سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب؛ --

صفحو :48

 

پر جيئن ته صالح کي محمد بن قاسم ۽ ٻين کي سخت عذاب ڏئي چيچلائي مارڻو هو، انهيءَ ڪري واسط جي هن هيبتناڪ قيدخاني ۾ ئي محمد بن قاسم پنهنجي همت ۽ حوصلو قائم رکندي، صبر ۽ شڪر سان پنهنجي جان بحق تسليم ڪئي. قرائن مان چئي سگهجي ٿو ته اهو المناڪ حادثو سنه 96هه/715ع جي پوئين اڌ ۾ واقع ٿيو. بهرحال محمد بن قاسم جي اها دردناڪ پڄاڻي مرڪزي سياست ۾ آيل ڦيري ۽ نون حڪمرانن جي بي انتها انتقامي جذبي سببان ٿي جنهن جو ڏاهر جي ڌيئرن واري منگهڙت افساني سان ڪوبه تعلق ڪونه هو. (ن- ب)

259/[247] مخلص ڪتاب: منهاج الدين..... عين الملڪ: متن ص259 جي حاشيه-1 ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي ته هي سڄو عنوان آهي، ۽ نسخي ن ۾ به اهو سڄو فقرو عنوان طور ڏنل آهي. مگر فارسي ڇاپي ]ص[ 247۾ هن سڄي فقري جي بدلي محض ”مخلص ڪتاب“ کي عنوان طور ڏنو ويو آهي، جنهن ڪري هيٺين عبارت ۾ مونجهارو پيدا ٿيو آهي ۽ انهيءَ ڪري فاضل ايڊيٽر هن سڄي فصل کي ”مضطرب ۽ مخرب“ قرار ڏنو آهي.

ٻيو ته هن عنوان هيٺ، فارسي مترجم علي ڪوفي هن پنهنجي فارسي ۾ ترجمي ڪيل ڪتاب لاءِ جو نالو لقب طور انتخاب ڪيو آهي، ان جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ اصل ڪتاب جو عربيءَ ۾ هو، تنهن ڏانهن اشارو ڪيو آهي، ۽ ان کي فارسي زبان جي رنگين عبارت ۾ ترجمي ڪرڻ جي ضرورت بيان ڪئي آهي. انهيءَ ڪري ظاهراً هن عنوان جي مراد آهي ”مخلص ڪتاب فلان“. انهيءَ لحاظ سان ”منهاج الدين و الملڪ، الحضرهِ الصدر الاجل العالم عين الملڪ“ باوجود ڊيگهه جي هن فارسي ترجمي جو مترجم طرفان انتخاب ڪيل لقب آهي. فارسي متن جي فاضل ايڊيٽر هن لقب جي پوئين حصي يعني ”الحضرة الصدر الاجل العالم عين الملک“ کي هيٺين عبارت ۾ اضافي سمجهي متن مان خارج ڪري ڇڏيو آهي، حالانڪ سڀني نسخن ۾ اهو سڄو لقب موجود آهي.

ڪتاب جي جملي قلمي نسخن ۾ هن عنوان واري فقري جو شروع وارو لفظ ”منهاج الدين“ جي بدران ”سما ِّ الدين“ ڏنو ويو آهي. مگر هن عنوان جي هيٺ جا عبارت آهي، ان ۾ جملي قلمي نسخن مطابق اهو شروع وارو لفظ ”منهاج الدين“ آهي، انهيءَ ڪري اسان انهيءَ هيٺين صاف عبارت جي بنياد تي عنوان ۾ پڻ ”سما ِّ الدين“ جي بدران ”منهاج الدين“ کي ترجيح ڏيئي رکيو آهي. برٽش ميوزيم جي قلمي نسخن ۾ ”منهاج الدين“ ۽ ”منهاج الدين والملڪ“ پڙهڻين جي بنا ِّ تي ريو (Rieu) هــن ڪــتـاب جــا اهـي ئـي نـالا تسليم ڪـري ٿو (ڏسـو فهرست ريــو، جلد 3 ص (No 435-949

