سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب: --

صفحو :22

سيوستان ۽ ان جي پسگردائيءَ جي فتح ڪرڻ ۽ قلعي وٺڻ جي خبر

محمد بن قاسم، نيرون جو ڪاروبار درست ڪري، ٺهي ٺڪي، شمنيءَ سان گڏ سيوستان ڏانهن رخ رکيو ۽ منزلون ڪندو ٿي ويو. نيٺ وڃي انهيءَ جاءِ وٽ پهتو جنهن کي موج ٿا چون ۽ جا نيرون کان ٽيهن فرلانگن تي هئي. اتي هڪ شمني رهندو هو، جو رعيت جو اڳواڻ هو، ۽ قلعي جو بادشاهه ڏاهر بن چچ جو سؤٽ بجهراء(1) بن چندر نالي هو. اتي سڀني شمـِـنيـُـنِ(2) گڏجي بجهراء ڏانهن پيغام موڪليو تــه: اسان زاهد (3) ماڻهو آهيون، اسان جو دين، امن ]پسندي[ ۽ مذهب، عافيت] پسندي آهي[.[118] اسان جي طريقي ۾ جنگ ۽ ڪوس جائز نه آهي، ۽ خون وهائڻ جي حق ۾ نه آهيون. تون بلند قلعي ۾ ويٺو آهين، ۽ اسين ڊڄون ٿا ته جڏهن هي ماڻهو ايندا ته اسان کي تنهنجا تابعدار سمجهي ڦريندا ۽ اسان جون جانيون ۽ مال کسي وٺندا. اسان کي ]هيءُ به[ معلوم ٿيو آهي ته کين دارلخلافت ۽ امير حجاج جو حڪم آهي ته جيڪو به ماڻهو امان گهري تنهن کي امان ڏني وڃي، جيڪڏهن ]توهان به اسان سان[ متفق ٿيندا ۽ صلاح قبول ڪري، اسان جي نصيحت وٺندا ته اسان وچ ۾ واسطو ٿي تنهنجي ۽ پنهنجي لاءِ امان گهرنداسون ۽ هڪٻئي سان پڪو عهدنامو ۽ مضبوط انجام ڪنداسون. عرب جا ماڻهو وفادار آهن ۽ جيڪو به قول سندن زبان مان نڪرندو سو پورو ڪندا ۽ ان جي مخالفت نه ڪندا. بجهراء سندن صلاح کان انڪار ڪيو، ۽ سندن چوڻ ڏانهن ڪوبه توجهه نه ڪيائين. پوءِ محمد بن قاسم هڪ جاسوس موڪليو ته هنن جي طبيعت معلوم ڪري ته هو پاڻ ۾ هڪٻئي سان موافق آهن يا منافق. هن ڏٺو ته ڪي لشڪري لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي ٻاهر نڪري آيا آهن] .تنهن تي[ محمد بن قاسم ريگستان واري دروازي وٽ اچي لٿو، جو لڙائي لاءِ ٻي ڪابه جاءِ ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته برسات جو پاڻي وڌي ويو هو ۽ اتر کان (1) سنڌوندي، ارل ۾ وهي ويئي هئي(1).

 

