڏهرسينه کي اندر وٺي آيا. ڏاهر ٻڌيمن وزير کي سڏي چيو
ته:
”ڏهرسينه
قلعي ۾ آيو آهي، ۽ جيئن ته هو هلي آيو آهي، تنهن
ڪري مون کي ضرور انهيءَ وٽ وڃڻ گهرجي، ۽ جيڪڏهن هو
ٻاهر اچڻ لاءِ حڪم فرمائيندو ته به سندس حڪم عدولي
نه ڪندس. هن بابت تنهنجي راءِ ڪهڙي آهي؟“
وزير چيو ته:
”توکي
سندس قول تي اعتماد نه جڳائي، هن جي لشڪر جي واتان
جيڪي ٻڌجي ٿو
]تنهن
مان معلوم
ٿو
ٿئي ته[،
هو ٺڳيءَ جو ويچار ڪري رهيو آهي. پهريائين ته هن
کي قلعي ۾ آڻڻ مصلحت جي خلاف هو، پر جيڪڏهن آيو
آهي ته جنهن صورت ۾ اڪيلو آهي ۽ سندس قتل ڪرڻ ۾
مصلحت نٿو سمجهين، ته جيستائين توهان جي وچ ۾ ڪو
اعتماد ۽ ڀروسي جوڳو عهدنامو ٿئي تيستائين کيس قيد
ڪر، ٻيءَ صورت ۾ هيءَ بادشاهي تنهنجي مراد موجب
]نه[
هلندي. منهنجي نصيحت ٻڌ ۽ تنهنجي سمجهه جي تقاضا
درست نه آهي.“
ڏهرسينه جو هاٿيءَ تي ويهي اروڙ جي قلعي ۾ اچڻ
نيٺ ڏاهر وزير جي اها صلاح نه ٻڌي، ۽ ڏهرسينه هاٿيءَ تي سوار ٿي، سندس محلات
جي دروازي تائين آيو. ڏاهر پيادو سندس استقبال
لاءِ ڊوڙيو، ۽ خدمت بجا آڻي چيائين ته:
”محلات ۾ اندر اچ.“
ڏهرسينه وراڻيو ته:
”لهندس
ڪين“،
۽ چيائين:
”تون
هاٿيءَ تي سوار ٿيءُ ته ٻاهر هلون ۽ گهڙي کن ويهي
هڪٻئي سان ڏک ۽ خوشيءَ جا حال اوريون، جيئن عام
خاص ماڻهن کي معلوم ٿئي ته اسان جي وچ ۾ ٺهراءُ ٿي
ويو، ۽
]هاڻي[
مخالفت ۽ جهڳڙو ڪونه آهي، ۽ ڪوبه دشمن يا چغل
اسانجي وچ ۾ نه اچي سگهي، هيءَ ڳالهه دنيا ۾ چؤطرف
پکڙجي وڃي، ۽ اسان جا سڀ دشمن سرنگون ۽ شرمندا
ٿين، ۽ دوستن جي خوشي وڌي، مجلس ۽ ورونهن ڪرڻ
کانپوءِ صحيح سلامت
[65]
پنهنجي جاءِ ڏانهن واپس ورج.“
ڏاهر سندس حڪم اکين تي رکي، فرمان بجا آندو.
هوڏانهن ٻڌيمن وزير افسوس ڪندو ۽ هن ٺڳيءَ جي
نتيجي کان متفڪر ٿيندو رهيو.
ڏهرسينه فيلبان کي حڪم ڪيو ته: هاٿي اڳيان آڻ ته ڏاهر ويهي. ڏاهر هاٿيءَ تي
ٻيلهه چڙهي ويٺو.
]فيلبان[
هاٿيءَ کي هڪليو ۽ ٻيئي روانا ٿيا. ٻڌيمن وزير
گهوڙي تي چڙهي سندس پاسي سان وڃي رهيو هو، نيٺ وڃي
دروازي کي ويجهو ٿيو.
