سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :9

سيد حسام الدين راشدي

سنڌ ۽ ايران جا لاڳاپا

سنڌ، جيڪو پاڪستان جو هڪ اهم حصو آهي، مون کي پڪ آهي ته اُن جي قدامت ۽ شاندار تمدني توڙي علمي ماضيءَ کان ڪوبه پڙهيل لکيل اڻواقف ڪونهي. موهن جي دڙي واري ان جهوني سرزمين ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخ جي ابتدا کان وٺي گهرن لاڳاپن جا نشان ملن ٿا(1). قديم کنڊرن مان مليل شيون، سماجي ۽ واپاري لاڳاپن جو پتو ڏين ٿيون. قديم تختگاهه بهمن آباد (برهمڻ آباد)(2)، ساساني ساخت وارو رني ڪوٽ، جيڪو ديوار چين جو ننڍڙو نمونو آهي(3)، يا خود منهنجي رهائشي ڳوٺ بهمن جي نالي ذريعي اڄ به ان ڳالهه جي شاهدي ملي ٿي، ته آڳاٽي زماني کان اسان جا ثقافتي ۽ سياسي لاڳاپا ڪيترو نه گهرا پئي رهيا آهن. ان کان سواءِ بهرام گور ۽ شنگل (راءِ چڱل؟) جو واقعو(4)، سنڌ تي بهرام جو اثر ۽ سنڌ کان هزارن لورن (مڱڻهارن) جو ايران وڃڻ ڪنهن کي معلوم ڪونهي، فردوسيءَ جا هي شعر ڪنهن نه پڙهيا هوندا.

بنزديک شنگل فرستاد کس
چنين گفت: اي شاه فرياد رس
ازان لوليان (لوريان) برگزين ده هزار
نر و ماده بر زخم بربط سوار
کہ استاد بر زخم دستان بود
در آواز او، رامش جان بود.
 

(2)

اسلام کان پوءِ ايران ۽ سنڌ جا لاڳاپا ايترو ويجهو ۽ مستحڪم رهيا آهن، جو چوڏهن سؤ سالن ۾ هيءُ سلسلو ڪڏهن به ٽـُـٽل نه ٿو ڏسجي. سياسي يا ثقافتي، ادبي يا فني- بهرحال ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾، هي روابط هر دور ۽ هر سمي ۾ قائم ۽ مستحڪم پئي رهيا آهن(5). انهن لاڳاپن جي تاريخ کي-- تعلقات جي گوناگون صورتحال ۽ مواد جي ڪثرت توڙي پکڙيل واقعن جي ڪري، آءٌ ڪٿان شروع ڪريان، ڪهڙن ڪهڙن عنوانن تحت بيان ڪيان ۽ وري ڪيسين بيان ڪريان، منهنجي لاءِ حيران ڪن ڳالهه آهي.

سر اين رشته ندانم، ز کجا بکشائم!

داستان طويل ۽ وقت گهٽ آهي. لهاذا هتي آءٌ ان دلچسپ حڪايت جو فقط هڪ مختصر خاڪو پيش ڪندس:

اوهان سڀني کي خبر آهي ته سنڌ ۾ اسلام ايران ذريعي پهتو. اگرچه تاريخي رستن ۽ راهن جي ذريعي اسان جي وچ ۾ واپاري آمدورفت آڳاٽي وقت کان موجود هئي(6)، پر شيراز کان ابن قاسم سان گڏ ايراني لشڪري جڏهن سنڌ ۾ وارد ٿيا، تڏهن عام نوعيت جي تعلق مذهبي رشتي جي صورت ورتي ۽ عربن سان گڏ ايرانين جون بستيون پڻ نئين سر سنڌ ۾ آباد ٿيون. سيستان جي طاهر ذواليمينين (205-259هه) يا يعقوب بن ليث صفار (253-265هه) جي زماني ۾، ايراني ڪارندن ۽ حاڪمن جي اچڻ وڃڻ جا تاريخ ۾ چٽا نشان موجود آهن(7).

عربي دور حڪومت ۾ جتي عربي زبان کي سياسي بناءَ تي سنڌ ۾ قدم ڄمائڻ جو موقعو مليو، اتي هي قدرتي امر آهي ته تجارتي تعلقات ۽ ايندڙ ويندڙ قافلن(8) يا انهن ايرانين جي ڪري، جيڪي عربن سان گڏ سنڌ ۾ آباد ٿيا، ايراني اثر سان گڏ ايراني زبان کي به هتي متعارف  ٿيڻ جو موقعو مليو هوندو(9). جيتوڻيڪ عرب جاگرافيدانن هن ڳالهه کي غيرضروري سمجهي بيان نه ڪيو آهي، پر ان جو سبب به سمجهڻ جوڳو آهي. ايران ۽ ايراني ٻولي ان وقت غلام هئا، ان جي اثرن جو چٽائيءَ سان ذڪر نه ڪرڻ، ڪا غيرمعمولي ڳالهه نه آهي.

سنڌ جي فارسي زبان سان واقفيت ۽ ان سان دلچسپي، جيڪڏهن پهريان کان پيدا ٿيل نه هئي، ته پوءِ عربي زبان جي حاڪميت ختم ٿيڻ بعد فارسي زبان جو پوءِ جي زمانن ۾، اُن جي جڳهه وٺڻ ڪهڙيءَ طرح ممڪن هو!

(3)

مختصر مدت جي طوائف الملوڪيءَ بعد عربن کان حڪومت جي واڳ، سنڌ جي هڪ مقامي قبيلي سومرن جي حوالي ٿي. ان دور ۾ قرامطين جو اقتدار(10)، هن ڳالهه جو پتو ڏئي ٿو ته ان زماني جو ايراني فڪر ۽ اثر سنڌ تي تمام گهڻو هو. محمود جڏهن ملتان (401هه) ۽ منصوره (416هه) کي غلام بنايو، تڏهن ظاهر ۾ قرامطي (11) وجود کي هن شرعي سبب طور استعمال ڪيو هو.

