”فتوحات سند“ جو پهريون مصنف
”المدائني“:
سندس سڄو نالو
”ابو
الحسن علي بن محمد بن عبدالله بن ابي سيف المدائني“
آهي ۽ هو شمس بن عبدمناف جي خاندان مان عبدالرحمان
بن سمرهِ جو آزاد ڪيل غلام هو. تقريباً سنه 135
هجري ۾ بصره ۾ ڄائو ۽ وڏو ٿيو. اتان پوءِ لڏي وڃي
”مدائن“
جي شهر ۾ رهيو، جنهن ڪري
”المدائني“
(مدائن جو) جي نسبت سان مشهور ٿيو. اتان پوءِ موٽي
اچي بغداد ۾ رهيو، جتي غالباً سنه 224/225هه ۾ وفات ڪيائين.
مدائني اسلامي تاريخ جي واقعن جو وڏو ڄاڻو هو.
خصوصاً خلافت اسلاميه جي مشرقي ملڪن، جهڙوڪ: عراق،
خراسان، بحرين، عمان، ڪرمان، سجستان، ڪابل ۽
زابلستان، مڪران ۽ سنڌ جي اسلامي فتوحات جي پوري ۽
پيرائتي خبر هيس ۽ انهن متعلق هيٺيان مختلف ڪتاب
لکيائين: ڪتاب فتوح العراق، ڪتاب فتوح خراسان،
ڪتاب فتح الابلتہ،
ڪتاب امرالبحرين، ڪتاب ڪرمان، ڪتاب فتوح سجستان،
ڪتاب ڪابل و زابلستان، ڪتاب فتح مڪران، ڪتاب ثغر
الهند ۽ ڪتاب عمال الهند.
مدائني جي انهن تصنيفن جو سڌي يا اڻسڌيءَ طرح سنڌ
جي اوائلي اسلامي فتحن ۽ تاريخ سان لاڳاپو آهي.
عراق جي فتح ٿيڻ سان اتي مضبوط فوجي طاقت جو پايو
پيو، جتان سنڌ ۽ ٻين مشرقي ملڪن جي فتحن ۾ آساني
ٿي. بصره لڳ قديم بندر
”اُبلة“،
عمان ۽ بحرين جي فتحن ٿيڻ سان مسلمانن جي سامونڊي
طاقت جو بنياد پيو ۽ ديبل، ڀڙوچ ۽ ٿاڻي تي پهرين
سامونڊي حملن ۽ فتحن ۾ آساني ٿي. ڪرمان ۽ سجستان
جي فتحن ذريعي، اسلامي فوجون هندستان جي اتر-
اولهه سرحد طرف وڌيون ۽ اول مڪران، زابلستان ۽
ڪابل (اڀرندو افغانستان) فتح ڪيائون ۽ ان کان پوءِ
اتان سنڌ ۽ هندستان جا ڪي حـصا فتح ٿيا. مدائني جا
ٽي ڪتاب: 1.ڪتاب فتح مڪران 2. ڪتاب ثغرالهند ۽ 3.
ڪتاب عمال الهند (هند يعني سنڌ جا گورنر) سنئون
سڌو سنڌ جي فتح ۽ اتي جي عربي حڪمرانن سان تعلق
رکن ٿا.
ان کان سواءِ مدائـني
”ڪتاب اخبار ثقيف“
يعني ثقفي خاندان جي حالتن بابت ڪتاب لکيو، ياد
رهي ته سنڌ جي فتح ۾ ثقفي خاندان جو وڏو هٿ آهي.
سڀ کان پهرين عثمان بن ابي العاص الثقفي سنه 15
هجري ۾ عمان مان پنهنجي ٻن ڀائرن حڪم ۽ مغيره جي
ڪمانڊ هيٺ ديبل، ڀڙوڇ ۽ ٿاڻي جي بندرن تي سامونڊي
لشڪر موڪليو، ان بعد حجاج توڙي محمد بن قاسم ٻئي
ثقفي خاندان مان هئا، جن جي همت ۽ حڪمت عملي سان
سنڌ فتح ٿي.
”ڪتاب
فتوح خراسان“
۾ خاص طور خراسان جي گورنر جنيد بن عبدالرحمان
المـُـري جي سوانح ۽ واقعا لکيائين.
