محمد بن قاسم وٽ، حجاج بن يوسف جو خط پهچڻ
بسم الله الرَحمانِ الرَحيم: پياري فرزند ڪريم
عماد الدين محمد بن قاسم
جو- شال خدا
تعاليٰ سندس عزت برقرار رکي. قسمين قسمين تڪليفن ۽
طرحين طرحين تعظيمن سان سينگاريل خط پهتو، ۽ جيڪي
حالات ان ۾ لکيل هئا، سي سڀ معلوم ٿيا. اي پٽ! آخر
آهي ڇا؟ توکي ٿيو ڇا آهي جو پنهنجي تدبير، عقل ۽
سمجهه ڪم نٿو آڻين؟ اي ڪاش! تون لڙائيءَ ۾
مشرق جي سڀني بادشاهن کي مغلوب ڪرين، ۽ سڀني
ڪافرن جي گهرن کي برباد ڪرين! تون هن ڪم تي
غالب پوڻ کان ڇو عاجز آهين؟ ۽ دشمن جي شر سان ڇو
نٿو پڄي پورو اچين؟ اميد آهي ته سندس رٿ دفع ٿي
ويندي. هو لشڪر اسلام جي مدافعت جي رٿ رٿڻ ٿو
چاهي. تون دل مضبوط ڪر ۽ جنهن حد تائين مال خرچ
ڪري سگهين ڪر، ۽ سندس مخالفن جي حق ۾ تمام گهڻو
انعام ۽ بخشش]
127[
خرچ ڪر. جيڪو به ڪا جاگير يا ملڪ گهري ته ان کي
نااميد نه ڪر، بلڪ سندس عرض قبول ڪري، کيس پنهنجي
فرمانن ۽ امن نامي سان دلجاءِ ڏي. ڇاڪاڻ ته
بادشاهي وٺڻ جا چار طريقا آهن: پهريون صلح،
همدردي، چشم پوشي، ۽ سڱابندي، ٻيو پئسو خرچڻ ۽
انعام ڏيڻ، ٽيون دشمنن جي مخالفت کي پوريءَ طرح
سمجهڻ ۽ مخالفن جو مزاج معلوم ڪرڻ، چوٿون رعب،
هيبت، دليري، قوت ۽ دٻدٻو.
]هر
طرح سان[
انهن دشمنن جي دفع ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. (ننڍا
ننڍا) بادشاهه جيڪو به عرض ڪن ته (انهن کي) پڪي
انجام نامي سان دلجاءِ ڏي. جڏهن خدمت ۾ حاضرٿي پاڻ
تي ڍل مقرر ڪن، ته پوءِ جيڪي به ڏوڪڙ يا سامان
خزاني ۾ پهچائين، سو وٺندو رهه. سڀنيءَ کي تسلي
ڏيندو رهه. جيڪڏهن ڪنهن کي قاصد ڪري موڪلڻ گهرين
ته پوءِ ضروري آهي ته سندس عقل، مذهب، دورانديشي ۽
امانت تي توکي اعتماد هجي. ائين نه ٿئي ته سندس
ڳالهائڻ ۽ وڃڻ ڪري اسلام کي ڪوبه نقصان پهچي. پاڻ
کي دشمنن جي اوچتي حملي، حيلن، آفت، ٺڳيءَ ۽ مڪر
کان حفاظت ۾ رکج. ضروري ڪمن جي پوئيواري ۾
دورانديشي ۽ هوشياريءَ جا شرط بجا آڻج، ۽ ڏاهر کان
خبردار رهج، جيڪڏهين ڪو (پنهنجو) معتمد يا معتقد
موڪلين
ته انهيءَ کي وصيت ڪج ته هن جي ميل جول ۽
همنشينيءَ کان بيخيالو نه ٿئي، ۽ ان کي خير
خواهيءَ جو شرط کولي ٻڌائج ته جيڪڏهن پيغام پهچائڻ
