سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب؛ --

صفحو :43

 

مٿين مختصر سوانح مان ظاهر آهي ته حمران ڪتابت جي فن جو ڄاڻو ۽ ڪاتب هو. حجاج جڏهن وائسراءِ ٿيو (سن 75 هه) تڏهن جيئرو هو. سندس وفات بابت ڪا پڪي تاريخي ثابتي موجود ڪانهي. البت ابن حجر لکي ٿو ته: هن 70 هجري بعد بصره ۾ وفات ڪئي. ڪي چون ٿا ته سن 71هجري ۾، ڪي چون ٿا ته 75 هجري ۾ ۽ ڪي چون ٿا ته  76 هجري ۾ (اصابه، جلد 1 ص 380). ابن حجر ڪافي بعد  جو مصنف آهي ۽ سندس هن بيان مان ظاهر آهي ته کيس به پوري پڪ ڪانهي ۽ کيس  مليل روايتون محض گماني آهن. انهيءَ جي برعڪس، فتحنامي ۾ محفوظ ٿيل خود حـمران جو لکيل خط وڌيڪ معتبر آهي ۽ ان جي بنياد تي ڪافي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هو 93 هجري تائين جيئرو هو ۽ ان وقت هو حجاج جي ڪاتبن (مکيه سيڪريٽرين) مان هڪ هو. جيئن ته خالد بن وليد عين التمر سن 13 هه ۾ فتح ڪيو ۽ ان وقت حمران ٻارڙو هو، يعني تقريباً ستن اٺن  ورهين جو هو، ته انهيءَ حساب سان سن 93 هجري ۾ سندس عمر تقريباً 87 يا 88 ورهيه هوندي، جا بلڪل قياس ويجهو آهي. (ن-ب)

168/ ]147[ جهيم ۽ ڪرهل جي پرڳڻن- الخ: جهيم جو پرڳڻو غالباً انهيءَ ساڳي ايراضيءَ تي مشتمل هو جنهن جو مرڪز جهم پير جي زيارتگاهه آهي. جهم پير معنيٰ جهم جي ايراضيءَ جو پير. جهم جي معنيٰ هيٺاهين نشيب واري زمين، جا موجوده جهمپير کان اتر طرفان شروع ٿئي ٿي ۽ ويندي هيٺ ڏکڻ طرف هلي وڃي ٿي جن ۾ سونهري ۽ ڪينجهر جون ڍنڍون به اچي وڃن ٿيون. انهيءَ نمندي يا جهم يا نشيب واري ماٿري جو ڏاکڻيون دنگ تقريباً ڪينجهر ڍنڍ جو ڏاکڻيون ڇيڙو سمجهڻ گهرجي جو ٺٽي کان تقريباً 19- 20 ميل اتر طرف آهي.

ڪرهل يا گرهل يا گوهر (ننڍو ۽ وڏو) ٺٽي جي پسگردائي ۾ هو، جيئن ته ڪتاب بيان العارفين ۾ ڄاڻايل آهي. اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ گوهر ٺٽي جي پرڳڻي ۾ داخل هو. ڏسو آئين اڪبري طبع بلاخمن، ص 757 (ع.م). اميرن جي ڏينهن تائين ٺٽي جي اتر- اوڀر واري ايراضي کي گرڙ سڏيندا هئا، جنهن ۾ خان سومرو هڪ طاقت وارو سردار هوندو هو ۽ بعضي اميرن جي به ڪاڻ نه ڪڍندو هو. ظاهر آهي ته گرڙ يا گرهر يا گرهل يا فتحنامي وارو قديم ڪرهل وارو پرڳڻو، جهيم پرڳڻي جي لڳو لڳ ڏکڻ طرف هو ۽ ممڪن آهي ته ان جي ڏاکڻي سرحد موجوده ٺٽي شهر کان به ڪافي ڏکڻ طرف تائين پکڙيل هجي. (ن-ب)

171/ ]150[ پوءِ حجاج جي حڪم سان پڃيل ڪپهه آڻي، سرڪي ۾ ٻوڙي خشڪ ڪندا ويا: مؤرخ بلاذري پڻ هن حقيقت جي تائيد ڪئي آهي- و عمد الحجاج الي القطن المحلوج فنقع في الخل الخمر الحاذق ثم جفف في الظل (فتوح البلدان  ص 436)- يعني ته حجاج جي تجويز موجب ڪپهه کي سرڪي ۾ آلو ڪري پوءِ ڇانو ۾ سڪايو ويو. (ن-ب)

171/ ]151[ هن داستان جي مصنف خواجه امام ابراهيم روايت ڪئي آهي: خواجه امام ابراهيم مان مراد غالباً امام ابراهيم بن عبدالله بن الحسن بن علي بن ابي طالب آهي، جو قتيل با خمرا جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. سن 145 هه ۾ امام ابراهيم ۽ سندس ڀاءُ امام محمد کليو کلايو خليفي منصور عباسي جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ ٻئي بالاخر شهيد ٿيا.

