سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب؛ --

صفحو :37

 

هاڻي سوال آهي ته انهيءَ عربي دؤر حڪومت واري عرصي ۾ مهراڻ جو ڇوڙ ڪٿي هو؟ انهيءَ سلسلي ۾ هڪ خاطر خواه حوالو موجود آهي: محمد بن قاسم جڏهن ديبل فتح ڪيو (1712ع) ۾، تڏهن پاڻ خشڪي رستي نيرون ڪوٽ ڏانهن روانو ٿيو ۽ حڪم ڏنائين ته منجنيقون وغيره جنگي سامان ٻيڙين ذريعي اچي. اهي ٻيڙيون پوءِ اتان هاڪاري انهيءَ پاڻيءَ رستي آندائون جنهن کي ساڪرونارو ٿي سڏيائون (فتحنامو ص 115). ساڪري واهڙ مان غالباً مراد قديم بگهياڙ ڦاٽ آهي، جو ساڪري جي پرڳڻي مان وهندو رهيو آهي. ان وقت اهو اڃان ننڍڙو واهڙ هو، جو غالباً ٽي سؤ سال پوءِ، يعني يارهين صديءَ جي اوائل ۾، ٻيو نمبر ننڍو دريا ِّ بنجي پيو. ڇوته ان وقت ئي محقق بيروني، سمنڊ وٽ سنڌونديءَ جي ٻن مکيه ڇوڙ وارين شاخن جو ذڪر ڪيو آهي، هڪ منهن صغريٰ(ننڍو منهن) ۽ ٻيو اڳتي ڏکڻ - اڀرندي طرف منهن ڪبريٰ (وڏو منهن) ]ڪتاب الهند، عربي متن ص 102[. لوهاراني بندر انهيءَ ننڍي منهن تي هو، جنهن کي موجوده تحقيق موجب بگهياڙ تسليم ڪيو ويو آهي. عرب جاگرافي نويسن جا مهراڻ ۽ ديبل متعلق بيان، بيروني کان 50 - 60 سال اڳ واري عرصي جا آهن، جنهن وقت پڻ بگهياڙ، مهراڻ جي ٻئي نمبر مکيه ڇوڙ جي حيثيت ۾ يقيني طور موجود هوندو. ديبل، انهن جاگرافي نويسن ۽ سياحن جي اکين ڏٺي بيانن موجب مهراڻ جي ڇوڙ کان بهرحال پري اولهه طرف هو. انهيءَ ڪري، ديبل جي تلاش بگهياڙ جي پيٽ کان اولهه طرف سامونڊي ساحل تي ڪرڻ گهرجي.

بگهياڙ جو قديم پيٽ ميرپور ساڪري تعلقي ۾ نمايان طور موجود آهي، جو هيٺ ميرپور ساڪري ۽ ٻـُـهارن جي شهر وچان اولهه طرف هلي، ٻهارن جي شهر کان اٽڪل 3 - 4 ميل اولهه طرف ور کائي ڏکڻ طرف وهي سڌو وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ڪافي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ديبل بگهياڙ جي انهيءَ قديم پيٽ کان اولهه طرف ساحل تي، ويندي ڪراچي تائين، ڪنهن جاءِ تي هو. ديبل جي تلاش ۽ تحقيق متعلق هيءُ نتيجو فيصلائتو سمجهڻ گهرجي.

هاڻي ڪراچي کان وٺي هيٺ ڏکڻ - اوڀر طرف بگهياڙ جي پراڻي پيٽ تائين، نيون يا قديم بستيون، جي بندر جي حيثيت رکي سگهن ٿيون، سي هيءَ آهن: ڪراچي، ڪلفٽن، گسري، واگهو در يا ابراهيم حيدري، ڀنڀور، رتو ڪوٽ، ماڙي مورڙو ۽ ٿنڀ واري مسجد، ڌاراجا ۽ جاکي بندر، ۽ راڻي جو ڪوٽ.

