200/
]226/
]214[
سؤ درهمن اصل مال مان.... نائبن جي سامهون حفاظت ۾
رهي:
”اصل
مال“
مان هت مراد غالباً
زمين جي سرڪاري ڍل آهي ۽ نه مـُـور،
ڇاڪاڻ ته هيٺ
صاف طور ڄاڻايل آهي ته باقي جيڪي بچي سو خزاني ۾
پياريو وڃي. عبارت جي بيهڪ مان معلوم ٿئي ٿو ته
جملي سرڪاري ڍل مان سؤ درهمن تي ٽي درهم، مقامي
ماڻهن کي خيرات ۽ ٻين سماجي ڪمن لاءِ منظور ڪري
ڏنا ويا، ۽ کين تاڪيد ڪيو ويو ته انهيءَ رقم مان
جيڪي برهمڻن جو حق هجي سو کين ادا ڪن.
هن عبارت جو پهريون ڀاڱو اصل فارسي متن ۾ هن طرح آهي:
”باقي
در وجه خزانه در قلم اصحاب و حضور نواب در حفظ مي
باشد.“
هوڙي والا (ص 96) هن عبارت تي هيٺين طور پنهنجا
مفيد ريمارڪ قلمبند ڪيا آهن:
تاريخـي ڪتابـــن ۾. خواهــه عام محاوري ۾
”حضـــور“
بمـعنيٰ مرڪزي حاڪم يا حڪومت
(Central Authority)
جي استعمال ٿئي ٿو. تنهن ڪري
”حضور نواب“
جي
معنيٰ ٿيندي محـمد
بن
قاسـم
جي طرفـان مـقرر ڪـيـل
”هـــــز
ايـڪسيلـنسي گورنر“.
هن عبارت ۾
”اصـحاب
و حضـــور نواب“
واري
فـقـري ۾
”و“ اضافي آهي ۽ صحـيح فــقرو
”اصــحاب
حضور نواب“ ٿيڻ گهـرجي، يعــني ته
”حضور
نواب جا آفيسر.“ تنهن ڪري هن جملي جــو مطلــب ٿينـدو
ته:
باقـــي رقم خـزاني ۾ پيارڻ گهرجي، ۽ اها
رقم حضــور نواب جا آفيسر مجرا
ڏيئي داخل ڪنــدا.
مٿين وضاحت جي بنياد تي متن ۾ هن جملي جي ڏنل ترجمي ۾ پڻ آخري مطلب مطابق
ترميم ڪرڻ گهرجي. (ن-ب)
226/
]214[ حـَـڪـَـم بن عـَـوانـَةِ
ڪـَـلبـِـي: ظاهر آهي ته حـَـڪـَـم بن عـَـوانة
سنڌ جي فتحن ۾ محمد بن قاسم جي فوج ۾ شامل هو ۽
سندس ڪافي چڱي پوزيشن هئي جو برهمڻن محمد بن قاسم
سان پنهنجي سياسي صلح ۾ کيس وچان آندو. سنڌ ۾
حـَـڪـَـم جي انهيءَ فوجي تجربي جي بنياد تي ئي
بعد ۾ تقريباً
سن 111هه ڌاري کيس سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو ۽
ڏهه سال کن هو انهيءَ عهدي تي فائز رهيو ۽ وڏيون
فتحون ڪيائين، تان جو سن 122-121 هه ڌاري سنڌ ۾ ئي
شهيد ٿيو. (ن-ب)
228/
]217[
هند جي شهرن کي، ويندي چين جي حد تائين، فتح ڪرڻ
توتي لازم آهي. امير قتيبه بن مسلم قريشي کي
]پڻ
چين فتح ڪرڻ لاءِ[ مقرر ڪيو ويو آهي. سڀ
]عراقي[
غلام انهيءَ ڏانهن منتقل ڪريو ۽
]جـَـهم
بن زَحـر بن قيس کي به هن ڏانهن موڪليو وڃي،
۽[
مقرر ڪيل
]عراقي[ لشڪر ساڻس گڏجي: فارسي ڇاپي جي اصل عبارت هن طرح آهي:
”برتو بـاد کـہ
بلاد هنـد قـِا بحد چين مسلم کـني.
