2- ص 166 تي ڏاهر جو
محمد بن قاسم جي مقابلي لاءِ
مهراڻ جي ٻئي ڪناري تي سامهون تيار ٿي بيهڻ واري
بيان جو مدار به مقامي روايت تي آهي، پر غالباً ان
جي صحت جي تصديق لاءِ ان کي خاص طرح
”هند جي دانائن“
ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي.
3- ص 220 تي لاڏيءَ بابت بيان ظاهراً غير معتبر آهي، ڇاڪاڻ ته اتي صاف
ڄاڻايل آهي ته اهو بيان
”برهمڻ آباد جي مکيه ماڻهن کان ڏند ڪٿائن ۾ آڻين ٿا“.
4- ص 236 تي اروڙ جي جادوگرڻ وارو قصو محض هڪ قصو ئي آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي
روايت مبهم آهي ۽ ڄاڻايل آهي ته
”هن
ڳالهه جي سنواريندڙن هن طرح بيان ڪيو آهي“.
5- ص 239 تي اروڙ جي برهمڻ قيدي سپاهي وارو قصو به محض هڪ افسانو آهي، ڇاڪاڻ
ته
”هن
ڳالهه جا راوي ۽ هن تاريخ جا بيان ڪندڙ“
مبهم ۽ نامعلوم آهن.
6- ص 241 تي جيسينہ
جو ڪيرج ڏانهن مدد لاءِ وڃڻ وارو بيان
”وڏن
مکيه ماڻهن کان ٻڌل ڳالهين“
تي مبني آهي. ۽ جيتوڻيڪ
”وڏن
۽ مکيه ماڻهن“
وارا لفظ جيسينـہ
جي ڪيرج ڏانهن وڃڻ واري بيان جي صحت جي تائيد ڪن
ٿا پر ان بيان ۾ جيسينـہ
سان
”چڱي“
جي محبت وارو افسانو غالباً فارسي مترجم طرفان
ٺاهي جوڙي بيان ڪيل آهي،
جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو.
7- ص 241 تي جيسينه جي ولادت ۽ بهادري وارو قصو
”اروڙ
جي ڪن برهمڻن“
کان بيان ٿيل آهي ۽ محض هڪ حڪايت آهي جنهن کي ڪا
تاريخي اهميت ڪانهي.
مٿئين مواد جو علاوه، مترجم علي ڪوفي به پنهنجي طرفان عبارت آرائي جي لحاظ
سان اضافا ڪيا آهن جن جي هيٺ وضاحت ڪئي ويندي.
اصل عربي ڪتاب جي تاليف بابت راءِ:
فتحنامي جي تاريخي پس منظر ۽ ان جي سموري مواد جي
جملي ماخذن بابت مٿين ڪيل وضاحت مان معلوم ٿيو ته
فتحنامي جي تاليف جو مدار هيٺين سرچشمن تي آهي:
(1) مدائني جا ٻه ڪتاب،
”ڪتاب
فتح مڪران“
۽
”ڪتاب
ثغرالهند“،
(2) مدائني کانسواءِ (؟) ٻين ڪن عرب مؤرخن ۽ راوين
جا سنڌ جي فتح بابت بيان، ۽ (3) سنڌ ۾ اسلام کان
اڳ واري دؤر حڪومت ۽ محمد بن قاسم جي فتح سان
واسطو رکندڙ ڪن حڪايتن بابت سنڌ جي مقامي ماڻهن،
دانائن، مکين، برهمڻن ۽ وڏن عمر وارن جا زباني
بيان.
پهرئين ۽ ٻئي سر چشمي ۾ تميز ڪرڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته روايتن جا سلسلا حذف
ٿيل آهن ۽ بالڪل ممڪن آهي ته فارسي ترجمي ۾ جي
روايتون ٻين راوين ڏانهن منسوب آهن، سي دراصل
مدائني جي واسطي سان قلمبند ٿيل هجن پر سندس نالو
ڇڏي ڏنو ويو هجي. هن دليل جي تائيد هن حقيقت مان
ٿئي ٿي ته انهن راوين مان جن بابت به ڪجهه معلوم
ٿي نه سگهيو آهي، سي مدائني کان اڳ جا آهن ۽
غالباً سندن بيان مدائني ذريعي ئي پوين تائين
پهتا. بهرحال پهرئين ۽ ٻئي سرچشمي جي راوين ۾
ابوالحسن مدائني سڀ کان پوءِ آهي ۽ انهيءَ ڪري، يا
ته هيءُ ڪتاب خود مدائني (135-225 هه) تصنيف ڪيو
يا ته مدائني جي وفات (سنه 225 هه) بعد تصنيف ٿيو.