انهن مان ڪراچي، جيئن اڳي بيان ٿي چڪو آهي، سڀ کان آخر ۾ بندر گاهه بنيو ۽ 1725ع کان اڳ هن جاءِ تي ڪوبه بندر ڪونه هو. ساڳيءَ طرح ڪلفٽن ۽ گسري ٻيئي نيون آباد ٿيل بستيون آهن، جتي ڪي به خاص قديم آثار موجود ڪين آهن، البت ڪلفٽن تي عبدالله شاهه جي مزار آهي، جنهن بابت ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب جو خيال آهي ته بقول بلاذري (فتوح البلدان،طبع يورپ ص ص 36 - 35ع)، عبيدالله بن نبهان جنهن کي حجاج، بديل بن طهفت البجلي کان اڳ، ديبل تي چاڙهي موڪليو هو، اها مزار انهيءَ جي ئي آهي (ڏسو فتحنامو، فارسي ڇاپي، ص 255). حقيقت ۾ هيءُ دليل ايترو وزندار نه آهي، ڇاڪاڻ ته خود بلاذريءَ جي لکيي موجب، تقريباً خود سندس ڏينهن ڌاري (235 - 229 هه)، ديبل ۾ بديل بن طهفت جي قبر سا موجود هئي (فتوح، ص 438)۾ نه عبيدالله بن نبهان جي. ٻيو ته ڪلفٽن واري موجوده مزار عبدالله شاهه بخاري طرف منسوب آهي، ۽ سنڌ اندر بخاري سيدن جي آمد جو زمانو ڪافي پوءِ جو آهي.

واگهودر يا ابراهيم حيدري تي ڦٽل بستيءَ جا ڪجهه نشان موجود آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهو ديبل هجي. ڀنڀور يقيني طور هڪ قديم بستي آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهو ديبل هجي.

رتو ڪوٽ، ابراهيم حيدري کان ڏکڻ - اوڀر طرف هاڻوڪي سامونڊي ايراضيءَ ۾ بيٺل هڪ قسم جو قلعو آهي جنهن جي سرن ۽ آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو پوئين زماني جو آهي.

ڀنڀور کان اٽڪل  10 - 11 ميل ڏکڻ - اولهه طرف، تعلقي ميرپور ساڪري جي ديهه کيراڻي واري سمنڊ جي پاڇي هيٺ آيل الهندي ايراضيءَ ۾ پڻ ڦٽل کنڊرات آهن، جنهن کي مقامي طور ماڙي مورڙو چون ٿا. شايد اهيئي آثار آهن، جن کي مسٽر ڪارٽر (Carter) ٿنڀ واري مسجد سڏيو آهي ۽ ديبل ڪري سمجهيو آهي (ڏسو هينري ڪزنس جو ڪتاب سنڌ جا قديم آثار ص 27 - 126). 1944ع ۾ بندي راقم انهن آثارن جو معائنو ڪيو، مگر اتي جيڪي پٿر جون قبرون ۽ مقام آهي، اهو مڪلي جي قبرستان واري عرصي يا اڃا به پوءِ جو معلوم ٿئي ٿو. تقريباً ڏيڍ سؤ سال کن اڳ هي ايراضي آباد هئي، جا پوءِ کاري هيٺ اچي ويئي.  بهرحال هن ايراضيءَ ۾ به ديبل جو هئڻ قياس ويجهو آهي.

ڌاراجا، جاکي بندر ۽ راڻي جي ڪوٽ جا آثار، ٻهارن جي شهر کان اٽڪل 5-6 ميل کن اولهه طرف ۽ بگهياڙ جي قديم مجرا جي اتر - اولهه طرف آهن، جن جو اسان سن 1952ع ۾ معائنو ڪيو. راڻي جو ڪوٽ حقيقت ۾ راڻي ارجن جو ڪوٽ آهي، جنهن کي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي بجار جوکيي هٿان مارايو. ڪوٽ جي اولهه طرف راڻي جي پٽ علي بن ارجن، جو اسلام ۾ داخل ٿيو ۽ مسلمان ٿي وفات ڪيائين، جي قبر موجود آهي ۽ جيتري قدر بندي کي ياد آهي ته ان تي سن  1102 هه لکيل آهي، بهر حال اهو ڪوٽ پوئين زماني جو آهي.

