مگر سوال آهي ته
ڪهڙي نئن هئي جا محمد بن قاسم
نيرون ڪوٽ کان سيوهڻ طرف ڪوچ ڪندي ٽپي؟ جيئن ته هن
ايراضي ۾ صرف
”نئن سن“
ئي هڪ نمايان ۽ قديم
نئن آهي، ۽ انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته غالباً
اهائي نئن آهي جنهن کي فتحنامي ۾”موج“ ۽ عربي تاريخن ۾
”نهر“
سڏيو ويو آهي.
فتحنامي مطابق،
”اتي جي شمنين (يعني ٻڌ ڌرم جي اڳواڻن) محمد بن
قاسم سان موافقت ڪئي“
(ص 144). مگر نئن سن
لڳ ڪي به اهڙا آثار نه آهن جي انهن شمنين جي قديم
بستي جو ڪو
پتو ڏين. هن سلسلي ۾ مؤرخ بلاذري
جو بيان وڌيڪ قياس ويجهو آهي. بقول بلاذري (ص 438)
محمد بن قاسم
”نهر...
ٽپي پار پيو. ان بعد
سربيدس (يا سربندس) جا شمني وٽس آيا ۽ ساڻس صلح
ڪيائون.“ ظاهر آهي ته اهي شمني، محمد بن
قاسم کي هن
”نهر“ اڪرڻ کان پوءِ مليا يعني
ته سندن بستي
”نهر“ جي پريان ڪٿي هئي. هاڻي،
”نئن
سن“ جي الهندي طرف آمري وٽ
قديم دڙا ۽ کنڊرات آهن ۽ ساڳئيءَ طرح
”لڪي“
وارو هنڌ به ڪافي
قديم آهي، جو پنهنجي نزديڪ وارن جبلن ۽ پاڻيءَ جي
چشمي سبب ٻڌ ڌرم
جي راهبن جي قيامگاهه لاءِ هڪ
موزون مڪان آهي. غالباً
اهي شمني انهيءَ
جاءِ تي رهندڙ هئا.
فتحنامي جي عبارت موجب، هنن اتان سيوهڻ جي
حاڪم بجهرا
ِّ ڏانهن
پيغام
موڪلي پئي کيس صلح لاءِ آماده
ڪيو، جنهن جي معنيٰ ته اهي شمني سيوهڻ کان گهڻو
پري ڪونه هئا. جيئن ته
”لڪي“
سيوهڻ کان گهڻو پري
نه آهي. انهيءَ ڪري، فتحنامي جي عبارت جي روشنيءَ
۾، اهو مقام
ئي شمنين جي ممڪن بستي معلوم ٿئي
ٿو.
فتحنامي ۾ ڄاڻايل آهي ته موج، نيرون ڪوٽ کان ٽيهن
فرسنگن تي هئي. جيڪڏهن هڪ فرسنگ ٽن ميلن جي برابر
ليکجي ته اهو مفاصلو 90 ميل ٿيندو، جو تقريباً
حيدرآباد کان سيوهڻ
جو مفاصلو آهي. انهيءَ ڪري، يا ته جنهن وقت
فتحنامو لکيـو ويو ان وقـت فرسنـگ جو مـفـاصلو تقريباً
ڏيڍ ميل جي برابر هو، ڇاڪاڻ ته ”نئن سن“
تقريباً
حيدرآباد کان 45 ميلن جي مفاصلي تي آهي، يا ته وري
فتحنامي جي فارسي عبارت ۾ خلل آهي ۽ ممڪن آهي
دراصل
”سي
فرسنگ“
(يعني ٽيهه فرسنگ) جي بدلي
”بيست
وسي فرسنگ (ٽيويهه فرسنگ) هجي. ٽي ميل في فرسنگ جي
حساب سان اهو مفاصلو 69 ميل ٿيندو، جو لڳ ڀڳ
حيدرآباد کان لڪي جو مفاصلو آهي. فتحنامي جي عبارت
”اتي
جا شمني“
مان مراد، جيئن مٿي سمجهايو ويو آهي، غالباً
لڪي جا شمني آهي، ۽ ڏنل مفاصلو به انهيءَ ماڳ سان
لاڳو سمجهڻ گهرجي. والله علم بالصواب. (ن-ب)
144/
]118[ قلعي جو بادشاهه: يعني سيوهڻ جي
قلعي جو بادشاهه.(ن -ب)
146/ ]120[
سندس قلعو ڪنڀ نهر جي ڪناري تي
سيسم
]نالي[
هو: يعني ته اهو قلعو ٻڌيه
علائقي جي حاڪم جو هو جتي سيوهڻ جي حاڪم بجهرا ِّ ڀڄي
پناهه ورتي.