محمود غزنويءَ جي لاڳيتن حملن ۽ سندس سنڌ ۽ پنجاب تي حڪومت قائم ڪرڻ سبب سنڌ ۾ ايراني اثر ۽ ان جي ادب ۾ هڪ تازگي پيدا ٿي. ان دور جي ڪيترن ئي شاعرن، سنڌ کي پنهنجن شعرن ۾ مختلف صورتن ۾ ياد ڪيو آهي، جي سنڌ ۽ ان ۾ رهندڙن سان سندن گهري واقفيت ۽ دلچسپيءَ جو پتو ڏين ٿا. دقيقي (وفات قبل 384هه)، فرخي (وفات 429هه)، عنصري (وفات 431هه) قطران تبريزي (وفات 466هه)، ناصر خسرو (وفات 481هه)، مسعود سلمان (وفات 515هه)، عسجدي مروزي (وفات 514هه)، امير معزي (وفات 21-518هه) ۽ مختيار غزنويءَ (وفات 535هه) جا شعر ان سلسلي ۾ پڙهڻ جوڳا آهن(12).

غزنوي اثر واري زماني ۾ فارسي شاعرن ۽ عالمن جي اچ وڃ سبب، سنڌ ۾ جو ڪجهه پيدا ڪيو، اسان کي ڏک آهي ته زماني جي هٿچراند اهي سڀ آثار، ڪجهه اهڙيءَ ريت ختم ڪيا، جو اڄ اسين انهن علمي يادگارن مان ڪجهه به پيش نٿا ڪري سگهون. بهرحال هي ته اسين اندازو ڪري سگهون ٿا ته ملتان ۽ منصوره تي تسلط سبب علمي تخليقون لازمي ٿيون هونديون.

(4)

غزنوين جي دور (410هه-441هه) جي علمي اثاثي گم ٿيڻ جو اسين ڏک ڇو ڪريون، جڏهن ته اسان وٽ ان دَور کان پوءِ ناصرالدين قباچه جي زماني (602هه-625هه) جو علمي ذخيرو به محفوظ نه رهي سگهيو آهي. ناصرالدين ۽ سندس علم پرور وزير عين الملڪ اشعريءَ جي علمي سرپرستيءَ، تاتارين جي غارتگري ۽ خونريزين سبب هجرت ڪندڙ متعدد عالمن ۽ ناميارن شاعرن کي پنهنجي درٻار ۾ آڻي گڏ ڪيو(13).

مولانا قطب الدين ڪاشاني(14)، قاضي شرف الدين اصفهاني(15)، سيدالندما ِّ تاج الفضلاء فخرالقدماء شمس الدين محمد بلخي (ڪي بزرگ هن شاعر جو نالو هن ريت به لکن ٿا- شمس الدوله سيدالندماء تاج الفضلاء فخرالقدما ِّ محمد الڪاتب بلخي- سنڌيڪار)، فخرالشعرا ضياء الدين سجزي، منهاج سراج قاضي (624هه)، سديدالدين عوفي (617هه)، ”بفروش“ شاعر ۽ فضلي ملتاني (16) جا چند نالا آهن، جيڪي اتفاق سان محفوظ رهجي اسان وٽ پهتا آهن. جن جو نالو گم ٿي ويو، اُهي نه ڄاڻ ڪيترا هوندا، جيڪي هن درٻار ۽ دور سان واسطيدار هئا. ’جامع الحڪايات‘، ’الفرج بعد شدة‘ جو ترجمو، ’طبقات ناصري‘ جي تاليف جو آغاز ۽ ’چچ نامه‘ (613هه) هن سونهري دور جا اهي علمي يادگار آهن، جي خوشقسمتيءَ سان زماني جي هٿچراند کان بچي اسان تائين پهتا آهن. ’چچ نامه‘ جو فارسي مترجم سنڌ جي هڪ عالم مولانا ڪمال الدين اسماعيل جي لاءِ- جنهن وٽان کيس ’فتح نامه‘ جو عربي متن مليو- لکي ٿو ته: هو فارسي علم ۽ فن ۾ بي مثال هو(17). هي بزرگ اروڙ جو هو، جيڪو شهر سنڌ جي اڳين بادشاهن جو تختگاهه هو.

محمد بن عليءَ جي هن قول مان سنڌ ۾ فارسي علم جي ترويج جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. هي فارسي مترجم پاڻ به شاعر هو. ’چچ نامه‘ ۾ به سندس شعر موجود آهن(18).

هيءَ تعجب ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته فارسي شاعرن جو سڀ کان پهريون تذڪرو، جنهن کي ديوان سڏيو ويو آهي(19)، سنڌ جي سرزمين تي مرتب ٿيو، ۽ پوءِ ٻئي قديم ترين تذڪري ’لباب الالباب‘ جي تڪميل جو شرف به سنڌ کي ئي حاصل ٿيو.

هن دور جي فارسي شاعريءَ جو نمونو اسان کي ‘لباب الالباب’ ۾ ملي ٿو. خود عوفيءَ جو اهو قصيدو، جيڪو بکر جي قلعي جي فتح تي هن لکيو، اسان وٽ هڪ قيمتي ادبي اثاثو آهي(20).

بهرحال، هي سڀ علمي آثار ۽ نشان غزنوي دور کان پوءِ جو بچي ويل سرمايو آهن. جيڪو ڪجهه ختم ٿي ويو، ان جو نقصان نه فقط سنڌ جي لاءِ پر فارسي ادب جي تاريخ لاءِ به هڪ ابدي نقصان جي حيثيت رکي ٿو.

شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتاني (وفات 666هه)، هن دور جو جيد صوفي ۽ صاحب حال بزرگ هو. وٽس سماع جو رواج هو، جتي اڪثر ڪري فارسي شعر پڙهيا ويندا هئا(21). هڪ ڀيري هن شعر، شيخ کي ڊگهي عرصي تائين وجد جي حالت ۾ بي حال رکيو.

مستان که شراب ناب خوردند

             از پهلوئي خــود کباب خوردند (22).

شيخ بهاءُ الدين زڪريا وٽ فخرالدين عراقي (وفات 688هه) وارد ٿيو. سندس غزل-

نخستين باده کاندر جام کردند

ز چشم مست ساقي وام کردند

۽ هي غزل:

در کوئــي خرابات ’کسي راکه نياز‘ است

هوشياري و مستيش همہ عين نماز است

هتي جا يادگار آهن(23).

شيخ عثمان قلندر لعل شهباز مروندي، جنهن جي خانقاه سنڌ جي تاريخي شهر سيوهڻ ۾ اڄ تائين زيارتگاهه بنيل آهي، اهو بلبن جي دور ۾، جڏهن سندس پٽ خان شهيد (668-683هه) ملتان جو حاڪم هو(1) مرند کان سنڌ پهتو. ڏانهس ڪيئي فارسي غزل منسوب آهن (وفات 650هه)(24).

هيءُ ياد رهڻ گهرجي ته جلال الدين خوارزم شاهه (18-619هه) جو اچڻ ۽ سنڌ ۾ سڄو سال رهڻ ۽ ديبل جي اردگرد جامع مسجد ٺاهي وڃڻ، بحث هيٺ آيل دور جو شروع جو اهم سياسي واقعو آهي.

( 5 )

سنڌ تي تغلقن جا حملا 752هه/1351ع کان شروع ٿين ٿا، جڏهن ته هتي سومرن جي جاءِ تي سمن جو گهراڻو حاڪم ٿي چڪو هو.

هن دور ۾ مقامي طور فارسي شعر چوڻ جي رواج جو اهڃاڻ پڻ ملي ٿو. هن سلسلي ۾ اسان وٽ ان فارسي شعر جو هڪ مصرع ثبوت جي لاءِ موجود آهي، جو سنڌي نسل سنڌ جي حاڪم فيروز، تغلق آڏو پڙهيو هو.

شاهه بخشنده توئي بنده شرمنده منم(25).

ملتان جي حاڪم عين الملڪ ماهرو جي خطن جو مجموعو ’انشاي ماهرو‘ جي نالي سان موجود آهي، جيڪو هن ڳالهه جو ثبوت آهي، ته هن دور ۾ فارسيءَ کي سرڪاري زبان جي حيثيت حاصل هئي ۽ سنڌ جي سلسلي ۾، لکپڙهه لاءِ به ’فارسي‘ کان ڪم ورتو ويندو هو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي حاڪمن جي نالي جيڪي خط آهن، اهي هن ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا(26).

ان زماني ۾ سنڌ ۾ هي رواج به ڏٺو وڃي ٿو، ته ماڻهو پنهنجن بزرگن جي مقبرن تي فارسي ڪتبا ۽ شعر لکائي نصب ڪندا هئا. چنانچه حاجي ترابيءَ جو ڪتبو 782هه(27)، ۽ سيوهڻ  ۾ محمد تغلق جي عارضي قبر تي ڪتبا(28) هن ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا.

ننڍي کنڊ ۾ ڪلام پاڪ جا ٻه پهريان فارسي ترجما به سنڌ ۾ ئي ٿيا آهن، جن مان مخدوم جهانيان جهان گشت (وفات 785هه) جو ترجمو (29)، هن دور جو يادگار آهي ۽ ٻيو (جيڪڏهن شهاب الدين دولت آباديءَ جي تفسير ’بحر مواج‘ کي تفسير جي حيثيت ڏجي ته پوءِ) ڏهين صدي هجريءَ ۾ مخدوم نوح هالائيءَ جو ڪيل فارسي ترجمو آهي(2)، جو هند و پاڪ جي سڀني فارسي ترجمن ۾ آڳاٽو آهي(30).

اگرچه اها ڳالهه موضوع کان ٻاهر آهي، پر هڪ عجيب اتفاق جو هتي ذڪر ڪرڻ دلچسپ هجڻ سبب، منهنجي خيال ۾ برو نه ٿيندو ته ڪلام پاڪ جو پهريون ترجمو، جو ڪنهن به غير ٻوليءَ ۾ ٿيو، اهو به سنڌ ۾ ئي ۽ هتي جي ٻوليءَ ۾ ٿيو آهي(31).

(6)

اٺين صدي هجريءَ ۾ يا ان کان پوءِ اسان کي ڪيترا ئي علمي گهراڻا اهڙا ملن ٿا، جن ايران کي ڇڏي، سنڌ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي، ۽ جن جي اُٿي ويٺي، مجلسن ۽ صحبتن جي ڪري، سنڌ ۾ فارسي زبان جي اشاعت ۽ اضافي کي وڏي تقويت حاصل ٿي.

هن سلسلي ۾ شيراز جي انجوي ساداتن جي هڪ شاخ جي بزرگ سيد محمد جو نالو کڻي سگهجي ٿو، جيڪو 786هه ۾ شيراز کان نڪري سنڌ ۾ اچي رهيو. خاندان جي تاريخي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو، ته حافظ شيرازي هن سيد محمد جو بيحد معتقد هو ۽ ان به ساڻس گڏ وطن ڇڏيو، ليڪن قنڌار پهچي سيد صاحب زور ڀري کيس واپس ڪري ڇڏيو. تاريخ ۾ اچي ٿو ته حافظ:

”گريه ميکرد و ميرفت“(32).

