سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب؛ --

صفحو :47

 

252/[240] محمد بن قاسم سمجهيو ته هيءَ ڪو ماڻهو آهي: هن بت جي صورت هوبهو ماڻهو جهڙي بنايل هئي، ابن حوقل (ص 229) جو اکين ڏٺو بيان آهي ته ”هيءُ بت انسان جي شڪل شبيهه واري صورت جهڙو آهي.“ پڻ مقدسي (ص 283) ۽ ابن رسته (ص 136) هن حقيقت جي تائيد ڪن ٿا ته ”هيءُ بت ماڻهوءَ جي صورت جهڙو آهي.“ (ن - ب)

252/ [240] ان (بت) جي هيٺان ٻه سؤ ٽيهه مڻ سون ۽ چاليهه مٽ سون جي ڪاتر سان ڀريل نڪتا. جملي تيرهن هزار ٻه سؤ مڻ تور سون دفن ٿيل نڪتو: هن کان اڳ ص 355 تي ڄاڻايل آهي ته هرهڪ مٽ ۾ سون جي ڪاتر جا ”ٽي سؤ ٽيهه مڻ“ پيل هئا. انهيءَ حساب سان ته فقط چاليهن مٽن مان ئي (330x40=13200) تيرهن هزار ٻه سؤ مڻ سون نڪتو هوندو. انهيءَ ڪري يا  ته مٿين عبارت ۾ پهريون ”ٻه سؤ ٽيهه مڻ“ وارو فقرو محض وڌاءُ آهي ۽ غلط سمجهڻ گهرجي، يا ته وري پوئين جوڙ ۾ غلطي آهي ۽ جملي سون (13430=230+13200) تيرهن هزار چار سؤ ٽيهه مڻ ٿيڻ گهرجي.

اڪثر عرب مؤرخن ۽ جاگرافي نويسن پنهنجي تصنيفن ۾، محمد بن قاسم کي سون جي هن وڏي خزاني هٿ اچڻ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ڪري ملتان کي ان بعد عربيءَ ۾ ”فرج بيت الذهب“ يعني ”سون جي گهر واري سرحد“ (يا سون جي گهر وارو محاذ) ڪري سڏيو ويو. گهٽ ۾ گهٽ ٽن مصنفن هن ملتان واري بتخاني مان سون جو هٿ آيل وزن پڻ لکيو آهي. سندن متفق بيان موجب هن بتخاني مان ”چاليهه بـُـهارون سون جون هٿ آيون: هر هڪ بـُهار برابر ٽي سؤ ٽيٽيهن مڻن جي.*” (ڏسو اصطخري ص 56، البدءُ و التاريخ جلد 4، ص 77، ۽ مسالک الابصار“ مان محمد بن تغلق متعلق حالات جو انگريزي ۾ ”آٽوسپيس“ جو ڪيل ترجمو، ص 19). هنن بيانن موجب جملي سون جو وزن (40x333=13320) تيرهن هزار ٽي سؤ ويهه مڻ ٿيڻ گهرجي. (ن - ب)

252/[240]اهو سون ۽ بت خزاني ۾ آندائون: مٿي ص 252/[239]، واري نوٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته بت سون جو ڪونه هو مگر ڪاٺ جو هو،انهيءَ ڪري ان کي کڻڻ جي ضرورت ئي ڪانه هئي. ان کان سواءِ بتن کي کڻڻ يا تباهه ڪرڻ محمد بن قاسم جي پاليسي جي منافي هو. فتحنامي ۾ هن کان اڳ اروڙ جي فتح واري بيان مان واضح آهي ته محمد بن قاسم اتي جي بتخاني ۽ ان ۾ رکيل مورتي جو معائنو ڪيو ۽ هڪ ڪنگڻ بت جي ٻانهن تان لاٿائين پر وري اهو مجاور کي واپس ڪيائين، ته ساڳيءَ طرح مورتيءَ کي پارايو وڃي. زير بحث صفحي تي ذرا مٿي ڄاڻايل آهي ته محمد بن قاسم بت کي کڻڻ جو حڪم ڏنو پر اهو محض انهيءَ لاءِ ته تهه هيٺان پوريل خزانو هٿ ڪيو وڃي. محمد بن قاسم کان پوءِ به عرب سياحن ۽ مؤرخن مسلسل طور ملتان جي بتخاني ۽ بت جو ذڪر ڪيو آهي جنهن مان ظاهر آهي ته اهو بت اتي سالم حالت ۾ رکيل هو ُڏسو اکين ڏٺا بيان اصطخري (ص174)، ابن حوقل (ص 129)، ۽ مقدسي (ص 84-283) جا، پڻ تحقيقي بيان ابن خردازبه (ص 56)، ابن رسته (ص 37-135) جا، ۽ پڻ حوالا، مصنف ”حدود العالم“ (ص44)، ابن الوردي (خريدهِ العجائب ص 63-62) ۽ ياقوت (معجم البلدان 4x689) جا.