و امـير قتيبـہ بـن مسلم الباهلي را نامــــزدکــرده
شد. گر و گاني جملـہ
بوي تحويل کنند، و لشڪر
نامزد کرده باوي ميرود“
هن فارسي عبارت ۾ ظاهراً وڏو خلل آهي، ۽ ڪاتبن جي غلطيءَ سبب ڪي فقرا حذف ٿي ويا آهن
جنهن ڪري ان مان ڪو به خاطر خواه مطلب ڪونه ٿو
نڪري. اسان ڪافي تحقيق بعد عربي ماخذن مان هن
عبارت جي تصحيح ڪري کٽل فقرن جو چورس ڏنگين ۾
اضافو ڪيو آهي. ڪيل تصحيح جا هيٺيان پهلو غور طلب
آهن:
(1) قـُـتـَـيبة بن مـُـسلم عام طرح تاريخن ۾
”اَلبـَـاهـِـلـِـي“
جي نسبت سان مشهور آهي مگر هت حجاج کيس
”قريشي“
سڏي ٿو، جنهن جا ٻه سبب آهن: پهريون ته باهلي
قبيلي وارا
”مالڪ بن اَعصـُـر بن سـَـعد بن قـَـيس عيلان بن مـُـضـَـر“
جو اولاد آهن (ابن حزم، جمهرهِ ص 233) ۽ انهيءَ
ڪري قريش مان آهن، جنهن ڪري ڪنهن
”باهلي“
شخص کي
”قريشي“
سڏڻ صحيح آهي. مگر ٻيو خاص سبب، جنهن جي ڪري قتيبہ
کي حجاج باهلي جي بدلي قريشي سڏي ٿو، سو هيءُ آهي
جو
”باهلي“
جي نسبت ۾ عربن جي نقطه نظر کان ذرا عيب هو، ڇاڪاڻ
ته باهلي قبيلي وارن جي ڏاڏي مالڪ جي شادي
”مـُـذِحج“
قبيلي مان
”باهلة
بنت سعد بن سعد العشيرة“
سان ٿي هئي. مالڪ جي مرڻ بعد، سندس پٽ مـَـعن وري
پنهنجي پيءُ جي زال
”باهلة“
سان شادي ڪئي (ابن حزم، جمهرهِ ص 134). انهيءَ ڪري
ئي ڪي خاص سمجهدار عرب خود کي
”باهلي“
سڏائڻ کان عار سمجهندا هئا. مشهور عرب عالم
عبدالملڪ بن قـُـرَيب الاَصـَـمي،
”قتيبة
بن معن بن مالڪ“
جي اولاد مان هو، مگر چوندو هو ته
”آءٌ باهلة
جي اولاد مان ڪونه آهيان، ڇاڪاڻ ته قتيبة
بن معن کي باهلـة هرگز ڪونه ڄڻيو هو“
(ايضاً
ص 234). غالباً
حجاج به انهيءَ عار جي خيال کان ئي امير قتبية کي
”باهلي“
جي بدلي
”قريشي“
سڏي ٿو. قتيبة
جو پيڙهي وار شجرو هن طرح آهي: قتيبہ بن مـُـسلـِـم بن عـَـمرو الـحـُـصـَـين بن رَبيعـَـة
بن خالد بن اَسـِـيد الخير بن قـُـصاعـِـي بن
هـِـلال بن سـَـلامـَـت بن
ثَعلـَـبية
بن وائل بن مـَـعن بن مالڪ بن اَعصـُـر بن سـَـعد
بن قـَـيس عـَـيلان بن مـُـضـَـر (ايضاً،
ص 234).
