خميس جي ڏينهن جنگ ڪرڻ
پهريائين مـُـحرِز حملو ڪيو ۽ بيهي جنگ ڪيائين،
تان جو شهيد ٿي ويو. پوءِ سـَـعـِـيد لشڪر کي همٿ
ڏياري لڙائي ڳنڍي. حسن بن محبة
البڪريءَ جو آڱوٺو، جنگ هلندي ترار جي ڌڪ سان لهي
پيو. جڏهن مست هاٿي چـُـريا، تڏهن مسلمان مضبوطيءَ
سان، ٽولا ٽولا ٿي هاٿين جي پويان ڦري آيا، ۽ نوَ
هاٿي
]172[
واپس ورائي ڇڏيائون. اسلامي لشڪر حملو ڪري، ڪافرن
کي تڙي اتي پهچايو جتي سندن صف هئي. (اتي) ڏينهن
پورو ٿيو ۽ ٻيئي لشڪر موٽي ويا.
تاريخ ڏهين ماهه رمضان سن ٽيانوي
هنن ڪنوارين (حڪايتن) جي سينگاريندڙن هن طرح روايت
ڪئي آهي ته: ٻئي ڏينهن جڏهن صبح (پنهنجو) جهان کي
سينگاريندڙ ۽ دل کي وڻندڙ حسن، مشرق جي طرف کان
دنيا کي ڏيکاريو، ۽ اهو خميس جو ڏينهن هو، تڏهن
راجا ڏاهر ٻاهر نڪري، پٽ جـَـيسـِـينه کي ڏهن
هزارن لوهه
]جي
زرهن[
۾ غرق جنگي سوارن سان، جن مان ڪن جا وار کليل ۽
تراريون اگهاڙيون ۽ ڪن جا وار ٻڌل ۽ تراريون ۽
ڍالون هٿن ۾
]هيون،
لشڪر جي[
قلب ۾ (بيهاري) اچي مسلمانن جي
صف جي سامهون بيٺو. ڏاهر سفيد هاٿيءَ تي ويٺل هو،
۽ سندس چوڌاري ٻيا هاٿي پويان
]بيٺل
هئا[:
ساڄي پاسي جـَـيسـِـينہ،
ابي پٽ ارجن،
ننڍي ڪوار جو ڏاڏو وڏوڪوار ۽ ڏاهر جو سؤٽ جبين،
کاٻي پاسي کان بشر پٽ ڍول،
گيهه
پٽ بشر، ڏهرسـِـينـہ
پٽ ڏاهر، ڪنبـہ
جي حاڪم جو پٽ بيل (يا بيان)،
نائلو،
جوڻو
۽ مشبد (يا مشيبد)
]بيٺل
هئا[.
سنڌ جا سڀ مکيه ماڻهو جهڙوڪ بجهاري،
اسرهيل،
سنج،
اسيار
لقيا امار
۽ مشرق طرف جا سڀ جت گڏ ڪري پنهنجي پويان بيهاريا
هئائين. تلوار جا ڌڻي ۽ بي خوف بهادر
]173[
قلب (لشڪر جي وچ) جي اڳيان رکيائين. جنگي هاٿين
مان ٻه مـَـيمـُـنـہ
(لشڪر جي کاٻي ڀاڱي) ۾ ۽ ٻه مـَـيسره (لشڪر جي
ساڄي ڀاڱي) ۾ مقرر ڪري باقي ٻيا سوار هاٿي جاهين
جي هٿ هيٺ اسلامي لشڪر جي سامهون روانا ڪيائين.
