سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب: --

صفحو :16

محمد علافي عرب جو رمل جي بادشاهه جي جنگ تي وڃڻ

بـَـني سامه مان هڪ علافي عرب مرد ]سنڌ ۾ رهندو هو[ جنهن عبدالرحمان بن اَشعـَـث کي جنگ مان ڀڄي وڃڻ سبب قتل ڪيو هو، ۽ ڊڄي اچي ڏاهر سان مليو هو ۽ پنج سؤ عربن سان سندس بيعت ڪئي هئائين. ٻڌيمن وزير چيو ته: جنگ جو طريقو جهڙو عرب ڄاڻن ٿا، اهڙو ڪو ڪونه ڄاڻي. تنهنڪري علافي کي گهرايو ۽ صلاح طور کانئس پڇا ڪريو ته ]هن معاملي ۾[ هو رهبري ڪري. ڏاهر هاٿيءَ تي چڙهي هن وٽ ويو ۽ وڃي چـيائينس: اي عرب جا سردار! توسان رعايتون ٿو ڪريان ۽ توکي پيارو ٿو ڀانئيان، انهيءَ لاءِ ته ههڙي وقت ۾ تون اسان جي مدد ڪرين. هن وقت هڪ زبردست دشمن ظاهر ٿيو آهي. تنهنجو صحيح عقل ڪهڙي تقاضا ٿو ڪري؟ اسان کي ٻڌاءِ، ۽  تون جيڪي ڄاڻين ٿو يا ڪري سگهين ٿو سو چئو. علافيءَ چيو: راجا کي هن ڳالهه بابت تسلي ڪرڻ گهرجي، ۽ ڪوبه فڪر [70] پنهنجي دل ۾ نه آڻڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته منهنجي موزون تدبير انهن لاءِ ڪافي آهي. پنهنجي لشڪر جي قلب جا خاص چونڊيل سوار منهنجي حوالي ڪر. ]پهريائين[ ته مان هڪ دفعي سندن چوڌاري چڪر لڳائي، سندن دورانديشيءَ ۽ همت جو طريقو معلوم ڪري ٿو وٺان، ]هوڏانهن[ تون ٽن ميلن پنڌ تي کاهي هڻي تيار ٿي بيهه. ڏاهر کي اها مصلحت پسند آئي، ۽ پاڻ اتي ترسي پيو. علافي جاسوسيءَ طور سندن چوڌاري چڪر لڳائي، معلوم ڪيو ته رات جي وقت بالڪل بيپرواهه رهن ٿا، ڪنهن به قسم جو ڊپ ڪونه اٿن، ۽ نه وري ڪو چوڪي ۽ پهري جو انتظام اٿن. علافي پنج سؤ عرب ۽ هندستاني بهادر ساڻ وٺي، مٿن شبخون (راتاهو) هنيو ۽ چئني طرفن کان نعرا هڻي، رمل جي راڻي جي لشڪر ۾ ڪاهي پيا، جنهن ڪري انهن ۾ گوڙ ۽ پريشاني اچي پيئي ۽ هو هڪٻئي کي ڪهڻ لڳا. انهن مان ڪسي ويلن کان سواءِ به اسي هزار جنگي جوان ۽ پنجاهه هاٿي پڪڙيا ويا. ]تنهن کانسواءِ ايترا ته[ بي انداز هٿيار ۽ گهوڙا هٿ آيا، جي ڳاڻاٽي کان ٻاهر هئا. ڏينهن ٿيو ته ]ڏاهر[ قيدين کي گهرائي، کين ڪهڻ جو ارادو ڪيو، ]پر[ وزير چيو ته الله تعاليٰ توکي فتح عطا ڪئي آهي، تنهن جو احسان مڃ ۽ شڪر بجا آڻ. ]هيءُ[ پڻ لازم آهي ته جڏهن بادشاهن ۽ بزرگن کي فتح حاصل ٿئي، ۽ دشمن جي طرف جا مکيه ماڻهو ۽ اڳواڻ سندن هٿان گرفتار ٿين، تڏهن کين معافي ڏين، سو تنهنجي لاءِ به چڱي صلاح اها آهي ته قيدين جي جان بخشي فرمائي، کين آزاد ڪر. انهيءَ صلاح تي لڳي راجا ڏاهر قيدين کي آزاد ڪيو، ۽ سندس صلاح مبارڪ سمجهي فرمايائين: اي سهڻي صلاح ڏيندڙ وزير ۽ مبارڪ مـُـشير! جيڪي گهرڻو هجيئي سو مون کان گهر. وزير عرض ڪيو: مون کي اولاد [71] ڪونه آهي، جنهن کان منهنجو نالو دنيا ۾ زنده رهي. تون حڪم ڪر ته تنهنجي شاهي ضربخاني ۾ جيڪي چانديءَ  جا سـِـڪا تيار ٿين ٿا، ۽ شاهه جي نالي جو شرف حاصل ڪن ٿا، انهن جي ٻئي طرف تي بندي جو نالو اُڪيريو وڃي، جيئن راجا جي چانديءَ جي سڪن جي طفيل بندي جو نالو باقي رهي، ۽ هند سنڌ جي حڪومت ختم ٿيڻ تائين قائم هجي، ۽ ان جي ياد نه ميٽجي. راجا ڏاهر جي حڪم سان ]سـِـڪو،[ جيئن وزير عرض ڪيو هو تيئن، تيار ڪيائون.