]اتي[
ڏاهر پشيمان ٿيو ۽ ڊنو. ٻڌيمن وزير ڏانهن منهن ڪري
چيائين ته:]
هاڻي[
اسان لاءِ ڪهڙي صلاح آهي؟ ڇاڪاڻ ته اسان کي ٻاهر
وڃڻ چڱو ڏسڻ ۾ نٿو اچي؟“
وزير ورندي ڏني ته:
”راءَ
کي سراءِ ۾ ڇڏيئي
يعني، گڏهه قسطنطنيه ۾ وڃايو اٿيئي ۽ ڳولي ڪنوج ۾
رهيو آهين.“
چيائين ته:
”آخر
ٻڌاءِ ته
]هن
وقت[
مون لاءِ ڪهڙو حيلو آهي؟ ڇاڪاڻ ته وڃڻ تي دل باور
نٿي ڪري.“
چيائين ته:
”هن
کان سواءِ ٻي ڪا صلاح ڪانه آهي ته جڏهن دروازي وٽ
پهچين ته دروازي جي سـَـردري
۾ چنبڙي، تيستائين هاٿيءَ کان مٿي لڙڪي پئج،
جيستائين هاٿي ٻاهر نڪري وڃي. اسين پوءِ دروازو
بند ڪري توکي هيٺ لاهينداسين.“
ڏاهر کي هيءَ صلاح پسند آئي. جڏهن دروازي وٽ آيو،
۽ هاٿيءَ جو اڳيون اڌ ٻاهر نڪري ويو، تڏهن ڏاهر
دروازي جي سردري ۾ چنبڙي پيو ۽ پاڻ کي هاٿيءَ کان
ڌار ڪيائين. هاٿيءَ جي ٻاهر نڪري وڃڻ کان پوءِ
ٻڌيمن ڪوٽ جو دروازو بند ڪري، ڏاهر کي آهستي آهستي
هيٺ لاٿو.
]ٻاهر
نڪري[
ڏهرسينه جڏهن پٺـتي نهاريو ۽ ڏاهر کي نه ڏٺائين،
بلڪ قلعي جو دروازو پڻ بند ڏٺائين، تڏهن ڏاڍو ڏک
ٿيس، ۽ بيمار ٿي موٽي اچي ڪئمپ ۾ پهتو. هڪدم
هاٿيءَ تان لهڻ سان
] [66]مٿس[
گرميءَ اثر ڪيو، ۽ ٻئي ڏينهن سندن بدن تي ڦوڪڻا ٿي
پيا. آخر چوٿين ڏينهن مري ويو، ۽ پنهنجو پيارو
ساهه برباد ڪري، ملڪ الموت جي حوالي ڪيائين، ۽
لشڪر ڳڻتيون کائڻ لڳو.
ڏاهر کي ڏهرسينه جي موت جي خبر پوڻ
ڏاهر کي هن واقعي جي خبر پهتي. تڏهن پنهنجي ڀاءُ جي ساڙڻ ۽ دفن ڪرڻ لاءِ
ٻاهر وڃڻ چاهيائين،
]جنهن
تي[ ٻڌيمن وزير چيو ته:
”راجا
سلامت رهي شال! تڪڙ ڪرڻ نه گهرجي. راجا هن قسم جا
مڪر ڪندا آهن، پاڻ کي مرده بنائيندا آهن. تون جڏهن
سندس دفن ڪرڻ لاءِ ويندين، تڏهن ٺڳي ڪندو، ۽ تون
مصيبت ۾ گرفتار ٿيندين.