امام ابراهيم کان هن تاريخي روايت لاءِ ٻه اهم ثبوت آهن: (1) امام ابراهيم هڪ وڏو عالم هو ۽ ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي شعبن ۾ مهارت هئس. عمدة الطالب في انساب آل ابي طالب جي مصنف لکيو آهي ته: امام ابراهيم گهڻن ئي علمي شعبن جو وڏو ڄاڻو هو (کان ابراهيم من کبارالعماء ِّ في فنون کثيرة- ص 85). وڌيڪ لکي ٿو ته جڏهن امام ابراهيم، خليفي منصور عباسي جي خوف کان خفيه زندگي گذاري رهيو هو، تڏهن بصره جي عالم مفضل بن محمد الضبي وٽ اچي رهيو ۽ کانئس قديم عربي شعر جا ڪتاب مطالعي لاءِ ورتائين ۽ انهن ڪتابن ۾ اسي (80) چونڊ قصيدن تي پنهنجا نشان لڳايائين. سندس شهادت بعد مفصل اهي قصيدا المفضليات جي نالي  سان شايع ڪيا (ا- هه).

عربي ادب جي مشهور محقق علامه عبدالعزيز الميمني سابق پروفيسر ۽ صدر شعبه عربي مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه، 144 ۾ آل انڊيا اورينٽل ڪانفرنس (بنارس) ۾ پنهنجي هڪ تحقيقي مقالي ۾ مضبوط دليلن جي بنياد تي مٿئين نظريي جي تائيد ڪئي هئي ته عربي شعر جو مشهور مجموعو المفضليات غالباً  امام ابراهيم جي حسن انتخاب جو نتيجو آهي. هن مان ثابت ٿيو ته امام ابراهيم هڪ وڏو اديب هو. مگر ادب کان سواءِ هو ٻين علمي شعبن ۾ به ماهر هو، جيئن ته عمدة الطالب في انساب آل ابي طالب جي مصنف لکيو آهي. انهيءَ ڪري ڪافي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته غالباً  کيس تاريخ ۾ به ڪافي مهارت هئي. (2) سندس طرفان سنڌ جي هن تاريخي روايت جو ٻيو اهم ثبوت هيءُ آهي ته امام ابراهيم خود سنڌ ۾ ڪجهه وقت لاءِ آيو هو. جڏهن خليفي منصور عباسي، ابراهيم ۽ محمد جي والد عبدالله کي گرفتار ڪيو. تڏهن هي ٻئي ڀاءُ خوف کان عدن ڏانهن هليا آيا ۽ اتان ٻيڙين ذريعي سنڌ ۾ آيا. مگر ڪنهن جاسوس وڃي (منصور طرفان) سنڌ جي گورنر عمر بن حفص کي سندن خبر ڏني، جنهن ڪري هو وري اتان نڪتا ۽ ڪوفه ۾ آيا (ڏسو طبري 3x282 ۽ ابن خلدون 3x188). غالباً سنڌ ۾ انهيءَ مختصر قيام جي دوران ۾ ئي امام ابراهيم، سنڌ جي مشهور فاتح محمد بن قاسم جي تاريخي فتحن جي تحقيق ڪئي ۽ ڪافي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هيءَ روايت سندس تحقيق جو نتيجو آهي. (ن-ب)