لشڪر جي سيوستان سان جنگ ڪرڻ

محمد بن قاسم منجنيق کڙي ڪرڻ ۽ جنگ شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو. شـَـمـِـنيـُـن هن (بجهراء) کي گهڻو ئي روڪيو ته: ”هن لشڪر سان تنهنجي پڄڻ جي ڀيڻي نه آهي. تـــون انهن جو مقابلو ڪري نه سگهندين. تنهنجي خـــود ســريءَ ڪري ]سڀني جو[ جان ۽ مال برباد نه ٿيڻ گهرجي“. ] آخر[ جڏهن رعيت جي نصيحت نه ٻڌائين، تڏهن ]لاچار ٿي[ شمـِـنيـُـن، محمد بن قسم ڏانهن پيغام موڪليو ته: ”سموري رعيت] 119[ جهڙوڪ هاري، ڪاريگر، واپاري ۽ عام ماڻهو بجهرا ِّ کان ڀڄي پري ٿيا آهن ۽ ساڻس بيعت ڪانه اٿن: بجهرا ِّ کي ايترو ساز سامان ۽ تياري پڻ ڪانهي جو تنهنجو مقابلو ڪري ۽ لڙائيءَ ۾ تو سان هٿ ڳنڍي سگهي“. اهو پيغام معلوم ڪري اسلامي لشڪر جي دل وڌي، ۽ محمد بن قاسم رات ڏينهن لاڳيتو جنگ جاري رکي. اٽڪل هڪ هفتي جي مدت اندر قلعي وارن لڙائيءَ مان هٿ ڪڍي ڇڏيو. بجهراء جڏهن ڏٺو ته قلعي وارا  تنگ ٿيا آهن، تڏهن ]رات جي وقت[  جڏهن دنيا ڏامر جهڙي پردي ۾ لڪي ويئي، اترئين دروازي کان درياءُ ٽپي، لڪي ڀڄي ويو ۽ وڃي ٻـُـڌيه(1) جي حد ۾ پهتو. انهيءَ وقت ٻـُـڌيه جو راجا ڪاڪو پـُـٽ ڪوتل(2) نالي شمني ڀـِـڪـُـو هو. سندس قلعو ڪـُـنڀَ نهر جي ڪناري (3) تي سيسم]نالي[ هو. ٻـُـڌيه جا رهاڪو ۽ اُنهيءَ طرف جا اڳواڻ سندس استقبال تي آيا ۽ کيس قلعي جي آڏو اچي لاٿائون.

سيوستان جو هٿ آڻڻ ۽ بجهراء جو هليو وڃڻ

جڏهن بجهراء ڀڄي ويو ۽ شمـِـنـُـين اطاعت ڪئي، تڏهن محمد بن قاسم سيوستان جي قلعي اندر آيو ۽ دلجاءِ ڪري، ڪاروبار مٿان پنهنجا ڪامورا ۽ نائب مقرر ڪري، پسگردائي سندن حوالي ڪيائين. پوءِ شمـِـنيـُـن کان سواءِ، جن ساڻس پڪو عهدنامو ڪيو هو،] ٻين کان[ جتي به سون چاندي ڏٺائين، پنهنجي قبضي ڪيائين، ۽ سموري چاندي، زيور ۽ روڪڙ ضبط ڪري، لشڪر جو حق لشڪر کي ڏيئي، باقي پنجون حصو حجاج  جي خزانچيءَ جي حوالي ڪيائين، ۽ حجاج ڏانهن فتح جو احوال لکيائين، ۽ راءَ زادن(1) کي مقرر ڪري، غنيمت ۽ غلام موڪلي ڏنائين ۽ پاڻ اتي ترسيو. ]120[

ٻن- ٽن ڏينهن کان پوءِ جڏهن] سرڪاري[ پنجين حصي ۽ لشڪر جي حصن ]جي تقسيم[ کان فارغ ٿيو، تڏهن سيسم جي قلعي ڏانهن رخ ڪيائين. ٻـُـڌيه جو لشڪر ۽ سيوستان جو بادشاهه لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي بيٺا. محمد بن قاسم، انهيءَ ٽولي کان سواءِ جيڪو سيوستان جي گورنر سان مقرر ڪيو هئائين، سمورو لشڪر وٺي، ڪنڀ جي ڪناري تي بندهان(2) نالي هڪ منزل وٽ اچي لٿو. آسپاس جا رهاڪو سڀ ڪافر هئا، اسلامي لشڪر ڏسي، سڀني راتاهو ڏيئي، کين منتشر ڪرڻ جو ٺهراءُ ڪيو.