]تنهن ڪري[
ويچار ڪرڻ گهرجي،
]ڇاڪاڻ[
ته پوءِ افسوس ۽ ارمان فائدو نه ڏيندو. مثال ڏيندا
آهن ته جڏهن لومڙ ڊوڙڻ کان ٿڪجي پوندو آهي، تڏهن
پاڻ کي مئل ظاهر ڪندو آهي، جنهن ڪري ڍونڍ کائيندڙ
]پکي[
سندس چوڌاري اچي گڏ ٿيندا آهن، اتي اوچتو ٽپ ڏيئي،
انهن کي جهلي کائيندو آهي. بادشاهه کي دشمن کان
بيپرواهه نه ٿيڻ گهرجي. ڪنهن اعتماد جوڳي ماڻهوءَ
کي سندس پڇا ۽ جاچ لاءِ موڪليو ته اهو راز کلي
پوي.“
انهيءَ جاسوس هن جي مکيه ۽ وڏن ماڻهن کي غمگين، ۽
عزاداريءَ جي رسمن ۾ رڌل ڏٺو
]سو[
اڳتي وڌي چيائين:
”مون
کي راجا ڏاهر ڏهرسينه جي پڇڻ لاءِ موڪليو آهي، ۽
توهان کي غمگين ڏسان ٿو:
]ٻڌايو[ ڇا خبر آهي؟“
انهن عزت وارن مان ٻه ماڻهو اٿيا، ۽ ڏسڻ لاءِ کيس
ڏهرسينه جي مٿان وٺي ويا.
]هن
پڪ ڪري[
تعزيت بجا آندي.
]پوءِ[ هن خبر جي تصديق لاءِ ڏهرسينه جي منڊي انهيءَ قاصد کي
ڏيئي، هڪدم واپس ڪيائون.
[67]
قاصد جڏهن اها خبر ڏاهر کي پهچائي، ۽ منڊي سندس حوالي ڪئي، تڏهن ڪنهن به
سوچ ۽ دير کان سواءِ پنهنجن سڀني معتبرن ۽ وڏن
ماڻهن سميت هڪدم ٻاهر نڪتو، ۽ مهراڻ ندي ٽپي، ڪئمپ
۾ وڃي، ڀاءُ جي تنبوءَ ۾ داخل ٿيو. کيس ڏسڻ شرط
ڪپڙا ڦاڙي، پڳڙي مٿي تان لاهي، روئڻ پٽڻ ۽ روڄ
راڙو شروع ڪيائين.
ڏهرسينه کي ساڙڻ
پوءِ صندل جي ڪاٺين گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنائين، ۽ ڏهرسينه کي ساڙي، تعزيت جون
رسمون بجا آندائين. ٻئي ڏينهن ڀاءُ جو خزانو کڻي،
سندس لشڪر ۽ نوڪرن کي پنهنجي بيعت ۽ حڪم هيٺ
آندائين، ۽ هڪ مهيني تائين اروڙ ۾ ترسي سندس زال،
جا لوهاڻي جي
]حاڪم[
اگهم
جي ڌيءَ هئي، تنهن کي پنهنجي نڪاح ۾ آندائين.
]پوءِ[ برهمڻ آباد جي قلعي ۾ ويو ۽ وڃي اتي رهيو. راجا ڏهرسينه
جي عمر ٽيهه سال هئي
.
