هاڻي سوال آهي ته اهو اصلي قديم برهمڻ آباد ڪهڙي
جڳهه تي هو؟ هن سلسلي ۾ مٿيان ٻه حوالا نهايت
قيمتي آهن: هڪ ته برهمڻ آباد، نئين ٻڌايل شهر
منصوره کان ٻن فرسنگن جي مفاصلي تي هو، ۽ ٻيو ته
ان جي اڀرندي طرف کان
”جلوالي“
ندي وهندڙ هئي. محڪمي آثار قديمه جي طرفان 1920 -
1922ع واري عرصي ۾ جا کوٽائي ٿي، ان مان يقيني طور
ثابت ٿي چڪو آهي ته شهدادپور کان 8 ميل اوڀر- ڏکڻ
طرف ۽ جمڙائو واهه جي لڳو لڳ اوڀر طرف، دلور وارو
مشهور ڀـِـڙو ۽ ان جا وسيع کنڊرات درحقيقت عربي
شهر منصوره جا کنڊرات آهن. عرب گورنرن جا لڌل سڪا،
ٺڪر جو سامان ۽ قديم شاهي مسجد جا آثار قديمه وارن
جي عربي تاريخ کان هن شهر جي مقامي نالي
”ٻانڀڻياهه“
سبب، هنن آثارن کي برهمڻ آباد ٺهرايو ويو آهي.
حقيقت ۾ جهوني برهمڻ آباد کي هن شهر منصوره کان ٻن
فرسنگن جي مفاصلي تي ڳولڻ گهرجي.
هاڻي جيڪڏهن منصوره جي آثارن جي وچ کي
مرڪز بنائي، ٻن فرسنگن (يعني پنجن يا ڇهن ميلن) جي
نيم قطر سان گول ڪڍجي ته قديم برهمڻ آباد انهيءَ
گول جي گهيري واري لائين جي لڳ ڀڳ واقع هئڻ گهرجي.
منصوره جي پسگردائي جو معائنو ڏيکاري ٿو ته ٻيا
قديم ڀـِـڙا ۽ آثار منصوره جي کنڊرات کان ڏکڻ -
اوڀر، اوڀر ۽ اتر - اوڀر طرف پکڙيل آهن. منصوره
کان اتر - اوڀر طرف "ڄراري" جو ڳوٺ آهي، جنهن جو
نالو قديم نهر
”جلوالي“
(=
جرواري
=
جراري
=
ڄراري) جو هڪ يادگار آهي. انهيءَ ايراضيءَ جو اسان
پوريءَ طرح گشت ڪيو آهي ۽
اسان جي خيال
۾
”ڳاڙهي ڀڙي“ (ڳوٺ پليي لغاري تعلقي سنجهوري جي لڳ اوڀر طرف) جا کنڊرات
يا ڏيپر گهانگهري جي ٺل (جهول جي اولهه طرف) وارا
کنڊرات، انهن ٻن مان ڪنهن به هڪ جا آثار
”قديم
برهمڻ آباد“ جا آثار آهن. اهي ٻئي کنڊرات منصوره کان
اٽڪل 5 - 6 ميلن يعني ٻن فرسنگن جي مفاصلي تي آهن.
(ن - ب)
62[15]/
نيرون ڪوٽ: فتحنامي ۾ ص
[16]/142
تي ڄاڻايل آهي ته محمد بن قاسم ديبل جي فتح بعد
نيرون ڪوٽ ڏانهن ڪوچ ڪيو ۽ ڇهن ڏينهن جي پنڌ بعد
ستين ڏينهن اچي نيرون ڪوٽ وٽ پهتو، جو ديبل کان
پنجويهن فرسنگن جي مفاصلي تي هو. نيرون لڳ
”بروري“
جي جوءِ هئي جتي چراگاهه هئا، مگر مهراڻ جو پاڻي
اڃا اتي ڪونه آيو هو. هن بيان مان ظاهر آهي ته
ديبل کان نيرون ڪوٽ ڏانهن ايندي، محمد بن قاسم
مهراڻ ڪونه ٽپيو، جنهن جي معنيٰ ته نيرون ڪوٽ
مهراڻ جي اولهه طرف هو. ديبل کان نيرون ڪوٽ 25
فرسنگ يعني 75 ميل پري هو. جيڪڏهن ڀنڀور وارا
کنڊرات ديبل جا آهن، جيئن اسان مٿي بحث ڪري آيا
آهيون، ته ڀنڀور (گهاري لڳ) کان حيدرآباد تقريباً 75 ميلن جي مفاصلي تي آهي. حيدرآباد جي اولهه - ڏکڻ طرف جتان
هينئر دريا
ِّ وهي ٿو، هڪ هيٺاهين ۽ آباد زمين واري
ايراضي آهي ۽ غالباً اهائي
”بروري“
جي چراگاهن واري ايراضي هئي، جنهن ۾ محمد بن قاسم
اچي منزل انداز ٿيو.
