سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب؛ --

صفحو :36

 

اشارا ۽ واڌارا*

 [6]/8قباجـة السلاطين: يعني ناصر الدين قباچه. لفظ قباچه فارسي زبان ۾ قبا جي تصغير آهي، يعني ننڍڙي قبا يا ڪـُـڙتـڙو. پر غالباً هيءُ لفظ ترڪي آهي، جنهن جي معنيٰ آهي وڏو ۽ عاليشان. انهيءَ لحاظ سان "قباجة السلاطين جي معنيٰ ٿيندي وڏي ۾ وڏو بادشاهه“. ناصر الدين قباچه جي وڌيڪ حالات لاءِ ڏسو طبقات ناصري ص ص 142، 144، 172، 174 (ع.م)

[6]/53 سلطان ابوالمظفر محمد بن سام: يعني سلطان معزالدين محمد بن سام غوري، جو هندستان جي تاريخ ۾ شهاب الدين غوري (599- 602هه) جي نالي سان مشهور آهي (ع.م)

[7]/54 قيم اميرالمؤمنين ابوالفتح قباجة السلاطين: يعني ناصرالدين قباچه، جنهن کي انهن لقبن سان لکيو ويو آهي. عوفي پڻ قاضي تنوخي جي ڪتاب الفرج بعد الشدة“ جي سندس ڪيل فارسي ترجمي جي مهاڳ ۾ ناصرالدين قباچه کي ابوالفتح قباجة السلاطين قسيم اميرالمؤمنين جي القاب سان لکيو آهي- ڏسو مقدمة جوامع الحڪايات، مطبوعه لنڊن 1939ع، صفحه 15. (ن - ب) - غوري بادشاهه قسيم اميرالمؤمنين جي لقب سان سڏبا هئا. ۽ پڻ غوري غلامن کي، جن ڪئين سال هندستان تي حڪومت ڪئي، هن لقب سان سڏيندا هئا. جيئن ته ناصرالدين قباچه، سلطان معزالدين محمد بن سام غوري جي غلامن مان هو، ۽ پڻ سلطان قطب الدين ايبڪ جون ٻه نياڻيون هڪٻئي پويان نڪاح ۾ آنديون هئائين، تنهن ڪري فتحنامي جي مصنف کيس انهيءَ لقب سان لکيو آهي. غوري بادشاهن کي هي لقب ڇو ڏنو ويو؟ تنهن لاءِ ڏسو طبقات ناصري ص ص. 37-38.(ع.م)

[9]/56  اميرعماد الدولة والدين: فتحنامي ۾ هن صفحي توڙي ]3[،]106[،]141[،]163[ ۽ ]244[ صفحن تي محمد بن قاسم کيمادالدين جي لقب سان ياد ڪيو ويو جو ظاهراً فتحنامي جي فارسي مترجم علي ڪوفي طرفان اضافو آهي، جنهن کي فرشتـہ (برگس،4x4.3) پڻ استعمال ڪيو آهي. فارسي مترجم ٻيءَ جاءِ تي ]فتحنامي ص 127[ محمد بن قاسم کي ڪريم الدين جي لقب سان سڏي ٿو. مترجم جي وقت ۾ اهڙن لقبن جو عام رواج هو. جنهن کان متاثر ٿي هن محمد بن قاسم جي لاءِ پڻ اهي لقب پنهنجي طرفان استعمال ڪيا. درحقيقت محمد بن قاسم واري زماني (پهرين صدي هجري جي آخر) ۾ اهڙا لقب ناپيد هئا، ۽ ڪنهن به عربي تاريخ ۾ محمد بن قاسم لاءِ اهڙا لقب استعمال ڪيل نه آهن. البت محمد بن قاسم جو، عربي رواج موجب، هڪ خاص ڪـُـنيه اَبواَلبهار هو. عربي لغت تاج العروس جو مصنف، مشهور عرب عالم مرزباني جي حوالي سان لکي ٿو ته: محمد بن قاسم کي بهار نالي هڪ ٻوٽي سان خاص انس هو. جنهن ڪري ابوالبهار (بهار جو پيءُ) جي ڪـُـنيه سان سڏجڻ لڳو. تاج جومصنف، الجوهري جي حوالي سان لکي ٿو ته: بهار هڪ ٻوٽو آهي جو بهار جي موسم ۾ اڀرندو آهي، جنهن کي عرب العرار، العرارة عـَـينَ البقر توڙي بـَـهارالبـَـر جي نالن سان سڏيندا آهن، ا.هه. محمد بن قاسم جي ڪنيه متعلق تاج العروس جو هي حوالو نهايت ناياب ۽ قيمتي آهي، جنهن جي بنياد تي فارسي مترجم جي ايجاد ڪيل لقبن عمادالدين ۽ ڪريم الدين جي لقبن جي ترديد ٿئي ٿي، ۽ محقق مؤرخن لاءِ محمد بن قاسم جي سڄي نالي ابوالبهار محمد بن قاسم الثقفي جي تصديق. (ن-ب)

