سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب: --

صفحو :10

بسم الله الرحمن الرحيم

 

حمد ۽ تعريف انهيءَ مالڪ کي جڳائي، جنهن جي احسان جو ذڪر ايمان جو تـَـت ۽ جنهن جي نعمتن جو شڪر امن ۽ امان جو منڍ آهي. اهڙو ڪاريگر، جنهن ”ڪُن فـَـيـَـڪُـونُ“ وارو امر وهمن ولوڙڻ سان زائل نٿو ٿئي، اهڙو قادر، جنهن جون بيمثال صفتون خيالي حڪمتن ۾ محدود نه آهن، اهڙو مقرر انداز رکڻ وارو جنهن پنهنجي قدرت جي آسمانن ۾ نـَـکـَـٽـَـنِ جون شمعون روشن ڪيون، ۽ اهڙو مصور، جنهن پنهنجي دقيق حڪمتن مطابق ستارن جون منزلون چـِـٽيون. اهو خالق، جنهن جي ڪاريگريءَ جي جمال، چمڪندڙ سج کي سينگاريو، ۽ اهو پروردگار، جنهن جي قدرت جي جلال، اونداهيءَ رات جي زلفن کي سنواريو. هن جي عدل جي غلبي کان ڪڪر جي اک، آسمان جي فضا ۾ روئندڙ آهي، ۽ گـُـل جو روشن ڏيئو، ڪشاديءَ زمين تي سندس رحمت جي فيض کان ٽـَـهڪندڙ آهي. اهو جـَـبـَـار، جنهن فـِـرعـَـون بي مـَـدد جي مسخريءَ کي، ڪفر ۽ گمراهيءَ جي سـؤ سالي نشي هوندي به هڪڙي بي وُضو سجدي جي برڪت سان رحمت ۽ مهربانيءَ جو حقدار ٺهرايو، ۽ اهڙو قـَــهار[1] جنهن مڪريل ابليس کي ست سـؤ هزار سالن جي عبادت جي باوجود هڪ سجدي نه ڪرڻ ڪري پنهنجي عزت ڀريءَ درگاهه مان تڙيل ۽ مردود ڪري ڇڏيو. فـَـتـَـبـَـارڪَ اللهُ اَحسـَـنُ الخـَـالـِقـِين  وَ الحـَمدُ ِللهِ ربِ العـَـالـَمـِـينَ (پوءِ الله تعالــيٰ مڙني ۾ مٿانهون ۽ سهڻي ۾ سهڻو خلقيندڙ آهي ۽ هر قسم جي تعريف انهيءَ الله کي ئي جڳائي جو ساري ڪائنات جو پالڻهار آهي).

        (جملي) درود، (دعائيه) تحفا، سلام ۽ صلواتون انهيءَ رسول صلي الله عليه وسلم جي عنبرين خاڪ ۽ روضه مطهر تي موڪلڻ گهرجن جنهن جي وعظ ۽ نصيحت جي اثر کان مؤمنن جي دلين جو آئينو صاف آهي، ۽ جنهن جي خـُـلق جي شعاعن ڪري، محبن جون جانيون مقبول آهن. اهڙو سچو، جو سندس اخلاق جي چهري کي خلق جي چؤپچؤ ميرو نه ڪري سگهي، ۽ اهڙو سالڪ، جنهن جي امن جي راهه ۾ هلندڙ قدم کي، ڪـِـچري جا ڪـُـنڊا ڏکوئي نه سگهيا. اهڙو ڪريم، جو سندس شهنشاهت جي چاڪرن، محمدي نـُـور جي برڪت سان هر دفعي ڪنهن نه ڪنهن کي بااختيار حاڪم بنائي، حجاز جي ڪافرن، ايران ۽ خراسان جي بيدينن ۽ سرڪش هندن کي آبدار ترار ۽ خونخوار نيزي جي رعب سان ذليل ۽ خوار بنايو، ۽ بتن ۽ ٺاڪرن جي جڳهه تي مسجدون منبر ٺهرايا، جنهن ڪري محمدي دليلن جا آثار ۽ نبوي نشانن جا معجزا ظاهر ٿيا.

        ۽ پڻ (صلواتون ۽ سلام) انهن ڏهن اصحابن ۽ پاڪ دامن نـَـقـِـيبـَـن تي، جن جي حق ۾ نبوت جي زبان ۽ بزرگي جي ٿنڀي قرآن مجيد مان هيءَ بشارت مقرر ڪئي ته: (قوله تعالي) وَ الذِينَ معہُ اَشـِـداءُ [2] عـَـلـَـي الڪـُـفارِ رُحـَـمـَـاءُ بـَـينـَـهـُـم تـَـراهـُـم رُڪعاَ سـُـجداَ (يعني جيڪي سندس (محمد جا) ساٿي آهن، سي ڪافرن تي سخت ۽ پاڻ ۾ ٻاجهارا آهن ۽ تون انهن کي رڪوع ۽ سجدو ڪندڙ ڏسندين)، صـَـلـَـواتُ الله عـَـلـَـيهـِـم  وَ رضـَـي ا للهُ عـَـنهـُـم اَجمـَـعـِـين.