جاکي بندر ۽ ڌاراجا بندر جا آثار دريا ِّ  جي هڪ قديم شاخ (ڦٽي پئٽياڻي؟) جي اڀرندين ڪنڌيءَ تي (راڻي ڪوٽ کان ميل کن اولهه طرف) موجود آهن. اهي ٻيئي مقامي نالا آهن، جنهن جو آڳاٽي تاريخ ۾ ڪوبه ذڪر ڪونهي. جاکي بندر ڏکڻ طرف ۽ ڌاراجا لڳو لڳ اتر طرف، انهن ٻن جدا نالن سان مگر غالباً هڪ ساڳي قديم بستي جا ڦٽل نشان آهن، ۽ گمان غالب آهي ته اهي آثار مشهور تاريخي بندر لاهري جا آهن. ڪئپٽن پوسٽنس (Postans) 1834ع کان 1845ع واري عرصي اندر لکندي چوي ٿو ته ڌاراجا اڳ ٺٽي (جي واپار) جو مکيه بندر ۽ هڪ مشهور شهر هو، مگر دريا ِّ  جي ڦير گهير سبب هن بندر جي اهميت هاڻي گهٽجي وئي آهي.... هن وقت ڌاراجا يا لاهري بندر جي بدران ڪراچيءَ کي ئي بندر طور استعمال ڪيو وڃي ٿو(1)

مٿئين وضاحت جي بنياد تي واگهو در، ڀنڀور، ۽ ماڙي مورڙو - ٿنڀ واري مسجد مان ڪنهن به هڪ کي ديبل قرار ڏيئي سگهجي ٿو. انهن مان هر هڪ جڳهه تي محڪمه آثار قديمه طرفان پوري طرح کوٽائي ڪري وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان کان سواءِ ڀنڀور کان وٺي ڌاراجا تائين سڄي سامونڊي پٽيءَ جي پڻ پوري تلاش ڪري باقي رهيل کنڊرات جو پتو لڳائڻو آهي. اهڙي مڪمل کوجنا بعد ئي ڪنهن يقيني نتيجي تي پهچي سگهبو. مگر تاريخي  روشني توڙي آثار قديمه جي هن وقت تائين ڪيل تحقيق جي بنياد  تي چئي سگهجي ٿو ته ڀنڀور جي کنڊرات جو ديبل هئڻ وڌيڪ ممڪن ۽ قياس ويجهو آهي. اسان جي هن نظريي جي تائيد ۾ هيٺيان دليل قابل غور آهن:

(1) عرب مؤرخن ۽ جاگرافي نويسن مان بلاذري (فتوح - ص 438) ۽ ياقوت (المشترڪ ص 102 ۽ معجم البلدان تحت الديبل) خورالديبل  جو ذڪر ڪيو آهي. هينري ايليٽ خور جي معنيٰ اپسمنڊ(bay)  ورتي آهي، انهيءَ لاءِ ته سندس نظريي جي تائيد ٿئي، جنهن موجب هو ڪراچي کي، جو هڪ ننڍڙي اپسمنڊ تي آهي، ديبل سمجهي ٿو. مگر خود عرب مصنفن مان قلقشندي (صبح الاعشيٰ  5x  64) ابن سعيد جي حوالي سان خور جي معنيٰ خليج لکي ٿو. خليج به مختلف معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو، مگر ان جي عام معنيٰ آهي کاري(1) . جيڪڏهن خورالديبل جي معنيٰ ديبل جي کاري تسليم ڪجي ته انهيءَ مان هڪ پڪو گمان هيءُ نڪرندو ته ديبل سمنڊ جي هڪ کاري تي هو. هاڻي ڪراچي کان ويندي، ڌاراجا جي کنڊرات تائين هن وقت ٽي کاريون موجود آهن: گسري واري کاري، گڏرو کاري جنهن جي منهن تي واگهودر آهي، ۽ سڀ کان وڏي ۽ اهم گهارو کاري، جنهن جي ڪناري تي ڀنڀور جا کنڊرات آهن. بقول مقدسي، (وير وقت) سمنڊ جو پاڻي ديبل جي شهر اندر مارڪيٽ تائين پهچي ويندو هو. اهو اهڃاڻ صرف ڀنڀور جي کنڊرات جي صورتحال سان لاڳو ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته اڃا تائين ڀنڀور جي شهر واري  ڀـِـڙي جي اتر طرفان گهاري جو پاڻي اٿل ڪري وهي الهندي طرف تلاءُ ۾ اچي ٿو، جو شهر جي آثارن جي حد ۾ آهي.