        [9]/57 اروڙ: اسان متن ۾ صفحي جي حاشيه تي ڄاڻائي چڪا آهيون ته فتحنامي جي نسبتاً قديم نسخي پ جي پڙهڻي ارور آهي باقي ٻين جملي نسخن جي پڙهڻي الور آهي. بلا ذري (فتوح البلدان، مطبوعه يورپ ص ص 41-439، 445)، يعقوبي (مطبوعه يورپx2 346)، ابن لاثير (مطبوعه مصر ص ص 4x258، 282)، ابن حوقل (مطبوعه يورپ ص 230)، ياقوت ]معجم البلدان (الرور)[ وغيرهم عرب مؤرخن توڙي جاگرافيدانن هن شهر جو نالو الرور ڪري لکيو آهي، جنهن ۾ شروع واري ال غالباً معرفـہ جي آهي. گمان غالب آهي ته اسلام کان اڳ هن مقام جو نالو رود هو جنهن جي معنيٰ آهي نهر يا درياءَ. ياقوت، حمزه اصفهاني جو قول نقل ڪندي لکي ٿو ته: سنڌونديءَ جو قديم ايراني نالو مهراڻ رود هو  ]معجم البلدان (مهران)[. جيئن ته هن مقام وٽ مهراڻ ڦٽي ٻه شاخون ٿي پيو انهيءَ ڪري درياءَ جي رخ جي اهميت جي لحاظ،يا شايد انهن ٻن شاخن مان اڀرندين شاخ جي نالي جي لحاظ سان هن مقام جو نالو ئي رود يا نهر پئجي ويو. محب الله بکري پنهنجي هڪ مختصر تاريخي تصنيف (قلمي) جي ٻئي باب در تفصيل امصار و بلاد و حصار و قصبات سنده و وجه تسمية و لغة آنها هيٺ لکي ٿو ته: هن شهر کي ڪسري نوشيروان جي دؤر ۾ هڪ تاجر نالي مهماس بن اروخ بن هيلاج ارمني آباد ڪيو. هيءَ روايت به هن شهر جي بنياد کي ايراني اقتدار واري دؤر سان وابسته ڪري ٿي ۽ انهيءَ لحاظ سان هن شهر جو ابتدائي فارسي الاصل نالو رود قدري قرين قياس نظر اچي ٿو. جو غالباً مقامي لهجي موجب ڦري رور ٿيو. عربن ان کي الرور سڏيو. جنهن جا مقامي لهجي جي لحاظ سان پوءِ ڦري ٻه اچار ٿيا: ارور (عربي اصول مطابق  ل جي حذف سان) ۽ الور (بيقاعدي، ل جي قائم رکڻ ۽ ر جي حذف سان). اهي ٻيئي اچار گهٽ وڌ ويندي هن پوئين وقت تائين رائج رهيا. تعجب آهي جو سنڌي مورخن مثلاً  مير معصوم، مير علي شير قانع وغيرها الور تلفظ اختيار ڪيو آهي، حالانڪ ارور نسبتاً زياده صحيح  آهي. محقق بيروني ڪتاب الهند (متن ص 100، انگريزي ترجموx 1 250) ۾ هن شهر جو نالو صاف طور ارور لکيو آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين سنڌ جا ماڻهو به انهيءَ تلفظ جي مناسبت سان هن شهر کي اروڙ سڏين ٿا. هن قديم شهر جا آثار روهڙيءَ کان اٽڪل 3 ميل کن ڏکڻ - اوڀر طرف، اڀرندي ناري جي پراڻي پيٽ جي اولهه ۽ موجوده نئين واهه جي اتر طرف ٽڪر تي موجود آهن، جتي اڄ تائين اروڙ نالي ڳوٺ آباد آهي. ٽڪر جي هيٺان اتر - اولهه طرفان درياءَ جي قديم وهڪري وارو پيٽ صاف طور تي نظر اچي ٿو. هي شهر اسلام کان اڳ راءُ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جي دؤر کان وٺي ويندي عربن جي حڪومت جي اوائل دؤر ۾ تقريباً سن 125 هه تائين سنڌ جو تختگاهه رهيو، جنهن بعد منصوره تختگاهه ٿيو. (ن-ب)