معلوم هجي ته پهريائين جنيد
تقريباً 5 يا 6 سال (111-105هه) سنڌ جو گورنر هو،
جتي هن وڏيون فتحون حاصل ڪيون ۽ غالباً سندس
انهيءَ شهرت سبب ئي کيس سنڌ مان بدلي ڪري، سڌو
خراسان جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جتي هو (سندس وفات
محرم 116 هه) تائين رهيو.
مدائني جي مٿئين تصنيفن تي غور ڪرڻ بعد هيءُ نتيجو
نڪري ٿو ته، مدائني اسلامي خلافت جي مشرقي ملڪن جي
فتحن ۽ تاريخ کان پوري طرح واقف هو. خاص طرح محاذ
هند يعني مڪران ۽ سنڌ جي فتحن ۽ اتي جي عرب گورنرن
جي حالتن جو پورو ڄاڻو هو ۽ انهن مسئلن تي جدا جدا
ڪتاب لکيائين. نه صرف ايترو پر جن مکيه شخصن جو
سنڌ جي فتحن ۽ حڪمرانيءَ سان واسطو هو، انهن جي
حالتن کان به واقف هو ۽ انهن تي ڪتاب لکيائين.
”فتحنامه“
جو بنياد مدائني جي تصنيفن تي:
مٿئين بيان مان واضح ٿيو ته ابوالحسن مدائني ئي هر
حوالي کان سنڌ جي فتح ۽ تاريخ جو پهريون مؤرخ ۽
مصنف آهي: بلڪ مدائني ئي هند، سنڌ ۽ مڪران جي فتحن
جو اڪيلو مؤرخ ۽ مصنف آهي، ڇاڪاڻ ته عربي تاريخ ۾
ٻئي ڪنهن به مصنف جو نالو نٿو ملي، جنهن مڪمل طور
انهن ملڪن جي تاريخ ڏانهن توجهه ڏنو هجي يا انهيءَ
موضوع تي ڪوبه ڪتاب لکيو هجي. مڪران ۽ سنڌ جي
اسلامي فتحن بابت جو احوال اسان تائين پهتو آهي،
سو فقط مدائني جي ذريعي پهتو آهي. ڇاڪاڻ ته مڪران
۽ سنڌ جي اسلامي فتحن يا تاريخ متعلق بلاذري،
يعقوبي ۽ طبري جا بيان اڪثر مدائني جي روايتن تي
ٻڌل آهن. مطلب ته سنڌ جي فتح بابت جي بنيادي
حقيقتون آڳاٽن عرب مؤرخن ذريعي اسان تائين پهتيون
آهن، سي اڪثر مدائني جي روايتن ذريعي ئي پهتيون
آهن. انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته
”فتحنامه
سند“،
جو اصل عربيءَ ۾ هو ۽ جنهن ۾ سنڌ جي اوائلي اسلامي
فتحن جو ذڪر آهي، تنهن جو گهڻو مدار مدائني جي
تصنيفن ۽ روايتن تي آهي. هيٺيان دليل هن نظريي جي
وڌيڪ تائيد ڪن ٿا:
(1) اسان هن کان اڳ واضح ڪري چڪا آهيون ته آڳاٽين
عربي تاريخن ۾ بلاذري جي
”ڪتاب
فتوح البلدان“
۾ ئي سنڌ جي اسلامي فتحن جو بيان ٻين سڀني ڪتابن
جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تفصيل سان ملي ٿو، ڇو ته ان ۾
بلاذري سڄو سارو 15 صفحن (ص 448-431) جو هڪ خاص
خلاصو باب
”فتوح
السند“
جي عنوان سان قلمبند ڪيو آهي. هن باب ۾ ڏنل روايتن
تي غور ڪرڻ سان هي پڻ معلوم ٿي چڪو ته هن باب جو
اصل راوي ۽ مصنف مدائني آهي.