سنڌ جي مقامي روايتن موجب به حيدرآباد جو شهر،
نيرون ڪوٽ واري قديم بستي جي جاءِ تي اڏايل آهي
(ڏسو تحفة
الڪرام، 3
x
177). حيدرآباد جو موجوده قلعو ميان غلام شاه
ڪلهوڙي سن 1768ع ۾ تعمير ڪرايو ۽ ڀانئجي ٿو ته هن
جاءِ تي ان وقت کان اڳ به ڪا بستي موجود هئي. محب
الله بکري پنهنجي مختصر تاريخ (قلمي) جي ٻئي باب ۾
حيدرآباد بابت لکي ٿو ته: حيدرآباد دراصل نيرون جي
نالي سان مشهور آهي. شهر جو بنياد، نبوت ۽ هجرت جي
وچ واري عرصي ۾ پنجين سال پيو. مغلن جي فتح بعد
هيءُ شهر حيدرآباد سڏجڻ لڳو ڇاڪاڻ ته حيدرقلي
(ارغون؟) هن کي نئين سر تعمير ڪرايو. ا.هه.(ن-ب)
[15]/62
لوهاڻو، لاکـه ۽ سمـه: لوهاڻو ان وقت ۾ سنڌ جو هڪ
پرڳڻو هو، جنهن جو حاڪم، راءُ گهراڻي جي زوال وقت،
اگهم هو. فتحنامي ۾ لوهاڻي جي حاڪم اگهم (ص 82 -
81) ۽ لوهاڻي جي جتن (ص 86) جو ذڪر آيو آهي.
لوهاڻي واري پرڳڻي ۾ لاکـہ،سمہ
۽ سهتـه جون ايراضيون شامل هيون (ص 55)، ۽ انهن
ايراضين تي اهي نالا اتي جي رهندڙ قومن جي پٺيان
پيل هئا. لوهاڻو پرڳڻو غالباً سانگهڙ ضلعي جي شهدادپور ۽ سنجهوري تعلقن ۽ حيدرآباد ضلعي جي
هالا تعلقي تي مشتمل هو. انهيءَ ايراضي ۾ ساهتي،
لاکاٽ ۽ لوهاڻو نالا اڄ ڏينهن تائين انهن قومن جي
قديم بستين جا يادگار آهن. شهدادپور کان هيٺ دريا
ِّ جو هڪ پراڻو ڍورو اڃا تائين
”لوهاڻو
درياء“ سڏجي
ٿو ڇاڪاڻ ته دريا
ِّ جي اها شاخ هن لوهاڻي پرڳڻي جي مکيه
ايراضي مان وهندڙ هئي. (ن - ب)
[15]/62
ٻڌيه: هيءُ قديم سنڌ جو اتر - الهندو پرڳڻو هو،
جو سيوستان يا سيوهڻ پرڳڻي جي لڳو لڳ اتر ۾ هو، ۽
جو اندازاً موجوده لاڙڪاڻي ضلعي سڄي ۽ جيڪب آباد ضلعي جي الهندي ڀاڱي تي
مشتمل هو. اتر الهندي کان ڪيڪانان جو ترڪي پرڳڻو
لاڳو هئس، فتحنامي جي صفحي
]39[
مان واضح آهي ته راءُ گهراڻي جي زوال وقت
”ڪاڪا
راڄ“
هن پرڳڻي جي گادي جو هنڌ هو.