فتحنامي ۾ خود مدائني وارين روايتن مان ڪن جي آڏو
ڄاڻايل آهي ته ٻين ڪن راوين جي ذريعي ابوالحسن کان
اهي بيان نقل ٿيل آهن.
جنهن جي معنيٰ ته شايد ابوالحسن کان پوءِ اهي بيان
کانئس صدري روايتن ذريعي يا سندس ڪتابن ذريعي
قلمبند ٿيا.
جنهن مواد جو خاص مقامي روايتن تي مدار آهي ان جي سنه تاليف بابت يقيني طور
ڪجهه به چئي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته سواءِ
”رام
سيه برهمڻ“
جي ٻين راوين جا نالا اڻلڀ آهن ۽ خود رام سيه جو
اڪيلو نالو ڪابه رهنمائي نٿو ڪري سگهي.
فتحنامي جي سڄي متن ۾ ڪابه اهڙي مستقل اندروني شهادت موجود ڪانهي جنهن جــي
بنياد تــي ان جــو سـنـه تـالـيـف متعين ڪــري
سـگهجـي. الـبـت ص
[236]/248
تي هڪ عربي شعر ڏنل آهي جو ابوالفتح بستي جي قصيده
مان آهي
جنهن سنه 400/401 هه ۾ وفات ڪئي. پر جيئن ته ان
شعر جو نفس مضمون سان ڪوبه واسطو ڪونهي ۽ ٿي سگهي
ٿو ته اهو فارسي مترجم طرفان وڌايل هجي، انهيءَ
ڪري ان کي فتحنامي جي سنه تاليف بابت سند طور پيش
ڪرڻ منطقي طور صحيح نه ٿيندو.
البت مترجم علي ڪوفي جي ديباچي ۾ ڄاڻايل آهي ته اصل عربي ڪتاب
”عرب
عالمن“
جو لکيل هو ۽ ان جو نسخو قاضي اسمـاعيل (سنه 613
هه) جي
”ابن
ڏاڏن جي هٿ اکرين“
لکيل هو ۽ سندس خاندان ۾ آڳاٽي وقت کان ميراث طور
ورثي ۾ هلندو پئي آيو
”ابن
ڏاڏن“
۽
”ميراث
طور ورثي ۾ هلندو اچڻ“
مان هڪ گماني اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شايد هيءُ
ڪتاب تقريباً ٻن اڍائن سون ورهين کان هن خاندان ۾
هجي. اهو اندازو چوٿين صدي هجريءَ تائين پهچي ٿو ۽
انهيءَ بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته اصل عربي ڪتاب
مدائني جي وفات کان وٺي چوٿين صدي هجريءَ جي آخر
واري عرصي، يعني ته 225 هه کان 400 هه واري عرصي ۾
تاليف ٿيو هجي.
مدائني کان سواءِ ٻئي جنهن به هيءُ ڪتاب تاليف ڪيو، تنهن مدائني جي تصنيف
”ڪتاب
فتح مڪران“
۽
”ڪتاب
ثغرالهند“
تي ئي ان جو بنياد رکيو ۽ انهيءَ ڪري هيءُ ڪتاب
محمد بن قاسم هٿان سنڌ جي فتح واري بيان تي ختم
ٿيو. جيڪڏهن 225 هه-400 هه واري عرصي ۾ لکندڙ مؤلف
کي تاريخ سنڌ بابت ڪنهن نئين تاريخ تصنيف ڪرڻ
جوخيال هجي ها ته ان وقت تائين جا ٻيا به ڪيئي
گورنر حڪمراني ڪري چڪا هئا ۽ انهن جو ذڪر به ڪتاب
۾ شامل ڪري ها.