ٻنهي جنسن (جنن ۽ انسانن) جي رسول محمد مصطفيٰ  عـَـلـَـيهمِ الصلـَـواة والسلام جا مناقب هنن ڪنوارين جي هارن جي جـَـڙا ِّ ۽ هنن قيمتي (موتين) جي قافين جي تصحيح تي روشن برهان ۽ هنن تصنيفن  جي سينگار ۽ هنن گردانن جي نـِـظام تي چـِـٽو دليل ٿي رهندا (1) جڏهن الله تعالـي جل جلالہ جو حڪم رسول ثـَـقـَـلـَـين ۽ نبي حرمين کي پهتو ته يـَـا اَيـُـهـَـاالمـُـزمـِـل قـُـم اللـَـيلَ اِلا قلـِـيلاً نـِـصفـہُ اَو اِنقـُـص مـِـنہُ قـَـلـِـيلاً  اَو زِد عـَـلـَـيہِ وَرتـَـلِ القـُـرآن تـَـر تـِـيلاً (اي چادر ويڙهيندڙ، رات جو ٿورو حصو ڇڏي باقي عبادت ڪر: رات جو اڌ اٿي بيهي گهار يا انهيءَ کان ٿورو گهٽاءِ يا وڌاءِ، ۽ قرآن ٺاهي ٺاهي پڙهه). تڏهن آدم جي اولاد جو سردار ۽ ٻنهي جهانن جو وقار ، رسالت جو صدر ۽ بزرگيءَ جو بـَـدر، سعادتمند ٽولي جو سالار ۽ عاقبت جي حقيقت جو ڄاڻڻهار، مصلي تي ايترو ته بيهڻ لڳو جو سندس قدم مبارڪ سـُـڄي پيا ۽ سندس منهن مبارڪ زرد ٿي ويو: نيٺ (الاهي) درگاه جو قاصد ۽ بادشاهيءَ جو مور، جبريل امين صـَـلـَـواتُ  الله وَ سلامـُــہ عـَـلــَيـہ ] وَعليٰ نـَبـِـينا [خدائي فرمان کڻي اچي پهتو ۽ چيائين: ته اي مـُـرسلن جا پيشوا، مـُـتقــِـيـنِ ۽ بخت وارن جا تاج، ۽ صديقن جا امام! ]الله[ ذوالجلال [3] جي درگاهه مان،طـہ ما اَنزَلنـَـا عـَـلـَـيڪَ، القـُـرآنَ لـِـتـَـشقي (اي پيغمبر، اسان توتي قرآن توکي تڪليف ڏيڻ لاءِ نازل نه فرمايو آهي) جي دستخط سان هڪ پڪو فرمان جاري ٿيو آهي ته: اي چوڏهينءَ رات جا چنڊ! نبي ۽ رسولَ تنهنجي اچڻ تي ختم آهن ۽ تنهنجا ته خيالي عرض  به ] مالڪ[ لايزال جي دربار ۾ مقبول آهن، (تنهنڪري) تون پاڻ تي ايتري محنت ۽ سختي ڇا لاءِ ٿو اختيار ڪرين؟ تون پنهنجي عرض جو فقط اشارو ڪر ته ]مقبوليت جي[ بشارت جو حڪم توکي آڻي ڏيان. طريقت جي سردار ۽ حقيقت جي راهه جي سالار ، فڪر جي دٻلي جو ڍڪ کولي گفتگو جا موتي هن طرح ظاهر ڪيا ته  يـَـا اَخـِـي جـِـبريلُ اَفـَـلا اَڪـُـونُ عـَـبدَ شڪـُـورا (اي منهنجا ڀاءُ جبريل! ڇا ما شڪر گذار ٻانهو نه هجان؟) (نه بلڪ) آءٌ باوجود هيترن مرتبن جي جيڪي مون کي حاصل آهن، آخر ٻانهو آهيان ۽ ٻانهي جو اولاد آهيان.

