اڳتي هن صفحي 95 تي ڄاڻايل آهي ته هن علافي شخص،
عبدالرحمان بن اَشعت کي .....
قتل ڪيو هو. اهو غلط آهي. علافين درحقيقت خليفي
عبدالملڪ جي ڏينهن ۾ مڪران جي گورنر سعيد بن اَسلم
ڪلابي کي قتل ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته هن سندن هم وطن ۽
هم قوم سفهوي بن لام الحمامي نالي هڪ شخص کي
مارايو هو- ڏسو هيٺ فتحنامو ص
]85
– 86[.
فتحنامي ۾، سعيد خلاف هن سازش ۾ جن علافين حصو
ورتو، تن ۾ محمد بن حارث علافي جو نالو ڄاڻايل
ڪونهي. ڏسو ص]
86[.
مگر مؤرخ بلاذري، معاويي ۽ محمد بن حارث علافي
ٻنهيءَ کي هن سازش جا اڳواڻ ڪري لکيو آهي (فتوح
البلدان، ص 435). علافين سعيد کي قتل ڪري مڪران تي
قبضو ڄمايو - ڏسو فتحنامو ص
]86[، تان جو سن 85 هجري ڌاري حجاج، مجاعت بن سعر کي مڪران
طرف روانو ڪيو جنهن جي اتي پهچڻ کان اڳ علافي ڀڄي
وڃي سنڌ جي راجا ڏاهر سان ڀيڙا ٿيا- فتحنامو ص
]88[.
انهيءَ لحاظ سان رمل جي راجا خلاف محمد علافي جي
ڪارروائي سن 85 هجري بعد سمجهڻ گهرجي. (ن-ب)
104/
]71[ هند ۽ سنڌ جي شهرن تي اسلام جي لشڪر جي پهرين لڙائي
رسول صلعم جي هجرت کان 15 ورهيه پوءِ اميرالمؤمنين
حضرت عمر رضه جي خلافت ۾ واقع ٿي: اهو صحيح آهي ۽
مؤرخ بلاذري پڻ مدائني جي سند سان اسلام جي هن
اوائلي حملي جي خبر نقل ڪئي آهي ته: حضرت عمر، سن
15 هجري ۾ عمان بن ابي العاص الثقفي کي بحرين ۽
عمان جو گورنر مقرر ڪيو، جنهن پنهنجي ڀاءُ الحڪم
کي تانه (ٿاڻه، بمبئي طرف) ۽ بروص (ڀروچ، گجرات)
تي حملي لاءِ موڪليو ۽ پنهنجي ٻئي ڀاءُ مغيره کي
ديبل ڏانهن روانو ڪيو- (فقوِح البلدان، ص 32-
431). البت هيٺ فتحنامي جي ص 105 تي هن روايت جو
پهريون حصو صحيح نه آهي ته مغيره ڪو ديبل ۾ لڙندي
شهيد ٿيو. بلاذري صاف طور لکيو آهي ته هن دشمن جو
مقابلو ڪيو ۽ فتح حاصل ڪيائين (فتوح، ص 442). ٻين
تاريخي حوالن مان به ثابت آهي ته مغيره پوءِ زندهه
هو. هن حملي جي مڪمل تفصلي لاءِ ڏسو اسان جو مضمون”هندستان
تي اوائلي عرب حملن جو سن تاريخ“، مطبوع
”اسلامڪ
ڪلچر“
مخزن، جولاءِ 1946ع، حيدرآباد دکن.
(ن - ب)
106/
]73[ اميرالمؤمنين عثمان بن عفان رضي الله عنه هند ۽ سنڌ جي
لڙائيءَ تي لشڪر موڪلڻ گهريو: حضرت عثمان جي هن
ارادي لاءِ هڪ خاص سبب هو. فتحنامي ۾ هن واقعي کان
اڳ واري هڪ لڙائيءَ جا حضرت عمر جي خلافت ۾ اسلام
۽ سنڌ جي لشڪر جي وچ ۾ لڳي، تنهن جو ذڪر ڪونهي.
مگر، بقول طبري (1x
2707) اسلام جو لشڪر حڪم بن عمرو التغلبي جي سپهه
سالاري هيٺ مڪران ۾ (ايران جي ساساني حڪومت جي
گورنر جي فوج سان مقابلي ۾) هو، جو سنڌ جي لشڪر
اوچتو نهر ٽپي اچي اسلام جي لشڪر تي حملو ڪيو.