هن دور ۾ دارالسلطنت ٺٽي ۾ توڙي سنڌ جي ٻين وڏن وڏن شهرن ۾ ڪثرت سان مدرسا موجود هئا(33)، جن ۾ عربيءَ سان گڏوگڏ فارسي ڪتاب به پڙهيا پئي ويا.

(7)

خراسان جو آخري تيموري حڪمران سلطان حسين بايقرا (863-912هه) ۽ سنڌ جو والي ڄام نظام الدين (866-914هه) نه فقط همعصر هئا، بلڪ هم ذوق به هئا. علمي ۽ ادبي سرپرستيءَ ۾ هڪجهڙا هئا، جنهنڪري هرات ۽ ٺٽو هڪ ئي وقت ۾ شاعرن ۽ عالمن جو ڳڙهه بنيل هئا(34)، ۽ سندن درميان هڪجهڙائيءَ جو هي به هڪ عجيب اتفاق آهي، ته جنهن وقت تيمورين جي هن آخري سلطان جي طاقت ختم ٿي ته عين ان وقت سنڌ ۾ سمن جي سلطنت جو ڏيئو به گل ٿي ويو. آزاد سنڌي حڪومت جو هي آخري ادب پرور شاهه، ڄام نظام الدين سمو نه فقط علم دوست ۽ هنر پرور هو، ليڪن خود به فارسيءَ جو شاعر هو. هي رباعي سندس آهي:

اي آنکه، ترا نظام الدين مي خوانند
تو مفتخري، مرا چنين مي خوانند
گر در ره دين، از تو خطائي افتند
 

شک نيست که ترا کافر لعين مي خوانند(35).

مولانا عبدالعزيز ابهري پنهنجي خاندان سان گڏ، هن دور ۾ ئي سنڌ پهتو ۽  مستقل طور هتي ٽڪي پيو(36). هن هتي علم جي اشاعت ۽ واڌاري لاءِ هڪ وڏي مدرسي جو بنياد رکيو. علامه جلال الدين دواني (908هه) به هن سلطنت جي علم پروريءَ جي هاڪ ٻڌي هتي اچڻ ٿي گهريو، ليڪن سندس ٻه شاگرد، مير شمس ۽ مير معين، سلطان نظام الدين کان سفر جو خرچ وٺي، جيسين اتي پهتا، ان کان اڳ علامه دواني آخرت جي سفر تي روانو ٿي چڪو هو(37).

901هه ۾ مشهد مقدس کان سيد يعقوب ۽ سيد اسحاق هت پهتا، جن جو خاندان ’مشهدي سادات‘ جي نالي سان ٺٽي ۾ اڃا هلندو اچي(38). مشهدين جو ٻيو گهراڻو، ٻن ڀائرن سيد احمد ۽ سيد محمد ولد سيد عابد مشهديءَ تي مشتمل هو، سو 906هه ۾ اچي هتي پهتو(39).

مڪليءَ جي قبرستان ۾ خواجه شرف الدين شيرازيءَ جي قبر به ان دور جو يادگار آهي، جنهن تي هيءُ ڪتبو موجود آهي:

        وفات مرحوم الواصل الي رحمـة الله

        خواجه شرف الدين شيرازي

        في تاريخ شهر جمادي الاول سنه 911هه (40).

هيءُ بزرگ به انهن ايندڙن مان هڪ آهي، جن کي
نظام الدين جي علم نوازي ايران کان سنڌ وٺي آئي.

ٺٽي ۾ مغلپوره هن سلطان جو يادگار آهي. هيءُ محلو انڪري سرڪاري خرچ سان ٺاهيو ويو، ته جيئن ايران مان ايندڙ مشاهير ۽ عالم آساني ۽ آرام سان، اچڻ شرط هتي آباد ٿي وڃن. هيءُ ياد رکڻ گهرجي ته هن دور ۾ ايرانين جي لاءِ ’مغل‘ ۽ ’ولايت زاد‘ لفظ استعمال ڪيا ويندا هئا. مغل لفظ شايد انڪري ايرانين جي لاءِ مشهور هو، ڇو ته ان زماني ۾ ايران جا مختلف ٽڪرا، تيموري مغلن جي قبضي ۾ هئا.

ڏهين صدي هجريءَ جي شروعات جهڙيءَ ريت ايران لاءِ ڏڦير جو سبب بني، اهڙيءَ ريت سنڌ جي لاءِ به. هن صديءَ جي ابتدا مستقبل جي مستقل سياسي نڀاڳ جو سبب بني. ايران ۾ تيمورين جو ڏيئو گـُـل ٿيڻ شروع ٿيو هو. شيباني، صفوي ۽ بابري قوتون هڪٻئي خلاف ميدان ۾ هيون. هتي سنڌ ۾ سلطان نظام الدين جي وفات خانداني جهڳڙي جو اهو سلسلو پيدا ڪيو، جنهن سنڌ جي آزاد مستحڪم ۽ وسيع سلطنت جون پاڙون پٽي ڇڏيون.

ايران، شاهه اسماعيل (906-930هه) صفويءَ جي ذريعي جلد ئي نه فقط هڪ مستقل گهراڻي جي هٿ ۾ انتشار ۽ طوائف الملوڪيءَ جي تباهڪارين کان بچي ويو، پر نئين سر آزادي حاصل ڪري پنهنجي ٽڙيل پکڙيل حصن کي گڏ ڪري، مستقل بادشاهت جو بنياد وجهي صحيح رستي تي گامزن ٿي ويو. ليڪن سنڌ جي حالت ٺيڪ نه ٿي سگهي، ڇو ته ٽن- چئن ماڻهن تي مشتمل ارغون گهراڻو، جيڪو سلطنت جي پاران قنڌار، ڪابل، بست ۽ زمين داور تي نيابت ڪندو هو، اهو بابر جي قنڌار ۽ ڪابل تي قبضي ڪرڻ بعد، سنڌ جي ان گهرو جهڳڙي مان فائدو وٺي، سنڌ تي قبضو ڪري ويٺو.