اسلامي لشڪر جو ميمنـہ،
ميسره ۽ قلب کي
تيار ڪرڻ
محمد بن قاسم انهن کي ڏسي ٻاهر نڪتو، ۽
]نـُـباتـہ
[
حـَـنظله ڪلابيءَ
کي ميمنـہ
تي، ذڪوان بن علوان البڪري کي ميسره تي مقرر ڪري،
ابو صابر همداني کي جهنڊا هٿ ۾ ڏيئي، هاٿين جي
سامهون بيهاريائين. هـُـذيل بن سليمان ازدي، زياد
بن حواري ازدي
۽ ٻين سوارن جهڙوڪ نـُـميلـَة،
مسعود بن الشعريٰ الڪلبي ۽ مخارق بن ڪعب الراسيءَ
کي قلب ۾ آڏو (کڙو ڪيائين). هاڻي مقدمه جنگ شروع
ڪئي. هڪ طرف کان محمد بن زياد العبدي ۽ بشر بن عطيہ
پنهنجن سنگتين سميت، ۽ ٻئي طرف کان
]محمد
بن[
مصعب بن عبدالرحمان اَلثـَـقفي ۽ خريم بن عـُـروَه
مدني، ڏاهر جي سامهون ٿيا. جڏهن سڀ گهوڙا ۽ لشڪر
جا ماڻهو گڏ ٿيا، تڏهن محمد بن قاسم پنهنجن چونڊ
سوارن کي ٽي پتيون ڪري، هڪ پتي قلب ۾، هڪ
مـَـيمـَـنه ۾، هڪ پتي مـَـيسره ۾ (بيهاري)، باقي
ٻيا وڃي لشڪر جي پويان بيٺا. نفط اندازن
کي حڪم ڏنائين ته پنهنجو سامان ۽ هٿيار تيار رکن،
۽ پنهنجا مشعل
ٻاري باهه تيار ڪن. هنن نون سون نفط اندازن کي به
ٽن ڀاڱن ۾ ورهايائين: ٽي سؤ ماڻهو قلب ۾، ٽي سؤ
مـَـيمـَـنه ۾ ۽ ٽي سؤ مـَـيسـَـره ۾ رکيائين.
سڀني نفط جا تير ڪمانن تي چاڙهيا. پوءِ جڏهن فجر
جي نماز پڙهي صفون سڌيون ڪيائون، تڏهن پنجن صفن
تيار ٿي. جهنڊا هٿن ۾ کڻي،
]174[
گهوڙن تي سوار ٿي، فرض ادا ڪيو. عاليه قبيلي وارا
هڪ صف، بنو تميم ٻي صف، بڪر
]بن[
وائل
]قبيلي
وارا[
ٽين صف، عبدالقيس وارا پنهنجي قبيلي سميت چوٿين
صف، ۽ ارزد
]قبيلي
جا[
پنجين صف. پنجئي قبيلا صفون ٻڌي، محمد بن قاسم
ڏانهن متوجهه ٿيا، ته ڇا ٿو حڪم فرمائي.
محمد بن قاسم جو خطاب ڪرڻ
پوءِ محمد بن قاسم چيو ته:
”اي
عرب وارؤ! ڪافرن جي هن فوج جنگ لاءِ اسان ڏانهن رخ
ڪيو آهي. توهان همت ڪجو، ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي اهل،
عيال، مال، گهرن، زمينن ۽ سامان خاطر ڇتي جنگ
ڪندا. توهان الله تعاليٰ جي مدد سان انهن تي حملو
ڪريو. الاهي طاقت ۽ سهاري سان سڀني کي خونخوار
ترار جو کاڄ بڻائي، ذليل ۽ خوار خراب ڪنداسون، ۽
سندن مال ۽ عيال کي هٿ ڪري، ڪافي غنيمتون هٿ
ڪنداسون. توهان کي ثابت قدم رهڻ گهرجي، پريشان نه
ٿجو. خاموشيءَ کي پنهنجو زيور بنائجو، ۽ پنهنجي
جاءِ تي مضبوط رهي پنهنجي جاءِ جي حفاظت ڪجو. ڪوبه
ماڻهو، قلب کان مـَـيمـَـنه ۽ ميمنه کان
مـَـيسـَـره طرف (وڌي) ڪنهن جي به مدد ۾ مشغول نه
ٿئي. هرڪو پنهنجي مرڪز ۽ جڳهه تي بيٺو رهي، ڇاڪاڻ
ته خدا عزوجل (هميشه) متقين جي عاقبت موچاري ڪندو
آهي. سدائين ڪلام مجيد زبان تي جاري رکجو ۽
لاَحولَ وَلاَ قـُـوة
الا بـِـاللهِ العـَـلـِـيَ العـَـظيم چوندا رهجو.“
پوءِ پخالين کي سڏائي چيائين ته:
”مشڪون
پاڻيءَ سان ڀري هر صف ۾ گشت ڪندا پاڻيءَ ڏيندا
رهجو، جيئن ڪوبه ماڻهو پاڻيءَ جي طلب ۾ پنهنجي
جاءِ کان
]175[
نه چري.“
ايتري ۾ بڪر بن وائل ۽ بنو تميم قبيلي وارن اچي
چيو ته:
”ڪافرن
جو لشڪر هڪ وڏي مصيبت آهي، ۽ هو پنهنجا هٿيار ۽
سامان ٺاهي جنگ جي تياري ڪري خوشي ڪري رهيا آهن، ۽
توهان جي سامهون ٿيڻ ۽ توجهه ڪرڻ جي تڪڙي طلب ڪئي
اٿن.“
محمد بن قاسم جو جنگي جوانن کي تاڪيد
محمد بن قاسم هنن ڏانهن منهن ڪري چيو ته:
”اي
بني تميم! اي عزيزو!