غالباً
سنڌ جي راجا طرفان هن
”جنگ
نهر“
واري ڪيل اڳرائيءَ جي ڪري ئي حضرت عثمان رضي الله
عنه سنڌ تي لشڪر ڪشيءَ جو ارادو ڪيو. (ن - ب)
106/
]73[ لشڪر قندابيل
۽
مڪران ۾ هو: فقط فتحنامي جو هيءُ حوالو ئي آهي جو
انهيءَ وقت شهر قندابيل ۾ اسلام جي لشڪر جي
موجودگي ڏيکاري ٿو. ٻئي ڪنهن به تاريخ ۾ هن جو
ذڪر ڪونهي. غالباً هيءُ لشڪر عبدالله بن عامر وارو هو (ڏسو - بلاذري، فتح
سحبستان)، يا حـضرت عمر جي عهد ۾ ايران تي اسلامي
لشڪر جي وسيع حملي (الانسياح يا
general
Invasion)
واري فوج جو ڪو حصو هو. (ن - ب)
104/
]74[ شعر- وَاَهلـَـکـَـنـِـي لکم في کل يوم: ابوزيد، ڪتاب
النوادر (طبع بيروت ص 161) ۾ هي ٻه بيت، جاهلي
شاعر علي بن طفيل السعدي ڏانهن منسوب ڪيا آهن. وري
لسان العرب (جلد ب ص 254) جي مصنف اهي عامر بن
الطفيل السعدي ڏانهن منسوب ڪيا آهن. تاج العروس
(جلد 12 ص 116) ۾ صرف ٻيو بيت شاعر جي نالي بغير
ڏنل آهي- (بشڪريه استاد عبدالعزيز الميمني). سر
چارلس لايال هي ٻه بيت عامر بن طفيل جي ديوان (ص
158) ۾ درج ڪيا آهن، جتان درست ڪري هت ڏنا ويا
آهن. اهي ٻئي هـِـجوَ ۽ ڪوار جا پيا لڳن ۽ تعجب
آهي جو انهن کي مدح سمجهيو ويو آهي. (ع. م)
106/
]74[ حضرت علي رضي الله عنه جي تعريف ۾ شعر چيائين: يعني
حڪيم بن جبلت هي شعر چيو. حڪيم، بنو الديل جي
قبيله مان هو ۽ انهيءَ لحاظ سان سندس سڄو نالو
حڪيم بن جبلت بن حـصين بن اَسود بن ڪعب بن عامر
بن الحارث بن الديل (جمهزت ابن حزم - جلد 2) آهي.
سندس سوانح ابن خلڪان (وفيات 844) ۽ ابن حجر
(اصابه 1
x
779) تفصيل سان درج ڪئي آهي. حڪيم انهن چئن
ڪمانڊرن مان هڪ هو جن حـضرت عثمان رضي الله عنـہ
جي شهادت ۾ حـصو ورتو (العقد الفريد 2x266-
269). حڪيم حـضرت علي رضي الله عنـہ
جي طرفداري ۾ هو خارجين سان بصره جي ويجهو
”زابوقہ“
واري جنگ ۾، جا
”نهروان“
واري لڙائيءَ کان اڳ لڳي، مارجي ويو. (رسالت
للجاحظ في بني اميه، ملحـقة في آخر کتاب
”النزاع
والتخاصم“
للمقريزي، طبع مصر، ص 193). حـضرت علي رضي الله عنہ
جي منقبت ۾ سندس ارجوزه جو هيٺيون مصراعون
”العقد الفريد“
: 2x
65 ۾ ملن ٿيون:
دَعا حـُـکـَـيم دَعوَة
سـَـمـِـيعـَـہ
- نـَـالَ
بِهـَـا
الـمـَـنزِلـَـةَ
الرفـِـيمـَہ.
(ن - ب)
107/
]75[ حڪيم بن جبلہ
جو قول- ماءُ ها وشل- الخ: بلاذري پڻ اها رپورٽ
حڪيم ڏانهن منسوب ڪئي آهي (فتوح البلدان، ص 422)،
غالباً
اهو صحيح آهي. ياقوت پڻ
”معجم
البلدان“
(4x
613) ۾ ساڳي اها روايت نقل ڪئي آهي. البت طبري (1
x
2707) اهي لفظ صحار العبدي ڏانهن منسوب ڪيا آهن،
جو مڪران جي ڪمانڊر حڪم بن عمرو و التغلبي طرفان
خمس ۽ غنائم کڻي قاصد طور حضرت عمر ڏانهن ويو هو
(طبري 1x2707).