175/ ]155[ اگهم جي رستي تي مقرر ڪيائين: يعني اهو رستو جنهن تي اگهم جو شهر واقع هو. اگهم مان مراد غالباً اگهم ڪوٽ آهي جنهن بابت مير علي شير قانع لکي ٿو ته: ان تي اهو نالو اگهم لوهاڻي جي پويان پيو (تحفة الڪرام 3x162). غالباً آڳاٽي زماني ۾ اها ايراضي لوهاڻي پرڳڻي ۾ داخل هئي، جنهن جي گادي جو هنڌ برهمڻ آباد هو. اگهم، راءُ گهراڻي جي ڏينهن ۾ لوهاڻي جي پرڳڻي جو حاڪم هو جنهن چچ جي مخالفت ڪئي (ڏسو فتحنامو ص 83- 81). تحفة الڪرام جي مصنف جي اها راءِ قياس ويجهو آهي ته هن اگهم ئي اهو اگهم ڪوٽ جو شهر ٻڌايو. مير علي شير اگهم ڪوٽ ۾ مدفون اوليائن مان مخدوم اسماعيل سومري وغيره جو ذڪر ڪيو آهي جنهن مان ظاهر آهي ته اگهم ڪوٽ مان سندس مراد اها قديم بستي آهي جنهن کي هينئر اگهاماڻو سڏجي ٿو، جو حيدرآباد کان تقريباً 25- 30 ميل کن ڏکڻ- اوڀر طرف مهراڻ جي هڪ قديم مجريٰ يا ڍوري تي واقع آهي. غالباً اهو ڍورو ساڳيو اهو آهي جو قديم برهمڻ آباد واري ايراضيءَ مان وهندڙ هو جتي (شهدادپور ۽ ٽنڊو آدم کــان اوڀر طرفان) اڄ تائين ان کي لوهاڻو دريا چون ٿا، يعني ته قديم لوهاڻي پرڳڻي مان وهندڙ دريا ِّ. غالباً قديم برهمڻ آباد کان وٺي اگهم ڪوٽ تائين، ان وقت جي مهراڻ درياءَ جي ماٿري لوهاڻي پرڳڻي ۾ داخل هئي جنهن تي اگهم جي حڪومت هئي. (ن-ب)

180/ ]161[ پوءِ محمد علافي هن (ڏاهر) کان جدا ٿي بيلمان جي حڪومت ڏانهن هليو ويو: هيءَ روايت، محمد علافي بابت اڳتي ايندڙ بيانن جي خلاف آهي. هن روايت موجب محمد علافي ڏاهر کي ڇڏي هليو ويو ۽ بيلمان جي حڪومت ۾ وڃي رهيو، تان جو ڏاهر جنگ ۾ مارجي ويو. مگر اڳتي ايندڙ بيانن مان ظاهر آهي ته محمد علافي ڏاهر ۽ سندس پٽ سان ويندي سندن آخري شڪست تائين شامل رهيو. مثلاً جڏهن ڏاهر پنهنجي پٽ جيسينه کي پهرين محمد بن قاسم جي مقابلي لاءِ موڪليو ته محمد علافي به خاص صلاحڪار طور ساڻس گڏ ويو ۽ ان وقت ڏاهر کي جنگ جي حرفت بابت پڻ پنهنجي راءِ کان واقف ڪيائين (ص 189-188). ڏاهر جي مارجڻ بعد پڻ هو سندس پٽ جيسينه جو حامي ۽ صلاحڪار ٿي رهيو (ص 209-208). البت جڏهن جيسينه نااميد ٿي برهمڻ آباد جي قلعي مان به ڪوچ ڪيو ۽ سنڌ کي ڇڏي وڃي چترور جي ملڪ ۾ پناهگير ٿيو، تڏهن محمد علافي کانئس هميشه لاءِ موڪلائي پنهنجي راهه اختيار ڪئي ( ص 216)، ڇاڪاڻ ته هاڻي جيسينه جي حيثيت هڪ پناهگير جي هئي ۽ منجهس مقابلي جي طاقت ڪانه رهي هئي. محمد علافي کانئس جدا ٿي پهرين طاڪيه (يعني تڪاديش جو ملتان جي اتر ۾ هو) ۾ آيو ۽ اتان بالاخر ڪشمير جي راجا وٽ ويو، جنهن سندس وڏي مرحبا ڪئي ۽ کيس جاگيرون ڏنائين، جتي هو هميشه لاءِ وڃي مقيم ٿيو (ص 217-216).