/57 ]9[ اسماعيل بن علي.... بن شيبان الثقفي: هتي ڇاپي ۾ غلطي ٿي آهي- سڄو صحيح نالو هن طرح سمجهڻ گهرجي: اسماعيل بن علي بن محمد بن موسي بن طائي بن يعقوب بن طائي بن محمد بن موسيٰ بن شيبان الثقفي. فقط پ جي پڙهڻي مطابق ئي يعقوب بن طائي بن محمد بن موسيٰ بن شيبان ٿيندو، مگر ٻين جملي نسخن ۾ يعقوب بن طائي بن موسيٰ بن محمد بن شيبان آهي. اسان پ جي پڙهڻي کي ترجيح ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته ص ]235[ تي به پ توڙي ٻين سڀني نسخن جي متفق پڙهڻي يعقوب بن طائي بن محمد بن موسيٰ بن شيبان آهي. فارسي ايڊيشن ۾ پ جي پڙهڻي کي نظر انداز ڪري، ٻين نسخن جي پڙهڻي يعقوب بن طائي بن موسيٰ بن محمد بن شيبان اختيار ڪئي وئي آهي، جنهن کي ص ]235[ تي سڀني نسخن جي متفق پڙهڻيءَ سان مطابقت ڏيئي نٿي سگهجي. (ن-ب)

[9]/57 بکر: شهر بکر جو هيءُ حوالو تقريباً 613 هه جو آهي. جڏهن فتحنامي جومؤلف علي ڪوفي، عربي تاريخ جو مواد گڏ ڪرڻ لاءِ اُچ مان هلي اروڙ ۽ بکر ۾ آيو. ان  وقت تائين اتي جا امام عربن جي ثقفي خاندان مان هئا، جي غالباً محمد بن قاسم جي فتح وقت اتي سڪونت پذير ٿيا. جنهن جي معنيٰ اروڙ سان گڏ بکر جو قديم شهر به محمد بن قاسم جي وقت ۾ موجود هو. محمد بن قاسم جي فتحن جي سلسلي ۾، مؤرخ بلاذريءَ  (فـُـتوح البلدان، مطبوعه يورپ ص ص 440-441) پڻ ٻن شهرن الرور و بغرور جا نالا گڏوگڏ آندا آهن، جن مان مراد اروڙ ۽ بکر ئي سمجهڻ گهرجي. (ن-ب)

[11]/58 شرف الملڪ رضي الدولة والدين: مٿي عبارت ظاهر آهي ته وزير شرف الملڪ رضي الدين، فتحنامي جي مؤلف علي ڪوفي جو مربي هو. هيٺ صفحي 16 تي ڄاڻايل آهي ته هو حضرت ابوموسيٰ الاشعري جي اولاد مان هو ۽ سندس پٽ وزير عين الملڪ جي ڏنل سڄي نالي مان ثابت آهي ته سندس نالو ابوبڪر هو. نـَـورالله مفجعہ و طيب ثراه جي دعائيه فقرن مان ظاهر آهي ته فتحنامي جي انتساب وقت (سن 613 هه) وزير شرف الملڪ فوت ٿي چڪو هو. (ن-ب)

شرف الملڪ رضي الدين ابوبڪر، ناصر الدين قباچه (602-625 هه) جو وزير هو. مصنف عوفي پنهنجي تاريخي ڪتاب لباب الالباب ۾ هيٺين رباعي سندس مدح ۾ قلمبند ڪئي آهي:

اي صدر بفر ملڪ عجم چون تو نيافت

شــہ صاحب فرخنده قدم چون تو نيافت

بـسـيـار بگشت روز و شب دست بدست

تيغ و قلم و عدل و کرم چون تو نيافت

                                                          (ع.م)

[12]/59 ملڪ جي ڌئل (چونڊيل..... حسين بن ابي بڪر الاشعري): اصل القاب (سنڌي ترجمي هيٺ آيل) سميت سڄو نالو هن طرح آهي: عين الملڪ فخر الدولة والدين، نظام الاقاليم، جلال الوزراء حسين بن ابي بڪر بن محمد الاشعري. هيءُ وزير عين الملڪ فخرالدين حسين، مٿئين وزير شرف الملڪ رضي الدين ابوبڪر جو پٽ آهي ۽ علي ڪوفي فتحنامي ڏانهنس منسوب ڪيو آهي. غالباً سندس والد وزير شرف الملڪ جي وفات بعد ئي عين الملڪ، ناصر الدين قباچه جو وزير بنيو. هو عالمن جو وڏو قدردان ۽ مربي هو، ۽ سندس هن وزارت جي دؤر ۾ ئي مصنف عوفي پنهنجو ڪتاب لباب الالباب سن 18-617/1222ع ڌاري شهر اُچ ۾ لکي، سندس نالي منسوب ڪيو- ڏسومقدمه جوامع الحڪايات، لنڊن، 1929ع، ص 12.(ن-ب) سن 625 هه ۾ جڏهن التمش جي وزير نظام الملڪ جنيدي اچي ناصرالدين قباچه کي سنڌ ۾ بکر جي قلعي اندر گهيريو، ۽ قباچه ذلت جي موت کان مهراڻ ۾ ٽپو ڏيئي پاڻ کي ختم ڪيو، تڏهن سندس باقي رهيل خدمتگار، جن مان وزير عين الملڪ، سندس ڀاءُ بهاوالدين حسن، لباب الالباب جو مصنف عوفي ۽ طبقات ناصري جو مصنف منهاج سراج به هئا، وڃي التمش جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. (ع.م)

ساڳئي سال (سن 625 هه) سلطان التمش پنهنجي شهزادي رڪن الدين فيروز کي بدايون جو گورنر مقرر ڪيو ۽ عين الملڪ کي پڻ نوازي هن شهزادي جو ديوان يا وزير مقرر ڪيو. ڏسو طبقات ناصري ص. 73-172 ۽ 82-181: ۽ تاريخ ايليٽ ڊائوسن، جلد 2، ص 325 ۽ 330.(هوڙي والا ص 80)

[15]/62 ديبل : ديبل جي قدامت متعلق فتحنامي جي هن حوالي مان گمان نڪري ٿو ته ديبل راءَ گهراڻي جي وقت (6 صدي عيسوي) ۾ موجود هو. ديبل متعلق پهريون تاريخي حوالو بلاذريءَ جي فتوح البلدان ۾ ملي ٿو، جنهن مطابق سن 15هه (37- 636 ع) ۾، حضرت عمر جي خلافت ۾ عمان جي گورنر عثمان بن ابي العاص الثقفي پنهنجي ڀائرن، مغيره ۽ حڪم جي هٿ هيٺ سمنڊ ذريعي هڪ مهم موڪلي، جنهن هندستان جي الهندي ڪناري جي ٽن بندرن ديبل، ڀروچ ۽ ٿاڻي تي فتحون حاصل ڪيون. ان بعد مسلم ڪمانڊرن عبيدالله بن بنهان ۽ بديل بن طهفة البجلي جي ديبل تي 711ع کان اڳ جي حملن، محمد بن قاسم جي 712ع ۾ ديبل جي فتح، ۽ سنڌ ۾ عرب حڪومت جي دؤر ۾ ديبل جا مسلسل حوالا ملن ٿا. عرب سياحن ۽ جاگرافيدانن مان مسعودي (43 - 942 ع)، اصطخري (51- 950 ع) ابن حوقل (68 - 943ع)، ۽ آخر ۾ مقدسي (86 - 985ع) خود ديبل ۾ آيا ۽ پنهنجا اکين ڏٺا واقعا قلمبند ڪيائون. ان کان سواءِ، غالباً ٻڌل بيانن جي بنياد تي، ديبل متعلق هيٺيان حوالا ملن ٿا. سفرنامو مسعر بن مهلهل (43 - 942ع) ، حدودالعالم (قـِصنيف 982)، بيرونيءَ ڪتاب الهند (11 صدي عيسويءَ جو اوائل)، ادريسي (51 - 1150ع)، سمعاني (1229 - 1179ع)، ۽ ياقوت: معجم البلدان (28 - 1224ع). هندستان جي اسلامي تاريخ ۾ سلطان معزالدين محمد بن سام غوري جي فتح ديبل (83 - 1182ع) ۽ سلطان جلال الدين خوارزم شاهه جي فتح ديبل (1254ع) جا حوالا موجود آهن.

