سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب؛ --

صفحو :40

120/ ]89[ چورن جو ٽولو جن کي نڪامره چوندا هئا: مؤرخ بلاذري (ص435) هن ٽولي کي ميدن جي هڪ قوم (قوم من ميد) ڪري ڄاڻايو آهي، جن ٻيڙين ۾ چڙهي حملو ڪري اچي جهاز ڦريو. ٿي سگهي ٿو ته نڪامره، ميد قوم جي هڪ شاخ هئي. خود فتحنامي جي صفحي 121/ ]91[ تي ميدن جي ديبل جو ذڪر اچي ٿو، جنهن جي معنيٰ ته ديبل بندر ميدن جو مرڪز هو. عرب مؤرخن جي حوالن مان گمان نڪري ٿو، ته مڪران، سنڌ ۽ ڪاٺياواڙ جي ڪناري تي رهندڙ اهي قومون، جن جو پيشو ئي سامونڊي ڌاڙا ۽ ڦريون هو، تن مڙني کي ميد جي نالي سان سڏيو ويو آهي. مؤرخ بلاذري (ص 440) صاف طور ڄاڻايو آهي ته ميد اُهي آهن جي سمنڊ ۾ ڌاڙا هڻن ٿا- الميد الذين يقطعون البحر. وري مڪران جي محاذ جي گورنر راشد بن عمر الجديدي جي باري ۾ لکي ٿو ته: اول اتر واري پهاڙي علائقي ڪيڪانان تي حملو ڪري فتح حاصل ڪئي ۽ ان بعد ميدن سان (مڪران ۾) جنگ جوٽيائين، جنهن ۾ شهيد ٿيو (ص 433). عباسي دؤر ۾ سنڌ جي گورنر موسيٰ بن عمران، قندابيل جي فتح بعد ميدن تي حملو ڪيو (ص 445) ۽ سنڌ ۾ وري جتن جي مدد سان سمنڊ جي کاري کوٽائي، ميدن جي نشيب واري زمين پاڻيءَ سان ٻوڙائي کين تباهه ڪيائين (ص 446). خود مؤرخ بلاذري جي ڏينهن ۾ سورٺ (ڪاٺياواڙ) جي ميدن سان بصره وارن جي لڙائي ٿي هئي (ص 440). انهن حوالن مان ظاهر آهي ته مڪران، سنڌ ۽ ڪاٺياواڙ جي ڪناري وارن سامونڊي ڌاڙيلن کي بلاذري ميد سڏيو آهي. لانگ ورٿ ڊيمس پنهنجي ڪتاب بلوچ قوم (ص 17) ۾ لکي ٿو ته: ميد يا ميڌ، سنڌ ۽ مڪران جي (سامونڊي) ڪناري جا قديم مهاڻا آهن ۽ بلوچ اهو نالو حقارتاً استعمال ڪندا آهن. سنڌو درياءَ جي نزديڪ ميد نالو درياءَ جي مهاڻن سان لاڳو آهي ۽ اڪثر ميڌ ۽ ماڇي ٻئي نالا گڏ استعمال ٿيندا آهن.

