جـَـيسـِـينه جي بهادري ۽ سندس نالي جو سبب
اروڙ جي ڪن برهمڻن کان روايت آهي ته: جـَـيسـِـينه
]پٽ[
ڏاهر مردانگي ۽ دانائيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس
ڄمڻ جو قصو هن طرح هو ته: هڪ ڏينهن راجا ڏاهر شڪار
جي سامان ۽ هٿيار سان شڪار گاهه ۾ آيو. جڏهن شهر
جي آسپاس (هڪ طرف) ڪتا، چيتا ۽ بگهڙ هرڻن تي
ڇڏيائين، ۽ (ٻئي طرف) شاهين، باز ۽ شڪرا هوا ۾
اڏامڻ لڳا، ته (اوچتو) هڪ گجندڙ شينهن پيدا ٿي
ماڻهن جو رستو روڪي ڇڏيو، (جنهن ڪري) شڪارين جي
لشڪر ۾ هيبت ۽ دانهوڙ مچي ويئي. ڏاهر گهوڙي تان
لهي پيادو ئي شينهن جي سامهون ٿيو ۽ شينهن پڻ جنگ
جو ارادو ڪيو. راجا ڏاهر چادر هٿ تي ويڙهي شينهن
جي وات ۾ وجهي تلوار هڻي سندس ٻيئي ٽنگون قلم ڪري
ڇڏيون. تنهن کان پوءِ هٿ ڪڍي ترار هڻي سندس پيٽ
ڦاڙي وڌو ۽ شينهن ڪـِـري پيو. هو ڏانهن جيڪي ماڻهو
انهيءَ شينهن جي ڊپ کان ڀڄي ويا هئا، تن گهر اچي
راڻيءَ کي راجا ڏاهر جي شينهن سان ڳنڍجڻ جي خبر
ڪئي. راجا ڏاهر جي زال پيٽ سان هئي، ۽ هن خبر ٻڌڻ
تي، مڙس سان نهايت محبت سبب، بيهوش ٿي ڪـِـري
پيئي. جيستائين راجا ڏاهر شڪار گاهه مان موٽي آيو،
تيستائين ڊپ کان عورت جو ساهه جسم کان جدا ٿي چڪو
هو. ڏاهر اچي ڏٺو ته زال مئي پيئي
آهي ۽ سندس
پيٽ ۾ ٻار ڦٿڪي رهيو آهي سندس پيٽ ڦاڙڻ جو حڪم
ڏنائين، ٻار جيئرو نڪري آيو جنهن کي دائي جي حوالي
ڪيائون
۽
”جـَـيسـِـينه“ نالو رکيائون،
جنهن جي معنيٰ
]عربيءَ ۾[
”اَلمـُـظـُـفـَـر بــَـاِ الاسدَ“ (فاتح شير) ۽
پارسيءَ ۾ ”شيرِ فيروز“.
احنف بن قيس جي ڏوهٽي رَوَاح بن اَسدَ جو اروڙ تي مقرر ٿيڻ
هنن ڪنوارين
]حڪايتن[ جي سنواريندڙن ۽ هنن چـَـڪـِـيـُـنِ جي باغبانن،
علي بن محمد
]کان جنهن[
مـَـسلـَـمـَة
بن مـُـحـَـارِب(1) ۽ عبدالرحمان بن
عـَـبدَ ربـہ
السليطي کان هن طرح روايت ڪئي آهي ته: جڏهن
]234[ محمد بن قاسم، تختگاهه اروڙ- بغرور
کي پنهنجي اقتدار ۽ تابعداري هيٺ آندو، ۽ سڀيئي
]ماڻهو[
سندس فرمانبردار ۽ حڪم جا بندا ٿيا، تڏهن اَحنفَ
بن قيس جي ڏوهٽي رَواح بن اَسد کي اروڙ جي گورنري
تي مقرر ڪيائين. شرعي ڪاروبار، دارالقضاءَ جو ڪم ۽
خطابت جو عهدو، صـَـدر الامـَـام الاَجـَـلَ
العالمِ (مکيه امام وڏي عالم)، بـَـرهـَـان
الملـَـة
وَالـِـدين (دين ۽ قوم جي روشن دليل)، سـَـيف
اُلسنة وَنجم الشرِعة
(سنت جي ترار ۽ شريعت جي ستاري)، موسيٰ بن يعقوب
بن طائي بن محمد (بن موسيٰ) بن شيبان بن عثمان
الثقفي
رحمة
الله عليهم اجمعين، جي حوالي ڪري حڪم ڪيائين ته:
رعيت جي دلجوئي واجب سمجهي وڃي ۽ يـَـامـُـرونَ
بـِـالمعر وَف وَ ينهوَنَ عن المنڪـَـرِ (يعني
نيڪيءَ لاءِ تاڪيد ۽ بديءَ کان منع) جو حڪم (پڻ)
مهمل نه رهي، ۽ ٻنهيءَ کي خلق ۽ رعيت سان رعايت
ڪرڻ جي پارت ڪري آزاد پروانو عطا ڪيائين. پوءِ
منزل کنيائين، ۽ هلندو ويو، تان جو ڀاٽيہ جي قلعي
]وٽ
پهتو[، جو بياس نديءَ جي ڏکڻ ۾
هڪ قديم قلعو هو، ۽ اتي جو حاڪم
ڏاهر پٽ چچ جو سؤٽ، ڪڪسو
پٽ چندر بن سيلائج هو(3).