مگر غالباً
اهو صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ ته ان وقت صحار العبدي
خود، بقول طبري، ٻئي هڪ ڪمانڊر احنف بن قيس سان گڏ
هو، جنهن کيس ان وقت هرات ۾ پنهنجو نائب مقرر ڪيو
(ڏسو طبري 1x2682).
ابن قتيبہ
پڻ
”عيون
الاخبار“
(1x
199) ۾ اها رپورٽ ڪنهن شخص طرفان حضرت عمر جي آڏو
ڪري ڄاڻائي آهي، مگر ان شخص جو نالو ڪونه ڏنو اٿس.
”الاخبار الطوال“
(طبع يورپ، ص 326) ۽
”محاضرات
راغب اصفهاني“
(طبع مصر، 2x
264) ۾ اهي لفظ، ابن القريه ڏانهن منسوب ٿيل آهن.
ٻئي طرف تقي الدين حموي جي
”ثمرات
الاوراق“
(2x
61)، ابن حامد ڪرماني جي تاريخ ڪرمان،
”عقدالعلي
للموقف الاعلي“
(طبع طهران، ص 64)، توڙي
”تاريخ
گزيده“
(ص 270 نالي جي غلطيءَ سان ) ۾ اهي لفظ غضبان بن
القبعشري نالي شخص ڏانهن منسوب آهن جي هن حجاج کي
ٻڌايا. (ن - ب)
107/
]76[ عبدالله کي سنڌ ڏانهن لشڪر موڪلڻ کان منع ڪري ڪوبه
ماڻهو نه موڪليائون: مؤرخ بلاذري پڻ هن ڳالهه جي
تائيد ڪري ٿو ته حضرت عثمان حڪيم جي رپورٽ ٻڌڻ بعد
ڪنهن به سپهه سالار کي انهيءَ سرحد تي جنگ لاءِ
ڪونه موڪليو.
” فـَـلـَـم يـُـغزِها احـداَ“
(فتوح البلدان، ص 432). مگر مؤرخ طبري سن 29
هجريءَ جي واقعن هيٺ لکي ٿو ته: حضرت عثمان رضه
عبيدالله بن معمر التميمي کي مڪران ڏانهن موڪليو
جنهن اتي دشمن جي فوج جي پوري صفائي ڪئي ۽ وڌندو
وڃي
”نهر“ تي پهتو... ان بعد عبيدالله کي فارس ڏانهن بدلي ڪيو ويو ۽ سندس
جڳهه تي عمير بن عثمان بن سعد کي مقرر ڪيو ويو.
]ان
بعد غالباً
فارس ۾ عبيدالله جي شهيد ٿيڻ بعد عمير کي فارس ۾
مقرر ڪيو ويو ۽ ابن ڪندير القشيري کي سندس جاءِ تي
مڪران ۾ مقرر ڪيو ويو[. حضرت عثمان جي شهادت وقت عمير بن عثمان فارس جو ڪمانڊر
هو ۽ ابن ڪـِـندِير القـُـشيري مڪران جو ڪمانڊر هو
- ڏسو طبري 1x2829
- 2831: ابن الاثير 3x48
- 49: ۽ ابن خلدون- بقيت الجز ِّ الثاني ص 33-
2131.(ن- ب)
107/
]76[ تڏهن شهر وارن جو پاڻ ۾ جهيڙو ۽ مخالفت ٿي پئي: ان وقت
جي جهڳڙي فساد جو مرڪز بصره هو ۽ انهيءَ ڪري شايد
”شهر“
مان مراد شهر بصره هجي. اصل فارسي متن ۾
”اهل شهر“
آهي جو پڻ ممڪن آهي ته اصل عربي عبارت
”اهل المدينـة“
جو غلط ترجمو هجي. انهيءَ لحاظ سان
”شهر
وارن“
مان مراد
”مديني
وارا“
پڻ ٿي سگهي ٿي. (ن-ب)
107/
]76[ حضرت علي رضه ثاغر بن ذعر کي هندستان جي سرحد تي مقرر
(ڪيو): ثاغر بن ذعر نالو فقط فتحنامي ۾ ڏنل آهي ۽
باقي ٻين تواريخن ۾ ان جو ذڪر ڪونهي. اڳتي هيٺ
صفحي 108/
]77[ تي ڄاڻايل آهي ته حارث بن مـُـره نالي هڪ بهادر سپهه
سالار هن لشڪر، يعني ثاغر بن ذعر واري لشڪر ۾ هو.