اهي جملي حوالا سنڌ جي انهيءَ ساڳئي قديم تاريخي بندر ديبل سان تعلق رکن ٿا، جنهن جو هن ڪتاب فتحنامي ۾ بار بار ذڪر آيو آهي ۽ جنهن کي محمد بن قاسم فتح ڪيو. انهيءَ ڪري تاريخ جي روشنيءَ ۾ ڪافي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته تقريباً 6 صدي عيسويءَ کان وٺي تقريباً 13 صديءَ جي نصف (1253ع) تائين ديبل بندر بهتر يا زبون حالت ۾ قائم رهيو(1). گمان غالب آهي ته ڏهين صديءَ ۾ جيئن سنڌ ۾ عربي حڪومت جو زور ٽٽو. تيئن سندن طاقت ۽ واپار جي مرڪز ديبل جي اهميت ۽ حفاظت  به گهٽجڻ لڳي. ٻئي طرف مقامي حالتن جي تبديلي ۽ سنڌونديءَ جي ڇوڙ وارين شاخن ۾ ڦير گهير سبب، خود نديءَ جي هڪ شاخ تي هڪ نئين بندر لاءِ سهوليت پيدا ٿي، جنهن تي لوهاراني نالو پيو. يارهين صديءَ جي شروع ڌاري محقق  بيروني ديبل سان گڏ هن ٻئي بندر لوهاراني جو ذڪر ڪيو آهي. غالباً هن نئين بندر جي سهوليت، ديبل جي اهميت کي آهستي آهستي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ايندڙ ٻن سؤ سالن اندر ديبل بالڪل ئي ڦٽي ويو. تنهن ڪري سن 1334ع ۾ جڏهن ابن بطوطه، سنڌوندي رستي هيٺ سمنڊ طرف ويو ته اتي لاهري بندر کي ئي اوج تي ڏٺائين. البت هن نئين بندر کان 6-7 ميل پري، هن هڪ ڦٽل شهر جا آثار پڻ ڏٺا، جي شايد جهوني ديبل جا هئا.

بهر حال ديبل بندر تقريباً ڇهه سؤ ورهيه سنڌ جو هڪ مکيه بندر ٿي رهيو ۽ هن عرصي واري سنڌ جي سياسي خواه اقتصادي تاريخ ڄڻ ديبل سان وابسته هئي. انهيءَ ڪري جيتوڻيڪ ديبل بندر ڦٽي ويو، مگر سنڌ وارن ان جي جاءِ نشين بندر کي وري به ديبل سڏيو، ڇاڪاڻ ته گذريل ڇهه سؤ سالن جي عرصي ۾ بندر ۽ نالو ديبل لازم ملزوم جو بنجي چڪا هئا. پوئين زماني جي تاريخ هن عام رواج جي تصديق ڪري ٿي، 160 صدي عيسوي ۾ پورچو گيزن هن ساڳئي لاهري بندر کي "لاهري بندر، دِيـُـوئل ۽ سنڌي دِيـُـوئلسند ڪري لکيو آهي، ۽ ان بعد انگريزن به ان کي سٽي ديوئل خواه لاڙي بندر ڪري سڏيو(1): ساڳئي وقت ٺٽي به هڪ دريائي بندر جي اهميت حاصل ڪئي ۽ ان کي به ديبل جو نالو ڏنو ويو. تنهن ڪري ابوالفضل اَئين اڪبري ۾ ٺٽي کي ديبل سڏيو آهي، ۽ ساڳئي وقت مير معصوم لکي ٿو ته سندس وقت ۾ لاهري بندر توڙي ٺٽي، ٻنهيءَ کي ديول بندر چيو وڃي ٿو (تاريخ معصومي فارسي ص 6). جيئن ته آڳاٽي وقت کان لاهري بندر تي به ديبل جو نالو پئجي چڪو هو، انهيءَ ڪري اسان جي پوئين مؤرخ مير علي شير قانع لاهري بندر کي پراڻو ديبل ڪري ڀانيو (تحفة الڪرام 3x 54  - 253). ساڳيءَ طرح پير پٺو، جو بگهاڙ شاخ جو هڪ بندر هو، تنهن کي به مقامي طرح ديبل سڏيو ويو، جيئن ته مير علي شير، تحفة الڪرام (3x247-252) ۾ اتي دفن ٿيل بزرگ شيخ حسين عرف پير پٺي کي ييلي ڪري لکيو آهي.

