سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :43

”مهراڻ“- سچ ته لک لهي

”مهراڻ“ اداري جو خط پهتل آهي ته مهراڻ جي گولڊن جُبلي نمبر لاءِ ڪجهه لکي ڏيو. هوڏانهن منهنجي ننڍپڻ جي دوست نفيس احمد ناشاد جا روز ٽيليفون پيا ڪڙڪن ته ”پرچو تيار آهي، فوراً پنهنجا تاثرات لکي موڪليو.“

سوچيان ٿو ته مهراڻ جي هن خاص نمبر لاءِ ڇا لکجي ۽ جي لکجي ته سلسلو ڪٿان شروع ڪجي. اول ته گولڊن جُبليءَ کي ڪاميابيءَ ۽ سرخروئيءَ سان ملهائڻ پنهنجيءَ جڳهه تي ”مهراڻ“ لاءِ وڏو اعزاز آهي. جيڪڏهن پنجاهه سالن جو عرصو ڪنهن اداري، شخصيت، ماهوار رسالي يا مهراڻ جهڙي ضخيم معياري ادبي گلدستي لاءِ ڊگهو محسوس ٿئي ته سمجهو ته ان رسالي يا مخزن ڪو ٻوٽو نه ٻاريو، ڇو ته گهڙيون نه گذرڻ واري اينگهه نهايت ئي بور ڪندڙ هوندي. پر جي ائين لڳي ته مهراڻ جا پنجاهه سال ڄڻ خبر ئي نه پئي جو اک ڇنڀ ۾ گذري ويا ته پوءِ خاطريءَ سان تاڙيون وَڄنديون ۽ واهه واهه ٿي ويندي ۽ اهڙي ڪاميابيءَ تي سڀني سڄڻن کي سندن ڪمال جي گڏيل ڪارنامي تي داد ملندو. انڪري مبارڪباد جا مستحق آهن، سنڌي ادبي بورڊ جا منتظم ادارتي عملي جا سڀئي مانائتا ڪارڪن، مهراڻ جا پڙهندڙ ۽ خاص طرح تي ليکڪ، اديب، شاعر، محقق ۽ اسڪالر، جن مهراڻ کي پنهنجين نين نڪور تخليقن سان سدائين پئي سينگاريو ۽ سنواريو آهي. مهراڻ سان ننڍي لاڪون سنگت ۽ سنٻنڌ رکڻ وارو ناشاد ته اسان کي ننڊ مان جنجهوڙي جاڳائڻ جو ماهر آهي. پرچي لاءِ وقت تي مواد کيس نه مليو ته هڪ طرف سندس چِٺيون چپاٽيون شروع ٿي وينديون ته ٻئي طرف گهر ۾ ٽيليفون جون گهنٽيون به تيز ٿي وينديون! هيلو ڪرڻ تي هُن پاسي فقط ناشاد ئي هوندو ۽ ڏاڍو ٻاجهارو ٿي چوندو: ”سائين! پرچو صفا تيار آهي، رڳو اوهان جي تخليق جو انتظار آهي.“ ڪنهن به ليکڪ، شاعر يا اديب لاءِ اهڙو جملو ڏاڍو ڀليرو، هرکائيندڙ ۽ اُتساهيندڙ هوندو، تنهنڪري هر طرف وٺ وٺان ٿي ويندي ۽ پرچي کي گهربل مواد وقت سر ملي ويندو.

جڏهن مٿيان جملا لکي پورا ڪيا اٿم ته 1970ع کان ٿورو اڳ واري ماضيءَ جي پولارن ۾ هليو ويو آهيان، جڏهن ڪراچيءَ ۾ هوندو هوس ۽ پيريءَ ۾ به دلبريءَ جو داد وصول ڪندڙ عبدالواحد سنڌيءَ جا محبت کان به وڌيڪ مٺا جملا هينئر به هيانوَ ۾ هُرن پيا: ”نئين زندگيءَ جي پرچي لاءِ تنهنجو شعر نه پهتو زورآور!.... ڀلا ٿيندي ڪا جلدي عنايت؟“ ڀلي ڪو ڪيڏي به دعويٰ ڪري پر سنڌي صاحب واري ”نئين زندگي“ بس ڇيهه ڪري ڇڏيا!

ساڳئي وقت جڏهن مهراڻ جو خيال ذهن ۾ اچي ٿو ته تصور جي ڪئنوَس تي فقط هڪڙي تصوير ڏاڍي چٽي، صاف شفاف نروار ٿئي ٿي، اُها تصوير منهنجي سائين غلام محمد گراميءَ جي آهي، جنهن کي جيترا به لقب ڏجن ته سندس قدآور شخصيت پوءِ به مٿانهين نظر ايندي ۽ سمورا لقب، خطاب وغيره بنهه هيٺاهان لڳندا. هاءِ! اسان سنڌ وارا، ڪاش جيئري ئي سندس قدر ڪريون ها، سندس خدمت ڪريون ها، غريبي گذران ۾ سندس مدد ۽ دلجوئي ڪريون ها، کيس مان ڏيون ها، ساڻس محبت ڪريون ها: بقول ڀٽائي:

تان ڪي ساڻن اور، جان آهن اوطاقن ۾،

ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، پاڻ مٿانئن گهور،

ويا جي هنگلور، ته ڪرمَ ملندئي ڪاپڙي.

معاف ڪجو، گرامي صاحب جن سان دلي عقيدت سبب آءٌ ذاتي محبتن جو پرچار ڪري ويٺس، جنهن کي آءٌ هرگز ٻين تي مڙهڻ نٿو چاهيان. چوڻ فقط اهو ٿي چاهيم ته مهراڻ هر دَور ۾ هڪ معياري رسالو رهيو آهي. ”امداد“ جون عنايتون به واکاڻ جهڙيون آهن.

سچ پچ مهراڻ لک لهي، جنهن اڌ صديءَ کان وٺي ادب جي ساراهه جوڳي خدمت ڪئي آهي. سنڌ ۽ سنڌي ثقافت جي مختلف رُخن تي اُن ۾ ڏاڍو قدر جوڳو مواد ايندو رهيو آهي. سنڌي ٻوليءَ تي انتهائي اهم تحقيقي مقالا ڇپيا آهن. سنڌ جي تاريخ، جاگرافي ۽ ٻين مکيه موضوعن تي بيحد معياري مواد مهراڻ جي صفحن جي زينت بڻبو رهيو آهي. شاعريءَ جي اشاعت ۾ ته مهراڻ سڀني رسالن کان گوءِ کڻي ويو آهي. قبله گرامي صاحب جي وقت ۾ ئي ”شاعر نمبر“ جو خصوصي ضخيم پرچو اڄ به هڪ يادگار جي حيثيت رکي ٿو. مون کي هن ڳالهه تي بجاطور تي فخر آهي ته آءٌ سٺ جي ڏهاڪي کان وٺي مهراڻ جي ادبي سٿ ۾ شامل رهيو آهيان ۽ انشا ِّ الله ساهه جي ساٿ ڏيڻ تائين شامل رهبو. آءٌ پنهنجا تاثرات، ادب جي سلسلي ۾ قبله گرامي صاحب جي هڪ تاريخي ايڊيٽوريل (مهراڻ - 1/ 1975ع) مان ورتل ٽُڪري تي ختم ڪندس:

”ادب جي صحيح تعريف اها آهي ته ان ۾ تفڪر ۽ تدبر هجي، همت ۽ حوصلي جي روشني هجي، حسن جو جوهر  هجي، تعمير جو روح هجي ۽ ضمير جي تازگي هجي. انهن قدرن کان خالي ادب، ادب ناهي پر تفريحي تحرير آهي جنهن جي هجڻ ۽ نه هجڻ ۾ ڪوبه فرق ناهي. حقيقت اها آهي ته اُهو ادب، جو انسان جي شعوري صلاحيتن ۾ حرڪت نٿو پيدا ڪري، جو انسان ۾ خلش ۽ بيقراري نٿو پيدا ڪري ۽ جو انسان جي جمود ۽ خوابيده مزاج ۾ اضطراب نٿو پيدا ڪري، سو ادب ناهي پر زهر قاتل آهي.“

- عنايت بلوچ

(حيدرآباد، سنڌ)

 

نون ادبي جهانن ڳولڻ جي ضرورت

آءٌ جڏهن ٽِه-ماهي مهراڻ جي اڌ صديءَ تي ڦهليل دَور جي يوگدان تي نظر وجهان ٿو ته اُن جي مجموعي سرگرمين کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان. اها حقيقت آهي ته مهراڻ جي وَهڪ ۾ لاها چاڙها ايندا رهيا آهن، پر ان جو پابنديءَ سان لاڳيتو جاري رهڻ، اصل ۾ هڪ ڪارنامو نه بلڪه ”ڪرشمو“ آهي. مهراڻ ٺيٺ ادبي رسالو ناهي، پر تخليق، تحقيق، تنقيد ۽ ترجمي سان گڏ ٻوليائي، علمي، تعليمي، تاريخي، مذهبي ۽ ٻيو الائي ڪهڙين ڪهڙين سرحدن کي پنهنجو پاڻ ۾ سميٽي، هڪ جامع سنڌي ثقافت جي نمائنده رسالي جو ڏيک ڏئي ٿو.