جيتوڻيڪ هن ڪتاب جو تعلق هڪ محدود تاريخي عرصي سان آهي، پر واقعن جي تفصيل
سبب هيءُ ڪتاب هڪ ممتاز تاريخي حيثيت رکي ٿو. سنڌ
جي اسلام کان اڳ واري تاريخ جو حتي الامڪان تفصيلي
بيان، محمد بن قاسم جو شيراز کان رواني ٿيڻ کان
ويندي آخر ۾ ملتان جي فتح تائين مفصل تاريخي بيان،
محمد بن قاسم ۽ ڏاهر جي وچ ۾ لڙائيءَ جي تياري،
توڙي لڙائيءَ جي ڪيفيت ۽ مختلف معرڪن جا ذري پرزي
واقعا، جنگي واقعن ۽ خاص موقعن تي عرب شاعرن جا
شعر، حجاج ۽ محمد بن قاسم جي وچ ۾ خط و ڪتابت جو
تفصيلي رڪارڊ، فتحنامي ۾ اهو جملي تاريخي مواد
اڪثر نئون ۽ انوکو آهي بلڪ ٻين عرب تاريخن ۾ اڻلڀ
آهي. ڪتاب جي تاليف ۾ اوڻايون هڪ ته غير معتبر
مقامي روايتن کي داخل ڪرڻ سان پيدا ٿيون آهن، ٻيو
ته نسخن جي نقل در نقل سبب، خاص نالن ۽ واقعن جي
سنن ۽ سالن ۾ تحريف ۽ تصحيف ۽ عبارتن جي خلل سبب
وجود ۾ آيون آهن، ۽ ٽيون وري غالباً فارسي مترجم
طرفان روايتن جي سلسلن کي حذف ڪرڻ ۽ رنگين عبارت
آرائي طرف توجهه ڏيڻ سبب واقع ٿيون آهن. روايتن جي
سلسلن ۾ ڪاٽ ڪـُـوٽ سبب واقعن جي صحت کي پرکڻ البت
ناممڪن ٿي پيو آهي، باقي ٻين جملي اوڻاين جي علمي
تحقيق ۽ تنقيد سان تلافي ٿي سگهي ٿي.
اصل عربي ڪتاب جو نالو:
اصل ڪتاب،
جنهن جو علي ڪوفي 613هه ڌاري ترجمو ڪيو، ان جو
سرورق تي يا شروع ۾ ڪتاب توڙي اصل مصنف جو نالو
هئڻ قياس جي ويجهو نظر اچي ٿو، مگر فارسي مترجم
علي ڪوفي ان بابت پنهنجي ديباچي ۾ ڪابه وضاحت ڪانه
ڪئي، بلڪ پنهنجي فارسي ترجمي لاءِ هڪ نئون نالو
تجويز ڪيو، جو غالباً هڪ ته پرتڪلف هئڻ سبب ۽ ٻيو
ته ترجمي جي آخر ۾ هئڻ سبب رائج نه ٿي سگهيو.
انهيءَ ڪري پوين پڙهندڙن ان کي مختلف نالن سان
سڏيندي بالاخر ان کي
”چچ
نامه“
سڏيو ۽ اهو آسان مگر غلط نالو مشهور ٿي ويو. گذريل
صديءَ ۾ ايلفنسٽن پهريون دفعو، انڊيا آفيس لئبرري
واري قلمي نسخي جي مطالعي بعد، ڪتاب جو نالو
”تاريخ هند و سند“
ڄاڻايو.
ان بعد اليٽ پنهنجي تاريخ ۾ واضح ڪيو ته
”چچ
نامـہ“
جي نالي لاءِ خود ڪتاب اندر ڪابه ثابتي موجود
ڪانهي، بلڪ ڪتاب جي شروع توڙي آخر ۾ ان کي
”فتحنامه“
سڏيو ويو آهي.