محمد] صلي الله عليه وسلم[ جن جي حق ۾ ]الله[ جـَـلـت عـَـظمـَـتـہ جي درگاهه مان ڪيئي فرمان صادر آهن. پهريون، ساري جهان لاءِ رحمت هجڻ جي بشارت، مطابق  ]قولـہ تعاليٰ[ وَمـَـا اَرسـَـلنـَـاڪَ اِلا رَحمـةَ لـِـلعـَـالـَـمـِـينَ (اسان توکي ساري دنيا لاءِ رڳو رحمت ڪري موڪليو آهي): ٻيءَ جاءِ تي پاڻ کي اصحابن جي آڏو رسالت ] جي عهده[ سان جلوه گر ڪيائين: ]بمصداق قولـه تعاليٰ[ مـُـحـَـمد“ رَسـُـولُ اللهِ والذِينَ مـَـعـَــہ - الاَية (1) (محمد رسول الله ۽ جيڪي سندس ساٿي آهن_ الخ.)، ۽ ٻي جاءِ تي نبوت جي خزاني کي نبوت ۽ رسالت جي مهر سان بند ڪيائين، جيئن ته والڪـِـن رَسـُـولَ الله [4]  وَخاتـَـمَ النـَبـِـيـِـين(1) (پر هو الله جو رسول ۽ نبين کي ختم ڪرڻ وارو آهي): وري ٻيءَ جاءِ تي مخلصن ۽ متقين جي لاءِ بشارت ۽ فسادين ۽ سرڪشن لاءِ دڙڪي جو اشارو موڪليائين، جيئن تهيـَـا اَيهـَـاالنبـِـيُ جاهـِـدِ الڪفار والمـُـنـَـافـِـقـِـينَ (اي نبي! ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪر). ]اي جبريل! آءٌ[ جڏهن هنن سڀني رتبن، عزتن ، دلجوئين ۽ احترامن سان مشرف ٿيو آهيان، تڏهن منشا ائين ئي هئي ته ظلم جي ڪارنهن ۽ ڪفر جي گمراهي، اسلام ۽ دينداريءَ جي روشنائيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ها، منافقيءَ ۽ جهالت جو بنياد ڊهي پوي ها، اسلام جا جهنڊا بلند ٿين ها. هن حڪومت جو دور ۽ هن مذ هب جو آئين قيامت تائين زماني ۾ جاري رهي ها ۽ ڪنهن به شرڪ ۽ مخالفت سان نه گڏجي ها، ۽ سنت جو گل، بدعت جي ڪـَـنڊي سان نه چيرجي ها.

جبريل امين صلوات الله عليـه وسلام ]وعليٰ نبينا[ موٽي ويو ۽ ساڳئي وقت موٽي آيو ۽ چيائين: اَلسلامُ عـَـلـَـيڪَ يـَـا مـُـحـَمد! خدا تعاليٰ سلام ۽ درود چوي ٿو . ۽ الله تعاليٰ جو قطعي فرمان ۽ مـُـحڪم تقدير جي تـَـمهيد هن طرح نئين سر ٿي آهي ته اِنـَـڪَ لاتـَـهدي مـَـن اَحبـَـبتَ وَ لڪـِـنَ الله يـَـهدي مـَـن يـَـشاءُ (بيشڪ تون جنهن کي چاهين تنهن کي هدايت نٿو ڪري سگهين، پر الله تعاليٰ جنهن کي چاهي تنهن کي هدايت ڪري سگهي ٿو). اي محمد ! ائين هرگز نه ڀانئج ته ڪو ماڻهو تنهنجي سڏڻ تي اسان جي درگاهه ۾ اچي ٿو ، يا ابليس جي وِسوسـِـي ڪري ڪو ماڻهو اسان جي درگاهه مان تڙجي ٿو ، ] بلڪ[ تڙيندڙ اسان آهيون. جنهن کي تڙيون ٿا تنهن کي ڪوبه ڪوٺي نٿو سگهي ، ۽ جنهن کي ڪوٺيون ٿا، تنهن کي ڪو به تڙي نٿو سگهي: " اِنَ عـِبـَـادِي لـَـيس لـَـڪَ عـَـلـَيهـِـم سـُـلطـَـان“ (بيشڪ منهنجي ٻانهن تي تو کي ڪوبه اقتدار حاصل نه آهي). تنهنڪري اي مـُـحـَـمد! صـَـلي اللهُ عـَـلـَـيه وسـَـلم تون هن ڪري فڪر مند نه ٿيءُ، جن ماڻهن[5]  ميثاق جي ڏينهن اَ لستَ بـِـرَبڪـُم (ڇا مان توهان جو رب نه آهيان) ساهه سان سـُـڻيو ۽ قـَـالـُـوابـَـليٰ (چيائون ته هائو) وارو فرمان برادريءَ جو طوق پنهنجي گردن ۾ وجهي، اسان جي وحدانيت جا اقراري ٿيا، ]تن لاءِ[ محمدي شهنشاهت جي چاڪرن مان هر وقت ڪونه ڪو]اهڙو ماڻهو[ خلق جي مٿان جـَـلوَه اَفروز ڪنداسون، جنهن جي ڪوشش جي وسيلي، اهي ماڻهو اسلام جي عزت سان مشرف ٿيندا ]رهندا[، ۽ جنهن فرقي اسان جي حڪم کان سـَـرڪشي ۽ عـَـناد اختيار ڪيو آهي تن کي گمراهي  ۽ نعمت جي انڪار سان منسوب ڪنداسون، جيئن اهي ]مؤمن[ جـَـاهـِـدِ الڪـُـفار وَالمـُـنافـِـقـِـين (ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪر ) جي فرمان ۽ اَقتـُـلـُـوا الـمـُـشرڪـِـينَ حـَـيث وجـَـدتمـُـوهـُـم (مشرڪن کي جتي لهو اتي قتل ڪريو) جي اشاري موجب ، ]ڪافرن کي[ خونخوار ترار ۽ دل ڏاريندڙ نيزي ۽ تير جو لقمو بنائين ته هي خراسان، ايران ،عراق، شام، روم، ۽ هندوستان جون فتحون زماني جي ڪتاب تي لکجن ۽ انهن جو ذڪر زماني جي حاشيه تي هميشه قائم رهي-والله اعلم بالصواب (الله تعاليٰ حق کي وڌيڪ ڄاڻي ٿو).