181/ ]161[ پوءِ محمد بن قاسم هن (محمد علافي) کي امان ڏيئي، کيس ملڪ جي وزارت جو پروانو لکي ڏنو- الخ: هتي لفظ پوءِ“ جو مطلب اهو نه آهي ته محمد علافي جي ڏاهر يا جيسينه وٽان ڇڏي وڃڻ کان يڪدم پوءِ“. لفظ پوءِ“ صرف واقعن جو تسلسل ڏيکاري ٿو ۽ نه وقت جي قرابت، ۽ مطلب آهي ته ان بعد، يعني ته محمد علافي جڏهن ڏاهر ۽ سندس پٽ جي حمايت کان بالاخر هٿ ڌوئي جدا ٿيو ۽ وڃي پنهنجي مٿي کٿي ٿيو، ان بعد ڪنهن موقعي تي محمد بن قاسم وٽ اچي پيش پيو ۽ هن کيس امان ڏني. محمد علافي غالباً محمد بن قاسم اڳيان ملتان جي فتح کان پوءِ پيش پيو هوندو، ڇاڪاڻ ته محمد علافي جو قيام شاڪلهار ديهه ۾ هو، جتي کيس ڪشمير جي راجا طرفان پڪي جاگير مليل هئي (فتحنامو ص 217) ۽ اهو شاڪلهار، ملتان ۽ تاڪيه (تڪاديش) جي اترئين سرحد تي ڪشمير جي سرحد لڳ هو (فتحنامو ص 97).

محمد بن قاسم جو محمد علافي کي امان ڏيڻ البت غور طلب آهي. محمد ۽ سندس ڀاءُ معاويه درحقيقت باغي هئا، جن مڪران جي گورنر سعيد بن اسلم ڪلابي کي قتل ڪيو هو. سندس سزا واسطي خود حجاج سن 85 هجري ڌاري مجاعہ بن سعر نالي گورنر کي مڪران ڏانهن روانو ڪيو هو، پر ان جي اچڻ کان اڳ علافي ڀڄي اچي سنڌ جي راجا ڏاهر سان ڀيڙا ٿيا هئا. ڏسو مٿي ص 324-323، نوٽ 103/ ]170[. انهيءَ حالت ۾ حجاج جهڙي سرڪش وائسراءِ طرفان هينئر محمد علافي لاءِ امان جي ڪابه اميد ڪانه هئي. پر ڀانئجي ٿو ته شايد هن فيصلي ۾ محمد بن قاسم جي راءِ ۽ سفارش کي وڏو دخل هو. محمد علافي کي محمد بن قاسم امان شايد  انهيءَ ڪري ڏني، جو هڪ ته هن ڏاهر طرفان اسلامي لشڪر جي خلاف ترار ڪانه کنئي ۽ ڏاهر کي صاف طور  ٻڌايائين ته اسان مسلمان آهيون ۽ اسلام جي لشڪر جي سامهون جنگ نه ڪنداسون ۽ نه ترار کڻنداسون (ص 181)، ٻيو وڏو  سبب غالباً هيءُ هو جو محمد علافي، ڏاهر جي پٽ جيسينه کان بالاخر جدا ٿي پنهنجي هوشياري ۽ قابليت سان ڪشمير جي راجا وٽ وڏو درجو حاصل ڪيو هو. سندس اها ئي وڏي لياقت هئي جنهن غالباً محمد بن قاسم کي متاثر ڪيو ۽ پيش پوڻ بعد هن کيس امان ڏيئي پنهنجي طرفان سفير مقرر ڪيو. زير بحث صفحي تي اڳتي ڏنل عبارت مان ظاهر آهي ته محمد علافي هڪ ڪامياب سياسي سفير ثابت ٿيو. (ن-ب)

181/ ]162[ ڪيرج جو راجا سربند، (۽) ڪنبه يا ڪشه جو مالڪ کوڪو پٽ موڪو: فتحنامي خواه مؤرخ بلاذري جي بيانن موجب ڪيرج جو راجا دوهر يا دروهر هو، ۽ ڪڇ جو راجا راسل هو (ڏسو مٿي نوٽ ص 318). انهيءَ صورت ۾ هيءُ سربند شايد ڪيرج جي حڪمران خاندان جوڪو فرد هو يا ان حڪومت جو ڪو ننڍو راجواڙو هو، ۽ ساڳيءَ طرح، جيڪڏهن ڪشه مان مراد ڪڇ آهي ته، کوڪو به شايد اتي جي حڪمران گهراڻي جوڪو فرد هو يا ان حڪومت جو ڪو ننڍو راجا. (ن-ب)

