انهيءَ جواب تي حجاج، عبدالملڪ جي باقي عهد ۾ يزيد ۽ سندس ڀائرن جي پچر ڇڏي
ڏني، مگر جڏهن عبدالملڪ شوال سنه 86 هه ۾ وفات ڪئي
۽ سندس پٽ وليد خليفو ٿيو، تڏهن حجاج کي هٿي ملي
وئي ۽ هن يزيد جي ڀاءُ حبيب کي ڪرمان جي گورنري
تان معزول ڪيو ۽ سندس ٻئي ڀاءُ عبدالملڪ کي پوليس
آفيسري تان معزول ڪيو ۽ ٽنهي ڀائرن کي سنه 86 ۾
گرفتار ڪري قيد ۾ رکيو.
۽ کين قيد ۾ سخت عذاب ڏياريائين.
چئن سالن جي قيد ۽ عذاب بعد سنه 90 هه ۾ يزيد ۽
سندس ڀائر حجاج جي قيد مان ڀڄي نڪتا ۽ وڃي خليفي
وليد جي ڀاءُ ۽ وليعهد سليمان وٽ پناهه ورتائون.
حجاج جي اها دشمني ۽ سختي هنن کي وسرڻ جي ڪانه
هئي، انهيءَ ڪري جڏهين حجاج مري ويو ۽ خليفو وليد
به مري ويو ۽ سندن مربي سليمان خليفو ٿيو، تڏهين
يزيد حجاج جو جاءِ نشين مقرر ٿيو ۽ هن حجاج جي
دشمني وارو بدلو حجاج جي ساٿين ۽ عزيزن، خصوصــاً
محمد بن قاسم کان ورتو.
(2) حجاج جي وليعهد سليمان سان ذاتي دشمني: خليفي عبدالملڪ توڙي خليفي وليد
جي ڏينهن ۾ سليمان، يزيد بن مهلب ۽ سندس ڀائرن جو
حامي ٿي بيٺو ۽ کين پنهنجي پناهه ۽ حفاظت ۾
رهايائين، جنهن ڪري حجاج کين ڪجهه به نه ڪري
سگهيو. انهيءَ ڪري حجاج جي سليمان سان ذاتي عداوت
ٿي پئي. وليد جي ڏينهن ۾ حجاج جي طاقت جو اوج هو ۽
انهيءَ ڪري سليمان کي وليعهد هوندي به دڙڪي طور
لکي موڪليائين ته ”تون ته مس جي هڪ نقطي وانگر
آهين، چاهيان ته توکي ڊاهي ڇڏيان، چاهيان ته توکي
باقي ر کان“
حجاج انهيءَ سرڪشي سبب سليمان کي به سور ڏيئي ڇڏيا
هئا، مگر سندس خليفي ٿيڻ کان اڳ هو مري چڪو هو،
انهيءَ ڪري سليمان پنهنجا سڀ بدلا حجاج جي عزيزن
کان ورتا ۽ محمد بن قاسم به انهيءَ عداوت جو شڪار
ٿي ويو.
(3) وليعهد سليمان جي خلاف سياسي سازش ۾ حجاج جي شرڪت: خليفي عبدالملڪ
پنهنجي وفات کان هڪ سال اڳ سنه 85 هه ۾ کانئس پوءِ
خلافت جو سلسلو هن طرح مقرر ڪيو ته: اول سندس پٽ
وليد خليفو ٿئي ۽ ان بعد سندس ٻيو پٽ سليمان.
انهيءَ تي عوام کان به بيعت ورتائين ۽ خود پاڻ پڻ
وليد ۽ ان بعد سليمان کي بيعت ڏنائين.
مگر وليد پنهنجي خلافت جي آخري دؤر ۾ ڪوشش ڪئي ته
کانئس پوءِ سندس پٽ عبدالعزيز خليفو ٿئي ۽ نه سندس
ڀاءُ سليمان. انهيءَ لاءِ اول پنهنجي ڀاءُ سليمان
کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪيائين پر جڏهن هن انڪار ڪيو
تڏهن حڪومت جي وڏن آفيسرن ۽ گورنرن ڏي لکيائين ته
هو سليمان جي بيعت ترڪ ڪري عبدالعزيز جي بيعت ڪن.