قـَـباجـَـَتُ السلاطـِـين خـَـلدَ الله مـُـلڪـَـہُ جي تعريف

 هيءُ داستان ۽ هيءَ وڻندڙ تاريخ انهيءَ وقت لکي ويئي ، جڏهن اسلام جي بادشاهه، ملڪ جي شهنشاهه، الله جي شهرن جي مالڪ ، الله جي ٻانهن جي فرياد ٻڌندڙ ، خدا جي ٻانهن جي مددگار، ڪفر۽ گمراهيءَ جي بنيادن کي ڊاهيندڙ، دين ۽ هدايت جا پايا کڙا ڪندڙ، جهان جي ولين جي مددگار، انسان جي دشمنن جون پاڙون پٽيندڙ، دين خواهه دنيا جي عزت وڌائيندڙ، اسلام ۽ مسلمانن جي واهرو، جهان ۾ الله جي پاڇي ۽ اميرالمؤمنين جي حمايتي، بختاور شهيد سلطان اَبـُـوالمـُـظـَـفـَـر محمد ابن سام، نـَـوَر َاللهُ  ثَراه وَجَـعـَـل اَلجنةَ مـَـضجَعہُ و مـَـثواه (شال الله تعاليٰ سندس قبر کي روشن ڪري ۽ جنت سندس آرام گاهه ۽ رهڻ جي جاءِ بنائي) جي بادشاهي جي تخت کي غلبي واري شهنشاهت جي مددگار-بزرگ بادشاهه ۽ وڏي ۾ وڏي شهنشاهه جي همنشين،  [6] سچائي جي شان، خلق جي بـُـرهان، خلافت جي ٽيڪ ، دنيا ۽ دين جي مددگار، اسلام خواهه مسلمانن جي عزت، دشمنن ۽ سرڪشن جي پاڙن کي پٽيندڙ، قسيم اميرالمؤمنين (اميرالمومنين جو ڀائيوار) ابو الفتح قباچـه السلاطين-سينگاريو هو ۽ سندس شان و شوڪت جا طنبو تاڪيد جي طنابن ۽ سختي جي انتظام سان کـُـتل ۽ منظم ]هئا[  ۽ سندس امر ۽ نـِهـِـي جا حڪمناما ولايتن ۽ دنيا جي ]سڀني[ حصن تي جاري ٿيا هئا، هن حد تائين جو سرڪشن ۽ دشمنن جو ٽولو ڪنڊ ۾ لڪي ويو ۽ مخلص ۽ پرهيزگار امن ۽ سلامتيءَ ۾ گذارڻ لڳا، الله تعاليٰ جو شڪر ۽ احسان، جو حڪومت جو انتظام ۽ شهنشاهت جو قانون انهيءَ درجي تي ]پهتا [آهي، جو جنهن طرف ڏانهن به سندس آسمان کي پهچندڙ جهنڊاکڄن ٿا ته جوان حڪومتون به شوق ۽ اطاعت مان هٿ ٻڌي بيهن ٿيون.(1)

شعر

خسروا ملک بر تو خرم باد
نخل گيتي ترا مسلم باد

از توآباد ظلم ويران شد
بـ
ہ تو بنياد عدل محکم باد
خطبه تعظيم يافت از نامت
همچنين سال و مـ
ہ معظم باد
و آنچه در ملک جم نبود ترا
همه زير نگين مختم باد
چتر ميمون همت عاليت
سايه دار سپهر اعظم باد
هر دلــ   کر  تو حال عصيان است
هم کارش چو زلف درهم باد
تاکم و بيش در شمار آيد
دولتت بيش دشمنت کم باد
به يمينت چو ملک داد يسار
در يسار تو خاتم
- جم باد
]بادشاها! تون ملڪ ماڻ ڀلي
ساري دنيا هٿ ۾ آڻ ڀلي
توڪيو ظلم جو بنياد ختم
عدل جي پاڙ تو ڪئي محڪم
خطبه کي نان ِّ تنهنجي کان عزت
تو ڏني سال و ماه کي عظمت
نه ملڻ جنهن جي کان هو جم غمگين
سو سڀيئي هجئي زير نگين
تنهنجي همت جي ڇٽ سندو سايو
شل ڪري آسمان تي پايو
جا به دل توکان ٿي رهي برهم
شل نه ٿئي بر صواب تنهن جو ڪم
گهٽ ۽ وڌ جو شمار ٿئي جيسين
هجي دشمن کان دوست وڌ تيسين
کاٻي جڏهن ملڪ ڪيو سڄي جي وس
زيب کاٻي جو جم جي خاتم بس
[
 