ڪڪسي(1)
تي فتح حاصل ڪرڻ ۽ هن جو
محمد بن قاسم وٽ اچڻ
هو (ڪڪسو) ڏاهر بن چچ جي لڙائي ۾
]مددگار
۽ موجود[ هو، ۽ اتان شڪست کائي ڀڄي اچي انهيءَ قلعي ۾ ويٺو هو.
اسلامي لشڪر جي قريب اچڻ تي ڍل ۽ ضمانت خدمت ۾
موڪليائين. وڏيرن ۽ مکيه ماڻهن (پڻ) حاضر ٿي خدمت
جو شرف حاصل ڪيو. محمد بن قاسم انهن سان مهربانيءَ
سان پيش آيو، ۽ ڏاڍيون نوازشون ڪري پڇيائين ته:
”هيءُ ڪڪسو، اروڙ جو رهاڪو آهي؟ اتان جا سڀ ماڻهو
داناءُ عقلمند ۽ سچا هئا، ۽
]پڻ[
امانت ۽ پرهيزگاريءَ سان موصوف. تنهن ڪري کيس امان
ٿي ڏجي ته جيئن هو
]اسان
وٽ[
دل جي قوت ۽ اميد جي روح سان حاضر ٿئي.
]235[
هن کي ننڍي وڏي ڳالهه ۾ پنهنجو صلاحڪار بنايو وڃي.
آءٌ ساڻس سچائي ۽ وزارت جو رستو وچ ۾ قائم ڪريان
ٿو.“
ڪڪسي جي صلاحڪاري
ڪڪسو هڪ ڄاڻو شخص ۽ هند جو داناءُ مرد هو،
(تنهنڪري) خدمت ۾ حاضر ٿيڻ تي
]محمد
بن قاسم[
کيس وقت نا وقت پنهنجي تخت جي سامهون رکندو هو، ۽
ساڻس صلاح مشورو ڪندو هو-
شعر
لا تـَـستـَـشـِـر غـَـير نـَـدب حـَـازمِ يـَــقـِـظِ
قـَـدِ استـَـؤيٰ مـِـنــہ
اِســــــرَارُ وَ اِعـــــــلاَنَ
ترجمو: صلاح رڳو تجربيڪار، هوشيار ۽ دور انديش سان ڪر، جنهن جي آڏو
ڳجهه ۽ ظاهــــر برابر هجي.
ـــــــــــ ۽ سندس صلاح کان ٻاهر نه ويندو هو. هو سڀني اميرن ۽ سپهه سالارن
جو اڳواڻ هو. ڍلون ۽ آسپاس
]جو
ملڪ[ سندس انتظام هيٺ هوندو هو. خزانو سندس مهر هيٺ ڏنو ويو
هو. انهيءَ کان پوءِ هو هر لڙائيءَ ۾ محمد بن قاسم
سان مددگار هو، ۽ سندس نالو ”مبارڪ مشير“ رکيو
هئائين.