لاءِ راجا جي روبرو ويهي ته هن کي سڀني مکيه ماڻهن
۽ محفل جي بزرگن جي سامهون بيڊپائيءَ سان پيغام
پهچائي. سندس جواب چڱيءَ طرح ٻڌڻ گهرجيس، ۽ ٻي
ڪابه نرمي ۽ چشم پوشي نه ڪرڻ گهرجيس. قاصدن جي همت
سهڻن واعدن سان وڌائج، (۽
کين ٻڌائج) ته: توهان ساري اسلامي لشڪر جا امام ۽
پيشوا آهيو، ۽ سڀني جون اميدون توهان جي گفتگو سان
وابسته آهن، تنهن ڪري توهان کي گهرجي ته پيغام
پوريءَ طرح ادا ڪريو. مسلمانن جو قاصد، پاڪ مذهب
]وارو[
هئڻ گهرجي،
]128[
جيئن سخن دٻدٻي سان ۽ بنان گهٽ وڌائيءَ جي ادا
ڪري. مخالفن کي توحيد تي ايمان آڻڻ جي دعوت ڏج،
]۽
انهن کي ٻڌائج[
ته جيڪو الله جي هيڪڙائيءَ کي مڃي، تابعداري ڪندو
ته انهيءَ کي مال، شهر، زمين ۽ ٻني عطا ڪئي ويندي،
۽ جيڪو اسلام جي آڏو سر نه جهڪائي ته انهيءَ کي ڪو
دڙڪو ڏج، جيئن هو فرمانبردار رهي. جيڪڏهن
]انهيءَ
هوندي به[
اطاعت کان سرڪشي ڪري ته پوءِ کيس
]صاف[
ٻڌائج ته جنهن صورت ۾ اطاعت کان منهن موڙيو اٿيئي
تنهن صورت ۾ لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيءُ. پر کين مهراڻ
نديءَ جي ٽپڻ جو اختيار نه ڏج،
]بلڪ[
چئج ته: جيڪڏهن توهان تيار آهيو ته پوءِ
]توهان
کي[
ڪابه روڪ ناهي، پر جيئن ته اسان هيڏو رستو طئي ڪري
آيا آهيون، تنهن ڪري اسان کي ئي مهراڻ ٽپڻو ۽ بنا
روڪ ٽوڪ جي مقابلي ۾ اچڻو آهي، ته جيئن ٻنهي طرفن
جي وچ ۾ شڪ شبهي ۽ خار جي مجال نه رهي. جنهن به
جاءِ تي دشمن جي سامهون ٿيو، اها جاءِ کليل ميدان
هئڻ گهرجي، جيئن جاءِ جي ميدان ۾ مرد مرد ۽ سوار
سوار جي برابر جولان ڏيئي سگهي. انهيءَ سڀ ڪجهه
هوندي به جڏهن جنگ جوٽين، تڏهن الله پاڪ جي ڪرم تي
توڪل رکج، ۽ (انهيءَ جي) مضبوط ڪڙي ۾ هٿ هڻج، ۽
ڏسج، ته قضا ۽ تقدير انهيءَ غيب جي پردي مان ڇا ٿي
پيدا ڪري، ۽ اُتان ڪهڙيءَ پارٽيءَ جي بادشاهيءَ جي
ختم ٿيڻ جو حڪم جاري ٿو ٿئي. ۽ جيڪڏهن هو پيغام
موڪلين ۽ چون ته مهراڻ جي پاڻيءَ مان تون ٿو
لنگهين يا اسان لنگهون؟ ته انهن کي اختيار نه ڏج،
بلڪ چئج ته مان ٽپي ٿو اچان، ته تنهنجو رعب ۽ هيبت
دشمن جي دل تي اثر ڪري، ۽ چون جيڪڏهن اسلام جي
لشڪر کي قوت ۽ طاقت نه هجي ها ته ائين اسان جي
سامهون نه اچي ها!