شال الله تعاليٰ هن ملڪ ۽ هن بادشاهيءَ جي رونق کي مضبوط بنيادن تي [7]  دائم ۽ قائم ۽ هن بادشاهيءَ جي مضبوط محل ۽ هن نعمت،  شال سندس طرف سدائين آباد رهن، جي محڪم قلعي کي بد انتظاميءَ جي حادثن جي آسيب کان محفوظ رکي، ۽ سندس خطبو ۽ سـِـڪو، سندس لقبن ۽ اعليٰ درجي جي خطابن سميت دنيا جي ختم ٿيڻ تائين شال منبرن ۽ درهمن کي سينگاريندڙ هجي، ۽ جيسين جهان قائم آهي ۽ جيسين آسمان جي گردش برقرار آهي، تيسين شال سندس بادشاهيءَ جي شان و شوڪت جو سج ۽ حڪومت جي اقبال جو چنڊ بزرگيءَ جي ڪناري ۽ ڪمال جي آسمان مان حضرت محمد ۽ سندس سموري آل جي محابي چمڪندو ۽ اڀرندو رهي.

علي ڪوفي هن ڪتاب جوڙڻ جو سبب ٻڌائي ٿو:

هن ڪتاب تاريخ هند جو لکندڙ ۽ سنڌ جي فتح جي تقرير ڪندڙ ، محمدي شهنشاهت جو بندو علي بن حامد بن ابي بڪر ڪوفي جڏهن پنهنجي عمر جو هڪ عرصو آرام ۽ نعمت ۾ گذاري چڪو ۽ ڪميني دنيا مان وڏو نصيب ۽ مڪمل حصوکڻي چڪو، تڏهن حادثن جي مصيبتن ۽ زماني جي اوچين آفتن کان ]مجبور ٿي[ پنهنجي اصلوڪي وطن ۽ پيدائش جي جڳهه کان جدا ٿي، ڪي ڏينهن اچي اُچ مبارڪ ۾ سڪونت ڪري آرام ورتائين. وري تـِـلڪَ الاَ يامُ نـُـدَ اوَ لـُـهاَ بـَـينَ الناس( انهن ڏينهن کي ماڻهن ۾ ڦيرايون ٿا) جو حڪم پهتو، ۽ تقدير جي آبدار خوشيءَ جي پيالي کي ايذا ِّ جي ]ڪڙي[ ٽوهه سان بدلايو ۽ خوشيءَ کان محرومي جاري رهي (1).“ غدار ڦرندڙ آسمان جي سختين سببان زهر جا ڍڪ  ڀريندو ۽ قهر جا ڌڪ جهليندو آيو. اٺونجاهه سالن جي عمر ۾ سنه 613 (ڇهه سو تيرهن) ۾، سڀني ڪمن مان هٿ ڪڍي ، قيمتي ڪتابن کي پنهنجو وندرائيندڙ ۽ همنشين بنايائين: ۽ پنهنجي دل ۾ خيال ڪندو رهيو ته جنهن صورت ۾ لکندڙ جي دل تي  [8]سڀ ڪنهن علم مان ڪجهه اشارو نقش ٿيل آهي، ۽ هر هڪ وقت جي عالم ۽ يگاني حڪيم پنهنجي زماني ۾ پنهنجن مخدومن ۽ مـُـربـِـيـَـنِ جي مدد سان ڪانه ڪا تاريخ يا تصنيف زماني ۾ يادگارڇڏي آهي، جيئن ته اڳيان مصنف خراسان، عراق، ايران، روم ۽ شام جي فتحن مان هرهڪ جو بيان تفصيل سان نظم خواه نثر ۾ لکي ويا آهن. هندوستان جي فتح، جنهن ۾ محمد بن قاسم ، ۽ شام ۽ عرب جي اميرن جي هٿان هن ملڪ ۾ اسلام ظاهر ٿيو ۽ سمنڊ کان وٺي ڪشمير ۽ قنوج تائين مسجدون ۽ منبر ٺهيا، ۽ اروڙ جي تختگاهه ۾ رهندڙ راجا ڏاهر بن چچ بن سيلائج، جنهن کي شاندار امير عمادُ الدَولة والـَـديـِـن (دين ۽ حڪومت جي ٿنڀ) محمد بن قاسم بن ]محمد بدابي[ عقيل الثقفـِـي رحمة الله قتل ڪيو. ]جنهن ڪري[ هيءُ سارو ملڪ پسگرداين سميت سندس حوالي ٿيو. سو مون چاهيو ته هن ملڪ جو بيان، خلق جي ڪيفيت ۽ انداز ۾ هن ]ڏاهر[ جو ڪسڻ معلوم ٿئي ۽  ]اهڙي هڪ [ تاريخ تيار ڪئي وڃي. جڏهن انهيءَ جي ڳولا لاءِ  نفس اماري کي تڪليف ڏنم ۽ اُچ مبارڪ کان اروڙ (1) ۽ بکر جي شهرن ڏانهن رخ رکيم، ڇاڪاڻ ته اتان جا امام عربن جي خاندان ۽ بنياد مان هئا، ۽ جڏهن انهيءَ  شهر ۾ پهتس ته وڏي امام، زبردست عالم، دين ۽ مذهب جي ڪمال ۽ حاڪمن جي سردار مولانا قاضي اسماعيل بن علي بن محمد بن موسيٰ بن طائي بن يعقوب بن طائي بن محمد بن موسيٰ شـَـيبان (1) بن عثمان ثقفي، آدَامَ اللهُ فـَـضلـہ و رَحـِـم آباءَ [9] وَ اَسلاَ فـَــہ بـِـحـَـقِ مـُـحـَـمد وَ اَلـِـهـہ اَجمـَـعـِـيـن، جو فصاحت ۾ فضيلت جي کاڻ آهي ۽ نمڪينيءَ ۾  عقل جي جان: علم زهد جي سڀني فنن ۾ بينظير آهي، ۽ بلاغت جي ]سڀني[ قسمن ۾ بي مثال، تنهن سان ملاقات ٿي. کانئس پڇا ڪرڻ تي ٻڌايائين ته هن فتح جي تاريخ سندس ابن ڏاڏن جي هٿ اکرين حجازي ٻوليءَ ]عربي[ ۾ هڪ ڪتاب ]جي صورت[ ۾ لکيل آهي، جا هڪٻئي کان ميراث ٿيندي ورثي ۾ ايندي ٿي رهي، مگر جيئن ته اها عربي جي پردي ۽ حجازيءَ  جي حجاب ۾ ڍڪيل هئي، تنهن ڪري عجمين ]غير عربن[ ۾ مشهور نه ٿي.