محمد بن قاسم جي هٿان(1) سـِـڪـہ
۽ ملتان
جي فتح ٿيڻ جو احوال
ڪڪسي کي درست ڪرڻ بعد،
]محمد بن قاسم[
انهيءَ قلعي کان ڪوچ ڪري، بياس ندي ٽپي اسڪلنده
جي قلعي تي ويو. انهيءَ قلعي وارن کي خبر پيئي ته
عرب جو لشڪر آيو آهي، سو جنگ لاءِ نڪري آيا.
زائدهِ بن عـَـمـَـير الطائي
۽ ڪڪسو (لشڪر جا) اڳواڻ هئا. لڙائي شروع ڪيائون ۽
اهڙا سخت مقابلا ٿيا جو ٻنهي طرفن کان رت جون
نديون وهي اٿي هليون. عربن اڳين نماز وقت تڪبير جو
نعرو هڻي، هٿو هٿ حملو ڪيو. مشرڪ شڪست کائي وڃي
قلعي ۾ پيا،
]236[
۽ قلعي جي مٿان تير ۽ منجنيق جا پٿر اڇلائڻ لڳا ۽
ست ڏينهن جنگ جاري رکيائون. ملتان جي حاڪم جي
ڀائٽي، جو ملتان جي قلعي ۾ هو، پڻ ڪي لڙائيون
ڪيون، تان جو لشڪر جو اناج کٽي ويو،
۽
اسڪلنده جو (حاڪم) سيهرا(1)
راتو
واهه نڪري وڃي سڪـہ
جي قلعي ۾ پهتو. سڪہ،
راوي نديءَ جي ڏاکڻي ڪناري تي هڪ عاليشان قلعو هو.
حاڪم جي وڃڻ تي رعيت، ڪاريگرن ۽ واپارين
]محمد بن قاسم ڏانهن[
پيغام موڪليو ته: ”اسان رعيت آهيون. هاڻي جيئن ته
والي هليو ويو، تنهنڪري اسان کي امان ڏي.“ محمد بن قاسم، واپارين، ڪاريگرن ۽ هارين کي امان
ڏيئي قلعي ۾
آيو ۽ چئن هزارن هٿياربند مردن کي خونخوار ترار جو
کاڄ بنائي، سندن پوئلڳن کي غلام ڪيائين. پوءِ عتبـہ بن سلمہ تميميءَ
کي اتي مقرر ڪري پاڻ
سڪہ ۽ ملتان(3)
ڏانهن رخ رکيائين. اهو راوي ندي جي ڏاکڻي ڪناري تي
هڪ قلعو هو. بجهرا طاکيءَ
جو ڏهٽو بجهرا(4)
انهيءَ قلعي ۾ رهندو هو. جڏهن ان کي خبر پئي تڏهن
جنگ شروع ڪيائون. هر روز جڏهن عرب جو لشڪر قلعي جي
اڳيان ايندو هو ته قلعي وارا ٻاهر نڪري جنگ ڪندا
هئا. سترهن ڏينهن تائين سخت لڙائيون ڪيائون. (هن
لڙائي ۾) مشهور معروف همراهن مان ويهه ڄڻا
شهيد ٿيا ۽ شامي لشڪر مان جملي ٻه سئو پندرهن
ماڻهو قتل ٿيا. بجهرا
راوي ندي ٽپي پار ويو. محمد بن قاسم دوستن جي شهيد
ٿيڻ ڪري قسم کنيو هو ته: ”هن
]سڪہ جي[ قلعي کي ڊاهي ڇڏيندس.“ پوءِ سندس
حڪم ڏيڻ تي ساري شهر کي ويران ڪيائون، ۽ ملتان
ڏانهن (درياءُ) ٽپيا.
ملتان جو راجا ڪندا
۽ بجهرا جنگ لاءِ نڪري آيا.
]237[
محمد بن قاسم جي راجا ڪندا(3)
سان جنگ ڪرڻ
انهيءَ ڏينهن صبح ٿيڻ کان شام جي ختم ٿيڻ تائين
سخت لڙائي هلي.
جڏهن دنيا مصيبت زدن جهڙي ڪاري رلي اوڍي، ۽ ستارن
جو بادشاهه غروب جي پردي ۾ هليو ويو، تڏ
هن ٻئي (لشڪر) پنهنجن گهرن ڏانهن موٽيا. ٻئي ڏينهن جڏهن صبح صادق اونداهي
پردي مان نڪتو ۽ دنيا روشن ٿي، تڏهن ٻيو دفعو جنگ
شروع ڪيائون. ٻنهي طرفن کان ڏاڍا ماڻهو قتل ٿيا.