(2) فتحنامي جي اصل ناقص فارسي عبارت (جنهن جي تصحيح ڪئي وئي آهي) مان ظاهراً
هيٺيان انومان نڪرن ٿا: هڪ ته حجاج، محمد بن قاسم
ڏانهن چين جي
فتح
لاءِ لکيو ۽ کيس اها پڻ خبر ڏنائين ته امير قتيبه
بن مسلم کي پڻ انهيءَ سلسلي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.
ٻيو ته، محمد بن قاسم ڏانهن لکيائين ته ڪي ماڻهو
ڪنهن شخص جي حوالي ڪري، جي ساڻس گڏجي وڃن.
پهرئين انومان تي يعقوبي (2x146)
جي هيٺين بيان مان روشني پوي ٿي: (نيرون جي صلح
بعد) محمد بن قاسم، حجاج کان اڳتي وڌڻ جي اجازت
گهري، جنهن تي لکيائينس ته ڀلي اڳتي وڌ، ۽ جيترو
ملڪ تون فتح ڪندين ان جو حاڪم تون ئي آهين. پڻ
خراسان جي گورنر قتيبـہ
بن مسلم ڌانهن لکيائين ته اوهان ٻنهيءَ مان جيڪو
اڳ ۾ چين فتح ڪندو، اهوئي ان جو حاڪم ٿيندو.
ا.هه. مؤرخ طبري (1x9-889)پڻ
لکيو آهي ته حجاج طرفان
”محمد ۽ قتيبہ
ٻنهيءَ کي چين جي آڇ ٿيل هئي.“
انهن ٻن معتبر حوالن جي بنياد تي، عبارت جي پهرئين ڀاڱي جي تصحيح ڪئي وئي
آهي. عبارت جي پوئين ڀاڱي مان انومان نڪري ٿو، ان
کي طبري (2x1257)
جو هيٺيون بيان روشن ڪري ٿو:
”حجاج، محمد قـّن قاسم ثقفــي ڏانهــن لکـيو ته
تـنهنجي طــرفان عــراق وارا (فــوجي دستا) قتيبہ
(بن مسلم، خراسان جي ڪمانڊر) ڏانهن موڪل،
۽ جـهم بـــن زحــر بــن قـيس کـي پڻ روانـو ڪــر
ڇـــاڪـاڻ ته شـامي فوج کان عـراقي فـوج ۾ هئڻ
ســـندس واســطي بــهـتر آهــي.(تنهن ڪري جــهـم بــن
زحـــر سنــڌ مــان عراقي فوج وٺـي روانــو ٿيــــو
۽)
ســــــن 95 هه ۾ هـــــــو قتيبہ وٽ پهتـــــو.“
طبري جي هن معتبر حوالي جي بنياد تي، فتحنامي جي هن ناقص عبارت جي پوئين
ڀاڱي جي تصحيح ڪئي وئي آهي. (ن-ب)
229/
]217[
اي سؤٽ! تون پڻ اهو ڪو ڪارنامو ڪج جيئن
]تنهنجي
پيءُ[ قاسم جو نالو روشن ٿئي: اهي لفظ حجاج طرفان محمد بن
قاسم ڏانهن لکيل آهن. اصل فارسي متن ۾
”سوٽ“
جي بدلي
”ابن
عم“
(چاچي جو پٽ) آهي ۽ مٿي ص 299 تي واضح ڪيو ويو آهي
ته محمد بن قاسم، حجاج جي چاچي جو پٽ نه بلڪ سؤٽ
(قاسم) جو پٽ هو. ٻيو ته حجاج، محمد بن قاسم کي
لکي ٿو ته اهڙو ڪو ڪارنامو ڪر، جو تنهنجي پيءُ جو
نالو روشن ٿئي. اهو هڪ همت افزائي جو عام فقرو
آهي، مگر غالباً
ان ۾ هڪ خاص حقيقت ڏانهن به اشارو آهي، ۽ اهو
هيءُ ته محمد جو پيءُ قاسم ان وقت پنهنجي همعصرن