جڏهن ڪتابن ۾ سنجيده، فڪرانگيز، معياري ۽ عوامي اُمنگن جي ترجمان ادب تي ماٺار ڇانئجي ويندي آهي تڏهن رسالا ۽ ڪتابي سلسلا ئي، تخليق، تحقيق ۽ تنقيد جي جوت ٻاري ادب ۾ ارتقا، نواڻ ۽ اُتساهه جي چُرپُر جو ڪردار ادا ڪندا آهن. سنڌي جديد ادب جي ڏيڍ سَو ورهين تي ڦهليل رفتار ۽ منزلن ماڻڻ ۾ اهڙو ڪردار مخزنن سان گڏ ڪيترين ئي اخباري صفحن جو به آهي. انهيءَ ڏس ۾ اڻويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ ماهوار ’جوت‘ (1896ع)، ويهين صديءَ جي آخري چوٿين ڏهاڪي ۾ ماهوار ’سنڌو‘ (1932ع) ۽ ورهاڱي کان رڳو هڪ ورهيه اڳ ٽِه-ماهي مهراڻ (1946ع) ادبي سنڌوءَ جي وهڪ ۾ تيزي آڻڻ جا وڏا جتن ڪيا هئا، پر ملڪ جي ورهاڱي زندگيءَ جي وهڪري جو رخ موڙي ڇڏيو. جتي تاريخ ٻه اڌ ٿي ويئي، ماڻهو ٻه اڌ ٿي ويا، اُتي سنڌ جو ادب به ٻه اڌ ٿي ويو. سنڌ جو وچيون طبقو، جنهن پنهنجي جُڙڻ ۾ هڪ صديءَ جو عرصو لڳايو هو، پنهنجي وطن مان لڏي هند جي حدن ۾ داخل ٿي داڻو داڻو ٿي ويو،  جنهنڪري سنڌ ۽ ان جي ماڻهن ۾ خال رهجي ويا. ڪتابن ڇپجڻ جو سلسلو جهڙوڪر بند ٿي ويو ۽ رسالا/مخزنون پنهنجي فريڪئينسي وڃائي ويٺا. پر قدرت ڪٿي به خال رهڻ نه ڏيندي آهي. جلد ئي پاڪستان جي سُڌ سماءُ جي سرڪاري کاتي طرفان پهريون ماهوار رسالو ’نئين زندگي‘ ادبي اُفق تي ظاهر ٿيو ۽ پوءِ جلد ئي سنڌ سرڪار سنڌي ادبي بورڊ تشڪيل ڏنو، جنهن مختلف موضوعن تي ڪتاب ڇپائڻ جي هڪ جامع رٿا تيار ڪرڻ سان گڏ ٽِه-ماهي ’مهراڻ‘ کي نئين سر جياري، 1955ع ۾ ان جو پهريون شمارو ’سيارو‘ شايع ڪري سنڌي ادب ۾ ڄڻ نئون ساهه وجهي ڇڏيو.

مٺي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران (1959-1952ع) منهنجي نظر مان ٻين ڪتابن سان گڏ ٽِه-ماهي مهراڻ به گذريو هو، پر ان جو 1959ع وارو 3-2 گڏيل شمارو مون لاءِ وڏي ڪشش جو سبب انهيءَ ڪري بڻيو جو انهيءَ ۾ منهنجي اسڪول جي سينئر ساٿي سروپچندر ”شاد“ جي شاعري ڇپي هئي. انهيءَ شماري جي باري ۾ مون پنهنجي تفصيلي راءِ  هڪ خط ۾ ان وقت جي اسسٽنٽ ايڊيٽر محترم شمشيرالحيدريءَ ڏانهن لکي موڪلي هئي، جيڪا مهراڻ 4/1959ع ۾ ڇپي هئي.  ستت ئي منهنجي پهرين ترجمو ٿيل گجراتي ڪهاڻي ’بهشت ۽ دوزخ‘ مهراڻ 1/1962ع ۾ شايع ٿي، جنهن سبب منهنجي خوشيءَ جو ڪو انت ئي نه هو ۽ ان کان پوءِ منهنجا ترجما مهراڻ ۾ لاڳيتو شايع ٿيڻ لڳا. 1967ع ۾ جڏهن آءٌ مستقل طور تي حيدرآباد ۾ رهڻ لڳس ته ان وقت جي ادبي حلقن ۽ سنڌي ادبي سنگت سان تعلق پيدا ٿيو. مهراڻ جي آفيس ۾، جيڪا امين منزل گاڏي کاتي ۾ واقع هوندي هئي، پنهنجي استاد محترم رائچند جي ننڍي پٽ ناشاد وٽ به منهنجو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، جنهن منهنجي ڏيٺ ويٺ ان وقت جي ايڊيٽر مولانا غلام محمد گراميءَ سان ڪرائي. 9 فيبروري 1972ع تي مهراڻ جي آفيس ۾ ويس ته ناشاد مون کي گرامي صاحب جي ڪمري ۾ وٺي ويو، جنهن منهنجو محبت سان آڌر ڀاءُ ڪيو. مولانا صاحب ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ علمي ادبي فڪر جو ڄڻ ته اَٿاهه خزانو هو. انهيءَ ملاقات دوران پاڻ مهراڻ 4/1971ع وارو شمارو هيٺيان لفظ لکي مون کي ڏنو:

”ولي رام ولڀ لاءِ. اميد ته علمي ڪم ڪندو رهندو ۽ سنڌي ادب جي سلسلي ۾ شاهڪار ڪم ڪندو. آءٌ به کيس ڪو ذميوارانه ڪم ڏيندس، انهي اميد سان ته هو جلد ۽ بهترين ڪم ڪندو. دعا ۽ تمنا آهي ته شال سنڌي ادب جي خدمت ۾ ساري عمر اضافو ڪندو رهي.“

مٿيان دعائيه جملا منهنجي لاءِ وڏي سرمايي جي حيثيت رکن ٿا. مولانا صاحب جي لاڏاڻي تي مهراڻ 4/1976ع جو شمارو خصوصي طور تي سندس نالي سان منسوب ڪري شايع ڪيو ويو، جنهن ۾ منهنجو به تعزيتي خط ’مرڻ تنين مشاهدو‘ شامل هو.

1976ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ظفر حسن مقرر ٿيو. هو منهنجو ذاتي دوست به هو ته ڪجهه ادبي ڪمن ۾ اسان ٻنهي گڏجي ڪم به ڪيو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ مهراڻ جي ايڊيٽرشپ جون ذميواريون سنڌي ٻوليءَ جي وڏي ۽ نواڻ پسند شاعر امداد حسينيءَ جي حوالي ڪيون ويون هيون. اهي ٻئي صاحب پنهنجي ذهن ۾ نوان خيال، نيون رٿائون ۽ خاڪا کڻي آيا هئا. امداد پريندي ئي مهراڻ ۾ نمايان تبديليون آنديون ۽ جديد ادبي لکڻين کي اهميت سان شايع ڪيو ۽ ذاتي ڪوششون وٺي اديبن کان سندن لکڻيون حاصل ڪندو هو. هو مون کي چوندو هو ته تو ۾ تخليقي صلاحيتون موجود آهن، تون ترجمن سان گڏ اصلوڪيون لکڻيون، ڪهاڻيون ۽ شعر مهراڻ لاءِ ڏي. مون کي ائين چوڻ ۾ هٻڪ نه بلڪه خوشي آهي ته اهو امداد حسيني ئي هو، جنهن مون کان ڪجهه ڪهاڻيون ۽ شعر لکرايا ۽ مهراڻ ۾ اهميت سان شايع ڪيا. وٽس جڏهن به وڃبو هو ته نهايت ئي پنهنجائپ سان ادب جي مختلف موضوعن ۽ مسئلن تي گفتگو ڪندو هو (۽ اڃا به ڪندو آهي). هڪ ڀيري 3- اپريل 1978ع تي وٽس سندس آفيس ۾ ويس ته نهايت ئي مهربان انداز سان مهراڻ 1/1978ع جي پهرئين صفحي تي هيٺيان لفظ لکي مون کي جڏهن ڏنائين ته منهنجو ڪنڌ تعظيم وچان سندس اڳيان جهڪي ويو: ”جيون جا ڪي پل سڦل بڻائڻا هوندا آهن ته مان ولي رام ڏانهن هليو ويندو آهيان.“ اها سندس وڏماڻهپ ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟

وري ان کان پوءِ مهراڻ 2/1978ع جي ڪاپيءَ جي پهرئين صفحي تي منهنجي گهر ۽ گهر ڀاتين تي لکيل سندس في البديهه ٽيڙو:

گؤري، پشپ، ڪمليش
ولي رام جو گهر ڄڻ
هڪ ننڍڙو ديش!