مؤرخ بلاذري جي قول موجب حضرت علي رضه سن 38 هه جي
آخر يا سن 39 جي شروع ۾ هن حارث بن مـُـره العبدي
کي هندستان جي محاذ جو سپهه سالار ڪري موڪليو هو،
جنهن
”اتي
فتح حاصل ڪئي ۽ ڪافي مال غنيمت ۽ قيدي هٿ ڪيائين ۽
هڪ ڏينهن ۾ هزار ٻانها تقسيم ڪيائين- ان بعد (هو
اتي رهيو) تان جو سن 42 هه ۾ هو ۽ سندس ساٿي،
سواءِ ڪن ٿورن ماڻهن جي قيقان (ڪيڪانان) جي پرڳڻي
۾ (ڪنهن جنگ ۾) مارجي ويا“
(فتوح البلدان: ص 432).
حارث بن مره العبدي، حضرت علي رضه جي حامين مان هو
۽
”صفين“ واري لڙائيءَ ۾ حضرت علي رضه کيس پنهنجي لشڪر جي ساڄي حصي جو
سپهه سالار مقرر ڪيو هو (ڏسو المنقري جو
”ڪتاب الصفين“،
طبع ايران، ص 107). حارث، ربيعه قبيلي جي مشهور
سخي سردارن مان هو ۽ هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار ٻانها
تقسيم ڪيائين ۽ پنج سؤ گهوڙا بخشش طور ڏنائين. ڏسو
محمد بن حبيب جو
”ڪتاب
المحبر“،
طبع حيدرآباد دکن، ص 154. (ن - ب)
108/
]77[ هذلي ڳالهه ڪئي آهي ته: هذلي يعني ابوبڪر الهذلي. اسان
جي خيال ۾ فتحنامي جي فارسي مترجم هن جاءِ تي هن
ڪتاب جي مکيه راوي ابوالحسن المدائني جو نالو،
اختصار سببان، نه لکيو آهي، ورنه سڄي عبارت هن طرح
ٿيڻ گهرجي ها ته:
”ابوالحسن
چيو ته: هذلي ڳالهه ڪئي آهي- الخ“.
اسان جي هن نظريي لاءِ دليل هيءُ آهي ته ابوبڪر
الهذلي درحقيقت ابوالحسن المدائني جو هڪ مکيه ماخذ
آهي، ۽ هذلي جون روايتون سنئون سڌو سندس واتان نه
مگر اڪثر سندس روايتن ذريعي ئي اسان تائين پهتيون
آهن. خود هن فتحنامي جي صفحن 108/
]78[ ۽ 112/
]81[ تي هذلي جون ٻه روايتون ابوالحسن (المدائني) جي وساطت
سان نقل ٿيل آهن. صفحي 108/
]78[ تي هذلي جي روايت مهلب ذريعي ، ۽ مهلب کان وري
”تاريخ جي مصنفن“
ذريعي نقل ڪيل آهي: ۽ صفحي 111/
]80[
تي هذلي جي روايت وري
”تاريخ جي سلجهائيندڙن“
جي واتان نقل ڪيل آهي. انهن ٻنهي پوين حصن تي به
”تاريخ جي مصنفن“
۽
”تاريخ
جي سلجهائيندڙن“
مان مراد غالباً
ابوالحسن المدائني آهي، جو ئي درحقيقت هن فتحنامي
جو مکيه راوي آهي. ٻين ڪتابن ۾ پڻ ابوالحسن
المدائني جون ابوبڪر الهذلي کان نقل ڪيل تاريخي
روايتون ملن ٿيون، مثلاً
ڏسو بلاذريءَ جو
”ڪتاب
انسقاب الاشراف“-
مطبوع يورپ، جلد 11، صفحه 227. ابوبڪر الهذلي
تاريخ جي مکيه راوين مان هو ۽ ان وقت جي اسلامي
سلطنت جي مشرقي ملڪن، خصوصاً عراق ۽ سنڌ جي تاريخ جي کيس ڪافي ڄاڻ هئي. ان جو سبب غالباً
اهو هو، جو هو مشرقي محاذ جي مکيه شهر بصري جي
عالمن مان هو. بقول همداني،
”ابوبڪر
الهذلي ڪان بصريا“
(ڪتاب البلدان، ص 167). مسعودي پنهنجي ڪتاب
”مروج الذهب“
(طبع پئرس 4x122،
127) ۾ ڄاڻايو آهي ته ابوبڪر الهذلي، پهرئين عباسي
خليفي ابوالعباس سفاح (750-754ع) جي هم نشينن مان
هو ۽ ساڻس سندس ڪچهريون هونديون هيون. (ن-ب)
109/
]78[ (امير معاويه) عبدالله بن سـَـوار]العبدي[
کي سنڌ تي مقرر ڪري، انهيءَ ملڪ جي حڪومت سندس
حوالي ڪيائين: بقول بلاذري (ص 433)، عبدالله کي
بصري جي وائسراءِ عبدالله بن عامر هن محاذ تي مقرر
ڪيو: مگر بلاذري وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ته
”ڪي
چون ٿا ته معاويه کيس مقرر ڪيو“.
