سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب: --

صفحو :17

هند جي سرحد تي سـِـنان بن سـَـلمـَـه بن المـُـحـَـبقِ الهـُـذَلـِـي جو والي ٿيڻ

هن تاريخ جي سلجهائيندڙن هـُـذَلـِـي ۽ عيسيٰ بن موسيٰ کان روايت ڪئي آهي، جنهن پنهنجي پيءُ کان روايت ڪئي ته: عبدالله بن سـَـوار شهيد ٿيڻ وقت ]پنهنجي جاءِ تي[ سـِـنان [80] بن سـَـلـَـمـَـه کي مقرر ڪيو. انهيءَ کان پوءِ امير معاويه، زياد ڏانهن لکيو ته: ڪو اهڙو ماڻهو جو هند جي سرحد لاءِ موزون هجي، ڏسي، اتي جو گورنر بناءِ. حڪم پهچڻ تي زياد ڏانهس لکي موڪليو ته مون وٽ ٻه ماڻهو آهن، جيڪي انهن جي لياقت رکن ٿا: احنف بن قيس ]۽ سنان بن سلمه الهذلي: جنهن تي امير معاويه هن[ ڏانهن لکي موڪليو ته: ]احنف کي سندس ٻن ڏينهن مان ڪهڙي ڏينهن جو[ انعام ڏيون؟ ام المؤمنين  ]سان بيوفائي جو يا صفين واري ڏينهن اسان جي برخلاف ڪوشش ڪرڻ جو؟ تنهن ڪري سنان کي روانو ڪر. انهيءَ تي زياد هن ڏانهن لکي موڪليو ته احنف شرف، عقل ۽ سرداريءَ جي انهيءَ درجي تي پهچي چڪو آهي، جتي هن کي حڪومت فائدو نٿي ڏئي ۽ موقوفي نقصان نٿي رسائي[. (1) پوءِ هو ]سـِـنـَـان[ مڪران وڃي ٻه سال اتي رهيو ۽ ٻن سالن هڪ مهيني کان پوءِ برطرف ڪيو ويو.

 

راشد بن عـَـمرو الجـَـدَيدي جو، هند جي سرحد تي

والي ٿيڻ

ابوالحسن، هذلي کان ٻڌو ۽ انهيءَ اسودَ کان روايت ڪئي ته: زياد جڏهن  ]سـِـنـَـان[ ابن سـَـلـَـمـَـه کي موقوف ڪيو، تڏهن راشـِـد بن عـَـمرو کي هندستان ملڪ ]جي سرحد[ ڏانهن روانو ڪيائين ۽ کيس گورنر مقرر ڪيائين. راشد هڪ شريف ماڻهو هو ۽ همت بلند هوندي هئس. امير معاويه هن کي سڏي تخت تي ويهاريو، ۽ گهڻي وقت تائين پاڻ ۾ صلاح ڪيائون. پوءِ ]لشڪر جي[ مکيه ماڻهن کي چيائين ته: راشد شريف ماڻهو ۽ اڳواڻ آهي. کيس خوش رکجو ۽ سندس فرمانبرداري ڪجو، لڙائي ۾ سندس مدد ڪجو ۽ کيس اڪيلو نه ڇڏجو. راشد مڪران ۾ پهچڻ سان عرب جي بزرگن ۽ مکيه ماڻهن سان گڏجي سـِـنـَـان وٽ ويو. کيس مضبوط عقل وارو ۽ ڪامل ڏسي چيائين ته: خدا جو قسم سـِـنـَـان هڪ وڏي شان وارو آهي، هو سرداري ۽ سپهه سالاريءَ جو لائق ۽ بهادر آهي. ۽ ]پوءِ[ ٻيئي گڏجي ويٺا. هن کي امير معاويه، وڃڻ وقت ]تاڪيد[ ڪيو هو ته هميشه سنڌ ۽ هند جون خبرون ڏيندو رهي. ڳجهاندر ڳالهائڻ وقت کانئس سنڌ جون خبرون  پڇي لشڪر جي پڪي تياري ڪيائين.

