محمد
بن قاسم جو حملو ڪرڻ
پوءِ محمد بن قاسم خدا تعاليٰ جو نالو وٺي حملي
ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڪافر پڻ بيهي ويا ۽ ڇتي جنگ لڳي.
ترارين جي ٽڪرائجڻ کان هوا ۾ باهه جا شعلا اڏامڻ
لڳا. نيزا ۽ حربا هڪٻئي سان ٽڪرائيندا رهيا. نيٺ
هٿيار ڀڄي پيا، ۽
]جوان[
هڪٻئي سان ڪشتيءَ ۾ ڳنڍجي ويا. صبح صادق اڀرڻ کان
وٺي شام جي گذرڻ تائين ڏاڍا ڪافر قتل ٿيا. راجا
ڏاهر، راجڪمارن جي (باقي) هڪ هزار سوارن سان وڃي
بچيو هو ته سج زرد ٿي ويو.
ڏاهر لـَـعـِـين جي ڪـُـسجڻ جي خبر
هنن ٻوٽن جي باغبانن ۽ هنن قيمتي ذخيرن جي مصنفن،
راوين کان هن طرح روايت ڪئي آهي ته: راجا ڏاهر،
خميس جي ڏينهن، ڏهين رمضان المبارڪ، سن ٽيانوي ۾،
راوڙ جي قلعي وٽ سج لهڻ وقت قتل ٿيو. ابوالحسن
روايت ڪئي ابوالليث هنديءَ کان، جنهن پنهنجي پيءُ
کان (ٻڌل) ڳالهه ڪئي ته: جڏهن اسلامي لشڪر حملو
ڪيو ۽ گهڻا ڪافر قتل ٿي ويا، تڏهن اوچتو کاٻي طرف
کان گوڙ ۽ هـُـل بلند ٿيو. ڏاهر انهن کي پنهنجو
لشڪر سمجهينعرو
هنيو
”نسي
من نسي من“ يعني ته:
”مان
هتي آهيان. مون ڏانهن اچو!“(1)
زالن جا آواز ظاهر ٿيڻ
پوءِ انهن (زالن) چيو ته:
”اي
راءُ! اسان اوهان جون زالون آهيون، جيڪي عرب لشڪر
هٿان
]181[
گرفتار ٿي قيد ٿيون آهيون.“
ڏاهر چيو:
”اڃا
مان زندهه آهيان. توهان کي ڪنهن گرفتار ڪيو آهي؟“
(اهو حال ڏسي،) ڏاهر اسلامي لشڪر تي هاٿي هڪليو.
(هوڏانهن) محمد بن قاسم، نفط اندازن کي چيو ته:
”هاڻي
هيءَ وقت توهان جو آهي.“
هڪ سـِـڌي هٿ وارو نفط انداز هو، جنهن ٻولائي نفط
جو تير راجا ڏاهر جي پالڪيءَ تي هنيو ۽ پالڪيءَ کي
باهه لڳي ويئي.
ڏاهر جو پوئتي ورڻ
اتي ڏاهر فيلبان کي چيو ته:
”هاٿي
موٽاءِ،
ڇاڪاڻ ته اڃ لڳي اٿس.“
هوڏانهن پالڪيءَ کي به باهه لڳي چڪي هئي، تنهن ڪري
هاٿي فيلبان جي وس ۾ نه آيو ۽ پاڻ کي وڃي پاڻيءَ ۾
سٽيائين. فيلبان گهڻي ڪوشش ڪئي پر ڪجهه به نه ٿي
سگهيو،]
هاٿي[
ڪين موٽيو، ۽ فيلبان ۽ ڏاهر کي وڃي تار پاڻيءَ ۾
سـَـٽيائين. ڪافرن مان ڪي ساڻس گڏ پاڻيءَ ۾ گهڙي
پيا ۽ ڪي پاڻيءَ جي ڪناري تي بيهي رهيا. ايتري ۾
عرب سوار به اچي پهتا، جن کان ڪافر ڀڄي ويا. هاٿي
پاڻي پـِـي، موٽي قلعي ۾ وڃڻ گهريو. مسلمان تير
اندازن تير کوليا ۽ هوا مان تير مينهن وانگيان وسڻ
لڳا. هڪ عرب، جنهن جو هٿ سڌو هو، تنهن تير ڪشي
ڏاهر جي دل تي هنيو، جنهن
]جي
لڳڻ[ کان
]هو[
هاٿيءَ جي مٿان پالڪيءَ ۾ منهن ڀر ڪـِـري پيو.