سنڌ جا ميد غالباً  سنڌ جي سامونڊي پٽي جا ميربحر هئا. هاڻوڪو لفظ ميه شايد ميد جي بدليل صورت هجي. اڃا تائين کاري طرف حقارتاً چوندا آهن ته تون ڪو ميد آهين يا تون ڪو مـَـيه آهين يا تون ڪي مي آهين." ڪراچي کان ويندي ڪيٽي بندر تائين، هن وقت انهن ماڻهن ۾ نڪامره يا ان جي بدليل تلفظ وارو ڪنهن به قبيلي جو نالو نٿو ملي. البت تحفة الڪرام جي هڪ حوالي مان (جيڪڏهن اهو سچو آهي) معلوم ٿئي ٿو ته نڪامره قوم يارهين صدي هجريءَ جي پهرئين اڌ تائين موجود هئي. مير علي شير قانع لکي ٿو ته: شاهجهان بادشاهه پنهنجي شهزادگيءَ واري وقت ۾ جڏهن پنهنجي والد جهانگير بادشاهه کان ڪاوڙجي ٺٽي ۾ آيو، تڏهن نواب شريف خان (شرفا خان؟) ۽ ڪڪرالي جي ڄام سندس مخالفت ڪئي، مگر ڌاراجا جي راڻي، نڪامره قوم، ۽ حمل جت سندس مدد معاونت ڪئي. انهيءَ ڪري تخت تي ويهڻ بعد شاهجهان، نواب امير خان کي سن1037 هه ۾ ٺٽي جو نواب مقرر ڪيو، ته ساڻن سهڻو سلوڪ ڪري ۽ کين نوازي (تحفة الڪرام، مطبع ناصري، دهلي، 3 x95). جيڪڏهن يارهين صدي هجريءَ ۾ به نڪامره قوم موجود هئي، ته انهيءَ حالت ۾ هن وقت ان قوم جي ماڻهن جو باقي هئڻ ڪافي ممڪن آهي، البت اهو قومي نالو غالباً  متروڪ ٿي ويو آهي. سامونڊي پٽي خواه لاڙ جي ماڻهن جون اوڙڪون جي اسان کي معلوم ٿي سگهيون آهن، سي هي آهن: لاڙ، وَنگـُـرا، دَبلا (دٻي ڌاراجا جا اصل رهاڪو)، هـُـولاڻي، ليلگاڻي، ماڇي، جوباڻيا، ٽانڊيا، ولهاري، هوڙائي، ڊوڪي، ڪڏائي، گـُـجاڙيا، سوڍائي، پکيڙا، ٽيٻائي، پاٽاري، ٺوري، ڍورائي وغيره، مگر نڪامره جو نالو ڪٿان به معلوم نه ٿي سگهيو آهي. (ن-ب)

120/ ]90[ اها عورت بني عزيز (يا نبي عزيز) قبيلي مان هئي: هن نالي وارو قبيلو ڪنهن به عربي ڪتاب ۾ نظر نٿو اچي. بقول بلاذري (فتوح البلدان ص 435)، هيءَ عورت ]بني يـَـربـَـوع[ قبيلي مان هئي. مؤرخ بلاذريءَ جو قول وڌيڪ وزنائتو آهي. (ن-ب)

123/ ]94 [محمد بن قاسم، جو سندس چاچي جو پٽ ۽ پڻ ناٺي هو ۽ حجاج جي ڌيءَ سندس گهر ۾ هئي: هيءُ سڄو بيان حقيقت جي خلاف آهي. نه محمد بن قاسم، حجاج جي چاچي جو پٽ هو، نڪي هو حجاج جو ناٺي هو، ۽ نڪا حجاج جي ڪا ڌيءَ ئي سندس گهر ۾ هئي.

(1) اول ته ابوعقيل جي آڪهه جي هيٺين شجري کي ڏسڻ گهرجي:

مٿئين شجره مان ظاهر آهي ته محمد بن قاسم، حجاج جي چاچي (محمد) جو پٽ ناهي، مگر حجاج جي چاچي (محمد) جي پٽ (قاسم) جو پٽ آهي.

فتحنامي جي فارسي عبارت هن طرح آهي: محمد قاسم پسر عم اوبود. هتي پسرعم ترجمو آهي عربي لفظ ابن عم جو. عربيءَ ۾ چاچي جي پٽ خواه پوٽي يا پڙ پوٽي کي ابن عم چئي سگهجي ٿو، مگر ان اصطلاح جو فارسي ترجمو، پڙهندڙن لاءِ غلط فهمي پيدا ڪري سگهي ٿو. انهيءَ ڪري اسان سنڌي ترجمي جي متن ۾ وضاحت لاءِ سندس چاچي ]جي پٽ[ جو پٽ ڪري لکيو آهي.