”ڪنڀ“
يا
”ڪنب“
وڏي شاهي تلاءَ يا ڍنڍ جي معنيٰ ۾ اڄ ڏينهن تائين
استعمال ٿئي ٿو، جنهن مان دليل نڪري ٿو ته
”ڪنڀ“
غالباً
ساڳي منڇر جي ڍنڍ آهي جا محمد بن قاسم جي ڏينهن ۾
به يقيني طور موجود هوندي. فتحنامي جي اصل فارسي
عبارت
”آب
کنبه“
آهي جنهن جي لفظي معنيٰ
”ڪنب
جو پاڻي“
۽ عام اصطلاحي معنيٰ
”ڪنڀ
جي نهر“
آهي. جيئن ته منڇر جي ڍنڍ قديم الهندين ناري سان
ڳنڍيل هئي، انهيءَ ڪري ناري کي
”ڪنڀ
نهر“
يا
”ڍنڍ
واري نهر“
چئي سگهجي ٿو. هيگ (انڊس ڊيلٽا ڪنٽري، ص 58) توڙي
هوڙي والا (ص 89) پڻ انهيءَ راءِ جا آهن ته
”ڪنڀ“
مان مراد منڇر ڍنڍ آهي. البت هيگ (ص 58) جي خيال ۾
”سيسم“ ساڳيو
”شاه حسن“
آهي جو منڇر جي الهندين ڪناري تي آهي. سندس اهو گمان غالباً
محض انهن ٻن نالن جي اچارن ۾ مناسبت تي مبني آهي،
۽ اسان جي خيال ۾ صحيح نه آهي. شاه حسن ڪافي پوئين
زماني جي بستي آهي. سيسم جي قلعي جي باري ۾ صرف
ايترو چئي سگهجي ٿو ته اهو يا منڇر جي ڍنڍ جي
ڪناري تي يا قديم الهندين ناري جي ڪپ تي هو. (ن-ب)
146/ ]121[
بندهان: هيءَ بستي، ڪنڀ جي
ڪناري تي هئي، جتي محمد بن قاسم سيسم جي قلعي تي
چڙهائيءَ لاءِ اچي منزل ڪئي. بندهان پڙهڻي قديم
نسخي پ جي آهي ۽ اسان انهيءَ کي اختيار ڪيو آهي.
ممڪن آهي ته اصل سنڌي نالو
”بند+هان“
هجي ۽ منڇر جي ڪنهن قديم بند سبب انهيءَ بستي تي
اهو نالو پيو هجي، يا ممڪن آهي ته اهو نالو اصل ۾
”ٻنڌاڻ“
هجي. ر م نسخن جي پڙهڻي
”نيلهان“
آهي، يعني ته هن نالي ۾
”ل“
جو اضافو آهي. انهيءَ لحاظ سان هيگ(ص 58) انهيءَ
بستي کي موجوده
”ٻلهڻ“
(Bilhan) ڳوٺ (پڻ ديهه) سان تعبير ڪري ٿو جو سيوهڻ کان 7 ميل
اولهه طرف منڇر جي ڪناري تي آهي. (ن-ب)
147/ ]121[
جنهن جو وڏو اڪر، گنگا جي
انهيءَ گهيڙ کان، جنهن کي اودندوهار ٿا سڏين، آيو
هو: اصل فارسي عبارت منجهيل ۽ غالباً
ناقص آهي (ڏسو حاشيه 1، ص 147)، ۽ انهيءَ ڪري ڪنهن
به صحيح نتيجي تي پهچڻ مشڪل آهي. ميجر راورٽي
(مهراڻ، حاشيه ص 234) محض اوٽ تي پنهنجي پڙهڻي
اختيار ڪئي آهي ۽ سندس پڙهڻيءَ ۾ ڏنل شهرن جي نالن
جو هوڙي والا (ص 89) پتو ڏنو آهي، مگر جيئن ته
راورٽي جي پڙهڻي محض خيالي آهي، انهيءَ ڪري هوڙي
والا جي تشريح به بيسود آهي.