هاٿي پاڻيءَ مان نڪري حملو ڪيو. ۽ باقي بچيل ڪافرن
کي پيرن هيٺ لتاڙڻ لڳو، جنهن ڪري هو مڙيئي ٽڙي
پکڙي ويا. ڏاهر هاٿيءَ تان لهي هڪ عرب سان مقابلو
ڪيو. بهادر عرب سندس مٿي تي ترار هڻي، سندس سسي
ڪلهن تائين ٻه اڌ ڪري ڇڏي. هوڏانهن اسلامي لشڪر
ڪافرن سان
]182[
جنبي ويو، ۽ کين ماريندا وڃي راوڙ جي قلعي وٽ
پهتا. هيڏانهن جيڪي برهمڻ پاڻيءَ ۾ لڪا هئا،
]تن
جڏهن ڏٺو[ ته جتي ڏاهر کي قتل ڪيو ويو هو، اها جاءِ خالي پيئي
آهي، سو پاڻيءَ مان ٻاهر
نڪري، ڏاهر کي
گپ هيٺان لڪائي ڇڏيائون.
]ايتري ۾[ سفيد هاٿي ڪافرن جي لشڪر ڏانهن منهن ڪيو، ۽
]هو
اهڙو ته پئي ڀڳا جو[ سندن ڪو نالو نشان ئي ڪونه رهيو.
ڳالهه ٿا ڪن ته قابل بن هاشم
ڏاهر لعنتي ۽ ڪافرن جي مارجڻ واري ڏينهن سورهن زخم
کاڌا ۽ حملو ڪندو ۽ هي
]رجز[
چوندو رهيو:
اَلاَ فـَـاصبـَـحـَـانـِـي قـَـبــــــلَ وَقعـَـة
دَاهـَـرِ
وَ قبل مـَـنـَـايا
قـَـــــد غـــــدَونَ بـَـواکـِـرِ
وَ قـَـبلَ غـَـدِ يـَـا لـَـهفَ نـَـفسـِـي عليٰ غـَـدِ
اِذا مـَـا غـَـدَا صـَـحبـِـي و لـَـــــستُ بـِـبـَـاکـِـرِ
]دوستو!
ڏاهر جي جنگ کان اڳ ڀري ڏيو مونکي جـام،
ڏيــو پيالو مـــــوت کـــان اڳ، جــــو ٿـــــو اڄ
ڏسجي تـيار،
دوســتــو ســڀ مــوجــود هــونـــدا مئي جي محفل ۾
سڀان،
پر ڪجو، نــــا ڀـــائــرو! مــــــــــــون لـــئـه
سڀاڻي، انتظار. [
چون ٿا ته جڏهن (ڏاهر) مئو تڏهن ڪافرن سندس بدن
تان هٿيار لاهڻ گهريا پر لاهي نه سگهيا، ۽ اتيئي
گپ هيٺ دفن ڪيائونس.
محمد بن قاسم جو پڙهو ڏيارڻ
پوءِ محمد بن قاسم نظر ڪئي ته حـُـبيـَـش بن اخي
عامـِـر بن عبدالقيس
]کي
ڏٺائين جو[ سندس سامهون بيٺو هو. چيائينس ته:
”اي
اخي عامر بن عبدالقيس جا پٽ! عامرين کي
پڙهو
]183[
ڏيئي چئو ته راجا ڏاهر غائب آهي، متان ڪنهن ڪنڊ
مان نڪري حملو ڪري، (تنهن ڪري) هوشيار رهجو.“
حبيش چيو ته:
”امير!