فتحنامي جي ٻي روايت (ص 109 ۽ 110) موجب پڻ
عبدالله جي مقرري سڌو سنئون امير معاويه ڏانهن
منسوب ٿيل آهي، ۽ غالباً
اهو صحيح آهي. مؤرخ بلاذري ان بعد عبدالله جي”قيقان“
تي حملي ۽ اوائلي فتحن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ڄاڻايو
آهي ته عبدالله، امير معاويه کي اتي گهوڙا سوکڙي
طور ڏنا (ص 433). اهو بيان فتحنامي جي انهيءَ
ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته امير معاويه، عبدالله کي
ڪيڪانان جي گهوڙن موڪلڻ لاءِ تاڪيد ڪيو هو.
110/
]79[ (عبدالله) ابن سوار ڪافي لڙائي کان پوءِ شهيد ٿيو: بقول
بلاذري (ص 433) عبدالله بن سوار اوائلي فتحون حاصل
ڪري، سوکڙين وغيره سان امير معاويه جي ملاقات لاءِ
آيو ۽ وٽس ڪجهه وقت ترسيو. ان بعد جڏهن
”قيقانان“
ڏانهن واپس ويو، تڏهن اتي جي ترڪن جو لشڪر مٿس
غالب پيو ۽ کيس شهيد ڪيائون. ياقوت،
”معجم
البلدان“
(4x217)
۾ ساڳي بلاذري واري عبارت نقل ڪرڻ بعد لکي ٿو ته:
بقول خليفه بن خياط، سن 47 (هجري) ۾ عبدالله
”قيقانان“
تي حملو ڪيو، جنهن ۾ ترڪن جو وڏو لشڪر جمع ٿيو ۽
(لڙائيءَ ۾) عبدالله ۽ ٻيو گهڻو عام اسلامي لشڪر
مارجي ويو. (ن-ب)
111/
]80[ اَعوَرشـَـنـَـيَ: يعني شعر بـِـشرُ بن مـُـنقـِـذ بن
عبدالقيس، جو
”ابامـُـنقذ“
جي ڪـُـنـِـيه سان پڻ سڏبو هو ۽ عربي ادب ۾ عام
طرح
”الاعورالشني“
جي نالي سان مشهور آهي.
”الشني“
نسبت آهي
”بنوشن
بن افصيٰ بن عبدالقيس بن افصيٰ“ ڏانهن. جيئن ته
”بنوشن“
جو پاڙو
”عبدالقيس“
قبيلي مان هو، ۽ عبدالله بن سوار پڻ عبدالقيس
قبيلي جو ئي شهسوار هو، انهيءَ ڪري اعورشني کي مٿس
فخر آهي. هو اسلامي دؤر جي اعليٰ شاعرن مان هو ۽
کيس ٻه پٽ هئا، جي پڻ شاعر هئا ۽
”جهم“
سڏبا هئا (سمط اللالي، ص 827). جنگ جمل ۾ اعوَر،
حضرت علي رضه جي لشڪر ۾ شامل هو (”المؤتلف
و المختلف“
للامدي، تصحيح مستشرق سالم ڪرنڪوي-Kernkow،
ص 38). جنگ صفين ۾ پڻ حضرت علي رضه سان شامل هو ۽
ڪيترائي شعر سندس منقبت ۾ چيائين (”ڪتاب الصفين“
للمـِـنقري، ص 6، 215، 225 ۽ 249). اعورشني جو
قدري تذڪرو ابن قتيبه جي
”طبقات
الشعر والشعرا“
(ص 406) ۾ موجود آهي. (ن-ب)
115/
]84[ پورالي جي حد ۾ وفات ڪيائين: بقول بلاذري (ص 434)،
قصدار ۾ وفات ڪيائين.
