عرب جي لشڪر جي تياري ۽ حجاج جوخط پهچڻ
پوءِ
]محمد
بن قاسم[ جڏهن ارمابيل کان اڳتي روانو ٿيو، تڏهن
]محمد
بن[ مـُـصعب
بن عبدالرحمان کي لشڪر جي مقدمه (مهڙ) تي مقرر
ڪيائين، جـَـهم بن زَحر الـُـجعفي کي ساقه(پڇاڙي)
تي ڪيائين ، عـَـطـِـيـَـه بن سـَـعد العـَوفـِـي
کي مـَـيمنـَـهَ (سڄي) تي مقرر ڪيائين. موسيٰ بن
سـِـنان
[101]
بن سـَـلـَـمـَـه الـُـهذَ لي کي مـَـيسـَـرَه
(کٻي) تي ڇڏيائين، باقي هوشيار، ترار جا ڌڻي ۽ خاص
ماڻهو قلب (وچ) ۾ پنهنجي اڳيان ڪري اڳتي وڌو، ۽
نيٺ جمعي جي ڏينهن سن 93 هه جي محرم مهيني ۾
]اچي
ديبل پهتو،[
۽ ٻيڙا ۽ هٿيار پڻ انهيءَ ڏينهن حريم بن عـَـمرو ۽
ابن مـُـغـِـيرهَ جي
]نگراني هيٺ[
کيس پهتا. هنن حجاج جا خط کيس ڏيئي، جنگ لاءِ
کاهيءَ کوٽڻ جي صلاح ڏني. انهن خطن ۾ لکيل هو ته:
تنهنجي خدمت ۾ مکيه ماڻهو مقرر ڪيل آهن: هڪ
عبدالرحمان بن سـُـلـَـيم
اَلڪـَـلبـِـي، جنهن جي بهادري
۽
مردانگي ڪيئي دفعا آزمائي ويئي آهي، ڪوبه دشمن جنگ
۾ سندس مقابلو ڪري نٿو سگهي، ٻيو سـُـفيان بن
الاَبرَد، جو دانائيءَ ۾ يگانو ۽ عقل ۾ امين ۽
پاڪدامن آهي، قيس بن برڪ الڪلابي، جنهن اسان کي
مشڪلات ۾ مدد ڪئي آهي ۽ عزت جو لائق ۽ سچار آهي، ۽
جا مصلحت سندس حوالي ڪئي ويندي ان ۾ فرمانبرداريءَ
جا شرط بجا آڻيندو ، ملامت کان پاڪ آهي، ۽ حجاج جو
هميشه مددگار رهيو آهي ۽ جـَـر*اح بن عبدالله،جو
تجربيڪار مرد آهي يعني جنگ آزمايل اٿس ۽ فضيلت
وارن تي ترجيح رکي ٿو مجاشع بن نـُـوبہ
اَزدِي، اِهي سڀ منهنجا اعتماد جوڳا صلاحڪار آهن،
۽ ڪنهن به هڪڙي کي ٻئي کان وڌيڪ امين ۽ پاڪدامن
نٿو سمجهان. مون کي اميد آهي ته هو تو سان مخالفت
۽ دشمن سان ساز باز نه ڪندا، ۽ هن سڄي جماعت مان
جن جو ذڪر خط جي شروع ۾ ٿيو آهي،مون کي ڪوبه ماڻهو
خـُـريم بن عـَـمرو کان وڌيڪ پيارو نه آهي، ڇاڪاڻ
ته هو مردانو ۽ شيردل آهي. جنگ جي وقت بهادر[102]
]رهي ٿو[ ۽ ڳڻتيءَ ۾ نٿو پوي. هو چونڊ ماڻهن مان آهي ۽ عزت جي لائق: ۽
پيءُ ڏاڏي کان وٺي مخلص ۽ سچو آهي، ۽ جڏهن
خـُـرَيم توسان همراهه آهي ته پوءِ مون کي ڪوبه ڊپ
نه آهي، ڇاڪاڻ ته هو سهڻين عادتن ۽ وڻندڙ اخلاقن
سان سينگاريل آهي، ۽ ڪنهن به مخلوق کي تنهنجو
مخالف ٿيڻ نه ڏيندو، هن کي پاڻ کان پري نه ڪج.
۽ هن خط پڙهڻ کان پوءِ جيستائين جيڪي وهي واپري
رهيو آهي، سو
]اسان ڏانهن[
پورو کولي نه لکين، تيستائين کاڌو پيتو نه کائج.