مٿئين  وضاحت مان معلوم ٿي چڪو ته جيتوڻيڪ اصل ديبل جنهن کي محمد بن قاسم فتح ڪيو، سو زماني جي انقلاب سبب ڦٽي ويو،تاهم يادگار طور ان جو نالو هلندو آيو ۽ بعد ۾ لوهاراني يا لاهري لاهوري بندر ۽  توڙي ٺٽو، ٻيئي ديبل سڏجڻ لڳا. انهيءَ ڪري انهن ٻنهيءَ مان ڪنهن به هڪ کي اصلي قديم ديبل بندر سمجهڻ غلط ٿيندو. محقق بيروني، جنهن پهريائين پهريائين لوهاراني بندر جو ذڪر ڪيو آهي، تنهن صاف لکيو آهي ته ديبل هڪ ساحلي بندر هو ۽ لوهاراني ان کان جدا اڀرندي ڏانهن سنڌونديءَ جي هڪ شاخ جو بندر هو (ڪتاب الهند، عربي متن، ص 102). ٺٽي جو ته بنياد ئي گهڻو پوءِ، سومرن جي حڪومت جي بالڪل آخر ۽ سمن جي اوائلي دؤر ۾ تقريباً 37- 1333ع ڌاري پيو. انهيءَ ڪري پاٽنجر ۽ ڪنيگهام جو لاهوري بندر کي اصلي ديبل بندر سمجهڻ، يا رچرڊ برٽش، ڪئپٽن مڪمرڊو، دَلا روشي، رينيل، ڊبليو هئملٽن، (توڙي پاٽنجر ۽ برنس جو سندن ٻيءَ راءِ موجب) ۽ آخر ۾ هينري ڪزنس جو ٺٽي کي قديم ديبل سان متعين ڪرڻ ظاهراً غلط آهي. ايليٽ، ڪراچي کي ديبل ٺهرائي ٿو، جو صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ ته سن 1725ع کان اڳ ڪراچي جو وجود ئي ڪونه هو ۽ بندر طور ڪراچي پهريائين سن 1729ع ۾ استعمال ٿي. ميجر راوَرٽي، عرب مؤرخن ۽ جاگرافيدانن جي حوالن کي نظر انداز ڪري، محض ڪئپٽن نيو پورٽ جي بيان (سن 1666ع) جي آڌار تي (جنهن ۾ پير پٺي کي ديوئل سڏيو ويو آهي) پير پٺي کي ديبل قرار ڏئي ٿو. اسان اڳ چئي آيا آهيون ته ديبل جي زوال بعد جهڙيءَ طرح لاهريءَ بندر ۽ ٺٽي کي ديبل سڏيو ويو، اهڙيءَ طرح پير پٺي کي به ديبل سڏيو ويو.

