جـَـهم پوءِ وڃي خراسان محاذ جي مشهور ڪمانڊر قتيبہ
جي هٿ هيٺ پنهنجي نئين عهدي جي چارج ورتي. مگر
محمد بن قاسم وانگر قتيبـ*کي پنهنجي سپهه سالارن
کي محبت سان گرويده ڪرڻ جو شايد گهٽ ڏانءُ هو.
بهرحال جڏهن سليمان خليفو ٿيو ۽ قتيبہ
خلاف انتقامي ڪارروايون شروع ڪيائين ته قتيبہ بغاوت ڪئي. جنهن ۾ جهم سندس ساٿ ڪونه ڏنو بلڪ شاهي فوجن جي
اڳواڻي ڪري، قتيبه جو مقابلو ڪيو ۽ قتيبہ
جي شڪست توڙي آخري گهيري ۽ قتل (سن 96 هه) جو مکيه
اڳواڻ جهم ئي هو (طبري 2x1296-
1297). جهم ان بعد خراسان جي ڪمانڊر يزيد بن مهلب
جو مکيه سپهه سالار ٿي رهيو ۽ اتي جي جنگين، خاص
طرح جرجان جي آخري فتح (سن 98 هه)، ۾ هن جو وڏو
حصو هو (طبري 2x1319
۽ 1330- 1333)، ۽ يزيد بن مهلب کيس جرجان جو گورنر
مقرر ڪيو (ايضاً
2x1353).
حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه کان پوءِ جڏهن يزيد بن
عبدالملڪ خليفو ٿيو (سن 101 هه)، تڏهن خراسان جي
اڳئين ڪمانڊر يزيد بن مهلب جي ساٿين خلاف انتقامي
ڪارروايون شروع ٿيون، ۽ خراسان جي نئين ڪمانڊر ۽
وائسراءِ سعيد خـُـذينہ
جي حڪم تي ٻين سان گڏ جهم بن زحر کي به گرفتار ڪري
قيد ڪيو ويو. آخر قبيلہ
”باهلہ“
جي هڪ آفيسر هن دلير مرد کي عذاب ڏيئي پورو ڪيو،
جنهن تي سعيد هن شخص کي ڪافي ملامت ڪئي (طبري 2x1297).
انهيءَ شخص جو نالو زبير بن نشيط هو ۽ سعيد خذينہ
هميشہ
چوندو هو ته زبير جو خدا خانو خراب ڪري جو هن جهم
جهڙي مڙس کي چيچائي ماريو. جهم جي موت تي مشهور
شاعر ثابت قـُـطنہ ازدي هيءَ شعر مرثيہ
طور چيا:
اَ تـَـذهــَــبُ اَيــامـِـي ولـــم
اِســقِ
ترفــِـلا
وَ اَشياعـَـہ
الکاس التي صـَـبــحـُـوا جـَــــهمـَـا
ولم يـُـقـَـرها الــسـَـعــديُ عـَـمـــرَو بـِـن
مالکِ
فـَـيـُـشعـَـب من حوضِ ا لمـَـنـَـايا لـَـها
قـِـسمـَـا
ڏسو بلاذري، انساب العرب، طبع جيروسلم، 5x162.
(ن-ب)
130/
]101[
عـَـطـِـية
بن سـَـعد الـَـعوفـِـي: عطية
پڻ هڪ بهادر مرد هو ۽ محمد بن قاسم سان خاص محبت
هئس. شروع ۾ عطية هڪ بغاوت ۾ حصو ورتو هو، جنهن ڪري حجاج جي انتقام جي ڊپ کان
عراق ڇڏي فارس ڏانهن هليو ويو. اتي محمد بن قاسم
گورنر هو ۽ حجاج جو کيس حڪم پهتو ته عطية کي چار سؤ دُرن جي سزا ڏئي. محمد بن قاسم، عطية
کي حجاج جو حڪم ٻڌايو ۽ کيس سزا ڏنائين. (ڏسو طبري
”ذيل
المذيل من تاريخ الصحابة
و التابعين“
ملحق في آخر تاريخ الطبري. 3x9424:
۽ شذرات الذهب 1x144).
پر ان هوندي به عطية محمد بن قاسم کان منهن ڪين موڙيو، ۽ سنڌ جي فتح وقت سپهه سالار
طور ساڻس شامل رهيو ۽ سنڌ جي فتحن ۾ پوري بهادري
سان حصو ورتائين. ڏسو فتحنامو ص
]106،
156، 172 ۽ 192[.
(ن - ب)
130/
]102[
عبدالرحمان بن سـُـليم الڪلبي: نهايت تجربيڪار
سپهه سالارن مان هو. ڏهه سال اڳ، سن 82 هه ۾
عبدالرحمان بن محمد بن الاشعث خلاف
”دَير
الـَـجماجم واري جنگ ۾ هو حجاج جي فوج جي ساڄي طرف
(ميمنہ)
جو سپهه سالار هو (ابن خلدون 3x49)،
۽ انهيءَ جنگ ۾ ئي ابن الاشعث کي پهريون دفعو شڪست
آئي. عبدالرحمان وڏو بهادر هو ۽ بهادرن جو قدردان
هو. هڪ دفعي مشهور سپهه سالار مهلب وٽ آيو ۽ سندس
نوجوان پٽن کي سوار ٿيندو ڏٺائين ته سندس همت ۽
طاقت جي تعريف ڪيائين. قال: اَنس الله الااسلام
بتلاحقکم- اما والله لئن لم تکونوا اسباط نبوة،
انکم لاسـَـباط مـَـلحمة (جاحظ، البيان والتبيين 2x61
۽ ابن خلڪان، الوفيات 2x266). عبدالرحمان، اموي گهراڻي جو هڪ وفادار آفيسر هو. حضرت عمر
بن عبدالعزيز جي وفات بعد جڏهن يزيد بن عبدالملڪ
خليفو مقرر ٿيو، تڏهن عبدالرحمان کي خراسان جو
گورنر مقرر ڪيائين، پر ان وقت هن نئين خليفي جي
خلاف هر طرف کان بغاوت ٿي، جنهن ڪري عبدالرحمان
عرض ڪيو ته
”تنهنجي
دشمن سان مقابلو ڪرڻ مون کي خراسان جي گورنري کان
وڌيڪ پسند آهي. مون کي پاڻ يزيد بن المهلب (باغي)
جي مقابلي واري فوج ۾ جڳهه ڏي“
(طبري 3x188-
1389). ان بعد عبدالرحمان غالباً
باغي يزيد بن المهلب جي مقابلي لاءِ
شاهي فوج جي
ڪمانڊر مسلمہ بن عبدالملڪ جو سپهه سالار ٿي رهيو ۽ ان
جي وڏي مدد ڪيائين. اهوئي خاص سبب هو جو، جڏهن
” مسلمة
بن عبدالملڪ، يزيد بن المهلب جي مقابلي کان فارغ
ٿيو ۽ کيس عراق جو وائسراءِ مقرر ڪيو ويو، تڏهن
عبدالرحمان بن سليم الڪلبي کي بصره جو گورنر مقرر
ڪيائين“ (ابن خلدون
3x80).