اصل فارسي عبارت ۾ پهريون نالو
”اکر“
آهي جنهن کي اسان به ترجمي ۾
”اڪر“
ڪري لکيو آهي. مگر اهو نالو
”اگر“
به ٿي سگهي ٿو ۽ انهيءَ لحاظ سان سنڌ جون
”اگر“،
”آگرا“
۽
”آڳڙا“
قومون ممڪن آهي ته انهيءَ
”اگر“
جي نسل مان هجن. اڳتي ٻيو خاص نالو اصل فارسي
عبارت موجب
”کداره کنک“
آهي جنهن کي اسان
”گذارهُ
گنگ“
سمجهي، ان جو ترجمو
”گنگا
(ندي) جو گهيڙ" ڪيو آهي. فارسي ڇاپي جي فاضل
ايڊيٽر جي خيال ۾ شايد اهو نالو ڪنهن ملڪ يا مندر
جو آهي (ڏسو فتحنامو فارسي متن، حاشيه 8، ص 121).
لفظ
”اودندوهار“
جي پڇاڙي
”وهار“
مان ظاهر آهي ته اهو هڪ ٻڌ جي مندر جو نالو آهي.
(ن-ب)
149/
]124[ بهطلور: تحفة
الڪرام (3x15) جي پڙهڻي
”بهلطور“
آهي.
150/ ]164[
حميد بن وداع النجدي: صحيح نالو
”حميد
بن وداع الـَـبحـِـري“
آهي. ڏسو هيٺ، نوٽ ص 229/ ]217[.
(ن-ب)
150/ ]125[
بغرور جي قلعي جي مقابل
ٻـُـڌيه طرف جي اها ايراضي- الخ: محمد بن قاسم
ٻڌيه جو پرڳڻو سيوهڻ وٺڻ بعد فتح ڪيو، جنهن جي
معنيٰ ته اهو سيوهڻ کان مٿي اتر طرف هو. هن پرڳڻي
جي گادي
”ڪاڪا
راڄ“
شهر هو ۽ انهيءَ نالي جو نشان هينئر به
”ڪڪر“
جي نالي ۾ موجود آهي. انهيءَ جي معنيٰ ته ٻڌيه
پرڳڻو، مهراڻ درياءَ جي ساڄي طرف سيوهڻ کان اتر
طرف هو ۽ موجوده ضلعي دادو جو اتريون ڀاڱو ان ۾
شامل هو. مگر زير بحث عبارت مان، جو خود محمد بن
قاسم جو بيان آهي، ظاهر آهي ته ٻڌيه جي ايراضي اڃا
به گهڻو اتر طرف لاڙڪاڻي ضلعي ۽ سکر ضلعي جي
درياءَ جي سڄي طرف وارن ڀاڱن، ويندي
”بغرور
جي قلعي جي مقابل“
يعني ته بغرور جي قلعي جي آمهون سامهون واري حد
تائين هئي، جا محمد بن قاسم فتح ڪئي. ظاهر آهي ته
بغرور جو قلعو درياءَ جي هڪ طرف (کاٻي) هو ۽ ٻڌيه
جي حد سامهون درياءَ جي ٻئي طرف (ساڄي) هئي. اڳتي
هلي اڃا به واضح ڪيو ويو آهي ته بغرور جو قلعو،
اروڙ جي پرڳڻي جي حد اندر ۽ راجا ڏاهر جي هٿ هيٺ
هو. فتحنامي جي مختلف نسخن جي پڙهڻين مطابق هن
قلعي جو نالو
”بغرور“
يا
”اغرور“
ڄاڻايل آهي (ڏسو متن ص 150، حاشيه 3)، مگر صحيح”بغرور“
آهي ۽ اروڙ سان وابستگيءَ جي بنياد تي اهو قديم بکر وارو قلعو
سمجهڻ گهرجي. ڏسو مٿي نوٽ ص57/
]9[. (ن-ب)
151/ ]126[
ڏاهر جو سؤٽ: يعني بجهرا ِّ بن چندر جنهن جو ذڪر مٿي ص 146- 144 تي اچي چڪو آهي. (ن-ب)
152/ ]186[
