سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب: --

صفحو :27

محمد بن قاسم جو حجاج بن يوسف ڏانهن لکيو موڪلڻ

        پوءِ محمد بن قاسم سمورو احوال خط ۾ لکي حجاج ڏانهن موڪليو، ۽ ٻڌايائينس ته اسلام جو لشڪر مهراڻ ٽپيو آهي، ۽ ڏاهر ڪافر سان هڪ دفعو سامهون ٿيا آهيون، جنهن ۾ ڪافر ڀڄي ويا- والسلام] .162[

حجاج  جو خط محمد بن قاسم کي پهچڻ

پيارا فرزند عمادالدين محمد بن قاسم! تو جيڪي لکيو آهي سو معلوم ٿيو. هيءُ نمونو جيڪو لکيو اٿيئي سو اصل ٺڳي آهي. الله تعاليٰ جي حڪم ۽ خدائي توفيق سان موافق هيءُ ڪم (هيئن) ٿو ڏسجي ته خدا عزوجل جي بيمثال درگاهه ۾ پنج وقت نماز ادا ڪرڻ سڀني ضروري ڪمن کان مقدم رکين، تڪبير، قراِّت، قيام، رڪوع، سجدي ۽ قعود وقت عاجزي ۽ زاري سان امداد گهرين، ۽ زبان کي الاهي ذڪر سان تر رکين، ته جيئن تنهنجا سڀيئي ڪم انتظام سان رهن، ڇاڪاڻ ته خدا تعاليٰ جي عنايت کان سواءِ ڪنهن به ماڻهوءَ کي دٻدٻو ۽ طاقت حاصل نٿي ٿئي. تون جڏهن سمورو ڀروسو ۽ ٽيڪ بادشاهه عزوجل جي فضل ۽ ڪرم تي رکندين، تڏهن تنهنجون سڀ اميدون پوريون ٿينديون، ۽ فتح ۽ نصرت تو سان شامل ۽ مددگار ٿيندي. انشاءَ الله تعاليٰ-- حـُـمران جو لکيل.

ڏاهر جو جـَـيسيـِـنه کي جنگ ڪرڻ جي

مقدمه طور موڪلڻ

خبرن جي مصنفن  هن طرح بيان ڪيو آهي ته: جڏهن محمد عـِـلافي جاسوسيءَ کان موٽي آيو، تڏهن راجا ڏاهر پنهنجي پٽ جـَـيسـِـينه کي ڪجهه لشڪر ۽ هاٿي ساڻ ڏيئي موڪليو. جـَـيسـِـينه هاٿيءَ تي ويهي اسلامي لشڪر جي سامهون اچي جنگ جوٽي. گهڻي لڙائيءَ کان پوءِ، جنهن ۾ ڪافر ڪٺا ۽ ڀڳا، جيسينه کي هٿياربندن ۽ باڊي گارڊن جي جماعت سوڌو چوڌاري گهيرو ڪري ورتائون، ۽ ]کيس چئني[ طرفن کان ڦري آيا. جڏهن عربن جي لشڪر جـَـيسـِـينه تي حملو ڪري، سندس لشڪر جي گهڻي ڀاڱي کي دوزخ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو، تڏهن فيلبان جـَـيسـِـينه جي دل جو احوال معلوم ڪرڻ چاهيو، ته جنگ تي ]163[ ضد اٿس يا موٽڻ جو خيال رکي هن مصيبت کان نڪرڻ ٿو گهري. (فيلبان جو اشارو:)  فيلبان هاٿيءَ کي چيو ته: اي هاٿي! مرڻ ٿو گهرين يا ڇوٽڪارو؟ ڇاڪاڻ ته راجا ڏاهر ته جـَـيسـِـينه جي حياتي ٿو چاهي: تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟ موٽ ته ڇوٽڪارو مليئي. (جـَـيسـِـينه جو فيلبان کي جواب:)  جـَـيسـِـينه چيو: اسان ڪيئن ڇٽي سگهنداسين؟ ڇاڪاڻ ته دشمن جي سامهون ٿيا آهيون ۽ تنگ آهيون، نڪري وڃڻ جو رستو اسان لاءِ ڏکيو آهي ۽ چارئي طرف بند. فيلبان سمجهيو ته جـَـيسـِـينه جو جنگ مان ڀڄي نڪرڻ جو پڪو ارادو آهي. هو حياتي گهري ٿو، ۽ جنگ کان پشيمان ٿيو آهي، سو هاٿيءَ کي تکو ڪري حملو ڪيائين. عرب پيادا خواه سوار هاٿيءَ جو مقابلو نه ڪري سگهيا، ۽ ڇڙوڇڙ ٿي ويا، جنهن ڪري جـَـيسـِـينه لاءِ ڀڄڻ جو رستو خالي ٿي پيو. هو منهن ڦيرائي ڀڄڻ جو رستو اختيار ڪري اچي پيءُ وٽ پهتو، ۽ سندس سارو لشڪر ڪـُـسي ويو. راجا ڏاهر انهيءَ آبگير (ڇـَـڇ) جي اڀرندي پاسي کان لٿل هو. جـَـيسـِـينه کي ڏسي شڪر ڪيائين، پنهنجي معبود جو سجدو واجب ڄاتائين، ۽ پنهنجي پٽ جي سلامتيءَ سان موٽي اچڻ تي (ان معبود جي) تعريف ۽ ساراهه ڪيائين.