(2) ٻيو ته ڀنڀور جا کنڊرات، واگهودر وغيره جڳهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وڏا ۽ وسيع آهن، جن پوئين صدي کان وٺي سڀني کوجنا ڪندڙن کي ڪافي متاثر ڪيو آهي. تنهن ڪري گذريل صدي ۾ ڊيوڊراس، جنهن ڀنڀور جو معائنو ڪيو، سو لکي ٿو ته هيءُ نهايت قديم کنڊرات آهن. ساڳيءَ طرح پاٽنجر لکيو آهي آڳاٽي وقت ۾ هيءُ ڪو وڏو شهر هو. ايليٽ ۽ ڪننگهام هنن کنڊرات جي قدامت جي بنياد تي ڀنڀور کي سڪندر اعظم جي زماني جو بابريڪان بندر سڏين ٿا. هينري ڪزنس، جو هندستان جي محڪمي آثار قديمه جو وڏو آفيسر هو، سو به مڃي ٿو ته سنڌ جا باشندا هن کي هن صوبي جو قديم بندر گاهه سمجهن ٿا ۽ هو پاڻ به هن کي سڪندر اعظم جي ڏينهن جو بندر تسليم ڪري ٿو. مگر تنهن هوندي به هو ڀنڀور کي ديبل جي بدلي عربن جي ڏينهن جو، کاري تي بيٺل هڪ ننڍو حفاظتي قلعو ڄاڻائي ٿو، ڇاڪاڻ ته سندس خيال ۾ هي هڪ بالڪل ڇوٽڙي بستي “an insignificant site” آهي. هينري ڪزنس جو هيءُ ريمارڪ نه فقط مٿين بيانن جي ابتڙ آهي مگر کنڊرات جي صورتحال جي پڻ مخالف آهي. ڀنڀور جا کنڊرات درحقيقت ڪافي وسيع آهن. ذري گهٽ بلاڪ کن ۾ ته ٽـَـڪر واري ڪوٽ جا کنڊرات آهن، جنهن جي ويڪري ديوار توڙي پاسن وارن  برجن جا نشان اڃا تائين بيٺل آهن. هن ڪوٽ جي ڏکڻ طرف ٽـَـڪر تي به قديم آثار ذري گهٽ اڌ بلاڪ کن پکڙيل آهن. اتر طرف ٽڪر هيٺ لڳولڳ  بلاڪ کن ۾ آثار موجود آهن، جن ۾ ڪمرن ۽ ڪوٺين جو بنائون ۽ هڪ قديم کوهه موجود آهي. ٽڪر واري قلعي جي اتر- اولهه طرف وڏو تلاءُ موجود آهي ۽ هن تلاءُ جي ڏکڻ - اولهه طرف پڻ بلاڪ کن ۾ کنڊرات آهن، جن ۾ ٽڪر واري قلعي لڳ هيٺ الهندي، وڏن مٽن جون زمين دوز قطارون عبرت انگيز آهن. مطلب ته ڀنڀور جا کنڊرات، ٽڪر واري مٿاهين دڙي جي ڏاکڻي ڇيڙي کان وٺي، اتر طرف واري قديم رستي تائين پکڙيل آهن. قديم قبرستان هن رستي  جي ڏکڻ طرفان لڳو لڳ آهي. انهن جملي وسيع آثارن کي ڇوٽڙي بستي سمجهڻ حقيقت جي خلاف آهي.

(3) فتحنامي ۾ ديبل جي ٻـُـڌ واري مندر جو بيان ڏنل آهي، جو چاليهه گز اوچو هو. اهو اهڃاڻ به ڀنڀور جي صورتحال سان لڳي ٿو، جنهن ۾ ٽـَـڪر وارو اوچو دڙو ۽ انهيءَ تي قديم ديوار جا نشان ۽ هڪ اوچي ايراضي نظر اچي ٿي، جا غالباً انهيءَ مندر جي هئي. فتحنامي ۾، محمد بن قاسم جي فتح وقت سنڌ جي ٻين ٻـُـڌ مندرن جا نالا ملن ٿا: مثلاَ: اشبار، ڪنوهار، وڪربهار، ۽ نؤبهار. انهن نالن جي پڇاڙي ۾ بهار يعني وهار، ٻڌ مندرن جي خصوصي سڃاڻپ جي نشاني آهي. اسان جي خيال ۾ ڀنڀور درحقيقت (بن+بهور= بن + بهار) بنبهار يعني وَن وهار جي اصلي نالي جي بگڙيل صورت آهي، جو غالباً ديبل واري ٻـُـڌ - مندر جو اصلي نالو هو. انهيءَ لحاظ سان خود ڀنڀور جو نالو به ديبل جي اصليت تي غمازي ڪري ٿو.