ٻيو ته عرب جي لشڪر جي جيڪا جماعت تنهنجي
تابعداريءَ ۾ آهي اميد آهي ته اُهي موٽي نه ويندا
۽ لڙائي کان منهن نه ڦيرائيندا، بلڪ جند جان جي
بازي لڙائيندا، ۽ خدا تعاليٰ تي توڪل رکي جنگ شوق
سان ڪندا ۽ ثابت قدم رهندا، ۽ لڙائي خواهه تنهنجي
اطاعت ۾ سندن نيت سچي رهندي، جيئن الله پاڪ عزوجل
جو رضامندو حاصل ڪري سگهن.
]129[
درياءُ ٽپڻ لاءِ اهڙي جڳهه اختيار ڪج، جتي پير
کوڙي سگهين ۽ سنئون سڌو لنگهه هجي. (پوءِ)
جاچ جوچ ڪري اتان لنگهجو، ۽ دورانديشي ۽ خبرداريءَ
کي هٿان نــه ڇڏج. لنگهــڻ وقت لشڪر کـــي تيار
رکـــج، ۽
]لشڪر
جو[
مــيمنه (سڄو)، مـَـيسرَه (کٻو)، قلب (وچ)، مقدمه
(اڳ) ۽ ساقه (پڇاڙي) سڌو رکج، ۽ پيادن ۽ اڪيلن کي
اڳواٽ موڪلج. ڪنهن به برگستوانيءَ
کي وچ ۾ نه رکج.
حجاج جو خط پهتو ته محمد بن قاسم درياءُ ٽپڻ جي
تدبير ڪرڻ لڳو، ۽ اهو پڪو ارادو ڪيائين.
محمد بن قاسم جي نيرون ڪوٽ ۾ پهچڻ جي
ڏاهر کي خبر پوڻ
اتي راجا ڏاهر هند جي دانائن ۽ پنهنجي فيلسوفن ۽
نجومين کان پڇيو ته: ”هينئر خبر ٻڌي ويئي آهي ته
]محمد
بن[
قاسم ظاهر ٿيو آهي، ۽ قلعي نيرون جي قريب زبردست
لشڪر سان لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيو بيٺو آهي. (ٻڌايو
ته) توهان کي نجوم ۽ تاريخن جي ڪتاب مان ڇا ٿو
معلوم ٿئي؟ ۽ وقت جي ستاري ۽ سال جي تقويم مان ڇا
ٿو نڪري؟“ نجومين تعريف، وصف ۽ ثنا کان پوءِ عرض
ڪيو ته: ”راجا سلامت رهي! گذريل تاريخ جي پراڻن
ڪتابن ۽ جاماسپ حڪيم جي نجوم مان ائين معلوم ٿيو
آهي ته سن 92 هجريءَ ۾ نيرون جو قلعو اسلامي لشڪر
جي حوالي ٿيندو ۽ سن 93 هجري ۾ پورو هندستان. هيءَ
قلعا جيڪي سڪندر جي ٻنڌ کان به وڌيڪ مضبوط آهن،
مسلمانن جي ملڪيت ٿيندا، ۽ اها فتح محمد بن قاسم
جي هٿان ٿيندي ۽ اهو واعدو پورو ٿيندو. پوءِ راجا
ڏاهر
]130[
ڀنڊر ڪو شمني
کي، جنهن جي سنڀال ۾ نيرون جو قلعو هو، موڪليو ۽
چيو ته: توکي نيرون ڪوٽ ۾ وڃي انهن جي احوال کان
اسان کي اطلاع ڏيڻ گهرجي. شمني انهيءَ اشاري تي
نيرون ڪوٽ آيو ۽ پنج سردار ساڻ ڪري حجاج جا پروانا
پاڻ سان کڻي عربن جي ڪئمپ ۾ محمد بن قاسم وٽ ويو.