حجاج جو امير محمد بن قاسم سان ڏاڍو پيار هو، سندس
انتها محبت ۾ ڪئين دفعا خيراتون ڏيندو هو ۽ دعائون
گهرندو هو. بـَـڪر بن وائـِـل ۽ عـُـدَيل بن
فـَـرخ ()
محمد جي دوستن مان هئا، انهن سندس پرپٺ ڏاچيون
قربان ڪيون، ۽ انهن جي بها ۾ پنهنجن زالن ۽ نياڻين
جا ڳهه ڏنا ته جيئن شبهي کان خالي رهي، ۽ عديل هي
شعر چيو:
سـَـلـَـبَت
بَنـَـاتـِي
حـَـلـُـيـَــــهـُـن قـَـلـَـم اَدَع
سـِـوَ اراَ وَ لاَ طـَـوقاَ وقـُــــــــــــوطـَـا
مـُـذَهباَ
وَمـَــــــــــا
غَرنـِـي
الاذانُ حـَـتيٰ کـَـــــــاَنـمـاَ
تـُـعـَـطـَـلُ
بِالبِيضِ()
الاَ رانـِـب اَرنـَـــبـَـا
مـِـن اَلد ر وَ اليـَـا قـُـوتِ مـِـن کـُـل حـُـــرتِہ
تـَـريٰ سـِـمطـَـها فـَـوقَ الخِمـَـارِ
مـُـثـَـقـبَا
دَ عـَـونَ اَمـِـير اِلمؤمـِـنـِـيـنِ فـَـلـَـم يـُـجِب
دَعاءَ ، فـَـلـَـــــــم يـُـسمـِـعن اُ مـَـا وَ لا اَبـَــا.
]کسيا
مون پنهنجي نياڻين جا ڳهه، جو تان نه ڇڏيم،
ڪنگڻ، ڪٺمال، توڙي سون جا والا.
نه ڀـُـلايو مون کي ڪنن (جي ڳهن) به، تان جو ڄڻ،
نه آهن ڳورين کي پائڻا ڪي ڳهه ۽ ڳٺا.
۽
هر وَرنـَـهه جون (کنيم) دُر ۽ ياقوت سنديون،
لـَـڙهيون، جي مڙهيل تن مٿان جي مٿن ها روا.
ڪيو فرياد تن امير-مومنن کي مگر،
ٻڌائين ڪين: نه چوريائون پوءِ پيءُ ماءُ پنهنجا.
[
دورانديش حڪيمن ۽ بهتري چاهيندڙ بزرگن، ابوالحسن
کان روايت ڪئي، جنهن چيو ته: بـَـني تـَـميم جي
آزاد ڪيل غلام، ابومحمد کان ٻڌم ته: محمد بن قاسم
ديبل جي پسگردائيءَ ۾ اچي لٿو، ۽ کاهي کوٽي، جهنڊا
کولي، نوبت وڄايائون. جو لشڪر جنهن جاءِ تي مقرر
هو، سو اتي رهيو، ۽ مـَـنجَنـِـيقـُـون ٻاهر ڪڍي[103]
سڌيون ڪيائون. هڪ
مـَـنجَنــيق
خاص اميرالمؤمنين جي هئي، جنهن جو نالو
”عـَـرُوسـَـڪ“
هو. هن جي نرماد جي ميلاپ کي پنج سؤ ماڻهو ڇڪيندا
هئا، تڏهن هن مان پٿر نڪرندو هو.
ديبل جي وچ ۾ هڪ بلند ۽ وڏو بتخانو هو. انهيءَ جي
مٿان هڪ گنبذ هو، جنهن تي پـَـٽ جو سائو جهنڊو ٻڌل
هو. بتخاني جي اوچائي چاليهه وال هئي، گنبذ پڻ
چاليهه وال اوچو هو. انهيءَ جهنڊي جي ڊيگهه هن طرح
هئي، جو انهيءَ جهنڊي کي چار بيرقون ()
هيون ، ۽ کولڻ تي هرهڪ بيرق هڪڙي هڪڙي طرف پکڙجي
ويندي هئي، ۽ بيرق جي چوٽي بـُـرجن جي لڙڪڻ
وانگيان ٿي بيهندي هئي. اسلام جي لشڪر ڏسڻ شرط ،
قلعي وارا بتخاني جوجهنڊو کولي لڙائي لاءِ سامهون
ٿيا، ۽ اسان کي
]اندر
وڃڻ جي[ اجازت نه ٿي ().
