سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب؛ --

صفحو :35

 

قنوج جي راءُ هر چندر جو جواب

راءُ هـرچـنـدر جـواب ڏنـو ته: اٽڪـل هڪ هزار ڇهه سؤ سالن کان هيءُ ملڪ اسان جي قبضي، انتظام ۽ حڪمراني هيٺ آهي. ڪنهن به مخالف کي اسان جي حدن کي لتاڙڻ ، يا اسان سان جهڳڙي ڪرڻ ۽ اسان جي بادشاهيءَ ۾ مداخلت ۽ قبضي جي طاقت نه ٿي آهي. اسان کي توهان جي ڪهڙي پرواهه آهي جو هن قسم جا گفتا ۽ ناممڪن خيال دل ۾ آڻي رهيا آهيو! جيڪڏهن قاصد کي قيد يا بند ڪرڻ جائز هجي ها ته هن گفتگو ۽ ناممڪن دعويٰ تي اهڙو حڪم ڪيو وڃي ها، جيئن ٻين مخالفن ۽ سردارن لاءِ نصيحت ٿئي ها. هاڻي تون موٽي وڃ ۽ وڃي پنهنجي امير کي چئو ته هڪٻئي جي قوت ۽ شان شوڪت جي اندازي لڳائڻ لاءِ هڪٻئي سان مقابلو ڪرڻ ضروري آهي، جيئن يا ته توهان جي هيبت اسان تي ويهي وڃي، يا اسان جو غلبو توهان تي ٿئي. ]242[ ٻنهي ڌرين جي لڙائي ۽ بهادريءَ ۾ همت جي مشاهدي ڪرڻ کان پوءِ ئي صلح يا جنگ جو فيصلو ٿيندو.

جڏهن راجا هرچندر جو پيغام محمد بن قاسم کي پهتو ته وڏيرن، مکيه ماڻهن، اميرن، سپهه سالارن، سولجرن، بهادرن ۽ نائبن کي سڏي چيائين: هن وقت تائين هندستان جي راجائن کي الله تعاليٰ جي فضل ۽ آسماني مدد سان مغلوب ۽ خوار خراب ڪيو ويو آهي. اڄ جڏهن هن هٺيلي لعنتيءَ جي سامهون ٿيا آهيون، جنهن کي پنهنجي لشڪر ۽ هاٿين تي غرور آهي، تڏهن الله تعاليٰ جي مدد تي ڀروسو رکي اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته هن کي برباد ڪري فتحمند ۽ ڪامياب ٿيون.  ]اهو ٻڌي[ سڀئي راجا هرچندر جي خلاف لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيا، ۽ بيعت ڪري انهيءَ لڙائي ۽ جنگ تي هڪٻئي کي ترغيب ڏيارڻ لڳا.

محمد بن قاسم کي دارالخلافت جو پروانو پهچڻ(1)

ٻئي ڏينهن جڏهن ستارن جو بادشاهه (سج) رات جي پردي مان ظاهر ٿيو، تڏهن هڪ شتر سوار دارالخلافت جو پروانو کڻي پهتو(2) . محمد بن علي ۽ ابوالحسن مدائني(2)، هن طرح روايت ڪئي آهي ته: راجا ڏاهر جي قتل ٿيڻ وقت سندس حرمسراءِ مان هن جون ٻه ڪنواريون ڌيئرون گرفتار ٿي آيون هيون، جي محمد بن قاسم حبشي غلامن هٿان بغداد ڏانهن دارالخلافت جي درگاهه ۾ موڪلي ڏنيون هيون.  وقت جي خليفي غمخواريءَ خاطر کين حرمسراءِ جي حوالي ڪيو، ته ٻه ٽي ڏينهن آرام وٺي خلوت جي لائق ٿين. ڪن ڏينهن کان پوءِ سندن ياد خليفي جي مبارڪ دل تي آئي، ۽ رات جو ٻنهيءَ کي حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنائين. خيلفي وليد بن عبدالملڪ ترجمان کان پڇيو ته: معلوم ڪر ته هنن مان وڏي ڪير آهي ته انهيءَ کي روڪيو وڃي ۽ سندس ٻيءَ ڀيڻ کي ڪنهن ٻئي وقت گهرايو وڃي. ترجمان خدمتگار پهريائين ته انهن کان نالا پڇيا. وڏيءَ چيو ته: ]243[ منهنجو نالو سرياديو آهي. وڏيءَ کي گهرائي ننڍيءَ ڏانهن اشارو ڪيائين ته هن کي وڃي سنڀاليو. جيئن هن کي ويهاري، منهن کولي، خليفي ڏانهس نهاريو ته سندس ڪمال ۽ جمال تي چريو ٿي پيو، ۽ سندس خونخوار ناز و ادا هن جي دل کان صبر کسي ورتو. سرياديو کي هٿ وجهي پاڻ ڏانهن ڇڪيائين ته سرياديو اٿي کڙي ٿي ۽  چيائين: بادشاهه سلامت رهي! آءٌ غلام بادشاهه جي خلوت جي لائق نٿي ٿي سگهان، ڇاڪاڻ ته امير عادل عمادالدين محمد بن قاسم اسان کي ٽي ڏينهن پاڻ وٽ رکي پوءِ دارالخلافت جي خدمت ۾ موڪليو آهي. شايد توهان جو دستور ائين آهي؟ بادشاهن لاءِ هيءَ خواري جائز نه آهي." خليفي تي انهيءَ وقت عشق مڪمل طور غالب ٿي چڪو هو، ۽ صبر جي مهار سندس هٿ مان نڪري چڪي هئي، ]تنهن ڪري[ انهيءَ غيرت کان کيس تحقيق ۽ جاچ جوچ جي طاقت نه رهي. ۽ هڪدم ڪاغذ ۽ قلم گهرائي پنهنجي هٿ سان پروانو لکيائين ته: "محمد بن قاسم جتي به پهتو هجي ته کيس گهرجي ته پاڻ کي ڪچيءَ کل ۾ بند ڪري دارالخلافت ڏانهن واپس ٿئي.