مهراڻ جي اڀرندي طرف انهيءَ
ماٿريءَ ۾، جا ڪشها (ڪڇ) جي سمنڊ جو ٻيٽ آهي:
فارسي ڇاپي جي متن ۾
”ڪشها“
جي بدلي
”ڪنبها“
پڙهڻي اختيار ڪئي وئي آهي، ۽ فاضل ايڊيٽر گمان ڪيو
آهي ته ڪنبها جي سمنڊ (بحر ڪنبها) مان شايد
”کنڀات
جي نار“
ڏانهن اشارو آهي
]ڏسو
فتحنامو، فارسي ڇاپي ص 262، نوٽ ص 126[. مگر اهو گمان قياس ويجهو ناهي. محمد بن قاسم نيرون ڪوٽ مان خط
لکندي انهيءَ ماٿري جو ذڪر ڪري ٿو جا مهراڻ درياءَ
اڀرندي طرف هئي، ۽ جتي ڏاهر جو هڪ گورنر حڪمران
هو. کنڀات جي نار، جنهن جي ماٿري گجرات جو ڏاکڻيون
حصو ٿي سگهي ٿو، سي ٻئي سنڌ کان گهڻو پري ۽ ڏاهر
جي حڪمراني کان ٻاهر هئا. محمد بن قاسم جي بيان
مان هيٺ صاف ظاهر آهي ته انهيءَ ماٿريءَ جو گورنر
ٻيٽ جي قلعي جو والي هو. فتحنامي ۾ اڳتي ايندڙ ذڪر
مان پڻ تصديق ٿئي ٿي ته اهو ٻيٽ جو قلعو مهراڻ جي
دوآبي
(Delta)
۾ هو. محمد بن قاسم
يقيني طور انهيءَ دوآبي جو ذڪر ڪري رهيو آهي، جو
مهراڻ جي ڇوڙ وارين ٻن مکيه شاخن جي وچ ۾ هو، جي
ٻئي غالباً
ڏکڻ طرف تقريباً
سـِـير، ريڻ ۽ الهندين پراڻ جي قديم ٻيٽن جي لڳ ڀڳ
ڪڇ جي ايراضيءَ جي سامهون ڇوڙ ڪنديون هيون. انهيءَ
لحاظ سان مهراڻ جو هيٺيون دوآبو هڪ معنيٰ ۾ ڄڻ ڪڇ
جي سمنڊ جو ٻيٽ هو. انهيءَ ڪري اسان مٿين عبارت ۾
”بحر
ڪنبها“
جي بدلي
”بحر
ڪشها“
پڙهڻي اختيار ڪئي آهي، جو
”ڪشها“
بمعنيٰ
”ڪڇ“
بلڪل قياس ويجهو آهي. (ن-ب)
152/ ]126[
بسامي
]پٽ[
راسل: فتحنامي جي معتبر نسخن
مطابق اهو نالو انهيءَ طرح ٿيندو. مگر اسان جي
خيال ۾ هيءُ نالو اصل کان غلط ڏنل آهي، صحيح نالو
وسايو
]پـٽ[
سربند ٿيڻ گهرجي.
هت محمد بن قاسم جي بيان مان ظاهر آهي ته هيءُ شخص
ٻيٽ جي قلعي جو حاڪم هو ۽ ڏاهر جي مکيه ماڻهن مان
هو، مگر سندس پٽ محمد بن قاسم ڏانهن مائل هو. هيٺ
فتحنامي جي بيان مان ظاهر آهي ته ٻيٽ جو حاڪم
وسايو
]پـٽ[ سربند هو (ص 176) ۽ هو پاڻ توڙي سندس هڪ پٽ راسل، ڏاهر
جا پورا فرمانبردار هئا ۽ انهيءَ ڪري اهي ٻئي سندس
ٻئي پٽ موڪي جا مخالف هئا (ص 177). پر موڪو شروع
کان ئي محمد بن قاسم ڏانهن مائل هو ۽ بالاخر ساڻس
شامل ٿيو ۽ سندس اطاعت قبول ڪيائين (ص158، 159،
166). انهيءَ تاريخي حوالي مان ظاهر آهي ته هن
جاءِ تي صحيح نالو وسايو پٽ سربند هئڻ گهرجي ۽ نه
بسامي پٽ راسل.