انهيءَ تي عراق جي وائسراءِ حجاج، خراسان جي
ڪمانڊر ۽ گورنر قتيبة
بن مسلم ۽ ٻين خاص شخصن سليمان جي بيعت ترڪ ڪري
عبدالعزيز جي بيعت ڪئي.
انهن ٻين خاص ماڻهن ۾ غالباً
آفريقا جو فاتح موسيٰ بن نـُـصيرَ اللخمي، عبدالله
القسري، عبدالرحمان بن حيان المـُـرِي، حجاج جو
سؤٽ حڪم بن ايوب ۽ حجاج جي سؤٽ عمر جو پٽ يوسف بن
عمر الثقفي شامل هئا، ڇاڪاڻ ته سليمان جڏهين خليفو
ٿيو تڏهين انهن مڙني کي گرفتار ڪري قيد ۾ رکيو ويو
۽ کين سخت عذاب ڏنا ويا.
گمان غالب آهي ته حجاج نه صرف پاڻ پنهنجي سر
عبدالعزيز بن وليد جي بيعت ڪئي مگر سليمان کي
خلافت کان محروم ڪرڻ لاءِ پنهنجي پوري طاقت
لڳايائين ۽ پنهنجي قبيلي آل ابو عقيل جي سڀني معزز
شخصن کي سليمان جي بيعت ٽوڙي عبدالعزيز کي بيعت
ڏيڻ تي آماده ڪيائين. پنهنجي زيردست آفيسرن ڏانهن
پڻ هن اهڙا آرڊر جاري ڪيا، جيئن ته طبري پنهنجي
پخته سـَـنـَـد سان هلواث ڪلبي جي زباني روايت نقل
ڪئي آهي، جنهن چيو ته: ”اسين محمد بن قاسم سان گڏ
هندستان ۾ هئاسون، جو حجاج جو خط پهتو ته سليمان
جي بيعت ترڪ ڪريو.“
جيڪڏهن حجاج ان تحريڪ بعد ڪجهه وڌيڪ عرصو جيئرو رهي ها ته سليمان خلاف گهڻو
ڪجهه ڪري ڇڏي ها، ۽ جي هو وليد جي موت تائين زندهه
رهي ها ته شايد سليمان کي خلافت کان هميشه لاءِ
محروم ڪري ڇڏي ها. مگر حجاج پوءِ جلدئي رمضان
مهيني سنه 95 ۾ گذاري ويو، ۽ خليفي وليد جي ڄڻ سڄي
ٻانهن ڀڄي پئي، جنهن ڪري هو سليمان خلاف هلايل
تحريڪ کي ڪامياب نه ڪري سگهيو. پوءِ سگهو ئي وليد
پڻ جمادي الثاني سنه 96 ۾ وفات ڪئي، ۽ سليمان
پنهنجي پيءُ جي ڪيل وصيت ۽ بيعت موجب خليفو ٿيو ۽
هن هاڻي پنهنجي مڙني مخالفن خلاف سختيءَ سان
ڪارروايون شروع ڪيون.
سليمان جي خليفي ٿيڻ سان مرڪزي سياست ۾ ڦيرو آيو. حجاج واري جاءِ تي جنهن
شخص کي خليفي وليد مقرر ڪيو هو تنهن کي معزول ڪري،
سليمان انهيءَ جاءِ تي حجاج جي دشمن ۽ پنهنجي ساٿي
يزيد بن مهلب کي عراق جو وائسراءِ مقرر ڪيو. اڳئين
خليفي وليد جي سياسي حامين خلاف پڻ ڪارروايون شروع
ڪيون ويون. آفريقا جي فاتح موسيٰ بن نضـَـير کي
گرفتار ڪري قيد ۾ رکيو ويو. سرحد چين ۽ ڪاشگر جي
فاتح قتيبه بن مسلم الباهلي جنهن حجاج سان گڏ
خليفي وليد جو ساٿ ڏنو هو ۽ وليعهد سليمان جي بيعت
ترڪ ڪري عبدالعزيز بن وليد جي بيعت ڪئي، تنهن
مرڪزي سياست ۾ آيل ڦيرو ڏسي بغاوت شروع ڪئي، مگر
سندس ڪوفي لشڪر کانئس ڦري ويو انهيءَ ڪري هو
بالاخر شاهي لشڪر هٿان قتل ٿي ويو. عبدالله قسري
کي مڪي جي نظامت تان معزول ڪيو ويو. حجاج جي قبيلي
آل ابي عقيل جي ماڻهن ۽ حجاج جي عزيزن جي گرفتاري،
عذاب، ۽ موت لاءِ خاص اهتمام ڪيا ويا. يزيد بن
مهلب جي صلاح سان صالح بن عبدالرحمان نالي شخص کي
خليفي سليمان عراق جو روينيو آفيسر خاص انهيءَ
لاءِ مقرر ڪيو ته هو آل ابي عقيل جي ماڻهن ۽ حجاج
جي واسطيدارن کي گرفتار ڪري قيد ۾ رکي، ۽ کين سخت
عذاب ڏيئي ماري پورو ڪري،
صالح کي حجاج سان ذاتي دشمني هئي، ڇاڪاڻ ته حجاج،
سندس ڀاءُ آدم کي خارجي هئڻ سبب قتل ڪرايو هو،
انهيءَ ڪري هو انهيءَ ڪم جي پويان هٿ ڌوئي لڳو.