آخر ۾ شمس العلماء
ڊاڪٽر دائود پوٽي فارسي متن مان ڪتاب جي نالي بابت
حوالا جمع ڪري واضح ڪيو ته ڪتاب جو
”فارسي
۾ اصل نالو فتحنامو“
هو
۽ انهيءَ لحاظ سان فارسي ايڊيشن جي سرورق تي ڪتاب
جو نالو
”فتحنامه
سند المعروف به چچ نامه“
ڪري لکيائين. اسان هيٺ هن مسئلي تي قدري تفصيل سان
روشني وجهنداسون.
جيئن ته ڪتاب جو اصلي عربي نالو اسان تائين نه پهتو آهي، انهيءَ ڪري خود
فارسي ترجمي جي اندروني شهادتن جي آڌار تي ان جو
اندازو لڳائي سگهبو. ڊاڪٽر دائود پوٽه ص
]11[ ،
]14[
۽
]248[
جا حوالا ڏنا آهن، جتي هن ڪتاب لاءِ
”اين فتحنامه“
جا لفظ آيل آهن، انهن کانسواءِ ٻين صفحن تي هيٺين
قسم جا حوالا موجود آهن.
”اين
ڪتاب تاريخ هندو.... فتح سند“
]ص
8[
”تاريخ
اين فتح“
]ص 10[
،”اين
فتحنامه“
]13[
”فتح
نامه“
(بمعنيٰ فتح جو احوال، جو محمد بن قاسم حجاج ڏانهن
لکيو)
]ص
186-187 ۽ 191، 196 ۽ 199[
انهن حوالن مان ظاهر آهي ته لفظ
”فتحنامه“
مترجم ٻن معنائن ۾ استعمال ڪيو آهي. لفظي طور
بمعنيٰ
”فتح
جو احوال يا خط“
۽ اصطلاحي طور هيءُ ڪتاب جنهن جو خاص تعلق سنڌ جي
فتح سان آهي. هاڻي جيڪڏهن تسليم ڪجي ته لفظ
”فتحنامه“
اصل عربي ڪتاب جي نالي واري مفهوم کي قدري ادا ڪري
ٿو، ته پوءِ صرف ايترو چئي سگهبو ته اصل نالي ۾
شايد
”فتح“
جو لفظ هو. ص
]10[
تي
”تاريخ اين فتح“
وارو فقرو به قدري ان گمان جي تائيد ڪري ٿو. ٻئي
طرف ص
]8[ تي ڏنل عبارت،”محرر
اين ڪتاب تاريخ هندو مقرر فتح سند“، به ڄڻ بياني معلوم ٿئي ٿي، پر جيڪڏهن انهيءَ عبارت مان اصل
عربي ڪتاب جي نالي جواندازو لڳائجي ته به صرف
ايترو چئي سگهبو ته شايد انهيءَ اصلي نالي ۾
”تاريخ هندو فتح سند“
جهڙا لفظ هئا.
ياقوت پنهنجي ڪتاب
”معجم
البلدان“
(3x457)
۾ ملتان جي بـُـت بابت لکندي چوي ٿو ته
”ذکره
المديني في فتوح الهند والسند“
يعني ته
”مدينيءَ
ان (بت) جو ذڪر فتوح الهند والسند“ ۾ ڪيو آهي. ياقوت جو هيءُ اڪيلو حوالو جيتري قدر قيمتي ۽ دلچسپ
آهي، اوتري قدر مبهم به آهي. جيڪڏهن ان ۾
”المديني“
کي
”المدائني“
تسليم ڪجي ۽
”فتوح
الهند و السند“
کي ڪتاب جو خاص نالو ڪري وٺجي ته پوءِ چئبو ته
ابوالحسن مدائني هڪ ڪتاب
”فتوح
الهند و السند“
جي نالي سان به لکيو هو (جو ياقوت 1179-1229ع جي
مطالعي هيٺ رهي چڪو هو)، ۽ انهيءَ لحاظ سان فارسي
مترجم جا مٿيان الفاظ يقيني طور انهيءَ نالي تي
غمازي ڪن ٿا. جيڪڏهن هي وضاحت تسليم ڪجي، ته پوءِ
چئبو ته هيءُ
”فتحنامه“
غالباً ابوالحسن مدائني جي تصنيف آهي، ان جو اصل
نالو
”فتوح الهند و السند“
هو، ۽ مدائني جي تصنيف جي حيثيت ۾ اهو ڪتاب
تقريباً سنه 150 هه (جڏهين مدائني جي عمر گهٽ ۾
گهٽ 15 ورهيه هئي) ۽ 225 هه (جڏهن مدائني وفات
ڪئي) جي وچ ڌاري تصنيف ٿيو. پر ڪنهن ٻي مستقل
شهادت جي غير موجودگي ۾، هن اڪيلي حوالي جــي
بنياد تي اهو نتيجو فيصلائتو بنجي نٿو سگهي، ڇو ته
ياقوت جي مٿئين حوالي جا ٻيا مطلب به ٿي سگهن ٿا.