جي ڀيٽ ۾ اٻوجهه ۽ اياڻو هو ۽ انهيءَ ڪري ئي کيس
”حمقيٰ
ثقيف“
(يعني ثقفي قبيلي وارن ۾ اياڻو) سڏيندا هئا. (ڏسو
ڪتاب المـُـحـَـبـَـر، ص 380). شايد حجاج جي مٿئين
فقري جي اها مراد آهي ته قاسم جي پنهنجي شهرت
ايتري ڪانهي، انهيءَ ڪري تون ڪو اهڙو ڪارنامو ڪر،
جو سندس نالو تنهنجي طفيل مشهور ٿئي. (ن-ب)
229/
]217[
شهر برهمڻ آباد، يعني ٻانڀڙاهه: هت
”يعني
ٻانڀڙاهه“
وارو فقرو غالباً
فتحنامي جي فارسي مترجم طرفان توضيح طور وڌايل
آهي. سنڌيءَ ۾ برهمڻ کي عام طرح ٻانڀڻ چيو وڃي ٿو
۽ انهيءَ لحاظ سان برهمڻ آباد کي مقامي طور
”ٻانڀڻاهه“
سڏيو ويو. مگر آڳاٽي وقت ۾
”ڻ“
جو اُچار
”ڙ“
جي صورت ۾ هو، ۽ فتحنامي جي هيءَ عبارت تصديق ڪري
ٿي ته سن 613
هه ۾ جڏهن علي ڪوفي فتحنامي جو ترجمو ڪيو، تڏهن هن
شهر کي مقامي طور
”ٻانڀڙاهه“
سڏيندا هئا. وڌيڪ لاءِ ڏسو مٿي ص 274، نوٽ 62/
]15[. (ن-ب)
229/
]217[
وَداع بن حـُـمـَـيد البـَـحري: فتحنامي ۾ مٿي ص
136 ۽ ص 177 تي
”حميد
بن وداع“
جو ذڪر آيو آهي، جو غالباً
هن شخص جو پٽ آهي، جنهن جو نالو پڻ
”حميد“ هو. بهر حال انهن صفحن تي توڙي هن صفحي تي انهن ٻنهي پيءُ پٽن
جي نسبت
”النجدي“
ڄاڻايل آهي، جنهن جي وضاحت لاءِ زير بحث صفحي 229/
]217[ جو حاشيه- 3 ڏسڻ گهرجي. مگر
”النجدي“
حقيقت ۾
”البحري“
جي بگڙيل صورتخطي آهي ۽ صحيح نسبت
”البحري“
ئي آهي. ابن حزم، پنهنجي ڪتاب
”جمهرة
انساب العرب“
(ص 298) ۾ لکي ٿو ته
”وداع
بن حميد، بـَـنـُـو بـَـحري جي قبيلي مان هو. هو
وڏو اشراف هو ۽ (محاذ) هند جو حاڪم مقرر ٿيو. هيءُ
اهو ساڳيو شخص آهي، جنهن مـُـهلب جي پٽن آڏو قلعي
جا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ کين اندر اچڻ نه ڏنائين.“
مٿئين بيان مان ابن حزم جو اشارو شهر قندابيل جي قلعي ڏانهن آهي، جنهن جو
ذڪر عربي تاريخن ۾ مشهور آهي. يزيد بن مهلب عراق
جي وائسراءِ پنهنجي طرفان وداع بن حميد کي قندابيل
(گنداوا) جو گورنر مقرر ڪيو هو. ان بعد يزيد بن
مهلب بغاوت ڪئي
۽
سندس ڀائر مفصل ۽ ٻيا، شاهي فوجن کان ڀڄي قندابيل
طرف ورانا ٿيا. کين اميد هئي ته قندابيل ۾ سندن
خاص ماڻهو گورنر آهي ۽ انهيءَ قلعي ۾ رهي مقابلو
ڪندا. پر جڏهن هو قندابيل پهتا ته وداع بن حميد
قلعي جا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ کين اندر داخل ٿيڻ
نه ڏنائين (ڏسو طبري 2 x1412).