ٻيو ته هن عنوان واري فقري جو آخري لفظ، ڪتاب جي انهن قلمي نسخن مطابق جي فارسي متن جي فاضل ايڊيٽر جي زير مطالعي هئا، ”عين الملڪ“ جي بدران ”علا ِّ الملڪ“ آهي (ڏسو فارسي ڇاپو، ص 247، حاشيه 15) مگر فاضل ايڊيٽر ”علا ِّ الملڪ“ جي بدران ”عين الملڪ“ پڙهڻي کي قياس ويجهو سمجهي اها پڙهڻي اختيار ڪئي آهي. نسخي ن جي پڙهڻي صاف طور ”عين الملڪ“ ئي آهي ۽ انهيءَ ڪري اسان پڻ انهيءَ پڙهڻي کي ترجيح ڏني آهي. پڪ سان چئي سگهجي ٿو ”عين الملڪ“ اصلي ۽ صحيح پڙهڻي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪتاب جي شروع ۾ ص 58-59 تي [12-11]  تي مترجم علي ڪوفي هن پنهنجي ترجمي ٿيل ڪتاب کي پنهنجي مربين، هرهڪ مرحوم وزير شرف الملڪ رضي الدين ابوبڪر بن محمدالاشعري ۽ سندس زندهه فرزند وزير عين الملڪ فخرالدين حسين بن ابي بڪر الاشعري، ڏانهن منسوب ڪيو آهي. ڪتاب جي ترجمي پوري ڪرڻ وقت وري ڪو خيال آيس، جو هن ترجمي کي پنهنجي زنده مربي وزير ”عين الملڪ“ جي خوشنودي خاطر سندس نالي پويان ”منهاج الدين و الملڪ، الحضرهِ الصدر الاجل العالم عين الملڪ“ جو لقب ڏنائين.

هت اهو نقطو سمجهڻ ضروري آهي ته ”منهاج الدين.... عين الملڪ“ ڪتاب جو ”لقب“ آهي ۽ نه نالو. خود مترجم اصلي فارسي متن ]ص   [ 247۾ ”ملقب است“ جا الفاظ استعمال ڪيا آهن ۽ نه ”مسميٰ است“. ٻيو ته هن لقب ۾ مترجم جي مربي وزير عين الملڪ جو خطاب ڪم آندل آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته هيءُ لقب خود مترجم پنهنجي هن ڪيل فارسي ترجمي لاءِ ايجاد ڪيو آهي ۽ اهو ڪو هن ڪتاب جو اصل لقب ڪونهي.

مترجم طرفان سندس ترجمي لاءِ ايڏو ڊگهو لقب جو ”منهاج الدين و الملڪ“ جهڙن وڏن لفظن سان شروع ٿئي ٿو، البت تعجب خيز آهي. پر مٿي ص 261 تي، نوٽ ص [9]/56 هيٺ، هن حقيقت طرف اشارو ڪيو ويو آهي ته مترجم جي ڏينهن ۾ اهڙن لقبن جو، جن جي آخر ۾ ”دين“ هجي، تن جو وڏو چلامان هو. انهيءَ ڪري مترجم هر موقعي تي پنهنجي طرفان انهيءَ قسم جا لقب استعمال ڪيا. تنهن ڪري محمد بن قاسم لاء ”عما ِّ الدين“ ۽ ”ڪرم الدين“ جا لقب ايجاد ڪيائين، حالانڪ محمد بن قاسم جو ڪنيـہ ”ابوالبهار“ هو، جنهن کان مترجم بيخبر هو. ساڳيءَ طرح ص[12]  تي مترجم نبي ﷺ جي اصحابي حضرت ابوموسيٰ الاشعري رضه لاءِ”ڪريم الدين“ جو لقب استعمال ڪيو آهي، ص[235] تي محمد بن قاسم طرفان مقرر ڪيل قاضي موسيٰ بن يعقوب لاءِ برهان الملة و الدين جو لقب اختيار ڪيو اٿس، ۽ ص [9] تي هن قاضي جي اولاد مان قاضي اسماعيل لاءِ ڪمال الملة و الدين“ جو لقب آندو اٿس. سندس لقب بازيءَ جي انهيءَ شغف ۽ شوق، مترجم علي ڪوفي کي هن پنهنجي فارسي ترجمي لاءِ پڻ ”منهاج الدين و الملڪ، الحضرة الصدر الاجل العالم عين الملڪ“ جهڙي ڊگهي لقب ايجاد ڪرڻ تي آماده ڪيو، جنهن ۾ عام مروج لقبن واري خوبي توڙي سندس مربي وزير عين الملڪ جي خوشنودي، ٻئي سمايل هيون. (ن- ب)


 