اها جنگ بدستور قائم رهي، ۽ ٻن مهينن تائين
]قلعي
وارا[ قلعي مٿان منجنيق، غـَـدرَڪ
پٿر ۽ تير وسائيندا رهيا، تان جو لشڪر ۾ اناج جي
ڏاڍي تنگي اچي پيدا ٿي. اهڙيءَ حد تائين جو، گڏهه
جي مـُـنڍي وڃي پنج سؤ درهمن کي لڳي. ڏاهر جي سؤٽ،
امير ڪورسينہ
پٽ چندر، ڏٺو ته، عرب جي لشڪر ۾ ڪابه سستي نه آئي
آهي، ۽ مضبوط آهن. اسان کي ڪنهن به طرف کان مدد
ڪانه آهي، سو
ڪشمير جي راجا(4) جي خدمت ۾ هليو ويو.
ٻئي ڏينهن جڏهن عرب جي لشڪر پهچي لڙائي شروع ڪئي،
۽ ڪنهن به حيلي سان (قلعي کي) کاٽ نٿي لڳي سگهيو،
ته (اوچتو) قلعي جي اندران هڪ ماڻهو ٻاهر نڪري آيو
۽
]اچي[
امان گهريائين. محمد بن قاسم کيس امان ڏني، پوءِ
انهيءَ جي ڏس ڏيڻ تي، نديءَ جي ڪناري لڳ اتر طرف
کان کاٽ هنيائون، ۽ ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ انهيءَ
جڳهه کان قلعي جي ڀت اچي پٽ تي پيئي ۽ قلعو فتح
ٿيو. ڇهه هزار جنگي سپاهين کي قتل ڪيائون ۽ سندن
تابعدارن ۽ لاڳاپيدارن کي ٻانها بنايائون. باقي
واپارين، ڪاريگرن، ۽ هارين کي امان جو پروانو عطا
ڪري، کين چيائين ته:
”هاڻي
جڏهن قلعو فتح ٿي چڪو آهي، تڏهن واجب آهي ته
پنهنجي مال مان دارالخلافت جي خزاني جي ڍل
۽
فوجن جو حصو ڏيو، جيڪي هيڏي تڪليف ڪاٽي، سختي سهي
جان جي بازي لڳائي، ڪيڏو عرصو کاٽ ۽ لڙاين ۾ مشغول
رهيا آهن.“
]238[
روڪڙ جي تقسيم ڪرڻ
پوءِ شهر جي وڏيرن ۽ مکيه ماڻهن جمع ٿــي، سٺ هـزار درهـــم تــور چانـدي
تقسيم ڪئي. هر هڪ سوار کي خاص طرح چار سؤ درهم تور
چاندي ملي. پوءِ
]محمد
بن قاسم[ چيو ته:
”هاڻي
دارالخلافت جي خزاني جي مال واسطي دائمي طريقا
سوچڻ گهرجن.“
انهن ويچارن ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته، اوچتو هڪ
برهمڻ آيو ۽ چيائين ته: جڏهن ڪافرن جو دؤر پورو
ٿيو، بتخانو ڊهي ويو، دنيا اسلام جي نـُـور سان
روشن ٿي، ۽ بتخانن جي جڳهه تي مسجدون ۽ منبرن ٺهي
رهيا آهن،
]تڏهن
آءٌ توهان کي هڪ سچي ڳالهه ٿو ٻڌايان[
ته ملتان جي پيرمردن کان هن طرح ٻڌو ويو آهي ته:
آڳاٽي سمي ۾ هن شهر جو هڪ راجا جوبن
نالي،ڪشمير جي راجا جي اولاد مان هو. هو هڪ برهمڻ
۽ راهب ماڻهو هو ۽ پنهنجي طريقي ۾ پڪو هو. هميشه
بتن جي عبادت ۾ مشغول رهندو هو. سندس خزانو جڏهن
ڳڻپ کان وڌي ويو، تڏهن ملتان جي اڀرندي پاسي کان
سؤ گز همچورس هڪ حوض ٺهرائي، انهيءَ جي وچّ ۾
پنجاهه همچورس گز هڪ بتخانو ٺهرايائين،
]۽
انهي بتخاني اندر[ هڪ دڪان ٺهرايائين، ۽ انهيءَ دڪان ۾ ٽامي جا چاليهه مٽ
ترتيب سان رکايائين.