(روايت:) عبدالرحمان بن عبد رَبه(1) الـُـسـَـليطـِـي کان هن طرح روايت ڪن ٿا ته هن چيو ته: مون عبدالرزاق بن سـَـلـَـمـَـه کان ٻڌو ته، جڏهن راشد بن عـَـمرو سنڌ ملڪ ۾ پهتو،[81]   ۽ ڪوپايه جي ڍل وصول ڪري ڪيڪانان ويو ۽ اتي وڃي اڳين ۽ پوئين ڍل وصول ڪرڻ سان گڏ غنيمتون ۽ بيفرمان غلام، جيڪي ڦرجي ويا هئا، تن تي قبضو ڪيائين، تڏهن هڪ سال ]اتي رهڻ[ کان پوءِ موٽي سيستان جي رستي کان پنڌ ڪري، اچي ڪوه مـُـنذر (2) ۽ بـَـهرَج وٽ پهتو. انهيءَ جبل جي ماڻهن لشڪر گڏ ڪيو، صبح کان ٻهپري جي نماز تائين جنگ ڪندا رهيا، نيٺ راشد شهيد ٿي ويو. ]راشد جي شهيد ٿيڻ کان [ (3) پوءِ ملڪ وري سـِـنـَـانَ بن سـَـلـَـمـَـه جي حوالي ٿيو ۽ سـِـنـَـانَ بن سـَـلـَـمـَـه ٻيهر ]گورنر جي حيثيت ۾[ مستحڪم ٿيو(3).

 

سـِـنـَـانَ بن سـُـلمه جي دوباره اِيالـَـت

        يـَـسـَـار اَلقـُـرَ شـِـي کان هن طرح روايت ڪئي اٿن ته جڏهن راشد بن عـَـمرو شهيد ٿيو، تڏهن زياد، سـِـنـَـانَ بن سـُـلـَـمـَـه کي گورنر بنايو ۽ ]مٿس[ فخر ڪيائين، ڇاڪاڻ ته هو پيغمبرﷺجي زماني ۾ ڄائو هو، ۽ جڏهن سندس پيءُ کي ُسندس ڄمڻ جيلله خوشخبري ملي هئي ته پيغمبرﷺ  فرمايو هو ته يا سـَـلـَـمـَـه اَبشـِـر بـِـابـِـنـِـک (اي سلمه! پنهنجي پٽ تي خوش ٿي). تنهن تي هن عرض ڪيو هو ته: جيڪڏهن پاڻ کي ۽ هن کي الله جي واٽ ۾ قربان ڪريان ته ]يقيناً[ اهڙن هزار پٽن کان ڀلو ٿيندو، جيڪي خدا جي واٽ ۾ قربان نه ٿين. تنهن تي رسول اللهﷺهن جو نالو سـِـنـَـانَ رکيو. هو جڏهن اڳواڻ مقرر ٿيو، تڏهن سينگاريل لشڪر ساڻ وٺي اڳتي وڌيو، ] ۽[ پيغمبر عليه الصواة والسلام کي خواب ۾ ڏٺائين، جنهن فرمايس ته: تنهنجو پيءُ تنهنجي مردانگيءَ تي ناز ڪندو هو، اڄ تنهنجو ڏينهن آهي، گهڻيون ئي ولايتون تنهنجي هٿ اينديون ۽ انهن جو سڌارو ٿيندو. [82] پوءِ  ]سنان[ اتان روانو ٿي، ڪي ملڪ هٿ هيٺ آڻي وڃي ڪيڪانان پهتو، ۽ جتي به پهتو ٿي ته چڱيون رسمون قائم ڪيائين ٿي. آخر وڃي ٻـُـڌيه ۾ پهتو، جتي ساڻس ٺڳي ڪري کيس شهيد ڪيائون، جنهن تي اِبن خـَـلاص اَلـَـبـَـڪرَي هيءُ شعر چيو:

شعر

اَبلـِـغ سـِـنـَـانَ ابـــــــــنَ مـَـنصـُــــورِ وَ اُخوَتہُ

اَعنـِـي هـُـدِيتَ (1)، کـــــــــراماً غـَـير اَغمار،

اِنا عـَـتبـَـنـَـا عـَـلـَـيکـُـم فـِــــــــي اِمـَـارَتـِـکـُـم،

وَ الدهرُ ذَا قـَـــــــــلـَــــــــل فـِــــــــي الناسِ دَوار،

يـُـعطـِـي الجـَـزِيلَ وَ يـِـنشـُـسرُ غـَـير مـُـستـَـثر،

وَلاَ يـَـزِيدُکَ شـَــــــــــرا(1) بــــــعــــــدَ اِقـُـتـَـدار،

لـُــم يـُـنـــــزِلِ القـَـوم اِذ جـُــــنت فـَـتـَـاتـُــهـُـم(1)

کـَـابنِ المـُـعـَـلي وَلاَ مـِـــثــــــــل ابنِ سوار،

وَلا ابنَ مـُــــــــرةَ اِذ اَودَي الـــــزمـَـــــــان بـِہ،

کـَـم فـَـلـُـلَ الدهـر مـِـــــــــن تـَـــــــاب وَ اَظفار.

]چئج سنان بــــــن منصور، ان جي ڀائن کـــي،

اهي سڳورا جــــــي آهن ڪــريم، تجربيڪار.

ٿياسون رنج توهان تي توهان جي اميريءَ ۾،

زمــــــــانو ڏاڍو آ تڪليف ده، وڏو مــــــــڪار.

ڏئي ٿو دولت تنهن کي پڇي نــــــه جو دولت،

ٿئي فقير سان هر گز نه ســـــــو ڪــڏهن غدار.

ٿئي ذليل جڏهن قوم ڏيـــــــــــس ڪونه پناهه،

ڏئي جيئن اِبن مـُـعـَـلي، ڏئي جيئن اِبن سوار.

يا جيئن ڏني ٿي اِبن مـُـــــــــره پر ٿيو هو تباهه،

زماني ڪيئي ڪيا مرد شير دل بيڪــــــار.[

مـُـنذِر بن جارود بن بـِـشر جو والي ٿيڻ

پوءِ ]هيءُ[ ملڪ مـُـنذِر بن جارود بن بـِـشر جي حوالي ٿيو. جڏهن خليفي جي حڪم سان، مـُـنذِر گورنريءَ جي پوشاڪ پهري، سن ايڪهٺ ]هجري[ ۾ جنگ تي روانو ٿيو، تڏهن سندس ڪپڙو ڪنهن اُڀيءَ ڪاٺيءَ ۾ اٽڪي ڦاٽي پيو، ]جنهن تي[ عبـَـدالله بن زيـِـاد [83] غمگين ٿي چيو ته: مـُـنذِر جي فال چڱي نه ٿي آهي. آخر انهيءَ کان موڪلائي موٽي آيو ۽ روئي چيائين ته مـُـنذِر هن سفر تان موٽي ڪونه ايندو، بلڪ مري ويندو. ]هڪ ڏينهن[ ابن زيـِـاد کي عبدالعزيز چيو ته: مال جو نقصان ٿي رهيو آهي، ۽ توهان ڪنهن کي مقرر نٿا ڪريو ڇو؟ چيائين ته مـُـنذِر کي موڪليو اٿم، جنهن سان لڙائي ۽ بهارديءَ ۾ ڪوبه مقابلو نٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن بخت مددگاري ڪيس ته مطلب حاصل ڪري موٽي ايندو.