اڃا گهرو لڙائي هلي رهي هئي، ته هرات جي تيموري بادشاهت جو ڀٽڪيل شهزادو بديع الزمان(41) سنڌ ۾ آيو ۽ ڄام فيروز وٽ پناهگير بنيو (18-919هه)، ليڪن پوءِ جلدئي هتان ترڪيءَ ڏي راهي ٿيو.

(8)

هر معاملي جا ٻه پهلو ٿين ٿا. ارغوني تسلط جي تصوير جو سياسي پهلو، جنهن جي تاريخ (927هه) ’خرابيءِ سنڌ‘ مان نڪري ٿي(42)، بلاشڪ اونداهو نه پر تاريڪ تر رهيو، ليڪن ٻيو پهلو، جيڪو خاص علمي ۽ ادبي هو، اهو روشن بلڪ روشن تر گذريو.

جيتوڻيڪ سنڌ گذريل دور ۾ ئي فارسي زبان کي درٻاري ۽ علمي زبان قبول ڪري چڪي هئي، ليڪن هن خاص فارسي گو گهراڻي جي تسلط بعد ايران سان سنڌ جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي ويا. شيراز، مشهد، سبزوار ۽ ٻين ايراني شهرن مان سوين روحاني ۽ علمي گهراڻا سنڌ ڏي لڏي آيا، جنهنڪري فارسي ٻولي ۽ فارسي تمدن جي جهڙوڪر هڪ مڪمل دنيا سنڌ ۾ پيدا ٿي پئي.

هن زماني ۾ غياث الدين منصور دشتڪيءَ جي گهراڻي سان سيد شڪرالله شيرازي(43) سنڌ ڏي لڏي آيو، جنهن جي گهراڻي سنڌ ۾ ڪيترن ئي ناميارن عالمن، فارسي گو شاعرن، طريقت جي صاحبن ۽ اهل قلم فاضلن کي جنم ڏنو. شيرازي ساداتن جو ٻيو خاندان سيد ڪمال ۽ سيد جمال نالي ٻن ڀائرن تي مشتمل، سيد شڪرالله سان گڏ ٺٽي پهتو، جنهن جي گهراڻي به ڪيئي مشاهيرن کي پيدا ڪيو(44).

مولانا جامي جي دوست ۽ روحاني رفيق شيخ جلال الدين بايزيد پورانيءَ کان هر اهو پڙهيل لکيل واقف آهي، جنهن ‘نفحات الانس’ پڙهيو آهي. هن شيخ جلال الدين پورانيءَ جو ڏوهٽو ميرڪ شيخ محمود سنڌ ۾ هن زماني ۾ پهتو(45)، ۽ ٻن سون سالن تائين سندس خاندان سنڌ ۾ عالمن، شاعرن ۽ ليکڪن کي پيدا ڪندو رهيو. سنڌ ۾ هيءُ گهراڻو عربشاهي سبزواري ميرڪ سيد جي نالي سان به مشهور آهي ۽ پوراني سادات پڻ سڏائي ٿو.

مير غياث الدين محمد معروف، سلطان رضائي عريضي سبزواري  صاحبِ ’حبيب السير‘ يعني خواند مير جو ڏوهٽو هو(46). هي به پنهنجي اولاد کي وٺي هن دور ۾ لڏي آيو. سندس سنڌي اولاد به سنڌ ۾ فارسيءَ جا ڪيئي پائيدار علمي آثار ڇڏيا آهن. هيءُ معلوم هجڻ گهرجي ته ’حبيب السير‘ واري ليکڪ جا ارغون گهراڻي سان تمام ويجها ۽ گهاٽا لاڳاپا رهيا آهن. خواند مير پاڻ به هتي آيو هو، ليڪن پوءِ هندستان ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين(47).

مولانا مصلح الدين لاري(48)، مولانا  عبدالخالق گيلاني (49)، مولانا يارمحمد ياري هروي (50) ۽ مولانا يونس سمرقندي(51) به هن دور ۾ آيا ۽ حيدر ڪلوچ به هن دور ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ هتي ئي فوت ٿيو(52).

شاهه جهانگير هاشمي ڪرمانيءَ جي مثنوي ’مظهرالاآثار‘ (940هه)(53)، فخري هرويءَ جو تذڪرو ’روضِة السلاطين‘ (958هه)(54) ۽ شاعريءَ جي فن ۾ ’صنايع الحسن‘ (55) ۽ خواتين شاعرن جو تذڪرو ’جواهر العجائب‘(56) يا وري ’فتاويٰ پوراني‘(57) ۽ ’آداب المريدين‘ (58)، هن دور ۾ اسان جي مٿي ذڪر ڪيل خاندان جون چند علمي نشانيون آهن.

هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ’روضة السلاطين‘ فارسي شاعرن جو ٻيو جهونو تذڪرو آهي، جيڪو سنڌ ۾ لکيو ويو. اهڙيءَ طرح فخري هرويءَ جو ’جواهر العجائب‘ خواتين شاعرن جو پهريون تذڪرو آهي، جيڪو هتي لکيو ويو. هند جي مغل بادشاهه همايون جو ايران وڃي پناهه وٺڻ، هن دور جو مکيه سياسي واقعو آهي. هن ڏس ۾ هيءُ ياد رکڻ کپي ته اهو شاهه حسن ارغون ئي هو، جنهن سنڌ ۾ (47-950هه) همايون کي رهڻ نه ڏنو ۽ پنهنجي سمورين ڪوششن ناڪام ٿيڻ بعد ٻيو رستو نه ڏسي هو ايران ڏي ’صراط مستقيم‘ (950هه) ذريعي روانو ٿيو(59). شاهه طهماسپ صفويءَ کي، همايون بادشاهه جيڪو خط لکيو، ان ۾ شاهه حسن ارغون جي سياست ڪاريءَ ڪري، کيس پهتل تڪليفن جو اشارو هن ريت ڪيو آهي- ’از قضائـي سواد اعظم هند، بتنگنائـي قلم، سندهه، رسيده شد‘.