محمد بن قاسم، حجاج جو عزيز ۽ خاص ماڻهو هو ۽ ”فاتح سنڌ“ هئڻ سبب آل ابي
عقيل جي قبيلي ۾ پڻ برک هو. ان کان سواءِ حجاج
ڏانهس سليمان جي بيعت ڇڏڻ ۽ عبدالعزيز بن وليد جي
بيعت ڪرڻ لاءِ پڻ لکيو هو.
انهيءَ ڪري محمد بن قاسم کي فوراً
معزول ڪري سندس جاءِ تي يزيد بن ابي ڪـَـبشة سـَـڪسـَـڪي کي سنڌ جو نئون گورنر مقرر ڪيو ويو. سنڌ جي هن
نئين گورنر سان گڏ عراق جي نئين وائسراءِ يزيد بن
مهلب جي ڀاءُ معاويه بن مهلب کي خاص طرح محمد بن
قاسم کي گرفتار ڪري وٺي اچڻ لاءِ روانو ڪيو ويو.
ان کان سواءِ ساڻن گڏ ”عڪ“ قبيلي جي هڪ شخص کي
محمد بن قاسم جي قيد هئڻ واري حالت ۾ مزيد نگراني
لاءِ پڻ موڪليو ويو.
ڇنڇر ڏينهن 13- جمادي الاخر سنه 96 هه (23 فبروري سنه 715ع) وليد وفات ڪئي
هئي
۽ انهيءَ ساڳئي ڏينهن سليمان بيعت وٺي
حڪومت قبضي ۾ ڪري ورتي. جيئن ته حجاج جي آفيسرن ۽
واسطيدارن کان سليمان کي خدشو هو، انهيءَ ڪري محمد
بن قاسم جي معزولي، سنڌ جي نئين گورنر جي تقرري ۽
سندس عملي جي سنڌ ڏانهن روانگي به فوراً
انهيءَ تاريخ بعد ٿي هوندي.
فتحنامي جي بيان موجب محمد بن قاسم ان وقت هندستان جي فتح جون تياريون ڪري
رهيو هو ۽ قنوج تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ سندس لشڪر
اوڌاپر ۾ منزل انداز هو، جو کيس دارالخلافت طرفان
سندس معزولي جو حڪم پهتو. محمد بن قاسم هاڻي واپس
موٽيو ۽ حڪم جي بجا آوريءَ ۾ نئين گورنر آڏو پاڻ
کي پيش ڪيائين، جنهن کيس گرفتار ڪيو. بعد ۾
گرفتاري واري عرصي ۾ محمد بن قاسم هيٺيان شعر چيا،
جن مان نئين گورنر ۽ سندس عملي جي اختيار ڪيل
پاليسي ۽ محمد بن قاسم جي تاثرات تي روشني پوي ٿي:
1- اَتـَـنسيٰ بـَـنو مـَـروانَ سـَــــمـــعـِـي
وَطاعـَــــتـِـي
وَ اِنـِـي عـَـليٰ مـَـــا
فـــــــــــانـَـــــنـِــــي لـَـصـَـبـُـورُ
2- فـَـتـَـحتُ لـَـهـُـم مابـَـينَ سـَـابـُـور
بـِــــالقـَـــنـَـــا
اِلــــي الهـِـنـــدِ مـــِـنــهـُـــم
زاحـِـــــف وَ مـُـغـِـيرُ
3- فـَـتـَـحتُ لـَـهـُـم مابـَـينَ جـُـرجـَـانَ
بـِــــالقـَـنـَـــا
اِلـــــــيٰ الـِـصــــيـــنِ
اَلــــــقــيٰ مـَــــــــرة وَ اُغـِـــيرُ
4- لـَـو کـُـنتُ اَجمـَـعــتُ الـــــقـَــرارَ،
لـَـــؤطـِـــئـَـــت
اِنـَـــــــــــاث اُعـِــــــدت لـِـلوَ
غــــيٰ وَ ذُکـُـــــــــورُ
5- وَ مـَـا دَخلـَـت خـُـيلُ السکـَـاسـِـکَ
اَرضـَـــنـــــا
وَلاَ کـَـــانَ مـِــــن عـَــــکِ