منذر جي حڪمراني (1)

مـُـنذِر جڏهن اتان روانو ٿي دشمنن جي ملڪ ۾ پهتو ته ]اوچتو[ پـُـورالي ]ندي[ جي حد ۾ بيمار ٿيو ۽ ساهه خدا تعاليٰ جي حوالي ڪيائين. سندس پٽ حـَـڪم بن مـُـنذِر، ڪـِـرمان ۾ هو، تنهن ڏانهن ]بيماري جو[ لکي موڪليائين. ]هن جي مرڻ کان [ پوءِ سندس ]منذر جي[ ڀاءُ، عبدالعزيز کان انهيءَ ملڪ جي ]گورنري جي[ گهر ڪئي، ۽ ]عبدالعزيز وڃي حـَـجاج سان ڳالهايو:[ حجاج دروازي تي پهتو ته نماز جي بانگ جو آواز آيو. عبدالعزيز ڏانهن منهن ڪري حجاج چيو ته: بانگ جو آواز منهنجي ڪن تي نه پوي ها ته سندس ]يعني منذر جي[ ڀاءُ کي انهيءَ خط آڻڻ سبب سزا ڏيان ها. اسان جي برگزيدن ۽ مکيه ماڻهن مان هڪ بزرگ خدا تعاليٰ جي واٽ ۾ پنهنجي جان فدا ڪئي آهي، ۽ سندس جاءِ تي سندس پٽ موجود آهي، ۽ تون ٿو ]ڀاڻس لاءِ[ گورنري گهرين؟

حـُـڪـَـم بن مـُـنذِر جو والي ٿيڻ

بيان ڪن ٿا ته: جڏهن حـَـڪـَـم آيو، ۽ عبيدالله کي اطلاع ڏنائون، تڏهن هن رنو ۽ غمگين ٿيو ۽ سندس ]منذر  جي[ پٽ ]حڪم[ کي گهرائي، کيس ٽي لک درهم بخشيائين. انهيءَ کان پوءِ به ڇهن مهينن تائين هند جي گورنري سندس حوالي هئي. جڏهن حـَـڪـَـم ]گورنري جي [ خلعت پهري، ۽ هو هڪ همت وارو ۽ بهادر هو، تڏهن عبدالله ]بن[ اَلاعورَ الحـِـرمازِي (1) اٿي هي شعر پڙهيا [84].

يـَـا حـَــــــــکـَـــــــم بــــــــــنِ المـُـنذِرِ بنِ الجـَـارَود

اَنـــــــــــــتَ الجـَـــــــــــواد و الجـَــــــــود مـَـحمـُـود

سـُـرَادقُ المـَـجد عـَـلـَـــــــيـــــــــکَ مـَـــــــــمـــــدُود

نـَـبـَـت فـِـي الجـُـودِ فـِـــــــــــي اَصــــــــــلِ الجـُـودُ

]اي مـُنذر- جارَود جــــــــــــا فرزند حـَـــــــــڪـَـم!

آهين بيشڪ تون سخي ۽ سخي آهي محمود.

توکي چؤطرف بزرگي جــــــــــــو رهي ٿو گهيرو،

آهين ڄائو تون سخا ۾ تنهنجوبنياد آ جـُـود[

عـَـبدالملڪ بن مروان جي خلافت

تاريخ جي راوين هن طرح بيان ڪيو آهي ته: جڏهن عبدالملڪ بن مروان آيو ته هن عراق، هند ۽ سنڌ حجاج بن يوسف کي ڏنا، ۽ حـَـجاج، سـَـعيـِـد بن اَسلـَـم ڪلابي کي مڪران موڪليو. هن جي اتي پهچڻ کان پوءِ ]هڪ شخص[ سفهوي بن لام الـَـحمامـِـي، اُزد ]قبيلي [ مان، اتي آيو. سـَـعيد کانئس گهر ڪئي ته: آءٌ جتي به منزل ڪريان ته تون مون سان هج، ۽ منهنجو مددگار ٿيءُ. جواب ڏنائين ته: مون وٽ لشڪر ڪونه آهي. تنهن تي هن چيو ته: خلافت جي دفتر کي حڪم ٿو ڪريان. هن چيو ته: خدا جو قسم تنهنجي زيردستيءَ ۾ نه ايندس جو شرم ٿو اچيم. سعيد ]ڪاوڙجي[ هن کي پڪڙي، قتل ڪيو ۽ سندس کل لاهي ان جو سر حـَـجاج ڏانهن موڪلي، پاڻ مـَـڪران وڃي مقيم ٿيو، ۽ ڍل وصول ڪرڻ لاءِ اعتماد جوڳا ماڻهو مقرر ڪري، صلح ۽ نرميءَ سان، هندستان جو گهڻوئي محصول وصول ڪيائين. آخر هڪ ڏينهن جيئن مال کنيو ٿي آيو ته مرج (1) ۾ عـِـلافـِين سان مقابلو پيش آيس.