بگذشت از ســـر مــا آنچه گذشت

           چه بــدريا وچه کهسار و چه دشت (60).

(9)

ارغونن کان پوءِ (962هه) سنڌ کي هنن جي ٻن اميرن تقسيم ڪيو. هيٺين سنڌ (ٺٽو) ميرزا عيسيٰ ترخان ۽ اتر سنڌ (بکر) سلطان محمود بکريءَ جي حصي ۾ آئي.

هي اهوئي ميرزا عيسيٰ ترخان آهي، جنهن جي زال
ماهه بيگم جي نالي فخري ’جواهر العجائب‘ منسوب ڪيو هو، ليڪن جڏهن اڪبر تخت تي ويٺو (963هه) تڏهن، هڪ معمولي امير جي زال جي ڀيٽ ۾ هڪ وڏي بادشاهه جي دائي ماهم انگـہ جي نالي هن پنهنجي انتساب کي تبديل ڪري ڇڏيو.

ميرزا عيسيٰ ۽ سندس پوين (962-1000هه) جا لاڳاپا، ايران سان اهڙيءَ ريت ٺيڪ رهيا، جهڙيءَ ريت اسان ارغوني دور جو اڀياس ڪيو. هن دور ۾ به ڪيئي ايراني خاندان، پنهنجي جنم ڀومي ڇڏي سنڌ پهتا. سيد بدرالدين مازندراني(61)، هن دور ۾ لڏي ايندڙن مان هڪ آهي. تاريخ نگارستان جو مؤلف قاضي احمد غفاري قزويني هن زماني ۾ سنڌ ۾ پهتو ۽ هتي ئي فوت ٿيو(975هه)(62).

مشهد (آستان قدس) سان، ميرزا عيسيٰ ترخان جي گهري وابستگي هئي، چنانچه عقيدت جي اظهار طور هن خاص اهتمام سان سنڌي مشعل ٺهرائي اوڏانهن موڪلي ڏنا. ميرزا عيسيٰ سياسي طور تي به ايران سان لاڳاپي جي لاءِ مجبور هو. هو سنڌ ۾ هڪ پاسي بکر جي حاڪم سلطان محمود بکريءَ کان ڊنل هو، ته ٻئي طرف اڪبر کان به کيس خوف هو، جيڪو نئون نئون فتوحات جي تازي جذبي ۽ ارادي سان تخت نشين ٿيو هو. لهاذا، ميرزا جي لاءِ بيحد ضروري هو، ته هو پنهنجي پاڙيسري سلطنت بلڪ عظيم تر مملڪت يعني ايران سان لاڳاپو پيدا ڪري، ليڪن سندس مشهد ڏي لاڙو، پڪ آهي ته سياسي نوعيت جو هو.

محمود بکري، جنهن جو نالو اسان هاڻي کنيو آهي، سو ان وقت نه رڳو لاثاني بهادر ۽ جنگجو امير هو، بلڪ سياست ۽ ڏاهپ ۾ به پنهنجو مثال پاڻ هو. ايران ڏي ميرزا عيسيٰ جو لاڙو ڏسي، هن به پنهنجا سفير موڪلي شاهه طهماسپ سان پنهنجا تعلقات پيدا ڪري ورتا هئا(63).

ميرابوالمڪارم بن مير غياث الدين سبزواري، جنهن جي خاندان جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي، محمود بکريءَ پاران ۽ تردي بيگ يا حق بردي بيگ ايراني درٻار مان سنڌ ايندا ويندا رهيا (967هه)(64). شاهه طهماسپ نه رڳو پاڻ کيس ’خان‘ ۽ ’سلطان‘ جو لقب ڏنو، بلڪ محمود جي ئي درخواست تي، اڪبر کي به خط لکيو ته  محمود کي پنهنجي درٻار مان به ’خان خانان‘ خطاب ڏنو وڃي. هندستاني درٻار ۾ جيئن ته  هڪ وقت ۾ صرف هڪ ’خان خانان‘ هوندو هو، ۽ ان وقت منعم خان هن منصب تي فائز هو، لهاذا اڪبر، شاهه طهماسپ کي معذرت جو خط لکيو(65).

(10)

ارغون ۽ ترخان ڏهين صديءَ تائين سنڌ تي حڪومت ڪندا رهيا ۽ سال 1000هه ڌاري، سنڌ هندي مغلن جي سلطنت جو حصو بنجي وئي، جن ايندڙ ڏيڍ سؤ سالن تائين هتي پنهنجو تسلط قائم رکيو.

يارهين صديءَ جي ابتدا ۾ جيڪو سفير ايراني درٻار ۾ پهتو، سو هڪ سنڌي هو، يعني اڪبر جو مشهور امير، مؤرخ ۽ شاعر مير معصوم بکري ’نامي‘، جيڪو سندس پاران (11-1013هه) شاهه عباس ڪبير صفويءَ (985-1038هه) جي درٻار ۾ پهتو. هن نه  رڳو سفارتي ڪاميابي حاصل ڪئي، بلڪ ذاتي طور تي به ايران ۾ پنهنجا مستقل تاريخي ۽ ادبي يادگار ڇڏيا. حڪيم شفاعي اصفهاني (وفات 1027هه)(66)، محمد رضا فڪري ۽ تقي اوحديءَ جهڙن شاعرن سان سندس صحبتن ۽ مشاعرن جو ذڪر، ايران ۽ سنڌ جي ادبي لاڳاپن جو هڪ مستقل عنوان آهي(67). اصفهان جي مسجد علي جو ڪتبو(68)، ڪاشان ۽ مورچه (مورچہء خورت) جي وچ ۾ ڪاروان سراءِ شاهه عباس جو ڪتبو(69)، يا احمد جام زنده پيل جي مزار جو ڪتبو(70)، هي ۽ ٻيا ڪي ڪتبا، جيڪي مير معصوم ايران ۾ هرهنڌ هنيا، سي اڄ به موجود آهن. مير معصوم (وفات 1014هه) فارسيءَ جو بهترين شاعر، ’تاريخ سنڌ‘ (1009هه) جو مؤلف، صاحب ديوان ۽ هڪ ’خمسہ‘ جو مصنف آهي. خواجه نظام الدين طبقات اڪبري (1003هه)، سندس ئي تحرڪ ۽ مدد سان لکي هئي(71).