”بسامي“
غالباً
”بسايه“
جي بگڙيل صورتخطي آهي، ۽ ڪاتب يا فارسي مترجم، سهو
وچان وسايي جي پيءُ
”سربند“
جي بدران سندس پٽ
”راسل“
جو نالو لکي ويو آهي. (ن-ب)
156/ ]132[
اشبهار: فارسي متن جي فاضل
ايڊيٽر جي خيال ۾ اهو قلعو نيرون ڪوٽ ۽ سيوهڻ جي
وچ ۾ هو
]ڏسو فارسي ڇاپو، ص 162: حاشيه ص 132[
پر اهو صحيح نه آهي. محمد بن
قاسم ديبل فتح ڪرڻ بعد نيرون ڪوٽ
فتح ڪيو
۽
ان بعد سيوهڻ ڏانهن روانو ٿيو، ۽ سيوهڻ ۽ ٻڌيه جي
فتحن بعد موٽي نيرون ڪوٽ آيو. انهيءَ دوران ۾ بلاذري جي
”فتوح البلدان“
خواه فتحنامي ۾
اشبهار جي فتح جو ڪوبه ذڪر ڪونهي، جنهن جي بنياد
تي چئجي ته اهو
قلعو نيرون ڪوٽ ۽ سيوهڻ جي وچ ۾
هو. هن قلعي تي محمد بن قاسم نيرون ڪوٽ کان ڏکڻ
لاڙ طرف مهراڻ ٽپڻ لاءِ
ويندي وقت چڙهائي ڪئي.
”اشبهار“ جي نالي ۾
”بهار“
جي پڇاڙيءَ مان ظاهر
آهي ته هن قلعي وٽ به ڪو ٻڌ ڌرم جو مندر هو. ٽنڊي
محمد خان
لڳ
”ٻڌ
جا ٽڪر“ اهڃاڻ ڏين ٿا ته غالباً
هي قلعو انهيءَ ايراضي ۾ هو. (ن-ب)
157/
]133[ ٻيٽ جي حاڪم جاهين ساڻس جنگ جوٽي:
هن کان اڳ اچي چڪو آهي ته جاهين ڏاهر جي طرفان
ديبل جو حاڪم هو ۽ اتان ڀڄي نڪتو هو (ص 135). هن
عبارت مان گمان نڪري ٿو ته ڏاهر، هاڻي جاهين کي
محمد بن قاسم جي مقابلي لاءِ ٻيٽ جي قلعي جو
ڪمانڊر مقرر ڪيو هو ۽ کيس حڪومت جا به ڪلي اختيار
ڏنا هئا، جنهن جي تصديق هيٺ ايندڙ صفحي 167 مان
ٿئي ٿي. تنهن ڪري هت اتي جي
”حاڪم“ مان مراد
”ڪمانڊر“
وٺڻ گهرجي، ورنه ٻيٽ جا حڪمران يا والي وسايو پٽ
سربند ۽ سندس ٻه پٽ موڪو ۽ راسل هئا (ڏسو ص
177-176). (ن-ب)
157/ ]133[
وجورتہ قصبہ وارو ملڪ: اصل متن ۾ فتحنامي جي ڇهن قلمي نسخن جي پڙهڻي
”ولايت
قصبہ
وجورتہ“
۽ هڪ نسخي پ جي پڙهڻي
”ولايت
قصبہ
جورتہ“
آهي (ڏسو مٿي ص 157، حاشيه 4)،
”قصبہ“
معنيٰ مرڪزي شهر، جنهن جو نالو جملي قلمي نسخن
موجب
”وجورتـہ“
يا
”جورتہ“
ٿيڻ گهرجي. جيئن ته ڇهن نسخن ۾
”وجورتہ“
ڏنل آهي، انهيءَ ڪري اسان به انهيءَ نالي کي ترجيح
ڏني آهي، ۽ انهيءَ اصل عبارت جو ترجمو
”وجورتہ
قصبہ
وارو ملڪ“
ڪيو آهي. فارسي متن جي فاضل ايڊيٽر
”قصبہ“
جي بدران
”قصہ“
۽
”وجورتہ“
جي بدران
”سورتہ“
پڙهڻي اختيار ڪري، متن ۾
”ولايت
قصہ
و سورتہ“
ضبط ڪيو آهي، جنهن جي معنيٰ ته
”ڪڇ
(قصه) ۽ سورٺ وارو ملڪ“.