 

ڪتاب جو ترجمو

جڏهن بندو انهيءَ ڪتاب کان واقف ٿيو ته ] ڏٺائين ته[ اهو حڪمت جي جواهرن سان سينگاريل ۽ نصحيت جي موتين سان سنواريل هڪ ڪتاب هو، جنهن ۾ عربن ۽ شامين جي بهادريءَ  ۽ مردانگيءَ جا ڪيئي قسم واضح هئا ۽ رعب ۽ دانائي منجهس جاءِ نشين هئي. جيڪو به قلعو فتح ٿيو، تنهن مان دولت هٿ آئي ۽ ڪفر ۽ گمراهيءَ جي رات لاءِ صبح ]ظاهر ٿيو[ ۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪو به طرف اسلام جي عزت سان مشرف ٿيو ۽ هٿ آيو ته انهيءَ کي مسجدن ۽ منبرن کان نـُـور ۽ عابدن ۽ زاهدن ]جي وجود[ سان سرور حاصل ٿي ٿيو، ۽ اهو پاسو اڄ تائين اسلام ۽ دينداريءَ جي جمال ۽ علم ۽ امانت جي ڪمال ۾ واڌارو ڪندو ٿو رهي ۽ دولت محمديءَ جو ڪوبه ٻانهو جڏهن به ملڪ ۽ بادشاهيءَ جي تخت تي ويهي ٿو ته نئين سر اسلام جي آئيني تان گمراهيءَ جي ڪٽ صاف ٿو ڪري. [10]

وزيرن جي بادشاهه شرف الملڪ ضاعف جلاله (شال (خدا) سندس بزرگي ٻيڻي ڪري) جي مدح ، جنهن ڏانهن هيءُ ڪتاب منسوب ڪيل آهي.