بعد جي حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته قندابيل
(گنداوا) هن ٻڌيه پرڳڻي جو سرحدي شهر هو، جنهن جي
پريان ڪيڪانان جو ڏاکڻيون علائقو
”توران“
هو. قندابيل بلڪل سرحد تي هو، ايتري قدر جو ان کي
ڪنهن وقت توران جي علائقي ۾ شمار ڪيو ويندو هو]
ياقوت، بلدان (قندابيل) ۽ مقدسي ص 486[
حالانڪ قندابيل، ٻڌيه پرڳڻي جو مکيه تجارتي شهر هو
]ابن حوقل ص 231[.
(ن-ب)
62/
]15[ رونجهان: هن نالي سان اڄ ڏينهن تائين ٻه شهر، رونجهاڻ
مزاري ۽ رونجهاڻ جمالي، جيڪب آباد ضلعي لڳ موجود
آهن. شايد قديم رونجهاڻ علائقو انهيءَ ايراضي تي
مشتمل هو. فتحنامي جي فارسي ترجمي (613 هه) کان 32
ورهيه پوءِ سن 645 هه ۾ به رونجهاڻ تي مغلن جي
حملي جو تاريخي حوالو ملي ٿو، جنهن ۾
”بــــــرج“
۽
”رنجهان“
افغانستان جــي سرحد اندر ٻـه شهر ڄاڻايا ويا آهن
(تاريخ نامه هرات للهروي، ڪلڪته 1943ع، ص 63 -
162). انهيءَ جي معنيٰ ته آڳاٽي وقت ۾ هن علائقي
کي ڪافي اهميت هئي ۽ ستين صدي هجريءَ ۾ هن
ايراضيءَ تي غالباً افغانستان جو قبضو هو. (ن - ب)
62/
]15
[اسڪلنده: مجمل التواريخ جي مصنف هن شهر کي
”عسقلند“
ڪري لکيو آهي. هن شهر کي اُچ جي قديم شهر سان
متعين ڪيو ويو آهي. ڏسو راورٽي جو ڪتاب
”مهراڻ“،
ص 244 - 255، حاشيه نمبر 192.(ع . م)
62/
]15[ باتيه: يعني ڀاٽيہ،
جنهن کي ڪن مصنفن
”بهاطيـہ“
ڪري لکيو آهي. فتحنامي ۾ صفحي
]33[ تي چچ جي فتحن جي بيان ۾ ڄاڻايل آهي ته قلعو ڀاٽيہ، بياس نديءَ جي ڏاکڻي ڪناري تي هو. وري صفحي
]235[
تي محمد بن قاسم جي فتحن ۾ ڄاڻايل آهي ته اروڙ فتح
ڪرڻ بعد محمد بن قاسم، اتر طرف وڌيو ۽ پهرين قلعي
ڀاٽيہ
وٽ پهتو، جو بياس نديءَ جي ڏکڻ طرف هڪ قديم قلعو
هو، ۽ چچ جو ڀائٽيو، اروڙ طرفان ان جي حاڪم هو.
باتيہ
فتح ڪرڻ بعد محمد بن قاسم بياس ندي اُڪري قلعي
اسڪلنده کي گهيرو ڪيو ۽ ان جي فتح ڪرڻ بعد سڪہ
جي قلعي کي گهيرو ڪيائين جو راوي نديءَ جي ڏاکڻي
ڪناري تي هڪ مضبوط قلعو هو. ان قلعي جي فتح بعد
راوي ندي اُڪري ملتان کي گهيرو ڪيائين
]ساڳيو
ص 226 – 237[. اهي حوالا غالباً
فتحنامي جي اصلي عربي رڪارڊ مطابق آهن ۽ انهيءَ
ڪري ڀاٽيه جي بيهڪ متعين ڪرڻ ۾ اصولي سمجهڻ گهرجن.