ديبل جي جڳهه متعين ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ان وقت جي عرب مؤرخن ۽ جاگرافيدانن جي بيانن مان ڪن پڪن دليلن جو سهارو ورتو وڃي، ڇوته مشڪوڪ ۽ وضاحت طلب حوالا ڪنهن به خاطر خواه نتيجي تي نه پهچائيندا. مثلاَ عرب جاگرافيدانن ديبل جا طول ۽ عريض (ڊگهائي ۽ ويڪرائي ڦاڪ) ڏنا آهن، مگر اهي خود وضاحت طلب آهن: اول ته هر هڪ مصنف طول ۽ عريض جا مختلف درجا ڏنا آهن، ۽ ٻيو ته يقين سان چئي نٿو سگهجي ته هنن مان هر هڪ ڊگهائي ڦاڪ ڪٿان ڳڻڻ شروع ڪيو آهي.  ساڳيءَ طرح عرب جاگرافي نويس ديبل جا مفاصلا ڏنا آهن، پر اهي به جملي وضاحت طلب آهن: اول ته جن شهرن کان ديبل  جا مفاصلا  ڏنا اٿن، خود انهن شهرن جون جڳهيون معلوم نه آهن، ۽ ٻيو ته اهي مفاصلا ڏينهن جي پنڌن، يا منزلن ۽ مرحلن جي عدد، يا فرسخن  ۽ ميلن ۾ ڏنل آهن. مگر ڪيئن چئي سگهجي ته هڪ ڏينهن جي پنڌ مان ڇا مراد آهي، يا هڪ منزل يا مرحلي جو ڪيترو مفاصلو سمجهڻ گهرجي، يا ان وقت جو فرسخ يا ميل ۾ ڪيترو مفاصلو قرار ڏجي. انهن مشڪوڪ اندازن جو نتيجو آهي جو ٻن محققن، ايليٽ ۽ هيگ، ٻنهي ديبل کي متعين ڪرڻ لاءِ پنهنجي دليلن جو مدار عرب مصنفن جي ڏنل مفاصلن تي رکيو آهي. مگر تنهن هوندي به ايليٽ ڪراچي کي ديبل ٺهرايو آهي ته هيگ وري ڪراچي کان اٽڪل 50 ميل اوڀر ڏکڻ طرف، ڪڪڙ بڪيرا يا بيگ ڇڳيو (ٺٽي کان ويهه ميل کن ڏکڻ - اولهه) جي ڦٽل دڙن کي ديبل قرار ڏنو آهي.

اسان جي خيال ۾ ديبل جي ماڳ کي متعين ڪرڻ ۾، اصولي سوال هيءُ آهي ته آيا ديبل خود مهراڻ جي ڪناري تي، يا ان جي ڪنهن شاخ جي ڪپ تي، يا سمنڊ جي ساحل تي، يا سمنڊ جي ڪنهن کاريءَ جي ڪنڌيءَ تي هو؟ ان سلسلي ۾ هيٺيان حوالا غور طلب آهن: بقول ابن خردازبه، ديبل مهراڻ جي ڪناري تي نه هو بلڪ مهراڻ جي ڇوڙ کان ٻه فرسنگ پري هو. اصطخري صاف طور ڄاڻائي ٿو ته، ديبل مهراڻ کان اولهه طرف سمنڊ تي هو. مسعودي چوي ٿو ته مهراڻ جو ڇوڙ ديبل کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي پري هو. ابن حوقل لکي ٿو ته، ديبل جو شهر مهراڻ کان اولهه طرف سمنڊ تي هو. بقول مقدسي، ديبل هڪ ساحلي شهر هو. ياقوت، مسعر بن مهلهل جي حوالي سان ڄاڻائي ٿو ته، ديبل سمنڊ جي ڪناري تي هو، بيروني جي تحقيق موجب، ديبل سامونڊي ساحل تي هو ۽ لوهاراني بندر ان کان اڀرندي طرف مهراڻ جي ڇوڙ وٽ هو. الخوارزمي (ڪتاب صورت الارض ۾) لکي ٿو ته ديبل سمنڊ تي هو، قلقشندي هڪ آڳاٽي ڪتاب اللباب جي حوالي سان لکي ٿو ته "تحقيق ديبل هندي سمنڊ جي ساحل تي آهي.