 


 

(1)  چورس ڏنگين ۾ ڏنل احوال ابن قتيبه جي ڪتاب عيون الاخبار (ج 1، ص 227) تان درست ڪري ڏنو ويو آهي: فتحنامه جي اصل عبارت هن طرح آهي ۽ اها ظاهراً ناقص آهي: زياد احنف بن قيس را فرمود که هم او مسند است و مؤمنان است. (ن- ب)

(1)  فارسي ڇاپي ۾ هن جاءِ تي عبدالله آهي مگر پ ۽ ر جي پڙهڻي عبدربہ“ آهي جا صحيح آهي. فارسي ڇاپي ۾ ص ]234[ تي هن ساڳئي نالي جي پڙهڻي پ مطابق عبدريہ“ ڏني وئي آهي ۽ ان جاءِ تي به ر ۽ م جي پڙهڻي عبدربہ“ آهي. (ن-ف)

(2)  فارسي ڇاپي ۾ کوه مندر پڙهڻي اختيار ڪيل آهي مگر پ، ن، ڪ جي پڙهڻي “کوه منذر” آهي جا زياده قرين قياس آهي. غالباً انهيءَ جبل تي اهو نالو عرب جي ٻئي هڪ گورنر منذر بن جارود جي ڪري پيو. (ن-ب) (3)-(3) فارسي ڇاپي جي عبارت: بازولايت به سنان سلمـہ ديگر بار مستحکم  شد آهي جا شايد پ مطابق آهي. ن، ر، م مطابق: باز ولايت به سنان بن سلمـہ دادند، سنان بن سلمه ديگر بار مستحکم شد هي عبارت کليل آهي ۽ ترجمو به انهيءَ مطابق ڏنو ويو آهي. (ن- ب)

(1)  فارسي ايڊيشن ۾ هـَـدِيت جي بدلي هـُـذيلا وَلايـَـزِيدُکَ شراَ جي بدلي وَلاَ يـَـزيدُثـَـري ۽ اِذ جـُـنتِ فـَـتـَـانهـُـم جي بدلي اذ جنت قـَـتـَـاتـُـهـُـم پڙهڻيون ڏنل آهن. هت هـُـدِيـُـتِ، ولاِيزِيدُکَ شرا ۽ اِذ جـُـنتِ فـَـتـَـانهـُـم پڙهڻيون اختيار ڪيون ويون آهن، جي علامه عبدالعزيز الميني سابق پروفيسر عربي، مسلم يونيورسٽي عليڳڙه، فاضل ايڊيٽر (ڊاڪٽر دائودپوٽا) ڏانهن لکي موڪليون هيون. ڏسو فارسي ايڊيشن، ص 261. (ن-ب)

(1)  ن ۾ هيءَ عبارت ڪانهي.

(1)  اصل لفظ سڀني نسخن ۾ الحواري آهي. ڪيل تصيح لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]84[. (ن- ب)

(1)  سڀني نسخن ۾ مرج آهي. مرج جي معنيٰ گاهه وارو ميدان، مگر هن خطبي ۾ اهڙي جڳهه جو نالو عربي تاريخن يا جاگرافين ۾ نٿو ملي. غالباً هي لفظ بهرج جي بگڙيل صورتخطي آهي. فارسي ڇاپي جي فاضل ايڊيٽر جي راءِ ۾ هي لفظ غالباً بهرَج آهي. بهرج ڪرمان ۽ مڪران جي سرحد جو شهر هو، جنهن جو ذڪر هن کان اڳ ص ]76[ تي اچي چڪو آهي. (ن- ب)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org