انهن حوالن مان ظاهر آهي ته چچ جي ڏينهن ۾ ڀاٽيہ جي قلعي ۽ پرڳڻي جو انتظام ملتان جي بدلي اروڙ سان وابسته هو،
۽ ڀاٽيہ اروڙ ۽ ملتان جي وچ تي بياس نديءَ جي ڏاکڻي ڪناري تي هو. محمد
بن قاسم جي فتحن مان ظاهر آهي ته ڀاٽيـ*، نسبتاً
اروڙ کان ملتان کي ويجهو هو. تقريباً ٽي سؤ سال پوءِ به ڀاٽيہ
جو قلعو انهيءَ ساڳي نالي سان موجود هو ۽ محمود
غزنويءَ جي فتحن ۾ ان جو ذڪر اچي ٿو. ان سلسلي ۾
تاريخ يميني جو مصنف (غزني مان) لکي ٿو ته:
”ڀاٽيہ،
ملتان جي پريان آهي“،
يعني ته سنڌ واري طرف آهي. ٻه صديون پوءِ فتحنامي
جو مترجم سن 613 هه ۾، موجوده زير بحث صفحي 62/
]15[
تي ڄاڻائي ٿو ته (هن وقت) ڀاٽيہ
کي
”تلواڙو
۽ چچ پور به چوندا آهن“.
(ن - ب)
62/
]15[ ديوهپور: اصل فارسي متن جي ص
]15[
تي
”ديوهنوز“
۽ ص]
51 [تي
”ديود
هنوز“
لکيل آهي. پوئين پڙهڻي پ مطابق
”ديوهپور“
۽ م مطابق
”ديوهنوز“
آهي. پ جي پڙهڻي مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ نالو
اصل ۾
”ديوهپور“
آهي، جنهن کي تاريخ معصومي ۾ (ص 28، 31)
”ديبالپور“ لکيو ويو آهي. (ن -
ب)
63/
]16[ نيمروز: آڳاٽي وقت ۾ نيمروز هيٺين ملڪن جي گڏيل
ايراضيءَ جو نالو هو: فارس، اصفهان، اهواز، بست،
زابل، سحبستان، سنڌ، مڪران ۽ ڪرمان. بعد ۾ اهو
نالو، سحبستان (سيستان) ۽ ان جي پسگردائيءَ واري
خـِـطي سان مخصوص ٿيو. (ڏسو الخفاجي جو ڪتاب
”شفاءَ
الغليل“،
ص 334). سيستان هن وقت افغانستان جو هڪ پرڳڻو آهي.
(ن - ب)
76/
]26[ چترور جو بادشاهه: يعني چتور جو بادشاهه. غالباً آڳاٽي وقت ۾ هن شهر جو نالو
”چترور“
هو. فتحنامي جي معتبر نسخن مثلاً پ، ر ۽ م جي پڙهڻي به
”جترور“
آهي. البيروني به
”ڪتاب
الهند“
۾ هن شهر جو نالو
”جٿرور“
لکيو آهي. بقولہ:
”بازان
کان ڏکڻ طرف (ويندي) اوهين ميواڙ پهچندؤ جنهن جي
گادي جتهرور آهي.“
(ن - ب)
39/
]28[ راجا مهرٿ جو سر بدن کان ڌار ڪري ڇڏيائين: تحفة الڪرام (جلد 3، ص 7) جو مصنف چوي ٿو ته:
”هيءُ
واقعو نبي
ﷺ
جي هجرت جي پهرئين سال جي لڳ ڀڳ آهي.“ (ع . م)
74/
]31[ وزير ٻڌيمن طاڪي: غالبا= "طاڪي" نسبت آهي
”تاڪيہ“
ڏانهن، يعني
”تاڪيہ
جو باشندو“.