انهيءَ ڏينهن حجاج جو خط پهتو، جنهن ۾ حڪم هو ته جتي ڏاهر آهي، اتي وڃي ساڻس مقابلو ڪج، ڇاڪاڻ ته فتح تنهنجي ٿيندي ۽ ڪافر خوار خراب ٿي ڀڄي ويندا.

ڏاهر لعين سان پهرئين ڏينهن لڙائي ڪرڻ

]۽ راسل جي بيعت ڪرڻ [

        محمد بن ابي الحسن مدني (1) کان روايت ڪئي اٿن ته: جڏهن جيسينه بن ڏاهر شڪست کائي موٽيو، ۽ سندس لشڪر ڪسي ويو، تڏهن راسل ]164[، محمد بن قاسم ڏانهن بيعت ڪرڻ لاءِ قاصد موڪليو . وزير کيس چيو ته: راجا ڏاهر جو سمورو ڀروسو تنهنجي موافقت تي آهي، ۽ تو تي پورو اعتماد اٿس. تون جيڪڏهن هن وقت ساڻس مخالفت ڪندين ته اهو تنهنجي اولاد لاءِ عار ٿيندو. اهو پڻ معلوم نه آهي ته عربن کي فتح ٿيندي يا نه؟ تنهنجو ڀاءُ موڪو (اڳيئي) ڏاهر جو مخالف هو، تنهن ڪري وڃي اسلامي لشڪر سان مليو، ۽ تو کي ڪنهن به بهاني جي مجال نه آهي“ ]پر[ راسل وزير جي ڄاڻ کان سواءِ قاصد موڪلي چيو: هيءُ قول منهنجي زبان مان نڪتو آهي، ۽ محمد جي خدمت جو طعنو (پڻ) لڳي چڪو آهي. پر آءٌ  پنهنجي عزت به چاهيان ٿو، جيئن مخالفن جي شرمائڻ کان بچاءُ ۾ رهان. (تنهن ڪري صلاح ڪئي اٿم ته) مان فيصلو ڪندس ته فلاڻي رستي کان راجا ڏاهر جي خدمت ۾ وڃان ٿو. تون پنهنجن سوارن جي هڪ فوج موڪل، جيڪي انهيءَ وقت تي رستو جهلي، مون کي گرفتار ڪن ته جيئن طعني کان بچي وڃان، ۽ اسان جو مطلب به حاصل ٿي وڃي. انهيءَ انجام تي راسل ٻيٽ جي قلعي مان نڪتو ، ۽ وسايي کي (پنهنجي بجاءِ) مقرر ڪري هدايت ڪيائينس: جيڪڏهن عربن جو لشڪر اچي ته انهن سان جنگ نه ڪج، ۽ سندن خدمت ۾ حاضر ٿي حتي الامڪان سندن راضي ڪرڻ جي حد کان وڌيڪ ڪوشش ڪج، ڇاڪاڻ ته ائين ٿو سمجهجي ته هيءُ ملڪ عرب جي لشڪر جي حوالي ٿيندو. آخر راسل اهو ارادو ڪري اتان روانو ٿيو. هوڏانهن محمد بن قاسم ]پڻ[ پنج سؤ تيز سوار مقرر ڪري، انهيءَ انجام واري جاءِ ڏانهن موڪليا. نيٺ راسل به اچي پهتو ۽ (پنهنجي) انهيءَ قول موجب بيهي رهيو. هن جي لشڪر سمجهيو ته جنگ لاءِ بيهڪ ڪئي اٿس. سو جنگ ۾ جنبي ويا. (هي واقعو) ڪنبه (1) جي قلعي کان پنجن فرلانگن جي پنڌ تي انهيءَ جاءِ تي (ٿيو) جنهن کي نيطري واهه (2) چون ٿا. راسل کي ڀڄڻ کان شرم ٿي آيو، ۽ جنگ کان پڻ پاسو ٿي ڪيائين، تنهن ڪري سندس ڳپل لشڪر ڪـُـسي ويو. ]165[ جيئن ته محمد بن قاسم سندس گرفتار جي پارت ڪئي هئي، ۽ حڪم ڪيو هئائين ته کيس ڪهجو نه، تنهنڪري کيس ڪوبه گهاءُ نه ڪيائون، ۽ هن کي سندس هڪ لشڪر جي فوج سميت گرفتار ڪري، محمد بن قاسم وٽ وٺي آيا. محمد بن قاسم هن کي سڏي چيو ته: اي راسل! تون چاهين ٿو ته تو کي تنهنجي ڀاءُ موڪي جي مهابي بخشان؟ ۽ هن کان اڳي تو کي استدعا ڪيم (پر نه مڙئين ۽) نيٺ اسان سان مقابلي جو خيال ڪيئي، ۽ گرفتار ٿي آئين. هاڻيءَ انهيءَ عار کان آزاد آهين، جنهن جو تو کي فڪر هو، تنهن ڪري اسان سان موافق ٿيءُ  ته توتي سچيون مهربانيون ڪريون، ۽ جنهن ولايت جو عرض ڪرين، سان تو کي عطا ڪريون. راسل خدمت بجا آڻي رضامنديءَ جو شرف حاصل ڪيو.

