دهليله جي راجا جو ڀڄي وڃڻ
جڏهن صبح صادق انڌاريءَ رات جي پردي مان ٻاهر
نڪتو، تڏهن محمد بن قاسم کي انهن ماڻهن جي نڪري
وڃڻ جو حال معلوم ٿيو. پنهنجو ڪجهه لشڪر سندن
پويان روانو ڪيائين، جن انهن مان ڪن کي نهر
ٽپندي وڃي پڪڙيو، ۽ سڀني کي خونخوار تلوار جو کاڄ
بنايو. جيڪي اڳ ۾ ٽپي ويا هئا، سي جيسلمير ۽
ريگستان جي رستن کان هندستان جي سير
ملڪ ڏانهن هليا ويا. انهن جي بادشاهه جو نالو
ديوراج
هو، جو ڏاهر جو سؤٽ هو.
دهليله جي فتح ۽ خزاني جو پنجون حصو دارالخلافت ڏانهن موڪلڻ
محمد بن قاسم جڏهن دهليله جي لڙائيءَ کان واندو ٿي
ان کي فتح ڪيو، تڏهن مال جو پنجون حصو دارالخلافت
جي خزاني جي حوالي ڪري بهرور ۽ دهليله جو فتحنامو
حجاج ڏانهن لکي (کيس) پورو احوال ٻڌايائين.
سياڪر وزير جو اچڻ ۽ امانَ گهرڻ
پوءِ محمد بن قاسم هندستان جي بادشاهن ڏانهن چؤطرف
خط لکي کانئن اسلام ۽ فرمانبرداريءَ جي گهر ڪئي.
ڏاهر جي وزير سياڪر هن حقيقت ٻڌڻ تي پنهنجا ڀروسي
جوڳا ماڻهو موڪلي امانَ گهري، ۽ اهي مسلمان زالون،
جيڪي قيد هيون، سي پاڻ سان آنديون
]۽
چيو[
ته: هي اهي مسلمان عورتون آهن جن حجاج جو نالو وٺي
ٿي دانهون ڪيون]
199[
سياڪر جو وزير ٿيڻ
محمد بن قاسم انهيءَ جي عزت افزائيءَ لاءِ سندس
آڏو وڏا ماڻهو استقبال لاءِ روانا ڪيا، ۽ عزت ۽
تعظيم سان مٿس ڏاڍيون مهربانيون ڪري، وزارت جو ڪم
سندس حوالي ڪيو، ۽ هو (پڻ) مسلمانن جو خيرخواهه
رهندو آيو، ۽ امير محمد بن قاسم کي جيڪا به صلاح
يا راز جي ڳالهه ڪرڻي هوندي هئي، سا ساڻس ڪندو هو،
۽ کانئس صلاح وٺندو هو، بادشاهيءَ جون سڀ ڳالهيون،
صلاحون ۽ ضروري ڪاروبار جو انتظام يا بادشاهيءَ جي
سلامتيءَ (جو احوال) کيس ٻڌائيندو هو. هو محمد بن
قاسم کي چوندو هو ته:
”هيءَ
صلاح ۽ راءِ،
جا امير عادل چوي ٿو، سا هند جي سڀني ملڪن کي قبضي
۾ آڻيندي. بادشاهيءَ جي قاعدن جا آداب ۽ حڪومت جي
قانون جو انتظام، جو انهيءَ ۾ سمايل آهي، سو سڀني
دشمنن کي مغلوب ۽ ذليل ڪندو. رعيت ۽ ڍل ڀريندڙن
جي دلجوئي ٿيندي.“ ]۽ پڻ هو چوندو هو ته:[
”ديواني
مال جي قانون کي قديمي دستور موجب قائم ۽ مقدم
رکيو وڃي، ۽ جنهن صورت ۾ انهيءَ ۾ ڪابه زيادتي
ڪانه آهي، تنهنڪري ڪنهن به ماڻهوءَ کي ايذاءُ نه
رسندو، ۽ اها صلاح ڪامورن ۽ دوستن جي تربيت ڪندي.“
نـُـوبة
بن هارُون کي دهليله جي حڪومت عطا ڪرڻ
ڪي ماڻهو روايت ڪن ٿا ته: جڏهن دهليله فتح ٿيو ته
محمد بن قاسم نـُـوبـَـت بن هارون کي سڏي کانئس
بيعت ورتي، ۽ اُتان کان وڌاتيه
تائين ملڪ سندس انتظام هيٺ ڏيئي، ڪناري جي ٻيڙين
جو ڪم سندس حوالي ڪيو. پڻ انهيءَ قلعي جي اڀرندي ۽
الهندي ڪناري جو پورو ڪاروبار سندس هٿ ۾ ڏنائين.