اهڙيءَ طرح راجا ڏاهر جا پير کپي ويا، ۽ ]ايڏي ته[ وڏي طاقت ۽ شان شوڪت حاصل ڪيائين، جو خلافت جي تختگاهه جو مال ڦـُـري سرڪشي ۽ بيپرواهي ڏيکاريائين.

 

خلفاء ِّ راشدين کان وليد تائين تاريخ

هنن خبرن جي راوين ۽ هنن روايتن جي ڄاڻن، هن طرح بيان ڪيو آهي ته هند ۽ سنڌ جي شهرن تي اسلام جي لشڪر جي پهرين لڙائي رسول الله صلي الله عليه وسلم جي هجرت کان پندرهن ورهيه پوءِ اميرالمؤمنين حضرت عمر رضي الله عنه جي خلافت ۾ واقع ٿي. ]حضرت عمر[  پهريائين عثمان بن اَبـِـي العاص ثـَـقـَـفي کي بحرين موڪليو. هو لشڪر وٺي عمان روانو ٿيو، ۽ جنگي ٻيڙا درياءُ جي رستي مقرر فرمائي، مـُـغـِـيرهَ بن ابي العاص جي سرداريءَ هيٺ بحرين موڪليائين، انهيءَ لاءِ ته هو انهيءَ رستي کان ديبل روانا ٿين. انهيءَ وقت سنڌ جو راجا چچ بن سيلائج هو، ۽ سندس حڪومت کي 35 سال گذري چڪا هئا. ديبل جا رهاڪو واپاري ماڻهو هئا.  [72]راجا چچ جي طرفان سامه بن ديوائج نالي ]اتي[ حاڪم هو. لشڪر جڏهن ديبل پهتو ته هن قلعي کان ٻاهر نڪري، لڙائي شروع ڪئي. ثـَـقفـِـين مان هڪ ماڻهوءَ ڳالهه ٿي ڪئي ته جڏهن ٻيئي لشڪر هڪٻئي جي سامهون ٿيا، تڏهن مغيره بن ابي العاص ترار ڪڍي ۽ بـِـسـِـم اللهِ وفـِـي سـَـبيـِـل الله (الله جي نالي سان ۽ الله جي واٽ ۾) چوندو شهيد ٿيو. کانئس پڇيو ويو ته تو جنگ ٿي ڪئي، توکي اها خبر ڪيئن پئي؟ وراڻيائين ته هٿن سان جنگ ٿي ڪيم ۽ دل ۽ ڪنن سان هيءُ احوال ٿي ٻڌم.