 

اڳتي هلي ادبي حلقن ۾ اهو ٽيڙو منهنجي ڄڻ سڃاڻپ بڻجي ويو!

*

ٽِه- ماهي مهراڻ جي نِيتِي انهيءَ ساڳيءَ روايت تي هلندي ٿي اچي، جنهن تي شروع کان وٺي بيٺل آهي. ادب ۾ سڌي سنئين ۽ نمايان نواڻ مهراڻ جي نِيتِي ڪڏهن به نه رهي آهي، جنهن جو ڪارڻ شايد اهو آهي ته سنڌي سماج بنيادي طور تي زرعي ۽ روايت پسند سماج آهي، جنهن کي پنهنجين ريتن، روايتن ۽ ماضيءَ جي دستور سان بيحد فطري لڳاءُ آهي. هو هر ڳالهه کي انهيءَ ساڳئي فريم (گهاڙيٽي) ۾ ڏسڻ پسند ڪري ٿو ۽ ان ۾ تبديليءَ کي پنهنجي ثقافت جي کسجڻ سان ڀيٽي ٿو. انهيءَ ڪري سنڌي سماج جي سوچ ۾ گهڙي اچڻ لاءِ گهٽ وٿي ملي ٿي. انهيءَ جي باوجود فطري سماجي وڪاس لاءِ تبديلي اڻٽر هوندي آهي ۽ اها تبديلي ڏاڍي غير محسوس انداز سان سُري اچي ٿي، جنهن جو عڪس ادب ۾ جابجا پسي سگهجي ٿو. منهنجو خيال آهي ته مهراڻ ۾ اُن وقت (1978-1976ع) امداد جي آندل  تبديلين/نواڻ کي ڪجهه اديبن ۽ پڙهندڙن ڀـرون تاڻي ڏٺو هو ۽ هو جلد ئي مهراڻ کان ڪنارو ڪري ويو. مهراڻ وهندو ته رهيو پر اُن جي ڇـوهه ۽ جولانيءَ تي جيڪي ونگ وڌا ويا اُهي فطري نه هئا. مهراڻ جي تکي ۽ فطري وهڪ کي مختلف دورن ۾ مختلف سببن ۽ حالتن هميشه متاثر پئي ڪيو آهي. اهڙين حالتن ۾ ادب هميشه پنهنجي اظهار جا نوان گهٽ گهيڙ ۽ گس ڳوليندو آهي.

اُن کي ويجهڙائيءَ ۾ هڪ ڀيرو وري امداد حسينيءَ جي نگرانيءَ ۾ ڏنو ويو آهي ۽ سندس ٻانهن ٻيلي ناشاد جهڙو تجربيڪار ايڊيٽر ۽ اشاعتي ڪمن جو جاکوڙي جذبا رکندڙ اديب اڳي ئي موجود آهي.

مهراڻ جي گولڊن جُبليءَ جو نمبر گهٽ ۾ گهٽ کانئن/ انتظاميا کان  انهيءَ ڳالهه جي تقاضا ڪري ٿو ته:

1. ادب جي نون ۽ جديد لاڙن جي روشنيءَ ۾ مهراڻ ۾ پيش ٿيندڙ ادب لاءِ نوان جهان ۽ جَهتون ڳوليون وڃن.

2. شاعريءَ کي صوفياڻي رنگ جي روايتي موضوعن ۽ رومانواد جي ساڳين ورجايل ترڪيبن ۽ خيالن جي چِڪ مان ٻاهر ڪڍڻ جا جتن ڪرڻ گهرجن.

3. تنقيد کي ’آهه ۽ واهه‘ جي تماشي واري پِڙ مان ڪڍي کُليل هوا ۾ ساهه کڻڻ جي گنجائش پيدا ڪرڻ گهرجي.

4. انهيءَ ڏس ۾ ٻين ٻولين ۾ لکيل اديبن جي سوانحن ۽ انٽرويوز، تنقيدي مضمونن ۽ بين الاقوامي نظرين جا سنڌيءَ ۾ ترجما شايع ڪيا وڃن.

5. مهراڻ جي مواد کي ادب جي موضوعن- شاعري، ڪهاڻين، تنقيدي ۽ ادبي مقالن، ادبي/تنقيدي خطن کي ترتيب ۾ آڻڻ گهرجي.

6. تاريخ، ثقافت، تصوف ۽ مذهب جي موضوعن جو رسالي جي پڇاڙيءَ ۾ خصوصي حصو رکيو وڃي، جو اهي موضوع هڪ خاص اهميت جا حامل آهن ۽ ڳوڙهي اڀياس جي گُهر ڪن ٿا. انهن موضوعن کي اهميت ڏيڻ لاءِ، ممڪن هجي ته هڪ خصوصي رسالو ’ويچار ڌارا‘ يا ٻئي ڪنهن عنوان سان شايع ڪيو وڃي ته جيئن اهي فوڪس ۾ اچن ۽ انهن جو وڪاس/ارتقا ٿي سگهي.

7. بين الاقوامي ادب جي مختلف صنفن مان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجما ڪرائي شايع ڪيا وڃن، جيئن سنڌي ليکڪن کي نَون لاڙن، تصورن ۽ گهاڙيٽن جي ڄاڻ حاصل ٿي سگهي. انهيءَ سلسلي ۾ انگريزيءَ جي روزاني اخبار ”ڊان“ سان گڏ شايع ٿيندڙ هفتيوار مخزن Books and Authors جو مثال پيش ڪندس، جنهن ۾ انگريزي ۽ اردو اديبن، ڪتابن ۽ رسالن ۽ بين الاقوامي ادبي لاڙن کي فوڪس ڪيو ويندو آهي، (پر سنڌي ۽ پاڪستان جي ٻين ٻولين ۾ شايع ٿيل ڪتابن ۽ ليکڪن کي شامل ڪرڻ کان پاسو ڪيو ويندو آهي.) مهراڻ ۾ ’ڪتابن تي تبصرن‘ واري حـصي کي ڪجهه وسيع بنائي، هفتيوار نه سهي، ٽِه- ماهي سطح تي ڪوريج ڏيڻ سان  مهراڻ جي پڙهندڙن/ ليکڪن جي vision ۾ واڌارو آڻڻ جو جتن ڪري سگهجي ٿو.

آخر ۾، پر آخرين طور تي نه، اهو چوندس ته مهراڻ ۾ ادب، ٻولي ۽ ثقافت جي ادا ڪيل ڪردار تي نه رڳو پڙهندڙن جي دل ۾ فخر جو هڪ نئون احساس جاڳي ٿو، بلڪ ليکڪن جي تنقيدي Sensibility کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ڪري سندن لکڻ جي سگهه ۾ خود اعتماديءَ جو واڌارو ڪري ٿو ۽ منجهن سک درسي هجڻ جو شعور ميسر ڪري ٿو، جيڪو تخليقي صلاحيتن کي قائم رکڻ لاءِ ضروري هوندو آهي.

اسان وٽ سنڌيءَ ۾ ڪيترن ئي قسمن جا رسالا، مخزنون ۽ پبليڪيشنون شايع ٿي رهيون آهن، جن لاءِ بهتر ۽ مختلف جهڙا لفظ استعمال ڪري سگهجن ٿا. انهن کي هڪٻئي سان ڀيٽي، هڪ کي ٻئي کان ڌار ڪري ڏيکارڻ جي به ڪوشش ڪئي ويندي آهي. اسان وٽ بيشڪ سينٽي بيوويز (Sainte-Beuves)، مئٿيو آرنولڊ (Mathew Arnold)، ٽي.ايس. ايليٽ (T.S.Eliot)، ائڊمنڊ ولسن (Admond Wilson) جهڙا نقاد پيدا ٿي نه سگهيا آهن، پر جيڪڏهن ۽ جڏهن به اُهي اُڀريا ته اُنهن جو آواز ويراني ۾ دانهن وانگر نه هوندو. انهيءَ ڪري اميد ڪري سگهجي ٿي ته اديب برادري ۽ پڙهندڙ عوام پنهنجي زبان جو واهپو ڪرڻ ۽ اُن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ اهڙيءَ ريت اهي پنهنجي زبان، ادب ۽ ثقافت جو بچاءُ ڪري سگهندا.