منهنجي دل شاهدي ٿي ڏيئي ته ڏاهر ڪسي ويو.“ محمد بن قاسم فڪر ۾ رهيو، ۽ هر هڪ کان ٿي پڇيائين ته:
”ڏاهر
جي ڪا خبر اٿيئي، جو هو گم آهي.“ نيٺ هڪ برهمڻ آيو ۽ امان گهري چيائين ته:
”اي
امير عادل! مون کي، منهنجن تابعدارن ۽ فرزندن کي
امان ڏي ته مان توکي ڏاهر ڏيکاريان، جو ڪـُـسي ويو
آهي.“
(انهيءَ تي) اعتماد جوڳا ساٿي ويا ۽ وڃي هن کي گپ
جي هيٺان ڪڍيائون: اڃا تائين منجهائنس عطر ۽ مشڪ
جي خوشبوءِ پئي آئي. سندس سسي لاهي، هٿيار بدن کان
ڌار ڪري، محمد بن قاسم وٽ آندائون. محمد بن قاسم
چيو ته:
”اهڙو
ڪو ماڻهو آهي جو هن کي سڃاڻي؟“ نيٺ سندس حڪم تي انهن ٻن ٻانهـِـينِ کي آندائون جيڪي پالڪيءَ ۾
ساڻس گڏ هيون، ۽ گرفتار ٿيون هيون. هنن سر سڃاتو،
(جنهن تي) انهيءَ برهمڻ جي وڏن، تابعدارن ۽
لاڳاپيدارن مان ٽي سؤ ماڻهو آزاد ڪيائين. محمد بن
قاسم ڏاهر جي سسي ڏسي خدا تعاليٰ عـَـزَاسمـة
جي تعريف ڪئي، ۽ شڪرانا بجا آڻڻ خاطر ٻه رڪعتون
نفل پڙهيائين. جنگ ۾ جيڪي ماڻهو گرفتار ٿيا هئا،
تن سڀنيءَ کي خونخوار ترار جو کاڄ بنائڻ جو حڪم
ڏنائين. باقي ڪاريگرن ۽ واپارين جي ٽولي کي امان
ڏيئي اصلوڪين جاين تي رهايائين.
(روايت:) عـَـمرَو بن مـُـعـِـيرَه ڪـِـلابـِـيءَ
کان روايت ڪن ٿا ته: جنهن وقت حـَـجاج جي سامهون
لشڪر ٺاهي
بيهاريو هئائون، تنهن وقت حجاج بن يوسف صفن اڳيان
اچي هر هڪ صف کي ڏڍ ڏيئي رهيو هو. ائين ڪندي اچي
عـَـمرَو بن خالد وٽ پهتو. چيائينس:
”اي عـَـمرَو! محمد بن قاسم ۽ (سندس) همراهن جي شاهديءَ سان
ٻڌاءِ ته تون ڪافرن سان ڪهڙو ڪم ڪندين؟“
(وڌيڪ) چيائينس:
”توکان
ڪو ٺيڪ ڪم به ٿيندو يانه“
؟]
184[ پوءِ راوي چيو ته:
”(عـَـمرَو)
جنهن ڏينهن ڏاهر سان سامهون ٿيو،(تنهن ڏينهن) محمد
بن قاسم کي شاهد ڪري، هاٿيءَ کي ڌڪ هنيائين، ۽
ڏاهر جو سر پڻ هن ئي ٻه اڌ ڪيو.“ هو (عـَـمرَو) جڏهن عراق موٽي ويو، ۽ ڏاهر جي سسي حجاج جي
خدمت ۾ پيش ڪيائين، تڏهن چيائين:
”امير
عادل شال باقي رهي! سندس حڪومت سدائين غالب رهي!
امير محمد بن قاسم کي مون تي گواهه ڪيو هـو“
(حجاج) چيو ته:
”ظاهر ڪر (ڏسان) ته تو ڇا ڪيو هوندو؟“ اتي عـَـمرَو هيءُ شعر چيو:
اَلخَيلُ
تَشهـَـــــدُ يـُــــــــومَ دَاهـَـــــرَ وَالقـَنـَـا
وَ مـُـحـَـمـَـدُ بنُ القـَـاسـِـــــمِ بـــنِ مـُـحـَـــمـَـد.