اتان کان برهمڻ آباد ٽي ميل هو، ۽ جـَـيسينه
]پـٽ[
ڏاهر کي پڻ خبر پهتي ته اسلامي لشڪر پهچي رهيو
آهي.]
200[
عرب جي لشڪر جو جـَـلوالي
ڍوري (يا ڍنڍ)
جي ڪناري تي لهڻ، ۽ اسلام ڏانهن دعوت ڏيڻ لاءِ قاصد موڪلڻ
پوءِ محمد بن قاسم دهليله کان منزل پٽي، برهمڻ
آباد جي اڀرندي طرف
”نهر جـَـلوالـِـي“
جي ڪناري تي
وڃي لٿو، ۽ پنهنجو اعتماد جوڳو قاصد برهمڻ آباد موڪلي، (انهن
کي) تابعداري ڪرڻ ۽ ايمان آڻڻ جي دعوت ڏنائين، ۽
کين اسلام ۽ جزيي جي آڇ ڪيائين. (اهو به چيائين)
ته جيڪڏهن فرمانبرداري قبول نه ڪندا ته پوءِ لڙائي
لاءِ تيار رهو. جـَـيسـِـينه
]پـٽ[
ڏاهر، قاصد جي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي چنيسر
طرف ويل هو.
]برهمڻ
آباد جي[ قلعي کي چار دروازا هئا، تنهن ڪري
]جـَـيسـِـينه[
شهر جي رئيسن مان سورهن ماڻهو چونڊي، هرهڪ دروازي
تي چار ماڻهو اڳواڻ ڪري، پنهنجي فوج سميت مقرر ڪري
ويو هو. انهن دروازن مان هڪ دروازي کي جريطري
چوندا هئا. چار رئيس ماڻهو انهيءَ دروازي لاءِ به
جوابدار ٺهرايا هئائين، هڪ کي بهارند، ٻئي کي
ساتيا، ٽئين کي بنوره
۽ چوٿين کي سالها
]ٿي
سڏيائون[.
رجب مهيني جي پهرين تاريخ تي محمد بن قاسم
جو اچي لهڻ
محمد بن قاسم اتي پهچڻ تي کاهي کوٽڻ جو حڪم
ڏنو.سومر ڏينهن
پهرين رجب تي لڙائي شروع ڪيائون. مشرڪن ڏهاڙي ٻاهر
نڪري لڙائي ٿي ڪئي ۽ نغارا ٿي وڄايا. اٽڪل چاليهه
هزار جنگي جوان هئا. صبح جي شروع ٿيڻ کان شام جي
پوري ٿيڻ تائين، ٻنهي طرفن وارا سخت لڙائي ڪندا
هئا، ۽ جڏهن
]201[
تارن جو بادشاهه (سج) لهڻ جو ارادو ڪندو هو، تڏهن
موٽي ويندا هئا. مسلمان کاهيءَ جي اندر ايندا هئا
۽ ڪافر قلعي ۾ ويندا هئا. اهڙي دستور ۾ ڇهه مهينا
پورا ٿيا. جڏهن
]محمد
بن قاسم[
قلعي هٿ ڪرڻ کان نا اميد ٿيو، تڏهن ڳڻتيءَ ۾ پئجي
ويو.
]اهو وقت[
ذوالحج مهيني جي پڇاڙي
۽
آچر جو ڏينهن سن ٽيانوي
]هو[.