”فلادت
النهر في و فيات اعيان الدهر“ (نسخه قلمي، ڪتبخانو پير جهنڊو) ۾ ڄاڻايل آهي ته منذر سن 61 هه
۾ وفات ڪئي. (ن-ب)
115/
]84[ حڪم بن منذر: حڪم پنهنجي پيءُ منذر جي وفات بعد، مڪران
۾ هندستان جي محاذ جو گورنر مقرر ٿيو. هو ڪوفه ۽
پنهنجي قبيلي عبدالقيس جو نهايت مقدر سردار هو (
المحاسن و المساوي، 1x74:
المعارف لابن قتيبه، ص 172). بعد ۾ سندس چاچي
عبدالله، حجاج جي خلاف بغاوت ڪئي، پر رستقاباذ وٽ
مارجي ويو (المعارف، ص 172). عزازات سبب حـَـڪـَـم
جي ساڻس همدردي هئي، ۽ سندس موت تي مرثيو چيائين
ته: اقـَـّا مـَـطـَـرِ افرَرت عـَـينَ
عـَــدُوَنـِـا- وَکـُـل الي مان صـِـرتَ سوف
يـَـصـِـير- الخ (بلاذري، الانساب، طبع يورپ، 11(296x.
غالباً
انهيءَ ڪري ئي نيٺ حڪم کي حجاج هميشه لاءِ قيد ۾
رکيو، تان جو هو حجاج جي
”الديماس“
واري قيدخاني ۾ گذاري ويو. ڏسو بلاذري، الانساب،
طبع جيروسلم، 5x171.
(ن-ب)
115/
]84[ عبدالله
]بن[
الاعور الحرمازي اٿي هي شعر پڙهيا: اصل فارسي متن
۾
”الحرمازي“
جي بدلي
”الخواري“
آهي، مگر صحيح
”الحرمازي“
آهي. سندس نالو عبدالله بن الاعور آهي، مگر ڪوڙي
هئڻ سبب
”الکذاب
الحرماري“
جي نالي سان مشهور آهي (ابن قتيبه، الشعرا ِّ ص
430). هو منذر ۽ سندس پٽ حـَـڪَـم جو خاص مداح هو.
جاحظ
”ڪتاب
الحيوان“
(1x49)
۾ سندس مدح جي هيءَ مصرع نقل ڪئي آهي: قال الکذاب
الحرمازي:
”يا
ابن المعلي نذلت احد الکبر- داهية الدهر و صماءُ الغبر“
هن مصرع ۾
”ابن
المعلي“
مان مراد منذر (بن جارود وهربشر، بن عمرو بن حنش
بن المعلي) آهي. لغت
”للسان“
(ماده: غبر) ۾ به هي مصرع مختلف روايت سان
الحرمازي ڏانهن منسوب آهي ۽ ممدوح جو نالو پڻ صاف
ظاهر آهي:
”قال
الحرمازي يمدح المنذر بن الجارود: انت لها مـُـنذر
من
بَين
البَشـَـر
- داهـِـية
الـَـدهـِـر وصـَـمـَـاءُ الغَبر“
ابن قتيبة
(الشعرو الشعراءَ ص 430- 431 ۽ المعارف ص 127)
هيءُ فتحنامي وارو ساڳيو شعر (قدري مختلف روايت
سان)
”الڪذاب
الحرمازي“
جو ڪري ڄاڻايو آهي ۽ ان جو داد ڏنو آهي
(الشعراءَ). ڪتاب المعارف ۾ اهو رجز هن طرح ڏنو
اٿس:
يا حڪم بن المنذر بن الجارود
ســرادق المجد عــــليــک ممدود
انت الجواد بن الجواد المحمود
نبت في الجود و في بيت الجود
والعود قد ينبت فــي اصل العود. (ن-ب)
(وڌيڪ پڙهو)
|