پر ايڊيٽر جي اها پڙهڻي صرف گماني آهي، ۽ فتحنامي
جي ڪنهن به قلمي نسخي مان ان جي تائيد نٿي ٿئي.
ساڳيءَ طرح ص 160 ۽ 173 تي به فاضل ايڊيٽر
”قصبه“
جي بدران
”قصه“
(يعني ڪڇ) ڪري لکيو آهي. مگر اسان اتي به جملي
قلمي نسخن جي پڙهڻي
”قصبه“
کي ترجيح ڏني آهي.
مؤرخ بلاذري (ص 438) محمد بن قاسم جي فتحن وقت قصه
يعني ڪڇ جي ملڪ جي راجا جو نالو راسل لکيو آهي.
فتح نامي ۾ (ص 230) ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪڇ جو ملڪ
محمد بن قاسم جي فتوحات وقت ڪيرج جي راجا دروهر جي
حڪمراني هيٺ هو (يعني ته شايد ڪڇ جو حاڪم راسل
سندس تابع هو). بقول بلاذري
(ص 440) محمد بن قاسم سنڌ ۽ ملتان فتح ڪرڻ بعد
ڪاٺياواڙ ۽ گجرات تي چڙهائي ڪئي ۽ سـُـرَست (يعني
سورٺ يا سراشترَ) وارن ساڻس صلح ڪيو ۽
ڪيرج (يعني
ڪيرا، جو گجرات جي گادي هو) جي راجا دوهر (فتحنامي
جو
”دروهر“) ساڻس مقابلو ڪيو پر شڪست کائي ڀڄي ويو. غالباً
دوهر يا دروهر جي شڪست بعد ئي محمد بن
قاسم قصه يا ڪڇ کي به سنڌ جي اسلامي حڪومت سان
ملائي ڇڏيو ۽ اهو ملڪ پنهنجي گورنر سليمان بن هذيل
الازدي جي حوالي ڪيائين (ڏسو فتحنامو ص 230).
انهيءَ جي معنيٰ ته قصه يا ڪڇ بعد ۾ فتح ڪيو ويو.
ان جي مٿان سنئون سڌو هڪ عرب گورنر مقرر ڪيو ويو.
انهيءَ ڪري زير بحث صفحي واري عبارت ۾
”قصـہ
۽ سورتہ“ (يعني ڪڇ ۽ سورٺ) پڙهڻي قياس ويجهو نه
ٿيندي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ مهراڻ عبور ڪرڻ وقت ئي محمد
بن قاسم جو ڪڇ ۽ سورٺ وارو ملڪ موڪي پٽ وسايي کي
ڏيڻ مٿين تاريخي حوالن جي روشني ۾ بي معنيٰ نظر
ايندو.
موڪي جو پيءُ وسايو، مهراڻ درياءَ جي ٻيٽ يعني دوآبي
(Delta)
جو والي هو، ۽ محمد بن قاسم موڪي کي اهو ٻيٽ وارو
علائقو ڏنو ۽ ان سان گڏ
”قصبہ وجورتہ“
واري ايراضي پڻ ڏني (فتحنامو ص 159). پڻ فتحنامي ۾
(ص 157) ڄاڻايل آهي ته محمد بن قاسم اها
”وجورتہ“ واري ايراضي موڪي کي
”جاگير طور“ ڏني، جنهن مان ظاهر آهي ته اها ڪا ٿوري ايراضي
هئي ۽ نه
”ڪڇ
۽ سورٺ“
يعني ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جو سڄو ملڪ. وري
فتحنامي ۾ (ص 160) ڄاڻايل آهي ته هن قصبہ
وجورتہ
وارو ڀاڱو ريگستاني هو. هاڻي سنڌ جو ريگستاني حصو
هڪ ڏکڻ- اوڀر طرف ٿرپارڪر ضلعي وارو ڀاڱو آهي.