سنڌ ۽ ايران جي سياسي لاڳاپن کي قائم رکڻ وارو، ٻيو سنڌي امير ترخاني گهراڻي جو آخري حاڪم ميرزا غازي ’وقاري‘ هو، جنهن جي شخصيت نه فقط دلچسپ آهي، بلڪ رنگارنگ خوبين جي ڪري بي انتها دلڪش پڻ آهي. جڏهن (1017-1021هه) هو قنڌار ۾ مغلن جو نائب هو، ان وقت سندس ذاتي درٻار، سندس غير معمولي علم پروري ۽ شخصي ڪشش جي ڪري ايراني شاعرن سان ڀريل هئي. طالب آملي پهريون سندس درٻار جو شاعر هو، جنهن سندس مدح ۾ ايڏا ته سٺا قصيدا لکيا، جو ’ملڪ الشعرا‘ بنائڻ (طالب آملي) کان پوءِ به اهڙا قصيدا جهانگير کي نصيب نه ٿيا. شمساي زرين رقم، مرزا فصيحي هراتي، ملا شاني تڪلو، مير الاهي اسدآبادي، سنجر ڪاشي، محوي اردبيلي، بزمي کوز، مير نعمت الله وصل شيرازي، ملا اسد قصه خوان، شيدا اصفهاني، ملا مرشد بروجردي، عتابي تڪلو، مولانا صوفي مازندراني صاحب بتخانه، سروري يزدي، مير عبدالباقي ’قصه خوان‘، حڪيم مغفور گيلاني(72)، مرزا غازي جي بزم ادب سان واڳيل ۽ سندس مدح خوان هئا.

مرزا غازيءَ جا شاهه عباس ڪبير سان گهرا لاڳاپا هئا. ٻنهي جي وچ ۾ ايلچي نياپو نڙو کڻي ايندا هئا. مرزا غازيءَ جي پاران، سيد عبدالله سلطان عريضي سبزواري هي فرض بجا آڻيندو رهيو(73).

پهريان ته سياسي لاڳاپا رهيا، پر وري جلد ئي شاهه ۽ ميرزا جي وچ ۾ شخصي تعلقات پيدا ٿي ويا ۽ اهي ان حد تائين وڌيا، جو جهانگير وانگر شاهه عباس به پنهنجي خطن ۾ مرزا کي ”فرزند“ جي لقب سان مخاطب ٿيڻ لڳو. مرزا غازيءَ، شاهه عباس جي مدح ۾ جيڪي قصيدا لکيا آهن، ان مان هڪ قصيدي جو هڪ ئي شعر اسان تائين پهتو آهي.

ز زهر مار زمان، در امان بود آن کس

        کـــه شـــاه مهرهِّء مدح تــــو در دهن گيرد (74).

مرزا رستم صفوي (وفات 1051هه) شاهه اسماعيل ڪبير جو پڙپوٽو هو. ايران کان ڀڄي جڏهن سنڌ پهتو، ان وقت (1000هه) اڪبر جي سپهه سالار عبدالرحيم خان خانان ۽ سنڌ جي حاڪم مرزا جاني بيگ ترخان درميان لڙائي ٿي رهي هئي. جيتوڻيڪ ان ڏس ۾ واسطيدار تاريخن ۾ ڪوبه حوالو منهنجي نظر مان نه گذريو آهي، ليڪن ”عالم آرايِّ عباسي“ ۾ آهي، ته هنن ٻنهي ۾ مرزا رستم صفويءَ ذريعي صلح ٿيو(75).

مرزا غازي ڦوهه جوانيءَ ۾ فوت ٿيو (1021هه)، تڏهن مغلن سڌو سنڌ تي صوبيدار موڪلڻ شروع ڪيا، ته سڀ کان اول صوبيدار مرزا رستم صفوي ٿيو، جيڪو 1022هه ڌاري ٺٽي پهتو. حقيقت ۾ مرزا رستم کي موڪلڻ کان اڳ ۾ مرزا غازيءَ جي ئي هڪ مائٽ مرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) کي، صوبيدار ڪرڻ جي رٿ غور هيٺ آئي. ليڪن کيس هيڏي موڪلڻ کان انڪري ٽارو ڪيو ويو، ته متان هو قديم لاڳاپن جي ڪري شاهه عباس جي مدد سان سنڌ ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن جي مسند واپس وٺي وڃي ۽ هندي مغلن کان سنڌ کي آزاد ڪري وڃي(76). چند سال اڳ شاهه عباس جي پاران قنڌار تي حملو ٿيو هو، جنهنڪري شاهه ۽ جهانگير جي وچ ۾ لاڳاپا سـُـٺا نه هئا، جيتوڻيڪ ٻنهي طرفن نياپي نڙي جو سلسلو جاري رکيو هو(77). جهانگير سنڌ جي مسئلي ۾ مناسبت ۽ چڱائي ان ۾ ڏٺي ته سنڌ کان ايران جي لاڳاپن جي خاتمي لاءِ، مرزا رستم صفويءَ کي موڪلي، جيڪو شاهه عباس جو مخالف هو ۽ انهيءَ مخالفت جي ڪري وطن ڇڏي پهتو هو.