مـُـکين جو ڪاڪي بن ڪوتل(1) وٽ اچڻ

]ا هــا صــلاح ڪـري،[ ٻـُـڌ(2) جــا مـُـکــي ڪـاڪــي ]بــن[ ڪـوتـل(1) وٽ آيا(3) جو ٻـُـڌيه جا راڻا سندس اولاد مان آهن ۽ جنهن جو وڏو آڪر گنگا جي انهيءَ گهير کان، جنهن کي اودند وهار ٿا سڏين، آيو هو(3) - ۽ ساڻس صلاح ڪيائون ته اسان هن عرب جي لشڪر تي راتاهي ڏيڻ جو ٺهراءُ ڪيو آهي. (ڪاڪي جو جواب:) ڪاڪي چيو ته، ”جيڪڏهن توهان کان ٿي سگهي ته ]ائين ڪرڻ[ چڱو ٿيندو، مگر ٻڌ وارن ۽ راهبن نجوم جي ڪتاب مان اسان کي ٻڌايو آهي ته هيءُ پاسو اسلام جي لشڪر هٿان فتح ٿيندو.“  ]ائين چئي[ ڀيمن(4) نالي هڪ مـُـکيءَ کي سندن مٿان سردار مقرر ڪري، چنن(5) کي سندس فوج ۾ رکي، هڪ هزار ترار جا ڌڻي ۽ دلاور مڙس سندس هٿ هيٺ ڏنائين. جڏهن ڏينهن جو رومي لشڪر رات جي حبشي لشڪر جي حملي کان شڪست کائي ڀڄي ويو ]121[ تڏهن اهي سڀئي تراريون، ڍالون،نيزا، بڙڇيون ۽ ڪٽاريون کڻي راتاهي (شبخون) مارڻ لاءِ روانا ٿيا. عربن جي لشڪر کي ويجهو پهچڻ وقت رستو ڀلجي ويا، ۽ پوري رات شام کان صبح تائين ڀٽڪندا رهيا، هو چئن حصن ۾ ورهائجي بيابان ۾ ڦرندا رهيا ۽ نه] لشڪر جو[ مقدمه، ساقه سان مليو ۽ نه مـَـيمنـَـه (وري) مـَـيسره کي ڏٺو.]رُلي رُلي[ جڏهن منهن ڪڍيائون ته پاڻ کي سيسم جي قلعي جي ٻاهران ڏٺائون. جڏهن رات جو سرمائي پردو ستارن جي بادشاهه (سج) جي روشنائي جي چوڪ سان ڦاٽي پيو،(1) تڏهن قلعي ۾ آيا، ۽ ]اچي[  ڪاڪي ]بن[ ڪوتل(2) کي سارو احوال ٻڌايائون ته اسان جي هيءَ رٿ ڪارگر نه ٿي. ڪاڪي وراڻيو ته: ”توهان کي معلوم آهي ته مان بهادريءَ، مردانگيءَ، همت ۽ دانائيءَ ۾ مشهور معروف آهيان، ۽  توهان وٽ رهي ڪيتريون مشڪلاتون حل ڪيون اٿم. پر ٻڌ مذهب وارن ڪتابن ۾ نجوم جي حساب سان ائين حڪم ٿيل آهي ته هندستان اسلامي لشڪر جي هٿان فتح ٿيندو، تنهنڪري مون کي سندن استقبال ڪرڻ جو ارادو آهي.“

ڪاڪي ]بن[ ڪوتل(3) جو نـُـباتـہ بن حَنظَلَہ سان گڏجي محمد بن قاسم جي خدمت ۾ وڃڻ ۽بيعت ڪرڻ