هر هڪ مٽ ۾ مغربي سون جي ڪاتر جا ٽي سؤ ٽيهه مڻ
پوريل خزاني طور رکايائين. انهيءَ جي مٿان بتخانو آهي، جنهن ۾ ڳاڙهي سون جو بت ويهاريل آهي، ۽ انهيءَ
حوض جي چوڌاري وڻ رکايل آهن.“
مـَـنـَـرَوِي
]بتخانو[
ڳالهين جي مصنفن ۽ ڪهاڻين جي راوين، علي بن محمد]
مدائني[ کان هن طرح روايت ڪئي آهي، جنهن چيو ته ابو محمد هنديءَ کان
ٻڌو اٿم ته: محمد بن قاسم وزيرن، تائين (گورنرن)
۽ خاص ماڻهن سان اٿي انهيءَ بتخاني ۾ آيو. سون جو
ٺهيل بت ڏٺائين، جنهن جون اکيون ڳاڙهي ياقوت مان
ٺاهي سندس منهن ۾ رکيل هيون.[239]
محمد بن قاسم جو ڀـُـلجڻ
محمد بن قاسم سمجهيو ته هيءُ ڪو ماڻهو آهي. سو کيس
ڌڪ هڻڻ لاءِ ترار ڪڍيائين. اتي بـُـتبـَـان
برهمڻ چيو ته:
”اي
عادل امير! هيءُ اهو بت آهي جو ملتان جي راجا جوبن
ٺاهيو هو، جو مال دفن ڪري گذاري ويو.“
پوءِ محمد بن قاسم انهيءَ بت کڻڻ جو حڪم ڏنو. ان
جي هيٺان ٻه سو ٽيهه مڻ سون ۽ چاليهه مٽ سون جي
ڪاتر سان ڀريل نڪتا. جملي تيرهن هزار ٻه سؤ مڻ تور
سون دفن ٿيل نڪتو. اهو سون ۽ بت خزاني ۾ آندائون،]
تنهن کان سواءِ[
جواهر ۽ موتي، جيڪي ملتان جي شهر جي لٽ مان هٿ
آيا، سي ۽ ٻيا خزانا ۽ دفينا به هٿ ڪيائون.
بتخانو کولڻ ۽ خزانو کڻڻ
ابوالحسن مدائـِـني، خـُـرَيم بن عـَـمرَو کان
روايت ڪئي آهي ته: جنهن ڏينهن بتخانو کولي خزانو
کنيائون، انهيءَ ڏينهن حجاج جو خط پهتو ته:
”اي
سؤٽ! تنهنجي لشڪر جي چڙهائي وقت مان ضامن هئس ته
لشڪر وڃڻ جي تياريءَ ۾ ان جي سامان ۽ بندوبست تي
دارالخلافت جي خزاني مان جيڪي به خرچ ٿيندو
]تنهن جي جوابداري خليفي[
وليد بن عبدالملڪ بن مروان جي پاران مون کي قبول
آهي. بلڪ انهيءَ کان ٻيڻو ٽيڻو واپس پهچائڻ منهنجي
ذمي آهي. هينئر دارالخلافت جي خزاني مان حقيقت حال
جي جاچ ڪئي ويئي ته معلوم ٿيو ته محمد بن قاسم جي
تياريءَ ۾ سٺ هزار درهم تور خالص چاندي خرچ ٿي
آهي، ۽
]ايستائين
تنهنجي طرفان[ جيڪا روڪڙ، جنس ۽ ڪپڙا واپس ادا ڪيا ويا آهن، تن جو
تاريخوار مجمل ۽ مفصل حساب ڪيو ويو ته
]باقي
تنهنجي ذمي[
هڪ سؤ ويهه هزار(1)
درهم تور چاندي ٿي سگهي ٿي، جا توکي موڪلڻي آهي.
جتي به ڪا پراڻي جاءِ يا ڪو نالي وارو ڳوٺ يا شهر
هجي، اتي مسجدون ۽ منبر ٺاهيا وڃن، ۽ خطبو ۽ سڪو
دارالخلافت جي نالي جاري ڪيو وڃي.