183/ ]164[ محمد بن ابي الحسن مدني کان روايت ڪئي اٿن: راوي جو نالو پنجن قلمي نسخن موجب محمد بن ابي الحسن مدني ۽ ٻن نسخن موجب محمد بن الحسن مدني طور ڏنل آهي. مٿي ص 182/ ]162[ تي ٻي هڪ روايت جملي نسخن جي متفق پڙهڻي موجب محمد بن حسن جي نالي منسوب آهي. ٿي سگهي ٿو ته انهن ٻنهي روايتن جو راوي محمد بن حسن مدني نالي ڪو شخص هجي. مگر گمان غالب آهي ته هنن ٻنهي جاين تي اصل صحيح نالو علي بن محمد ابوالحسن المدائني هو جنهن جي شروع واري حصي علي بن جي ڊهي وڃڻ بعد، محمد ابوالحسن المدائني واري فقري ۾ ابو کي بن بنايو ويو ۽ المدائني کي مدني. مقدمي ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته فتحنامي جو وڏو حصو ابوالحسن علي بن محمد المدائني جي تصنيف آهي ۽ اڪثر روايتون ان جون ئي جمع ڪيل آهن، ۽ انهيءَ لحاظ سان هيءُ ٻه روايتون به غالباً ان وٽان ئي آهن. (ن-ب)

186/ ]167[ وزير سياڪر: مٿي ص 161 تي، هن صفحي تي ۽ پڻ هن کان اڳتي آيل بيانن مان ظاهر آهي ته وزير سياڪر، ڏاهر جو خاص صلاحڪار هو. هن نالي متعلق هوڙي والا جي تحقيق هيٺين طرح آهي: اصل سنسڪرت نالو شايد شـِـڪشاڪـَـر هجي، بمعنيٰ استاد يا رهبر. پڻ هي نالو يـَـشـَـسڪـُـرَ ٿي سگهي ٿو جو ٻين شخصن جي علاوه هڪ برهمڻ جو نالو هو، جو سن 939ع ۾ ڪشمير جو راجا ٿيو ۽ 948ع ڌاري مئو (هوڙي والا، ص 90).

191/ ]174[ باقي ٻيا سوار ۽ هاٿي، جاهين جي هٿ هيٺ، اسلامي لشڪر جي سامهون روانا ڪيائين: هيءُ ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي وچ ۾ چوٿين ڏينهن واري جنگ جو بيان آهي. مگر مٿي ص 243 تي ڄاڻايل آهي ته جاهين ٽئين ڏينهن واري جنگ ۾ مارجي ويو. انهيءَ ڪري يا ته هن نالي ۾ غلطي آهي، يا ته هي ڪو ٻيو آهي. (ن-ب)

192/ ]174[ زياد بن جـَـلنديٰ ازدي: اصل متن ۾ زياد بن جليندي ازدي هو ۽ اسان جليدي جي تصحيح جلنديٰ کي مناسب سمجهي متن ۾ رکيو. مگر جليدي، الحواري جي بگڙيل صورتخطي به ٿي سگهي ٿو ۽ انهيءَ لحاظ سان نالي کي زياد بن الحواري ازدي به پڙهي سگهجي ٿو. غالباً هيءَ اهو ساڳيو شخص زياد بن الحواري العتڪي آهي جنهن جو ذڪر هيٺ ص 202/ ]187[ تي اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته العتڪي نسبت آهي، بنو العـَـتـِـيڪ بن الازد ڏانهن ۽ انهيءَ ڪري عتڪي نسبت واري شخص کي ازدي به چئي سگهجي ٿو. پر جيئن ته اسان هيٺ ص 202/ ]187[ جي نوٽ ۾ واضح ڪيو آهي، هيءُ شخص زياد نه بلڪ سندس پٽ الحواري بن زياد هئڻ گهرجي. (ن-ب)

192/ ]174[ خريم بن عروه مدني: جيئن ته جملي قلمي نسخن مطابق هن جاءِ تي انهيءَ نالي جي اها پڙهڻي آهي، انهيءَ ڪري متن ۾ به ان کي انهيءَ ساڳيءَ طرح رکيو ويو آهي، مگر صحيح نالو يقيني طور خريم بن عمرو مدني سمجهڻ گهرجي. خريم جو ذڪر فتحنامي ۾ ڪيترين ئي جاين تي آيو آهي. ص 127/ ]98[،130/ ]103[ ۽ 134/ ]107 [تي صرف خريم جي نالي سان ذڪر ٿيل آهي: ص 130/ ]202[،207/ ]192[،232/ ]220[ ۽ 252/ ]240[ تي پيءُ جي نالي سميت خريم بن عمرو طور آيل آهي: ص 196/ ]280[ تي جملي قلمي نسخن مطابق سڄو نالو نسبت سميت صاف طور خريم بن عمرو مدني ڏنل آهي ۽ ص 216/ ]202[ تي نسبت ۾ ٿوري تحريف آهي مگر ظاهراً اهو نالو خريم بن عمرو مدني آهي. انهيءَ ڪري هن زير بحث نالي ۾ عروه يقيني طور عمرو جي تحريف آهي ۽ صحيح نالو خريم بن عمرو مدني سمجهڻ گهرجي. ص 233/ ]220[ تي ڏنل نالي جنيد بن عمرو ۾ به غالباً جنيد، خريم جي تحريف آهي ۽ اتي به صحيح نالو خريم بن عمرو سمجهڻ گهرجي. (ن-ب)