پر ان جي باوجود به ايترو چئي سگهجي ٿو ته هن
حوالي ۾
”فتوح الهند و السند“
وارو فقرو، بلاذري جي باب
”فتوح
السند“
جو عنوان، ۽ فتحنامي جون مٿيون عبارتون انهيءَ
نتيجي ڏانهن رهنمائي ڪن ٿيون ته غالباً اصل عربي
ڪتاب جو نالو
”فتوح
الهند و السند“ هو.
افسوس جو فارسي مترجم علي ڪوفي نه اصل ڪتاب جي نالي بابت ڪا وضاحت ڪئي، ۽ نه
وري پنهنجي فارسي ترجمي لاءِ ڪو صاف ۽ واضح نالو
منتخب ڪيو. هڪ ته پنهنجي ترجمي لاءِ نالي چونڊڻ جي
تجويز ئي کيس ڪتاب پوري ڪرڻ بعد ياد آئي ۽ ٻيو ته
ترجمي جي نالي چونڊڻ ۾ پڻ پنهنجي مربي وزير عين
الملڪ جي نالي جو لحاظ رکيائين ۽ انهيءَ ڪري هڪ
آسان ۽ صاف نالي جي بدران پنهنجي ترجمي لاءِ هڪ
ڊگهو ۽ پر تڪلف
”لقب“
ايجاد ڪيائين-
يعني ته
”منهاج
الدين والملڪ، الحضرهِ الصدر الاجل العالم عين
الملڪ“.
مگر هڪ ته خود انهيءَ ڊگهي لقب جي انوکي ساخت ۽
سٽاء
به، معنوي لحاظ سان، شڪ گاڏئين آهي، ۽ ٻيو ته وري
فتحنامي جي قلمي نسخن ۾ ڪاتبن جي غلطين سبب يا خود
مترجم جي مختلف عبارتن سبب، هن ڊگهي لقب کي
”سما
ِّ الدين
والملڪ، الحضرة
الصدر الا جل العالم عين الملڪ“
به پڙهي سگهجي ٿو، ته وري ان ۾
”عين
الملڪ“
واري فقري کي
”علا ِّ الملڪ“
به پڙهي سگهجي ٿو.
ظاهر آهي ته مترجم علي ڪوفي بعد، ٻين ماڻهن جن سندس فارسي ترجمي جا قلمي
نسخا پڙهيا هوندا انهن کي به هن ڊگهي ۽ مبهم لقب
سان ڪتاب کي ياد ڪرڻ ۾ آساني نه ٿي هوندي. اهوئي
سبب آهي جو
”طبقات
اڪبري“
(تصنيف 1002 هه) جي مصنف (جنهن جو حوالو آڳاٽي ۾
آڳاٽو آهي) توڙي ان بعد
”زبدة
التواريخ“
(تصنيف سنه 1024-1025 هه) جي مصنف، هن ڪتاب کي علي
ڪوفي جي ان ڊگهي
”لقب“
جي بدارن هڪ مختصر نالي
”منهاج
المسالڪ“
سان ياد ڪيو آهي. ٻيو ته جيڪڏهن مترجم علي ڪوفي
پنهنجي ايجاد ڪيل انهيءَ ڊگهي لقب کي پنهنجي ترجمي
جي شروع واري ديباچي ۾ بيان ڪري ها ته پويان
پڙهندڙ ان کي آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهن ها، ۽
پوءِ کڻي ڪتاب کي
”منهاج الدين“
يا ”منهاج المسالڪ“
جهڙن مختصر نالن سان سڏين ها ته به متفق طور
”منهاج“
لفظ هن ترجمي جي نالي جو پڪو پايو بنجي وڃي ها. پر
جيئن مٿي بيان ٿي چڪو، علي ڪوفي کي پنهنجي ترجمي
لاءِ موزون لقب چونڊڻ جي دير سان يادگيري آئي ۽
اهو لقب ڪتاب جي آخر ۾ بيان ڪيائين. انهيءَ ڪري
پوين پڙهندڙن کي ديباچي ۾ ڪتاب جو ڪوبه نالو نظر