(2) زير بحث صفحي تي محمد بن قاسم کي حجاج جو ناٺي ڄاڻايو ويو آهي ۽ لکيو ويو آهي ته حجاج جي ڌيءَ سندس گهر ۾ هئي. مگر ص 205/ ]190[ تي حجاج جي پنهنجي نياڻي محمد بن قاسم کي ڏيڻ جي حڪايت ڏني ويئي آهي، جا غور طلب آهي. حقيقت ۾ اها محض هڪ حڪايت آهي ۽ هر حوالي کان غير معتبر. اول ته هن حڪايت جي روايت ضعيف آهي، ۽ بني تميم جي ڪنهن نامعلوم شخص ڏانهن منسوب آهي، جنهن يزيد بن ڪنانه کان نقل ڪئي آهي. خود يزيد بن ڪنانہ جو نالو ڪٿي به راوين جي قطار ۾ نظر نٿو اچي. ٻيو ته هن حڪايت ۾ محمد بن قاسم جو حجاج کان وري وري سندس ڌيءَ گهرڻ ۽ حجاج جو ڪاوڙ جي هر ڀيري لڪڻ سان سندس پڳ ڊاهڻ، محمد بن قاسم جي بلند اخلاق جي خلاف آهي. ان کان سواءِ حجاج جي مشهور غصي ۽ ڪاوڙ آڏو محمد بن قاسم (جو ان وقت اڃا هڪ ڇوڪرو هو) جي مجال نه هئي، جو وري وري انهيءَ ڳالهه تي زور ڏي. ٽيون ته هن حڪايت جو راوي چوي ٿو ته آءٌ ان وقت حجاج وٽ ويٺو هئس ۽ هي سڀ تماشو ڏسي رهيو هئس. گويا حجاج جي ڌيءَ جو سڱ جو فيصلو ٻين جي آڏو ٿي رهيو هو! چوٿون ته حڪايت جي آخر ۾ ڄاڻايل آهي ته حجاج بالاخر محمد بن قاسم کي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ انهيءَ شرط تي ڏيڻو ڪيو ته جڏهن وڏو ٿيندو، تڏهن فارس ۽ هند تي حملا ڪري اهي ملڪ فتح ڪندو. اها اڳڪٿي به ڏيکاري ٿي ته هي حڪايت محض هڪ افسانو آهي ۽ ان جا اندروني سقم ئي ان جي غير معتبر هئڻ لاءِ ڪافي ثبوت آهن.

پر وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته خود اهو به ثابت ڪونهي ته حجاج کي ڪا ڌيءَ به هئي. ابن حزم، جو انساب عرب جو هڪ وڏو ڄاڻو ۽ ماهر آهي، تنهن پنهنجي ڪتاب جهمرت انساب العرب (ص 255) ۾ حجاج جي اولاد ۾ صرف چار پٽ ڄاڻايا آهن: محمد، عبدالملڪ، آبان ۽ سليمان.

حقيقت هيءَ آهي ته حجاج البت پنهنجي ڀيڻ زينب کي اختيار ڏنو هو ته محمد بن قاسم ۽ حڪم بن ايوب (بن حڪم ابن ابي عقيل) ٻنهيءَ مان جنهن سان وڻيس تنهن سان شادي ڪري. محمد بن قاسم ان وقت فقط 17- ورهين جو هو ۽ حڪم وڏي عمر جو هو. زينب (غالباً  پنهنجي عمر جي لحاظ سان) حڪم کي پسند ڪيو، جنهن سان حجاج سندس شادي ڪرائي (ڪتاب الاغاني، جلد 4، ص 27).

مٿين وضاحت جي بنياد تي فتحنامي، توڙي فرشتي (جلد 4، ص 403) ۽ مير معصوم (تاريخ معصومي، فارسي ص 21) جن جو ماخذ پڻ فتحنامو آهي، جا بيان ته محمد بن قاسم، حجاج جو ناٺي هو، ظاهراً  غلط آهن.

هن سلسلي ۾ ضروري آهي ته هت محمد بن قاسم جي شادي بابت فتحنامي جي ٻين حوالن جو به جائزو وٺجي ۽ ان باري ۾ ڪنهن صحيح نتيجي تي پهچجي.

فتحنامي جي صفحي 201/ ]186 [تي ڄاڻايل آهي ته ڏاهر جي قتل کان پوءِ سندس زال لاڏي گرفتار ٿي ۽ محمد بن قاسم، حجاج کان لاڏيءَ جي خريد ڪرڻ جي اجازت گهري جنهن خليفي وليد کي سفارش ڪئي، ۽ آخر دارالخلافت مان حڪم صادر ٿيو، ۽ محمد بن قاسم لاڏيءَ کي خريد ڪري پنهنجي زال بنايو. پڻ ڏسو صفحو 235/ ]222[.