پوءِ ڪاڪي پنهنجي خاص ۽ ڀروسي وارن ماڻهن سان گڏجي، عربي لشڪر جو رخ ڪيو. ڪجهه پنڌ ڪيائين ته کيس نباتہ بن حـَـنظـَـلـَـہ مليو، جنهن کي محمد بن قاسم نگراني لاءِ ڇڏيو هو، جو کيس محمد بن قاسم وٽ وٺي آيو. جڏهن خدمت جي سعادت حاصل ڪيائين، تڏهن محمد بن قاسم ساڻس عزت سان  پيش آيو ۽ ]مٿس[ مهرباني ڪيائين. ڪاڪي، چنن(1) جي راتاهي ۽ سندن دغابازيءَ جي رٿن جو احوال ڪيو، ۽ ڪيئن خدا تعاليٰ کين ڀلايو جو سڄي رات دربدري ۽ شرمندگيءَ ۾ ڦرندا رهيا، سو سڀ بيان ڪري، چيو ته: ”اسان جي نجومين ۽ معتبرن، علم نجوم ]جي حساب[ مان نتيجو ڪڍي، هيءُ حڪم ڪيو آهي ته] 122[ هي پاسو اسلامي لشڪر جي حوالي ٿيندو. ]وري[ جڏهن هيءُ معجزو ڏٺو ويو ته يقين ٿيو ته ]برابر اهو[ الاهي حڪم آهي، ۽ ڪوبه ماڻهو ٺڳيءَ ۽ دغابازيءَ سان مقابلو ڪري نه سگهندو. تون هر طرح دلجاءِ ۽ تسلي ڪر ته انهن تي فتح لهندين، مون تنهنجي تابعداري قبول ڪئي آهي، ۽ توکي نصيحت ڪندو رهندس. ۽ جيترو ٿي سگهندو اوترو مددگار رهندس، ۽ دشمنن ۽ بدخواهن جي بيخ ڪـَـني ۽ مغلوب ڪرڻ ۾ رهبر ٿيندس.“ محمد بن قاسم کي جڏهن هن حال جي خبر پيئي ۽ سندس ڳالهه ٻڌائين، تڏهن الله تعاليٰ جي تعريف ڪيائين ۽ شڪراني جو سجدو بجا آندائين، ۽ ڪاڪي کي سندس سر، تابعدارن ۽ ڪٽنب سميت، امان ڏيئي کيس دلجاءِ ڏنائين. پوءِ ڪاڪي کي چيائين ته: هند جا امير! توهان جي سـَـروپا ڪهڙي ٿيندي آهي؟ ڪاڪي عرض ڪيو ته: ”اسان جي سروپاءَ آهي ڪرسي، ۽ ريشم ۽ پٽ جو هندستاني ڪپڙو(1) جو پڳ وانگر مٿي تي ويڙهيندا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان جي بزرگن ۽ شـَـمني(2) ڄامن جي اها ئي رسم آهي. پوءِ اها کيس پهرائي ويئي. ڪاڪي جي هن سروپا پهرڻ تي سڀني مـُـکين ۽ آسپاس جي سردارن سندس بيعت ڏانهن لاڙو ڪيو. جن ماڻهن سندس تابعداري قبول ٿي ڪئي، تن کي عربي لشڪر جي خوف کان امان ٿي ڏنائين، ۽ جنهن ٽولي خودسري ۽ سرڪشي ٿي ڪئي، تن ڏانهن ]اسلامي لشڪر جي[ رهبري ڪيائين ٿي] . محمد بن قاسم[ عبدالملڪ بن قـَـيس الدمي (3) کي پنهنجو نائب مقرر ڪيو. انهيءَ لاءِ ته جيڪو به سرڪشي ڪري تنهن کي سيکت ڏئي. ڪاڪي مخالفن تي حملو ڪري، ڏاڍا ڏوڪڙ، ڪپڙا، وهٽ، غلام ۽ اناج غنيمت ۾ هٿ ڪيو، جنهن ڪري لشڪر ۾ گوشت ۽ گاهه جي فراواني (گهڻائي) ٿي.

پوءِ محمد بن قاسم اتان منزل کڻي سيسم جي قلعي تي آيو. ٻن ڏينهن جي جنگ کانپوءِ خدا تعاليٰ کيس فتح ۽ ڪافرن کي شڪست ڏني. ڏاهر جو سؤٽ بجهرا ِّ بن چندر بن سيلائج ۽ راوت ۽ ٺـَـڪـُـرَ- جيڪي سندس تابعدار هئا،] 122[ ٻـُـڌيه کان مٿي ڀڄي ويا. بلڪ گهڻن ته پنهنجي پياري جان انهيءَ بيفرمانيءَ ۾ گنوائي، ۽ ڪي، سالوج ۽ قندابيل(4) جي وچ واري قلعي بهطلور(1) ڏانهن هليا ويا ۽ اتان وڃي امان نامي جي استدعا ڪيائون. ڇاڪاڻ ته هو ڏاهر جا مخالف هئا ۽ جيئن ته هن جي ڪن ماڻهن کي ڪـُـٺو هئائون، تنهن ڪري سندس فرمانبرداريءَ کان ڦريل هئا. هنن قاصد وچ ۾ آڻي. پاڻ تي هڪ هزار درهم تور چاندي (2) مقرر ڪري، پنهنجا ضامن سيوستان ڏانهن موڪليا.