تاڪيـہ
جو ذڪر هن کان اڳ ص 63/
]15[
تي اچي چڪو آهي ته راءُ سيهرس پنهنجو هڪ حڪمران
ملتان ۾ مقرر ڪيو ۽
”سڪہ،
برهمپور، ڪرور، اشهار ۽ تاڪيہ
ويندي ڪشمير جي حد تائين، انهيءَ جي حڪومت هيٺ
رکيائين.“
هن عبارت مان ظاهر آهي ته تاڪيه ملتان سان لاڳو ۽
ملتان ۽ ڪشمير جي وچ وارو ملڪ هو. اڳتي صفحي 79/
]37[
تي تاڪيه ۽ ڪشمير جي حد جو ذڪر آهي ۽ ڪشمير جي حد
تاڪيه کان مٿي ڄاڻايل آهي، پڻ صفحي 217/
]203[
تي
”بلاد طاڪيہ“
(طاڪيہ
جي شهرن) مان اهوئي گمان نڪري ٿو. وري صفحي 249/
]237
[تي ملتان جي پسگردائيءَ واري شهر
”سڪه“
جي حاڪم بجهراءَ کي
”بجهراءَ
طاڪي“
جو ڏوهٽو ڄاڻايو ويو آهي. عرب مؤرخن جو
”طاڪيہ“ يا
”طاڪيہ“ ساڳيو
”تڪاديش“
آهي، جنهن جو ذڪر هندستان جي تاريخ جي مقامي ماخذن
۾ ملي ٿو. (ن-ب)
76/
]33[ سرحد...جا ترڪن سان لاڳو آهي: هن سرحد مان مراد غالباً سنڌ جي اتر طرف واريون ڪابلستان ۽ زابلستان جون سرحدون آهن،
ڇاڪاڻ جو ان وقت انهن ملڪن جا باشندا ۽ حاڪم ترڪ
هئا. (ن- ب)
77/
]35[ ڪي نالي وارا دوست شهيد ٿيا:
”شهادت“
جي لفظ جي استعمال مان گمان نڪري ٿو ته چچ جي لشڪر
۾ ڪي مسلمان (عرب) پڻ شامل هئا. ان گمان جي تصديق
اڳتي صفحي 77 تي ٿئي ٿي، جيئن ته چچ سندن سردار
امير عين الدوله ريحان کي سڪہ
جو حاڪم مقرر ڪيو. (ن-ب)
80/
]39[ سرڪونڌ پٽ ڀنڊَرکـُـو ڀڪو: سرڪونڌ معنيٰ بهادر، ڀنڊرکو
يعني ڀنڊن يا بکيارين جي رکيا ۽ پرورش ڪندڙ.
انهيءَ ساڳيءَ ترڪيب سان ص83/
]42[
تي ٻيو نالو
”ٻڌرکو“
آيل آهي، يعني ٻڌ جي بت جو محافظ. ڀڪو يعني
ڀـِـڪشـُـو يا پوڄاري، خصوصاً
ٻڌ ڌرم جو. (ن-ب)
80/
]39[ ڪاڪا راڄ: يعني ڪاڪا قوم جو راڄ. سنڌ جي اتر الهندي
پرڳڻي ٻڌيہ
جي گاديءَ جو هنڌ
”ڪاڪاراڄ“
هو. تحفة
الڪرام (3x
133) ۾ ڪاڪا راڄ جو ذڪر اچي ٿو. غالباً
ضلعي لاڙڪاڻي (هينئر ضلعي دادو ۾ تعلقي
”ڪڪڙ“
جو نالو انهيءَ قديم ڪاڪا راڄ جي بگڙيل صورت جي
يادگار آهي. (ن-ب)
82/
]41[ ريگستان جي بادشاهه ڏانهن جنهن کي ڀٽي به چوندا آهن:
اصل عبارت ۾
”ملڪ
– رمل“
آهي. رمل معنيٰ واري، جنهن ڪري ترجمي ۾
”ريگستان جو بادشاهه“
لکيو ويو آهي. غالباً
ان مان مراد جيسلمير ۽ ٻاهڙ مير جي ملڪ جو حاڪم
آهي ڇاڪاڻ ته جيسلمير آڳاٽي وقت کان وٺي ڀٽين جي
بستي رهي آهي. سنڌي نسبنامي جي هڪ آڳاٽي بيت ۾ چيل
آهي ته:
”سنڌ
سمو، ڪاڇي چـَـنو، ڀاٽي جيسلمير.“ جيئن ته عربن جي فتحن ۾
”بالمد“
شهر جو نالو اچي ٿو جو غالباً
”ٻاهڙمير“
آهي. انهيءَ لحاظ سان
”ملڪ
رمل“
کي
”ٻاهڙمير
جو راجا“
تعبير ڪرڻ مناسب ٿيندو- والله اعلم بالصواب. (ن-ب)
83/
]42[
”ٻـُـڌ
نووهار“:
يعني نووهار نالي ٻڌ جو مندر، جنهن جو رکوال
”ٻڌرکو“
نالي شمني پروهت هو. صفحي 86/
]46[
تي هن شمني جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته نووهار جو
مندر هڪ قديم عبادتگاهه هو، جو گهڻي وقت کان زماني
جي گردش سبب زبون ٿي چڪو هو. جنهن کي نئين سر
ٺهرائڻ لاءِ هن شمني، چچ کي خاص تاڪيد ڪيو.