هن حڪايت جو راوي هڪ مقامي ماڻهو ابو محمد هندي آهي، جنهن هيءَ ڳالهه ابو مسهر عابي (؟) نالي هڪ شخص کان ٻڌي، جو خود هڪ گمنام ۽ مبهم شخص آهي. ڪنهن به عربي ماخذ مان هن حڪايت جي ذري جيتري به تصديق نٿي ٿئي، بلڪ خود فتحنامي ۾ ئي لاڏي جي باري ۾ متضاد بيان آهن، جي هن حڪايت جي ترديد ڪن ٿا. مثلاً  ص 201 تي خود لاڏيءَ جي زباني بيان ٿيو آهي ته هو اسلامي لشڪر ۽ ڏاهر جي فوج واري جنگ ۾ لڙائيءَ جي ميدان ۾ گرفتار ٿي، مگر ص 220/ ]205- 206[ تي خود برهمڻ آباد جي مکيه ماڻهن جي حڪايت موجب ڏاهر جي قتل بعد، لاڏي پنهنجي پٽ سان گڏ اچي برهمڻ آباد جي قلعي ۾ پهتي ۽ قلعي جي حفاظت جو بندوبست ڪري مقابلي لاءِ  تيار ٿي بيٺي، مگر اوچتو گرفتار ٿي. مطلب ته فتحنامي جون اهي حڪايتون، جن جو بنياد مقامي روايتن تي آهي ۽ جن جي عربي ماخذ مان ڪابه تصديق نٿي ٿئي، سي غير معتبر آهن. محمد بن قاسم جو لاڏيءَ کي خريد ڪري نڪاح ۾ آڻڻ به محض افسانو آهي.

هاڻي سوال آهي ته محمد بن قاسم ڪٿان شادي ڪئي؟ سندس ٻه پٽ عـَـمرو ۽ قاسم تاريخي حيثيت رکن ٿا. عمرو سنڌ جو گورنر ۽ مشهور منصوره جو باني هو، ۽ ڀاڻس قاسم سڄا سارا پندرهن سال بصره جو گورنر ٿي رهيو، جنهن جي معنيٰ ته هو وڏو لائق هو ۽ سندس حڪمراني پبلڪ ۾ ڪافي مقبول هئي. هڪ خاص سبب اهوئي هو جو مشهور اُرجوزَه گـُـو شاعر رُوبہ بن العـَـجاج سندس مدح ۾ قصيدا چيا. رُوبـَـه پنهنجي هڪ ڊگهي اُجوزه (مطلع: قلت وقد اقـَـصر جهل الاَصوَر، ڏسو ديوان روبـَہ، ص 57- 63) جي مصرعن 193- 197 ۾ چوي ٿو:

193 مافـِـي غَد اِني امروَ ؤ مـِـن مـَـعشـِـر،

194 يـَــغدُونَ انــصـَــارَڪَ يـَــومَ النــصــر،

195 وَهـُـم عـَــلــيٰ رَغـــمِ الـعــُـداةِ الـزقــر،

196 اخــــوَالُ اَبـائِـِّڪَ في الـمـَـجدِ الـثـرِي،

197 سـَـعدُ بنِ زَيدِ في الصـَـمـِـيمِ الدَوسر.

(يعني ته، آءٌ انهيءَ گروهه مان آهيان جي هر ڏکئي ڏينهن تي تنهنجي دشمن خلاف آهن ۽ تنهنجا مدد گار آهن. اهو گروهه سعد بن زيد قبيلي جي شير مردن جو آهي، جي تنهنجي خاندان جا ماماڻا وڏي شان ۽ مرتبي وارا آهن.)

هن شعر ۾ ٻه ڳالهيون غور طلب آهن: (1) شاعر، سعد بن زيد قبيلي جو ذڪر ڪيو آهي جنهن جو هو پاڻ هڪ فرد آهي. هاڻي، شاعر روبہ بن العجاج، وڏي قبيلي بنوتميم جي هڪ شاخ بنو سعد بن مالڪ بن سعد بن زيدمنات بن تميم" مان هو (ڏسو ابن حزم، الجمهرهِ ص 204: ۽ ابن دريد، الاشقاق ص 159). اهو پاڙو وري سعد بن زيد منات جي وڏي شاخ مان هو، جنهن ڪري شاعر اختصار طور صرف سعد بن زيد ڪري لکيو آهي. (2) شاعر چوي ٿو ته هن قبيلي وارا سندس ممدوح قاسم جي خاندان جا ماماڻا آهن. سندس اصل الفاظ اخوال آبائڪ آهي يعني تنهن جي ابن جا ماماڻا، جنهن جي معنيٰ ته قاسم جي پيءُ، يعني محمد بن قاسم ۽ سندس پيءُ ڏاڏن جا ماماڻا آهن. انهيءَ مان ثابت ٿيو ته محمد بن قاسم جي وڏن جون شاديون بنوتميم جي هن پاڙي مان ٿيل هيون، ۽ انهيءَ رسم موجب غالباً خود محمد بن قاسم جي شادي به بنوتميم جي هن ساڳئي پاڙي مان ٿي هوندي. حقيقت ۾ هو به ائين، ڇاڪاڻ ته مشهور محقق ۽ اديب خطيب تبريزي، شاعر روبہ جي مٿئين اُرجوزه جي 195 ۽ 196 مصرعن جي سمجهاڻي ڏيندي لکي ٿو ته: ابو محمد چيو آهي ته مون سندس (شاعر روبہ جي) س جي قافيه واري قصيدي جي هڪ مصرع ڏٺي آهي، جنهن مان سندس مراد آهي ته خود قاسم بن محمد جا ماماڻا بني سعد بن تميم منجهان آهن. بريد ان القاسم بن محمد لہ خوُولـة في بني سعد بن تميم (حاشيه ڪتاب تهذيب الالفاظ، ص 68). هت ابو محمد مان مراد مشهور عالم بن الـِـسيرافي آهي، جنهن جي شاهدي بالڪل مستند سمجهڻ گهرجي. هن حوالي ۽ وضاحت مان ثابت ٿي چڪو ته اسان جي محمد بن قاسم جي پٽ قاسم جا ماماڻا بنوتميم قبيلي جي بنو سعد (بن مالڪ بن سعد بن زيد منات بن تميم) پاڙي مان هئا، جنهن جي معنيٰ ته محمد بن قاسم، بنوتميم جي انهيءَ خاندان مان شادي ڪئي هئي. (ن-ب)