حجاج بن يوسف کان مهراڻ ٽپي-ڏاهر سان جنگ جوٽڻ جو حڪم پهچڻ

محمد بن قاسم ڍل مقرر ڪري، سندن آرام لاءِ نئون پروانو جاري ڪيو، ۽ ]هن کان پوءِ[ آل جارُود مان ٻن اعتماد جوڳن ماڻهن ]عبدالملڪ بن[ القـَــيس(3) ۽ حـُـمـَـيـدُ بن وَدَاعَ النـَـجدِي کي مقرر ڪري، هي ڪم سندن حوالي ڪيائين. جڏهن  سيسم جي ڪم کان واندو ٿيو، تڏهن حـَـجاج جو حڪم پهتس ته: ”ٻيون سڀ جايون ڇڏي نيرون ۾ موٽي اچ، ۽ مهراڻ ٽپڻ جي تجويز ڪري، ڏاهر جي جنگ ڏانهن رخ ڪر، ۽ موليٰ عزوجل کان مدد گهرج ته توکي فتح ۽ ڪاميابي بخشي. انهيءَ فتح ٿيڻ تي] ننڍا وڏا[ قلعا ۽ ساري پسگردائي هٿ اچي ويندي ۽ ڪوبه روڪيندڙ نه هوندو.“ محمد بن قاسم هيءُ حڪم پڙهي، سندس مضمون کان واقف ٿي نيرون ڪوٽ موٽي آيو ۽ اچي خط لکيائين.

عرب جي لشڪر جو نيرون ڪوٽ موٽي اچڻ

پوءِ] محمد بن قاسم لشڪر ساڻ[  منزلون ڪاٽي اچي قلعي ۾ لٿو، جو نيرون ٽَڪر(1) تي آهي.] 124[ ان جي ويجهو هڪ تلاءُ آهي، جنهن جو پاڻي عاشق جي اکين کان وڌيڪ صاف، جنهن جو چراگاهه اِرم جي باغ کان وڌيڪ وڻندڙ آهي. انهيءَ تلاءُ وٽ اچي منزل ڪيائين، ۽ هيٺيون خط حجاج بن يوسف کي لکيائين.

محمد بن قاسم جو، خط لکي حجاج بن يوسف

کي احوال ٻڌائڻ

بسم الله الرَحمانِ الرَحيم- وڏي امير، زبردست عالم،دين جي تاج، عجم ۽ هند جي پناهه، حجاج بن يوسف جي شاندار درگاهه ۾ هن خدمتگار محمد بن قاسم جي طرفان. بندگي ۽ خدمت گذاريءَ کان پوءِ، عرض ٿو ڪري ته هي مخلص عرب جي سڀني اميرن، لشڪر، نوڪرن ۽ مسلمانن جي لشڪر جي سڀني جماعتن سميت صحيح ۽ سلامت آهي. ڪاروبار جي استقامت ۽ دائمي خوشي ۽ آرام حاصل آهي. ]اوهان جي[  روشن راءِ کي معلوم هجن گهرجي ته بيابان ۽ خطرناڪ منزلن ڪاٽڻ کان پوءِ، درياءُ  جي ڪناري(1) جنهن کي مهراڻ چون ٿا، پهتاسون.