راسل جو محمد بن قاسم سان عهدنامو ڪرڻ

راسل خدمت جو شرط بجا آندو ۽ پڪو انجام ڪري چيو ته: خدا تعاليٰ جي حڪم کي ڪو به روڪيندڙ يا دفع ڪندڙ نه آهي. جڏهن تو مون کي پنهنجي احسان جو گرويدو ڪيو، تڏهن هن کان پوءِ تنهنجي خدمت ۾ رهندس ۽ تنهنجي رضا کان ٻاهر نه ويندس، ۽ جيڪو تنهنجو فرمان ٿيندو، انهيءَ جي تابعداري ڪندس. انهيءَ کان ٿورو پوءِ راسل مري ويو، ۽ ولايت جو سڄو ڪاروبار موڪي جي حوالي رهيو.

جڏهن راسل ۽ موڪي اتفاق ڪري، محمد بن قاسم کي منزل کڻڻ جي ترغيب ڏني، تڏهن اتان منزل پٽي وڃي انهيءَ جاءِ ۾ لٿا جنهن کي نارائي (1) چوندا آهن. ڏاهر قاجيجاق (2) ۾ (لٿل) هو. اتي ڏٺائون ته اسلام جي لشڪر ۽ ڏاهر جي وچ ۾ هڪ وڏي ڇـَـڇ (3) هئي، جنهن جو لنگهڻ ڏکيو هو: جنهن تي راسل چيو ته: شال امير عادل عمادالدين سلامت رهي! هيءَ ڇـَڇ ٽپڻ گهرجي. آخر راسل ٻيڙيون هٿ ڪري ٽيهه-ٽيهه مرد لنگهايا، ۽ نيٺ پورو لشڪر ]166[ ٽپي ويو، ۽ وچ ۾ فقط هڪ خليج وڃي رهي. (اتي) راسل ]محمد بن قاسم کي[ چيو ته: توکي هڪ منزل مٿي وڃي جيوَر(4) ۽ ددهاواهه(5) تي، جو راؤڙ جو هڪ ڳوٺ آهي، ڪئمپ ڪرڻ گهرجي، جيئن سندس (ڏاهر جي) اڳيان پٺيان اچي سگهين، ۽ ساڻس جنگ ۾ پڄي پورو پوين، ۽ سندس سازو سامان تي ڪامياب ٿي قبضي ۾ آڻين. محمد بن قاسم انهيءَ صلاح تي ڀروسو ڪري، وڃي جيوَر ۾ ددها واهه جي ڪناري تي منزل ڪئي.