نـُـباتـہ
]بن[
حـَـنظـَـلـَـہ
سندن وچان ٿيو. جڏهن درخواست ۾ نذرانو پيش ڪيائين،
تڏهن محمد بن قاسم فرمايو ته: ”هن پرواني جي حڪم
جي پيروي ڪرڻي اٿم، پر تو لشڪر جي پهچڻ وقت دروازو
بند ڪيو هو، جنهن اسان تي وڏو اثر ڪيو. جڏهين
توهان تابعداري ٿا ڪريو ته پوءِ قلعي جا دروازا
بند ڪرڻ ۽ لشڪر کي روڪڻ چڱو ڪم نه هو، جو انهيءَ
ڪري لشڪر ۾ اناج اڻلڀ ٿي ويو هو.“ اتي شمني معذرت
ڪرڻ لڳو ته: جنهن صورت ۾ اسان جي ڪاروبار جون
مصلحتون راجا ڏاهر سان تعلق رکن ٿيون ۽ مان هتي
حاضر ڪونه هئس، تنهن ڪري توهان جي پهچڻ تي رعيت
فڪرمند ٿي ۽ ڊني ته متان موٽڻ وقت قلعي وارن کي
ڪو نقصان پهچايو. هاڻي جڏهن آءٌ خدمت ۾ پهتو آهيان
ته فرمانبرداري ۽ اخلاص جو رستو بجا آڻيندو رهندس،
۽ جيڪا تنهنجي مرضي هوندي انهيءَ موجب عمل ڪندس.
محمد بن قاسم جي نيرون جي شمني کي
خلعت پهرائڻ
پوءِ محمد بن قاسم کيس سروپا پهرائي عزت افزائي
ڪئي، ۽ مٿس گهڻيون مهربانيون فرمائي کيس واپس ڪيو.
شمني موٽي وڃي قلعي جو دروازو کولي، تحفا ۽
سوکڙيون موڪليون ۽ سپاهي خريد فروخت لاءِ قلعي ۾
ويا. ٻئي ڏينهن جڏهن ستارن جي بادشاهه جو جهنڊو
لاَجوَردي ڇت تي لهرائڻ لڳو
ته محمد بن قاسم گهوڙي تي سوار ٿي مکيه ماڻهن ۽
برگزيدن سان گڏجي قلعي ۾ آيو، ۽ بتڪده جي جاءِ تي
مسجد ٺهرائي، انهيءَ ۾ ٻه رڪعتون نفل پڙهيائين.
(تنهن کان پوءِ)
ذُهل جي قبيلي ۽ اهل بصره مان هڪ ماڻهو اتي]
131[
نائب مقرر ڪيائين.
پوءِ اتان منزل ڪوچ ڪيائين ۽ مهراڻ ندي ٽپڻ لاءِ
شمن کي به پاڻ سان کنيائين.
]ايتري
۾[
شمني راسل رسني
جي بزرگن ۽ ڀـَـٽـِـين جي ڪن معززن حاضر ٿي آمان
گهري، انهن کي جهڙيءَ طرح حجاج حڪم جاري ڪيو هو،
جواب ڏيئي انجام پڪو ڪري، اشبهار جي قلعي تي
(ڪاهي) ويو، ۽ محرم سنه 93 هجريءَ
۾ انهيءَ قلعي جي آسپاس وڃي لٿو. اهو هڪ مضبوط
قلعو ڏسڻ ۾ آيس. قلعي وارن لڙائيءَ جي تياري ڪري
هڪ وڏي کاهي تيار ڪئي هئي، ۽ قلعي جي الهندي وارن
جتن ۽ ڳوٺاڻن کي قلعي ۾ آندو هئائون. محمد بن قاسم
جنگ شروع ڪئي. هڪ هفتو بيهڪ ڪري مقابلو ڪيائون، پر
پوءِ اَمان گهري فرمانبرداري هيٺ آيا، ۽ پنهنجي
گردن ۾ بندگيءَ جو طوق وڌائون. محمد بن قاسم، حجاج
جي پرواني موجب انهن کي اَمان ڏني، ۽ جيڪي ماڻهو
سندس فرمانبرداريءَ ۾ آيا تن]
پنهنجي مٿان[
ڍل قبول ڪري، قلعي جو دروازو کولي ڇڏيو. محمد بن
قاسم پنهنجي امينن سان گڏ اندر آيو، ۽ ڪنجي پنهنجن
سچن اعتبار وارن ۽ تمام پڪن معتقدن جي حوالي
ڪيائين، انهيءَ جاءِ جي حڪومت تي هڪ ايماندار
(ماڻهو) مقرر ڪري انهيءَ قلعي جي فتح بابت حجاج
ڏانهن لکيائين. (هي به لکيائين) ته انهن بهادر جتن
کي اَمان ڏني اٿس، ۽ کيس (اُتي ٿيل) قتل ۽
خونريزيءَ جو (پڻ) اطلاع ڪيائين. انهيءَ قلعي ۾
ڳپل وقت ترسي، نائب مقرر ڪري، پاڻ راوڙ جي حد ۾
مهراڻ جي الهندي ڪناري تي اچي لٿو.]132[
مهراڻ جي ڪناري واري منزل تي محمد بن قاسم
جي لڙائي ڪرڻ
پوءِ جيئن محمد بن قاسم، مهراڻ جي پتڻ تي اچي لٿو،
ته ٻيٽ جي حاڪم جاهين ساڻس جنگ جوٽي(1).