عـَـــلـَــــــي اَمـِــــــيـــــــرُ
6- وَلاَ کـُـنتَ لـِـلعـَـبـدِ
الــــمـَــــزُونـِــــــي تـــابـِــــــعـَـا
فـَـيا لـَـکَ دَهــــــر
بـِـالـــــکــَـرامِ عـُــــــثــــورُ
]ڇا
بنو مروان
گهراڻو
(يعني خليفو
سليمان(منهنجي
مڪمل
وفاداري وساري
چڪو
آهي، حالانڪ
آءٌ
پنهنجي کسيل
حقن
تي صابر
آهيان! (2) مون سندن واسطي نيزن جي حملن سان
(ايران جي شهر) سابور ۽ (اوڀر طرف) سرحد هند
(مڪران) جي وچ وارو ملڪ فتح ڪيو، ۽ (3) ۽ پڻ سندن
واسطي (ايران ۾) جرجان کان چين (جي طرف) وارو
وچيون علائقو نيزن سان مسلسل حملا ڪندي فتح ڪيو.
(4)
(هت سنڌ ۾) جيڪڏهن آءٌ (سندن خلاف) بيهي مقابلي
ڪرڻ جو فيصلو ڪريان ها، ته جيڪر ڪيترائي، جنگي مرد
۽ عورتون تباهه ٿي وڃن ها، (5) ۽ نڪي سڪسڪي فوجون
اسان جي حد ۾ داخل ٿين ها ۽ نڪي ”عڪ“ قبيلي جو هڪ
شخص منهنجي مٿان حڪم هلائي ها، (6) ۽ وري هڪ مزوني
غلام (يعني معاويه بن مهلب) جو آءٌ تابع ٿيان ها.
پر واءِ اي زمانا! تنهنجون چڱن کي چوٽون!!! [
محمد بن قاسم پنهنجي انهن شعرن ۾ جي جذبات ظاهر ڪيا آهن تن مان صاف طور
هيٺيان نتيجا نڪرن ٿا ته:
محمد بن قاسم کي حاڪم گهراڻي سان سندس وفاداري تي پورو
ڀروسو هو، انهيءَ ڪري کيس خليفي طرفان ڪنهن به
ايذاءُ جو انديشو ڪونه هو. سندس اهڙي ڀروسي لاءِ
سبب هئا: هڪ ته، محمد بن قاسم 15-ورهين جي ننڍي
عمر ۾ ايران طرف فوجي ڪمانڊر مقرر ٿيو، جتي ڪـُـرد
قبيلن جي فسادن کي ٻنجو ڏنائين، سابور ۽ جرجان طرف
وارا علائقا فتح ڪيائين (جيئن ته سندس شعر مان
ظاهر آهي)، شيراز جو شهر ٻڌائي ان کي حڪومت جي
گادي ۽ واپار جو مرڪز بنايائين، ۽ آخر ۾ ”ري“ جي
شهر تي حملي لاءِ پنهنجي فوج تيار پئي ڪيائين
جو کيس سنڌ جي فتح لاءِ ڪمانڊر اِنچيف مقرر ڪيو
ويو ۽ اتان شيراز مان هو سڌو سنڌ طرف روانو ٿيو ۽
سندس باقي وقت سنڌ جي فتحن ۾ صرف ٿيو. هڪ ڪامياب
فوجي ڪمانڊر جي انهن مشغولين ۽ مرڪزي حڪومت جي
سياسي دائري کان دوري سبب محمد بن قاسم جو مرڪزي
سياست سان ڪوبه واسطو ڪونه رهيو هو ۽ انهيءَ ڪري
مرڪزي سياسي سازشن کان سندس دامن پاڪ هو. ٻيو ته،
جيتوڻيڪ اهو ثابت آهي ته حجاج طرفان کيس سليمان جي
بيعت ترڪ ڪرڻ جو خط پهتو هو، مگر اهو ثابت ناهي ته
محمد بن قاسم ان تي ڪو عمل ڪيو. غالباً اهو خط حجاج پنهنجي حياتيءَ جي آخرين
ڏينهن ۾ لکيو ۽ محمد بن قاسم تائين انهيءَ خط پهچڻ
واري عرصي ۾ شايد هو بيمار ٿيو ۽ اڃا محمد بن قاسم
انهيءَ خط تي عمل ئي ڪونه ڪيو جو حجاج گذاري ويو.
