سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب: --

صفحو :7

مترجم علي ڪوفي ۽ سندس فارسي ترجمو

مترجم: خود مترجم بابت اسان کي صرف اهي ئي محدود واقعا ملن ٿا، جي هن پاڻ پنهنجي متعلق پنهنجي فارسي ترجمي جي ديباچي ۾ ۽ وري ڪتاب جي آخر ۾ ڏنا آهن.

پنهنجو سڄو نالو ”علي بن حامد بن ابي بڪر ڪوفي“(1) ڄاڻايو اٿس (ص 56). سنه 613هه ۾ سندس عمر 58 ورهيه هئي (ص 56)، جنهن جي معنيٰ  ته هو تقريباً 555هه ۾ ڄائو. سندس نسبت ”ڪوفي“ مان گمان نڪري ٿو ته شايد هو ڪوفي ۾ ڄائو ۽ اتي ئي وڏو ٿيو. سندس بيان موجب هو جڏهن ”پنهنجي عمر جو هڪ عرصو آرام ۽ نعمت ۾ گذاري چڪو ۽ ڪميني دنيا مان وڏو نصيب ۽ مڪمل حصو کڻي چڪو، تڏهن حادثن جي مصيبتن ۽ زماني جي اوچتين آفتن کان ]جبور ٿي[ پنهنجي اصلوڪي وطن ۽ پيدائش جي جڳهه کان جدا ٿي ڪي ڏينهن اچي اُچ مبارڪ ۾ سڪونت ڪري آرام ورتائين“ (ص 57). هن مان ظاهر آهي ته سندس اوائلي زندگي ڪافي آرام ۽ شان سان گذري، ۽ زندگي ۾ ”مڪمل“ ڪاميابي واري فقره مان گمان نڪري ٿو ته شايد هو جواني بعد، يعني اندازاً چاليهن ورهين جي ڄمار کان پوءِ، پنهنجي اصلي وطن (ڪوفي؟) مان مجبوراً هجرت ڪري آخر ”ڪي ڏينهن اچي اُچ مبارڪ ۾ سڪونت ڪري آرام ورتائين“ (ص 57). ان وقت اتي جي حڪومت سنڌ ۽ ملتان جـــــي سلطان ناصرالدين قباچه (602-625هه) جي هٿ ۾ هئي جو هڪ بهادر، بيدار مغز ۽ علم پرور سلطان هو، ۽ مغلن جي فتني سبب خراسان، غور ۽ غزنه جي فاضلن ۽ عالمن اچي سندس درٻار ۾ اَجهو ورتو هو ۽ سلطان مڙني سان مهربانيون ڪيون. سندس وزير شرف الملڪ رضي الدين ابوبڪر پڻ هڪ وڏو علم دوست ۽ عالمن جو قدردان هو. وزير شرف الملڪ، علي ڪوفي جي وڏي عزت ڪئي ۽ کيس دل کولي نوازيو، ۽ اهڙيءَ طرح هو ڪي ئي سال سندس ”مهرباني جي پاڇي“ ۾ رهيو ۽ سندس ”احسان تي پلجي“ آرام ورتائين (ص 58). وزير شرف الملڪ بعد سندس اولاد به کيس نعمتن سان نوازيو، جو پاڻ لکي ٿو ته ”سندس اولاد...... جي نعمت جا حق تنهنجي گردن تي لازم آهن.“ (ص 58).