محمد بن قاسم جو اوڌاپر(1) ۾ پهچڻ ۽ دارالخلافت جي پرواني جو وارد ٿيڻ

محمد بن قاسم کي جڏهن هيءُ فرمان اوڌاپر(1) جي شهر ۾ پهتو، تڏهن سندس چوڻ تي کيس ڪچيءَ چمڙيءَ ۾ بند ڪري صندوق ۾ رکي واپس موٽيا. محمد بن قاسم جان خدا پاڪ جي حوالي ڪئي، ۽ امراءُ جن جاين تي مقرر ٿيل هئا. سي پنهنجين ولايتن تي مستقيم رهيا. هن کي صندوق ۾ بند ڪري، وقت جي خليفي جي خدمت ۾ حاضر ڪيائون. خاص دربان کي چيائون ته: وليد بن عبدالملڪ بن مروان کي اطلاع ڪر ته محمد بن قاسم ثقفي ]244[ کي وٺي آيا آهن. خليفي پڇيو ته: جيئرو آهي يا مئل؟ چيائون: شال خليفي جي عمر دائمي عزت ۽ دائمي بقا ۾ هجي! جڏهن حڪم اوڌاپر(1) جي شهر ۾ پهتو، تڏهن حڪم موجب پاڻ کي هڪدم ڪچيءَ چمڙيءَ ۾ بند ڪرايائين، ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ ساهه حق پاڪ جي حوالي ڪري دارالبقا ڏانهن رحلت ڪري ويو. اميرن ۽ بادشاهن کي جن جن جاين تي مقرر ڪيو هئائين، تن اهي ولايتون پنهنجي قبضي ۾ ڪري، منبرن تي خطبو دارالخلافت جي لقبن سان جاري رکيو آهي، ۽ پنهنجي حڪومت جي پيرويءَ ۾ وڏي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

خليفي جو صندوق کي کولڻ

پوءِ خليفي صندوق جو پڙ کولي، انهيءَ پرده نشين عورت کي حاضر ڪرايو، (ان وقت) (2) مورڙئي جي سائي ٽاري(2) سندس (خليفي جي) هٿ ۾ هئي، جا هن (محمد بن قاسم) جي ڏندن تي گهمائي پئي چيائين ته: اي راجا جون ڌيئرون! اسان جو حڪم پنهنجن ڪامورن تي اجهو هن طرح جاري آهي، انهيءَ لاءِ ته سڀئي منتظر ۽ تابعدار رهندا اچن. جيئن ئي قنوج ۾ اسان جو هيءُ حڪم کيس پهتو ته پنهنجي پياري جان اسان جي حڪم تي فدا ڪيائين.