                                 - ولي رام ولڀ

                              (حيدرآباد، سنڌ)

”مهراڻ“- مختلف مرحلا

1952ع ۾ جڏهن آءٌ آمريڪا جي وسڪانسن يونيورسٽيءَ جو شاگرد هئس، مون کي اڪثر ناميارن رسالن کي پڙهڻ ۽ تجزيو ڪرڻ جو موقعو مليو. هن ڏس ۾ ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال (1834- 1947ع)،  رايل ايشياٽڪ سوسائٽي آف گريٽ برٽن اينڊ آئرلئنڊ (1833- 1950ع)، ميمائرس آف آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا (1861- 1947ع)، اينشنٽ انڊيا (1845-1950ع)، ميمائرس آف آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا (1862- 1945ع)، ميمائرس آف ميٽرولاجيڪل سروي آف انڊيا (1875- 1945ع) ۽ ڪي ٻيا رسالا ڏسڻ ۽ پڙهڻ جو موقعو مليو. هي مطالعو خاص ”سنڌ“ جي حوالي سان ڪيم. هن ڏس ۾ جيالاجي، جاگرافي، ميٽرولاجي، درياهه جا تبديل ٿيندڙ رستا، اچ وڃ جا قديم رستا، چشما، آرڪيالاجي ۽ تاريخ جي مطالعي مون کي ”سنڌ ۾ زير زمين پاڻي“ جي ڳولا ۽ کوجنا ۾ گهڻي مدد ڪئي. ان ريت مون کي زير زمين پاڻي جي موجودگي، ترقي ۽ محفوظ ڪرڻ جهڙن عنوانن تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. سال 1962ع کان 2000ع تائين مون ”زير زمين پاڻي“ متعلق سنڌ ۽ بلوچستان جي حوالي سان 11 ڪتاب لکيا آهن.

اهي ڪتاب يا جرنل مطالع ڪندي، سنڌ بابت مواد جي هڪ لسٽ ٺاهيم، جنهن کي پوءِ مون پنهنجي ڪتاب ”سورس مٽيريئل آن سنڌ“ ۾ ڪتب آندو. اهڙي مواد کي ”سنڌ“ متعلق ڪتاب يا مضمون لکندي به ڪم ۾ آندم.

اُن وقت منهنجي سمجهه موجب سنڌيءَ ۾ ڪوبه اهڙو معياري رسالو نه هو، جيڪو سنڌ تي لکندڙن ۽ عالمن جي تحقيقي طلب پوري ڪري. مون مهراڻ جا ابتدائي پنج پرچا ڏٺا هئا، جي ورهاڱي کان اڳ ۽ ڪجهه پوءِ جا هئا. انهن ۾ ادب جي باري ۾ ته چڱيرڙو مواد هو، پر ان نوعيت جو ڀرپور مواد نه هو، جيئن مون آمريڪا ۾ مختلف رسالن ۾ پڙهيو هو.

ان ۾ تعجب جي ڳالهه ڪونهي ته محمد ابراهيم جويي صاحب جي ادارت (1955- 1956ع) ۾ نڪرندڙ ”مهراڻ“ ۾ حيرت جي حد تائين دلچسپ مواد موجود هو. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته جويو صاحب پاڻ به  پهلودار شخصيت جو مالڪ آهي ۽ سنڌ توڙي سنڌي ادب بابت هن کي گهڻي دلچسپي ۽ ڄاڻ آهي. مهراڻ ۾ تاريخ، آرڪيالاجي، سوانح حيات، شاعري ۽ فڪشن بابت مناسب مواد شامل ڪيو ويندو هو، ته جيئن ڄاڻ سان گڏ پڙهندڙ جو شعور به وڌي. هڪ حصو شاعريءَ جو به شامل ڪيو ويو ته جيئن ”جديد“ ۽ ”ترقي پسند“ شعر کي هٿي ملي، جيتوڻيڪ ”روايتي“ شاعري به ڇاپي ويندي هئي، پر اها به اعليٰ فهم ۽ فڪر واري شاعري هوندي هئي، جنهن ۾ ٻين خاصيتن کان علاوه لساني اهميت جوڳو مواد به شامل هوندو هو. مهراڻ جو هي پهريون وڻندڙ مرحلو هو، جو جويي صاحب شروع ڪيو هو.

مهراڻ جو ٻيو دور مولانا غلام محمد گرامي صاحب کان شروع ٿئي ٿو، جنهن کي آءٌ ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ واري وقت (1935- 1941ع) کان وٺي سڃاڻندو هئس. پاڻ اتي سيد علي اڪبر شاهه جي مدرسي ۾ پڙهندو هو. هي ادارو فراخ ذهن ۽ قوميت ڏي مائل هو جتي عربي ۽ فارسي کان سواءِ ”سنڌي“ به پڙهائي ويندي هئي. ان کان سواءِ ٻيا مضمون به پڙهايا ويندا هئا، جي پرائمري اسڪولن ۾ سيکاريا ويندا آهن. انڪري گرامي صاحب سخت گير مُلان بجاءِ هڪ کليل ذهن وارو روشن خيال عالم بنيو. پاڻ ”مهراڻ“ ۾ سٺو ڪم ڪيائين، پر پردي جي پٺيان ڪجهه سالن لاءِ جويو صاحب به موجود هو. 1976ع ۾ گرامي صاحب جي اچانڪ وفات سبب سندس جاءِ تي، ڪجهه وقت امداد حسينيءَ کان پوءِ 29 سالن جو نوجوان نفيس احمد شيخ (ناشاد) ايڊيٽر مقرر ٿيو. جويي صاحب ۽ گرامي  صاحب سان طويل رفاقت جي ڪري هن گهڻو ڪجهه سکي ورتو هو. سنڌ ۽ پاڪستان جي اسڪالرن سان لاڳيتو گهاٽي تعلق سبب هن گهڻو حاصل ڪيو هو. پاڻ گذريل ٽيهارو سالن کان وٺي ”مهراڻ“ ايڊٽ ڪري رهيو آهي. جويي صاحب ۽ گرامي صاحب وانگر مختلف عالمن کان مواد هٿ ڪري ٿو ۽ معيار کي قائم رکيو اچي. مون کي هي به خبر آهي ته ماضيءَ ۾ کيس ڪجهه اسڪالرن جي مواد ڇاپڻ کان منع به ڪئي وئي هئي. ائين ڪرڻ سان سنڌ جو ۽ سنڌي زبان جو نقصان ٿئي ٿو ۽ نيون سوچون ۽ نوان خيال اڀري نه ٿا سگهن. منهنجي تجويز آهي ته مٿي ذڪر ڪيل عالمي رسالن مان، سنڌ بابت مواد ترجمو ڪري ”مهراڻ“ ۾ ڇاپيو وڃي ۽ ان لاءِ هڪ حصو مقرر ڪيو وڃي.

- ايم.ايڇ.پنهور

                               (حيدرآباد، سنڌ)

”مهراڻ“- زندگيءَ جو ترجمان

اها وڏي سرهائيءَ جي ڳالهه آهي ته ”مهراڻ“ رسالو پنهنجي اشاعت جا مسلسل پنجاهه سال ڪاميابيءَ سان پورا ڪري اڳتي وڌي رهيو آهي. هن اڌ صديءَ جي عرصي ۾ مهراڻ جي وسيلي سنڌي ٻولي ۽ ادب کي گهڻو ڪجهه پلئه پيو آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌي ٻوليءَ جو ٻيو ڪوبه رسالو ايترو وقت جٽاءُ ڪري نه سگهيو. ان جو هڪڙو سبب ته واضح آهي ته اُهي سرڪاري توڙي نيم سرڪاري سرپرستيءَ کان محروم هئا. ٻيو ته اُهي وقت ۽ حالتن جي پيداوار هئا، ۽ اُنهن سنڌي سماج جي ڪنهن خاص وقتائتي ضرورت کي پورو ٿي ڪيو. جيئن اُها ضرورت پوري پئي ٿي يا پسمنظر ۾ ٿي ويئي ته رسالي جي عمر به پوري پئي ٿي.