230/
]218[
ڪڇ وارو ملڪ، جو ڪيرج جي بادشاهه دروهر جي هٿ ۾
هو: عربي زبان ۾ ڌارين دَخـِـيل ۽ مـُـعـَـرَب
لفظن ۾ صورتخطي جي تبديليءَ جي لحاظ سان
”ڪيرج“
دراصل
”ڪيره“
جو عربي اُچار آهي.
”ڪيره“
غالباً
گجرات جو مشهور قديم شهر
”ڪـَـيرا“
(اصل قديم اچار
”کيڙا“
يا کنڊا) آهي، جو هن وقت به ڪـَـيرا ضلعي جو هيڊ
ڪوارٽر آهي. ڪيرا ضلعي جي اتر ۾ احمدآباد ضلعو ، ۽
ماهي ڪنٺا ۽ ريوا ڪنٺا ايجنسي جي ننڍڙي رياست
بالاسنور آهن. اولهه ۾ به احمدآباد ضلعو ۽ رياست
کنڀات اٿس، ۽ ڏکڻ ۽ اوڀر طرف ماهي ندي ۽ بڙودا
رياست اٿس. ڪيرا جو شهر احمدآباد جي شهر کان ويهه
ميل اولهه طرف آهي. ڪيرا جو شهر بلڪل آڳاٽو آهي،
جنهن جي تاريخ مهاڀارت جي زماني تائين پهچي ٿي.
اتان لڌل هڪ ٽامي جي ٿالهيءَ تي پنجين صدي عيسويءَ
جي اڪريل سـَـنـَـد هن شهر جي قدامت تي شاهد آهي
(ڏسو امپيريئل گزيٽيئر آف انڊيا، جلد 14، ص 286).
فتحنامي جي هنن حوالن مان ظاهر آهي ته اٺين صدي
عيسويءَ ۾ محمد بن قاسم جي فتحن وقت هي شهر راجا
دروهر جي گاديءَ جو شهر هو، ۽ ڪڇ جو ملڪ به راجا
دروهر جي حڪومت ۾ شامل هو.
زير بحث صفحي تي ڄاڻايل آهي ته محمد بن قاسم ڪڇ جو ملڪ، جو راجا دروهر جي هٿ
۾ هو، پنهنجي هڪ آفيسر هذيل بن سليمان الازدي جي
حوالي ڪيو. اهو صحيح ٿي سگهي ٿو، مگر هيءُ بيان هن
موقعي تي وقت کان اڳ آهي، ڇو ته ڪيرج يا ڪيرا فتح
ڪرڻ کان اڳ محمد بن قاسم، راجا دروهر جي حڪومت جو
هڪ حصو ڪيئن ٿي پنهنجي هڪ آفيسر جي حوالي ڪري
سگهيو! مؤرخ بلاذري (ص 440) جي بيان مان صاف ظاهر
آهي ته محمد بن قاسم، ملتان فتح ڪرڻ بعد ڪيرج فتح
ڪيو، انهيءَ ڪري هذيل بن سليمان کي پڻ انهيءَ فتح
بعد ڪڇ جو حاڪم مقرر ڪيو هوندائين. (ن-ب)
321/
]218[
ساوندي سمـہ:
يعني سمن جو شهر ساوندي. اڳتي ڄاڻايل آهي ته محمد
بن قاسم، برهمڻ آباد جي فتح ۽ انتظام بعد ڪوچ ڪيو
۽ آخر اچي ساوندي جي پسگردائي ۾ منزل ڪيائين جتي
”هڪ
فرحت افزا ڍنڍ ۽ سرسبز چراگاهه هو، جنهن کي ڍنڍ
وڪر بهار چوندا هئا“
(ص 231).
”وڪر
بهار“
جي نالي جي پڇاڙي
”بهار“
مان ظاهر آهي ته
”وڪر
بهار“
ٻڌ مت جو هڪ مندر هو.