123/ ]94[ حـَـمزهِ بن بـِـيض الحنفي هي شعر چيو: حمزهِ بن بيض اموي دؤر جي مشهور شاعرن مان هو ۽ محمد بن قاسم جو همعصر هو. سن 120 هه ۾ وفات ڪيائين. سندس سوانح لاءِ ڏسو الاغاني- جلد 15 ص 14- 26: الامدي، الموقلف و المختلف ص 100: الڪتبي، فوات الوفيات، 1x188: العسڪري، معانيہ، 1x11: ابوحيان 3x185: ابن عساڪر 4x440: النـَـويري 4x81، تاج العروس (بيض). حمزهِ جو هيءُ شعر مشهور آهي، ڏسو بلاذري، طبع يورپ ص 441، طبع مصر ص 428: ابن الاثير 4x282: اليعقوبي 2x307: ابن قتيبہ، عيون الاخبار 1x229: المرزباني (پهرين مصرع جي مختلف روايت سان) ص 482. فتحنامي مطابق، حمزه هيءَ شعر محمد بن قاسم جي محاذ هند تي مقرري جي موقعي تي مبارڪباديءَ طور چيا، مگر بقول ابن الاثير (4- 282) حمزه اهي شعر محمد بن قاسم جي وفات حسرت آيات تي مرثيه طور تي چيا. غالباً  ابن الاثير جو قول صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته بلاذري (ص 440) پڻ محمد بن قاسم ۽ ٻين ثقفي خاندان جي فردن کي قيد ۽ ايذائي مارڻ جي ذڪر ڪرڻ بعد اهي شعر نقل ڪيا آهن. (ن-ب)

128/ ]99[ پوءِ.. محمد بن قاسم اتان ارمابيل ڏانهن روانو ٿيو: هن کان اڳ واري صفحي تي فقط ايترو ڄاڻايل آهي ته محمد بن قاسم مڪران پهتو. فتحنامي جي اها عبارت اڻپوري آهي. بقول بلاذري (ص 436)، محمد بن قاسم (شيراز مان) مڪران ڏانهن روانو ٿيو ۽ اتي ڪافي ڏينهن ترسيو. ان بعد فنزبور (1) آيو ۽ اهو شهر فتح ڪيائين. پوءِ اتان ارمابيل ۾ آيو. بلاذريءَ جي هن بيان مان ظاهر آهي ته فتحنامي ۾ فنزبور يا پنجپور جي فتح جو ذڪر کٽل آهي. انهيءَ ڪري بلاذريءَ جي بيان جي روشنيءَ ۾، فتحنامي جي مٿئين عبارت ۾ اتان مان مراد فنزبور يا پنجپور سمجهڻ گهرجي. (ن-ب)