ڏاهر جي ڌيءَ چڱيءَ جي خليفي وليد بن عبدالملڪ سان گفتگو

        اتي پرده نشين چڱيءَ منهن تان گهنڊ لاهي، زمين تي سر رکي چيو: شال خليفو گهڻن سالن تائين وڌندڙ بخت ۽ وڏي نظام سان باقي رهي! داناءُ بادشاهه تي لازم آهي ته جيڪي به دوست يا دشمن کان ٻڌي ]245[ سو عقل جي ڪسوٽيءَ تي دل جي صلاحڪار سان پرکي ۽ ڀيٽي ڏسي، جڏهن صحيح ۽ بنا شبهي ثابت ٿئي، تڏهن عدالت جي رستي تي حڪم فرمائي، ته جيئن خدائي غضب ۾ گرفتار ۽ انساني طعنن جو شڪار نه ٿئي. توهان جو حڪم برابر هلي ٿو، پر دل مبارڪ حڪمت ۽ سمجهه کان خالي آهي. پاڪدامنيءَ جي خيال کان محمد بن قاسم اسان جي لاءِ پيءُ ۽ ڀاءُ جي بجاءِ هو، سندس هٿ چراند اسان غلامن تي ڪابه ڪانه هئي. پر جنهن صورت ۾ هند ۽ سنڌ جي بادشاهه کي برباد ڪري، اسان جي ابن ڏاڏن جي بادشاهي ويران ۽ ضايع ڪيائين، ۽ اسان بندن کي بادشاهيءَ تان (ڪيرائي) غلاميءَ جي درجي تي پهچايائين، تنهن ڪري انتقام خاطر کيس مناسب بدلي ڏيڻ لاءِ، ۽ سندس برباديءَ ۽ دفع ڪرڻ واسطي، خليفي جي خدمت ۾ ڪوڙ ظاهر ڪيوسين. اسان جو مطلب پورو ٿيو ۽ هن ڪوڙ ۽ ملاوت ذريعي اسان کي ههڙو انتقام حاصل ٿيو، ۽ خليفي قطعي حڪم جاري ڪيو. جيڪڏهن خليفي جو عقل شهوت جي پردي ۾ ڍڪجي نه وڃي ها، ۽ (پهريائين) جاچ ڪرڻ  واجب سمجهي ها، ته هن پشيماني ۽ ملامت سان نه ڀرجي ها. جيڪڏهن محمد بن قاسم کي به عقل ۽ حڪمت يا وري ڪري ها، ته باقي هڪ ڏينهن جي پنڌ تائين اڳتي وڌي اچي ها ۽ اتي پاڻ کي ڪچيءَ چمڙيءَ ۾ بند ڪرائي ها، جڏهن جاچ ٿئي ها ته آزاد ٿي وڃي ها، ۽ برباد نه ٿئي ها. خليفي کي ]هي ٻڌي[ افسوس ٿيو، ۽ نهايت افسوس وچان هٿ جي پٺيءَ کي چڪ وجهڻ لڳو.

چڱيءَ جي ٻيو ڀيرو گفتگو

پرده نشين چڱيءَ وري ٻيو دفعو زبان کولي خليفي ڏانهن نهاريو ته معلوم ڪيائين ته خليفي جي ڪاوڙ چوٽ چڙهيل آهي. (اتي) چيائين ته: بادشاهه وڏي غلطي ڪئي آهي، جو ٻن ٻانهين خاطر اهڙي ماڻهوءَ کي ]بـرباد ڪيائين[ جنهن اسان جهڙيون لکين پرده نشين قيد ڪيون، ]246[ هند ۽ سنڌ جي ستر بادشاهن کي تخت تان جنازي جي تختي تي ليٽايو. بتخانن جي بجاءِ مسجدون ۽ منبر اڏايا ۽ منارا ٺهرايا. جيڪڏهن هن کان ڪا ٿوري بي ادبي يا ڪا اڻوڻندڙ حرڪت ٿي به هئي، ته به هڪ مطلبي ماڻهوءَ جي چوڻ تي محمد بن قاسم کي برباد ڪرڻ نه گهربو هو. ]اتـي[ خليفي حڪم ڏنو، ۽ ٻنهي ڀينرن کي ڀت ۾ لنبي ڇڏيائون.

انهيءَ وقت کان اڄ تائين اسلام جو جهنڊو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ سربلند ۽ ترقي پذير آهي. 

دعا

شال الله تعاليٰ، جـَـلـَـت قـُـدرتہَ و تَقـَـدَسـَـت اَسمائہ، اسلام جي گذريل بادشاهن کي رحمت ۾ ٻڏل رکي، ۽ وقت جي بادشاهن کي، جيڪي هن زماني جو قوام ۽ وقت جو نظام آهن، انساني دور جي ختم ٿيڻ تائين، ملڪ جي تخت تي دائم ۽ قائم رکي، ۽ سندن هيبت سان اسلام جي جهنڊي کي حادثن ۽ مصيبتن ۽ زماني جي اوچتين آفتن کان محفوظ رکي. بـِـعـَـونـِہَ وَتَوفـِـيقـہ.