محمد بن قاسم جو جيوَر جي منزل تي لهڻ

پوءِ راجا ڏاهر کي خبر ملي ته محمد بن قاسم، عرب جي لشڪر سان، جيوَر ۾ منزل ڪئي آهي. وزير سياڪر ٻڌي چيو ته: هاءِ ! برو (سوڻ) ٿيو. انهيءَ جاءِ کي جيوَر چون ٿا يعني فتح جي جاءِ“(1) ، ۽ جڏهن لشڪر وڃي انهيءَ جاءِ تي پهتو ته فتح ۽ ڪاميابي ساڻن همراهه رهندي. راجا ڏاهر هن حقيقت کان تنگ ٿيو، ۽ سندس دماغ تي غيرت جي باهه غالب ٿي، ۽ ڪاوڙجي چيائين ته: هڏباريءَ (2) ۾ لٿو آهي، جا اها جاءِ آهي جتي (رڳا) هڏا پهچندا آهن. ڏاهر اُتان اٿيو، ۽ ڀڄي وڃي پاڻ کي راوڙ جي قلعي ۾ سٽيائين، ۽ سندس پوئلڳ، ۽ سازو سامان به انهيءَ قلعي ۾ رهيا. ]هاڻي هو[ اهڙي جاءِ تي اچي ويٺو جتان عربن ۽ ڏاهر جي لشڪر ۾ (فقط) ٽي ميل (مفاصلو) هو. اتي ڏاهر هڪ نجومي کان پڇيو ته: اڄ مون کي لڙائي ڪرڻ گهرجي يا نه؟ ۽ زُهرو ڪٿي آهي؟ هنن ٻنهي لشڪرن جي غالب ۽ مغلوب جو حساب ڪري نتيجو معلوم ڪر ته آخر ڇا ٿيندو. (نجوميءَ جا فيصلا)، نجوم جي نتيجي معلوم ڪرڻ کان پوءِ ]167[، نجومي جواب ڏنو ته: حساب جي نقطه نظر کان غلبو عربن جي لشڪر جو آهي، ڇاڪاڻ ته زهرو هنن جي پٺيان آهي ۽ تنهنجي سامهون. هيءُ ڳالهه ٻڌي راجا ڏاهر ڪاوڙيو. نجوميءَ چيو: راجا کي ڪاوڙجڻ نه گهرجي: حڪم ڪر ته زهري جي سوني تصوير ٺاهينِ، جيئن زهره تنهنجي پٺيان رهي ۽ تنهنجي فتح ٿئي. پوءِ (زهري جي) صورت ٺاهي سندس ڪنجڪ سان ٻڌائون. محمد بن قاسم (اڃا به) ويجهو آيو ۽ (هاڻي) ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ اڌ فرلانگ جو مفاصلو رهيو.

ٻئي ڏينهن جنگ ڪرڻ

ٻئي ڏينهن اتان به منزل پٽي اچي ٻن سڏن پنڌ تي لٿو. جڏهن عربن جو لشڪر ويجهو اچي لٿو، تڏهن ڏاهر پنهنجن راڻن مان هڪ ٺـَـڪر کي گهرايو، جنهن کي جهاپو اڳواڻ (1) ڪري سڏيندا هئا، ۽ چيائينس ته توکي محمد بن قاسم جي سامهون وڃڻ گهرجي. حڪم جي اشاري تي، ڪاڻو اڳواڻ  پنهنجو لشڪر وٺي ٻاهر نڪتو، ۽ اسلام جي لشڪرکي سامهون ٿي جنگ جوٽيائين. صبح جي شروع کان وٺي شام جي گذرڻ تائين دلير بهادرن ۽ مردن ٻنهي طرفن کان جهڙپون ڏنيون: نيٺ  جڏهن  ٿـَـڪا تڏهن موٽي ويا.