اهڙيءَ طرح ست ڏينهن گذري ويا. هر روز خط ايندو
هو. ۽ ترسڻ جو حڪم ٿيندو هو. آخر اٺين ڏينهن اجازت
جو پروانو آيو. محمد بن قاسم لشڪر کي تيار ڪري
حملو ڪيو، جنهن ڪري قلعي وارن وڃي قلعي ۾ پناهه
ورتي. اوچتو هڪ برهمڻ قلعي جي اندران ٻاهر آيو،
۽
امانُ گهري چيائين: شال امير عادل سلامت رهي! اسان
جي نجوم جي ڪتابن ۾ هن طرح حڪم آهي ته: سنڌ ملڪ،
اسلام جي لشڪر جي هٿان فتح ٿيندو ۽ ڪافر شڪست
کائيندا، پر هيءُ بتخاني جو جهنڊو طلسم آهي، ۽
جيستائين بتخاني جو جهنڊو برقرار آهي، تيستائين
هيءُ قلعو هٿ آڻڻ امڪان کان ٻاهر آهي، تنهنڪري هن
بتخاني جي چوٽيءَ ڊاهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، جيئن
سندس جهنڊو ذرا ذرا ٿي وڃي، ۽ فتح حاصل ٿئي.[104]
جَعونہَ
جو منجنيق سان بتخاني جي
جهنڊي کي ڀڃڻ
پوءِ محمد بن قاسم، جـَـعوَنـہ الـُـسلمي منجنيقيءَ کي گهرائي چيو ته:
”بتخاني
جوهيءُ جهنڊو ۽ بيرق منجنيق جي پٿر سان ڀڃي
سگهندين؟ جيڪڏهن ڪيرائيندي
ن ته توکي ڏهه
هزار درهم انعام ڏيندس.“
جـَـعوَنـَـہ
چيو: ”هيءَ دارالخلافت جي خاص منجنيق
]آهي[
جنهن کي
”عروسڪ“
چون ٿا، جيڪڏهن هن
مان ٻه گز ڪپيا ويندا ته مان ٽن پٿرن سان جهنڊو ۽
بيرق ڪيرائي،
بتخاني جي چوٽي ڀڃي وجهندس.“ محمد بن قاسم چيو ته:
”جيڪڏهن پٿر سان بتخاني جي چوٽي ۽ جهنڊو ڀڃيندين ته
توکي ڏهه هزار درهم انعام ڏيندس: پر
جيڪڏهن منجنيق
برباد ڪرين ۽ بتخانو
به نه ٽوڙين ته پوءِ ڪهڙو شرط آهي؟“
جـَـعوَنـَـه چيو
”جيڪڏهن ]نشانو[ گسي ته پوءِ جـَـعونـَـه جو هٿ ڪپي ڇڏجو.“
محمد بن قاسم،
مـَـلـِـڪُ الا ُمـَـرا ِّ (اميرن جي بادشاهه)
حجاج بن يوسف ڏانهن خط
لکيو، جنهن ۾ جـَـعوَنـَـه جا شرط
داخل ڪيائين. نائين ڏينهن ڪرمان طرفان جــواب
پهتو، فــرمــان ۾ به ساڳيو شرط
لکيو ويـو هـو. ]وڌيڪ[
لکيائين ته: جڏهن
جنگ لاءِ اڳتي وڌو ته مناسب ائين آهي ته سج کي پٺي
ڏيو، جيئن دشمن
کي چڱي طرح ڏسي سگهو ۽ جنگ جوٽڻ
جي پهرين ڏينهن الله تعاليٰ کان امداد ۽ اعانت
گهرجو، سنڌ جو ڪوبه ماڻهو جيڪڏهن
امانُ گهري ته کيس امانُ ڏجو، مگر ديبل جي ماڻهن
کي ڪنهن صورت ۾ پناهه نه ڏجو.
پوءِ قلعي جي ڪاهنن مان هڪ ماڻهو نڪري آيو ۽
چيائين ته: اسان جڏهن به پنهنجي ڪتاب مان نتيجو
ڪڍندا هئاسون، تڏهن هميشه ظاهر ٿيندو هو ته هند جي
بادشاهه جي بادشاهيءَ
]جي
مدت[ پوري ٿي چڪي آهي، ۽ مسلمانن جو دور اچڻو آهي.