”مهراڻ“ جي مسلسل اشاعت ۽ ڪاميابيءَ جو اصلي راز اهو آهي ته مهراڻ جو نقطئه نظر هميشه نه، ته به گهڻي ڀاڱي خالص ”ادبي ۽ فني“ پئي رهيو آهي. ٻين لفظن ۾ اهو ”ادب- زندگيءَ جو ترجمان“ واري نظريي سان هم آهنگ رهيو  آهي، جنهن  ۾ آدرشيت ۽ عمليت پسنديءَ جو امتزاج آهي. ”مهراڻ“ جي صورت ۾ اهو ڪيئن ممڪن ٿيو، انهيءَ جو اعزاز شعوري توڙي لاشعوري طور ”مهراڻ“ جي بنياد وجهندڙن ۽ پاليسيءَ تي نگاهه رکندڙ سنڌي ادبي بورڊ جي سُڄاڻ علمي قيادت ڏانهن وڃي ٿو، جن جي آڏو خالي علمي، ادبي ۽ فني نوعيت جا مقصد هئا.

گذريل صديءَ جي سٺ ستر واري ڏهاڪي ۾، جڏهن دنيا سخت نظرياتي ڪشمڪش جو شڪار هئي، تڏهن سنڌي ادب جي تاريخ ۾ جديد ۽ قديم جو ٽڪراءُ صحتمند ادب جي بقا لاءِ وڏو چئلينج اختيار ڪري ويو هو، جنهن ۾ ”مهراڻ“ گهڻي ڀاڱي حقيقت پسنديءَ جي مقابلي ۾ جدت پسنديءَ کي گهڻي هٿي ڏني. پر تڏهن به چئبو ته ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر مولانا غلام محمد گراميءَ جي علمي شخصيت، جيڪو فڪري لحاظ سان پاڻ قديم ۽ جديد جو سنگم هو، ڪنهن حد تائين اهو توازن ڪاميابيءَ سان برقرار رکيو، جو رسالي جي وقتي پاليسيءَ تي ته تنقيد ٿي هوندي، پر ان جو ”معيار“ ختم نه ٿيو، ۽ اها ڳالهه سندس وجود جي ضمانت ثابت ٿي. سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ اهو نهايت نازڪ دور هو، ڇو ته ڪنهن به هڪ انتها تي پهچڻ سان ”مهراڻ“ هميشه لاءِ صحتمند روايتن قائم ڪرڻ کان محروم رهجي وڃي ها. انهيءَ پسمنظر ۾ مولانا گراميءَ جي علمي، ادبي ۽ نقاد واري حيثيت کي قابل قدر نگاهه سان ڏسي سگهجي ٿو. ان معنيٰ ۾ هو واقعي هڪ وڏي علمي رسالي جو دورانديش ايڊيٽر يا مدير هو، جنهن جي ايڊيٽوريل ۾ هڪ واضح علمي ۽ ادبي انداز جي جهلڪ نظر ايندي هئي. ۽ ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته هو برصغير ۽ اردوءَ جي وڏي انشاپرداز مولانا ابوالڪلام آزاد جي شخصيت کان متاثر هو.

هتي آءٌ پنهنجي اها پراڻي تجويز دهرائيندس ته انهيءَ پنجاهه سالن جي عرصي دوران ”مهراڻ“ ۾ ڪيترا اهڙا مقالا يا تخليقون شايع ٿيل آهن، جن جي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ مستقل اهميت آهي. ضرورت ان امر جي آهي ته انهن کي ڪتابي شڪل ۾ مرتب ڪري انهيءَ مصنف جي نالي سان شايع ڪيو وڃي.

آخر ۾ ايترو ضرور چوندس ته ”مهراڻ“ جو وجود سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ هڪ وڏو نيڪ فال ثابت ٿيو آهي ۽ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ مهراڻ کي هڪ مستقل حيثيت رهندي ۽ ان کان سواءِ سنڌي ادب جي تاريخ نامڪمل ليکبي. دعا آهي ته شل مهراڻ جو مستقبل به ايڏو شاندار ٿئي جيترو  اُن جو ماضي شاندار رهيو آهي. پر اهو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن اسين حال جو پوريءَ ريت ادراڪ رکون، ڇو ته اهو حال ئي آهي جنهن سان ماضي ۽ مستقبل جو تعين ڪري سگهجي ٿو، جنهنڪري صحيح رخ ۾ اڳتي قدم وڌائي سگهجي ٿو.

ڪنين ماضي مــن ۾، ڪنين استقبال،

حاصل جنين حال، آءٌ نه جيئندي اُن ريءَ.

                           (شاهه لطيف)

- ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

(ڪراچي، سنڌ)

”مهراڻ“- ادبي اصولن جي سڃاڻپ

پنجاهه وارو ڏهاڪو منهنجي ٻالڪپڻ جو زمانو هو. هالا هڪ ننڊاکڙو ڳوٺ لڳندو هو. سنڌوءَ جي ڪناري تي هالا پراڻا آباد آهي ۽ ان کان ميل ڏيڍ تي هالا نوان. ڪچين گهٽين ۽ اونداهين راتين واري هن ڳوٺ ۾ عجب زندگي هئي. ٿورڙي سُرت پيئي ته چؤڦير علمي ادبي ڪچهرين جي خوشبو پکڙيل هئي. هالا ميونسپالٽيءَ جي پراڻي آفيس جي اڱڻ تي يا وري گاهه مارڪيٽ جي اڌ ڍڪيل ميدان تي مشاعرا، نعت ۽ مولودن جون محفلون، وعظ ۽ ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون. ”رفيق ڪمپني“ هڪ اهڙو ادارو هو، جنهن ۾ اسان جي اسڪول جا نوجوان استاد ۽ ڳوٺ جا ان وقت جا شاعر پنهنجي ڏات جا ڏيئا روشن ڪندا هئا.

ان وقت هالا مان ماهوار ”فردوس“ نڪرندو هو.
جمعيت الشعراءِ سنڌ جو هڪ وڏو مشاعرو سروري اسلاميه ڪاليج جي ”بيت الحڪمت“ ۾ منعقد ٿيو هو. ان ئي دور (1956ع) ۾ دريا بادشاهه مستيءَ ۾ آيو هو ۽ هراس ڦهليل هو ته هالا کي وڏو خطرو آهي. مٿان سانوڻ جي برسات ڳوٺ جي گهٽين ۽ رستن کي ننڍا درياءَ ڪري ڇڏيو.

آخر هڪ رات جناب مخدوم طالب الموليٰ جن جي اڳواڻيءَ ۾ ڳوٺ جي سڀني پاڙن جي پَرين مڙسن جي گڏجاڻي ٿي ۽ هالا کي الوداع چوڻ جو فيصلو ٿيو. آءٌ انگريزي پنجين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس. اونداهي رات ۽ مٿان وڏڦڙو پيو وسي! هرڪو لالٽين جي ٽمڪندڙ روشنيءَ ۾ پنهنجي زندگيءَ جي سانڍيل سامان کي سنڀالڻ ۾ لڳو پيو هو. ان رات جي يادگيري اڄ به ڏاڍي خوفائتي ٿي لڳي. اسان جي گهر ۾ اهو فيصلو ٿيو ته منهنجو بابا گهر جي سنڀال لاءِ پٺتي رهندو ۽ اسان سڀ ٻار ۽ عورتون منهنجن ٽن چاچن سان گهر ڇڏينداسين. جڏهن صورتحال سُڌري ته ڪيترن ئي مهينن کان پوءِ هالا جو سڄو ڳوٺ درگاهه مخدوم نوح تي گڏ ٿيو، جتي هنن جناب مخدوم طالب الموليٰ جا ٿورا مڃڻ لاءِ هڪ تقريب جو بندوبست ڪيو، جو مخدوم صاحب سڄي سنڌ ۾ ڦهليل پنهنجن مريدن کي گهرايو هو، جن رات ڏينهن هڪ ڪري هالن واري بَند جي نگراني ڪئي هئي. هالن کي همت سان بچائڻ جي جدوجهد ۾ شهرواسين جي گڏيل ڪوشش ۽ حوصلو هڪ بيمثال داستان آهي. اُن رات به مشاعرو ٿيو هو ۽ اختر هالائيءَ جو نظم ”ستارن ۾ ٿي سرگوشي ته آ هالن جو دم پويون“ بيحد مشهور ٿيو. اهو زمانو هالن جي ادبي ماحول جي عروج جو وقت هو. هر مهيني ننڍا وڏا مشاعرا ٿيندا هئا. استاد اختر هالائيءَ جي ”ميخانهءِ ڪوثر“ (هوميوپيٿي ڪلينڪ) تي سيکڙاٽ شاعر قافين ۽ رديفن جي لسٽ لکيو قطار ۾ ويٺا هوندا هئا. هر مهيني جناب طالب الموليٰ طرحي مشاعري جو انتظام ڪندا هئا. اهي مشاعرا ”بزمِ طالب الموليٰ“، ”بزمِ رفيق“ ۽ 1960ع کان پوءِ ”انجمن فروغ ادب“ جي انتظام هيٺ الڳ الڳ يا وري گڏيل طور ٿيندا هئا. عيدن جي موقعن تي وڏا مشاعرا ڪاليج ۾ ٿيندا هئا. مائيڪروفون بيٽريءَ تي هلندو هو ۽ ٽنڊي آدم مان گهرايو ويندو هو. مشاعرو سومهڻي نماز کان پوءِ شروع ٿي فجر بانگ تائين هلندو هو. هنن مشاعرن ۾ مون محترم غلام محمد گراميءَ کي ڏٺو ۽ ٻڌو. ان وقت ”مهراڻ“ رسالو جاري ٿي چڪو هو ۽ گرامي صاحب هن تاريخي، ادبي ۽ علمي مخزن جو ايڊيٽر هو.