 

(1)مخلص ڪتاب: مـِـنهاج الدِينِ وَالـمـُـلکِ، اَلحضرَهِ الصدرُ الاجَلۡ العـَـالـِـمُ  عـَـينَ الـمـُـلکَ(1)

پوءِ هيءُ ڪتاب، جنهن جو لقب مـِـنهاجُ الدينِ وَ المـُـلکِ الحضرهِ الصدر الاجل العالم عين الملک آهي، جو هند ۽ سنڌ جي فتح بابت ۽ عرب جي عالمن ۽ ادب وارن حڪيمن جي تصنيف ]247[ ۽ فڪر جي صنعتن، فطرت جي عجائبات، عقل، فضيلت ۽ ضمير جي غرائبات سان سينگاريل آهي. جو دوست جي دلين جي حياتي ۽ انسانن خواه جنن لاءِ باغيچو آهي. عرب وارن جي دانائيءَ جي تعريف بيان جي حد کان ٻاهر ۽ لشڪر جي مردانگيءَ جي توصيف ڳاڻاٽي کان وڌيڪ آهي. تنهن جو بنياد حڪومت جي قاعدن جي بنياد رکڻ ۽ سياست جي ڳنڍين کي مضبوط ڪرڻ لاءِ رکيو ويو آهي. جنهن جي ضمن ۾ دين ۽ دولت جون نصيحتون آهن، ۽ جو ملڪ ۽ ملت جي طريقن جو ضامن آهي. جيتوڻيڪ عربي زبان ۽ حجازي لئي ۾ وڏو درجو هئس، ۽ عرب جي بادشاهن کي هن جي پڙهڻ ڏانهن نهايت توجه ۽ ان تي حد کان وڌيڪ فخر هو، پر جنهن صورت ۾ حجازي پردي ۾ (ڍڪيل) ۽ پهلوي (فارسي) ٻوليءَ جي زيور ۽ سينگار کان خالي هو، تنهن ڪري عجم ۾ رائج نه ٿي سگهيو. ايران جي ڪنهن به سينگاريندڙ، نه هن فتحنامي جي ڪنوار کي سينگاريو هو، ۽ نڪي زبان جي سينگارخاني ۽ حڪمتن جي بـُـجڪي (بغچي) مان هن کي ڪو وڳو ڍڪايو هو. نه عقل جي خزاني مان ڪو زيور پهرايو هو، ۽ نه وري فصاحت جي ميدان ۽ بلاغت جي باغيچن مان  هن ميدان ۾ گهوڙو ڊوڙايو هو. پر جنهن صورت ۾ زماني جي سخت حادثن هن شڪسته ]حال مصنف[ ڏانهن ]رخ رکيو،[ ۽ زماني جون فوجون ۽ حادثن جون مصيبتون اچي سيني جي سفيني ۾ گڏ ٿيون، پريشانيءَ جا سڀ قسم موجود ۽ دلداريءَ جا دروازا بند ]ٿي چڪا [۽ قسمين قسمين خطرن ۽ ٺڳين جا اسباب ظاهر ]ٿيا[ ته انهيءَ حال سان هيءُ ڪتاب هن بنده جي اڻپوري ذهن پورو ڪيو- وَالحـَـمدُ لله رَب العـَـالـَـمـِـينِ] 248[

 


)1) هن عنوان کان وٺي ڪتاب جي آخر تائين، جملي احوال ڄڻ هڪ ڏند ڪٿا آهي. جنهن لاءِ ڪابه تاريخي سند موجود ڪانهي. (ن-ب)

(2) -(2)  هيءَ پڙهڻي فارسي ڇاپي مطابق آهي جنهن جو مدار غالباً پ تي آهي. ن، ر: محمد بن علي ابوالحسن همداني. م، ب، ح، س، ڪ ۾ به مدائني جي بدلي همداني آهي. (ن-ب)

(1) - (1)  پ، س: اودهاپور، ن: اردهاپور، ر، م: اود هافر.

(1)  ر، م: اودهاپور. ن: اودهاپر.

(2) - (2)  اصل عبارت: شاخ مورد سبز. مورد جو لفظي ترجمو مورڙئو ڪيو ويو آهي. مورد هڪ چمڪندڙ پنن سان، سدا سائو، خوشبودار، ۽ اڇڙن گلن سان هڪ ٻوٽو آهي جنهن کي انگريزيءَ ۾ Myrtle ۽ يوناني ٻوليءَ ۾  Murtus چئجي ٿو. (ن-ب)

(1)-(1) ن ۾ هيءَ عبارت هوبهو ائين عنوان طور آيل آهي ۽ اسان به ان مطابق عنوان طور ڏني آهي، سواءِ ان جي ته اصل عبارت ۾ زيرون زبرون ڪين آهن، ۽ منهاج الدين جي بدران سماءُ الدين آهي. ٻين جملي نسخن ۾ بهمنهاج الدين جي بدران سماءُ الدين آهي (ڏسو فارسي ڇاپو ص 247): مگر جيئن ته هيٺ ٻيهر ڪتاب جي ڏنل نالي ۾ منهاج الدين آهي، انهيءَ ڪري اسان به عنوان ۾ سماءُ الدين جي بدران منهاج الدين رکيو آهي. وڌيڪ وضاحت لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]247[. (ن-ب)


(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org