1- ڪتابن جي نالن جي فهرست

”اشارن ۽ واڌارن“ ۽ متن جــي حاشين ۾ جن ڪتابن جــا حــوالا مـصـحح (ن-ب) طرفان ڏنل آهن، تن جا سڄا نالا الف- بي وار ترتيب موجب هن فهرست ۾ ڏنا ويا آهن. جهڙيءَ طرح سان حاشين ۾ ڪتاب جو حوالو، مصنف يا ڪتاب جي نالي سان ڏنو ويو آهي، اهڙيءَ طرح فهرست ۾ به ان جي شروعات ڪئي وئي آهي. اڪثر ڪتابن جي شروعات مصنفن جي نالن سان ڪئي وئي آهي، وڌيڪ سڃاڻپ خاطر هر عربي ڪتاب آڏو ”عِ“، فارسي ڪتاب آڏو ”ف“ ۽ انگريزي ڪتاب آڏو ”گ“ جون نشانيون قائم ڪيون ويون آهن. انگريزي ڪتابن جا نالا فهرست ۾ ترجمو ڪري رکيا ويا آهن. (ن- ب)

ع

1.

الاغـُـاني:ڪتاب الاغاني، قاهره 1323هه.

ع

2.

الامدي: المؤتلف و المختلف، تصحيح ”سالم ڪرنڪوي“ (Krenkow) ، قاهره.

ع

3.

الاخبار الطوال، مطبع بريل، ليڊن (هالينڊ) 1888ع.

ع

4.

ابن الاثير، ڪتاب الڪامل في التاريخ، مطبع بولاق.

ف

5.

ابن حامد ڪرماني: تاريخ ڪرمان عقدالعلي للموقف الاعليٰ طهران 1311 شمسي.

ع

6.

ابن حجر عسقلاني: ڪتاب الاصابة في تمييزالصحابة، ٽن جلدن ۾، قاهره 1328هه.

ع

7.

ابن حزم: جمهرة انساب العرب، قاهره 1948ع.

ع

8.

ابن حوقل: ڪتاب المسالڪ و الممالڪ، مطبع بريل، ليڊن 1872ع.

ع

9.

ابن خردازبـہ: ڪتاب المالسڪ والممالڪ، ليڊن.

ع

10.

ابن خلدون: تاريخ- ڪتاب العبر- الخ، قاهره 1284هه.

ع

11.

ابن خلڪان: وفيات الاعيان، عربي متن، المطبعة الميمنية، قاهره 1310 هه. (2) انگريزي ترجمو دِسلين (Da Slane)، پئرس- لنڊن، 71-1843ع.

ع

12

ابن دريد: ڪتاب الاشتقاق،غوتنجن، جرمني 1854ع.

ع

13

ابن رستـہ: ڪتاب الاعلاق النفيسة، ليڊن 1904ع.

ع

14

ابن عبدربـہ: العقد الفريد، قاهره 1302 هه.

ع

15

ابن عساڪر: التاريخ الڪبير، دمشق 1332 هه.

ع

16

ابن قتيبة: طبقات الشعر والشعرا ِّ، ليڊن، 1904.

ع

17

ابن قتيبة: عيون الاخبار، دارالڪتب، قاهره 1925ع.

ع

18

ابن قتيبة: ڪتاب المعارف، غوتنجن 1850ع.

ع

19

ابن الوردي: خريدة العجائب، قاهره، 1285 هه.

ع

20

ابوحيان التوحيدي: ڪتاب الامتاع و المـُـوانسـہ، قاهره 1942ع.

ع

21

ابوزيد: ڪتاب النوادر، طبع بيروت.

ع

22

ابو علي القالي: (1) ڪتاب الامالي، ۽ (2) ذيل الامالي، طبع دارالڪتب، قاهره.

گ

23

اسلامڪ ڪلچر (مخزن)، حيدرآباد دکن: مقالات
نبي بخش خان بلوچ

 

 

1.”هندستان تي اوائلي عرب حملن جو سن تاريخ“، ماهه جولاءِ 1946ع.

 

 

2. ”ديبل جو ممڪن محل وقوع“، ماهه جولاءِ 1952ع.

 

 

3. محمد بن قاسم جي خاندان ۽ شخصيت جو مطالعو، ماهه آڪٽوبر 1953ع.

ع

24

الاصطخري: ڪتاب مسالڪ الممالڪ، لنڊن 1870ع.

گ

25

امپيريئل گزيٽيئر آف انڊيا، جلد 14، لنڊن 1908ع.

گ

26

ايليٽ ۽ ڊائوسن: هندستان جي تاريخ، مقامي مؤرخن جي زباني، جلد اول، لنڊن 1867ع.

ع

27

بخاري: التاريخ الڪبير، حيدرآباد دکن، 1361 هه/1942ع.