ڪونه آيو، ۽ شروع واري تاريخي باب ۾ چچ بابت ڏنل
ڊگهي بيان ۽ چچ جي حرفت ۽ هوشياري کان متاثر ٿي،
”شاهنامه“
۽
”سڪندر
نامه“
جي مناسبت سان، هن ڪتاب کي
”چچنامه“
سڏيائون. ڀانئجي ٿو ته ڪتاب جو اهو مصنوعي نالو
ڪافي آڳاٽي وقت کان مشهور ٿيو، ڇاڪاڻ ته
”طبقات
اڪبري“،
جو سنه 1002 هه ۾ تصنيف ٿيو، ۽ جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو
موجود ڪتاب آهي، جنهن ۾ فتحنامي جو ذڪر ملي ٿو،
تنهن جا ان متعلق هي لفظ آهن ته:
”تاريخ
منهاج المسالک که مشهور به چچ نامه است“.
ان جي معنيٰ ته گهٽ ۾ گهٽ 1002 هه کان گهڻو اڳ علي
ڪوفي جو هيءُ فارسي ترجمو
”چچنامه“
جي غلط مگر آسان نالي سان مشهور ٿي چڪو هو.
”طبقات اڪبري“
بعد
”بيگلارنامه“،
جو سنه 1017 هه جي تصنيف آهي، ان ۾ به هن ترجمي کي
”ڪتاب
چچنامه“ جي عام نالي سان سڏيو ويو آهي.
خود فتحنامي جي سڀني موجوده قلمي نسخن ۾ سڀ کان
آڳاٽو قلمي نسخو، جو شوال سنه 1061 هه ۾ لکيو ويو
۽ جو پنجاب يونيورسٽي لئبرري ۾ محفوظ آهي، ان جي
سرورق تي به هيءَ عبارت لکيل آهي:
”اين
تاريخ فتح سنداست متعلق چچنامه خوانداست محمد بن
قاسم خويش حجاج“.
هن مبهم عبارت ۾ پڻ
”چچنامه“
جو نالو موجود آهي. انهن حوالن مان ظاهر آهي ته
11- صدي هجريءَ جي شروع کان هيءُ ڪتاب
”چچنامه“
جي عام نالي سان سڏجڻ لڳو، بلڪ ان کان به اڳ
انهيءَ نالي سان مشهور ٿي چڪو هو. ان وقت کان اڄ
تائين اهو ڪتاب انهيءَ نالي سان مشهور رهيو آهي،
حالانڪ علمي طور انهيءَ نالي کي متفق طور استعمال
ڪونه ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب جي قلمي نسخي
ن ۾ (جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو) جو سنه 1232هه
جو لکيل آهي، ان ۾ ڪتاب جو نالو
”مهناج
الدين معروف به چچنامه“ ڄاڻايل آهي، ۽ ٻئي نسخي ڪ ۾ (جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو).
جو سنه 1288هه جو لکيل آهي، ان ۾ ڪتاب جو نالو
”تاريخ
قاسمي“
يا
”چچنامه“
لکيل آهي.
بهرحال ڪتاب جي اصل عربي نالي جو نشان نه ملڻ، خود اصل فارسي نالي جو مبهم
هئڻ، ۽ آساني خاطر ٻين بدليل ۽ غلط نالن جي رائج
ٿيڻ جو وڏو سبب مترجم علي ڪوفي جي اصل ڪتاب متعلق
بي احتياطي ۽ پنهنجي ڪيل ڦيرگهير آهي. هيٺ اسان
انهيءَ اهم مسئلي تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪنداسون.
|