فتحنامي ۾ قصبه جو نالو
”وجورتہ“ لفظي اصليت جي لحاظ سان
”وگورتہ“
ٿي سگهي ٿو ۽ ممڪن آهي ته اهو مهراڻي ۽ ٿر وارو
ساڳيو خـِـطو هجي جنهن کي هينئر ونگو چئجي ٿو.
والله اعلم بالصواب.(ن-ب)
160/ ]136[
جيئن حجاج جي فرمان جي منڍ ۾
لکيل آهي: غالباً
هن کان اڳ پهتل حجاج جي خط (ص 154- 152) ڏانهن
اشارو آهي، جنهن ۾ ڏاهر ڏانهن پيغام کڻي ويندڙ
قاصد جي باري ۾ خاص هدايتون ڏنل آهن. (ن-ب)
166/ ]144[
حمران سن 93 هه ۾ لکيو: هيءُ
فقرو جنهن ۾ ڪاتب جو نالو ۽ سال ڪتابت موجود آهن،
ڪافي تاريخي اهميت رکي ٿو، انهيءَ ڪري ڪاتب خواه
سن ڪتابت ٻئي غور طلب آهن. خط جو لکندڙ حـُـمران،
غالباً
حمران بن ابان آهي، جنهن جي سوانح عمري مختصر طور
هن طرح آهي: حضرت ابوبڪر رضه جي عهد ۾ جڏهن اسلامي
لشڪر حضرت خالد بن وليد
جي ڪمانڊ هيٺ عـَـينُ التمر فتح ڪيو، تڏهن ڀرسان
هڪ ڳوٺڙي
”النـُـقـَـيرَه“
۾ ٻارڙا ڪتابت يا صورتخطي جي سکيا وٺي رهيا هئا،
جن ۾ حـُـمران به هو. اهي قه پنهنجي وڏن سان گڏ
لڙائيءَ جي قيدين جي حيثيت ۾ نظربند ٿيا.
حـُـمران کي حضرت عثمان رضه خريد ڪري آزاد ڪيو، ۽ کيس فن ڪتابت
جي تعليم ڏياريائين: ان بعد هو حضرت
عثمان رضه جو ڪاتب توڙي حاجب ٿي
رهيو ۽ حضرت عثمان رضه جي مهر به شروع ۾ سندس
حوالي هئي. پوءِ وري حضرت
عثمان رضه طرفان بصره جو حاڪم مقرر ٿيو ۽ هڪ شخص
عامر بن عبدالقيس التميمي،
جنهن حضرت عثمان رضه جي شڪايت ٿي ڪئي، ان جي خلاف
حضرت عثمان رضه ڏانهن
رپورٽ لکيائين. عبدالملڪ جي عهد ۾ سندس حمايت
ڪيائين ۽ مصعب بن زبير جي شهادت
(جمادي الاول يا
جمادي الاخر سن 72 هه) بعد بصره تي قبضو ڪيائين.
زياد جي گورنريءَ
واري زماني ۾ ڪو وقت شيراز ۽ فارس
جو گورنر هو. اول ۾ حجاج مٿس سخت ڪاوڙيو، ۽ سندس
ملڪيت ضبط ڪيائين ۽ کيس سزا ٿي
ڏنائين مگر خليفي عبدالملڪ حـُـمران جي زوردار
سفارش ڪئي، جنهن تي حجاج
سندس ملڪيت واپس ڪئي ۽ خليفي کان کنيل قدم لاءِ
معافي ورتي. حـُـمران کي حديث جي راوين ۾ شمار
ڪيو ويو آهي (ڏسو بلاذري، فتوح
البلدان ص 247، 352 ۽ 368: ۽ انساب الاشراف جلد 4
ص
160، 162،
164، جلد- 5
ص 57- 58، 66، 186، ابن قتيبہ،
ڪتاب المعارف ص 222- 223، ابو علي
القالي، الامالي ص 182، العقد الفريد، جلد 2 ص
92،
208، 265،
ڪتاب المحبر ص 480، اصابه، رقم 1898، طبري جلد 2 ص
799، ابن خاڪان،
393، تاريخ ابن
ڪثير، تحت سن 75، المقدسي، جمع بين رجال الصحيحين
، جلد 1 ص 115).
(وڌيڪ پڙهو) |