130/
]102[
سفيان بن اَلاَبرَد: سفيان پڻ
”الڪلبي“
هو، يعني بنو ڪلب قبيله مان هو ۽ نهايت پخته مشق ۽
دلير سپهه سالار هو، جنهن خليفي عبدالملڪ جي ڏينهن
۾
”خارجين“
سان زبردست جنگيون ڪيون. سن 76 ۾ جڏهن شبيب خارجي،
حجاج کي جنگ ۾ شڪست ڏيئي ڀڄايو، تڏهن خليفي
عبدالملڪ، سفيان کي چار هزار فوج ڏيئي روانو ڪيو ۽
هن موت کي منهن ڏيئي شبيب جو مقابلو ڪري کيس شڪست
ڏني (المسعودي، مروج الذهب، طبع پئرس،5x321-322
ابن خلدون، 3x156-
157 ۽ 159). ان بعد سفيان، حجاج جو چونڊ ڪمانڊر ٿي
رهيو، جنهن کيس وڏي لشڪر سان طبرستان طرف، خارجين
جي اڳواڻ قطري بن الفجاعت ۽ سندس ساٿين جي مقابلي
لاءِ موڪليو. سفيان انهن سان مقابلا ڪري، کين ماري
مات ڪيو. ان بعد دماوند ۽ طبرستان ۾ داخل ٿي اتي
طاقت مضبوط ڪيائين ۽ اتيئي رهيو، تان جو
”دَيرجـَـماجـَـم“
واري جنگ کان ڪجهه اڳ حجاج اتان کيس فارغ ڪيو (ابن
خلدون 3x161).
جنگ
”ديرجماجم“
۾، جا حجاج ۽ باغي ڪمانڊر عبدالرحمان بن محمد بن
الاشعث جي وچ ۾ لڳي، سفيان حجاج جي لشڪر جي پيادل
فوج جو سپهه سالار هو (ابن خلدون 3x49).
ظاهر آهي ته سن 76هه کان وٺي سفيان فوجي سپهه
سالار ٿي رهيو هو ۽ سن 92هه ۾ جڏهن کيس حجاج محمد
بن قاسم جي فوج سان موڪليو، ان وقت کيس سورهن سالن
جي فوجي سپهه سالاري جو تجربو هو ۽ نهايت سخت
جنگين ۾ بهرو وٺي چڪو هو. (ن-ب)
130/
]102[
قـَـطـَـن بن بـُـرَڪ الـِـڪلابـِـي: فتحنامي ۾ هن
نالي جي اهائي پڙهڻي آهي، مگر ابن عساڪر جي”التاريخ
الڪبير“
(4
x390)
۾
”قطن
بن مدرڪ الڪلابي“ لکيل آهي ۽ ڄاڻايل آهي ته:
”حجاج
(پنهنجي سؤٽ) حڪم بن ايوب ثقفي کي بصره جو گورنر
مقرر ڪيو هو، پر جڏهن (عبدالرحمان) ابن الاشعث
بغاوت ڪئي (سن 81 هه) تڏهن کيس معزول ڪري قطن بن
مدرڪ الڪلابي کي سندس جاءِ تي مقرر ڪيائين.“ غالباً
هن بغاوت واري نازڪ وقت ۾ ئي قطن، حجاج جي وڏي مدد
ڪئي. ڇاڪاڻ ته فتحنامي ۾ هن جاءِ تي خود حجاج جا
پنهنجا لفظ آهن ته
”قطن
اسان کي مشڪلات ۾ مدد ڪئي آهي، ۽ عزت جو لائق ۽
راستگو آهي.... ۽ حجاج جو هميشه مددگار رهيو آهي.“
(ن - ب)
130/
]104[
جراح بن عبدالله: غالباً
جـَـراح بن عبدالله الـَـحـَـڪمـِـي، جو بعد ۾ هڪ
مشهور ڪمانڊر ٿيو، ۽ خليفي يزيد بن عبدالملڪ جي
ڏينهن ۾ آرمينا
۾ فتحون
ڪيائين. خليفي عمر بن عبدالعزيز کيس پنهنجي عهد ۾
خراسان جو وائسراءِ مقرر ڪيو- ڏسو بلاذري، فتوح
البلدان ص 202، 206، ۽ 426- 427. (ن- ب)
131/
]103[
عـُـدَيل بن فـَـرخ: يعني العـُـدَيـَـل بن
الـَـفرخ (بن معين بن اَسوَد بن عـَـمرَو بن جابر
بن ثـَـعلبـَــ* سـُـمـَـي بن العـُـڪابت)
العـِـجلـِـي جو "بنو عـِـجل" قبيلي جو مشهور شاعر
هو (ابن حزم، الجمهرهِ ص 295، ۽ ابن دريد،
الاشتقاق ص 208) ڪنهن سبب سان هن شاعر ۽ حجاج جي
وچ ۾ اڻبڻت ٿي، جنهن تي عديل سندس هجوَ ۾ ڪي شعر
چيا. ان بعد آخرڪار هو حجاج جي هٿ چڙهي ويو ۽ کيس
مارايائين ٿي جو هن پنهنجا حجاج جي تعريف ۾ ڪي
اڳيان چيل شعر پڙهيا، جنهن تي حجاج معافي ڏنس
(البيان والتبيين، طبع مصر 1345/
1926، جلد 1 ص 247). "نقائض جرير والفرزدق" ۾ هڪ
جاءِ (نمبر 646) تي جنگ
”ذوقار“
جي باري ۾ سندس شعر نقل ٿيل آهن، ۽ ٻيءَ جاءِ
(نمبر 1090) تي مالڪ بن مسمع متعلق سندس مدحيہ
شعر ڏنل آهن. (ن-ب)
132/
]104[
منجنيق.... جنهن جو نالو
”عروسڪ“
هو: بلاذري (فتوح البلدان ص 437) هن منجنيق جو
نالو
”عروس“
لکيو آهي. (ن-ب)
134/
]106[
نـَـبـَـاتہ
بن حـَـظـَـلـَة
ڪـِـلابـِـي: نباتہ
به هڪ چونڊ شهسوارن مان هو، جنهن کي حجاج، محمد بن
قاسم جي لشڪر سان گڏي موڪليو هو. ڏسو فتحنامو ص
207/
]192[.