(۽ پڻ) حضرت عمر بن الخطاب رضي الله تعاليٰ عنه جي خلافت ۾ حضرت ابو موسيٰ اَشعرَي رضي الله عنه عراق تي عامل مقرر ٿيو هو، جنهن ربيع بن زيـِـاَد حارثـِـي کي پنهنجن ماڻهن سان مڪران ۽ ڪرمان تي مقرر ڪيو. ايتري ۾ دارالخلافہ مان ابو موسيٰ اشعري ڏانهن لکيائون ته هند، ڪرمان ۽ عراق جي خبر ڏي. جڏهن ابوالعاص جي پٽ جو حال معلوم ٿيو، ۽ ]اهو به معلوم ٿيو[ ته هند ۽ سنڌ ۾ هڪ اهڙو راجا پيدا ٿيو آهي، جو سرڪشي ۽ بيپرواهي ڪري ٿو، ۽ دل ۾ بيفرمانيءَ جو ٻج پوکيو اٿس، ته ابو موسيٰ اشعري اهو احوال اميرالمؤمنين عمر رضي الله عنه ڏانهن لکي ]کيس[ واقف ڪيو. ]پاڻ[ کيس هند جي لڙائيءَ کان سخت منع ڪيائون.

(۽ پڻ) انهيءَ وقت ]حضرت[ عمر بن الخطاب رضي الله عنه جي شهادت جو واقعو ٿي پيو، ۽ خلافت اميرالمؤمنين عثمان بن عفان رضي الله عنه کي ملي، جنهن هند ۽ سنڌ جي لڙائيءَ تي لشڪر موڪلڻ گهريو. ]انهيءَ وقت[ لشڪر قـَـندابـِـيل ۽ مڪران ۾ هو، [73] ۽ لشڪر جو سردار عبدالله بن عامر ]بن ڪرَيز[ بن رَبيعه مقرر ٿيل هو. ]آخر حضرت عثمان پهريائين[ سنڌ جي شهرن جو ]ڪجهه[ احوال معلوم ڪرڻ گهريو، تنهنڪري ]حڪم ڪيائين[ ته: ڪو صالح، پاڪدامن ۽ عقلمند ماڻهو مقرر ڪر، ته هو سنڌ ۽ هند جو پورو احوال سچو ۽ تجربي هيٺ آيل معلوم ڪري، کولي کولي اچي ٻڌائي. انهيءَ تي عبدالله بن عامر، حـُـڪـَـيم بن جـَـبـَـلـَـه عـَـبدِيءَ کي موڪليو. (روايت)...... عبدالله بن عمر بن عبدالقيس کان روايت ڪن ٿا ته حـُـڪـَـيم ڳالهائيندڙ ماڻهو هو، ۽ نظم ۽ شعر جي فن ۾ ڪامل هو، جيئن ته هڪ جاهل ماڻهو عـَـلـِـي بن طـُـفـَـيل غـَـنـَـويِ جي مدح ۾ چيو اٿس:

شعر

وَ اَهلـَـڪـَـنـِـي لـَـڪـُـــــــم فـِـي ڪـُـل يـَـومِ

تـَـعـَـوجـُـڪـُـم عـَـــــلـَــــــــــــــي وَ اَستـَـقـِـيم

رِقـَــــــــاب ڪالمـَـوا جـِــــــــــن خـَـاظـِـيـَـات

وَ اَستـَـاه عـَـلـَـي الاَ ڪــــــــوَارِ ڪـُـــــــــومُ

]ڪيو برباد مون کـــــــــي سڀــــڪـــــــنهين ڏينهن،

توهان جي ڏنــــــگ جــــڏ آهيان ســــــــڌو مـــــــان.

توهان جا ڪنڌ ٿلها هــــــــن (آهن) مطرقن جئن،

۽ پولهيون پاکـــــــــڙن تــــــي ڍيــــر وانـــــــــــگيان. [

(۽) ]حضرت[ علي بن ابي طالب رضي الله عنه جي بصره ۾ اچڻ وقت سندس تعريف ۾ چيائين:

شعر

لـَـيـــــــــس الرزِيةَ بـِـالـِـدينــــــاَرِ نـَـفـــــــفـِـدُه

اِن الرزِيـَـةَ فـَـقدُ العـِـلمِ وَالحـِـڪـَـــم[74]