هاءِ اسڪول جي آخري سالن ۾ ”مهراڻ“ پڙهڻ جو شوق جاڳيو. گرامي صاحب جا ايڊيٽوريل پڙهڻ جي ڪوشش ڪبي هئي، اسان جي سمجهه کان گهڻو مٿي هئا، پر وري به جن دوستن جي عربي، فارسي ڄاڻ بهتر هوندي هئي ته اهي وري ان ايڊيٽوريل جي سمجهاڻي ڏيندا هئا. مهراڻ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ادبي اصول مرتب ڪرڻ ۽ معيار جي سڃاڻپ آهي. ان وقت ان ۾ مواد جو ڇپجڻ ”مستند اديب“ ٿيڻ جو پروانو هوندو هو (۽ شايد اڄ به). هالن جي ڪيترن ئي مشاعرن ۾ هڪ ”رضاڪار“ جي حيثيت ۾ انتظام سنڀالڻ جا مون کي موقعا مليا ۽ ”انجمن فروغ ادب“ پاران 1960ع ڌاري استاد اختر هالائيءَ جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي مون کي مشاعري هلائڻ جو جڏهن موقعو مليو هو ته ڪيترن ئي ڏينهن تائين پنهنجي ان اعزاز جي خوشيءَ کي دل ۾ ياد ڪري گدگد ٿيندو رهيو هوس. جناب مخدوم صاحب جن مشاعري جي صدارت ڪئي ۽ سڀ وڏا شاعر مولانا گرامي، محمد خان ”غني“، مخدوم امين فهيم، عبدالله ”خواب“، امداد حسيني، اسدالله بيخود حسيني،  محبوب سروري، عارف الموليٰ، شبير هاتف، سوز ٽکڙائي، بلاول پرديسي، راز بلڙائي ۽ اسان جي شهر جا ناميارا شاعر انجم هالائي، سليم هالائي، انور هالائي، عبداللطيف ساقي، شهنشاهه هالائي، حميد ”شهيد“، غلام هالائي، منصور ويراڳي، عبدالرحيم بيدل، منور هالائي، عبدالقيوم زخمي ۽ ٻيا وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا هئا. هن مشاعري کان پوءِ انجمن پاران هر مشاعري جي ميزبانيءَ جو شرف مون کي حاصل ٿيو.

هالا ۾ پنجاهه ۽ سٺ ڏهاڪن وارو زمانو مشاعرن، موسيقيءَ جي محفلن ۽ محبتن جي سڳنڌ جو ڀرپور سمو هو. مون علڻ فقير کي پڻ انهن گڏجاڻين ۾ گهڻو ڏٺو. تڏهن هو علڻ فقير آزاد جي نالي سان سڏبو هو ۽ محفل شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ لاءِ لائوڊ علڻ جي حوالي ڪبو هو ته جيئن هو پنهنجي خوش مزاجيءَ جي گفتن ۽ وڻندڙ ٻولن سان ماڻهن ۾ مشاعري لاءِ چاهه پيدا ڪري سگهي، جيئن اسان جو مانڊو (پنڊال) ڀرجي ته ڪاروائي شروع ڪجي. 1963ع ۾ هالا ۾ بجلي اچي وئي ۽ ننڊاکڙو ڳوٺ جاڳي، هڪ ترقي پذير ننڍڙو شهر بنجي پيو ۽ ائين محبتن، مشاعرن ۽ شغلن جو سڄو ماحول ڪنهن ٻئي رنڱ ۾ رڱجي ويو.

- ڊاڪٽر سليمان شيخ

(ڪراچي، سنڌ)

”مهراڻ“- سنڌ آ

سنڌي ادبي بورڊ جي سڃاڻپ ۽ نيڪ ناميءَ ۾ ”مهراڻ“ جو وڏو ڪردار رهيو آهي. معياري ادب ۽ ادب جو تقابلي جائزو، مهراڻ وسيلي ئي عام ٿيو.

سنڌي ادب ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا رسالا آهن، جن ۾ اسان جي سينئر عالمن، محققن ۽ شاعرن جو نه صرف وڏو ڪنٽريبيوشن/حصو رهيو آهي، پر تحقيق ۽ ترجمي جي حوالي سان انتهائي اهم ۽ شاندار ادب مليو آهي، جنهن سان سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ٻولي ۽ تمدن تي دستاويز ٺهيا آهن.

مهراڻ رسالو، سهيوڳي ادب جو اُهو واحد رسالو آهي، جنهن وسيلي معياري ۽ موزون شاعري تخليق ٿي آهي ۽ ڇپي آهي. اِن جي اُن اڪئڊمڪ ڪردار سنڌي شاعريءَ کي وڏو اهم موڙ ڏنو آهي. اهوئي سبب آهي، جو هڪ ئي وقت ۾ جديد ۽ قديم رنگ ملي، ڪٿي ڪٿي نئون رنگ پيدا ڪيو آهي.

مهراڻ رسالي جو هر هڪ پرچو سانڍڻ جوڳو ۽ محفوظ ڪري رکڻ جهڙو آهي، جنهن ۾ ادب جي سڀني رُخن، روپن ۽ زمانن کي ڪٺو ڪيو ويو آهي. مهراڻ وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۾ بهترين تحقيقي مواد موجود ٿيو آهي ۽ تنقيدي  حوالي سان پنهنجو پنهنجو نرالو انداز رهيو آهي. جيڪڏهن عام ٻوليءَ کي استعال ڪجي ۽ ائين چئجي ته ”جيڪو مهراڻ ۾ نه ڇپيو آهي، ان کي معياري ادب ۽ اديب چوڻ مشڪل آهي، ته بيجا نه ٿيندو.“

سنڌي ٻوليءَ ۾ تنقيدي ادب جي اڃا وڌيڪ ضرورت آهي ۽ اها ضرورت ”مهراڻ“ ئي پوري ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ اسان سڀني کي سهپ پيدا ڪرڻي پوندي ۽ ذاتيات کان پاسو ڪرڻو پوندو.

ڳنڍڻ تي پئون جــي ته رشتا هزارين

ڇنڻ تي اچون جي ته ڪجهه ڀي نه آهي.

۽ ان ڳنڍڻ واري ڪم ۾ مهراڻ کي اڃا به وڌيڪ ڪم ڪرڻو آهي. اسان جي دعا آهي ته مهراڻ جديد ۽ ڪلاسيڪل ادب جو سهڻو ميلاپ ثابت ٿئي.

مهراڻ کي وقت سر ڇاپڻ ۽ پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائڻ وڏو ڪم آهي، جيڪو اڄڪلهه بهتر نموني سان ٿي رهيو آهي.

- ڊاڪٽر ذوالفقار سيال

سيڪريٽري جنرل

  سنڌي ادبي سنگت- سنڌ

 (ڪراچي)

”مهراڻ“- هڪ مختصر تاثر

 ”مهراڻ“ سنڌي ادبي بورڊ جي هڪ مستقل سڃاڻ آهي. اعليٰ معيار جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي مواد جي مسلسل اشاعت سبب هي رسالو ديس پرديس ۾ رهندڙ سنڌين ۽ سنڌي ڄاڻندڙن ۾ بيحد مقبول آهي. پڙهيو وڃي ٿو ۽ تحقيقي تصنيفي ڪمن ۾ ڪتب آندو وڃي ٿو.