روايت:
تاريخ جي مصنفن هن طرح روايت ڪئي آهي ته: جڏهن
محمد بن قاسم جي راوڙ ۽ جيور جي حد ۾ پهچڻ جي خبر
ڏاهر کي پهتي ۽ پڇيائين ته: عرب ڪٿي پهتا آهن؟ ۽
ٻڌايائونس ته جيورَ جي حد ۾ داخل ٿيا آهن. تڏهن
چيائين ته: ”عربن جو چڱو غلبو ٿيو آهي، ۽ بخت ضرور
سندن همراهه آهي.“ پوءِ محمد بن قاسم موڪي پٽ
وسايي
ڏانهن قاصد موڪليو ته وجورته
قصبي وارو ملڪ توکي جاگير طور ڏجي ٿو ۽ انهيءَ ملڪ
تي تنهنجو قبضو تسليم ڪيو وڃي ٿو.
موڪي
]پٽ[
وسايي جي عهدنامي جي خبر
ڏاهر کي پوڻ
پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ ڏاهر کي وڃي خبر ٻڌائي ته موڪي
]پٽ[
وسايي، محمد بن قاسم جي بيعت ڪئي آهي، ۽ قاصد
موڪلي
]هڪٻئي[
سان عهدنامو ڪيو اٿن، ۽ قاصدن هٿ محمد بن قاسم
ڏانهن جواب موڪليو اٿس ته: ”جيڪي تو فرمايو هو، سو
صحيح معلوم ٿيو ۽ اسان تي جيڪا عنايت ڪئي اٿوَ، ان
جو ٿورو مڃون ٿا. توهان جيڪي به واعدا فرمايا آهن،
انهن جا اسان دل و جان سان شائق آهيون، ۽ توهان جي
فرمانبرداري ڪرڻ ڏانهن دل تمام مائل آهي، توهان جي
خوشي سڀني ڪمن کان مقدم رکنداسون، ۽
]جيڪڏهن[
ڪو بهانو پيدا ٿيو ته
]پوءِ[
حڪم جو تابعدار رهڻ لازمي ڄاڻنداسون. پر جن
بادشاهن جي نمڪ جو حق
]اسان
جهڙن[
خدمتگارن جي گردن تي لازم آهي، تن سان عهد ڀڃڻ ۽
بيوفائي ڪرڻ
]133[
اهڙو گناهه ۽ خيانت آهي جو دورانديشي ۽ امانت کان
دور آهي، ۽ جيستائين هن جي طاقت کان اهڙو ڪو خوف
پيدا نه ٿئي جو نفس ۽ جان لاءِ خطرو هجي، تيستائين
امانت ۽ دورانديشي ڇڏي ڏيڻ اڻوڻندڙ طريقو آهي.
(ملڪ موڪ
]پٽ[
وسايي جي درخواست:) پڻ سنڌ جو ملڪ اسان جو وطن
آهي، ۽ اسان جن پيئن ڏاڏن جو ورثو ۽ ڪمائي. راجا
ڏاهر سان اسان جي قرابت آهي، ۽ هو هندستان جي
راجائن جو راجا آهي. هو جيتري به بلند درجي کي
پهچندو ته انهيءَ مان اسان کي به وڏو نصيب ۽ مڪمل
حصو ملندو.