(4) محڪمي آثار قديمه طرفان ڀنڀور جي بستي جي، جا کوٽائي ٿي آهي ۽ ان مان جي شيون هٿ آيون آهن، سي پڻ هن نظريي جي تصديق ڪن ٿيون ته غالباً هيءُ ديبل جي قديم بستي آهي.

اول 1920 ۽ 1930ع واري عرصي ۾ محڪمي آثار قديمه طرفان هنن کنڊرات جي، جا کوٽائي ٿي، تنهن مان ساڳيون اهڙيون شيون نڪتيون جهڙيون سنڌ جي عربي دؤر حڪومت واري گادي جي شهر منصوره مان لڌيون. تازو ٻيهر 1951ع ۾ هنن کنڊرات جي کوٽائي ٿي جنهن جي مفصل رپورٽ شايع ڪانه ٿي، مگر اخبار ڊان (Dawn, Karachi April 29,1951)  جي هڪ پرچي ۾ هڪ بيان ڇپيو ته هتان ٻين سنهين ٿلهين شين سان گڏ عربيءَ خط نسخي ۾ لکيل تختيون ۽ عرب گورنر منصور جا اٺين صديءَ جي نصف آخر جا سـِـڪا لڌا ويا آهن. اسان جي راءِ ۾ منصور بن جمهور جا سڪا ويتر هن نظريي جي تائيد ڪن ٿا ته ڀنڀور جا کنڊرات قديم ديبل بندر جا آهن. منصور بن جمهورالڪلبي، اموي دؤر جي زوال وقت، تقريباً 130 هجريءَ جي شروعات (747ع جي آخر) ڌاري، عراق مان ڪهي اچي سنڌ تي زوريءَ قبضو ڪيو ۽ اتي پنهنجي خودمختيار حڪومت قائم ڪئي، جا تقريباً  سن 134 هجريءَ جي نصف جي آخر (751ع جي پڇاڙي) تائين باقي رهي. منصور انهيءَ خودمختياري  واري دؤر ۾ پنهنجي نالي سان سڪا جاري ڪيا. منصوره، جو سنڌ جي گادي هو، سو منصور جي طاقت جو مکيه مرڪز رهيو. سندس حڪومت ۽ طاقت جو ٻيو مکيه مرڪز غالباً ديبل هو، ڇاڪاڻ ته مؤرخ يعقوبي (407x2) لکي ٿو ته منصوره تي قبضي ڪرڻ بعد منصور، ديبل جي فتح لاءِ خاص طرح پنهنجي ڀاءُ منظور کي چاڙهي موڪليو هو. محڪمي آثار قديمه طرفان ڪيل کوٽائي مان منصوره جي کنڊرات مان اڳيئي منصور جا سڪا لڌا ويا آهن (ڏسو هينري ڪزنس جو ڪتاب سنڌ جا آثار قديمه). ٻيا سڪا خصوصاً سندس طاقت جي ٻيئي مرڪز ديبل ۾ ملڻ کپن، جي ڀنڀور جي کنڊرات مان مليا آهن. انهيءَ ڪري موجوده تحقيق موجب ڀنڀور جو ديبل هئڻ وڌيڪ قياس ويجهو معلوم ٿئي ٿو. (1) (ن-ب)

[15]/62  چار حڪمران مقرر هئا: پڻ راءَ گهراڻي جي نظام حڪومت لاءِ ڏسو هيٺ ص 44 - 45.

[15]/62 ڪردن جي جبل ۽ ڪيڪانان تائين: ڪردن جا جبل، ڪرمان ۽ مڪران جي سرحد وارا جبل سمجهڻ گهرجن. حقيقت ۾ ڪـُـرد قبيلا، ڪرمان کان گهڻو اتر طرف ايران ۽ عراق واري سرحد تي رهندڙ آهن، مگر ڪرد توڙي ڪفچ ۽ بلوچ قبيلا ساڳيو تاريخي پس منظر رکن ٿا، ۽ ڪفچ (قفص يا ڪوچ) ۽ بلوچ قبيلن جون بستيون ڪرمان ۽ مڪران واري سرحد تي قديم وقت کان قائم هيون. اندازاً نوشڪي پاس کان اولهه - ڏکڻ طرف وارا جبل ڪردن جا جبل سمجهڻ گهرجن.