1957ع ۾ ”مهراڻ“ جو ”سوانح نمبر“ شايع ٿيو، جنهن مون کي هن رسالي ڏانهن راغب ڪيو. اُن وقت ”مهراڻ“ جي ايڊيٽوريل بورڊ تي شمس العلما ِّ عمر بن محمد دائودپوٽو ۽ سيد حسام الدين راشدي صاحب جن فائز هئا ۽ سائين شمشيرالحيدري اسسٽنٽ ايڊيٽر هو. تاهم ”سوانح نمبر“ جو مرتب منهنجو اُستاد ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هو، جنهن مون کي اهو ڏس ڏنو. اهو سال ۽ هيءُ سال، ”مهراڻ“ مان مون لاڳيتو فيض حاصل ڪيو آهي.

”سوانح نمبر“ حصو پهريون ڪري شايع ڪيو ويو هو، ٻئي حصي جو انتظار باقي رهيو. 1969ع ۾ ”شاعر نمبر“ شايع ٿيو جيڪو پڻ پهريون حصو هو، ٻيو حصو باقي شُد. 1959ع کان مهراڻ جي ادارت هڪ مڃيل عالم ۽ اديب مولانا غلام محمد گرامي صاحب جي حصي ۾ آئي، جنهن هن جريدي کي علم ادب ۽ عرفان جي اعليٰ معيار تي پهچايو. سندس وفات (1976ع) بعد سنڌ جي مقبول شاعر امداد حسينيءَ اهو فريضو ادا ڪيو، ۽ بعد ۾ 1979ع کان نفيس احمد ناشاد ”مهراڻ“ جو مسلسل ايڊيٽر رهندو ٿو اچي.

”مهراڻ“ جي معيار جا ادبي رسالا خود به هڪ ”ادارو“ هوندا آهن، جيئن انگريزي ”ريڊرس ڊائجيسٽ“ وغيره. تاهم ”سنڌي  ادبي بورڊ“ جي سرپرستيءَ هن رسالي کي خريدارن جي فڪر کان آجو ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ”مهراڻ“ جي تاريخ ۾ اهڙا به دور آيا آهن، جڏهن وقت سر اشاعت نه ٿي سگهي ۽ گڏيل نمبر شايع ڪيا ويا ۽ ڪاغذ غيرمعياري هو. بهرحال مهراڻ جا خصوصي نمبر توڙي معمول مطابق شايع ٿيندڙ نمبر، سنڌي ادب جو انمول سرمايو آهن. معيار جو تسلسل ۽ اشاعت جي باقاعدگي ضروري اَمر آهي. منهنجي راءِ آهي ته ”مهراڻ-فهرست نمبر“ تاحال اندراج سان، ”گولڊن جُبلي نمبر“ بعد شايع ڪيو وڃي ۽ ”سوانح نمبر“ ۽ ”شاعر نمبر“ جا ٻيو نمبر حصا پڻ ستت شايع ڪيا وڃن.

- ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

(ڄام شورو)

”مهراڻ“- هيرن جي کاڻ

1951/52ع ڌاري تعليمي سلسلي ۾ هالا نوان پهتس. انهيءَ دَور ۾ هالا شهر علمي ادبي سرگرمين جي عروج تي هو. شاعر ته مان اڳي ئي نورمحمد هاءِ اسڪول جي دَور کان هوس، پر هالا جي علمي ادبي ماحول ۽ فضا منهنجي شاعراڻي طبيعت ۾ جولاني آندي. سروري اسلاميه ڪاليج جو هردلعزيز پرنسپال سائين محبوب علي چنا صاحب هو، جنهن ڪاليج ۾ ”بزم- سروري“ قائم ڪئي هئي ۽ اُن جو مون کي جنرل سيڪريٽري ڪيو ويو. هر مهيني ماهوار مشاعرن جي ڌُم متل هئي. نه فقط عالم اديب ۽ شاعر،  پر هالا جا عام ماڻهو، زميندار، هاري، دڪاندار، مزدور ۽ واپاري به سخن شناس ۽ باذوق هئا. سروري ڪاليج جو بيت الحڪمت (هال) ماڻهن سان ڀريل هوندو هو. حضرت طالب الموليٰ سائينءَ جي سرپرستيءَ ۾ علمي ادبي محفلون، ڪانفرنسون، مشاعرا، مباحثا، مذاڪرا منعقد ٿيندا رهندا هئا، جن ۾ علامه آءِ.آءِ.قاضي ۽ شمس العلماءَ ڊاڪٽر دائودپوٽي جهڙيون شخصيتون به شرڪت ڪنديون هيون.

اُنهيءَ دَور ۾ حضرت طالب الموليٰ جي سرپرستيءَ ۾ ماهنامه ”فردوس“، هفتيوار ”ڪوثر“، هفتيوار ”پاسبان“،  هفتيوار ”الزمان“، ماهنامه ”روح ادب“ حيدرآباد ۽  ماهنامه ”طالب الموليٰ“ دادو مان شايع ٿيندا هئا، جن ۾ منهنجو ڪلام به شايع ٿيندو هو. اهو منهنجي شاعريءَ جو ابتدائي مگر مقبوليت جي لحاظ کان اهم دَور هو.

مگر منهنجو حوصلو تڏهن بلند ٿيو جڏهن پهريون ڀيرو مهراڻ سيارو 1/1955ع ۾ منهنجو غزل شايع ٿيو ۽ انهيءَ غزل جي حوالي سان مهراڻ جي فاضل ايڊيٽر مولانا گرامي صاحب منهنجي شاعريءَ جي ساراهه انهيءَ وقت سنڌي ادبي بورڊ جي هڪ آفيسر مرزا همايون بيگ (مرزا قليچ بيگ جي فرزند) سان ڪئي. مهراڻ ۾ منهنجي غزل ڇپجڻ سان منهنجو من وڌي ويو. پاڻ کي پهرين صف جي شاعرن ۾ سمجهڻ لڳس. انهيءَ وقت منهنجي عمر ويهارو سال کن مس هئي.

مهراڻ ۾ منهنجا تقريباً 60/70 غزل شايع ٿيا آهن ۽ قطعات نظم ۽ بيت به ڳچ منظرعام ٿي آيا آهن. 1955ع کان وٺي 2006ع تائين مهراڻ سان منهنجي تعلق کي ”پنجاهه سال“ ٿي چڪا آهن.

سنڌي ادب جي تاريخ ۾ سنڌي زبان جو ڪوبه رسالو مهراڻ جو مَٽَ نه آهي. ”مهراڻ“ ئي ”هيرن جي کاڻ“ آهي، جنهن ۾ علمي، ادبي، مذهبي، سائنسي، سياسي، تهذيبي، ثقافتي، تاريخي ۽ تحقيقي هيرا جواهر ۽ املهه ماڻڪ موجود آهن، تنهنڪري ”مهراڻ“ مهراڻ آهي!

مهراڻ جي مشهور معروف ايڊيٽر جو نام نامي اسم گرامي مولانا غلام محمد گرامي، مهراڻ جي نالي وٺڻ سان ئي ذهنن تي اڀري اچي ٿو. گرامي گرامي هو!

”مهراڻ“ ۽ ”گرامي“ ٻئي متبرڪ نالا، بورڊ جي هردلعزيز چيئرمن (جيڪو بورڊ جو 20 سال عرصو چيئرمن رهيو) جناب حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائينءَ جا پسنديده ۽ پيارا نالا آهن.

حضرت طالب الموليٰ سائين به پنهنجي علمي ادبي، روحاني، فلاحي، سياسي ۽ ثقافتي خدمتن جي لحاظ کان هڪ يادگار زمانه شخصيت هئا. طالب الموليٰ طالب الموليٰ هو .

اهڙيءَ طرح ٽيئي نالا لازم ملزوم آهن. پنهنجو مَٽ پاڻ آهن، وڃي ٿيو دنگ! هر سليم الطبع عادل محقق جي اهائي راءِ آهي!

- پروفيسر محبوب سروري

(هوسڙي، سنڌ)

”مهراڻ“- هڪ معياري رسالو

مهراڻ رسالو سنڌي ٻولي ۽ ادب جو هڪ معياري رسالو آهي. هن رسالي ۾ شامل ادبي مضمون ۽ مقالا، افسانا ۽ شاعري، نالي وارن اديبن شاعرن جي ڇپجي رهي آهي جيڪا جديد دَور جي تقاضائن مطابق پوري آهي. مهراڻ نه رڳو سنڌ، پاڪستان بلڪ پوري دنيا ۾، جتي جتي سنڌي پڙهندڙ موجود آهن، پڙهيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري هن رسالي کي بين الاقوامي معيار جو رسالو چئي سگهجي ٿو. هن وقت امداد حسينيءَ جي محنت ۽ ڪاوش جي ڪري هي رسالو باقاعدگيءَ سان مارڪيٽ ۾ پهچندو رهي ٿو. هن رسالي مان هر پڙهندڙ، عالم، اديب، ليکڪ، شاعر، استاد ۽ شاگرد لاڀ پرائيندو رهي ٿو.