ٽئين ڏينهن ڏاهر جي عربن سان جنگ ڪرڻ

ٻئي ڏينهن ڏاهر لعين، جاهين کي حڪم ڪيو. هو بهادر مرد هو، ٻاهر نڪري لڙائي شروع ڪيائين، تان جو ڪـُـسي ويو. آخر جڏهن ]اها حالت ٿي جو[ جيڪا به فوج ]168[ ٿي موڪليائين سا اسلام جي (لشڪر جي) خونخوار ترار جو لقمو ٿـِـي، تڏهن سياڪر وزير، اڳيان اچي خدمت بجا آڻي عرض ڪيو: اي راجا! هيءَ رَوَش جنهن سان تون جنگ ٿو ڪرين، غلطي آهي. توکان ڪئين دفعا غلطيون ٿيون آهن، پر اڃا به تجربو نٿو پرائين. جيتوڻيڪ انساني تدبير خدائي تدبير سان برابر نه ٿيندي، تاهم وقت جي بادشاهن جي بلند راءِ جي آڏو ڪو ڇوٽڪاري جو رستو تيار ڪر. پهريائين ته جڏهن هي عربن جو لشڪر مهراڻ پار ڪري رهيو هو، ۽ ڇـُـلنگيون ڇـُـلنگيون ٿي پئي لنگهيا، تڏهن توکي هنن جي سامهون  ٿيڻ گهربو هو، جيئن کين ٻيءَ جنگ کان ڊپ ٿئي ها. هاڻي جڏهن گڏ ٿي مقابلي لاءِ آيا آهن، ۽ جنهن به ٺـَـڪـُـر کي موڪلين ٿو، سو مات ٿو ٿئي، تڏهن اها ڳالهه چڱي نه آهي. (هاڻي) تو لاءِ چڱو ائين ٿيندو ته ساري لشڪر ۽ نوڪرن، پيادن خواه سوارن سان هاٿيءَ تي (چڙهي) مٿن حملو ڪر. جيڪڏهن توکي فتح نصيب ٿي ته پوءِ ته تنهنجي مراد حاصل ٿي ۽ تنهنجو دشمن دفع ٿي ويندو. ٻيءَ صورت ۾ هو غالب ٿيندا ۽ تون پاڙيسري بادشاهن جي شرم کان معذور رهندين، ۽ تنهنجي پٽن ۽ پوين کي به ڪوبه طعنو نه لڳندو. ڏاهر هيءَ ڳالهه قبول ڪئي.

چوٿين ڏينهن جي جنگ

ٻئي ڏينهن سندس حڪم تي جنگ جو نغارو وڄائي، جهنڊو کڙو ڪيائون، ۽ اٽڪل پنج هزار ناليرا سوار ۽ چالاڪ جنگي جوان ۽ شهزادا، سٺ ]169[ مست هاٿي، ڪي چون ٿا ته جنگي هاٿي هڪ سؤ هئا، ۽ ويهه هزار زرهن ۽ ڍالن سميت پيادا جنگ لاءِ سندس اڳيان روانا ٿيا پاڻ هڪ مست هاٿيءَ تي پالڪي ٻڌي، لوهو برگستوان وجهي، زرهه ڍڪي، ۽ ڪمان تي زهه چاڙهي ويٺو. ساڻس گڏ پالڪيءَ ۾ ٻه ٻانهيون هيون: هڪڙيءَ کيس هڪٻئي پويان تير ٿي ڏنا ۽ ٻيءَ پان ٿي پهچايو.

ڏاهر جو محمد عـِـلافيءَ کي پنهنجي پٽ سان

گڏ موڪلڻ

پوءِ (هڪ پاسي) پاڻ لشڪر وٺي هليو، ۽ (ٻئي پاسي) پٽ کي ڌار ڪري چيائين ته: محمد عـِـلافيءَ کي تو سان گڏ روانو ٿو ڪريان. عربن جي جنگ کي هو بهتر ٿو ڄاڻي. هو جيئن به اڳتي وڌڻ يا پٺتي هٽڻ جو حڪم ڪري، تون سندس حڪم ۽ اشاري جو پابند رهج. اهو ڏينهن نائين رمضان، سن ٽيانوي هجري هو.