هن يارهين صدي هجريءَ ۾، جيڪا مغلن جي دور جي صدي آهي، ڪيئي ايراني شاعر هندستان پهچڻ کان اڳ سنڌ ۾ ٽڪيا. مثال طور صائب تبريزي ۽ سندس شاگرد ملڪ تعظيما قمي(78) هندستان پوءِ پهتا، سنڌ ۾ پهرين ترسيا ۽ اهڙا ٻيا به ڪيئي مثال، سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ موجود آهن.

محمد سعيد سرمد ڪاشي شهيد (1070هه)، جيڪو هن دور ۾ ايران کان ٺٽي پهتو هو، سو ڪافي وقت هتي ٽڪيو(79). ٺٽي جي ئي هڪ فرزند کيس پاڻ پڻي جي حد کان ٻاهر ڪڍي، معرفت جي دنيا ۾ پهچايو هو. اُهو تــُـرڪ نه پر هندو ٻچو ”ابي چند“ هو، جنهن لاءِ سرمد چيو هو.

خدائي کيست اي سرمد: درين دير!

نمي دانم  ابي  چند  است، يا غير.

 

ايران ۽ فارسي زبان توڙي ادب جو اثر صدين جي ڳانڍاپي جي ڪري، سنڌ ۾ ان حد تائين داخل ٿي چڪو هو ۽ سنڌي فطرت جو حصو بنجي ويو هو، جو يارهين صديءَ ۾ جڏهن رضائي ٺٽوي پنهنجي مثنوي ”زيبا نگار” (1053هه) لکي، تڏهن هن عشق جو پورو مواد جيتوڻيڪ سنڌ مان کنيو، ليڪن عاشق ۽ معشوق جا مقامي نالا انڪري بدلائي ڇڏيا، ڇو ته فارسيءَ جي نرم فطرت انهن نالن جي ڌاريائپ واري وزن کي کڻي نٿي سگهي. باوجود ان جي هو پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ کي بهترين ۽ شيرين سڏي ٿو:

زبــان سنده شيريــن اســت شــيــرين!

بجائي خويش رنگين است رنگين

------

نمي سازم بيان را سندهي آميز!

نــيــام از زبـــان ســـنـــده پرهيز!

       -----

ز ملک پارس آدم پرنيان را!
بيو شانم عروس داستان را
چو حرف از عاشق و معشوق رانم
بلفظ فرس هر يک را بخوانم
بگويم نام هر يک تابداني
به هنگام که اين دفتر بخواني
چو در معشوق حسن و زيب ديدم
پــــي او نام ”زيبا“ برگزيدم!
                      ------

همان شهري که مي باشد مقامش
زادم شهر حسن آباد نامش
”نگار“ از بهر عاشق سا ختم نام

 

که نـقش اوسـت زيـب لوح ايام(80).
 

(11)

ٻارهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ مان مغل تسلط جي پڄاڻي ٿي ۽ ڪلهوڙن جو مشهور سنڌي نسل گهراڻو حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. جيتوڻيڪ هي خالص سنڌي هئا ۽ سندن دور سنڌي زبان ۽ ادب جو سونهري دور سڏجي ٿو، پر جيئن ته فارسي گو مغلن کان تازو ڇوٽڪارو حاصل ڪيو هئائون، انڪري فارسي زبان ۽ ادب کي هنن باقاعدي پنهنجي سيني سان سانڍي رکيو. انڪري ان دور ۾ سنڌ ۾ نه صرف فارسي زبان ۾ سڀني علمن تي قابل قدر ڪتاب لکيا ويا، بلڪ ڪيئي صاحب ديوان شاعر اهڙا پيدا ٿيا، جن جو درجو ان دور ۾ هند ۾ رهندڙ شاعرن کان ڪنهن ريت به گهٽ نه هو. ’تحفـة الڪرام‘ ۽ ’مقالات الشعرا‘ وغيره هن دور جون اهم ترين علمي نشانيون آهن.

نادر شاهه جو دهليءَ کان موٽندي سنڌ ۾ اچڻ هن دور جو ايران جي حوالي سان مکيه سياسي واقعو آهي (1152- 1153هه). ميان نورمحمد (1132-1167هه) ساليانو ڏن ڏئي ايران سان پنهنجن لاڳاپن کي ٺاهيو ۽ نادري تلوار جي رتوڇاڻ کان پنهنجي وطن ۽ وطن واسين کي بچائي ورتو، جيڪا محمد شاهه جي اڻڄاڻائيءَ جي ڪري دهلي ۽ دهليءَ وارن کي ڏسڻي پئي!

سنڌ ۾ نادر شاهه جي آمد مستقل علمي ۽ ادبي آثار ڇڏيا آهن. هي علمي آثار سنڌ جي حاڪم ميان نورمحمد جي تصنيف ’منشور الوصيت‘(81) ۽ ’تاريخ‘ تي متعدد ڪتابن تي مشتمل آهن ۽ ادب ۾ اهي مخالف توڙي موافق قصيدا آهن، جيڪي نادرشاهه جي آمد تي سنڌ جي شاعرن چيا آهن. سنڌي شاعرن تلميح جي طور تي به نادرشاهه کي پنهنجي شعرن ۾ ياد ڪيو آهي. مثال طور:

کرد غارت دهليءَ دل آن شهه، مهه پيکران

          شوخ من اندر ستم کمترز نادر شاه نيست (82).


(1) ان دور ۾ خان شهيد، شيخ سعديءَ کي به دعوت موڪلي هئي.

(2) ڪلام پاڪ جو اهو تاريخي نسخو، سنڌي ادبي بورڊ وڏي اهتمام سان شايع ڪري ڇڏيو آهي. - ادارو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com