هن باب جي متن ۽ مواد تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو
ته: (1) ان جي شروعات، حضرت عمر جي خلافت ۾ عمان
مان سنڌ ۽ هند جي بندرن (ديبل، ڀڙوچ ۽ ٿاڻي) تي
ڪيل پهرئين سامونڊي حملي
۽
فتحن جي واقعي سان ٿئي ٿي، يعني ته محاذ هند (سنڌ
۽ هند) جي ذڪر سان ان جي شروعات ٿئي ٿي. (2) ان
کان پوءِ حضرت عثمان رضه جي خلافت کان وٺي
عبدالملڪ جي عهد تائين، اسلامي فوجن جي مڪران ۾
جنگين ۽ فتحن جا واقعن ڏنل آهن. يعني ته اهي واقعا
مڪران جي فتح سان تعلق رکن ٿا. (3) وليد جي ڏينهن
۾ وري محاذ سنڌ ۽ هند جو ذڪر، ديبل
تي عبيدالله بن نبهان ۽ بديل جي سامونڊي حملن سان
شروع ٿئي ٿو ۽ محمد بن قاسم هٿان سنڌ جي مڪمل فتح
۽ هند جي ڪن ڀاڱن جي فتح سان پورو ٿئي ٿو. (4) ان
کان پوءِ سليمان جي خلافت کان وٺي سنڌ ۽ هند جي
عرب گورنرن جو ذڪر شروع ٿئي ٿو، جو معتصم جي خلافت
بعد عمر بن عبدالعزيز الهباري جي سنڌ تي قبضي تي
ختم ٿئي ٿو.
باب
”فتوح
السند“
جي متن ۽ مواد جي مٿئين تفصيل مان ظاهر آهي ته هن
باب جي روايت ۾ مدائني غالباً پنهنجي ٽن ڪتابن هر
هڪ
”ڪتاب
ثغرالهند“
(هند ۽ سنڌ جو محاذ)،
”ڪتاب
فتح مڪران“
(مڪران جون فتحون) ۽
”ڪتاب
عامل
الهند“
(هند ۽ سنڌ جا گورنر) کي يڪجا جمع ڪيو آهي، اهو
قياس جي ويجهو معلوم ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته بلاذري سنه
279/280 هه ۾ وفات ڪئي ۽ مدائني سنه 225 هه ۾،
يعني ته بلاذريءَ کان 55 ورهيه اڳ، جنهن جي معنيٰ
ته بلاذري جڏهن هن باب جي روايت خود مدائني کان
سندس زباني ٻڌي هوندي، تڏهن مدائني يقيني طور
پيريءَ ۾ هوندو ۽ مٿيان ٽي ڪتاب ان کان ڪافي اڳ
تصنيف ڪيا هوندائين. انهيءَ ڪري زباني روايت ۾ سنڌ
جي فتحن بابت بلاذري کي غالباً پنهنجن انهن تصنيفن
جو تـَـت بيان ڪري ٻڌايائين: خود بلاذري کي به
پنهنجي ڪتاب لاءِ اختصار جي ضرورت هئي، انهيءَ ڪري
غالباً مدائني جي روايت جو اختصار قلمبند ڪيائين.
”فتحنامي“
جي اسلامي تاريخ واري حصي جي مطالعي مان
معلوم ٿئي ٿو ته بلاذري جي باب
”فتوح
السند“
وارو سڄو مواد ترتيبوار ان ۾ شامل آهي. مثلاً صفحي
]72[
104 تي ان جي شروعات ئي، بلاذري جي باب مطابق،
حضرت عمر جي خلافت ۾ عمان مان عثمان بن ابي العاص
ثقفي جي هٿان سنڌ ۽ هند جي بندرن (ديبل، ڀڙوچ ۽
ٿاڻي) تي سامونڊي حملي ۽ فتح جي واقعي سان ٿئي ٿي،
ان بعد حضرت عثمان رضه جي خلافت کان وٺي عبدالملڪ
جي عهد تائين، اسلامي فوجن جي مڪران ۾ جنگين ۽
فتحن جا واقعا بلڪل بلاذري جي سلسلي مطابق ڏنل
آهن: ۽ ان کان پوءِ وليد جي ڏينهن ۾ وري محاذ هند
۽ سنڌ جو ذڪر، ديبل تي عبيدالله بن نبهان ۽ بديل
جي سامونڊي حملن سان شروع ٿئي ٿو، ۽ محمد بن قاسم
هٿان سنڌ جي فتح جي تفصيلوار بيان سان ختم ٿئي ٿو.
البت محمد بن قاسم کان پوءِ، جي عرب گورنر سنڌ ۾ آيا، تن جو بيان فتحنامي ۾ ڪونهي، جنهن جي
معنيٰ ته فتحنامي جي هن اسلامي فتحن واري حصي ۾
صرف مدائني جي ٻن ڪتابن يعني
”ڪتاب
ثغر الهند“
(محاذ هند ۽ سنڌ) ۽
”ڪتاب
فتح مڪران“
(مڪران جون فتحون) جو مواد موجود آهي، مگر سندس
ٽئين ڪتاب
”ڪتاب عمال الهند“
(هند ۽ سنڌ جا گورنر) جو مواد شامل ڪونهي.