پوءِ جڏهن هيءُ ديني داستان، عربيءَ جي پردي ۽ حجازي حجاب مان فارسي زبان ۾ نقل ٿيو ۽ عبارت جي هار ۽ ديانت جي سينگار سان مشرف ٿيندي نثر جي لڙهيءَ ۾ ترجمو ٿيو ته دل هن فڪر ۾ غوطا هڻڻ لڳي ته هيءُ عجيب نئون تحفو ۽ وڻندڙ فتحنامو ڪهڙي سردار ڏانهن منسوب ٿيڻ گهرجي. نيٺ بخت ، بندي جي رهنمائي ڪئي ۽ هيءَ سعادت ظاهر ٿي جو دل ۾ چيم ته: اي علي! گذريل ڏينهن ۽ سالن کان وٺي ڪيڏو عرصو گذريو آهي جو ماڻهن جي سردار، جهان جي صدر، صاحبقران جي وزير، وزيرن جي عزت، ترار ۽ قلم جي مالڪ، شرف الملڪ رضي الدولة والدين نـَـور اللهُ مـَـضجـَـعـَه وَ طـَـيب تـَـراهُ (شال الله تعاليٰ سندس آرامگاهه کي روشن ڪري ۽ هن جي خاڪ کي عمدو بنائي) جي مهربانيءَ جي پاڇي ۽ احاطي جي پناهه ۾ رهيو آهين، ۽ پنهنجي هن سينگاريل ]تصنيف[‍ کي انهيءَ جي احسان تي پلجي ترتيب ڏنو اٿئي ۽ سندس اولاد دَامَ علـُـوهـُـم و رحـِـمَ اَبـَـائـَـهـُـم (شال سندن بلندي دائم رهي ۽ سندس وڏن تي رحم ٿئي ) جي نعمت جا حق تنهنجي گردن تي لازم آهن، تنهنڪري چڱو ائين ٿيندو ته هيءُ فتحنامو، جو ديني ثواب(1) ۽ دنيوي ڳالهين ]مان مرڪب[ آهي، جنهن تي دنيا جا محقق ۽ گهڻي احسان وارا بادشاهه فخر ڪندا ۽ سڀني کي عربن جي اعتقاد جي تصديق ۽ ادب ۽ ترقيءَ جي صاحبن جي خلوص سان نهايت اتفاق ٿيندو، ۽ هيءَ دولت] فتحنامو[ جا عرب ۽ شام وارن جي دٻدٻي ۽ رعب جو ]يادگار[ هوندي ]تنهن کي[ پڻ عاليشان خاندان  جو عرب جي حسب نسب مان آهي [11] ۽ جنهن جي بزرگ ڏاڏي- وڏي ۾ وڏي شان واري امير، ۽ خاص ۾ خاص لائق توقير ، دين جي عزت، عربن ۾ احترام جي لائق، ملت جي نظام ۽ امت جي قوام، قريشن جي فخر حضرت ابوموسيٰ اشعري رضي الله عنه جي هٿان، خراسان ۽ ايران جو وڏو حصو فتح ٿيو هو،“ سندس انهيءَ سپهه سالاري ۽ لشڪر ڪشيءَ  بابت شرح ۽ تفصيل سان علحدا ڪتاب ]لکيل آهن[ ، جتي به ڪافرن کي شڪست ڏنائين ته اتي اسلام جا جهنڊا هميشه لاءِ بلند ٿيا ۽ اتان جي فتح جو خط اميرالمؤمنين عمر بن الخطاب کي پهچندو هو ۽ هو پاڻ مومنن جي اڳيان بيهي خطبو ڏيندو هو ]جنهن ۾ اسلام جي شان تي[ فخر ڪري ، تعريف ]الله تعاليٰ جي[ ڪندو هو، جي صاحب ]ڪمال[ ، نعمتن جي مالڪ، ترار ۽ قلم جي ڌڻيءَ وڏي ۾ وڏي امير، تائيد ڪيل. فتحمند، ڪامياب، ملڪ جي ڌُ ئل (چونڊيل) ، دولت ۽ دين جي فخر ، ولايتن جي نظام، وزيرن جي شان ، حسين بن ابي بڪر بن  محمد الا شعر ضـَـاعـَـفَ اللهُ جـَـلا له فـِـي اَعزُ اَرومـَة وَ اَڪرمِ جـُـرثـُـومةِ مـَـا ڪـَـرَ الجـَـدِيدان واتـَـفقُ  الفـَـر فـَـدانِ وَ اختـَـلـَـفَ العـَـصرانِ (شال الله تعاليٰ سندس عزت کي ٻيڻو ڪري، عزت ۾ عزت واري خاندان ۽ شريف ۾ شريف گهراڻي ۾، جيستائين رات ڏينهن مٽبا رهن، فرقدين(1) اتفاق ڪندا رهن ۽ زمانا هڪٻئي پٺيان ايندا رهن) جي گذارش ۾ آندو وڃي ته ملاحظي جي شرف ۽ مطالعي جي نظر سان مشرف ٿي، قبوليت جي عزت سان برڪت ڀريل ۽ مقبول بڻجي ، ۽ زماني جي بزرگين جي فهرست ۾ ]داخل[ ٿئي.(2)

 

مصنف جي معذرت

وقت جي بزرگن ۽ تاريخ جي مالڪن ڪيترين شين کي پنهنجي يادگار جو باقي رکندڙ ۽ پنهنجي نالي کي جٽاءُ ڏيندڙ بنايو آهي: پهريون ته هو انصاف، عدالت، نهٺائيءَ ۽ وقار کي پنهنجو لباس بڻائيندا آهن ، ٻيو ته نفس جي گذران کان پوءِ ، جو آدميءَ جو سرمايو آهي،] باقي بچيل[ مال کي آخرت جو ثمر ڪندا آهن، ٽيون ته پنهنجي اولاد کي عجيب هنرن سان سينگاريندا آهن، چوٿون ته وقت جي عالمن ۽ حڪيمن کي قيمتي ڪتابن جي تصنيف ۽ مفيد حڪمتن جي تاليف [12] جي ترغيب ڏيندا آهن، ۽ انهيءَکي پنهنجن مقصدن جي ڏاڪڻ ۽ مطلبن جا ذريعا سمجهندا آهن، ڇاڪاڻ ته حڪمت جا سخن ۽ نصيحت جا قسم هميشه لاءِ ڪتابن ۽ اخبارن جي پنن تي يادگار رهندا.