”ڍنڍ
وڪر بهار“
جي نالي مان ظاهر آهي ته اها ڍنڍ به انهيءَ مندر
جي نالي سان سڏبي هئي. هاڻي، محمد بن قاسم، برهمڻ
آباد جي فتح بعد مٿي اتر طرف الور ڏانهن وڃي رهيو
هو. انهيءَ رخ تي ٻڌ جي مندر جو فقط نمايان نشان
موجود آهي جنهن کي هن وقت
”ٺل
مير رڪن“
سڏجي ٿو، جو نوابشاهه ضلعي ۾ اسٽيشن دوڙ ۽ دولتپور
جي وچ تي آهي. محڪمي آثارقديمه جي طرفان ڪيل تحقيق
موجب
”ٺل
مير رڪن“
درحقيقت ٻڌ مت جي مندر جو ٺل
(Stupa)
آهي (ڏسو هينري ڪزنس، سنڌ جا آثارقديمه، ص 98-99).
انهيءَ ٺل کان اتر- اوڀر طرف تقريباً
ٻن ميلن جي پنڌ تي
”ساوڙي“
جو ڳوٺ آهي، ۽ انهيءَ ايراضي ۾ قديم ڍورن ۽ ڍنڍن
جا نشان اڄ ڏينهن تائين نمايان طور نظر اچن ٿا.
انهن اهڃاڻن مان خاطري سان چئي سگهجي ٿو ته
فتحنامي واري
”ساوندي“
ساڳي اها موجوده
”ساوڙي“
آهي ۽ پڻ مؤرخ بلاذري (فتوح البلدان، ص 439)
”ساوندي“
جو تلفظ
”ساوندري“
ڪري لکيو آهي، ۽ اهو اچار پڻ موجوده نالي
”ساوڙي“
۾ موجود آهي. ساوڙي جو ڳوٺ سنڌونديءَ جي هڪ قديم
ڍوري جي ڪپ تي آهي ۽ انهيءَ ڍوري جا نشان ساوڙي جي
ڳوٺ لڳ الهندي طرف اڄ تائين موجود آهن. مجمل
التواريخ جي مصنف پڻ لکيو آهي ته قديم وقت ۾ ڪشمير
جي راجا،
”ساوندي“
جي شهر کي سنڌونديءَ جي ڪناري تي ٻڌايو هو.
فتحنامي جو
”وڪر بهار“
يقيني طور
”ٺل
مير رڪن“
وارو قديم ٻڌ جو مندر آهي، پڻ هن ٻڌ جي مندر جي
وجود جي تصديق فتحنامي جي هيٺين وڌيڪ حوالن مان
ٿئي ٿي ته
”انهيءَ
پاسي جا سڀ ماڻهو، شمني ۽ ٻڌ وارا واپاري هئا“
۽ بواد نالي هڪ شمني کي محمد بن قاسم اتي جو مقامي
سردار طور مقرر ڪيو هو (فتحنامو ص 231).
231/
]219[
خميس جو ڏينهن 3- ماهه محرم سن چورانوي: هيءَ
تاريخ محمد بن قاسم جي برهمڻ آباد مان منزل کڻي
ساوندي طرف ڪوچ ڪرڻ جي آهي. هوڙي والا جي تحقيق
موجب:
3- محرم سن 93 هه=
آرتوار، 9- آڪٽوبر 712ع
3- محرم سن 95 هه (رئيت)=
خميس، 28- سپٽمبر 713ع
هاڻي جيڪڏهن فتحنامي جي عبارت ۾ ڏينهن صحيح ڄاڻايل آهي ته پوءِ سن يقيني طور
95 هه ٿيندو. تاريخي تسلسل جي لحاظ سان به 3- محرم
سن 95 هه صحيح ٿيندو، ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم کي
باقي اروڙ، سڪه ۽ ملتان وغيره جي فتحن لاءِ اڃا به
17 يا 18 مهينا بچن ٿا، جي ڪافي آهن. محمد بن قاسم
کي خليفي وليد جي وفات (جمادي الاول سن 96 هه) بعد
ئي معزول ڪري واپس گهرايو ويو. (هوڙي والا، ص 96)
232/
]219[
ٻڌيڻي
]پـٽ[
ڀمن ڍول: اسان متن ۾ هن صفحي جي حاشيه ۾ ڄاڻايو
آهي ته م ن ب نسخن جي پڙهڻي
”بديهي بمن دهول“
آهي ۽ ر جي پڙهڻي
”بديهني
بمن دهول“.