نباتہ
نه صرف هڪ قابل سپهه سالار هو، مگر سياست جو به
ڄاڻو هو. فتحنامي جي حوالن مان ظاهر آهي ته نباتہ ديبل (ص 141)، سيوستان (ص 148) ۾ ڏاهر سان دوبدو لڙائي ڪئي (ص
176، 207، 216)، ۽ برهمڻ آباد وارين جنگين ۾ وڏو
حصو ورتو، ان کان سواءَ محمد بن قاسم طرفان مقامي
حاڪمن سان سياسي صلح قائم ڪرڻ ۾ وڏو ڪم ڪيائين (ص
148، 155، 159). نباتہ پوءِ اموي دؤر جي آخر ۾ مروان بن محمد جي ڏينهن ۾، شاهي فوجن
جو هڪ مکيه سپهه سالار هو. تقريباً
128 هه ۾ مروان بن محمد جي ڪمانڊر ان چيف. يزيد بن
عمر بن هـُـبـَـيره کيس باغي سليمان بن حبيب بن
المهلب جي مقابلي لاءِ موڪليو ۽ هن کيس وڃي شڪست
ڏني (اليعقوبي 2x
407). ان بعد يزيد بن عمر، نباتہ
کي جرجان جوگورنر مقرر ڪيو، ۽ هو اتي رهيو، تان جو
بنو عباس جي پارٽي زور ورتو ۽ ابو مسلم خراساني،
خراسان جي گورنر نصر بن سيار کي ڀڄائي ڪڍيو ۽
پنهنجي سپهه سالار قحطبه بن شبيب کي زبردست لشڪر
سان سن 130 هه ۾ جرجان ڏي موڪليائين. نباتہ
انهيءَ جنگ ۾ ڇهه هزار ماڻهن سان مارجي ويو
(المسعودي، التنبيهه والاشرف، ص 327، طبري 2x6-
2003). (ن- ب)
134/
]107[
پهريون پهريون ماڻهو جيڪو قلعي تي چڙهيو، سو (شهر)
ڪوفه جو صعدي بن خريمه هو: جو ماڻهو اول ديبل جي
قلعي تي چڙهيو، تنهن جو نالو مؤرخ بلاذري ڪونه ڏنو
آهي،البت هو لکي ٿو ته پهريون ماڻهو جو قلعي تي
چڙهيو سو ڪوفه جو رهاڪو هو ۽
”بنو
مراد“
قبيلي مان هو. بلاذريءَ جي اصل عبارت هيءُ آهي:
وَکانَ اوَلـُـهـُـم دَارَجـُـل مـِـن مـُـراد
مـِـن اَهلِ الـِـکـُـوفـَـهِ (فتوح البلدان،
425). هن عبارت تي غور ڪرڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته
شايد فتحنامي جي اصلي ماخذ جي عربي عبارت صاف نه
هئي، ۽ فارسي مترجم علي ڪوفي غالباً
”صعودا
رجل من“
جي لفظن کي ماڻهوءَ جو نالو سمجهي
”صعدي بن خريمه“
لکيو آهي- والله اعلم باالصواب.(ن-ب)
134/
]107[
عجل بن عبدالملڪ بن قيس الدمني: هن نالي جي آخري
نسبت فتحنامي جي جملي نسخن ۾ صاف لکيل ناهي ۽
انهيءَ ڪري مبهم آهي (ڏسو حاشيه ص 134). البت ص
149 تي غالباً هن ساڳئي شخص جي پيءُ عبدالملڪ بن قيس بابت ڄاڻايل آهي ته هو
”اَل
جارود“
مان هو. جيئن ته
”اَل
جارود“
(يعني جارود جو اولاد) وارا
”عبدالقيس“
قبيلي مان هئا ۽ انهيءَ ڪري انهن جي نسبت
”العبدي“
هئي، انهيءَ ڪري شايد هيءَ مبهم لفظ
”الدمني“
به شايد دراصل
”العبدي“
آهي. (ن-ب)
135/
]107[
مهراڻ نديءَ تي انهيءَ جاءِ وٽ پهتو...
]جا[اڀرندينءَ
مهراڻ جي طرف(يا مهراڻ جي اڀرندي طرف) آهي: اصل
فارسي عبارت هن طرح آهي: بجوي مهران رسيد بموضع...
از جانب شرقي مهران 01 هه. هن عبارت ۾
”از
جانب شرقي“
جي سڌي لفظي معنيٰ
”(مهراڻ
جي) اڀرندي“
ٿيندي، جنهن جو مطلب ته ديبل جو حاڪم “جاهين”،
ديبل جي قلعي مان، جو مهراڻ جي الهندي طرف هو، ڀڄي
نڪتو ۽ آخرڪار مهراڻ ٽپي درياءَ جي اڀرندي طرف
ڪنهن مقام وٽ اچي پهتو. مگر مؤرخ بلاذري (فتوح
البلدان ص 442) سنڌ جي گورنر جنيد جي فتحن جي
سلسلي ۾
”بطيحة
الشرقي“
جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾
”الشرقي“
اسم خاص طور استعمال ٿيل آهي ۽ اسان جي خيال ۾ ان
جي مراد
”اڀرندين
مهراڻ“
آهي يعني
”مهراڻ
جي اڀرندين شاخ“.
انهيءَ اعتبار سان، فتحنامي ۾ هن جاءِ تي اصل
عبارت غالباً
”بجانب
مهران الشرقي“
هئي، جنهن جو فارسي ترجمو
”ازجانب
شرقي مهران“ ڪيل آهي. ان جو سنڌي ترجمو اصل عبارت جي لحاظ سان
”اڀرندينءَ
مهراڻ جي طرف“
وڌيڪ ٺهڪندڙ نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته عبارت جي شروع ۾
پڻ
”جوئي
مهران“
جا الفاظ آهن جنهن جي معنيٰ (بر تقدير
”مهراڻ جي جوءِ“)
ٿيندي،
”مهراڻ
ندي جي هڪ شاخ“
جا مرڪزي مهراڻ کان الڳ سمجهڻ گهرجي- والله اعلم
باالصواب. (ن-ب)
135/
]107[
”ڪارمتي“ يعني
”کاري
مٽي.“
”ندمتي“ يعني
”گل
سيمين“: اسان جي خيال ۾ فتحنامي جا اصلي لفظ صرف
”ڪارمتي“ ۽
”ندمتي“ آهن، جن جي تشريح فارسي مترجم طرفان آهي.
تنهن ڪري فارسي مترجم
”ڪارمتي“ جي معنيٰ
”گـِـل شور“
(يعني
”کاري
مٽي“) ۽
”ندمتي“
جي معنيٰ
”گـِـل
سيمين“ (يعني
”چانديءَ جهڙي يا سفيد“)
ڪئي آهي ۽ سنڌي ترجمو به انهيءَ لحاظ سان ڪيو ويو
آهي. پر جيڪڏهن
”ڪارمتي“ جي معنيٰ
”گـِـل
شور“ يا کاري مٽي آهي ته
”ندمتي“ جي معنيٰ
”نديءَ
جي مٽي“
يعني
”مٺي مٽي“ ٿيڻ گهرجي ۽ انهيءَ لحاظ سان فارسي ترجمي ۾ به
”گـِـل سيمين“ جي بدلي
”گـِـل
شيرين“ هجڻ کپي. ٻئي لحاظ سان وري جيڪڏهن
”ندمتي“ جو ترجمو
”گل
سيمين“ يعني (درياءَ جي چيڪي)
”چانديءَ جهڙي يا سفيد مٽي“ ڪيو ويو آهي ته
”ڪارمتي“
ان جو ضد
”ڪاري
(ڪلراٺي) مٽي“ هئڻ گهرجي. (ن-ب)
136/
]109[
حـُـمـَـيدُ بن وَدَ اع النجدي: مگر صحيح نالو
”حـُـمـَـيد
بن وَدَاع الـبحرِي“
آهي. ڏسو هيٺ، نوٽ ص 318/
]217[.