دشمن توهان جي سامهون اچي ظاهر ٿيو آهي، ۽ لڙائيءَ
لاءِ تيار ٿيو ٿو اچي. توهان کي پڻ پوري طاقت ۽
ساري ڪوشش سان جدوجهد ڪرڻ گهرجي، جيئن توهان جي
ڪاروبار جو نظام ٺيڪ رهي.“
پوءِ محمد بن قاسم سڀني کي همت ڏياري ۽ سڀئي آماده
۽ تيار ٿيا. هر طرف کان مقابلو ڪندڙن لاءِ دلاورن
۽ جنگي پهلوانن جي پنجن ئي صفن هڪٻئي کي سڏيو، ۽
جنگ لاءِ ٻاهر نڪتيون.
محمد بن قاسم جو يارن کي خطاب ڪرڻ
خبرن جي مصنفن فرقد کان هن طرح روايت ڪئي آهي ته:
محمد بن قاسم انهيءَ ڏينهن ماڻهن کي خطاب ڪيو ته:
”اي
مسلمانو! استغفار گهڻو ڪريو. خداوند عزوجل امت
محمدي ﷺ ۾ ٻه چيزون موڪليون آهن: هڪ، مصطفيٰﷺ تي
صلواة،
ٻيو،گناهن کان استغفار سان توهان کي دليون مضبوط
ڪرڻ گهرجن، ته خدا عزوجل توهان کي انهيءَ تي غالب
ڪري.“
]176[
روايتن ۾ آيل آهي ته جڏهن محمد بن قاسم جنگ شروع
ڪئي، ته
]سليمان
بن[
نـُـبهان ۽ ابو فـُـضته قـُـشـَـيرِي (؟) ڪـِـندِي
(قبيلي جي) آزاد ڪيل غلام کي ٻه سؤ چونڊ سوار ساڻ
ڏيئي لشڪر جي مقدمه ۾ مقرر ڪيو، ۽
]هو
وڃي[
ڏاهر، سندس ٺـَـڪـُـرن ۽ جنگي جوڌن جي سامهون ٿيو،
۽ ڪافرن جي هڪ فوج سان، جا هن سان وڙهڻ لاءِ ٻاهر
نڪتي هئي، جنگ جوٽيائين. نيٺ انهن مان گهڻن کي
دوزخ ۾ موڪليائين، ۽ ٻيا ڀڄي وڃي ڏاهر کي گڏيا.
پوءِ ڏاهر انهن جي مقابلي ۾ٻي فوج موڪلي.
اَبوفـِـضته خدا جو نالو وٺي حملو ڪري، انهن کي پڻ
خوار خراب ڪيو.
]ڏاهر[
ٽيون دفعو ڪي ٺـَـڪـُـر موڪليا. اَبوفـِـضته
استغفار پڙهي جنگ شروع ڪئي، ۽ انهن کي پڻ ڏاهر جي
ڪئمپ تائين ڌڪيندو ۽ ماريندو ويو.