]هن
سان[
هر حال، رنج خواهه راحت ۾ موافقت جا شرط بجا آڻڻ
اسان تي لازم ۽ ثابت آهن. ڏک ۽ سک ۾ برابر، ۽ ملڪ
۾ ڀائيوار آهيون. پر عقل جي طريقي ائين معلوم ٿو
ٿئي، ۽ حڪمت جي دلين مان اهڙيءَ طرح عيان آهي، ته
هيءَ حڪومت اسان کان نڪري ٻئي جي حوالي ٿيندي.
موڪي
]پٽ[
وسايي جو
]محمد
بن قاسم سان[ عهدنامو ڪرڻ
”سنڌ
جا حڪيم ۽ هندستان جا فيلسوف جيڪي هن ملڪ جا
رهاڪو آهن، تن اصطرلاب ۽ نجوم جي ذريعي قديم
ڪتابن مان هي نتيجو ڪڍيو آهي ته هن بادشاهيءَ کي
اسلام جو لشڪر فتح ڪري قبضي هيٺ آڻيندو. جنهن
ماڻهوءَ جو بخت مددگار ٿيندو آهي ۽ ڪاميابي همراه،
۽
]پڻ[
هو دورانديشي ۽ همت وارو هوندو آهي، ته جو واقعو
پيدا ٿيندو تنهن مان هو تجربو پرائيندو ۽ وڌيڪ
هوشيار ٿيندو ويندو آهي، جيئن ڇوٽڪاري جو رستو
کانئس بلڪل نه رهي. ائين نه ٿئي جو جڏهن موقعو ۽
وقت نڪري وڃي تڏهن کيس اها تڪليف پهچي. تو جنهن
صورت ۾ مون سان صلاح ڪئي آهي ۽ اسان جي طـــرف جي
رعايـــت ڪرڻ واجب سمجهي اٿيئي ته
]اُها
توهان جي[
امانت آهي، ۽ مان جيڪڏهن جواب با صواب نه ڏيندس ته
مخالفت ٿيندي، ۽ جيڪڏهن مان خود راءِ ٿي جنگ ۽
لڙائيءَ کان سواءِ اچي خدمت ۾ حاضر ٿيندس ته دشمنن
جي ملامت ۽ خاندان جي بدنامي]
134[
جو باعث ٿيندس.
]تنهن
ڪري صلاح هي آهي[
ته
هينئر ساڪري جي راڻي سان نياڻيءَ جي شادي ڪرائڻ جي
بهاني سان وڃڻ ٿئي ٿو (1). امير محمد بن قاسم، شال
سندس مرتبو قائم رهي، هزار سوارن کي حڪم ڪري ته
فلاڻي رستي تي وڃي مون کي رستي مان پڪڙي، اچي خدمت
۾ حاضر ڪن، ته مون کي به بهانو ملي وڃي، ۽ خلق جي
واتن ۾ گلا به نه ٿئي ته هن بيوفائي ڪئي، ۽ ڏاهر
کي پڻ بدگماني نه ٿيندي، ڇاڪاڻ
]ته
ڏسندو ته[
مون کي مجبور ڪري زبردستيءَ سان وٺي ويا.“
موڪي
]پٽ[
وسايي جي چوڻ تي نـُـباتـہ
بن حنـَـظلـَة
کي موڪلڻ
پوءِ محمد بن قاسم کي سندس قول تي پورو اعتماد
ٿيو. هن سندس چوڻ سچو سمجهي نـُـباتہ
بن حنظلـة
کي هڪ هزار پورن هٿيارن سان سينگاريل ۽ چونڊيل
گهوڙيسوارن سان موڪي
]پٽ[
وسايي جي مقرر ڪيل انجام تي موڪليو، ۽ پاڻ پڻ
انهيءَ جي ويجهو منزل ڪيائين.]هوڏانهن[
موڪو پڻ سئو سوار ساڻ ڪري روانو ٿيو ۽ اچي انهيءَ
جاءِ تي رسيو.
|