جـَـيسـِـينه، رمل جي بادشاهه ڏانهن موٽي ويو هو،
جنهن کي ڀاٽيه به چوندا هئا، اتان وري وري موٽي،
رستا ڦـُـري اسلام جي لشڪر کي تڪليفون پئي ڏنائين.
موڪي ڏانهن معتمد ماڻهو موڪلڻ
محمد بن قاسم، موڪي
]پـٽ[
وسايي
ڏانهن هڪ اعتماد جوڳو ماڻهو موڪلي، (کيس) هن حال
کان واقف ڪيو ته:
”اسان
کي جـَـيسـِـينه جي طرفان وقت به وقت تڪليف ٿي
پهچي، ڇاڪاڻ ته لشڪر جي گاهه کي نقصان ٿو رسائي،
تنگ ٿو ڪري. هن لاءِ ڪهڙي رٿ آهي؟“ (روايت): موڪي چوائي موڪليو ته:
”هن
جي رهڻ جي جاءِ ويجهي آهي. هن کي اتان تڙي ڪڍڻ کان
سواءِ ٻيو ڪوبه بهتر حيلو ڪونه آهي.
]توهان
کي[
پنهنجي لشڪر مان ڪي اعتماد جوڳا بزرگ موڪلڻ گهرجن
ته سندن پاڙ اتان پٽي ڪڍون.“
جـَـيسـِـينه جو چترور
وڃڻ
پوءِ نـُـباتہ
بن حـَـنظـَـله ڪـِـلابي، عـَـطـِـيهَ تغلبي
،
صارِم بن اَبي صارم همداني، عبدالملڪ مدني پنهنجن
پنهنجن سوارن سميت
]موڪليائين[.
موڪي پٽ وسايي کي سندن ساز و سامان تيار ڪري روانو
ڪيائين ۽ خريم بن عمرو المدني
کي انهن جو سپهه سالار بنايائين. جـَـيسـِـينه کي
(جڏهن) عرب جي لشڪر جي ٻاهر نڪرڻ جي خبر پيئي ته
اتان مال ۽ عيال سوڌو هليو ويو، ۽ ريگستان جي رستن
کان وڃي چترور جي ملڪ ۾ انهيءَ جاءِ تي پهتو جنهن کي
]202[ جنڪن و عورا اوڪايا
چون ٿا ۽ اتي ترسي پيو. علافي کانئس جدا ٿي
طاڪـِـيـَـه جي شهرن
تائين ويو
،
۽ رويم جي سرحد تي روستان جي آسپاس ڪشمير جي
بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو ارادو ڪيائين.
اهو ملڪ رڻ پٽ آهي.
پوءِ اتان راجئـَـري طرف خط لکيائون،
اهو تختگاهه جيل ۾ آهي، ۽
]خط
۾[
چيائينس ته:” ]آءٌ
پنهنجي[
رضا ۽ دل جي خوشيءَ سان خدمت ۾ آيو آهيان.“
]عـِـلافيءَ[
جو ڪشمير جي راجا ڏانهن وڃڻ
ڪشمير جي راجا خط پڙهي، حڪم ڪيو، جنهن تي ڪشمير جي
ضلعن مان هڪ ديهه، جنهن کي شاڪلهار چون ٿا،
]علافي[ کي جاگير طور ڏنائون.
ڪشمير جي راجا جي
]علافيءَ[
کي عزت ڏيڻ
جنهن ڏينهن ملاقات ڪيائون
]انهيءَ ڏينهن ئي، ڪشمير جو راجا[
پنجاهه سنجيل گهوڙا ۽ ٻه سؤ قيمتي خلعتون سندس
]علافيءَ جي[
رفيقن کي ڏنا ]علافي[
جـَـهم بن سامـة
الشـَـاميءَ کي شاڪلهار جي جاگيرن تي موڪليو. جڏهن
ڪشمير جي راجا جي خدمت ۾ ٻيو دفعو ويو، تڏهن
]پڻ[
هو اعزاز ۽ اڪرام سان پيش آيس، ۽ کيس ڇـَـٽ، ڪرسي،
ڪمر بند ۽ ڏولي عطا فرمايائين. اهو شرف خاص وڏن
بادشاهن لاءِ هوندو آهي. پوءِ عزت ۽ عظمت سان کيس
سڌي سوليءَ راهه سان سندس جاگيرن تي واپس
موڪليائين. ڪجهه وقت کان پوءِ
]علافي[
نيٺ شاڪلهار ۾ مري ويو. ۽ جـَـهم بن سامت سندس
جاءِ نشين ٿيو. سندس نسل اڄ ڏينهن تائين موجود
آهي. هن مسجدون ٺهرايون ۽ ڏاڍي
]203[
عزت ۽ درجو حاصل ڪيو. ڪشمير جو بادشاهه (هميشه)
کيس عزت سان پيش ايندو هو.