83/
]42[ ڪنوهار: هن صفحي توڙي اڳتي 76 - 75 صفحن جي عبارتن مان
ظاهر آهي ته چچ جي سنڌ جي قبضي وقت ٻڌ جو هيءُ
مندر آباد هو ۽
”ٻڌرکو“
شمني جو هڪ وڏي اثر ۽ رسوخ وارو شمني پروهت هو، سو
هن مندر جو راهب يا مجاور هو. صفحي 84/
]44[
تي ڄاڻايل آهي ته برهمڻ آباد فتح ڪرڻ بعد، چچ هن
پروهت کي، جو سندس مخالف هو، سزا ڏيڻ لاءِ
”هٿيار
بند ماڻهن کي سوار ڪري ٻڌ مندر ڪنوهار ڏانهن روانو
ٿيو“،
۽ رستي ۾ هٿيار بند ماڻهن کي خاص هدايتون ڏنائين.
انهيءَ مان ظاهر آهي ته هيءُ مندر برهمڻ آباد جي
شهر کان ٻاهر ڳچ مفاصلي تي هو. انهيءَ جي تصديق
صفحي 85/
]45[ تي ڏنل چچ جي هيٺين لفظن مان ٿئي ٿي، جي صلح بعد هن
پروهت کي چيا:
”آءٌ
چاهيان ٿو ته اسان جو چوڻ وٺي برهمڻ آباد جي قلعي
۾ وري موٽي اچين.“
صفحي 85/
]46[
تي مندر ڪنوهار مان چچ جي واپسي بابت جدا عنوان
ڏنل آهي ته
”چچ
جو برهمڻ آباد ڏانهن موٽي وڃڻ.“ انهن مڙني عبارتن مان ظاهر آهي ته ڪنوهار جو مندر برهمڻ آباد
جي شهر کان ڪجهه مفاصلي تي پري هو. ٻڌ ڌرم وارن جو
دستور به اهو هو جو پنهنجون عبادتگاهون اڪثر شهرن
کان پري سانت ۽ تنهائيءَ وارين جاين تي قائم ڪندا
هئا.
هاڻي سوال آهي ته هيءُ ٻڌ مندر ڪٿي هو؟ ڪزنس جي
ڪتاب
”سنڌ
جا آثار قديمه“
مان معلوم ٿيو ته منصوره کان 6 ميل اوڀر طرف ديهه
دوفاني ۾
”ڏيپر گهانگهري جو ٺل“
(شهر جهول، تعلقي سنجهوري، کان تقريباً
2 ميل اولهه طرف) وارا آثار ڪنهن قديم ٻڌ ڌرم جي
مندر جا آهن. سن 1952 ۾ مير الله بخش خان زميندار
جهول جي مدد ۽ معاونت سان اسان هن ٺل جو معائنو
ڪيو. گهري جاچ ۽ ماپن وٺڻ بعد معلوم ٿيو ته مندر
جو هيءُ ڊٺل ٺل
(Stupa)
تقريباً
50 فوٽ چورس مٿاهين ٿلهي تي بيٺل هو. ٺل جو
اندريون گهيرو 10 فوٽ نيم قطر ۽ ان جي گول ديوار
جي ويڪر 12 فوٽ معلوم ٿي. ٿلهي کان هيٺ زمين تائين
لهواري ماپ 30 درجن جي ڪنڊ تي، تخميماً
30 فوٽ معلوم ٿي. هن ٿلهي جي هيٺين بنياد کان اٽڪل
26 فوٽ پري غالباً چوڌاري ننڍيون ڪوٺيون هيون. ڏکڻ طرفان هنن ڪوٺين واري قطار
جي پيڙهه مان ڪوٺين جي ماپ 9 فوٽ چورس معلوم ٿي.