اِني فـَـرجَتُ الجَمعَ
غـــــــــــيـــرَ مـَــــــعــــَـرَدِ
حـَـتيٰ عـَـلـَـوتُ عـَـظـِـيــمـَــهـُـم
بِمـُـهــنـَــد.
فـَترَ کقـُـتہ
تـَـــــــحــــــتِ العـَـجَاج
مـُـجَدَ
لا
مـُتَعـَـفـِـرَ الـخَديــــــنِ
عـَـَّــــــيرَ مـُــوَسـَـد.
]شاهد
آ ابن قاسم، گــــهـــوڙا ۽ نـــيـــزا پڻ
ڏاهر جي جنگ ۾ مـــــــون ڏيکاري بهادري.
بيڌڙڪ ڪافرن کــــي ڪــيو هو مون ڇڙوڇڙ،
سرسي ڪري ڪپي
هئي مون راجا سندي سري.
مون ئي
دسي انهيءَ کـــــــــي هــــو ليٽايو ڌوڙ ۾،
ويئي
هئي منهن مٿي تي انهيءَ جي مٽي وري. [
ابو محمد هنديءَ کان روايت ٿا ڪن (جو هن چيو) ته،
ابو مسهر عابي
کان ٻڌم، جنهن هند وارن کان روايت ڪئي ته: جڏهن
ڏاهر جي قتل کان پوءِ ڏاهر جي زال لاڏي
گرفتار ٿي، تڏهن محمد بن قاسم انهن (جنگي قيدين)
مان لاڏيءَ کي خريد ڪرڻ گهريو. هن حقيقت جو خط
حجاج ڏانهن لکي کانئس اجازت گهريائين. حجاج هيءَ
حقيقت خليفي وليد جي خدمت ۾ عرض ڪري، لاڏيءَ جي
خريد ڪرڻ جي فرمان جي خواهش ڏيکاري. دارالخلافت
کان لاڏيءَ جي خريد ڪرڻ جو حڪم جاري ٿيو، جنهن کان
پوءِ محمد بن قاسم هن کي خريد ڪري پنهنجي زال
بنايو.
]185[
ڏاهر جي زال لاڏيءَ جي خبر ٻڌائڻ ته هوءَ ڪيئن گرفتار ٿي
ڳالهه ٿا ڪن ته: عـَـقـِـيل بن عـَـمرَو روايت ڪئي
ته: جڏهن لاڏي اُم ولد ٿي
تڏهن محمد بن قاسم کانئس پڇيو: تون ڪيئن ڏاهر جي
پوئلڳن سان گڏ گرفتار ٿينءَ؟ ۽ ڏاهر کان ڪهڙي سبب
ڌار ٿينءَ؟ لاڏيءَ جواب ڏنو ته: جڏهن اسلامي لشڪر
راجا ڏاهر جي سامهون ٿيو، تڏهن هن هر هڪ زال جي
مٿان سخت نگران ڇڏي چيو ته جيڪڏهن اسلامي لشڪر
غالب ٿئي ۽ ڪافر شڪست کائين ته هنن زالن کي ڪهي
ڇڏجو، متان مسلمانن جي هٿان گرفتار ٿين. پوءِ
انهيءَ (نگران) چوبدار، راڻيءَ لاڏيءَ ڏانهن ڏسي
پئي چيو ته
”تنهنجي
منهن جو بشرو اهڙو کليل آهي جو (معلوم ٿو ٿئي ته)
تنهنجي دل عرب جي بادشاهه ڏانهن مائل آهي، ۽ تون
ضرور انهيءَ جي راڻيءَ ٿيندينءَ.“
آخر جڏهن اسلام جي لشڪر حملو ڪيو ۽ مشرڪ ڀڄي ويا،
تڏهن هر هڪ نگران سندس حوالي ڪيل راڻيءَ کي
ڪـُــٺو.