(ن-ب)
137/
]110[
برهمڻاآباد قديم: يعني سنڌ جو اصلي قديم شهر برهمڻ
آباد، جو محمد بن قاسم جي فتحن کان اڳ سنڌ ۾ موجود
هو. ان بعد اسلامي دؤر حڪومت ۾ محمد بن قاسم جي پٽ
عـَـمرَو سنڌ ۾
”منصوره“
جو نئون شهر
”برهمڻاباد“
کان ٻن سنگن جي مفاصلي تي ٻڌايو، جنهن کي پڻ مقامي
ماڻهو
”برهمڻاباد“
سڏڻ لڳا. جيئن ته فتحنامي جو هيءُ تاريخي احوال
اٽڪل 3- صدي هجري ۾ لکيو ويو ۽ ان وقت صرف
”منصوره“
يا (مقامي ماڻهن جي اصطلاح ۾ ڄمڻ)
”برهمڻاباد نئون“
موجود هو، انهيءَ ڪري تاريخي وضاحت لاءِ محمد بن
قاسم جي فتح واري اصلي برهمڻ آباد کي
”برهمڻاباد
قديم“
جي نالي سان سڏيو ويو. وڌيڪ وضاحت لاءِ ڏسو مٿي ص
276، 275، 274. (ن - ب)
137/
]111[
(محمد بن قاسم جو ارمابيل ۾ منزل ڪرڻ): هيءُ عنوان
۽ هيٺ ڏنل بيان ته
”محمد
بن قاسم ديبل کان ارمابيل جي لڙائي جو ارادو ڪيو“،
بلڪل بي موقعي ۽ بي معنيٰ آهي.
پهريون ته، هيءُ بيان بغير سـَـنـَـد جي ڏنل آهي. ٻيو ته، هن کان اڳ (ص
129-128) تي تفصيل سان بيان ٿي چڪو آهي ته محمد بن
قاسم مڪران مان ٿيندو، ارمابيل آيو ۽ اهو شهر فتح
ڪيائين (ص 129). ان بعد ارمابيل کان اڳتي ديبل
ڏانهن روانو ٿيو (ص 129). مؤرخ بلاذري به صاف طور
لکيو آهي ته محمد بن قاسم اول ارمابيل فتح ڪري ان
بعد اتان ديبل ڏانهن روانو ٿيو (فتوح البلدان، ص
436). انهيءَ ڪري ديبل فتح ڪرڻ بعد وري ارمابيل جي
لڙائي لاءِ تياري ڪرڻ بي معنيٰ آهي. ٽيون ته، هيٺ
1-141/
]115[ صفحن تي نباتہ
بن حنظلة
(جو محمد بن
قاسم سان گڏ هو) جي زباني مان صاف ظاهر آهي ته
محمد بن قاسم ديبل کان سيسم جي رستي نيرون ڪوٽ
ڏانهن روانو ٿيو. انهن واضح دليلن جي بنياد تي
هيءَ عنوان ۽ بيان بلڪل بي موقعي آهي ۽ غالباً
فتحنامي جي فارسي مترجم جو وڌايل آهي.
ٿي سگهي ٿو ته اصل لفظ صرف ايترا هجن ته:
”پهريائين محمد بن قاسم ديبل کان ارمابيل
رستي نيرون ڪوٽ ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو، مگر پوءِ
اهو ارادو ترڪ ڪيائين، ۽ اڃا ديبل ۾ ئي منزل انداز
هو جو کيس راجا ڏاهر جو خط پهتو، جو هن ڏانهنس
لکيو هو.“ ٿي سگهي ٿو ته اول محمد بن قاسم ارمابيل
رستي نيرون ڪوٽ (جو غالباً
حيدرآباد واري جاءِ تي هو) ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو
هجي، ڇاڪاڻ ته: (1) ارمابيل فتح ٿي چڪو هو ۽ مڪران
جون اسلامي فوجون سندس وڌندڙ لشڪر لاءِ پشت پناهه
ٿي سگهيون ٿي. (2) ارمابيل يا ارمن ٻيلي جو رياست
لسٻيلي ۾ موجوده شهر ٻيلي جي آسپاس هو، اتان شاهه
بلاول واري لڪ ذريعي ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد ڏانهن
ڪوهستاني علائقي واروگس، بمقابلي ديبل کان ڏاهر جي
سنڌ واري علائقي مان سڌو نيرون ڏانهن ويندڙ رستي
کان نسبتاً وڌيڪ محفوظ سمجهيو ويو هجي.
بهر حال اهڙي گمان لاءِ توڙي فتحنامي جي هن عنوان ۽ بيان لاءِ ڪابه تاريخي
سـَـند موجود ڪانهي. (ن-ب)
138/
]111[
هن کان اڳ ۾ ٻئي هڪ جي مٿي ۾ پڻ اهڙو غرور پيدا
ٿيو هو.... ۽ الحڪم بن ابي العاص پڻ انهيءَ جي
بيعت ڪئي هئي: اهي لفظ ڏاهر پنهنجي خط ۾ محمد بن
قاسم ڏانهن لکيا. سندس مراد آهي ته تو (محمد بن
قاسم) کان اڳ پڻ هڪ شخص هن طرف حملي جو خيال ڪيو
هو ۽ الحڪم بن ابي العاص پڻ انهيءَ جي بيعت ۾ هو.
ڏاهر، محمد بن قاسم کان گهڻو وقت اڳ جي ڳالهه ٿو ڪري ۽
انهيءَ ڪري غالباً
انهيءَ سپهه سالار جو نالو ذهن ۾ ڪونه هئس. البت
الحڪم بن ابي العاص جي ذڪر مان ظاهر آهي ته ڏاهر
جو اشارو غالباً
ديبل تي عربن جي پهرئين حملي جو آهي. تاريخ مان
ثابت آهي ته انهيءَ حملي جو خيال بحرين ۽ عمان جي
گورنر عثمان بن ابي العاص الثقفي، حضرت عمر جي
خلافت ۾ سن 15 هه (37- 636ع) ۾ ڪيو. سندس ڀاءُ
الحڪم بن ابي العاص سندس بيعت ۾ هو جنهن کي سمنڊ
ذريعي ٿاڻي ۽ ڀروچ ڏانهن روانو ڪيائين. ۽ پنهنجي
ٻئي ڀاءُ المغيره کي ديبل ڏانهن روانو ڪيائين
(بلاذري، فتوح البلدان ص 431- 432: پڻ ڏسو فتحنامو
ص 97- 98).
مٿين تاريخي حقيقت جي بنياد تي جنهن شخص کي سڀ کان پهرين ديبل تي حملي جو
خيال پيدا ٿيو، سو بحرين ۽ عمان جو گورنر عثمان بن
العاص الثقفي هو. مگر هو پاڻ سياست جو تير کڻي
ڪونه آيو، جيئن ڏاهر جي خط ۾ بيان ٿيل آهي، بلڪ
پنهنجي ڀائرن کي ٿاڻي، ڀروچ ۽ ديبل ڏانهن
موڪليائين. ساڻس سندس ڀاءُ الحڪم بن ابي العاص جي
بيعت هئي ۽ نه
”ابي العاص بن الحڪم“
جي، جيئن فتحنامي جي اصل متن ۾ آهي (ڏسو حاشيه 1-
ص 138). ان کان سواءِ خود الحڪم بن ابي العاص ديبل
تي ڪونه ڪاهيو هو، بلڪ سندس ڀاءُ المـُـغـِـيره بن
ابي العاص ديبل تي چڙهائي ڪئي هئي، پڻ المغيره
ديبل ۾ مارجي ڪونه ويو، جيئن ڏاهر پنهنجي خط ۾
لکيو آهي. ڏاهر جو هيءُ بيان فتحنامي جي شروعاتي
روايت
]ص
97- 98[ مطابق آهي، جنهن ۾ ڏيکاريل آهي ته المغيره ديبل واري
جنگ ۾ مارجي ويو، حالانڪ تاريخي اعتبار سان اهو
غلط آهي. ڏسو مٿي نوٽ، 104/
]71[.