(1)  مطلب هيءُ آهي ته هن ڪتاب ۾ جيڪڏهن محمد رسول جن جي مناقبن ۽ خصوصيتن جو ذڪر هوندو ته اهو هن ڪتاب لاءِ سينگار ۽ سونهن ٿيندو.

(1)  يعني هيءَ سڄي آيت ته: مـُـحـَـمد رَسـُولُ الله وَ الذِينَ مـَـعـَـہ اَشـِـداءُ عـَـلـَـي الڪـُـفارِ وُحـَماءُ بـَـينـَـهـُـم تـَـراهـُـم رُڪعاَ سـُـجداَيبـَـتـَـغـُـونَ فـَـضلاَ منَ اللهِ وَرِضو انـَـاط سـِـيمـَــاهـُـم فـِـي وجـُـوهـِهـِـم مـِن اَثرِ السجـُود (سوره فتح رڪوع-4) (محمد رسول الله ۽ سندس ساٿي، ڪافرن تي سخت ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي تي ٻاجهارا آهن . تون هنن کي رڪوع ۽ سجدو ڪندڙ ڏسندين. هو پنهنجي رب جو فضل ۽ رضامندو گهرن ٿا. هنن جي پيشانين ۾ سجدي جي اثر کان نشانيون آهن)(مترجم).

(1)  اصل متن ۾ محمد رسول الله خاتم النبيين آهي، جو صحيح نه آهي.(مترجم)

(1) هن سڄي ڊيگهه جو مطلب هيءُ آهي ته هيءُ لطيف داستان انهيءَ وقت لکيو ويو، جنهن وقت سلطان محمد بن سام بالقابہ جي بادشاهيءَ جي تخت کي ناصرالدين قباچه بالقابہ پنهنجي جلوس سان سينگاريو هو ۽ سندس حڪومت اهڙي ته پڪي پايي تي بيٺل هئي جو جنهن به ملڪ تي ڪاهيائين ٿي ته اهو ملڪ سندس اڳيان ٻانهون ٻڌي ٿي بيٺو.(مترجم)  

(1)  اصل فارسي عبارت و استقامت بندمت سرور متواتر شد اسان جي خيال ۾ عبارت ۾ خلل آهي ۽ مطلب اهوئي ٿي سگهي ٿو جو ترجمي ۾ ڏنل آهي. خود فارسي ڇاپي جي علامه ايڊيٽر کي پڻ هن عبارت ۾ شبهو آهي ، جيئن ته حاشيي ۾ چوي ٿو تهعبارت در اين جا مختل است.

(1)  پ جي پڙهڻي مطابق "ارور" يعني" اروڙ" . مگر ٻين جملي نسخن ۾ ويندي ن ۽ ر تائين هن لفظ جي پڙهڻي "الور" آهي.

(1)  ب : شهاب.

(1)  اصل متن ۾ صواب لکيل آهي جو غلط آهي. (مترجم)

(1)  فيروز اللغات، ص185 ۾ فرقدان يا فرقدين جي معني هيءَ ڏني وئي آهي: اتر قطب جا اهي ٻه تارا جيڪي قطب وٽ آهن، ان جي چوڌاري گردش ڪندا رهن ٿا، ۽ شام کان وٺي صبح تائين ظاهر رهن ٿا، ۽ ڪڏهن به نظر کان غائب نٿا رهن. (مترجم)

(2)  عنوان کان وٺي، هن هندسه تائين سڄي ڊيگهه جو مطلب هيءُ آهي ته جڏهن هيءُ ڪتاب عربيءَ ّکان فارسيءَ ۾ ترجموٿي چڪو ، تڏهن مان پنهنجي دل ۾ ويچار ڪرڻ لڳس ته هيءُ ڪتاب ڪهڙي امير ڏانهن منسوب ٿيڻ گهرجي! آخر بخت رهنمائي ڪئي ۽ دل ۾ چيم ته اي علي! تون جنهن صورت ۾ وزير شرف الملڪ مرحوم بالقابه جي نعمتن جو پاليل آهين، ته سندس ۽ سندس اولاد جا حق تنهنجي گردن تي واجب آهن، تنهنڪري مناسب ائين آهي ته هيءَ ڪتاب، جو هنن ، هنن خوبين جو حامل آهي .۽ جنهن جي پڙهڻ سان عرب ۽ شام جي رهاڪن جي عظمت دلين ۾ گهر ڪري ويندي وغيره وغيره، کڻي وڃي وزير حسين بن ابوبڪر بن محمد اشعري بالقابه جي خدمت ۾ پيش ڪر، ڇاڪاڻ ته هو به عرب جي خاندان مان آهي، ۽ پڻ سندس وڏي ڏاڏي حضرت ابو موسيٰ اشعري بالقابه جي هٿان ايران ۽ خراسان جو وڏو حصو فتح ٿيو هو،  ته هن جي مطالعي جو شرف حاصل ڪري ۽ هي ڪتاب برڪت ڀريو ۽ مقبول ٿئي. (مترجم)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org