پنجين صدي هجريءَ جي شروع ۾ جڏهن بيروني ملتان ۾ آيو، تڏهن هيءُ بت اڳ تباهه ٿي چڪو هو. بيروني هن مورتي ۽ ان جي تباهي بابت پنهنجي ڪتاب الهند (ص 56) ۾ هن طرح لکيو ته: ”محمد بن قاسم بن منبه هن بت جي ڳچيءَ ۾ ڳئون جي گوشت جو ٽڪر ٻڌي ڇڏيو هو. پوءِ جڏهن قرمطين جو (ملتان تي) غلبو ٿيو، تڏهن جلم بن شيبان هن بت کي ڀڳو، ان جي رکوالن کي قتل ڪيائين ۽ ان مندر کي.... جامع مسجد ۾ تبديل ڪيائين.“ جيتوڻيڪ بيروني جي هن بيان جو پويون حصو صحيح آهي، مگر محمد بن قاسم بابت سندس ريمارڪ غلط آهي. معلوم ٿئي ٿو ته اها ڏندڪٿا بيروني کي مقامي ماڻهن کان ملي ۽ ان جي غلطيءَ جو وڏو ثبوت اهو آهي جو خود محمد بن قاسم جي ڏاڏي جو نالو ئي غلط لکيل آهي. محمد بن قاسم جي ڏاڏي جو نالو ”محمد“ هو ۽ نه ”منبـہ“. ممڪن آهي ته بت جي اها توهين ”بنو منبہ“ گهراڻي جي حاڪمن مان ڪنهن ڪئي هجي، جي قرمطين کان اڳ واري زماني ۾ ملتان جا حاڪم هئا ڇو ته ”منبہ“ جي نالي مان اهوئي گمان نڪري ٿو. محمد بن قاسم مقامي ماڻهن جي ڌرم جي پوري مخالفت ڪئي هئي. جنهن تي فتحنامي توڙي بلاذري جا ڪيترائي حوالا شاهد آهن. معلوم ٿئي ٿو ته خود بيروني کي پوءِ هن غلط روايت جي خبر پئجي وئي، انهيءَ ڪري پنهنجي ٻي تصنيف (ڪتاب الجماهر“ (ص 49) ۾ هن طرح لکيائين ته: ”محمد بن قاسم ان بت کي صلح ۽ ڀلائي خاطر ائين جو ائين ڇڏي ڏنو، تان جو جلم بن شيبان ان کي (خليفي) مقتدر بالله جي دؤر قريب ۾ ڀڳو.“

جلم بن شيبان مصر جي فاطمي خليفن جو داعي ۽ سپهه سالار هو. جنهن ان دؤر ۾ سنڌ ۽ ملتان تي غلبو حاصل ڪيو. هن سنه 354هه ۾ هن بت کي ڀڳو، جيئن ته مصر جي فاطمي خليفي معز ڏانهن سندس لکيل خط مؤرخه آچر ڏينهن، 19- رمضان سنه 354هه مان ظاهر آهي (عمادالدين: عيون الاخبار قلمي نسخه، بشڪريه محترم استاد پروفيسر طاهر علي، حال پرنسپال شاهه عبداللطيف ڪاليج، ميرپورخاص). (ن- ب)

252/[240] تياريءَ ۾ سٺ هزار درهم تور خالص چاندي خرچ ٿي آهي.... باقي هڪ سؤ ويهه هزار درهم تور چاندي.... توکي موڪلڻي آهي: جملي نسخن موجب فتحنامي جي عبارت ائين آهي. اهي لفظ حجاج جي خط جا آهن، جيڪو فتحنامي موجب، محمد بن قاسم کي انهيءَ ڏينهن پهتو جنهن ڏينهن ملتان ۾ کيس خزانو هٿ آيو. انهيءَ جي معنيٰ ته اڃا محمد بن قاسم ملتان وارو خزانو حجاج ڏانهن ڪونه موڪليو هو.