فتحنامه جي ديباچي مان ظاهر آهي ته علي ڪوفي هڪ ديندار شخص هو. ص 9 تي سلطان ناصرالدين قباچه بابت سندس دعائيه شعر ۽ ص 60 تي ڏنل قطعه ڏيکارين ٿا ته هو هڪ چڱو خاصو شاعر هو. فتحنامي جو ترجمو سندس سادي فارسي نثر ۽ مؤثر اسلوب بيان جي ساک ڀري ٿو، ۽ پڻ اسلامي تاريخ سان سندس خاص دلچسپي ثابت ڪري ٿو. غالباً انهن علمي ۽ ادبي لياقتن سبب ئي سلطان ناصرالدين ۽ سندس قابل وزيرن جي دربار ۾ علي ڪوفي کي مقبوليت حاصل ٿي. مگر سنه 613هه ۾ جڏهن سندس عمر اٺونجاهه ورهيه هئي، سندس بخت ڦيرو کاڌو ۽ خوشي خاڪ ٿي وئي. انهيءَ ڪري ٻيا سڀ آسانگا پلي تصنيف ۽ تاليف طرف توجهه ڪيائين ۽ هندستان جي اوائلي اسلامي فتحن بابت ڪتاب جي ڳولا ۾ اُچ مان اروڙ جو سفر اختيار ڪيائين، جتي مولانا امام قاضي اسماعيل سان ملاقات ٿيس. قاضي اسماعيل کيس اوائلي اسلامي فتحن جي تاريخ متعلق هڪ عربي ڪتاب ڏيکاريو جو قاضي صاحب جي ”ابن ڏاڏن جي هٿ اکرين“ لکيل هو ۽ جو سندس خاندان ۾ هڪٻئي کان ميراث طور رهندو پئي آيو (ص 57). علي ڪوفي هن ڪتاب کي عربيءَ مان فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ان ترجمي کي پنهنجي مرحوم مربي وزير شرف الملڪ رضي الدين ابوبڪر جي زنده فرزند عين الملڪ فخرالدين حسين جي نام نامي اسم گرامي سان منسوب ڪيو (ص 58-59). غالباً وزير عين الملڪ کانئس منهن موڙيو هو ۽ انهيءَ ڪري هن ڪتاب جي انتساب ذريعي سندس رضامندو حاصل ڪرڻ ٿي چاهيائين: ”جيئن هن کوٽي وٿ جي وسيلي آساني سان درجا حاصل ڪري سگهي، ۽ بلند درگاهه ۾ ويجهڙائي حاصل ٿئي ۽ قبوليت جي اقبال سان مشرف ٿئي.“ (ص 20).

علي ڪوفي جو اهوئي ترجمو ٿيل ڪتاب ”فتحنامه“، جو هن وقت ”چچنامه“ جي نالي سان سڏجي ٿو، اسان تائين پهتو آهي. اهو معلوم نه آهي ته ان تاليف بعد علي ڪوفي ڪيترو وقت زنده رهيو ۽ ٻيا ڪهڙا ڪتاب لکيائين. پر جيئن ته هن باقي عمر لاءِ تصنيف ۽ تاليف کي ئي پنهنجو خاص مشغلو بنايو هو، انهيءَ ڪري ٿي سگهي ٿو ته هن ٻيا به ڪي ڪتاب لکيا هجن. هن پوئين دؤر جي هڪ مصنف سيد
محب الله پنهنجي مختصر ”تاريخ سنڌ“ ۾ علي ڪوفي جي ٻن ٻين ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن، پر سندس نالو غلطيءَ وچان ”علي بن ابراهيم ڪوفي“ ڪري ڄاڻايو اٿس. تاريخ جي ”حصي دوم“ (”در تفصيل امصار و بلاد و حصار و قصبات سنده و وجـہ سميہ و لغة آنها“) ۾ حيدرآباد توڙي ماٿيلي جي بنياد بابت ڪتاب ”تنقيح الاسناد“ جون عبارتون اختصار سان نقل ڪيون اٿس ۽ شهر ميرپور (لڳ ماٿيلي) بابت پڻ ساڳئي ڪتاب مان نقل ڪرڻ بعد لکيو اٿس ته: ”انتهيٰ ترجمه نقيح الاسناد في تشريح الامصار و البلاد“ تصنيف علي بن ابراهيم الکوفي صاحب چچنامه“. وري ڪتاب جي ”حصه سوم“ (بقية ذيل الاوراق در تشريح ذوات سنده“) ۾ ذات ”ڪلتاس“ بابت لکي ٿو ته ”صاحب کتاب الانساب علي بن ابراهيم الکوفي ميگويد که کلتاس نام مردي بود از مغول که حالا کلتاسيان منسوب باواند.“ ڪتاب جي حصه هارم“ (”تتمه خاتمه در تشريح بعضي اماکن و جبال مشهور وغيره“) ۾ ”تهان ستي“ (ستين جو ٿان) بابت پڻ ساڳئي ”ڪتاب الانساب“ مان عبارت نقل ٿيل آهي، جنهن جي آخر ۾ آهي ته: ”انتهيٰ خلاصة عبارت سيد علي اصغر تتوي.“ جنهن جي معنيٰ ته دراصل سيد علي اصغر ٺٽوي ”ڪتاب الانساب“ جو حوالو پنهنجي ڪتاب ۾ آندو هو ۽ سيد محب الله اها عبارت نقل ڪئي آهي. سيد محب الله پنهنجي ڪتاب ۾ هيٺين ماخذن جا نالا ڏنا آهن: چچنامه، تحفة الکرام، تاريخ طاهري، جمع الجوامع، طبقات بهادر شاهي، تاريخ بي بدل، رساله سيد علي اصغر تتوي الملقب به خاڪسار ۽  تاريخ سيوستاني. علي ڪوفي جي ڪتابن جو ذڪر ماخذ طور ڪونه ڪيو اٿس، جو غالباً علي ڪوفي جا ڪتاب وٽس ڪين هئا، پر جن ڪتابن مان نقل ڪيائين تن ۾ علي ڪوفي جي ٻن ڪتابن جا حوالا موجود هئا. تنهن ڪري علي ڪوفي جي ”ڪتاب الانساب“ جو حوالو ”رساله سيد علي اصغر ٺٽوي“ جي عبارت ذريعي نقل ٿيل آهي ۽ ٻئي ”ڪتاب تنقيح الاسناد في تشريح الامصار والبلاد“ جو حوالو به غالباً هن ساڳئي رسالي، يا تاريخ سيوستاني تان ورتل آهي، جيتوڻيڪ اهو ڄاڻايل نه آهي ۽ ائين پيو معلوم ٿئي جو ڄڻ ته اهو ڪتاب خود سيد محب الله جي آڏو موجود هو.