ع

28

البد ِّ والتاريخ، تصنيف: ابو زيد البلخي، پئرس 1907ع.

ع

29

بلاذري، احمد بن يحييٰ: انساب الاشراف (1) جلد 4-5، طبع جيروسلم (2) جلد-11 عڪس، طبع يورپ.

ع

30

بلاذري، فتوح البلدان (1) طبع ليڊن 1866ع. (2) طبع قاهره، 1350 هه/1932ع.

ع

31.

بيروني: ڪتاب الهند، (1) عربي متن: تصحيح سخاؤ، (2)انگريزي ترجمو: سخاؤ، لنڊن 1888ع.

ع

32.

بيروني: ڪتاب الجماهر في معرفة الجواهر، دائرة المعارف، حيدرآباد دکن، 1355 هه.

گ

33.

پوسٽنس، ڪئپٽن: سنڌ بابت ذاتي رايا، لنڊن 1943ع.

ع

34.

تاج العروس، مشهور عربي لغت، طبع قاهره.

ف

35.

تاريخ بيهق، تصنيف بيهقي معروف بابن فندق، طهران 1317 شمسي.

ف

36.

تاريخ گزيده، حمدالله مستوفي، گب ميموريل، لنڊن.

ف

37.

تاريخ نامه هرات، تاليف هروي، ڪلڪته 1943ع.

ع

38.

تقي الدين حموي، ثمرات الاوراق فيما طاب من نوادر الادب وراق، قاهره 1302 هه.

ف

39.

تحفـة الڪرام، جلد 3، مطبع ناصري، دهلي.

ع

40.

جاحظ: رسالة في بني اميہ (مطبوعه في آخر ڪتاب النزاع و التخاصم للمقريزي)، قاهره.

ع

41.

جاحظ: ڪتاب البيان و التبينن، قاهره 1245/ 1926ع.

ع

42.

جاحظ: ڪتاب الحيوان، قاهره 1324هه/1906ع.

ع

43.

الجهشياري: ڪتاب الوزرا ِّ والڪتاب، قاهره 1938ع.

ع

44.

جواليقي: ڪتاب المعرب من الڪلام الاعجمي عليٰ حروف المعجم، لپزگ 1867ع.

ع

45.

حافظ عبدالغني: ڪتاب مشتبـہ النسبة، الله آباد، 1327هه.

ف

46.

حدود العالم من المشرق اِلي المغرب، طهران 1352 شمسي.

ع

47.

حرير: دُرة الغواص، مطبع الجوائب، استنبول 1299هه.

ع

48.

حمزه اصفهاني:سني ملوڪ الارض والانبيا ِّ، ڪاوياني پريس، برلن.

ع

49.

خطيب  تبريزي: ڪتاب تهذيب الاالفاظ، بيروت 1895ع.

ع

50.

الخفاجي: شرح درهِ الغواص، مطبع الجوائب، استنبول، 1299هه.

ع

51.

الخفاجي: شفا ِّ العليل فيما في ڪلام العرب من الدخيل، قاهره 1282هه.

ع

52.

الدميري: حياةِ الحيوان، قاهره 1319هه.

ع

53.

ديوان رؤبة بن العجاج، برلن 1403ع.

ع

54.

ديوان عامر بن طفيل، گب ميموريل، لنڊن.

ع

55.

ديوان فرزدق، (1) طبع پئرس 1870ع (2) طبع قاهره 1354هه/1936 (3) طبع ميونچ 1900ع.

گ

56.

ڊان اخبار، ڪراچي مؤرخه 29-اپريل 1951ع.

گ

57.

راورٽي: سنڌ جو مهراڻ ۽ ان جون شاخون، جرنل ايشياٽڪ سوسائٽي آف بينگال، ڪلڪته 1882ع.

گ

58.

ري: اتر- اولهه هندستان جي گهراڻي وار تاريخ، ڪلڪته 1936ع.

ع

59.

سمعاني: ڪتاب الانساب، گب ميموريل، لنڊن.

ع

60.

سمط اللالي، صنع عبدالعزيز الميمني، قاهره 1354هه/1936ع

ع

61.

سيوطي جلال الدين: تاريخ الخلفا ِّ، مطبع منيريه، قاهره 1351ع.

گ

62.

سيوطي جلال الدين: ڪشف الصلصلـة عن وصف الزلزلة، انگريزي ترجمو: اي.سپرنگر، جرنل ايشياٽڪ سوسائٽي آف بينگال، سال 1843ع.

ع

63.