ٺل واري ٿلهي جي چوڌاري هنن ڪوٺين جي ٻاهرين ديوار
کي مدنظر رکندي اندازو ٿيو ته هيءُ ٻاهران چوڌاري
پناهه واري ديوار تقريباً 210 فوٽ چورس هئي، جا تخميماً مندر جي جملي ايراضي هئي.
هن قديم آثارن جون اهي ماپون موجوده سطحي نشانين
تي ٻڌل آهن ۽ انهيءَ ڪري اڻپوريون سمجهڻ گهرجن. پر
مرحوم ميرالله بخش خان ۽ سندس سؤٽ مير جان محمد
خان ان موقعي تي هڪ نهايت اهم واقعي جو ذڪر ڪيو.
چيائون ته:
”1932ع
۾ بئراج جي نئين پيچ وقت اسان هن ٺل ڏي اتر طرفان
ايندڙ واٽر ڪورس (جو هن وقت موجود آهي) پئي کڻايو.
هن واٽر ڪورس جي ٻن ورن مان هڪڙي ور وٽ (يعني ٺل
جي اتر طرفان جتان واٽر ڪورس اولهه طرف مڙي ٿو يا
ٺل جي اتر- اولهه طرف جتان هيءُ واٽر ڪورس وري ڏکڻ
طرف وڃي ٿو) اسان جي ماڻهن واٽر ڪورس کوٽيندي هڪ
سخت چيڪي ڳوهيل مٽي جون ٻه ننڍيون ڪچيون سرون
لڌيون، جن جي هڪ پاسي تي مهاتماٻڌ جي تصوير هئي.
ماڻهن سمجهيو ته هت شايد ڪو خزانو هجي، سو وڌيڪ
کوٽيائون ۽ تقريباً اهڙين سرن جو هڪ وڏو ڍڳ ڪڍي ٻاهر ڇڏيائون. اسان ٻنهي اهي
سرون اچي ڏٺيون. سرون جيتوڻيڪ ڪچيون هيون پر اهڙي
ته ڪنهن چيڪي مٽيءَ مان ٺهيل هيون جو نهايت مضبوط
۽ سخت پئي نظر آيون. افسوس جو اسان ان وقت انهن
مان ڪابه سر سنڀالي محفوظ ڪري ڪانه رکي.“
اهو ته ذڪر 1952ع جو آهي. ميرالله بخش خان گذاري
ويو. ظاهر آهي ته ميرالله بخش خان توڙي مير جان
محمد خان کي هن ٺل جي تاريخي پس منظر جي ڪابه خبر
ڪانه هئي. اتفاق سان بندي کي به ان موقعي تي
فتحنامي جو هيٺيون بيان ذهن ۾ ڪونه هو ته:
”چچ،
ٻڌ ڪنوهار ۾ پهچي هن پروهت ڏانهن هليو ته کيس
ڪرسيءَ تي ويٺل ۽ پنهنجي عبادت ۾ مشغول ڏٺائين.
سندس هٿ ۾ سخت
]ڳوهيل[
مٽي هئي، جنهن مان بت ٺاهي مهر جهڙي هڪ شيءِ انهن
بتن تي هڻندو ٿي ويو، جنهن ڪري انهن تي ٻڌ جي
تصوير چٽجي ٿي پيئي ۽ هو مڪمل ٿـِـي ٿي پيا. تنهن
کان پوءِ انهن کي هڪ جاءِ تي رکندو ٿي ويو.“ (فتحنامو ص 84).
|