آخر ۾ هيٺ (ص 138) هن ساڳئي خط ۾ ڏاهر، محمد بن قاسم کي لکي ٿو ته:
”پاڻ
کي غرور جي خواب ۾ مبتلا نه ڪر، نه ته تنهنجي
عاقبت به اها ٿيندي جا بديل جي ٿي.“
هن فقري مان گمان نڪري ٿو ته مٿيون شروع وارو
اشارو به شايد بـُـدَيل ڏانهن ئي هجي. مگر جي ائين
هجي ها ته ڏاهر به سندس نالو کڻي ها. ٻيو ته
”الحڪم
بن ابي العاص“
جو ٿورو ڪي گهڻو تعلق ديبل تي سن 25 هجري واري
حملي سان هو ۽ نه بـُـدَيل واري حملي سان، جو حجاج
جي ايامڪاريءَ ۾ سن 75 هه کان بعد ۾ واقع ٿيو.
البت جيڪڏهن فتحنامي جي اصلي پڙهڻي
”ابو
العاص بن الحڪم“
تسليم ڪجي ۽ چئجي ته ابو العاص مٿئين الحڪم جو پٽ
هو، جو بـُـديل سان جنگ ۾ شامل هو، ته البت اها
ڳالهه ٺهي سگهي ٿي. مگر ابو العاص بن الحڪم جو
حوالو ڪنهن به عربي ماخذ ۾ نظر نٿو اچي. (ن-ب)
141/
]115[
ساڪري جو نارو: اصل فارسي متن ۾
”ناله
سانکره“
جنهن جون ٻيون پڙهڻيون
”ساکر“،
”ناله
سانکره“
۽
”دهند
ساکره“
آهن (ڏسو حاشيه- 1، ص 141).
”ساڪره“
جو لفظ هن وقت به
”ميرپور
ساڪري“
جي نالي ۾ موجود آهي، يعني ته اها ميرپور جا
”ساڪره“
جي ايراضيءَ ۾ آهي. انهيءَ لحاظ سان
”ناله
ساڪره“،
جنهن جي ذريعي محمد بن قاسم نيرون ڏانهن جنگي
سامان سان ڀريل ٻيڙيون روانيون ڪيون، غالباً
”بگهياڙ
ڦاٽ“
آهي، جو ان وقت اڃا ننڍڙو واهڙ هو. پڻ ڏسو مٿي نوٽ
ص 268. (ن-ب)
144/
]118[ انهيءَ جاءِ وٽ پهتو جنهن کي موج
ٿا چون: يعني محمد بن قاسم نيرون ڪوٽ مان سيوستان
ڏانهن روانو ٿيو ۽ سڀ کان پهرين "موج" وٽ پهتو، جا
نيرون ڪوٽ کان ٽيهن فرسنگن تي هئي. لغت جي لحاظ
سان
”موج“ معنيٰ تکو وهندڙ پاڻي، جنهن مان گمان
نڪري ٿو ته غالباً
محمد بن قاسم ڪنهن
”نئن“ وٽ پهتو، جا برسات سبب وهي رهي هئي. نيرون ڪوٽ ۾ محمد بن
قاسم دعا گهري هئي جنهن تي گهڻي برسات پئي هئي (ص
142). ان مان ظاهر آهي ته چوماسي جي مند شروع ٿي
چڪي هئي. اڳتي هيٺ بيان مان ظاهر آهي ته
”موج“ وٽان رواني ٿيڻ بعد محمد بن قاسم سڌو
سيوستان (سيوهڻ) جي قلعي وٽ وڃي پهتو، ۽ هن موج وٽ
ئي اتي جا شمني (ٻڌ ڌرم جا زاهد) گڏجي وٽس آيا ۽
ساڻس صلح جو پڪو عهدنامو ڪيائون.
مؤرخ بلاذري هن موقعي بابــت لکي ٿو تـــه: محمد بـــن قاسم،
”مهراڻ
جي اوريان هڪ نهر کي عبور ڪيو، ۽ (اتي) سربيدس جا
شمني وٽس آيا ۽ ساڻس صلح ڪيائون“
(فتوح البلدان ص 438). پڻ مؤرخ اليعقوبي (2x327)
جو بيان آهي ته محمد بن قاسم
”مهراڻ
جي اوريان سنڌ جي هڪ نهر ٽپيو ۽ (اتان) سهبان
(سيوهڻ) ڏانهن روانو ٿيو.“
بلاذري ۽ يعقوبي جي هنن حوالن جي فتحنامي جي عبارت سان پوري مطابقت آهي، ۽
ظاهر آهي ته فتحنامي جي
”موج“ هنن مؤرخن جي
”نهر“
آهي. ٻئي مؤرخ، الهندي طرف ممالڪ اسلاميه مان
لکندي چون ٿا ته: اها
”مهراڻ
جي اوريان“
آهي ، جنهن جي معنيٰ ته مهراڻ کان الهندي طرف هئي.
سنڌ جي جاگرافيءَ تي نظر ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته حيدرآباد (جتي غالباً
قديم نيرون ڪوٽ هو) ۽ سيوهڻ جي وچ تي الهندي طرف
واري ڪوهستاني ايراضيءَ ۾ سنڌونديءَ جي ڪنهن به
شاخ جو هئڻ ممڪن ناهي. محمد بن قاسم کان اڳ يا
پوءِ جي تاريخ مان به هن خـِـطي ۾ اهڙي ڪنهن
الهندين شاخ جو ثبوت نٿو ملي. جيڪڏهن هن خطي ۾
مهراڻ جي الهندي طرف ڪا نهر ٿي سگهي ٿي ته اها ڪا
نئن ئي هوندي، ۽ فتحنامي جو لفظ
”موج“
انهيءَ دليل تي پڌرو شاهد آهي.
سنڌ جا ميد غالباً
سنڌ جي سامونڊي پٽي جا ميربحر هئا. هاڻوڪو لفظ
”ميه“
شايد
”ميد“
جي بدليل صورت هجي. اڃا تائين کاري طرف حقارتاً
چوندا آهن ته
”تون
ڪو ميد آهين“
يا
”تون
ڪو مـَـيه آهين“
يا
”تون
ڪي مي آهين." ڪراچي کان ويندي ڪيٽي بندر تائين، هن
وقت انهن ماڻهن ۾
”نڪامره“
يا ان جي بدليل تلفظ وارو ڪنهن به قبيلي جو نالو
نٿو ملي. البت تحفة
الڪرام جي هڪ حوالي مان (جيڪڏهن اهو سچو آهي)
معلوم ٿئي ٿو ته
”نڪامره“
قوم يارهين صدي هجريءَ جي پهرئين اڌ تائين موجود
هئي. مير علي شير قانع لکي ٿو ته: شاهجهان بادشاهه
پنهنجي شهزادگيءَ واري وقت ۾ جڏهن پنهنجي والد
جهانگير بادشاهه کان ڪاوڙجي ٺٽي ۾ آيو، تڏهن نواب
شريف خان (شرفا خان؟) ۽ ڪڪرالي جي ڄام سندس مخالفت
ڪئي، مگر ڌاراجا جي راڻي،
”نڪامره
قوم“،
۽ حمل جت سندس مدد معاونت ڪئي. انهيءَ ڪري تخت تي
ويهڻ بعد شاهجهان، نواب امير خان کي سن1037 هه ۾
ٺٽي جو نواب مقرر ڪيو، ته ساڻن سهڻو سلوڪ ڪري ۽
کين نوازي (تحفة
الڪرام، مطبع ناصري، دهلي، 3
x95).