ڏاهر جي پهچڻ وقت، محمد بن قاسم مسلمانن جي دلين کي تقويت ۽ جنگ جي ترغيب ڏيئي رهيو هو، ۽ چيائين ٿي: اي عربو! اڄ ڪوشش جو ڏينهن آهي. اسلام خاطر ڪوشش ڪريو. جدوجهد بجا آڻيو، ۽ خدا جي ڀروسي تي آسرو ۽ قوت رکو ته جيئن مشرڪن کي دفع ڪري سگهو، ۽ سندن ملڪ خواه ملڪيت توهان جي ورثي ۾ اچي ۽ مال خواهه ملڪ  تي توهان قبضو ڪريو. ]پر[ جيڪڏهن توهان مضبوط نه هوندا، بلڪ پريشان ۽ دل شڪستا ٿيندا، ۽ عاجزيءَ  ۽ ضعف کي پاڻ وٽ اچڻ ڏيندا ته پوءِ هو (توهان تي) غالب ٿيندا، ۽ سڀني کي ڪهي ڇڏيندا. ميدان انهن جي هٿن ۾ رهندو. توهان کي پنهنجو سامان ڏيڻو پوندو، ]170[ ۽ توهان مان هڪڙي کي به جيئرو نه ڇڏيندا. جيڪڏهن ڪافرن کان منهن ڦيرائيندا ته پوءِ توهان جي جاءِ جهنم ٿيندي ۽ توهان جي وڏن لاءِ داغ ٿيندو.

هاڻي مـُـحرِز بن ثابت الدمشقي(1) ۽ اويس بن قيس کي ڇهن هزارن سوارن سان مقدمي (لشڪر جي اڳ) تي مقرر ڪري، آبگير (ڇڇ) ٽپڻ جو حڪم ڏنائين. هو اها جوئي ]يعني وهندي يا گهاري يا واهه[ ٽپي ويا جيڪا ڏاهر ۽ اسلام جي لشڪر جي وچ ۾ هئي. پوءِ عـَـطاءَ بن مالڪ القـَـيسي ۽ ذَڪـَـوان بن عـَـلوان البـَـڪري کي پڻ لشڪر جي مقدمه (مهڙ) جي واهر ڪرڻ جي اجازت ڏنائين. اهي پڻ لنگهي ويا. (اتي) محمد عـِـلافيءَ ڏاهر کي چيو: اي هند ۽ سنڌ جا راجا! هيءَ فوج جيڪا تنهنجي سامهون آئي آهي، لشڪر جي پشت پناهه ۽ بهادر شينهن آهن، حرفتي جانباز، ڪارائتا بهادر، ۽ هوشيار سوار اهي ئي آهن. جيڪڏهن ]تنهنجا سپاهي[ هن فوج کي دفع ڪري سگهيا ته پوءِ تنهنجو مقصد پورو ٿيندو، ۽ جيڪڏهن دفع نه ڪري سگهندا ته پوءِ توکي شڪست ڏيئي ڇڏيندا. (وڌيڪ) تنهنجي راءِ بلند هجي!