ڪيڪانان اهو ملڪ آهي جنهن کي راءُ گهراڻي جي ايامڪاريءَ ۾ چين جي مشهور سياح شـُـون سـَـنگ(Huen Tsang) ڪي - ڪيانگ – نا سڏيو آهي (ڏسو ڪننگهام: قديم جاگرافي، ص 100). شون سينگ جي بيان ۽ عرب جي مؤرخن جي متعدد حوالن جي بنياد تي، بندي جي راءِ ۾ ڪيڪانان جو ملڪ گومل ندي، نوشڪي پاس، قصدار ۽ قندابيل (گنداوا) جي وچ وارو ملڪ هو. هن جاءِ تي راءُ گهراڻي جي حڪومت جي سرحد جو ذڪر آهي ۽ انهيءَ لحاظ سان مراد، ڪيڪانان جي سرحد آهي، يعني سليمان جبل جي قطار جو اهو حصو جو گومل ندي کان شروع ٿي نوشڪي پاس، تائين پهچي ٿو. انهي نقطه نظر کان ڄڻ موجوده قلات رياست توڙي سراوان ۽ جهالاوان جون رياستون به راءُ گهراڻي جي حڪومت ۾ شامل هيون. (ن-ب)

[15]/62 برهمڻ آباد: فتحنامي جي قلمي نسخن ۾ هن نالي جي صورتخطي برهمناباد آهي. بهر صورت هن نالي جي پڇاڙي آباد مان ظاهر آهي ته هي اصل ايراني نالو آهي. تاريخ مان به دليل نڪري ٿو ته هيءُ شهر غالباً ايران جي بادشاهه بهمن اردشير جي حڪم سان ٻڌو ويو ۽ انهي لحاظ سان ان جو اصل نالو بهمن آباد هو. بهمن اردشير پنهنجي وسيع بادشاهي ۾ انهيءَ نالي سان ٽي شهر جوڙايا: هڪڙو بهمن آباد خراسان ۾ جو ري ۽ نيشاپور جي شهرن جي درميان هو (1)، ٻيو عراق (سواد) ۾، جنهن کي پهريائين ابيذ اردشير جو نالو ڏنو ويو، مگر پوءِ اهو به بهمنيا سڏجڻ لڳو ۽ خود مؤرخ طبري جي ڏينهن (868 - 932 هه) ۾ پڻ موجود هو (طبري ج 1 ص 87). جيئن ته سنڌ کي به اردشير فتح ڪري پنهنجي بادشاهي هيٺ آندو هو ۽ سندس حياتيءَ ۾ سنڌ تي هن جا مسلسل گورنر مقرر ٿيندا آيا (طمزه اصفهاني: سني ملوک الارض والانبيا ِّ، ص ص 12 - 13)، انهيءَ ڪري سنڌ ۾ پڻ سندس نالي سان شهر ٻڌو ويو هوندو. انهيءَ جي تصديق مجمل التواريخ مان ٿئي ٿي، جنهن جو مصنف لکي ٿو ته بهمن اردشير هن پاسي ٻه شهر ٻڌايا: هڪڙو ترڪن ۽ هندن جي سرحد نروار ڪرڻ لاءِ قندابيل (گنداوا) ۽ ٻيو ٻـُـڌيه جي پر ڳڻي ۾ بهمن آباد جنهن نالي سان هينئر منصوره کي سڏيو وڃي ٿو (مجمل التواريخ، طبع طهران ص 117 - 118).