بهرحال علي ڪوفي جي انهن ٻن ڪتابن جا اهي انوکا ۽ مبهم مگر دلچسپ حوالا ڏيکارين ٿا ته علي ڪوفي پنهنجي باقي زندگي تصنيف ۽ تاليف ۾ صرف ڪئي ۽ ”فتحنامه“ وارو فارسي ترجمو ئي سندس تصنيفات ۾ سڀ کان مشهور ٿيو.

فارسي ترجمي تي تنقيدي نظر: اصل عربي ڪتاب جي حقيقت تائين پهچڻ لاءِ هيءُ معلوم ڪرڻ ضروري آهي ته مترجم علي ڪوفي سندس هن فارسي ترجمي ۾ پنهنجي طرفان ڪهڙا اضافا ڪيا آهن يا ڪهڙيون ترميمون ڪيون.

مترجم ”مخلص ڪتاب“ يعني ڪتاب جي خاتمي واري عنوان هيٺ، هن ڪتاب کي عربيءَ مان فارسيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جي ضرورت ۽ اهميت کي واضح ڪندي لکي ٿو ته:

”اگرچ عربي زبان ۽ حجازي لئي ۾ وڏو درجو هوس..... ليڪن جنهن صورت ۾ حجازي پرده ۾ (ڍڪيل) هو ۽ پهلوي (فارسي) ٻوليءَ جي زيور ۽ سينگار کان خالي هو، تنهنڪري عجم ۾ رائج نه ٿي سگهيو. ايران جي ڪنهن به سينگاريندڙ، نه هن فتحنامي جي ڪنوار کي سينگاريو هو، ۽ نڪي زبان جي سينگارخاني ۽ حڪمتن جي بجڪي (بغچه) مان هن کي ڪو وڳو ڍڪايو هو: نه عقل جي خزاني مان ڪو زيور پهرايو هو، ۽ نه وري فصاحت جي ميدان ۽ بلاغت جي باغيچن مان هن ميدان ۾ گهوڙو ڊوڙايو هو.“ ص (259).

مترجم جا مٿيان لفظ ”فارسي ترجمي“ بابت سندس خيالن جي ترجماني ڪن ٿا. سندس خيال موجب: (1) ايراني مصنفن جي طرز موجب ان کي سينگارڻ، (2) زبان جي رنگيني سان ان کي چمڪائڻ، (3) دانائي ۽ عقل جو زيور پهرائڻ يعني ته ضرورت مطابق تشريح ڪرڻ ۽ نتيجا ڪڍڻ، ۽ (4) اسلوب بيان کي  فصاحت ۽ بلاغت جي سانچي ۾ سموهڻ، اهي جملي ضرورتون هن ”فارسي ترجمي“ ۾ درڪار هيون. مترجم جي انهيءَ نظريي جو عڪس سندس هن ڪيل فارسي ترجمي ۾ جابجا نظر اچي ٿو ۽ سندس هن انهيءَ نطريي کي سمجهڻ سان سندس طرفان ڪيل اضافن۽ ترميمن جو به پتو لڳائي سگهجي ٿو.