شذارت الذهب في اخبار من ذهب، تاليف ابن عماد الحنبلي، قاهره 1350/1931ع.

ع

64.

طبري، ابوجعفر محمد بن جرير: تاريخ الرسل و الملوڪ، مطبع بريل، ليڊن.

ع

65.

طبري، ابوجعفر محمدبن جرير: ذيل المذيل من تاريخ الصحابه والتابعين، تاريخ طبري جلد-3 جي آخر ۾ ڇپيل، ليڊن.

ع

66.

العسڪري: ديوان المعالي، قاهره 1352هه.

ع

67.

عمادالدين: عيون الاخبار (قلمي).

ع

68.

عمدة الطالب في انساب آل ابي طالب، تاليف احمد بن علي الداؤدي، بمبئي 1318هه.

ع

69.

العيون و الحدائق في اخبار الحقائق، ليڊن 1865ع.

گ

70.

فرشـة: تاريخ فرشة، انگريزي ترجمه، برگس.

ع

71.

قدامة بن جعفر: ڪتاب الخراج، مطبع بريل، ليڊن.

ع

72.

قلادهِ النهر في وفيات اعيان الدهر، (قلمي نسخو ڪتبخانو پير جهنڊو).

ع

73.

قلقشندي: صنح الاعشي، مطبعة اميريه، قاهره.

ع

74.

الڪتبي: فوات الوفيات، قاهره 1283/1299 هه.

گ

75.

ڪزنس هينري: سنڌ جا آثار قديمه، ڪلڪته 1929ع.

ع

76.

ڪننگهام: هندستان جي قديم جاگرافي، ڪلڪته 1924ع.

گ

77.

لانگوَرٿ، ڊيمس: بلوچ قوم، رايل ايشياٽڪ سوسائٽي، لنڊن 1934ع.

ع

78.

اللسان: لسان العرب، مشهور عربي لغت، طبع قاهره.

ع

79.

المبرد: الڪامل في الادب، لپزگ 1864ع.

ف

80.

مجمل التواويخ و القصص، طهران، 1318 شمسي.

ع

81.

المحاسن و المساوي، تصنيف البيهقي، قاهره 1325هه/1906ع.

ع

82.

محاضرات راغب اصفهاني، قاهره 1282هه.

ف

83.

محب الله بکري: تاريخ سنڌ (قلمي نسخه مولانا محمدابراهيم ڳڙهي ياسيني).

ع

84.

محمد بن حبيب: ڪتاب المحبر، حيدرآباد دکن.

ع

85.

مرزباني: معجم الشعرا ِّ، تصحيح سالم ڪرنڪوي، قاهره 1354هه.

ع

86.

المسعودي: التنبيهه والاشراف، ليڊن، 1894ع.

ع

87.

المسعودي: مروج الذهب، پئرس ڇاپو.

ع

88.

معصومي: تاريخ معصومي، تاليف ميرمحمد معصوم، تصحيح شمس العلما ِّ ع.م.دائود پوٽو، بمبئي 1938ع.

ع

89.

مقدسي: احسن التقاسيم في معرفة الاقاليم، ليڊن 1877ع.

ع

90.

مقدسي، محمد بن طاهر: جمع بين رجال الصحيحين، حيدرآباد دکن، 1223هه.

گ

91.

مقدمـہ جوامع الحڪايات، ڊاڪٽر نظام الدين، لنڊن 1939ع.

ع

92.

منقري، نصر بن مزاحم: ڪتاب الصفين، طهران.

گ

93.

مونير-وليم: سنسڪرت- انگلش ڊڪشنري، آڪسفورڊ 1899ع.

ع

94.

نقائض جرير والفرزدق، ليڊن 12-1908ع.

ع

95.

النويري: نهاية الارب، دارالڪتب، قاهره.

ع

96.

همداني، ابن الفقيہ: ڪتاب البلدان، ليڊن، 1885ع.

گ

97.

هوڙي والا: هندي-مسلم تاريخ بابت مطالعات، بمبئي 1929ع.

گ

98.

هيگ، ميجر جنرل: سنڌو جي دوآبي وارو ملڪ، لنڊن 1894ع.

ع

99.

اليعقوبي: تاريخ ابن الواضح اليعقوبي، ليڊن 1883ع.

ع

100.

ياقوت: ڪتاب المشترڪ و صفا و المفترق صقعا، غوتنجن، 1845ع.

ع

101.

ياقوت: معجم البلدان، ايڊٽ: ووسٽنفيلڊ، ليپزگ.

 
(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org