]جـَـيسـِـينه
جو چترور ڏانهن وڃڻ[
پوءِ جـَـيسـِـينه وڃي چترور
جي ملڪ ۾ رهيو، ۽ اتان گوپي
]پٽ[
ڏاهر
ڏانهن اروڙ خط لکي پنهنجي نڪري وڃڻ جي خبر کان
واقف ڪري، اروڙ جي قلعي بچائڻ جي پارت ڪيائينس.
گوپي
]پٽ[
ڏاهر
اهو خط پڙهي، جـَـيسـِـينه جي چترور وڃڻ تي
(پنهنجي) دل مضبوط ڪئي.
جڏهن محمد بن قاسم برهمڻ آباد جي لڙائيءَ ۾ ڇهه
مهينا رهيو، ۽ جنگ اينگهه ڪئي، ۽ هوڏانهن جيسينه
جي چنيسر
مان
]نڪري
وڃڻ جي[ خبر پهتي، تڏهن چار وڏا واپاري، جيڪي برهمڻ آباد جي
قلعي ۾ انهيءَ دروازي وٽ هئا، جنهن کي جريطري
چوندا هئا، تن پاڻ ۾ صلاح ڪري چيو ته: عرب جو لشڪر
سڀني شهرن تي غالب آهي ۽ راجا ڏاهر ڪسي ويو. ڇهن
مهينن جو عرصو گذري چڪو آهي ته هيءُ قلعو گهيري
هيٺ آهي، نه اسان ۾ ايتري طاقت ۽ همت آهي جو
لڙائيءَ ۾ هن سان سامهون ٿي سگهون، ۽ نه صلح ڪرڻ
لاءِ ڪو طريقو آهي. کڻي ڪي ٻه ٽي ڏينهن ٻيا به
بيهي سگهجي پر آخر (قلعو) فتح ٿي ويندو. اسان کي
ڪنهن به طرف کان ڪوبه واهرو ڪونهي جو اسان جي واهر
ڪري، يا مدد جا اميدوار ٿي سگهون. راجا موجود
ڪونهي. جنهن وٽ اسان کي پناهه ملي، ۽ هن کان وڌيڪ
هن لشڪر سان لڙائيءَ ۾ مقابلو نٿا ڪري سگهون. هاڻي
جيڪڏهن يڪراءِ ٿيو ته ٻاهر نڪري ڪسي وڃڻ تائين
لڙائي جي ڪوشش ڪريون. ڇاڪاڻ ته جيتوڻيڪ صلح ٿيندو
ته به سڀيئي هٿياربند خونخوار ترار جو کاڄ ٿيندا ۽
عام ماڻهن، جهڙوڪ: واپارين، ڪاريگرن ۽ هارين کي
امان ڏيندا. پر جيڪڏهن اسان کي اعتماد ٿئي ته پوءِ
ته بهتر ائين ٿيندو ته جيڪڏهن ڪو معاهدو وچ ۾ ٿئي
ته قلعو سندس
]محمد بن قاسم جي[
حوالي ڪريون، (۽
هو) اسان کي
]204[
پنهنجو فرمانبردار سمجهي، مـُـعـَـرب بنائي، ۽
اسان پڻ ساڻس لاڳاپا پيدا ڪري خدمت جا شرط بجا
آڻيون. انهيءَ ٺهراءُ تي متفق ٿي قاصد موڪليائون،
۽ پنهنجي لاءِ عيال ۽ ٻارن سميت امانَ گهريائون.