شروع ۾ پهرين ويهن صفحن (61-50) ۾ ڪتاب جــو ديباچو، ۽ آخر ۾ ”دعا ِّ مخلص ڪتاب“ (ص 259-258) وارا عنوان ته ظاهراً مترجم طرفان آهن، جن کي شامل ڪرڻ ۾ هو بلڪل حق بجانب آهي. پر انهن کانسواءِ به ٻيا ڪافي اضافا آهن، جي مترجم جي مٿي ڏيکاريل نظريي جي زير اثر ڪتاب جي متن جو جز بنجي ويا آهن. ان سلسلي ۾ هيٺيان اضافا غور طلب آهن:

(1) عورتن جا قصا ۽ عشقيه افسانا:  ”فتحنامه“ ۾ جو خالص تاريخي مواد، واقعن ۽ فتحن جي ذڪر جي صورت ۾ موجود آهي، ان جي تسلسل خواه تفصيل تي معتبر عرب تاريخون شاهد آهن، ان کان سواءِ خود فارسي عبارت جي جملن جي سٽا ِّ ۽ ساخت ظاهر ڪن ٿا ته اهو اصل عربي متن تان ترجمو ٿيل آهي. انهيءَ خالص تاريخي مواد جي برعڪس جو حڪايتي ۽ روايتي مواد آهي تنهن جي فارسي عبارت ئي ڏيکاري ٿي ته اهو مواد اصل عرب مؤرخن جو نه آهي، ڇاڪاڻ جو نه ان ۾ خالص تاريخي حقيقتن بابت بحث آهي ۽ نڪي وري ان  ۾ انهن آڳاٽن عرب مؤرخن جي اسلوب بيان وارو ايجاز ۽ اختصار آهي.

اسان مٿي چئي آيا آهيون ته اهو حڪايتي مواد اڪثر مقامي روايتن تي ٻڌل آهي، ۽ شايد اروڙ ۽ بکر جي عربي النسل قاضين جي ڪوشش سان ان کي گڏ ڪري هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو هجي. انهيءَ مواد ذريعي فارسي مترجم علي ڪوفي کي هن ڪنوار کي سينگارڻ لاءِ ميدان ملي ويو، ۽ جتي جتي عورتن بابت اشارا هئا تن کي هن پنهنجي ترجمي ۾ فارسي وارو افسانوي ۽ روماني رنگ ڏيئي بنائي ٺاهي پيش ڪيو. اهڙيءَ طرح راڻي سونهن ديوي ۽ چچ جو عشق (ص 68-66)، ڏاهر جي ڀيڻ ”مايين“ ۽ سوڀن راءَ ڀاٽيه جي مڱڻي جو قصو (ص 95-92)، ڏاهر جي زال ”لاڏي“ ۽ محمد بن قاسم جي شادي جو قصو (ص 123 ۽ 201)، ڏاهر جي ڀاڻيجي جمنا ۽ سندس نڪاح جي حڪايت (ص 210)، جيسينه سان ڪيرج جي راجا دروهر جي ڀيڻ ”چڱي“ جي محبت جو داستان (ص 246-240) ۽ آخر ۾ ڏاهر جي ٻن ڌيئرن، محمد بن قاسم ۽ خليفي وليد وارو قصو (ص 258-256)، انهن مڙني قصن کي افسانوي رنگ ڏيئي، مرچ مصالح ڳنڍي، نوڙيءَ مان نانگ بنائي پيش ڪرڻ ۾ فارسي مترجم علي ڪوفي جو غالباً وڏو هٿ آهي. اهو سندس روماني تخيل جو نتيجو آهي جو راڻي سونهن ديوي فارسي شعر ۾ پنهنجي محبت جو اظهار ڪري ٿي (ص 66)، ۽  پڻ ”ڪيرج“ جي حاڪم دروهر جي ڀيڻ ”چڱي“ جيسينه جي عشق جي آڳ ۾ پچي ۽ پڄري ٿي ۽ بستري تي ليٽندي فارسي رباعي جهونگاري ٿي (ص 242). مطلب ته اصل متن ۾ انهن ڳالهين بابت جي ڪو اشارو هو ته ان کي ڇڪي افسانو بنايائين. سندس اهو وڌاءُ صرف عشقيه حڪايتن تائين محدود نه رهيو بلڪ جتي به گنجائش ڏٺائين، اتي ڳالهه کي وڌايائين. ص236 تي اروڙ جي جادو گرياڻي واري ڳالهه محض هڪ اجائي ڊيگهه آهي، ۽ ص 240-239 تي برهمڻ سپاهي ۽ محمد بن قاسم جي ڳالهه به سندس هن وڌاءُ  جو ٻيو مثال آهي جنهن ۾ اروڙ جو برهمڻ سپاهي فارسي شعر پڙهي ٿو!!