(2)
”فتحنامي“
جي اندروني شهادتن مان پڻ معلوم ٿئي ٿو ته ان ۾
غالباً مدائني جا اهي ٻه ڪتاب، يعني ته
”ڪتاب
ثغر الهند“
۽
”ڪتاب
فتح مڪران“
مڪمل طور شامل آهن. هيٺيان دليل ان نظريي جي تائيد
ڪن ٿا:
(الف) بلاذري، باب
”فتوح السند“
۾ مختلف واقعن بابت مدائني جي زبان کي اجمالي طور
۽ اختصار سان قلمبند ڪيو آهي. فتحنامي ۾ اهي ساڳيا
واقعا ساڳي ترتيب پر وڌيڪ زياده تفصيل سان بيان
ٿيل آهن. مدائني پنهنجي پيريءَ ۾ بلاذري کي غالباً
پنهنجي ٽنهي ڪتابن جو تـَـت بيان ڪري ٻڌايو، ۽ ان
جي ابتڙ
”فتحنامي“
۾ غالباً مدائني جا ٻه ڪتاب
”ڪتاب
ثغرالهند“ ۽
”فتح مڪران“
سندس پوري روايت سان شامل آهن، جنهن ڪري جملي
واقعن جو تفصيل موجود آهي. ان کان سواءِ باب
”فتوح
السند“
۽
”فتحنامي“
جي ساڳين بيانن ۾ نه فقط اصولي پر جزئياتي مطابقت
به موجود آهي: مثلاً فتحنامي (ص 133) ۾ ڄاڻايل آهي
ته ديبل جي حملي وقت حجاج جو خط پهتو، جنهن ۾
هدايت هئي ته
”مناسب
ائين آهي ته سج کي پٺي ڏيو، جيئن دشمن کي چڱي طرح
ڏسي سگهو.“
اهي لفظ بلاذري جي عبارت (ص 437) ۾ حجاج جي حڪم
”ولتڪن ممايلي المشرق“
جي عين مطابق آهن: فتحنامي (ص 171) ۾ ڄاڻايل آهي
ته حجاج ڏانهن محمد بن قاسم سـُـرڪي موڪلڻ لاءِ
لکيو، ۽ ان جي انتظام لاءِ حجاج جي حڪم سان پڃيل
ڪپهه آئي، جا سرڪي ۾ ٻوڙي، خشڪ ڪندا ويا. بلاذري
(ص 436) جي عبارت به ان مطابق آهي ته
”وعمد
الحجاج الي القطن المحلوج، فنقع في الخل الخمر
الحاذق.“ پهريون مجاهد، جو ديبل قلعي جي ديوار تي چڙهيو، ان جو نالو به
بلاذري جي بيان توڙي فتحنامي مطابق ساڳيو آهي (ڏسو
فتحنامو ص 308 نوٽ ص 134). ڏاهر جي قاتل جي باري ۾
پڻ فتحنامي ۽ بلاذري جي بيانن ۾ مطابقت آهي (ڏسو
فتحنامو ص 326، نوٽ ص 198) انهيءَ جزئيائي مطابقت
مان ظاهر آهي ته فتحنامي جا تفصيلي بيان مدائني جي
روايت مطابق آهن، جا بلاذري خود مدائني جي زباني
پنهنجي باب
”فتوح
السند“
۾ قلمبند ڪئي آهي.
(ب) بلاذري کي مدائنيءَ خود پنهنجي زباني ويهي
فتوحات جي واقعن جو بيان ڪري ٻڌايو، انهيءَ ڪري
بلاذري باب
”فتوح السند“
جي شروع ۾ سندس نالو سند طور پيش ڪيو آهي ۽ ان بعد
لاڳيتو واقعات نقل ڪندو ويو آهي، تان جو ڏاهر جي
قتل بعد (ص 438) وري اڳتي هلندڙ بيان لاءِ ٻيهر
مدائني جو نالو کڻي ، پنهنجي ماخذ جي تصديق ڪئي
اٿس. مطب ته بلاذري سڄو بيان مدائني جي زباني ٻڌو.
انهيءَ ڪري ذري ذري سندس نالي آڻڻ جي کيس ضرورت
ڪانه هئي.