پڪي انجام ڪرڻ تي امانَ ڏيڻ
محمد بن قاسم انهيءَ پڪي انجام تي انهن کي امان
ڏني. باقي ٻين سڀني هٿيارن کڻندڙن کي قتل ڪري
ڇڏيائون، ۽ سندن تابعدارن ۽ لاڳاپيدارن کي قيد
ڪرايائون. اٽڪل ٽيهه هزار غلام قيد ۽ قبضي ۾ آيا،
۽ انهن (امان وٺندڙن) تي ڍل مقرر ڪيائون.
(روايت:) انهيءَ پيغام اچڻ کان پوءِ حجاج سڀني
اميرن ۾ مکيه ماڻهن کي سڏي انهن کي هيءُ پيغام
پڙهي ٻڌايو ۽ فرمايائين ته: برهمڻ آباد کان قاصد
آيا آهن، تن جون ڳالهيون ٻڌو، ۽ فڪر ڪري چڱو جواب
ڏيو. (موڪي
]پٽ[
وسايي جي تدبير:) پوءِ موڪي
]پٽ[
وسايي چيو ته:
”اي
امير! هيءُ قلعو، هند ۽ سنڌ جي سڀني قلعن جو سردار
۽ تختگاهه آهي. جيڪو به هيءَ جڳهه فتح ڪندو، سڄي
سنڌ انهيءَ جي هٿ هيٺ ٿيندي، ۽ مضبوط قلعا سندس
اقتدار ۽ اختيار هيٺ ايندا. آسپاس جا ماڻهو ڏاهر
جي اولاد کان دل برداشته ٿي، ڪي ڀڄي ويندا ۽ ڪي
فرمانبرداريءَ جو طوق پنهنجين ڳچين ۾ وجهندا.“
(محمد بن قاسم جو حـَـجاج جي خدمت ۾
عرضداشت موڪلڻ)
پوءِ محمد بن قاسم حجاج کي هن حال کان واقف ڪيو.
(هوڏانهن) انهيءَ جماعت ڏانهن پروانو موڪلي ساڻن
وقت مقرر ڪيو. انهن چيوته: فلاڻي ڏينهن جريطي
واري دروازي وٽ اچجئو ته اسان جنگ لاءِ ٻاهر
نڪرنداسون،
]205
[۽
جڏهن سامهون ٿينداسون ته وچ جنگ ۾ جڏهن عربن جو
لشڪر حملو ڪندو، تڏهن اسين ڀڄي قلعي ۾ وينداسون، ۽
دروازو کليل ڇڏي ڏينداسون.
(جواب اچڻ:) جڏهن لکئي جو جواب حجاج وٽان پهتو، ته
انهن کي امان ڏيئي ساڻن ڪيل واعدو پورو ڪريو، تڏهن
قلعي وارن ماڻهن، ساڻن ٿوري ساعت جنگ ڪئي. جڏهن
عرب جو لشڪر حملو ڪري وڃي ساڻن ڳنڍيو، تڏهن قلعي
وارن ڀڄي وڃي پاڻ کي قلعي اندر سٽيو، ۽ دروازو
کليل ڇڏي ويا، جنهن ڪري عربن دروازو هٿ ڪيو ۽ لشڪر
سندن پويان اچي قلعي جي ڀتين تي چڙهيو، ۽ مسلمانن
تڪبير هنئي.
قلعي وارن ڏٺو ته عرب جو لشڪر غالب ٿي ويو سو
اڀرندي وارو دروازو کولي شڪست کائي ٻاهر نڪتا. محمد بن قاسم حڪم ڪيو ته جنگ ڪندڙ ماڻهوءَ کان سواءِ
ٻئي ڪنهن کي به قتل نه ڪيو. جنهن کي هٿيار ڏٺائون
تنهن کي گرفتار ڪري هٿيارن، تابعدارن، ۽ عيال سميت
محمد بن قاسم جي اڳيان آندائون. جنهن ماڻهو ڪنڌ
هيٺ ڪري امانَ گهري تنهن کي ڇڏيائون ۽ کين موٽائي
گهرن ۾ ويهاريائون.
|