]240[
تون سولي ستاري ۽ موافق گهڙيءَ ۾ هيءُ لشڪر وٺي
نڪتو آهين، انهيءَ ڪري ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي. ته
ڪافرن جي ولايت مان جنهن طرف به رخ رکندين، سو
تنهنجي هٿ هيٺ ايندو.“
محمد بن قاسم جو ملتان شهر جي رعيت کي پابند ڪرڻ
پوءِ ملتان جي مکيه ۽ چونڊ ماڻهن کي پڪيءَ طرح
پابند ڪري جامع مسجد ۽ منارو ٺهرايائين. امير
دائود بن نـَـصر بن وليد عـَـمـَـانـِـي کي ملتان
جو حاڪم مقرر ڪيائين. خـَـرَيم بن عبدالملڪ تميمي
کي برهمپور
جي قلعي تي، جو جهيلم
نديءَ جي ڪناري تي آهي، جنهن کي سوپور
سڏيندا آهن، مقرر ڪيائين. عـِـڪرمـَــہ
بن رَيحان شاميءَ کي ملتان جي پسگردائيءَ جو حاڪم
بنايائين. احمد بن خـُـزَيمـة بن عتبه مدنيءَ کي اشهار ۽ ڪرور
جي قلعي جو والي مقرر ڪيائين. ٻيڙين رستي مال
روانا ڪيائين، جيئن ديبل کان ٻيڙين ۾ چاڙهي،
دارالخلافت جي خزاني ۾ پهچايا وڃن. پاڻ ملتان ۾
رهيو، جتي اٽڪل پنجاهه هزار چونڊ سوار هٿيارن
پنوهارن ۽ جنگي سامانن سان تيار ٿيا.
ابو حڪيم
ڏهن هزارن سوارن جي لشڪر سان قنوج موڪلڻ
پوءِ ابو حڪيم
شيبانيءَ کي ڏهن هزارن سوارن سان قنوج
]جي
راجا[
تي چاڙهي موڪليائين، ته جيئن دارالخلافت جو خط،
اسلام جي دعوت ۽ بيت المال جي خزاني جي ڍل ادا ڪرڻ
متعلق کيس ڏيکاري، ۽ کانئس بيعت وٺي. پاڻ (محمد بن
قاسم) لشڪر وٺي ڪشمير جي سرحد تي انهيءَ هنڌ پهتو،
جنهن کي پنج ماهيات
چوندا آهن ۽ هن جاءِ تي ڏاهر جي پيءُ چچ
]پـٽ[
سيلائج، صنوبر ۽ سپيدار يعني بيد جا وڻ پوکي
]سرحد
جو[
نشان ڪيو هو، ۽ اها حد نئين سر مقرر ڪيائين.
]241[
لشڪر جو اوڌاپر
پهچڻ،
۽ اَبو حڪـَـيم جو زَيد کي راجا]هر
چندر ڏانهن[
موڪلڻ
قنوج جو راجا انهن ڏينهن ۾ جهنل (يا جهشل) راءَ
جو پٽ هو. جڏهن لشڪر اوڌاپر پهتو، تڏهن اَبوحڪـَـيم شـَـيبـَـاني جي حڪم ڪرڻ تي
زَيد بن عـَـمرَوالڪلابيءَ کي حاضر ڪيائون. پوءِ
چيائينس ته:
”اي
زيد! توکي پيغام کڻي راءَ هرچندر
]پـٽ[
جهتل
ڏانهن وڃڻ ۽ اسلام جي تابعداريءَ جو حڪم پهچائي
چوڻ گهرجي ته:
”سمنڊ
کان وٺي ڪشمير تائين جيڪي بادشاهه ۽ راجا آهن سي
سڀ اسلام جي اقتدار هيٺ اچي چڪا آهن، ۽ امير
عمادالدين (محمد بن قاسم)، جو عربن جو سپهه سالار
۽ ڪافرن کي مغلوب ڪندڙ آهي، جي تابعداري ڪري چڪا
آهن. ڪي اسلام جي لڙائيءَ ۾ پوئجي چڪا آهن ته ڪن
وري پاڻ تي ڍل مقرر ڪئي آهي، جا دارالخلافت جي
خزاني ۾ پهچائيندا رهندا.“
|