اوائلي عرب مصنفن جو دستور هو ته خود پنهنجي تصنيف
ڪيل ڪتابن ۾ اڪثر هر نئين بيان آڏو پنهنجو نالو
کڻي ان بعد، پنهنجو سـَـند جي سلسلو(يعني انهن
راوين جا نالا جن کان مصنف تائين ان بيان يا واقعي
جي روايت پهتل هجي) پيش ڪري، پوءِ ان بيان کي پيش
ڪندا هئا. مؤرخن ۾ ابوجعفر طبري پنهنجي تاريخ ۾
خاص طرح انهيءَ دستور جي پابندي ڪئي آهي. طبري هر
نئين واقعي کي بيان ڪرڻ وقت چوندو ته
”قال
ابو جعفر...... حدثني فلان قال حدثـني فلان“ (يعني ابو جعفر چوي ٿو ته مون سان فلاڻي هي ذڪر ڪيو)، جنهن چيو
ته (مون سان فلاڻي اهو ذڪر ڪيو) يا
”حدثني“
(مون کي ٻڌايو) جي بدران
”عن“
(فلاڻي کان) جو لفظ آڻيندو. مطلب ته خود مصنف جي
ڪتاب ۾ اڪثر بار بار خود مصنفن ۽ سندس سـَـند وارن
راوين جو ذڪر ايندو.
فتحنامي جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته جيتوڻيڪ هڪ
ته زماني جي هٿ چراند سبب ۽ ٻيو غالباً فارسي
مترجم علي ڪوفي جي بي احتياطي سبب مختلف واقعن جي
روايتن جي سـَـندن کي يا ته اڻپوري حالت ۾ قلمبند
ڪيو ويو آهي (يعني ته ڪن راوين جا نالا ڇڏي ڏنا
ويا آهن) يا ته بلڪل حذف ڪيو ويو آهي، مگر تنهن
هوندي به مدائني جي نالي سان سندس سـَـنـَـدن سميت
سڄيون ساريون 13 روايتون
فتحنامي ۾ موجود آهن. ٻه ٻـيون روايتون (ص 182 ۽
183)
”محمد بن حسن“
۽
”محمد
بن ابوالحسن مدني“
جي نالن سان آندل آهن، جي پڻ غالباً مدائني جون
آهن ۽ سندس نالي
”ابوالحسن
علي بن محمد“
کي غلط نموني ۾ لکيو ويو آهي.
ٻيون 8 روايتون انهن ماڻهن جي نالن سان ڏنل آهن،
جن کان ٻيون روايتون فتحنامي ۾ خود مدائني جي
زباني بيان ٿيل آهن.
جنهن جي معنيٰ ته اهي اٺ روايتون پڻ يقيني طور
مدائني جي ذريعي ئي پهتل آهن، پر انهن جي اڳيان
مدائني جو نالو حذف ٿيل آهي. انهيءَ لحاظ سان
فتحنامي ۾ جملي 23 روايتون مدائني جون تسليم ڪري
سگهجن ٿيون، انهن کان سواءِ ٻيون باقي روايتون
جملي 14 آهن، جي ٻين راوين جي نالن سان ڏنل آهن ۽
گمان غالب آهي ته انهن روايتن مان گهڻن جي سـَـندن
جا اوائلي ڀاڱا حذف ٿيل آهن ۽ شايد انهن مان ڪي
ٻيون پڻ مدائني جي ذريعي آيل هجن. بهرحال مجموعي
طور فتحنامي ۾ وڏو حصو مدائني جي روايتن جو آهي ۽
سواءِ
”فتحنامي“
جي، سنڌ جي فتحن بابت مدائني جون ايتريون تفصيلوار
روايتون ٻئي ڪنهن به عربي يا فارسي جي تاريخي ڪتاب
۾ موجود نه آهن. هيءَ حقيقت ان نظريي جي تائيد ڪري
ٿي ته فتحنامي جو اسلامي فتحن ۽ تاريخ وارو گهڻو
ڀاڱو مدائني جي ٻن ڪتابن
”ڪتاب
ثغرالهند“
۽
”ڪتاب
فتح مڪران“
جو مجموعو آهي.
فتحنامي جي جملي مواد جا ماخذ ۽ انهن جي اندروني
صحت:
فتحنامي جي جملي مواد جا ٽي سر چشما نظر اچن ٿا:
(الف) مدائني جون روايتون، (ب) مدائني کان سواءِ
ٻين عرب عالمن ۽ راوين جون روايتون، ۽ (ج) سنڌ جون
مڪاني روايتون. اسان هيٺ انهن ٽنهي ماخذن تي
تنقيدي نگاهه سان مختصر بحث ڪنداسون.
|