]تنهن ڪري[
قيدين کي اسلامي لشڪر جي اچڻ جي دلداري ڏني پئي
ويئي. هينئر پڻ
[105] امير منهنجي ٻارن ٻچن کي پناهه ڏيئي، اهڙو پروانو لکي ڏئي ته
آءٌ واپس وڃي کين تسلي ڏيان . محمد بن قاسم انهيءَ
کي امانُ ڏيئي واپس موڪليو ته جيئن پنهنجا پوئلڳ
آڻي قيدين جي پاڙي ۾ گڏ ڪري
]ويهاري.[ پوءِ انهيءَ برهمڻ قلعي ۾ وڃي قيدين کي آزاديءَ جي خوشخبري
ڏني،]
۽
ٻڌايائين[ ته محمد بن قاسم، حجاج جو عمزاده()]
آيو[
آهي، ۽ سندس
]هٿان[
قلعو فتح ٿيندو ۽ توهان کي آزادي ملندي.
عمادالدين محمد بن قاسم جو جـَـعونـَہ
منجنيقيءَ
کي پاڻ وٽ سڏڻ
ٻئي ڏينهن، جو ديبل ۾ رهڻ جو نائون ڏينهن هو، جيئن
سج مشرق کان اڀريو، تيئن محمد بن قاسم
جـَـعوَنـَـه کي گهرايو. هن جتان چيائين اتان
منجنيق کي ڪپيائون. پوءِ لشڪر تيار ڪري، قلعي کي
چؤطرف ڦري اچي تير وسايائون. پڻ پنج سؤ رَسا
ڇڪيندڙ ماڻهو آڻي بيهاريائون. جـَـعوَنـَـه پهريون
پٿر اڇلايو ۽ مسلمانن تڪبير هنئي. پهرين ئي ڌڪ سان
بيرق ڦاٽي پيئي ۽ لڪڙي جي چوٽي کان ڌار ٿي ويئي.
ٻيو پٿر سڌو بيهاري، تول ڪري بتخاني جي چوٽيءَ تي
هنيائين، ۽ چوٽي ڀڄي پيئي.]
بس پوءِ[، جڏهن چوٽيءَ جو گنبذ ڊهي پيو ۽ جادو جا طلسم پريشان ٿي ويا،
تڏهن ديبلي
حيران ٿيا.
]هوڏانهن[ خداوند عزوجل جي حڪم سان قلعو به اچي پٽ
پيو.
محمد بن قاسم لشڪر کي تيار ڪيو. پهريائين جـَـهم
بن زَحر الـُـجـُـعـِـفـَـي کي مشرق ڏانهن مقرر
ڪيائين، عـَـطا ِّ بن
مالڪ القـَـيسيءَ
کي اولهه ڏانهن بيهاريائين، نـُـباتہ
بن حـَـنـُـظـَـلـہ
ڪـَـلابيءَ کي اتر جي ديوار کان جنگ
[106]جو
حڪم ڏنائين. عـَـون بن ڪـُـلـَـيب
دِمشقيءَ کي ڏکڻ جي برج تي کڙو ڪيائين ۽ ذَڪوان بن
عـَـلوان البڪرِي
خـُـرَيم ۽ ابن مـُـعـنيره کي قلب (لشڪر جي وچ) ۾ رکي، بصري جا هڪ هزار جنگي مرد سندن
ڪمان هيٺ رکيائين. پوءِ جنگ جو نغارو وڄايائون.
پهريون پهريون ماڻهو جيڪو قلعي تي چڙهيو، سو (شهر)
ڪوفي جو صعدي بن خريمہ
]نالي[
هو. ۽ تنهن کان پوءِ بصره جو عـِـجل بن عبدالملڪ
بن قـَـيـُـس الدمي
]العبدي؟[.
جڏهن اسلام جو لشڪر قلعي مٿان چڙهي ويو، تڏهن
ديبلين در
وازو کولي امانُ
گهري، جنهن تي محمد بن قاسم
فرمايو ته: مون کي امانُ جو حڪم ناهي. پوءِ
هٿياربندن جو ڪوس ٽي ڏينهن
جاري رهيو.
جاهين بن برسايد راوت راتو رات قلعي جي ديوار تان
ٽپو ڏنو.
]هوڏانهن[
ڏاهر
]بن[
چچ گهوڙا ۽ اُٺ موڪليا.