جيڪڏهن يارهين صدي هجريءَ ۾ به
”نڪامره“
قوم موجود هئي، ته انهيءَ حالت ۾ هن وقت ان قوم جي
ماڻهن جو باقي هئڻ ڪافي ممڪن آهي، البت اهو قومي
نالو غالباً
متروڪ ٿي ويو آهي. سامونڊي پٽي خواه لاڙ جي ماڻهن
جون اوڙڪون جي اسان کي معلوم ٿي سگهيون آهن، سي هي
آهن: لاڙ، وَنگـُـرا، دَبلا (دٻي ڌاراجا جا اصل
رهاڪو)، هـُـولاڻي، ليلگاڻي، ماڇي، جوباڻيا،
ٽانڊيا، ولهاري، هوڙائي، ڊوڪي، ڪڏائي، گـُـجاڙيا،
سوڍائي، پکيڙا، ٽيٻائي، پاٽاري، ٺوري، ڍورائي
وغيره، مگر نڪامره جو نالو ڪٿان به معلوم نه ٿي
سگهيو آهي. (ن-ب)
120/
]90[
اها عورت بني عزيز (يا نبي عزيز) قبيلي مان هئي:
هن نالي وارو قبيلو ڪنهن به عربي ڪتاب ۾ نظر نٿو
اچي. بقول بلاذري (فتوح البلدان ص 435)، هيءَ عورت
]بني
يـَـربـَـوع[
قبيلي مان هئي. مؤرخ بلاذريءَ جو قول وڌيڪ وزنائتو
آهي. (ن-ب)
123/
]94
[محمد
بن قاسم، جو سندس چاچي جو پٽ ۽ پڻ ناٺي هو ۽ حجاج
جي ڌيءَ سندس گهر ۾ هئي: هيءُ سڄو بيان حقيقت جي
خلاف آهي. نه محمد بن قاسم، حجاج جي چاچي جو پٽ
هو، نڪي هو حجاج جو ناٺي هو، ۽ نڪا حجاج جي ڪا
ڌيءَ ئي سندس گهر ۾ هئي.
(1) اول ته ابوعقيل جي آڪهه جي هيٺين شجري کي ڏسڻ
گهرجي:
مٿئين شجره مان ظاهر آهي ته محمد بن قاسم، حجاج جي
چاچي (محمد) جو پٽ ناهي، مگر حجاج جي چاچي (محمد)
جي پٽ (قاسم) جو پٽ آهي.
فتحنامي جي فارسي عبارت هن طرح آهي:
”محمد
قاسم پسر عم اوبود.“
هتي
”پسرعم“
ترجمو آهي عربي لفظ
”ابن
عم“
جو. عربيءَ ۾ چاچي جي پٽ خواه پوٽي يا پڙ پوٽي کي
”ابن
عم“
چئي سگهجي ٿو، مگر ان اصطلاح جو فارسي ترجمو،
پڙهندڙن لاءِ غلط فهمي پيدا ڪري سگهي ٿو. انهيءَ
ڪري اسان سنڌي ترجمي جي متن ۾ وضاحت لاءِ
”سندس
چاچي
]جي
پٽ[
جو پٽ“
ڪري لکيو آهي.
(2) زير بحث صفحي تي محمد بن قاسم کي حجاج جو ناٺي
ڄاڻايو ويو آهي ۽ لکيو ويو آهي ته حجاج جي ڌيءَ
سندس گهر ۾ هئي. مگر ص 205/
]190[
تي
”حجاج
جي پنهنجي نياڻي محمد بن قاسم کي ڏيڻ جي حڪايت“
ڏني ويئي آهي، جا غور طلب آهي. حقيقت ۾ اها محض هڪ
”حڪايت“
آهي ۽ هر حوالي کان غير معتبر. اول ته هن حڪايت جي
روايت ضعيف آهي، ۽ بني تميم جي ڪنهن نامعلوم شخص
ڏانهن منسوب آهي، جنهن يزيد بن ڪنانه کان نقل ڪئي
آهي. خود يزيد بن ڪنانہ
جو نالو ڪٿي به راوين جي قطار ۾ نظر نٿو اچي. ٻيو
ته هن حڪايت ۾ محمد بن قاسم جو حجاج کان وري وري
سندس ڌيءَ گهرڻ ۽ حجاج جو ڪاوڙ جي هر ڀيري لڪڻ سان
سندس پڳ ڊاهڻ، محمد بن قاسم جي بلند اخلاق جي خلاف
آهي. ان کان سواءِ حجاج جي مشهور غصي
۽
ڪاوڙ آڏو محمد بن قاسم (جو ان وقت اڃا هڪ ڇوڪرو
هو) جي مجال نه هئي، جو وري وري انهيءَ ڳالهه تي
زور ڏي. ٽيون ته هن حڪايت جو راوي چوي ٿو ته آءٌ
ان وقت حجاج وٽ ويٺو هئس ۽ هي سڀ تماشو ڏسي رهيو
هئس. گويا حجاج جي ڌيءَ جو سڱ جو فيصلو ٻين جي آڏو
ٿي رهيو هو! چوٿون ته حڪايت جي آخر ۾ ڄاڻايل آهي
ته حجاج بالاخر محمد بن قاسم کي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ
انهيءَ شرط تي ڏيڻو ڪيو ته جڏهن وڏو ٿيندو، تڏهن
فارس ۽ هند تي
حملا ڪري اهي
ملڪ فتح ڪندو. اها اڳڪٿي به ڏيکاري ٿي ته هي حڪايت
محض هڪ افسانو آهي ۽ ان جا اندروني سقم ئي ان جي
غير معتبر هئڻ لاءِ ڪافي ثبوت آهن.
پر وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته خود اهو به ثابت ڪونهي
ته حجاج کي ڪا ڌيءَ به هئي. ابن حزم، جو انساب عرب
جو هڪ وڏو ڄاڻو ۽ ماهر آهي، تنهن پنهنجي ڪتاب
”جهمرت
انساب العرب“
(ص 255) ۾ حجاج جي اولاد ۾ صرف چار پٽ ڄاڻايا آهن:
محمد، عبدالملڪ، آبان ۽ سليمان.
حقيقت هيءَ آهي ته حجاج البت پنهنجي ڀيڻ زينب کي
اختيار ڏنو هو ته محمد بن قاسم ۽ حڪم بن ايوب (بن
حڪم ابن ابي عقيل) ٻنهيءَ مان جنهن سان وڻيس تنهن
سان شادي ڪري. محمد بن قاسم ان وقت فقط 17- ورهين
جو هو ۽ حڪم وڏي عمر جو هو. زينب (غالباً
پنهنجي عمر جي لحاظ سان) حڪم کي پسند ڪيو، جنهن
سان حجاج سندس شادي ڪرائي (ڪتاب الاغاني، جلد 4، ص
27).
مٿين وضاحت جي بنياد تي فتحنامي، توڙي فرشتي (جلد
4، ص 403) ۽ مير معصوم (تاريخ معصومي، فارسي ص 21)
جن جو ماخذ پڻ فتحنامو آهي، جا بيان ته محمد بن
قاسم، حجاج جو ناٺي هو، ظاهراً
غلط آهن.
هن سلسلي ۾ ضروري آهي ته هت محمد بن قاسم جي شادي
بابت فتحنامي جي ٻين حوالن جو به جائزو وٺجي ۽ ان
باري ۾ ڪنهن صحيح نتيجي تي پهچجي.