        مٿين حوالن مان اصطخري، مسعودي، ابن حوقل ۽ مقدسي جا بيان اکين ڏٺا آهن. انهن بيانن مان هيٺيان پڪا پختا نتيجا نڪرن ٿا ته: (1) ديبل، مهراڻ يا ان جي ڪنهن به شاخ جي ڪناري تي ڪونه هو، (2) ديبل مهراڻ کان ڳچ  پنڌ پري الهندي طرف هو، ۽ (3) ديبل سامونڊي ساحل جوبندر هو. انهن يقيني نتيجن جي بنياد تي به ٺٽي، پيرپٺي يا لاهري بندر کي ديبل سمجهڻ غلط ٿيندو. ديبل کي لازمي طور مٿين مصنفن جي وقت واري مهراڻ جي ڇوڙ کان اولهه طرف سمنڊ جي ساحل تي تلاش ڪرڻ گهرجي.


 

*هيٺين صفحن ۾ ڪتاب جي ڪن خاص حوالن کي کولي سمجهايو ويو آهي ۽ ڪن مونجهارن کي سلجهايو ويو آهي. هر اشاري جي آڏو ڏنل شروع وارا انگ هن ترجمي جا صفحا ڏيکارين ٿا، ۽ چورس ڏنگين وارا عدد اصل فارسي ڇاپي جا صفحا ڏيکارين ٿا، جي ترجمي جي متن ۾ پڻ ٿلهن ڪارن انگن ذريعي ڏيکاريل آهن: شمس العلما ِّ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي فارسي ڇاپي تان ورتل وضاحتن پويان (ع.م) نشان ڏنو ويو آهي، هوڙي والا جي ڪتاب Studies in indo - Muslim History تان ورتل حاشيا سندس نالي منسوب ڪيا ويا آهن، ۽ هن ترجمي جي ايڊيٽر (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) جي ڏنل سمجهاڻين ۽ اضافن پويان (ن - ب) جو نشان قائم ڪيو ويو آهي.

(1)  سن 1951ع ۾، مجلس علميہ ڪراچي جي هڪ اجلاس ۾ ديبل جي محل وقوع جي موضوع تي بنده هڪ مقالو  پڙهيو هو. ان موقعي تي شمس العلما ءَ دائود پوٽي بندي جو ڌيان سيوطي جي ڪتاب تاريخ الخلفاءَ“ ۾ ديبل جي تباهي بابت هڪ حوالي ڏانهن ڇڪايو: جنهن موجب ديبل سن 280 هه ۾ خوفناڪ زلزلي ۾ تباهه ٿي ويو. اسان انهيءَ حوالي کي مقالي ۾ درج ڪيو، مگر ان کي ضعيف ۽ غير معتبر قرار ڏنو ۽ ان تي تنقيد ڪئي (ڏسو ديبل جو ممڪن محل وقوع جي موضوع تي اسان جو انگريزي مقالو- مطبوعه اسلامڪ ڪلچر حيدرآباد دکن، ماهه جولاءِ 1952ع ، صفحو 37). ان بعد مزيد تحقيق مان معلوم ٿيو ته درحقيقت سيوطي جي تاريخ الخلفا ّ (مطبع منيريه، مصر، 1351 هه ) غالباً ڪنهن غلط قلمي نسخي تان ڇاپي وئي آهي، جنهن ۾ شهر ارديبل جي بدران  ديبل ڇپجي ويو آهي. انهيءَ جو پڪو دليل هيءُ آهي ته سيوطي، زلزلن تي هڪ خاص ڪتاب کشف الـصلـصلـه عن وصف الزلزله جي نالي سان لکيو، جنهن جو لب لباب. فاضل مستشرق اي- سپرينگر (A Sprenger) پنهنجي انگريزي ترجمي  ۾ ڏنو آهي. جو ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال جي جرنل. سال 1843ع ۾ (ص 49 - 741ع) ڇپجي چڪو آهي. هن ترجمي جي صفحي 743 تي صاف طور لکيل آهي ته سن 280 هجريءَ وارو زلزلو ارديبل ۾ آيو. انهيءَ ڪري ديبل سان هن حادثي جو ڪو به تعلق ڪونه آهي. (ن - ب)

(1)  تصديق لاءِ ڏسو هيگ (Haig) جو ڪتاب The Indus Delta Country” ، مطبوع لنڊن، 1894ع، ص 46، 64 ۽ 79.

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org