جيئن هو ٻاهر نڪتو ته سوار ٿيل هو ۽ پئي ويو،
]تان
جو[ مهراڻ ندي تي انهيءَ جاءِ وٽ پهتو، جنهن کي
”ڪارمتي“
چون ٿا،
]جا[
اڀرندين مهراڻ جي طرف(يا مهراڻ جي اڀرندي طرف)
آهي.(2)
تڏهن اتان ڏاهر ڏانهن، خبر ڏيڻ واسطي، هاٿي روانو
ڪيائين. ڏاهر پڇيو ته: جاهين ٻـُـڌ ڪٿي پهتو آهي؟
انهيءَ ماڻهو جواب ڏنو:
”ڪارمتي“
يعني
”کاري
مٽي“
وٽ. ]اتي[
ڏاهر چيو ته: تنهنجي مٿي ۾ ڌوڙ پوي شال! بادشاهن
جي آڏو برو نالو وٺڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ
مان بري فال وٺندا آهن. ائين ڇو نٿو چوين ته:
”ندمتي“
يعني
”گـِـل
سيمين“
(چاندي واري مٽي) وٽ پهتو آهي.
پوءِ محمد بن قاسم بتخاني ۾ آيو، ڪن ماڻهن بتخاني
۾ پناهه ورتي هئي، ۽ در بند ڪري پاڻ کي ساڙڻ
چاهيائون ٿي. در تي جيڪي ٻه ماڻهو هئا، تن کي ٻاهر
ڪڍي[107]
قتل
ڪيائون. ست سؤ سهڻيون ٻانهيون، جيڪي بت جي خدمت ۾
رهنديون هيون، تن سڀني کي جڙادار زيورن ۽ زرين
لباسن سميت گرفتار ڪيائون، ۽ چئن هزارن ماڻهن
]قلعي[ ۾ اندر اچي انهن جا زيور لاٿا.
جنهن برهمڻ کي محمد بن قاسم امان ڏني هئي،
تنهن کي وٺي اچڻ
پوءِ محمد بن قاسم، جنهن ماڻهو کي امانُ ڏني هئي، تنهن کي وٺي
اچڻ جو حڪم ڪيو. جڏهن هو آيو، تڏهن سندس چوڻ تي
مسلمان زالون ۽ مرد جيڪي قيد ٿيل هئا،جيڪي سرانديپ
جي ٻيڙين مان گرفتار ٿيا هئا،
يا جيڪي بـُـدَيل جي لشڪر جا ماڻهو قيد ڪيا ويا
هئا،
تن سڀني کي ٻاهر آڻي آزاد ڪيائون. پوءِ جيڪو لشڪر
ديبل جي قلعي ۾ هو، تنهن کي اتي ئي قائم رکي، اها
جماعت
]پڻ[ ساڻن گڏ مقرر ڪيائين ته جنهن صورت ۾ گهڻو
وقت جيل ۾ بند هئا، تنهنڪري انهيءَ تڪليف جي بدلي
۾ ڪجهه وقت کين آرام ملي، ۽ زماني غدار جي هٿ کان
ڪجهه وقت آسودا رهن،
]پر[ کين گهرجي ته قلعي جي حفاظت ۾ نهايت ڪوشش
ڪندا رهن.
قبلہ
نالي جيلر کي وٺي اچڻ
ديبل جي قيدين جي مٿان مهترائج جو پٽ قبلـہ
نالي هڪ شخص مقرر هو. هو نهايت داناءُ، هوشيار ۽
هندستان جو اديب، ماهر لکندڙ ۽ چڱو علم وارو هو، ۽
بـُـدَيل جولشڪر خواه سرانديپ جا قيدي سندس نگراني
هيٺ هئا.