وَ اِن اَشـــــــــــــرَفَ مـَـــــــــن اَودَي الزَمـَـان بـِہ

اَهلُ الـَـعـَـفـَـافِ وَاَهـــــــل الجـُـــــــودِ وَالکـَـرَمِ

]مصيبت نــــاهه وڃــــــــــائـــــڻ ڏوڪــــــڙن جو،

مصيبت ٿي، ويــــــــو جــــــــي علم و حڪمت،

مــــــــرڻ وارن سڀني ۾ ســــــــوئـــــــي افــــــضل،

هجي جو صاحبِ احـــــــــســـــان و عــــــفـــــت.[

(۽) هن روايت جي ڪن راوين ۽ هن داستان جي ڪن لکندڙن بيان ڪيو آهي ته اميرالمؤمنين عثمان بن عفان رضي الله عنه، عبدالله بن عامر کي لکيو آهي ته حـُـڪـَـيم بن جـَـبـَـله کي سنڌ ۽ هند ڏانهن موڪلي، ملڪ جون حالتون معلوم ڪري. تنهن ڪري عبدالله کيس مقرر ڪيو. جڏهن حالتون سمجهڻ کان پوءِ عبدالله بن عامر وٽ واپس آيو، ۽ اچي انهيءَ ملڪ جي رهاڪن جي حملي، لڙائي ۽ سزائن جون حالتون کيس تفصيل سان ٻڌايائين ته عبدالله هن کي اميرالمؤمنين عثمان بن عفان رضي الله عنه ڏانهن موڪليو، ۽ جڏهن هو خدمت ۾ حاضر ٿيو ته امير کانئس پڇيو ته: اي حڪيم!  هندستان ڏسي آئين؟ حالتون معلوم ڪري آئين؟ جواب ڏنائين: نـَـعـَـم يـَـا اَمـِـير المـُـؤمـِـنـِـينَ (هائو اي اميرالمؤمنين). چيائين: بيان ڪر. چيائين: مـَـاءُ هـَـاوَ شـَـل وَنـَـمـَـرُ هـَـادَقـَـل وَ اَرضـُـهـَـاجـَـبـَـل وَ اَهلـُـهـَـابـَـطـَـل اِن قـَـل الجـَـيشُ بـِـهـَـاضـَـاعـُـوا وَ اِن ڪـَـثـُـرُ واجـَـاعـُـوا، يعني اُتي جو پاڻي ميرو آهي، ميوو نـِـڙِ گهٽ وٺندڙ ۽ کـَـٽو آهي، زمين پٿريلي آهي، ۽[75]  ٽي ڪلراٺي آهي، ۽ رهاڪو بهادر آهن، جيڪڏهن ٿورو لشڪر ويندو ته جلدي تباهه ٿيندو، ۽ جيڪڏهن گهڻو ويندو ته بک مري پاهه ٿيندو. پوءِ اميرالمؤمنين عثمان بن عفان رضي الله عنه پڇيو ته: ”انجام ۽ اقرار ۾ ڪيئن آهن؟ وفادار آهن يا بيوفا؟ حڪيم چيو ته: خيانت ڪندڙ ۽ غدار آهن. انهيءَ تي عبدالله کي سنڌ ڏانهن لشڪر موڪلڻ کان منع ڪري، ڪوبه ماڻهو نه موڪليائون.

 

اميرالمؤمنين علي بن ابي طالب رضي الله عنه

جي خلافت

اميرالمؤمنين علي بن ابي طالب رضي الله عنه کي خلافت سنه 38هه جي آخر ۾ ملي. وقت جي بيان ڪندڙن ۽ بيان جي سلجهائيندڙن جو چوڻ آهي ته: جڏهن خلافت اميرالمؤمنين علي رضي الله عنه کي پهتي، تڏهن شهر وارن جو پاڻ ۾ جهيڙو ۽ مخالفت ٿي پيئي. عامر ابن الحارِث بن عبدالقيس روايت ڪئي آهي ته: جڏهن آسپاس جا ماڻهو مخالف ٿي پيا، تڏهن ]حضرت عليءَ[ ثاغر بن ذعر(1) کي لشڪر جو سردار بنائي، هندستان جي سرحد تي مقرر ڪري، لشڪر جي مکيه وڏن اڳواڻن جي هڪ جماعت سندس ڪمان هيٺ رکي، ۽ هو سنه 38هه جي آخر ۾ بهرَج ۽ ڪوهه پايه جي رستي کان روانا ٿيا. جتي به پهتا ٿي [76] ته اتي فتحمند ۽ ڪامياب رهيا ٿي، ۽ غنيمتون ۽ غلام گهڻائي هٿ آين ٿي. نيٺ ڪيڪانانِ جبل وٽ پهتا ۽ اهي ماڻهو جنگ لاءِ سنبري بيٺا.