194/ ]178[ تميم بن زيد قيني: هن صفحي تي، توڙي صفحن 196/ ]180[ ۽ 226/ ]214[ تي، اصل فارسي متن ۾ هن نالي جي نسبت قيسي ڄاڻايل آهي، مگر يقين سان چئي سگهجي ٿو ته صحيح نسبت قيني آهي، جا قضاعه جي قبيلي بلـقين يا اَلفين بن جـَـسر ڏانهن منسوب آهي (ڏسو نقائض جرير و فرزدق، ص 130، 675). نسبت القيني جي صورتخطي، العتبي ۽ القتبي نسبتن جي صورتخطي سان ايترو ته ملي ٿو جو انهن ۾ اشتباه جي ڪافي گنجائش آهي، ۽ انهيءَ ڪري حافظ عبدالغني پنهنجي ڪتاب مشتبه النسبت (ص46) ۾ هن اشتباه ڏانهن خاص طرح اشارو ڪيو آهي. هن مصنف جو اهو اشارو بلڪل وزندار آهي، ڇاڪاڻ ته مؤرخ بلاذري جي ڪتاب فتوح البلدان جي يورپ واري ڇاپي (ص 443) توڙي ياقوت جي ڪتاب معجم البلدان جي يورپ واري ڇاپي (380/11) ۾ تميم بن زيد جي نسبت بلڪل هن اشتباه سبب العتبي ڪري لکي وئي آهي. مگر هيءَ نسبت اڃا به ٻين اشتباهن جو مرتڪب ٿي آهي، جيئن ته فتحنامي توڙي مجعم البلدان جي هڪ قلمي نسخي (حاشيو 380/ 11) مطابق ان کي القيسي ڪري لکيو ويو آهي، ۽ تاريخ ابن خلدون (3x66-67) ۾ الضبي. مگر تميم بن زيد جي صحيح نسبت القيني آهي ۽ متعدد ڪتابن ۾ اها بالڪل انهيءَ طرح صحيح طور ڏنل آهي ]ڏسو ديوان فرزدق، طبع ساوي، ص 191: نقائض جرير و فرزدق، ص 380-381 قلمي نسخي L، نمبر 3758 متحف برطانيه: ذيل آمالي (لا بي علي القالي) ص 77: الڪامل للمبرد، يورپ ڇاپو، 1x280: اللسان، 1x327: ۽ ابن الاثير، 4 x383[.

فتحنامي جي ص 226/ ]214[ مان ظاهر آهي ته تميم بن زيد، محمد بن قاسم جي فوج ۾ هڪ خاص لياقت وارو ماڻهو هو ۽ شهر برهمڻ آباد جي برهمڻن کيس وچ ۾ آڻي محمد بن قاسم سان معاهدو ڪيو. تميم بن زيد جي انهيءَ لياقت ۽ محمد بن قاسم سان سنڌ جي فتحن ۾ سندس شموليت ۽ تجربي سبب ئي کيس تقريباً 18-19 سال پوءِ سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو (فتوح البلدان، ص 443) ۽ هو تقريباً ٻه سال 109-111 هه انهيءَ عهدي تي فائز رهيو.(ن-ب)

198/ ]182 [ڏاهر هاٿيءَ تان لهي هڪ عرب سان مقابلو ڪيو: هن حقيقت جي تصديق مؤرخ بلاذري جي روايت مان به ٿئي ٿي- وَترجل داهر و قاتل فقتل (فتوح البلدان ص 438)- يعني ته ڏاهر پيدل ٿي لڙائي ڪئي ۽ پوءِ قتل ٿيو. (ن-ب)

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org