 ۽ بغرور(2) جي قلعي جي مقابل ٻـُـڌيه طرف جي اها ايراضي، جا مهراڻ جي ڪناري تي آهي، فتح ٿي آهي(3) ۽ اهو قلعو، اروڙ جي حد حڪومت ۾ ]آهي[(3)، سرڪش ماڻهن کي پنهنجي اقتدار هيٺ آندو ويو ۽ باقين کي حملو ڪري ڀڄايو ويو. جيئن ته امير حجاج جو حڪم پهتو جنهن ۾ موٽي اچڻ جو اشارو ڪيل آهي، تنهنڪري نيرون ٽڪر(4) واري قلعي ۾ موٽي اچڻ ٿيو، هيءُ قلعو دارالخلافت کي وڌيڪ ويجهو آهي. اميد ته الله تعاليٰ جي مدد، بادشاهه جي اعانت ۽ امير معظم جي بخت ]جي ياوريءَ[ سان ڪافرن جا سڀ مضبوط قلعا فتح ٿي ويندا،] 125[ ۽ شهر ۽ خزانا هٿ ايندا. في الحال سيوستان ۽ سيسم جا قلعا هٿ آيا آهن. ڏاهر جو سؤٽ، سندس بهادر ۽ مکيه ماڻهو ]ٻاهر[ ڪڍيا ويا، باقي ٻيا سقڀ ڪفار مغلوب ٿيا آهن. ڪافرن جي عبادت گاهن جي بجاءِ مسجدون ۽ عبادت گاهون ٺهرايون ويون آهن، ۽ بانگ نماز، خطبن ۽ منبرن جو بنياد رکيو ويو آهي، جيئن ماڻهو وقتن اندر خدا جو فرض ادا ڪندا رهن، ۽ صبح ۽ شام خدا تعاليٰ جو ذڪر ۽ تڪبير بجاءِ آڻيندا رهن. جهڙيءَ طرح قرآن جو نص ناطق آهي ته] قوله تعاليٰ[: اَقـِـمِ الصـَـلواة لـِـدُلـُـوکِ الشـَـمس اِليٰ غـَـسقَ الليلِ وَقـُـرآنَ الفجر- الايـَـة (1) ۽ اهي بتن جا نشان الله جي تائيد ۽ اِن يـَـنصرُ کـُـمُ اللهُ فـَـلاَ غـَـالبَ لکـُـم(2) (جيڪڏهن خدا تعاليٰ توهان جي تائيد ڪندو ته پوءِ ڪوبه توهان تي غالب ڪونه ٿيندو) جي تصديق مطابق صاف ڪيا وڃن، پوڄارين، ۽ شيطانن ۽ انهن جي جماعتن کي مغلوب ۽ خوار خراب ڪري جهنم ۽ سخت عذاب جي حوالي ڪيو وڃي. اسان ]هن وقت[ هڪ اهڙي قلعي جي پناهه ۾ رهيل آهيون، جو سڪندر روميءَ جي ٻنڌ تي پڻ فخر ٿو ڪري، ليڪن اسان جو ڀروسو ۽ پناهه الله عزوجل تي آهي. اوهان جي راءِ عاليءَ، سدائين عالي رهي، آڏو هيءُ خط پيش ڪري، جواب جو منتظر آهيان ته جهڙيءَ طرح فرمان ناطق ۽ مطلق جاري ٿئي، انهيءَ لاءِ تيار ٿيان، ۽ الاهي توفيق سان جهڙو ارشاد ڪندا، انهيءَ موجب عمل ڪيو ويندو. ڪريم حاڪم کي هيءُ ڳالهه به معلوم هئڻ گهرجي ته ڏاهر جي گورنرن مان هڪ گورنر مهراڻ جي اُڀرندي طرف انهيءَ (1) ماٿريءَ ۾، جا ڪشها (ڪڇ) جي سمنڊ جو ٻيٽ آهي(1)، ٻيٽ (2) جي قلعي جو والي آهي، جنهن کي بسامي ]پٽ[ راسل (3) چون ٿا. هن جو پٽ ڏاهر جي مکيه ۽ خاص ماڻهن مان آهي. هند خواهه سنڌ جي گهڻن بادشاهن جي ساڻس بيعت آهي، ۽ سندن وچ ۾ مضبوط عهدناما ٿيل آهن]126[، جي سندس صلاح کان ٻاهر نه ويندا: ۽ ديبل جا جيڪي ماڻهو اسان سان مليا آهن، تن کان معلوم ٿيو آهي ته هو اسان جو خيرخواه آهي. هر هڪ امير ۽ وڏيرو سندس تابعداريءَ ڏانهن راغب آهي. هن اسان ۾ اميد رکي التجا ڪئي آهي ته اسان هن سان پڪو عهدنامو ڪريون . جيڪڏهن خدا تعاليٰ اها تدبير پوري ڪئي ۽ ]هو سڀ[ سچائيءَ سان اسان جي فرمانبرداريءَ هيٺ آيا ته مهراڻ درياءَ  جي ٽپڻ جي تدبير اسان لاءِ آسان ۽ سولي ٿي پوندي، ۽ الله تعاليٰ جي حڪم سان (سڀڪجهه) تيار ۽ مبارڪ ٿيندو.

 


(1)  اصل ۾ هن جاءِ تي، توڙي اڳتي هر جڳهه ”بجهرا“ آهي- ترجمي ۾ هر جڳهه ”بجهراءُ“ ڪري لکيو ويو آهي. (ن-ب)

(2)  اصل لفظ: “سميان”.

(3)  اصل لفظ: ناسک.