فتحنامي جي صفحي 201/
]186
[تي
ڄاڻايل آهي ته ڏاهر جي قتل کان پوءِ سندس زال لاڏي
گرفتار ٿي ۽ محمد بن قاسم، حجاج کان لاڏيءَ جي
خريد ڪرڻ جي اجازت گهري جنهن خليفي وليد کي سفارش
ڪئي، ۽ آخر دارالخلافت مان حڪم صادر ٿيو، ۽ محمد
بن قاسم لاڏيءَ کي خريد ڪري پنهنجي زال بنايو. پڻ
ڏسو صفحو 235/
]222[.
هن حڪايت جو راوي هڪ مقامي ماڻهو ابو محمد هندي
آهي، جنهن هيءَ ڳالهه ابو مسهر عابي (؟) نالي هڪ
شخص کان ٻڌي، جو خود هڪ گمنام ۽ مبهم شخص آهي.
ڪنهن به عربي ماخذ مان هن حڪايت جي ذري جيتري به
تصديق نٿي ٿئي، بلڪ خود فتحنامي ۾ ئي لاڏي جي باري
۾ متضاد بيان آهن، جي هن حڪايت جي ترديد ڪن ٿا.
مثلاً
ص 201 تي خود لاڏيءَ جي زباني بيان ٿيو آهي ته هو
اسلامي لشڪر ۽ ڏاهر جي فوج واري جنگ ۾ لڙائيءَ جي
ميدان ۾ گرفتار ٿي، مگر ص 220/
]205-
206[
تي خود برهمڻ آباد جي مکيه ماڻهن جي حڪايت موجب
ڏاهر جي قتل بعد، لاڏي پنهنجي پٽ سان گڏ اچي برهمڻ
آباد جي قلعي ۾ پهتي ۽ قلعي جي حفاظت جو بندوبست
ڪري مقابلي لاءِ تيار ٿي بيٺي، مگر اوچتو گرفتار
ٿي. مطلب ته فتحنامي جون اهي حڪايتون، جن جو بنياد
مقامي روايتن تي آهي ۽ جن جي عربي ماخذ مان ڪابه
تصديق نٿي ٿئي، سي غير معتبر آهن. محمد بن قاسم جو
لاڏيءَ کي خريد ڪري نڪاح ۾ آڻڻ به محض افسانو آهي.
هاڻي سوال آهي ته محمد بن قاسم ڪٿان شادي ڪئي؟
سندس ٻه پٽ عـَـمرو ۽ قاسم تاريخي حيثيت رکن ٿا.
عمرو سنڌ جو گورنر ۽ مشهور منصوره جو باني هو، ۽
ڀاڻس قاسم سڄا سارا پندرهن سال بصره جو گورنر ٿي
رهيو، جنهن جي معنيٰ ته هو وڏو لائق هو ۽ سندس
حڪمراني پبلڪ ۾ ڪافي مقبول هئي. هڪ خاص سبب اهوئي
هو جو مشهور اُرجوزَه گـُـو شاعر رُوبہ
بن العـَـجاج سندس مدح ۾ قصيدا چيا. رُوبـَـه
پنهنجي هڪ ڊگهي اُجوزه (مطلع:
”قلت
وقد اقـَـصر جهل الاَصوَر“،
ڏسو ديوان روبـَہ،
ص 57- 63) جي مصرعن 193- 197 ۾ چوي ٿو:
193 مافـِـي
غَد
اِني امروَ ؤ مـِـن مـَـعشـِـر،
194 يـَــغدُونَ
انــصـَــارَڪَ يـَــومَ النــصــر،
195 وَهـُـم عـَــلــيٰ رَغـــمِ الـعــُـداةِ
الـزقــر،
196 اخــــوَالُ اَبـائِـِّڪَ
في الـمـَـجدِ الـثـرِي،
197 سـَـعدُ بنِ زَيدِ في الصـَـمـِـيمِ الدَوسر.
(يعني ته، آءٌ انهيءَ گروهه مان آهيان جي هر ڏکئي
ڏينهن تي تنهنجي دشمن خلاف آهن ۽ تنهنجا مدد گار
آهن. اهو گروهه
”سعد
بن زيد“
قبيلي جي شير مردن جو آهي، جي تنهنجي خاندان جا
ماماڻا وڏي شان ۽ مرتبي وارا آهن.)
هن شعر ۾ ٻه ڳالهيون غور طلب آهن: (1) شاعر،
”سعد
بن زيد“
قبيلي جو ذڪر ڪيو آهي جنهن جو هو پاڻ هڪ فرد آهي.
هاڻي، شاعر روبہ
بن العجاج، وڏي قبيلي بنوتميم جي هڪ شاخ
”بنو
سعد بن مالڪ بن سعد بن زيدمنات بن تميم" مان هو
(ڏسو ابن حزم، الجمهرهِ ص 204: ۽ ابن دريد،
الاشقاق ص 159). اهو پاڙو وري
”سعد
بن زيد منات“
جي وڏي شاخ مان هو، جنهن ڪري شاعر اختصار طور صرف
”سعد
بن زيد“
ڪري لکيو آهي. (2) شاعر چوي ٿو ته هن قبيلي وارا
سندس ممدوح قاسم جي خاندان جا ماماڻا آهن. سندس
اصل الفاظ
”اخوال
آبائڪ“
آهي يعني
”تنهن
جي ابن جا ماماڻا“،
جنهن جي معنيٰ ته قاسم جي پيءُ، يعني محمد بن قاسم
۽ سندس پيءُ ڏاڏن جا ماماڻا آهن. انهيءَ مان ثابت
ٿيو ته محمد بن قاسم جي وڏن جون شاديون بنوتميم جي
هن پاڙي مان ٿيل هيون، ۽ انهيءَ رسم موجب غالباً
خود محمد بن قاسم جي شادي به بنوتميم جي هن ساڳئي
پاڙي مان ٿي هوندي. حقيقت ۾ هو به ائين، ڇاڪاڻ ته
مشهور محقق ۽ اديب خطيب تبريزي، شاعر روبہ
جي مٿئين اُرجوزه جي 195 ۽ 196 مصرعن جي سمجهاڻي
ڏيندي لکي ٿو ته: ابو محمد چيو آهي ته مون سندس
(شاعر روبہ
جي)
”س“
جي قافيه واري قصيدي جي هڪ مصرع ڏٺي آهي، جنهن مان
سندس مراد آهي ته خود قاسم بن محمد جا ماماڻا بني
سعد بن تميم منجهان آهن.