جيڪڏهن محمد بن قاسم خليفي سليمان جي بيعت ترڪ ڪري
ها ته هنن شعرن ۾ پنهنجي مڪمل وفاداري جو دم نه
ڀري ها. ٽيون ته، غالباً
پنهنجي ڊيوٽي جي ڌن ۽ فوجي ڪاررواين ۾ پوري مشغولي
سبب محمد بن قاسم کي مرڪزي سياست طرف خاص توجهه نه
رهيو، ۽ هزار ڪوهه دور رهڻ سبب حجاج جي پيدا ڪيل
دشمنين جو به کيس صحيح علم ڪونه هو، انهيءَ ڪري
نئين خليفي طرفان انتقام جو کيس انديشو نه رهيو.
انهيءَ ڪري محمد بن قاسم پنهنجي معزولي جي حڪم جي
بنا ڪـُـڇڻ پـُـڇڻ جي تعميل ڪئي ۽ اچي سنڌ جي نئين
مقرر ڪيل گورنر جي اڳيان پاڻ کي پيش ڪيائين.
(2) سندس انهن شعرن مان ٻيو اهو ثابت ٿئي ٿو ته محمد بن قاسم پنهنجي وفاداري
۽ فرمانبرداري جو ثبوت ڏنو ۽ اچي پيش پيو ۽ کيس
اميد هئي ته ساڻس برو ورتاءُ نه ڪيو ويندو. پر
جيڪڏهين کيس انتقامي ڪاررواين جو خدشو هجي ها ۽ هو
مخالفت ۽ مقابلي جو فيصلو ڪري ها ته کيس مقابلي جي
پوري طاقت هئي. انهيءَ حالت ۾ شاهي فوج جا ڪافي
ماڻهو مرن ها ۽ نئين گورنر ابو ڪبشة
سڪسڪي جي فوج سنڌ ۾ داخل ٿي ڪانه سگهي ها، نڪي هو
محمد بن قاسم کي گرفتار ڪري سگهن ها، نڪي عڪ قبيلي
جو هڪ رواجي ماڻهو سندس مٿان نگران ٿئي ها ۽ نڪي
معاويه بن مهلب جهڙي مزوني (ازد قبيلي جو) غلام جو
محمد بن قاسم تابع بنجي ها. محمد بن قاسم جي
انهيءَ نظريي ۾ صداقت هئي. سنڌ هڪ پرانهون پرڳڻو
هو، جتي مرڪزي طاقت جو زور ڏکيو هلي سگهي ها. ان
کان سواءِ محمد بن قاسم پنهنجي اهليت ۽ لياقت سبب
نه صرف پنهنجي عرب فوجن ۾ مقبول هو پر پنهنجي
رواداري، صلح ۽ انصاف واري پاليسي سان ملڪ جي
مقامي حڪمرانن، اَفيسرن ۽ عوام کي پڻ همدرد ۽ دوست
بنائي ڇڏيو هئائين، انهيءَ ڪري سندس فوج خواه
مقامي باشندا ساڻس ٻانهن ٻيلي ٿي بيهن ها.