هوڙي والا (ص 97) جي گمان ۾ هي نالو شايد
”بدهي ورمن“
(Buddivarman)
هجي، ڇاڪاڻ ته اهو نالو قديم رڪارڊ ۾ ملي ٿو ۽
640ع ڌاري گجرات جي چالوڪيـ* گهراڻي جي هڪ راجا جو
پڻ اهو نالو هو. ا.هه. هيءُ گمان، فتحنامي ۾ هن
نالي جي ڏنل صورتخطيءَ مطابق پڻ قدري قياس ويجهو
معلوم ٿئي ٿو: يعني ته
”بديهي
بمن“
=
بدهي ورمن. انهيءَ لحاظ سان هن نالي جي پڙهڻي
”ٻـُـڌِيورمن
]پـٽ[
ڍول“
زياده موزون ٿيندي. (ن-ب)
232/
]220[
سليمان بن نبهان ۽
]قبيلي[ ڪـِـنده جي آزاد ڪيل غلام ابوفضت القشيري کي سڏي....
قسم ڏيئي، کين جنيد بن عمرو ۽ بني تميم منجهان
جماعت سان محبت ڪرائي گڏي.... موڪليائين:
(1) اول ته مٿين عبارت مان ظاهر آهي ته سليمان بن نبهان ۽ ابوفضت القشيري ٻن
جدا شخصن جا نالا آهن. انهيءَ لحاظ سان ص 194/
]177[ تي
”نبهان
ابوفضت قشيري“
غالباً
دراصل
”(سليمان
بن) نبهان (و) ابو فضت قشيري“ هو، مگر ڪاتب جي سهو کان ڏنگين ۾ رکيل الفاظ اصل نسخي مان رهجي
ويا ۽ ان بعد جملي قلمي نسخن ۾ اها غلطي رهجي وئي.
ص 194 تي
”نبهان
ابو فضت قشيري“
جي درستي ڪري ان کي
”سليمان
بن نبهان ۽ ابوفضت قشيري“
لکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته يقيني طور چئي سگهجي ٿو ته
دراصل اهي ٻه نالا آهن. قديم نسخي پ جي قرائت ۾
فعل جا صيغا، جي
”نبهان
ابو فضت قشيري“
ڏانهن ورن ٿا، سي جمع ۾ آهن. مثلاً: مقابل شدند (سامهون ٿيا)، جنگ پيوستند (جنگ جوٽيائون)، داهر
فوجي ديگر در مقابل ايشان فرستاد (ڏاهر ٻي فوج
سندن مقابلي ۾ موڪلي)، دفع کردند (ڪافرن جي فوج کي
هٽايائون)، ومي کشتند (۽
پئي ماريائون)، ۽ آخر ۾ زائد لفظ
”تا
بلشکر گاه داهر آمدند.“
(2) ٻيو ته هن عبارت ۾ جا لفظي تصحيح ڪئي وئي آهي تنهن
لاءِ متن ص 232 جو مواد ڏسڻ گهرجي. هن تصحيح موجب
هن عبارت جو مطلب هيءُ ٿئي ٿو ته محمد بن قاسم
پنهنجي لشڪر جي ٻن گروهن جي وچ ۾ صلح ۽ محبت قائم
ڪري کين گڏ ڊيوٽيءَ تي روانو ڪيو. اهي ٻه گروهه
هيءَ هئا: (1) بنو قشير ۽ سندن ساٿي (يعني سليمان
بن نبهان ۽ ابو فضت قشيري وغيره)، ۽ (2) بنو تميم
۽ سندن ساٿي (يعني جنيد بن عمرو وغيره). انهيءَ
ڌرين ۾ محبت ڪرائڻ لاءِ هيٺيان سبب هئا:
قديم زماني کان مـُـضرية
۽ يمانية
نسلن جي قبيلن ۾ عصبيت ۽ رقابت هئي. اسلام جي
ابتدا ۾ اهو باهمي ضد ۽ حسد سچي اسلامي اخوت سبب
تقريباً
ختم ٿي چڪو هو مگر بنو اميه جي دؤر واري سياست وري
انهيءَ نسلي رقابت کي زور وٺايو. ان وقت ازد ۽
تميم جي قبيلن ذريعي وري اهي قبائلي جهيڙا شروع
ٿيا ۽ اهي ٻه قبيلا ۽ سندن حامي ڄڻ هڪٻئي ۾ چانڊيا
مگسي ٿي پيا. انهيءَ ڪري اموي سلطنت جي تقريباً
هر علائقي ۾ انهن قبيلن ۽ سندن حامين جي وچ ۾
جهيڙا جهڳڙا شروع ٿيا. مثلاً
خراسان ۾ هر يماني ۽ ربيعي نسل جو شخص
”ازدي“ سڏجڻ لڳو ۽ هر مضري نسل جو شخص
”تميمي“
سڏجڻ لڳو (ڏسو ديوان فرزدق: پئرس ڇاپي ص 53 ۽
قاهره ڇاپي ص 769). هڪ طرف
”يماني-
ربيعي- ازدي“
گروهه ۽ ٻئي طرف
”مضري-
تميمي“
گروهه جي وچ ۾ ضد ۽ رقابت هر جاءِ موجود هئي. محمد
بن قاسم جي فوج ۾ پڻ انهن ٻنهي گروهن جا ماڻهو
موجود هئا. بنو قشير وارا ربيعي هئا، ڇاڪاڻ ته هو
بنو ڪعب بن ربيعة
جي اولاد مان هئا (ڏسو ابن حزم، جمهرة ص 272) ۽ انهيءَ ڪري بنو تميم سان سندن نسلي رقابت هئي. انهيءَ
ڪري محمد بن قاسم هن موقعي تي جڏهن ٻنهي گروهن جي
ماڻهن کي هڪ خاص ڊيوٽي تي روانو ٿي ڪيو ته
پهريائين کين قسم ڏيئي پاڻ ۾ محبت ۽ صلح ڪرائي
پوءِ روانو ڪيائين. (ن-ب)
232/
]220[
بهراور: محمد بن قاسم، ساوندري يعني ساوڙي مان ڪوچ
ڪري وڃي
”بهراور“
۾ لٿو. جيئن ته محمد بن قاسم اروڙ طرف وڃي رهيو
هو،
”بهراور“
جي تلاش ساوڙيءَ کان اتر طرف ڪرڻ گهرجي. هن کان اڳ
ڏٺو ويو آهي ته محمد بن قاسم برهمڻ آباد ڏانهن
ايندي
”جلوالي“
جي ڍوري تي اچي منزل انداز ٿيو هو، ۽ ساوندريءَ ۾
پڻ وڪر بهار جي ڍنڍ تي اچي لٿو. انهيءَ مان گمان
نڪري ٿو ته پاڻيءَ جي سهوليت جي لحاظ سان محمد بن
قاسم جي فوج اڪثر درياءَ جي ڦاٽن جو ڪنارو وٺي پئي
هلي. تنهن ڪري بلڪل قياس ويجهو آهي ته محمد بن
قاسم ساوندري ڇڏڻ بعد مهراڻ جي ڪنهن شاخ يا ڍوري
جو ڪپ وٺي اتر طرف ڪوچ ڪيو هجي. انهيءَ قديم ڍوري
جا نشان هن ساوڙي کان اتر طرف کارجائي، اَمرجي،
مسر جي وانءِ،
چيهي جي اولهه طرف، ڀريا ۽ هالاڻي بهلاڻي وٽان اڃا
تائين ظاهر بيٺاآهن.
(وڌيڪ پڙهو) |