]اهو حال ڏسي[
مون پاڻ کي اٺ تان هيٺ ڦٽو ڪيو، ۽ وڃي جنگ جي
]ميدان
جي[
وچ ۾ پيس. منهنجو نگران منهنجي ڪهڻ جو خيال ڇڏي
وٺي ڀڳو. پوءِ مسلمانن اچي مون کي گرفتار ڪيو ۽
امير محمد بن قاسم مون کي خريد ڪري پنهنجي نڪاح ۾
آندو.
(آسماني فتح ۽ ڪافرن جي مغلوب ٿيڻ جي خبر:) سنڌ جا
مشائخ خبرون ٿا ڪن ته، جڏهن آسماني مدد
۽
خدائي تائيد عربن جي حال جي موافق ٿي، ۽ ڪافر ڀڄي
ويا، تڏهن محمد بن قاسم انهيءَ احوال جي فتح جو خط
حجاج بن يوسف ڏانهن لکي موڪليو.
]186[
محمد بن قاسم جو حجاج ڏانهن ڏاهر جي ڪسڻ ۽ حڪومت تي قبضي ڪرڻ جو
فتحنامو لکڻ
”محمد
بن قاسم بي انداز خدمتن ۽ گهڻن سلامن کان پوءِ
عراق ۽ هند جي امير حجاج بن يوسف جي راءِ اڳيان
عرض ٿو ڪري ته: بادشاهه (الله) سـُـبحـَـانـَـة
وَ تـَـعـَـاليٰ وَتـَـقـَـدسـَـت اَسمـَـائـَــة
( جو پاڪ ۽ سر بلند آهي ۽ سندس نالا پاڪ آهن) پنهنجي عام فضل ۽
سڳوري لطف سان، ٻنهي طرفن کان دلير جنگي جوانن ۽
دلير بهادرن جي پاڻ کي آبدار ترارين تان قربان ڪرڻ
کان پوءِ،
اسلامي لشڪر ڪافرن کي، جنهن ۾ مست هاٿي ۽ هٿيارن ۾
ٻڏل ڪافر سوار هئا، شڪست کاڌل ۽ ذليل ڪيو. هنن جا
هاٿي، گهوڙا، سامان، ڪپڙا، ٻانها ۽ چوپايو مال
سمورا اسان جي قبضي ۾ آيا، جن جو پنجون حصو
دارالخلافت جي خزاني جي حوالي ڪيو ويو. الله
تعاليٰ جي ڪرم
مان اها اميد آهي ته جيئن هن ڪم جي ابتدا ٺيڪ ٿي
آهي، تيئن هند ۽ سنڌ جا سارا ملڪ اسان جي اقتدار ۽
حڪومت هيٺ ايندا ۽ حوالي ٿيندا. اِنشـاءا
للهُ العـَـزِيزُ.
ڏاهر جو سر عراق ڏانهن موڪلڻ
پوءِ
]محمد
بن قاسم[ ڏاهر جو سـِـرُ، صـَـارِم بن اَبـِـي صـَـارِم جي حوالي
ڪري،
]ساڻس
گڏ[ بني قيس قبيلي مان اَبوقـَـيس مقرر ڪيائين.
]تنهن
کان سواءِ[ ذَڪوان بن عـَـلوان البڪري، يزيد بن مـُـجالد
هـَـمداني، زياد بن الحـَـوارِي الـعـَـتـِـڪـِـي
۽ ٻيا پڻ هڪٻئي جا ساٿي بنائي روانا ڪيائين
]187[
(خط ۾) سندن ساراهه کولي بيان ڪيائين، ۽ چيائين
ته:
”هي
فتح هنن جي قوت، دٻدٻي، امداد ۽ همراهي سان ٿي
آهي.“
هند
]يعني
سنڌ[ جي جن رئيسن لڙائيءَ ۾ خوشي ڏيکاري هئي، تن جا سر پڻ
عراق موڪليا ويا، ۽ خط ۾ ناليوار داخل ڪيا ويا.
|