باوجود انهيءَ طاقت ۽ مقبوليت جي، محمد بن قاسم بغاوت کان منهن موڙيو ۽
فرمانبرداريءَ سان پيش پيو. کيس گرفتار ڪري قيد
ڪرڻ بعد شاهي آفيسرن يقيني طور ساڻس انتقامي
ڪارروائي ڪئي. عراق جي نئين وائسراءِ يزيد بن مهلب
جو ڀاءُ معاويه بن مهلب، جنهن کي خاص طور محمد بن
قاسم کي گرفتار ڪري وٺي اچڻ لاءِ موڪليو ويو، سو
محمد بن قاسم کي کل پارائي هٿڪڙيون هڻي وٺي روانو
ٿيو.
محمد بن قاسم جي اهڙي بيعزتي ۽ کيس اِهڙيءَ بري
ورتاءُ سان ٻـَـڌي وٺي وڃڻ واري حادثي ملڪ جي
مقامي رهاڪن کي به سخت صدمو پهچايو. بلاذري لکي ٿو
ته انهيءَ تي هندستان وارا رنا ۽ گجرات جي شهر
”ڪيرا“ ۾ محمد بن قاسم جي يادگار ۾ سندس تصـويرون
بنايائون.
محمد بن قاسم کي انهيءَ گرفتاري واري حالت ۾ هن انتقامي ڪارروائي جي پرواهه
ڪانه هئي، مگر هن نئين حڪومت جي اهڙي غير
دانشمنداڻي پاليسيءَ تي کيس افسوس ٿيو، ۽ همعصر
شاعر عبدالله بن عمر العرجي جو
هيٺيون شعر مثال طور پڙهيائين
ته:
اَضـَـاعـُـونـِـي وَ اَي فـَـتـَـي اَضاعـَـوا
لـِـيـَـــومِ ڪـَــرِبهـَة
وَ سـِــدَادِ ثـَـغرِ
يعني ته: مون کي وڃايائون، ۽ ڪهڙي نه جوانمرد کي هٿان وڃايائون، (جو جنگ
واري) ڪنهن ڏکئي ڏينهن ۽ سرحد جي بچاءَ لاءِ (ڪم
اچين ها)!
مگر سليمان ۽ سندس صلاحڪارن جي انتقامي جذبي ملڪي ۽
قومي مصلحت کي ڪونه ڏٺو ۽ مردن جو قدر ڪونه ڪيو.
آفريقا جو فاتح موسيٰ بن نضير، چين جو فاتح قتبية
بن مسلم، ۽ سنڌ ۽ هند جو فاتح محمد بن قاسم ٽيئي
نون حڪمرانن جي شديد تعصب ۽ انتقام جو شڪار ٿي
ويا. معاويه بن مهلب پنهنجي قيدي محمد بن قاسم کي
وڃي عراق جي وائسراءِ جي مرڪزي شهر ”واسط“ ۾ عراق
جي روينيو آفيسر صالح بن عبدالرحمان جي آڏو پيش
ڪيو، جنهن کي خاص طور حجاج جي قبيلي ”آل ابي عقيل“
جي ماڻهن کي قيد ۾ چيچلائي مارڻ جو ڪم سپرد ٿيل
هو. صالح پنهنجي هنن قيدين کي عذاب ڏيڻ لاءِ يزيد
جي ڀاءُ عبدالملڪ بن مهلب کي مقرر ڪيو.
مگر اهي قيد و بند ۽ عذاب محمد بن قاسم جهڙي جوان
مرد جي همت ۽ حوصلي کي ٽوڙي نه سگهيا، ۽ انهيءَ
بيوسيءَ جي حالت ۾ به هيءُ شعر چيائين ته:
فـَـلـَـئـِـن ثـَـوَيتُ بـِـوَاسـِـطِ وَ
بـِـارضـِـهـَـا
رَهــــــنَ الحـَــــدِيدِ مـُـڪـــقبـلا
مـَـغلـُـولاَ
فـَـلـَـــرب فـِـتـَــية
فـــَـارِس فـَـــدرَعتـُـهـَـا
وَلـَـرب قـَــــرن قـَــــد تـَــرَکــــتُ
قـَـتـِـيلاَ
يعني ته: ”(هن وقت) جيتوڻيڪ آءٌ شهر واسط ۽ اُن
جي سر زمين ۾ لوهه جي قيدن ڪڙولن ۾ ٻڌل ۽ جڪڙيل
آهيان ته به (ڪو وقت هو جو) مون ايران جي ڪيترن ئي
شهسوارن کي زير ڪيو، ۽ ڪيترن ئي پنهنجي جوڙ جيس
پهلوانن کي ماري مات ڪيو.“
|