ڏاهر جو برهمڻ آباد جي قلعي ڏانهن وڃڻ
ڏاهر برهمناباد جي قلعي ۾ هڪ سال رهيو، جيستائين ملڪ جي اوسي پاسي جي سڀني
ماڻهن سندس فرمانبرداري قبول ڪئي. ڏاهر، ڏهرسينـہ
جي پٽ چچ کي گهرائي کانئس بيعت وٺي، پاڻ سيوستان
جي قلعي ڏانهن روانو ٿيو، ۽ اتان وري راوڙ جي قلعي
۾ آيو. انهيءَ قلعي جو بنياد سندس پيءُ چچ رکيو
هو، ۽ ان جي پوري ٿيڻ کان اڳ مري ويو هو. ڏاهر اتي
ترسي ان کي اڏائي پورو ڪيو
. هو گرميءَ جا چار مهينا
[68]
راوڙ ۾ ترسندو هو، ڇاڪاڻ ته اها وڻندڙ جڳهه هئي، ۽
سندس هوا موافق ۽ پاڻي خوشگوار هو. سياري جا چار
مهينا برهمڻ آباد ۾ گذاريندو هو، ۽ بهار جا چار
مهينا اروڙ ۾ رهندو هو. اهڙيءَ طرح اٺ سال
گذاريائين ۽ سندس بادشاهيءَ
]جي
هاڪ ۽ ڌاڪ[ انهيءَ حد کي پهتي، جو سندس شهنشاهيءَ جي تعريف دنيا جي
ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويئي، ۽ سندس حڪومت جي تنبوءَ جون
طنابون سنڌ ۽ هندستان جي ملڪن ۾ مضبوط ٿيون، ۽
چئني طرفن جي بادشاهن
]کي
عموماً[ ۽ رمل جي راجا کي
]خصوصاً[
سندس مال ۽ هاٿين جي
]حقيقت[ معلوم ٿي.
رمل جي بادشاهه جو راجا ڏاهر جي جنگ تي اچڻ
پوءِ رمل جو بادشاهه وڏو ڪٽڪ، مست هاٿي ۽ سوار خواه پيادا ۽ دلير بهادر وٺي
لڙائي واسطي روانو ٿيو، ۽ ٻـُـڌيه جي طرف کان اروڙ
جي پسگردائيءَ ۾ پهتو، ۽ سندس ڪيترا علائقا قبضي ۾
آڻي، اتان درياءُ ٽپي اروڙ تي ڪاهيائين. جڏهن رمل
جي بادشاهه جي خبر ڏاهر کي پهتي، تڏهن ٻڌيمن وزير
کي سڏي چيائين ته:
”زبردست دشمن اسان جي ملڪ جي حدن ۾ آيو آهي، اسان کي ٻڌاءِ
]ته
ڇا
ڪريون؟[“
ٻڌيمن وزير چيو:
”راجا
سلامت رهي! جيڪڏهن لڙائي ۽ جنگ ۾ سندس مقابلو قوت
۽ دٻدٻي سان ڪري سگهين ٿو ته لڙائيءَ جي تياري
ڪري، سندس سامهون ٿيءُ ۽ پنهنجي عزت ۽ ننگ خاطر
ترار هڻي، دشمن کي دفع ڪر،
]ته
تنهنجو[
ملڪ تو وٽ سلامت رهندو، نه ته صلح ۽ موافقت سان
سندس بيعت ڪرڻ گهرجي، ۽ جيڪڏهن مال ڏيڻو پوي ته
راجا خزانا ۽ دفينا هن وقت
[69]
لاءِ گڏ ڪري دفن ڪندا آهن، انهي لاءِ
]ته
غنيم جي
چڙهي
اچڻ وقت[
مال جي مدد سان لشڪر قائم ڪري، لشڪر جي ذريعي دشمن
سان سامهون ٿي، ملڪ خاطر، نانءُ نيڪي سان جان
قربان ڪن، ٻيءَ صورت ۾ مال خرچ ڪري، دشمن کي دفع
ڪن. ڇاڪاڻ ته مال جي ڪري مرد جو هرڪو دنيوي
ڪاروبار سرسبز رهي ٿو، ۽ هر دشمن کي ان جي ذريعي
دفع ڪري سگهجي ٿو، آخرت جو سامان پڻ انهيءَ جي مدد
سان ٺاهي سگهجي ٿو.“
ڏاهر چيو ته:
”منهنجي
نزديڪ ٻئي جي خدمت ۾ ذلت جي نموني سرجهڪائڻ کان
موت پيارو آهي، ۽ هيءَ ذلت آءٌ ڪيئن کڻي سگهندس؟“
|