ڪن ماڻهن جو امان گهرڻ لاءِ اچڻ
خبرن جا راوي بيان ٿا ڪن ته (جڏهن) محمد بن قاسم
صف جي اڳيان آيو ته اوچتو مشرڪن مان ڪن ماڻهن اچي
امان گهري. محمد بن قاسم انهن کي امان ڏني. پوءِ
چيائون:
”اي
عادل امير! اسان پنهنجي طريقي کان ڦري اسلام جي
عزت هيٺ آيا آهيون. پنهنجي چونڊ سوارن مان
هڪ فوج اسان سان ڏي ته وڃون، جو هو غافل آهن، ۽
لشڪر جي پٺيان ڦري اچون، جيئن انهيءَ پاسي کان
سندن دل پريشان ٿئي ۽ ٻـِـچـِـتا ٿي پون. جڏهن
پريشان ٿين ته پوءِ اسلامي لشڪر کي چوطرف حملي ڪرڻ
جو حڪم ڏي. اسان جي دل شاهدي ٿي ڏئي ته تنهنجي
ترار کان هنن ڪافرن تي هڪ مصيبت اچي ڪڙڪندي ۽
برباد ٿي ويندا.“
]177[
محمد بن قاسم جو همراهه چونڊڻ
پوءِ محمد بن قاسم بهادر سوارن جي هڪ فوج چونڊي،
مـَـروان بن اَشحمَ يـَـمـُـنـِـي ۽ تميم بن زيد
قـَـيـُـنـِـي
کي ٻن جهنڊن سان انهن جي مٿان مقرر ڪيو، جيڪي هنن
جي پٺيان ڦري آيا. مشرڪ هن حال کان بيخبر هئا ته
(اوچتو) اسلامي لشڪر تڪبير هڻي مارا ماري ۽ جهاد
شروع ڪيو.
]اهو
حال ڏسي[ ڪن ڪافرن جي دل پوين کي سنڀالڻ لڳي ۽ وٺي
ڀڳا. ڏاهر جي لشڪر ۾ هـُـل ۽ غلغلو پئجي ويو، جنهن
ڪري پريشان ٿيا، ۽ مٿن ڊپ غالب ٿيو.
عرب جي لشڪر جو ڪافرن تي حملو ڪرڻ
پوءِ محمد بن قاسم نعرو هڻي چيو ته:
”هوشيار!
اي عرب جا لشڪر! ڪافر ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪا آهن،
توهان حملو ڪريو“.
اسلامي لشڪر سندن اڳيان، ساڄي، کاٻي ۽ پٺيان ڦري
آيو. محمد بن قاسم کين لڙائي جو جوش ڏياريندي چئي
رهيو هو ته:
”اڄ
توهان جو ڏينهن آهي.“ آخر ڪٺلن ڪافرن جا ڍير لڳي ويا. اتي ڏاهر ڍال کڻي سفيد هاٿيءَ
تي ٿي ويٺو، ۽ چار سؤ مرد لوهي هٿيارن ۾ ٻڏل، ڳچين
۾ تراريون ۽ هٿن ۾
نيمچا، لوهه جا دستا(2)
جنهن کي هندو
”سيل“
چوندا آهن، کڻي اهڙيءَ حالت ۾ ٻاهر نڪتا ۽ جنگ ڪرڻ
لڳا. انهيءَ حد تائين جو سندن هٿن جون کلون لهي
ويون. ڏاهر جي هٿ ۾ آئيني جهڙو تکين ڪاتين سان هڪ
گول چڪرو هو. جڏهن به هاٿيءَ حملو ٿي ڪيو، تڏهن
جيڪو به هاٿيءَ جي ويجهو ٿي آيو ته اهو چڪرو ڪمند
وانگيان وجهي کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي پيادي خواه سوار
جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ٿي ڇڏيائين. ٻه ٻانهيون
جيڪي ساڻس گڏ
]178[
پالڪيءَ ۾ ويٺل هيون، تن مان هڪڙيءَ کيس پان ٿي
ڏنو ۽ ٻيءَ تير ٿي ڏنا. اهڙيءَ طرح جنگ لاڳيتي
هلندي رهي، ۽ شام جي نماز تائين گهڻا مشرڪ ڪـُـسجي
ويا.
شجاع حبشيءَ جو شهيد ٿيڻ
ڳالهه جي راوين رام سيـہ
برهمڻ کان هن طرح روايت ڪئي آهي ته: مسلمانن ۾
هڪ ماڻهو هو جنهن کي شجاع حبشي ڪري ٿي سڏيائون. هو
بهادريءَ ۽ همت جي حد ٽپي ويو هو ۽ لڙائيءَ جي صف
۾ وڏا ڪارناما ڏيکاريائين. (هن) محمد بن قاسم جي
اڳيان سخت قسم کنيو ته:
”جيستائين
ڏاهر جي سامهون ٿي سندس هاٿيءَ کي زخم نه
رسائيندس، تيستائين ماني پاڻي نه کائيندس، ۽
جيستائين منهنجي بدن ۾ جان هوندي، وڙهندو رهندس،
نه ته شهيد ٿيندس.