ڀانئجي ٿو ته هن عبارت ۾ خلل آهي. بقول هوڙي والا (ص 100) ائين سمجهڻ عبث آهي ته ٻن ٽن سالن جي فتحن جي تياريءَ ۾ صرف سٺ هزار درهم چاندي، يعني ته اٽڪل 15 هزار روپيه خرچ ٿيا هوندا. (1.هه). هن باري ۾ بلاذري جو هيٺيون بيان غالباً صحيح آهي، ۽ فتحنامي ۾ محض ڪاتبن جي غلطي سبب انهيءَ ساڳي حقيقت کي ادا ڪرڻ ۾ ڀـُـلَ ٿي آهي. بلاذري لکي ٿو ته: ”حجاج حساب لڳايو ته ڏٺائين ته محمد بن قاسم (جي حـملي) تي سٺ هزار هزار درهم خرچ ڪيو هئائين، ۽ کيس هڪ سؤ ويهه هزار هزار (محمد بن قاسم طرفان) پهچي چڪا هئا. انهيءَ تي چيائين ته: اسان پنهنجي ڪاوڙ ٺاري، بدلو ورتو، ۽ سٺ هزار هزار درهمن ۽ ڏاهر جي سر جو اضافو ڪيو.“ (فتوح البلدان، ص 440). فتحنامي جي عبارت ۾ ٻنهي جاين تي ”هزار هزار“ جي بدران صرف ”هزار“ لکيو ويو آهي جو غالباً ڪاتب جي غلطي آهي. بلاذري جي عبارت مان ظاهر آهي ته محمد بن قاسم جي فتحن تي جملي 6 ڪروڙ درهم خرچ ٿيو ۽ 12 ڪروڙ درهم محمد بن قاسم طرفان شاهي خزاني ۾ پهتا. (ن- ب)

253/[241] اشهار ۽ ڪرور: فتحنامي ۾ هن صفحي تي توڙي هن کان اڳ ص [37,15] تي هنن ٻنهي شهرن جا نالا گڏوگڏ ڏنل آهن، جنهن مان ڀانئجي ٿو ته اهي ٻئي شهر ساڳئي طرف ۽ هڪٻئي کي ويجها هئا. ”ڪرور“ جو نالو اڄ ڏينهن تائين موجود آهي. ”ڪرور پڪا“ ملتان ضلعي جي تعلقي لوڌران ۾، لوڌران اسٽيشن کان 24 ميل اوڀر طرف واقع آهي. (ن- ب)

254/[242] اوڌاپر: مختلف نسخن جي پڙهڻين مطابق ”اوردهاپر“ يا ”اودهافر“. مير معصوم (تاريخ معصومي ص 28) نه معلوم ڪهڙي بنياد تي هن شهر کي ”ديبالپور“ ڪري لکيو آهي. هوڙي والا ڄاڻايو آهي ته ميجر راورٽي جي خيال ۾ فتحنامي جو ”اوڌاپر“ يقيني طور اديپور (Odipur) آهي جو الوان (Alwana) کان 14 ميل ڏکڻ طرف ”گهگهر“ جي ڪناري تي آهي. ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا واري پڻ راورٽي جي اها راءِ اختيار ڪئي آهي، مگر هيءُ نالو بلڪل مبهم آهي ۽ ان جي جڳهه متعين ڪرڻ مشڪل آهي. (هوڙي والا، ص 100).

254/[242 راءِ هرچند] پٽ[  جهتل: فتحنامي جي بيان موجب راءِ هرچندر، محمد بن قاسم جي فتحن وقت قنوج جو راجا هو. نالن جي مناسبت جي لحاظ سان ”هر چندر“ کي ”هرشا“ سان تعبير ڪري سگهجي ٿو. مگر فتوج جو مشهور راجا هرشا سنڌ ۾ برهمڻ گهراڻي جي حڪومت کان اڳ گذاري ويو هو. هيءُ راهرچنر قنوج جو ڪو ٻيو راجا هو جو شايد هرشا بعد حڪمران ٿيو. (ن - ب)