]محمد
بن قاسم انهيءَ کي[ گهرائي سزا ڏيڻ جو حڪم ڪيو. هن چيو ته
”اي امير، اسلامي قيدين کان[108]
پڇ ته مون ساڻن ڪيئن گذاريو آهي، ۽
]ڪيئن[
سندن آرام ۽ تخفيف ۾ بيحد امڪان ڪوشش ڪندو رهيو
آهيان: جڏهن صاحب جي اڳيان اها حقيقت روشن ٿئي ته
پوءِ مون کي ڪهڻ کان معافي ڏئي.“
محمد بن قاسم جو ترجمان کان پڇڻ
پوءِ محمد بن قاسم ترجمان کان پڇي چيو ته کانئس پڇ
ته:
”قيدين
سان تو ڪهڙي مهرباني ڪئي آهي؟“
هن چيو ته:
”]خود[
قيدين کان پڇا ڪريو ته پاڻهي هن حال جي ڪيفيت ۽ هن
ڳالهه جو انداز امير کي معلوم ٿي ويندو.“
قيدين کان حال پڇڻ
محمد بن قاسم قيدين کي حاضر ڪرائي، کانئن پڇيو ته:
”هي
قبلـہ
جيلر توهان سان ڪهڙي همدردي ۽ رعايت ڪندو هو؟“ جنهن تي سڀني گڏجي چيو:
”اسان
سندس شڪر گذار آهيون. هن اسان جي همدرديءَ ۾ ڪي به
باقي نه ڇڏيو. هميشه اسان کي اسلام جي لشڪر پهچڻ
جي دلداري ڏيندو، ۽ ديبل جي فتح ٿيڻ جو اميدوار
ڪندو رهيو.“
محمد بن قاسم هن کي اسلام آڇي کيس اسلام جي عزت
سان مشرف فرمايو ۽ هو شهادت جو اقراري
ٿيو،
]
جنهن تي[
هن کي انهيءَ نواب جي حوالي ڪيائين، جو ديبل تي
مقرر فرمايو هئائين، انهيءَ لاءِ ته ملڪ جي مصلحتن
۽ آمدني ۽ خرچ جي حساب ڪتاب چڪاسڻ ۾ سندس حاضري
اعتبار جوڳي سمجهي وڃي. ۽ حـُـمـَـيد بن وداع
النجدي کي اتي جو گورنر مقرر ڪري، انهيءَ ملڪ جي
اِمارت جا ننڍا وڏا حق کيس عطا ڪيائين[109].
ديبل جي غنيمتن، غلامن خواهه روڪـڙ مان پنجون
حصو وصول ڪرڻ
تاريخ نويسن حـَـڪـَـم بن عـُـرَ و َه کان هن طرح روايت ڪئي
آهي ته: هن پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي کان روايت ڪئي، ته
جنهن برهمڻ امانُ گهري هئي، تنهن جو نالو سوديو
هو. منهنجي ڏاڏي چيو ته مون انهيءَ کان ٻڌو ته:
جڏهن ديبل فتح ٿيو، ۽ مسلمان قيدي آزاد ٿيا، ۽
غلام ٻاهر ڪڍيائون، تڏهن محمد بن قاسم حڪم ڪيو ته.
غنيمتن مان پنجون حصو ڪڍي خزاني ۾ پياريو وڃي:
جنهن ڪري ديبل جو پنجون حصو پورو حجاج
جي خزاني جي حوالي ٿيو، باقي ارمابيل
جي فتح جون غنيمتون
]پوريون[ حقداري جي مدنظر تي، سوار کي ٻه حصا ۽
اُٺ ۽ پيادي کي هڪ حصو ڪري
]تقسيم
ڪيائون[
باقي رهيل نقدي، غنيمتون ۽ غلام گڏ ڪري رکيائون.
ديبل جي راجا جون ٻه ڌيئرون به هيون، سي حجاج جي
خدمت ۾ موڪليائون.
ديبل جي لٽجڻ جي خبر راجا ڏاهر کي پهچڻ
]هن[
حڪايت جي راوي حـَـڪـَـم کان نقل ڪيو آهي ته: جڏهن
ديبل جي فتح جي خبر راجا ڏاهر
]بن[
چچ کي پهتي ته ديبل اسلامي لشڪر جي هٿ آيو، ۽ ديبل
جو حاڪم
ڀڄي جـَـيسـِـينه وٽ نيرون ڪوٽ هليو ويو،
۽
]انهيءَ
ماڻهو[
شامين ۽ عربن جي بهادريءَ ۽ دليريءَ جون خبرون کيس
کولي ٻڌايون، تڏهن ڏاهر نيرون ڪوٽ ڏانهن
جـَـيسـِـينـُـه کي خط لکيو ته هن خط پڙهڻ شرط
هڪدم مهراڻ ندي ٽپي. برهمڻ آباد قديم ۾ اچي ۽
نيرون ڪوٽ تي شمني کي مقرر ڪري، کيس قلعي جي حفاظت
جو تمام گهڻو تاڪيد ڪري.[110]
|