”بريد
ان القاسم بن محمد لہ
خوُولـة
في بني سعد بن تميم“
(حاشيه ڪتاب تهذيب الالفاظ، ص 68). هت
”ابو
محمد“
مان مراد مشهور عالم
”بن
الـِـسيرافي“
آهي، جنهن جي شاهدي بالڪل مستند سمجهڻ گهرجي. هن
حوالي ۽ وضاحت مان ثابت ٿي چڪو ته اسان جي محمد بن
قاسم جي پٽ قاسم جا ماماڻا بنوتميم قبيلي جي بنو
سعد (بن مالڪ بن سعد بن زيد منات بن تميم) پاڙي
مان هئا، جنهن جي معنيٰ ته محمد بن قاسم، بنوتميم
جي انهيءَ خاندان مان شادي ڪئي هئي. (ن-ب)
123/
]94[
حـَـمزهِ بن بـِـيض الحنفي هي شعر چيو: حمزهِ بن
بيض اموي دؤر جي مشهور شاعرن مان هو ۽ محمد بن
قاسم جو همعصر هو. سن 120 هه ۾ وفات ڪيائين. سندس
سوانح لاءِ ڏسو الاغاني- جلد 15 ص 14- 26: الامدي،
الموقلف و المختلف ص 100: الڪتبي، فوات الوفيات، 1x188:
العسڪري، معانيہ،
1x11:
ابوحيان 3x185:
ابن عساڪر 4x440:
النـَـويري 4x81،
تاج العروس (بيض). حمزهِ جو هيءُ شعر مشهور آهي،
ڏسو بلاذري، طبع يورپ ص 441، طبع مصر ص 428: ابن
الاثير 4x282:
اليعقوبي 2x307:
ابن قتيبہ،
عيون الاخبار 1x229:
المرزباني (پهرين مصرع جي مختلف روايت سان) ص 482.
فتحنامي مطابق، حمزه هيءَ شعر محمد بن قاسم جي
محاذ هند تي مقرري جي موقعي تي مبارڪباديءَ طور
چيا، مگر بقول ابن الاثير (4- 282) حمزه اهي شعر
محمد بن قاسم جي وفات حسرت آيات تي مرثيه طور تي
چيا. غالباً
ابن الاثير جو قول صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته بلاذري (ص
440) پڻ محمد بن قاسم ۽ ٻين ثقفي خاندان جي فردن
کي قيد ۽ ايذائي مارڻ جي ذڪر ڪرڻ بعد اهي شعر نقل
ڪيا آهن. (ن-ب)
128/
]99[
پوءِ..
محمد بن قاسم اتان ارمابيل ڏانهن روانو ٿيو: هن
کان اڳ واري صفحي تي فقط ايترو ڄاڻايل آهي ته محمد
بن قاسم مڪران پهتو. فتحنامي جي اها عبارت اڻپوري
آهي. بقول بلاذري (ص 436)،
”محمد
بن قاسم (شيراز مان) مڪران ڏانهن روانو ٿيو ۽ اتي
ڪافي ڏينهن ترسيو. ان بعد فنزبور
آيو ۽ اهو شهر فتح ڪيائين. پوءِ اتان ارمابيل ۾
آيو“.
بلاذريءَ جي هن بيان مان ظاهر آهي ته فتحنامي ۾
فنزبور يا پنجپور جي فتح جو ذڪر کٽل آهي. انهيءَ
ڪري بلاذريءَ جي بيان جي روشنيءَ ۾، فتحنامي جي
مٿئين عبارت ۾
”اتان“
مان مراد فنزبور يا پنجپور سمجهڻ گهرجي. (ن-ب)
128/
]100[
(محمد بن هارون) جڏهن ارمابيل جي منزل تي پهتو ته
سندس عمر پوري ٿي... کيس اتي دفن ڪيائون: بقول
بلاذري محمد بن هارون
”ارمابيل
جي ويجهو وفات ڪئي ۽ کيس قنبل ۾ دفن ڪيائون“.
محقق بلاذري جو قول وڌيڪ صحيح سمجهڻ گهرجي.
فتحنامي جي عبارت کي بلاذريءَ جي بيان سان هن طرح
تطبيق ڏيئي سگهجي ته
”ارمابيل
جي منزل“
مان مراد علائقي ارمابيل جي ڪا منزل آهي، جا شهر
ارمابيل جي ويجهو هئي، جيئن ته بلاذري لکيو آهي.
بلاذريءَ جو
”قنبل“
ساڳيو اهو شهر آهي جنهن کي عرب جاگرافي نويسن اڪثر
”قنبلي“
ڪري لکيو آهي. اسان جي خيال ۾
”قنبل“
توڙي
”قنبلي“
دراصل غالباً
”قنبيلو“
يعني
”پن
ٻيلو“
آهي، جو غالباً
شهر لسٻيلي رياست جي گادي ٻيلو (جو غالباً
عربن جو ارمابيل يعني ارمن ٻيلو آهي) جي لڳو لڳ
هو. هن وقت شهر ٻيلي جي هڪ طرف
”پير
آري“
جو مقبرو ۽ زيارتگاهه آهي ۽ مقامي روايتن موجب اها
ڪنهن اصحابي جي قبر آهي. ممڪن آهي ته محمد بن
هارون جو نالو
”ابن
هارون“
مان
”هارون“،
۽ زماني گذرڻ بعد اهو مقامي تلفظ يا غلطي سبب ڦري
”آري“
ٿيو هجي- والله اعلم بالصواب. (ن-ب)
130/
]101[
جـَـهم بن زَهر
الجـُـعفـِـي: سندس والد زَحر بن قيس الجعفي، ڪوفي
جي شريف سردارن ۽ شهسوارن مان هو ۽ وڏو بـَـليغ
مقرر هو (ابن عساڪر، تاريخ ڪبير 5x
69). جنگ صفين ۾ حضرت علي رضه سان گڏ هو (ابن
عساڪر، ايضاً،
۽ ڪتاب الصفين، ص 11). سندس فرزند به جملي شريف
هئا (ابن عساڪر)، جن مان جهم بن زحر نهايت مشهور
ٿيو، غالباً
محمد بن قاسم جو همعصر هو، ۽ محمد بن قاسم جي سنڌ
تي چڙهائيءَ کان اڳ، جڏهن محمد بن قاسم فارس جو
گورنر هو، تڏهن جهم سندس خاص سپهه سالارن مان هو.
سن 92 هه جي شروع ۾ محمد بن قاسم پنهنجي هيڊڪوارٽر
شيراز مان شهر
”ري“
جي فتح لاءِ تياريون ڪيون هيون، ۽ جهم بن زحر کي
فوج سان اڳواٽ ري ڏانهن روانو ڪيو هئائين. مگر
حجاج اوچتو محمد بن قاسم کي سنڌ جي محاذ جو ڪمانڊر
مقرر ڪيو ۽ جهم بن زحر کي به محمد بن قاسم وٽ
واپس پهچڻ جو حڪم ڪيائين (بلاذري، ص 436). ابن زحر
ان بعد سنڌ جي فتحن ۾ محمد بن قاسم سان شامل رهيو.
فتحنامو ص
]106[،
]156[،
]172[
۽
]192[.
غالباً
سندس همت ۽ بهادري سبب محمد بن قاسم جي به ساڻس بي
انتها محبت ٿي وئي. محمد بن قاسم ۽ جهم سنڌ جي
فتحن ۾ مشغول هئا، جو اوچتو حجاج جو حڪم پهتو ته
جهم کي خراسان جي محاذ ڏانهن بدلي ڪيو وڃي ته هو
وڃي اتي جي ڪمانڊر قتيبه بن مسلم جي مدد ڪري. طبري
(2x127)
هنن دوستن جي جدائي جو نهايت مؤثر لفظن ۾ ذڪر ڪيو
آهي ته:
”حمد
(بن قاسم) جي جهم بن زحر سان نهايت محبت هئي، سو
جڏهن جهم کانئس موڪلايو ته محمد روئي چيس ته: اي
جهم! بس جدائي!!“۾--
جهم جواب ڏنو ته:
”هائو.
ڀلا ٻيو ڪو چارو ئي ڪونهي.“
|