258-255/ [247-243] محمد بن قاسم کي دارالخلافت جو پروانو پهچڻ... چڱيءَ  جو ٻيو ڀيرو گفتگو: هن صفحن تي پنجن مختلف عنوانن هيٺ جيڪا حڪايت محمد بن قاسم جي گرفتاري ۽ موت بابت ڏنل آهي، سا محض هڪ ڏند ڪٿا آهي، جنهن جو آڳاٽن تاريخي ڪتابن ۾ ذري جيترو به ذڪر ڪونهي. البت پوئين دؤر جي مصنفن، فتحنامي جي هن افساني کي بنا سوچ سمجهه جي پنهنجي ڪتابن ۾ داخل ڪيو ۽ انهيءَ ڪري نظام الدين بخشي جي ”طبقات اڪبري“، مير معصوم جي ”تاريخ معصومي“ ۽ مير علي شير قانع جي ”تحفة الڪرام“ ذريعي هن جڙتو افساني جي وڌيڪ اشاعت ٿي آهي.

هن حڪايت جا هيٺيان اندروني سـَـقم ئي ثابت ڪن ٿا ته هيءُ محض هڪ افسانو آهي. جنهن جو بنياد محمد بن قاسم بابت ٻڌل مقامي ڏندڪٿائن تي رکيل آهي:

(1) پهريون ته ص 255/[243] تي هن افساني کي تاريخي رنگ ڏيڻ لاءِ ان کي ٻن راوين، محمد بن علي ۽ ابوالحسن مدائني ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي. هنن نالن کي پڙهندي گمان ٿئي ٿو ته شايد اهو هڪ نالو ”علي بن محمد ابوالحسن مدائني“ هجي جو مدائني جو سڄو نالو آهي. مگر فتحنامي جي جملي نسخن ۾ اهي ٻه جدا نالا ڏنل آهن، ۽ ان کان سواء ”علي بن محمد“ کي ”محمد بن علي“ ڪري لکڻ کي ڪاتبن جي غلطي طرف منسوب ڪرڻ قياس ويجهو ناهي. جيئن ته ابوالحسن مدائني هڪ نهايت معتبر راوي آهي. جنهن جون فتحنامي ۾ ڏنل ٻيون سڀ روايتون تاريخ جي ڪسوٽي تي پرکي سگهجن ٿيون، انهيءَ ڪري جنهن شخص هي ڏنل ڪٿا فتحنامي  ۾ شامل ڪئي آهي تنهن غالباً  عمداً ۽ ارادتاً ان کي فقط ابوالحسن مدائني ڏانهن منسوب ڪرڻ جي بدلي ساڻس گڏ محمد بن علي نالي ٻئي هڪ گمنام راوي کي پڻ شامل ڪيو آهي.

(2) ٻيو ته ص 255/[243] تي ڄاڻايل آهي ته ”راجا ڏاهر جي قتل ٿيڻ وقت سندس حرمسراءِ مان هن جون ٻه ڪنواريون ڌيئريون گرفتار ٿي آيون هيون.“ فتحنامي جي اڳئين بيان مان ثابت آهي ته راجا ڏاهر راوَڙ جي قلعي وٽ قتل ٿيو ۽ اتي به صرف سندس زال لاڏيءَ جي گرفتاري جو قصو ڏنل آهي ۽ نه سندس ٻن ڌيئرن جي گرفتاري جو. البت ڏاهر جي ٻن ڌيئرن ۽ لاڏيءَ جي گرفتاري جو قصو صفحي 302/[207]، تي برهمڻ آباد جي فتح وقت بيان ٿيل آهي ۽ مٿي صفحي 332 تي ڏنل نوٽ ۾ انهيءَ متضاد ۽ غير معتبر بيان تي تبصرو ڪيو ويو آهي. ظاهر آهي ته ڏاهر جي ڌيئرن بابت خود فتحنامي جا بيان هڪٻئي جي مخالف آهن ۽ هن قصي کي غير معتبر ثابت ڪن ٿا.

(3) ٽيون ته ساڳئي ص 255/[263] تي ڄاڻايل آهي ته محمد بن قاسم اهي ڏاهر جون ٻه ڌيئرون ”حبشي غلامن هٿان بغداد ڏانهن دارالخلافت جي درگاهه ۾ موڪلي ڏنيون هيون.“ مگر محمد بن قاسم جي فتحن وقت بغداد جو شهر اڃا وجود ۾ ئي ڪونه هو، بلڪ چاليهن ورهين کان به پوءِ ٻڌو ويو. ان وقت دارالخلافت دمشق هو. هن بنيادي تاريخي غلطيءَ مان صاف ظاهر آهي ته هيءُ هڪ من گهڙت افسانو آهي، جو گهڻو پوءِ قصي طور ايجاد ڪري فتحنامي ۾ شامل ڪيو ويو.