 

هنن جي جنگ جي خبر

هـُـذلـِـي ڳالهه ڪئي آهي ته: انهيءَ لشڪر ۾ حارث بن مـَـرهِ نالي هڪ بهادر مرد هو، جنهن جي ٽولي ۾ هڪ هزار هٿياربند  بهادر هئا، ۽ ٽي دلير ۽ هٿياربند غلام هوندا هئس. هڪ کي پنهنجو هٿيار بردار مقرر ڪيائين، باقي ٻن کي لشڪر جو محافظ بنائي، هرهڪ کي پنج سؤ ماڻهن جو سردار ڪيائين. هو مڪران ۾ پهتو ته اها خبر وڃي ڪيڪانان ۾ پهتي، جنهن تي ڪوهه پايه ۽ ڪيڪانان جا ماڻهو جمع ٿيا. ]هو[ سنه 42هه ۾ ڪيڪانان ۾ پهتا، ۽ اتي جي ماڻهن لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي لڙائي شروع ڪئي، ۽ اٽڪل ويهه هزار مرد پيادا اچي گڏ ٿيا، جن سان اسلامي لشڪر جي لڙائي ٿي. هنن ٻيو ڪو چارو نه ڏسي وڃي گهٽ جهليو. لشڪر جڏهن جهاد کان موٽي اچي ڪيڪانان لڪ وٽ لٿو، تڏهن هن رستو روڪڻ چاهيو. ]اهو حال ڏسي[ عرب جي لشڪر تڪبير جو نعره هنيو، جنهن تي کاٻي ۽ ساڄي کان جبلن مان پڻ تڪبير جو نعرو لڳو: الله اڪبر. هيءُ ٻڌي ڪيڪانان جي ڪافرن جي دلين ۾ هراس پيدا ٿيو، جنهن ڪري ڪن پيش پئي اسلام قبول ڪيو، ۽ ٻيا ڀڄي ويا. انهيءَ وقت کان اڄ تائين جنگ جي موسم جي ڏينهن ۾ انهيءَ جبل مان تڪبير جو آواز نڪرندو آهي. ]اڃا[ انهيءَ فتح ۾ هئا ته [77] اميرالمؤمنين علي بن ابي طالب رضي الله عنه جي شهادت جي خبر پهتي، ]جنهن  ڪري[ اتان موٽي آيا. مڪران پهچڻ تي معلوم ٿين ته معاويه بن اَبي سفيان خليفو ٿيو آهي.

 

معاويه بن اَبي سفيان جي خلافت

معاويه بن اَبي سفيان جي خلافت. ]هجري[ چاليهين سال(1) وارن مهينن ۾ قائم ٿي. تاريخ جي مصنفن، مهلب کان هن طرح روايت ڪئي آهي، ۽ هن هذلي کان ٻڌو ۽ هذلي قاسم کان نقل ڪيو، جنهن چيو ته: مون نصر بن سفيان کان ٻڌو آهي ته جڏهن معاويه خلافت تي مستقيم ٿيو، تڏهن عبدالله بن سوار ]العبدِي[ کي چار هزار سوار ڏيئي، سنڌ ولايت تي مقرر ڪري، انهيءَ ملڪ جي حڪومت سندس حوالي ڪيائين. وڌيڪ چيائينس ته: سنڌ ۾ هڪ جبل آهي، جنهن کي ڪيڪانان چون ٿا، اتي جا گهوڙا قداور ۽ موزون شڪل شباهت وارا آهن، توکان اڳ ۾ اتي جون غنيمتون پهتل آهن. ]ائين به چيائينس ته[ ماڻهو غدار آهن، جيڪي انهيءَ جبل جي پناهه سبب سرڪشي ۽ شوخي ڪندا رهندا آهن. عمر بن عبدالله بن عمر کي ارمابيل جي فتح واسطي موڪليائين، ۽ عبدالله بن عامر کي بصره تي مقرر ڪيائين. جيئن قيس بن هيثم السلمي(2) وٽ وڃي ساڻس عـَـمان، اَردبيل ۽ جرم جي لڙائي ۾ شامل ٿئي(3) ۽ اڪيلو هزار چونڊ ماڻهو وٺي وڃي.