(ڏاهر جي
]شجاع[
حبشيءَ سان جنگ ڪرڻ:) خميس جو ڏينهن، تاريخ ڏهين
رمضان ، سن ٽيانوي هو. ڏاهر سفيد هاٿيءَ تي چڙهي
ٻاهر نڪري اچي بيٺو. حبشي مشڪي گهوڙي تي سوار هو.
اڳتي وڌي لڙائي شروع ڪيائين. ڏاهر کي ٻڌايائون ته:
توسان جنگ ڪرڻ ٿو اچي. راجا ڏاهر ساڻس سامهون ٿيو،
۽ هاٿي مٿس هڪليائين. حبشيءَ پڻ گهوڙو تڙي هاٿيءَ
جي اڳيان آندو. حبشيءَ جو گهوڙو هاٿيءَ کان ٽهي
پاسو ڪري رهيو هو. هڪدم مٿي تان پڳ لاهي، گهوڙي
جون اکيون ٻڌي، هاٿيءَ تي ڪاهيائين، ۽ هاٿيءَ جي
سونڊ تي زخم رسايائين. (هوڏانهن) راجا ڏاهر به
ڪئنچيءَ جهڙو ٻه شاخو تير،ڪمان تي رکي، پنهنجي
مخصوص استاديءَ ۽ ڏاهپ سان ڇڪي هنيو، ۽ هن جو سر
ڪلهن کان اڏائي ڇڏيائين، باقي هن جو ڌڙ گهوڙي تي
رهجي ويو. اتي ڏاهر چيو:
”هيءَ
ڌڪ اثرائتو ٿيو آهي. ڏسو ته هن حبشيءَ کي ڪيئن قتل
ڪيو اٿم.“
بهادرن اڳتي وڌي (ڏٺو ته) سندس جسم هني تي
]179[ رکيل هو. اتي مشرڪن حملو ڪري، پير کوڙي، جنگ ڪئي، ۽
پاسن کان ڦري آيا، جنهن ڪري اسلامي لشڪر
]ٿورو[
لـُـڏي ويو، ۽ صفون هيٺ مٿي ٿي ويون،جنهن تي ڪافرن
سمجهيو ته لشڪر ڀڄي ويو. ماڻهو دهشت ۽ حيرت ۾ پئجي
ويا. محمد بن قاسم اهڙو مدهوش ٿي ويو جو ساقي غلام
کي چيائين:
”اَطعـِـمني
الماَءَ“
(مون کي پاڻي کاراءِ).
پاڻي پـِـي، ساهه پٽي، پڙهو ڏياريائين ته:
”اي
عربو! توهان جو امير محمد بن قاسم اجهو آءٌ آهيان.
ڪيڏانهن ٿا ڀڄو؟ ڍالون کڻو، صبر ڪريو، ڇاڪاڻ ته
ڪافر شڪست کائي چڪا آهن، ۽ فتح اسان جي آهي.“
انهيءَ تي سمورو لشڪر اچي گڏ ٿيو. موڪو
]پٽ[
وسايو
]پڻ[
سامهون اچي پنهنجي ساري لشڪر سميت پيادو ٿيو.
محمد بن قاسم جو ساٿين کي سڏڻ
پوءِ محمد بن قاسم پڪاريو ته:
”خـُـرَيم
]بن[
عـَـمرو مـَـدني ڪٿي آهي؟ ڪحلي ذُهلي،
]محمد بن[ مـُـصعـب بن عبدالرحمان، ۽ نـُـباتـہ بن حـَـنظـَـلـَہ ڪـِـلابي ڪٿي آهن؟ دارس بن اَيوب ڪيڏانهن ويو؟ اَبـُـوفـِـضة، محمد بن زِياد العبدي
۽ تـَـميم بن زِيد قـَـينـِـي
ڪٿي آهن؟ دوستو! قرابت وارؤ! هٿيار بندو! تلوار!
پهريدارو! ۽ نيزا بازو! اسلام جي ٽيڪ توهان آهيو.
سڄو لشڪر ٺهي ٺڪي تيار ٿي پنهنجي جاءِ تي بيهو.
پريشان نه ٿيو، بلڪ پنهنجي فوج جي همت افزائي
ڪريو.
]180[
|