(2) عبارت آرائي: مترجم، ترجمي متعلق ”عبارت جي هار“ (ص 58) ۽ ”زبان جي سينگار خانه“ (ص 259) جي خصوصيتن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان مطابق پنهنجي هن ترجمي ۾ پڻ محض عبارت آرائي ۽ رنگين بياني خاطر ڪي اضافا ڪيا اٿس جن جو نفس مضمون سان ڪوبه تعلق ڪونهي.

انهن اضافن مان هڪ ته (غالباً سندس پنهنجا) اهي فارسي شعر آهن جي ڪنهن نه ڪنهن زال يا مرد جي واتان چوايا اٿس (جن جو بيان مٿي اچي چڪو آهي) يا موقعي جي مناسبت سان آندا اٿس، مثلاً ص 240 تي هڪ فارسي رباعي واعدي وفائي جي اصول جي تصديق خاطر، ۽ ص 248 تي شاعر ابوالفتح بستي جي هڪ عربي قصيده(1)  جو بيت صلاح مشوري جي حڪمت عملي بابت، شاهد طور آندا اٿس.

ٻيو ته اسلوب بيان جي رنگيني خاطر سڌي سنئين ڳالهه کي تڪلف ۽ تصنع سان ادا ڪيو اٿس، جنهن جو مثال هيٺيون بار بار آيل عبارتون آهن جن جي سنئين سڌي لفظن ۾ معنيٰ آهي ته ”سج لٿو“ ”صبوح ٿيو يا سج اڀريو“:

ص 76: جڏهن دنيا ڪاري گودڙي ڍڪي ۽ ستارن جو بادشاهه رات جي ڪارنهن واري چادر ۾ لڪي ويو.

ص 144: ٻئي ڏينهن جڏهن صبح صادق اونداهيءَ جي پردي مان اطلس جو لباس پهري ظاهر ٿيو.

ص 147: جڏهن رات جو سرمائي پردو ستارن جي بادشاهه (سج) جي روشنائيءَ جي چوڪ سان ڦاٽي پيو.

ص 190: ٻئي ڏينهن جڏهن صبوح (پنهنجو) جهان کي سينگاريندڙ ۽ دل کي وڻندڙ حسن، مشرق جي طرف کي ڏيکاريو.

ص 212: جڏهن صبح صادق انڌاري رات جي پردي مان ٻاهر نڪتو.

ص 243: ٻئي ڏينهن جڏهين ستارن جو بادشاه (سج) آسمانن جي برجن مان نڪتو ۽ سرمائي پردو ڦاڙي ڦٽو ڪيائين.

ص 255: ٻئي ڏينهن جڏهن ستارن جو بادشاهه (سج) رات جي پردي مان ظاهر ٿيو.

(3) لقبن جا اضافا: مترجم جي ڏينهن ۾ بادشاهن، بزرگن جي شان ۽ شوڪت خاطر فخريه لقبن جو استعمال عام ٿي چڪو هو. ”شهاب الدين“ ۽ ”معزالدين“ ٻيئي سلطان محمد بن سام غوري جا شاهي لقب هئا. کانئس پوءِ سلطان ”ناصرالدين“ قباچه جي حڪومت ۾ مترجم علي ڪوفي اُچ ۾ آيو. سلطان ناصرالدين جي وزير ابوبڪر جو لقب ”رضي الدين“ هو، جو علي ڪوفي جو وڏو مربي هو. ان بعد وزير ابوبڪر جو پٽ حسين ”فخرالدين“ جي لقب سان وزير ٿيو، جنهن ڏانهن علي ڪوفي پنهنجو فارسي ترجمو منسوب ڪيو. وقت جي انهيءَ رواج موجب علي ڪوفي به پنهنجي ترجمي ۾ اڳين بزرگن ۽ اميرن جي نالن اڳيان اهڙن لقبن جو اضافو ڪيو، مثلاً پنهنجي متن ۾(1) ص ]12[ /58 تي نبي ﷺ جي ساٿي ابوموسيٰ الاشعري رضه کي ”ڪريم الدين، وجيہ العرب، نظام الملة و قوام الملة“ جي لقبن سان ياد ڪيو اٿس، حالانڪ ان وقت ۾ اهڙن لقبن جو نالو نشان به ڪونه هو. ساڳيءَ طرح ص ]9[/56 تي محمد بن قاسم کي ”عمادالدولة و الدين“ جو لقب ڏنو اٿس، ٻين پنجن جاين(1) تي محض ”عمادالدين“ تي اڪتفا ڪئي اٿس، ۽ ص ]127[ /152 تي وري کيس ”ڪريم الدين“ جو لقب ڏنو اٿس. اسان ص 261 تي ڏنل حاشيي ۾ وضاحت ڪئي آهي ته محمد بن قاسم انهن لقبن کان آجو هو ۽ محض سندس ڪنيـت ”ابوالبهار“ هو. ص ]235[ /246 تي اروڙ جي قاضي موسيٰ لاء ”برهان الملة والدين“ جو لقب آندو اٿس ۽ سندس اولاد مان پنهنجي همعصر قاضي اسماعيل کي وري ص] 9[ تي ”ڪمال الملة والدين“ جو لقب ڏنو اٿس. نه فقط ماڻهن لاءِ پر پنهنجي هن فارسي ترجمي لاءِ به ص ]247[ /259 تي منهاج الدين...الخ جو لقب تجويز ڪيو اٿس. مطلب ته اهي لقبن وارا اضافا محض سندس ”زبان جي سينگار خانه“ جون سوکڙيون آهن ورنه انهن جو حقيقت سان ڪوبه تعلق ناهي.