(روايت:) ابوالحسن، هذلي کان روايت ڪئي آهي، ۽ هن مسلمه(1) بن محارب بن زياد کان ٻڌو ته: امير معاويه، عبدالله بن سوار کي چار هزار سوار ساڻ ڏيئي موڪليو، ۽ سندس لشڪر ۾ ڪوبه ماڻهو باهه نه ٻاريندو هو، ڇاڪاڻ ته ٺهيل ٺڪيل سمر ساڻ [78] هئن. آخر هڪ رات اوچتو لشڪر ۾ باهه جو شعاع ظاهر ٿيو، جاچ تي معلوم ٿيو ته هڪ حامله عورت هئي، جنهن ٻار ڄڻيو هو. کيس باهه جي ضرورت هئي. ]اها ڳالهه ٻڌي[ عبدالله کيس اجازت ڏني. انهيءَ زال ڏاڍيون خوشيون ڪيون ۽ ٽي ڏينهن لشڪر کي کاڌو کارايائين. پوءِ جڏهن ڪيڪانان جي ملڪ ۾ پهتا، تڏهن دشمن غلبو ڪيو، پر اسلامي لشڪر انهن کي شڪست ڏيئي، گهڻيون غنيمتون هٿ ڪيون. ڪيڪانين گڏ ٿي وڃي جبل جا گهٽ جهليا، ۽ ڇتي جنگ چالو ٿي. اتي عبدالله بن سوار هٿيار بردارن ۽ خاص ماڻهن جي هڪ ٽولي سان بيهي رهيو، ۽ هڪل ڪيائين ته: اي مهاجرن ۽ انصارن جا فرزندو! ڪافرن کان منهن نه موڙيو متان توهان جي ايمان ۾ خلل اچي، شهادت جو درجو حاصل ڪريو. ]هي ٻڌي[ اسلام جو لشڪر عبدالله جي جهنڊي جي چوڌاري اچي گڏ ٿيو. بني عبدالقيس مان هڪ مرد ٻاهر نڪري مقابلي لاءِ للڪاريو، جنهن تي دشمن جو سردار اچي ساڻس سامهون ٿيو. ياسر بن سوار پڻ بني عبدالقيس ]واري ماڻهو[ سان گڏ روانو ٿيو، ۽ حملو ڪري سردار کي ڊاهي وڌائون. ]اتي[ ڪيڪانين جو سمورو لشڪر نڪري آيو. آخر اسلامي لشڪر شڪست کاڌي. سارو جبل مئل لشڪر سان ڀريل ڏسڻ ۾ آيو. پوءِ مسلمان مڪران موٽي آيا.

(روايت) ابوالحسن روايت ڪئي ته مون حاتم بن قتيبه الباهلي(1) کان ٻڌو، جنهن چيو ته: آئون انهيءَ ڏينهن لشڪر ۾ هئس، ڏٺم ته اِبن سوار هڪ جوان سان مقابلو ڪيو، ۽ سندس ساٿين حملو ڪري، ڪيترا دشمن قتل ڪيا ۽ ڪافي لڙائي کان پوءِ شهيد ٿيو. مون ڪٺلن جا ٽپڙ ٿي لاٿا، [79] سوُ منڊيون مهرن سوڌيون مليم. پوءِ عبدالله بن عبدالرحمان العبدي چيو ته مون سندس جنگ جا شعر ٻڌا آهن، جي اميرمعاويه جي اڳيان ٿي چيائون:

شعر

مـَـن کـَـابـِـن سـَـوارِ اِن جـَـاشـَـت مـَـرَاجــِـــلـہ

فـِـي الحـَـربِ لاَ اُوقدَت نـَـار لـَـهـَـا بــَـعــدَه

کـَـــانــــت مـَـرَاجـِـلـہ لـِـــلــــــرزقِ ضـَـــامـِـنة

فانهـُـن بـَـــــــنـَــــــاتُ الــــــــحـَـربِ وَالجودَه

]ابن سوار جو مٽ ڪونهي، اچي کيس جي جـوش

جنگ  ۾، شل ٻري ان کان پوءِ ڪا جنگ جي بـاه،

ديڳيون ان جون هيون رزق جـــــون ضامن، بيشڪ

ڄڻ هيون جنگ ۽ احسان جـــون نياڻيون واه واه! [

۽ اَعورشي چيو ته

شعر

اَبلـِـــغ رَبـِـــيــعــَةَ اَعلاَهـَــــا وَ اَســــفـَــــــلـَـهاَ

اِنا وَجـَـــدنـَــــــا اِبـــــــنَ سـَــــــــوارِ ڪـَـسـَــــوارِ

لاَيـُـسمـِـنُ الخـَــــيلَ اِلا رَيـــــث يـُـمـــــهـِـلـُـهـَـا

وَمـَـــــا سـِـــوَاهُ فـَـتـُـــردَيٰ طـــــــــــــــولَ اَعمـَـارَ.

]چئج وڃي تون ربيعه جي اعليٰ ۽ اسفل کي

ته آهه بلاشڪ ســـــــوار جهڙو ابــــــن ســــــوار.

نٿو مچائي هو گهوڙا مگر ڪو وقـــت قليل،

پيو ڊڪائي انهن کي وگرنه ســاري ڄمار


 

(1)  اصل عبارت: تاعر بن دعر، اصلاح، عربي اعلام کي مدنظر رکي ڪئي وئي آهي. (ن-ب)

(1)  اصل متن ۾ ارفع واربعين (چوئيتاليهه) جو شايد اربعين (چاليهه) جي بدران ڀـُـل آهي. امير معاويه سنه 40هه ۾ حضرت علي رضه جي شهادت بعد ايليا جي شهر ۾ خلافت جي بيعت ورتي. ڏسو تاريخ طبري سنه 40هه هيٺ. (ن- ب)

(2)  اصل ۾قيس بن هاشم السلمي: هيثم صحيح آهي ۽ نه هاشم- ڏسو يعقوبي ج 2، ص 193، ديوانَ فرزدق طبع پئرس ص 119، طبع مصر ص ص 761 ۽ 776، تاريخ ابن خلدون. بقيـة جزءُ ثاني ص ص 33-34، نقائض جرير و فرزدق ص ص 723، 726 ۽ 738، بخاري: ڪبير ج 4، ص 145. (ن-ب)

(3)  اصل فارسي ڇاپي جي عبارت: وبا او بغزو عمان و اردبيل و جرم وکند: ظاهراَ هن عبارت ۾ خلل آهي. پ ن پ س ۾ “جرم کند”: آهي يعني هنن ٻن لفظن جي وچ وارو عطف ڪونهي ۽ غالباً اتي ڪو ٻيو لفظ ڇڏيل آهي ۽ اسان جي خيال ۾ شرکت ئي اهو موزون لفظ آهي. انهيءَ لحاظ سان غالباَ صحيح عبارت هن طرح ٿيندي: با او بغزو و عمان و اردبيل و جرم شرکت کند. ترجمو به انهيءَ لحاظ سان ڪيو ويو آهي. (ن-ب)

(1)  اصل عبارت ۾ مسلم آهي، جو صحيح نه آهي، مسلمه بن محارب مشهور راوي آهي- ڏسو بلاذري: انساب الاشراف ج 4 ص ص 73 ۽ 81، نقائض جرير و فرزدق ص ص 726، 730 ۽ 734، جاحظ: البيان ج 2، ص 2، 9، ۽ بخاري: تاريخ ڪبير ج 4، ص ص 379 ۽ 387. (ن- ب)

(1)   اصل لفظ البهلي جو حقيقت ۾ الباهلي جي بگڙيل صورت آهي. (ن- ب)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org