چوٿين ڏينهن ڏاهر جي عربن جي لشڪر سان

جنگ ڪرڻ

اها ڳالهه ٻڌي ڏاهر پوري لشڪر سان هلان ڪئي. ڪي هاٿي مقدمه ۾ روانا ڪري، قلب (لشڪر جي وچ) کي پنهنجي چئني طرفن کان گڏ ڪيائين. هٿيار کڻندڙ پيادا، تير انداز، بڙڇيون ۽ نيمچا، لوهو دستو جنهن کي (فارسيءَ ۾) سيل به چوندا آهن، کڻندڙ اڳيان (ڪيائين): تير انداز ساڄي، ۽ هٿيار بند قابل سوار کاٻي (بيهاريائين). هن طريقي سان جنگ جوٽيائون ته ]171[ عـُــبـَـيد بن عـَـقـَـِاب، جو انهيءَ ڏينهن محمد عـِـلافي کان ڦري محمد بن قاسم وٽ آيو هو، خبر ڏني ته: محمد عـِـلافي ڏاهر کي چيو آهي ته عرب جي هيءُ فوج وارا، جي پاڻي ٽپي آيا آهن، سي اسلامي لشڪر جا اڳواڻ ۽ هوشيار سوار آهن، جنهن تي ڏاهر پنهنجي لشڪر کي وڌڻ جو حڪم ڏنو آهي، ۽ سندس سڀني هٿيار بندن ۽ تلوار بازن وڌڻ  جو ارادو ڪيو آهي. (هيءُ ٻڌي) محمد بن قاسم چونڊ لشڪر کي اڳتي وڌڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي سڀني جنگي سوارن ۽ جنگجو بهادرن (گهوڙا) اڳتي تڙيا. محمد (بن قاسم) سان فقط قلب (لشڪر جو وچ) ۽ ڪي خاص ماڻهو وڃي رهيا. موڪي ]پٽ[ وسايي کي پڻ پنهنجي فوج ۾ بيهاري، لڙائي ڏانهن رخ ڪيائين. هاڻي سڀني پاڻي لنگهي وڃي جنگ جوٽي . محمد بن قاسم، مـَـحـَـرِز بن ثابت سان گڏ، قلب (وچ لشڪر) ۾ وڃي بيٺو، جـَـهم بن زَحر الجـُـعفـِـي کي مـَـيمنـَـه (لشڪر جي ساڄي) تي، ذَڪوان بن عـَـلوان اَلبڪري کي مـَـيسرَه (لشڪر جي کاٻي) تي، عـَـطاءَ بن مالڪ القـَـيسيءَ کي مقدمه (لشڪر جي مهڙ) تي مقرر ڪري، نـُـباتـہ بن حـَـنظـَـلـہ کي ساقه (لشڪر جي پڇاڙي) تي بيهاريائين. تنهن کان پوءِ محمد بن قاسم چيو ته: اي عربو! جيڪڏهن مون سان ڪو حادثو پيش اچي ته پوءِ توهان جو امير مـُـحرز بن ثابـِـت آهي، ۽ جيڪڏهن اهو به شهيد ٿي وڃي ته پوءِ اوهان جو امير سـَـعـِـيد ٿيندو.

 


(1)  فارسي ڇاپي ۾ محمد بن ابي الحسن المدائني لکيو ويو آهي مگر پ، ر، م، ن، ب، س، ڪ جملي نسخن جي متفقه پڙهڻي مدني آهي ۽ انهيءَ ڪري اسان متن ۾ مدني رکيو آهي. ر، م جي پڙهڻي محمد بن الحسن مدني آهي. وڌيڪ توضيع لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ] 164[.(ن-ب)

(1)  ب: کهنبہ، س: کينهہ، ڪ: کنبہ

(2)  فارسي متن ۾: جوي نيطري پ: بيطري، م،س: بنطري، ر: نبطزي.

(1)  ر،م: ناراني، ڪ: نارامني.

(2)  ر،م قاجيجات.

(3)  اصل عبارت: آبگيري بزرگ.

(4)  فارسي ايڊيشن ۾ جيپور: ڪيل ترميم لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ]160[

(5)  هي پڙهڻي فارسي ايڊيشن ۾ اختيار ڪيل آهي جا شايد م جي آهي. پ: دهاؤر، ن: ودهاراهه، ب: دهاداه، س:دهاوه.(ن-ب)

(1)  اصل عبارت: موضع- ظفر.

(2)  اصل ۾: هدباري

(1)  اصل الفاظ دبيرکور جنهن جي لفظي معنيٰ ٿيندي انڌو دبير مگر هيٺ هلي ان کي دبير آعور يعني ڪاڻو دبير سڏيو ويو آهي. جنهن جي معنيٰ ته انڌو ڪونه هو، مگر جهاپو هو. دبير جي عام معنيٰ منشي يا سيڪريٽري، مگر اهو درجو وزير يا صلاحڪار جي برابر هو. هت اسان هن بيان جي سلسلي ۾ عام مفهوم کي مدنظر رکي، هن لفظ جو ترجمو اڳواڻ ڪيو آهي.(ن-ب)

(1)  هت جملي نسخن مطابق الدمشقي يا دمشقي آهي، مگر مٿي ص ]160[ تي جملي نسخن مطابق قيسي آهي.(ن-ب)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org