غالباً گهڻو پوءِ جڏهن سنڌ ۾ برهمڻن جو دخل ٿيو، تڏهن بهمن آباد نالي کي ڦيرائي برهمڻ آباد سڏيو ويو. برهمڻن جو سنڌ تي قبضو تعصب کان خالي ڪونه هو، هندستان جي برهمڻ راجا قفند پنهنجي ڀاءُ ساميد کي جڏهن سنڌ تي چاڙهي موڪليو، تڏهن هن بهمن آباد ۾ آتشڪده جي جاءِ تي بتخانو قائم ڪيو (مجمل التواريخ، ص 119). شهر جي نالي جي ڦير گهير شايد خود انهيءَ تعصب سبب يا برهمڻن جي دراز تسلط سبب يا سنڌي ٻوليءَ جي مقامي اچار سبب وجود ۾ آئي هجي. البيروني (ڪتاب الهند، عربي متن ص 130، ترجمه 1 x 260) يارهين صديءَ جي شروعات ڌاري به هن شهر جو نالو بهمنوا لکيو آهي، جنهن مان پڻ هن شهر جي اصلي ايراني نالي جي تائـِـيد ٿئي ٿي. البيروني وڌيڪ لکي ٿو ته برهمناباد درحقيقت بهمنوا آهي (ساڳيو  160x1).

فتحنامي مان ظاهر آهي ته راءَ گهراڻي جي وقت ۾ برهمڻ آباد، لوهاڻي  پرڳڻي جو مرڪزي شهر ۽ اتي جي حاڪم اگهم جي گاديءَ جو هنڌ هو (ڏسو متن، ص 57). محمد بن قاسم جي فتح وقت (710ع) به برهمڻ آباد هن ايراضيءَ جو مکيه قلعو هو. شهر هن مضبوط قلعي اندر هو جنهن کي چار دروازا هئا، ۽ هن شهر جي اڀرندي پاسي کان جلوالي نالي نهر وهندڙ هئي (ڏسو متن ص 90 - 291). برهمڻ آباد جي مرڪزي حيثيت غالباً تڏهن گهٽي جڏهن محمد بن قاسم جي پٽ عـَـمرَو، سنڌ جي گورنر الحڪم جي ايامڪاريءَ ۾ (111 - 22/121 هه)، سندس شاندار فتحن جي يادگار ۾ منصوره جو شهر ٻڌايو (بلاذري: فتوح البلدان ص 444)، جو برهمڻ آباد کان ٻن فرسنگن جي مفاصلي تي هو (ساڳيو، ص 439). جيتوڻيڪ هن نئين شهر جو نالو، الحڪم جي ايامڪاريءَ ۾ ڪيل فتحن سبب المنصوره رکيو ويو، پر جيئن ته هيءُ نئون شهر هن ساڳي برهمڻ آباد واري ايراضي توڙي سڄي سنڌ جو تختگاهه بنيو، انهيءَ ڪري مقامي طور سنڌ وارن  هن نئين شهر کي به برهمڻ آباد سڏيو آهي. اصطخري (ص 170) ۽ ابن حوقل (ص 826) صاف طور لکيو آهي ته سنڌيءَ ۾ منصوره کي به برهمناباد جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري ئي عرب مؤرخن، منصوره جي هن نئين مقامي نالي برهمڻ آباد ۾ جهوني برهمڻ آباد ( جو منصوره کان ٻه فرسنگ پري هو) ۾ تعمير ڪرڻ لاءِ اصلي برهمڻ آباد کي (جنهن کي محمد بن قاسم فتح ڪيو هو) برهمناباد قديمتيقة“ (بلاذري، فتوح البلدان ص 39ع) يا برهمناباد قديم (فتحنامو، متن ص [110] 137) يعني جهونو برهمڻ آباد ڪري سڏيو.

 

 

(1)  ڏسو ڪئپٽن پوسٽنس جو ڪتاب Personal Observations on Sind مطبوعه لنڊن، 1843ع، ص 27 ۽ 17.

(1)  انگريزي ۾ Estuary يا Creek ڏسو هيگ جو ڪتاب انڊس ڊيلٽا ڪنٽري ص 44 - 43.

(1)  هن تحقيق ۾ اسان پنهنجي مضمون جو خلاصو نئين معلومات جي اضافي سان پيش ڪيو آهي. مگر مفصل بحث ۽ حوالن لاءِ ڏسو اسان جو انگريزي ۾ لکيل مضمون:

“The Most probable Site of Debal the Famous Historical Port of Sind” (Islamic Culture، Hyderabad Deccan، Issue of July 1952).

(1)  ڏسو ابن خردازبه ص 23: قدامت (ڪتاب الخراج) ص 201، اصطخري ص 284، حدودالعالم (طبع طهران) ص 56، ۽ تاريخ يهق ص 204.

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org