(4)  تشريحي اضافا: ترجمي ڪرڻ وقت اصل عربي متن ۾ آيل ڪن شهرن يا مڪانن جي نالن کي مترجم مختصر الفاظن ۾ سمجهايو آهي ته اهي سندس وقت ۾ ڪٿي هئا يا ڪهڙا هئا. مثلاً:

ص 88/ ]49[: چچ، مڪران ۽ ڪرمان جي وچ ۾ حد مقرر ڪئي. انهيءَ حد جي وڌيڪ وضاحت لاءِ چيو ويو آهي ته ”اها ساڳي حد اسان جي هن وقت تائين قائم آهي.“ اهي لفظ ظاهراً مترجم جا آهن ۽ محض گماني آهن.

ص [49]/88: هت شهر ”قندابيل“ جي وضاحت ۾ ڄاڻايل آهي ته ”قندابيل يعني قندهار.“ يعني قندهار  وارو فقرو ظاهراً مترجم جي طرفان آهي جو صحيح نه آهي. قندابيل مان مراد ”گنداوا“ آهي جنهن بابت اسان ص 416 تي ڏنل حاشيي ۾ روشني وڌي آهي.


 

(1)  اصل فارسي عبارت هن طرح آهي: ”بنده دولت محمدي علي بن محمد بن ابي بڪر ڪوفي، ص  ]8[ . ڪتاب جي قلمي نسخن ۾ ڪن صاحبن غلطي وچان لفظ ”محمدي“ کي ”محمد“ يا ”محمد بن“ ڪري پڙهيو آهي ۽ اهڙيءَ طرح ”اليٽ“ (جلد 1 ص 131)  توڙي ايٿي (فهرست انڊيا آفيس لئبرري No: 435) مؤلف جو نالو ”محمد علي بن حامد بن ابي بڪر ڪوفي“ ڪري لکيو آهي، ۽ ”ريو“ (فهرست متحف برطانيه جلد 1، ص 290) وري ”محمد بن علي بن حامد بن ابي بڪر ڪوفي“ ڪري ڄاڻايو آهي، حالانڪ فارسي متن ۾ ٽن ٻين جاين تي مؤلف پنهنجو ذاتي نالو صاف طور علي ڪري لکيو آهي- ڏسو ص [8]/56 ، 58/]11[  ۽ 60/ ]13[. روهڙيءَ جي سيد محب الله پنهنجي مختصر تاريخ سنڌ (فارسي قلمي نسخي) ۾ ٻه دفعا مؤلف جو نالو ”علي بن ابراهيم الڪوفي“ ڪري لکيو آهي، مگر خود مؤلف جي پنهنجي عبارت انهيءَ گمان جي ترديد ڪري ٿي.

(1) تصديق لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه، ص 344

(1)  هن ترجمي ۾ ڪي القاب به سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ويا آهن انهيءَ ڪري تصديق لاءِ فارسي متن ڏسڻ گهرجي جنهن جا صفحا چورس ڏنگين ۾ ڏنل آهن

(1)  ڏسو ص ص ]93، 106، 141، 163 ۽ 244[ /123، 133، 164، 182، ۽ 256.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org