(1) - (1)  فارسي ڇاپي جي عبارت هن طرح آهي: ”جوئي سند ور اول روان شد“ پ، ر، ن، ب، س ۾ ”ور اول“ جي جاءِ تي ”در اول“ آهي. گمان غالب آهي ته ”در اول“ ۾ ڪاتبن جي غلطي سبب ”ر“ کي ”و“ بنايو ويو آهي ۽ صحيح صورتخطي ”در ارل“ هئڻ گهرجي، يعني ”ارل ۾“. اهو بلڪل قرين قياس آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ به سنڌونديءَ جو پاڻي ارل يا اڙل کي ڀري ٿو، (ن-ب)

(1)  اصل لفظ: بودهيـہ

(2)  فارسي متن ۾ ”کوتک“ پڙهڻي اختيار ڪيل آهي، جا شايد پ مطابق آهي. مگر ر، م، ن جي پڙهڻي هت توڙي اڳتي ”کوتل“ آهي ۽ اسان اها اختيار ڪئي آهي. ڪوتل غالباً سنسڪرت لفظ ”ڪـُـتـُـوهـَـل“ جي بگڙيل صورتخطي آهي. سنسڪرت ۾ ”ڪتوهل“ ماڻهو جي نالي طور به ايندو آهي ۽ لفظي معنيٰ اٿس عجيب، نامور يا دلچسپ، (ن-ب)

(3)  اصل عبارت: برلب اَب کنبـہ.

(1)  اصل لفظ ”راوتان“ جنهن جو ترجمو ”راءَ زادن“ ڪيو ويو آهي. (ن-ب)

(2)  ر، م: نيلهان، س: بدهان.

(1)  فارسي متن ۾: کوتک: ڏنل پڙهڻي لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ]120[ (ن- ب)

(2)  ر: بدهيہ

(3) -(3)  متن ۾ هي عبارت نهايت منجهيل ۽ ناقص آهي.  ترجمو فارسي متن ۾ اختيار ڪيل پڙهڻي مطابق ڏنو ويو آهي، جا هن طرح آهي: که رانگان بودهيه از نسل اوانڊ، و اصل ايشان اکر از کداره کنک که اود دند وهار گويند آمده بود. ب، ن، م، ح جي پڙهڻي ”رانگان“ جي بدران ”راز کان“ آهي. ”اکر از“ ر، م مطابق آهي. مگر پ، ڪ، م ۾ ”اکر اره“ ، ن، ب ۾ ”اکرازه“ ۽ س ۾ ”اگرازه“ آهي. (ن-ب)

(4)  پ: بهبين: ر: بيهن يا پهن، م: پهن ن، ب، ح: بهيسي. اسان جي پڙهڻي فارسي ڇاپي مطابق آهي جنهن جو مدار ڪ تي آهي. (ن-ب)

(5) هن جاءِ تي ۽ وري صفحي ] 121[ تي فارسي ڇاپي ۾ ”جتان“ پڙهڻي اختيار ڪئي وئي آهي ٻنهي جاين تي ن، ب جي پڙهڻي صاف طور ”چنان“ آهي. س جي پڙهڻي هت ”جنان“ ۽ ص ] 21[ تي م جي پڙهڻي به ”جنان“ آهي، جنهن مان پڻ ”چنان“ جو گمان نڪري ٿو. تحفة الڪرام (ج 3 ص 15) ۾ به ڄاڻايل آهي ته هي ڪاڪو ذات جو چنو هو. انهيءَ لحاظ سان اسان ”چنان“ واري پڙهڻي کي ”جتان“ تي ترجيح ڏني آهي. (ن-ب)

(1)  يعني رات گذري ڏينهن ٿيو، (مترجم)

(2)  فارسي متن ۾ ”کوتک“ ڏنل پڙهڻي لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ] 120[ (ن-ب)

(3)  فارسي متن ۾ ”کوتک“ ڏنل پڙهڻي لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ] 120[ (ن-ب)

(1)  فارسي متن ۾ ”جتان“ يعني جتن، ڪيل تصحيح لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ]121[. (ن-ب)

(1)  اصل عبارت: جامد هندوي ابريشم وحرير.

(2)  اصل ۾: سمني.

(3)  هيءُ لفظ مبهم آهي ڏسو مٿي حاشيه 107 ص ]107[. (ن-ب)

(4)  ن، ب، ح: قندائيل، پ، ڪ: قندهائيل، ر، م،: قندهالہ

(1)  ب: بهطلور، ڪ: بهطور.