(4) چوٿون ته ص 257-256/ [245-244] تي ڄاڻايل آهي ته محمد بن قاسم کي هتي ئي ڪچي کل ۾ ويڙهي صندوق ۾ بند ڪري کڻي ويا ۽ خليفي وٽ ان جو لاش پهتو. معتبر عربي تاريخون هن بيان جي واضح طور ترديد ڪن ٿيون.

(5) پنجون ته ص 258/[247] تي ڄاڻايل آهي ته خليفي کي جڏهن ڏاهر جي ڌيئرن جي ڪوڙ ۽ مڪر جي خبر پيئي تڏهن کين جيئرو ڀت ۾ لنبائي ڇڏيائين. هيءُ هڪ اهڙو واقعو آهي جو جيڪڏهن سچو هجي ها ته عربي تاريخن ۾ ان جو ذڪر هجي ها، مگر اهڙو ڪو اشارو به موجود ڪونهي.

اهي مٿيان اندروني سـُـقم ئي هن سڄي بيان کي هڪ جڙتو ۽ من گهڙت افسانو ثابت ڪن ٿا. معتبر عربي تاريخن مطابق محمد بن قاسم جي دردناڪ پڄاڻي ۽ وفات جي حقيقت هيٺينءَ طرح آهي ۽ اها ڪلي طور هن جڙتو افساني جي ترديد ڪري ٿي:

خليفي وليد جي وقت ۾ حجاج جي طاقت جو اوج هو. انهيءَ عرصي ۾ حجاج جي اختيار ڪيل پاليسي سبب: (1) ڪي خاص ماڻهو حجاج جي دشمنيءَ جو شڪار بنيا، خليفي وليد جي وفات بعد اهي ماڻهو نئين خليفي سليمان جا خاص صلاحڪار ۽ وڏا آفيسر بنيا ۽ انهن حجاج جي عزيزن ۽ خاص ماڻهن کان حجاج جا بدلا ورتا. محمد بن قاسم به انهيءَ بدلي جو شڪار بنيو. (2) ٻيو ته انهن خاص شخصن سان جڏهن حجاج جي دشمني ٿي ته انهن وڃي خليفي وليد جي ڀاءُ ۽ وليعهد سليمان وٽ پناهه ورتي، جنهن ڪري حجاج ذاتي طور سليمان جو دشمن ٿي بيٺو. پوءِ سليمان جڏهن خليفو ٿيو، تڏهن حجاج واري ذاتي عداوت سبب هن پنهنجي مکيه صلاحڪارن جي پاليسيءَ جي پٺڀرائي ڪئي، جنهن موجب حجاج جو بدلو سندس عزيزن ۽ خاص ماڻهن کان ورتو ويو جن ۾ محمد بن قاسم اول نمبر هو. (3) وليعهد سليمان سان ذاتي عداوت هئڻ سبب حجاج ساڻس سياسي عداوت ڪئي ۽ خليفي وليد جي انهيءَ تجويز کي زور وٺايو، جنهن موجب سليمان کي وليعهد جي درجي تان هٽائي خليفي وليد جي پٽ عبدالعزيز کي وليعهد بنايو ويو. حجاج جي انهيءَ سياسي عداوت جو بدلو سليمان خليفي بنجڻ بعد سندس عزيزن ۽ خاص ماڻهن، خصوصاً محمد بن قاسم کان ورتو. حجاج جون اهي دشمنيون ۽ مرڪزي سياست ۾ آيل تبديل ئي محمد بن قاسم جي گرفتاري ۽ دردناڪ پڄاڻي جا خاص سبب هئا. جن تي هيٺ معتبر تاريخي حوالن ذريعي روشني وڌي وڃي ٿي:

(1) حجاج جي مهلب جي پٽن سان دشمني: سنه 75 هه ۾ خليفي عبدالملڪ، حجاج کي پنهنجو خاص آفيسر ڪري مقرر ڪيو ۽ حجاج پوري جبر ۽ تشدد سان حڪومت جي مخالفن کي ختم ڪيو ۽ فسادن جي پاڙ پٽي ڪڍي. مگر سنه 81هه ۾ خود حڪومت جي هڪ آفيسر ۽ حجاج جي زيردست، عبدالرحمان بن محمد بن الاشعث، بغاوت ڪئي. ابن الاشعث مشرقي محاذ جو ڪمانڊر هو ۽ سيستان طرف فتحون حاصل ڪيون هئائين. بصره، فارس، ڪرمان ۽ سيستان جو انتظام به سندس هٿ هيٺ هو(1). ابن الاشعث جي بغاوت، حجاج کي خود حڪومت جي طاقتور آفيسرن کان بدظن ڪيو. ان وقت حڪومت جو ٻيو ڪامياب ڪمانڊر مهلب ابن ابي صفرا ِّ هو. مهلب پاڻ حڪومت جو نهايت وفادار آفيسر هو، مگر حجاج کي سندس پٽن کان خدشو پيدا ٿيو ڇاڪاڻ ته اهي سڀيئي شينهن مڙس هئا ۽ سندس اثر ۽ رسوخ، همت ۽ مردانگيءَ جون حجاج وٽ خاص خبرون پهتل هيون(2). خصوصاً مهلب جي پٽ يزيد جي اثر ۽ رسوخ، طاقت ۽ غرور بابت حجاج کي معلوم ٿي چڪو هو(3). بلڪ ستارن جو حساب لڳائي ڪن کيس ٻڌايو هو ته يزيد نالي شخص ئي تنهنجو جاءِ نشين ٿيندو(4). انهيءَ ڪري حجاج ويتر يزيد بن مهلب کي نفرت جي نگاهه سان ڏسڻ لڳو(5).

يزيد جي پيءُ مهلب جو خليفي عبدالملڪ وٽ وڏو قدر هو، انهيءَ ڪري سندس حياتيءَ ۾ حجاج ڪوبه قدم کڻي نٿي سگهيو. مهلب 82هه ۾ وفات ڪئي، مگر ان وقت ابن الاشعث جي بغاوت زور هئي ۽ حجاج ان جي دفع ڪرڻ ۾ مشغول هو، انهيءَ ڪري يزيد کي سندس پيءُ مهلب جي جاءِ تي خراسان جو گورنر مقرر ڪيائين. مگر سنه 85 هه ۾ ابن الاشعث جو خاتمو ٿيو ۽ حجاج، يزيد کي خراسان جي گورنري تان معزول ڪيو.(1) يزيد هاڻي وڃي خليفي عبدالملڪ جي پٽ سليمان جو سهارو ورتو، ۽ حجاج جڏهين عبدالملڪ ڏانهن يزيد ۽ سندس ڀائرن خلاف لکيو ته انهن بيت المال جي رقمن ۾ خيانت ڪئي آهي، ۽ انهيءَ باري ۾ مسلسل لکندو رهيو تڏهن خليفي ڏانهس لکيو ته هو وڃي سليمان سان ڀيڙا ٿيا آهن، انهيءَ ڪري سندن پچر ڇڏي ڏي.(2) 

 


 

* ”بهار“ هڪ ماڻ جو نالو آهي، مگر ان جي وزن متعلق اختلاف راءِ آهي. جواليقي جي بيان موجب هڪ بهار سون يا چاندي جي ٽن قناطيرن جي برابر آهي، ۽ هرهڪ قناطير هڪ سؤ رطل جي برابر آهي. مگر الفراءِ ۽ ابن الاعرابي جي راءِ موجب ”بهار“ عربن وٽ ٽن سون رطلن جي برابر آهي. (ڪتاب المعرب ص 27). تاج العروس (ماده: بهر) جي مصنف پڻ ”بهار“ جي معنيٰ لکندي ساڳيو جواليقي وارو بيان نقل ڪيو آهي. خفاجي لکي ٿو ته ”بهار“ هڪ ماڻ آهي جو ٽن قناطيرن جي برابر آهي ۽ ڪي چون ٿا ته ٽن سـَـوَنَ رطلن جي برابر آهي.” (شفاءَ العليل ص 43)

(1)  ابن الاثير 226x4

(2)  ابن خلدون 3x54

(3)  ابن خلڪان، انگريزي ترجمو III/515-16

(4) ساڳيو، IV/164

(5) ابن خلڪان، عربي متن 2x265، انگريزي ترجمو IV/64

(1)  طبري 2x1138

(2)  طبري 2x16-1212

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org