128/ ]100[ (محمد بن هارون) جڏهن ارمابيل جي منزل تي پهتو ته سندس عمر پوري ٿي... کيس اتي دفن ڪيائون: بقول بلاذري محمد بن هارون ارمابيل جي ويجهو وفات ڪئي ۽ کيس قنبل ۾ دفن ڪيائون. محقق بلاذري جو قول وڌيڪ صحيح سمجهڻ گهرجي. فتحنامي جي عبارت کي بلاذريءَ جي بيان سان هن طرح تطبيق ڏيئي سگهجي ته ارمابيل جي منزل مان مراد علائقي ارمابيل جي ڪا منزل آهي، جا شهر ارمابيل جي ويجهو هئي، جيئن ته بلاذري لکيو آهي. بلاذريءَ جو قنبل ساڳيو اهو شهر آهي جنهن کي عرب جاگرافي نويسن اڪثر قنبلي ڪري لکيو آهي. اسان جي خيال ۾ قنبل توڙي قنبلي دراصل غالباً  قنبيلو يعني پن ٻيلو آهي، جو غالباً  شهر لسٻيلي رياست جي گادي ٻيلو (جو غالباً  عربن جو ارمابيل يعني ارمن ٻيلو آهي) جي لڳو لڳ هو. هن وقت شهر ٻيلي جي هڪ طرف پير آري جو مقبرو ۽ زيارتگاهه آهي ۽ مقامي روايتن موجب اها ڪنهن اصحابي جي قبر آهي. ممڪن آهي ته محمد بن هارون جو نالو ابن هارون مان هارون، ۽ زماني گذرڻ بعد اهو مقامي تلفظ يا غلطي سبب ڦري آري ٿيو هجي- والله اعلم بالصواب. (ن-ب)

130/ ]101[ جـَـهم بن زَهر الجـُـعفـِـي: سندس والد زَحر بن قيس الجعفي، ڪوفي جي شريف سردارن ۽ شهسوارن مان هو ۽ وڏو بـَـليغ مقرر هو (ابن عساڪر، تاريخ ڪبير 5x 69). جنگ صفين ۾ حضرت علي رضه سان گڏ هو (ابن عساڪر، ايضاً، ۽ ڪتاب الصفين، ص 11). سندس فرزند به جملي شريف هئا (ابن عساڪر)، جن مان جهم بن زحر نهايت مشهور ٿيو، غالباً  محمد بن قاسم جو همعصر هو، ۽ محمد بن قاسم جي سنڌ تي چڙهائيءَ کان اڳ، جڏهن محمد بن قاسم فارس جو گورنر هو، تڏهن جهم سندس خاص سپهه سالارن مان هو. سن 92 هه جي شروع ۾ محمد بن قاسم پنهنجي هيڊڪوارٽر شيراز مان شهر ري  جي فتح لاءِ تياريون ڪيون هيون، ۽ جهم بن زحر کي فوج سان اڳواٽ ري ڏانهن روانو ڪيو هئائين. مگر حجاج اوچتو محمد بن قاسم کي سنڌ جي محاذ جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ۽ جهم بن زحر کي به محمد بن قاسم وٽ  واپس پهچڻ جو حڪم ڪيائين (بلاذري، ص 436). ابن زحر ان بعد سنڌ جي فتحن ۾ محمد بن قاسم سان شامل رهيو. فتحنامو ص ]106[، ]156[، ]172[ ۽ ]192[. غالباً سندس همت ۽ بهادري سبب محمد بن قاسم جي به ساڻس بي انتها محبت ٿي وئي. محمد بن قاسم ۽ جهم سنڌ جي فتحن ۾ مشغول هئا، جو اوچتو حجاج جو حڪم پهتو ته جهم کي خراسان جي محاذ ڏانهن بدلي ڪيو وڃي ته هو وڃي اتي جي ڪمانڊر قتيبه بن مسلم جي مدد ڪري. طبري (2x127) هنن دوستن جي جدائي جو نهايت مؤثر لفظن ۾ ذڪر ڪيو آهي ته: حمد (بن قاسم) جي جهم بن زحر سان نهايت محبت هئي، سو جڏهن جهم کانئس موڪلايو ته محمد روئي چيس ته: اي جهم! بس جدائي!!“۾-- جهم جواب ڏنو ته: هائو. ڀلا ٻيو ڪو چارو ئي ڪونهي.

 


(1)  بلاذري جي ڇپيل تاريخ ۾ هن نالي جي پڙهڻي قنزبور آهي جا حقيقت ۾ فنزبور جي تحريف آهي. فنزبور يعني پنجپور، جو غالباً ساڳي انهيءَ جاءِ تي هو جتي موجوده پنجگور آهي.  (ن-ب)

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org