(2)  اصل عبارت: يکهزار درم سنگ فقره.

(3)  سڀني نسخن ۾ ”عبدالقيس“ آهي، مگر اسلام بعد هڪ مسلمان جو نالو عبدالقيس هجڻ غيرممڪن آهي. البته ”عبدالقيس“ بطور هڪ قبيله جي نالي جي مشهور هو، مگر هن جاءِ تي ماڻهوءَ جو نالو آهي، جو ”آل جارود“ (جارود جي اولاد) واري قبيلي مان هو. انهيءَ ڪري هن نالي ۾ غلطي آهي ۽ هن شخص جو صحيح نالو غالباَ عبد ]الملڪ بن[ القيس آهي جنهن جو ذڪر مٿي ص ]99[ ۽ ]123[ تي اچي چڪو آهي، ۽ جو محمد بن قاسم جي لشڪر ۾ موجود هو. (ن-ب)

(1)  اصل ۾: ڪوه نيرون.

(1)  اصل عبارت: برلب سيحون. اسان ”سيحون“ جي لغوي معنيٰ ورتي آهي جو (ساح، سـَـيحـاً ۽ سـَـيحانا) مصدرن مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”پاڻي جي زمين تي وهڪ“. (ن-ب)

(2)  فارسي ڇاپي ۾ هن جاءِ تي ”راور“ پڙهڻي اختيار ڪيل آهي، مگر ايڊيٽر حاشيي ۾ ڄاڻايو آهي ته اها سندس پنهنجي گماني پڙهڻي آهي، (ڏسو فارسي ڇاپو ص 125، حاشيه 9). مختلف نسخن جون پڙهڻيون هن طرح آهن: ر، م: بغرور، ن: اغرور، ب، ح، س، ڪ: اعرور: پ: مرور. اسان ”بغرور“ پڙهڻي کي ترجيح ڏني، جنهن لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ] 125[. (ن-ب)  

(3) -(3)  فارسي متن جي عبارت هن طرح آهي: ”و اَن حصار راور (که) در تمليک داهر راي بوَد“. هن عبارت ۾  ”حصار راور“ جي پڙهڻي فقط پ مطابق آهي، ٻين جملي نسخن،م،  ر، ن، ب، س، ڪ، جي متفق پڙهڻي ”درالور“ آهي ۽ انهيءَ ڪري وڌيڪ معتبر سمجهڻ گهرجي. انهيءَ پڙهڻيءَ مطابق اصل عبارت هن طرح بيهندي: ”و اَن حصار، درالور در تمليک داهري راي بود“. اها عبارت تاريخي سياق ۽ سباق خواه جاگرافيائي اعتبار کان بالڪل صحيح آهي ۽ ترجبو به انهيءَ لحاظ سان ڪيو ويو آهي. (ن-ب)

(4)  اصل ۾: کوه نيرون

(1)  اَقـِـمِ الصـَـلوة لـِـدُ لـُـوکِ الشـَـمس اِلي غـَـسقَ الليلِ وَقـُـرآنَ الفجرَ اِن قـُـرآنَ الفجرَ کـَـان مـَـشهوداً: سج لڙڻ کان رات جي اونداهي ٿيڻ تائين نماز قائم ڪر ۽ پڻ فجر جي قرآن پڙهڻ جو پابند رهه، ڇاڪاڻ ته فجر جو قرآن ٻڌو وڃي ٿو. (مترجم)- سوره بني اسرائيل، رڪوع 8 (ن-ب)

(2)  آل عمران: رڪوع-8 (ن-ب)

(1) -(1)   اصل عبارت: ”در برجوي که جزيره کنبها است“. فاضل ايڊيٽر ”کنبها“ پڙهڻي اختيار ڪئي آهي جا پڻ ن جي پڙهڻي آهي. مگر پ ۾ کبها آهي ۽ ر، م جي پڙهڻي ”کشتيها“ آهي اسان ر، م جي پڙهڻي جي آڌار تي ”کشها“ پڙهڻي کي ترجيح ڏني آهي جنهن لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]126[. (ن-ب)

(2)  اصل ۾: بيت

(3)  اصل ۾: بساهي راسل. پ: بشامي راسل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org