- پروفيسر نور افروز خواجه

(ڄام شورو، سنڌ)

ادب جو ناياب گوهر- گرامي صاحب

ڪڏهن ڪڏهن ڪي گيت چپن تي چڙهندا آهن ته لهڻ جو نالو ئي نه وٺندا آهن. اهڙو ئي هڪ گيت منهنجي چپن تي چڙهي آيو آهي ۽ يادگيرين تي يادگيريون ڏياري رهيو آهي:

يادگيريــون    سنڀال،   ڪم  ايندءِ،

ڪنهن وڇوڙي جي سال، ڪم ايندءِ.

اياز گل جي غزل جي مُکڙي کي آڌار بنايو اٿم ته جوانيءَ جون انيڪ ساروڻيون هانوَ تي هُري آيون آهن، جيڪي ادب جي ناياب گوهر مولانا گرامي جي نذر ڪري رهيو آهيان.

ماضيءَ جا ورق ورائيندي ياد آيو اٿم ته 1966ع ۾ جڏهن ”الخالق ادبي اداري“ هالا مان ”اديب عالم“ جو امتحان ڏئي رهيو هوس ته منهنجي محترم استاد غلام رسول ابڙي (غلام هالائي) ادب بابت ليڪچر ڏيندي چيو هو ته اديب عالم امتحان لاءِ ”مهراڻ“ جو مطالعو ضروري آهي. نه فقط اديب عالم لاءِ پر ايم.اي سنڌيءَ لاءِ به مهراڻ جو مطالعو بيحد ضروري آهي ۽ پوءِ سائين غلام رسول مهراڻ جي معيار  جو تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ”ٽِه- ماهي مهراڻ صرف سنڌ جو نه پر ايشيا جو وڏو ادبي رسالو آهي. زندگي ۽ ادب جي سمورن قدرن ۽ وهنوارن جا موضوع بدرجه اتم مهراڻ ۾ موجود آهن. مهراڻ ۾ ڇپيل ادب بين الاقوامي ادب جو درجو رکي ٿو. مهراڻ جا ليکڪ بلندپايي جا اديب، شاعر ۽ دانشور ته آهن ئي پر مهراڻ جا پڙهندڙ  به عالم ۽ فاضل جو درجو رکن ٿا”. سائين غلام رسول ابڙي کان مهراڻ بابت اهڙا شاندار ڪلمات ٻڌي حيرت زده ٿي ويو هئس ۽ مهراڻ جا پراڻا پرچا ڳولي پڙهندو رهيس. سائين غلام رسول جا ڏسيل گس ڪم آيا، سو اديب عالم جي امتحان ۾ امتيازي پوزيشن حاصل ڪري ورتم. (لوڪ ادب جي مشهور ڄاڻو استاد شيخ محمد اسماعيل ان امتحان ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي هئي). بهرحال مهراڻ سان محبتون وڌي ويون ۽ لاڳيتو گهرائيءَ سان مطالعو ڪندو رهيس، جيڪو ايم- اي لاءِ به ڪم آيو ۽ ايم. اي به تمام سٺين مارڪن سان پاس ڪري ايل.ايل.بي ۾ داخلا ورتم، اهو سال 1973ع هو.

تن ڏينهن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس گاڏي کاتي (امين منزل) حيدرآباد ۾ هئي. گرامي صاحب مهراڻ جو ايڊيٽر ۽ شوڪت حسين شورو بورڊ جو لائبريرين هو. محترم ناشاد سان تازي ئي ڏيٺ ويٺ ٿي هئي، تنهن گرامي صاحب سان منهنجو تعارف ڪرايو ۽ ڏاڍو سٺو تعارف ڪرايو. ائين گرامي صاحب سان به نيازمنديءَ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ شوڪت حسين شورو سان به ”هيلو هاءِ“ ٿيندي رهي، جتي علي بابا، عبدالحق عالماڻي، مشتاق باگاڻي ۽ ٻيا ليکڪ ايندا ويندا هئا.

هڪ ڏينهن مولانا صاحب مون کان مهراڻ لاءِ شاعري گهري. عرض ڪيم ته ”سائين! مان مهراڻ جهڙي معياري رسالي ۾ لکڻ جي لائق ناهيان.“ ٺهه پهه وراڻيائين: ”مهراڻ لاءِ لکندين ته لائق به ٿي ويندين. مهراڻ ڪيترن ئي نالائقن کي لائق بنائي ڇڏيو آهي.“ زور ڀريائين ته مون به پنهنجي ڊائريءَ مان ڪجهه بيت اُتاري سندن حوالي ڪيا ۽ پاڻ جيئن جو تيئن اُهي اُن پرچي ۾ ڇاپي ڇڏيائون. بيحد خوشي ٿي جو مهراڻ ۾ پهريون ڀيرو ڇپيو هوس ۽ سو به گرامي صاحب جن جي پرزور اصرار تي. پوءِ اُهي بيت مشهور گائڪا عابده پروين به لکائي ورتا ۽ موقعي مهل سان ڳائيندي رهي ٿي. بهرحال اُتان کان ئي منهنجو مهراڻ لاءِ لکڻ شروع ٿيو، جيڪو لاڳيتو جاري آهي.

مولانا گرامي صاحب ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ سخت ڳالهير مڙس ته هو ئي، پر رخ ڏسي مُک ٻوليندڙ عالم ۽ دانشور به هو. عالمن ۽ دانشورن سان عالماڻيون ڪچهريون ڪندو هو ته اسان جهڙن سيکڙاٽن سان وري اسان جي نهج ۽ رنگ واريون رهاڻيون رچائيندو هو. مون کي ته پهرين رهاڻ ۾ ئي موهي وڌو هئائين، سو آءٌ سندس علمي ادبي درگاهه جو پانڌيئڙو ٿي ويس.

مولانا گرامي صاحب ادب شناس ۽ علم ادب جو ڇُلندڙ سنڌو درياءُ هو. سندس فن شناسي ۽ دانشوري سنڌوءَ جي سير جيئن وهندي هئي. هڪ ئي نشست ۾ الائي ته ڪيتريون ئي علمي ڳالهيون ڪري ويندو هو. علم، ادب، راڳ، مذهب، تصوف، تعليم، تاريخ، صحافت، ثقافت ۽ سياست جي موضوعن تي دسترس رکندڙ عالم فاضل ۽ دانشور به هو ته سخنور، سخن شناس ۽ اعليٰ درجي جو مقرر به هو. سندس سخن شناسيءَ جو اهو عالم هو جو جڳ مشهور عالمن، شاعرن، عارفن، ۽ دانشورن، جهڙوڪ مولانا رومي، مولانا جامي، شيخ سعدي، حافظ شيرازي، ڪبير، ميران، شاهه لطيف وغيره جي فن ۽ فڪر تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائي ماحول کي اصل مست بنائي ڇڏيندو هو. سندس ان جامعيت کي ڏسي اهو ويساهه وڌي ويندو هو ته اسان جا عالم ۽ دانشور هروڀرو انگريزي علم جا محتاج ناهن.

گرامي صاحب جو حافظو به ڏاڍو تيز هو. پاڻ لاتعداد موضوعن تي هڪ ئي وقت لاڳيتو ڳالهائي سگهندو هو. سندو ذهانت ۽ حافظي جو ڪمال اهو هو جو في البديهه گفتگو ۾ به ادب اوتيندو ويندو هو. منهنجي بصارتن ويجهڙائيءَ کان اهڙا ٿورڙا مقرر ئي ڏٺا آهن جيڪي في البديهه عام گفتگو ۾ به سراسر ادب اوتيندا آهن. سچ ۽ اهو آهي ته گرامي صاحب جن جي روح پرور رهاڻين مان اسان جهڙن جي ججهي تربيت ٿي آهي.

هڪ ڏينهن انور هالائي صاحب ابڙا خاندان جي شجره نسب بابت پڇيو ته مولانا صاحب اصل وڏڦڙي وانگر وَسي پيو! ابڙا خاندان جي اوائلي دور کان وٺي ان وقت تائين جا سمورا سلسلا کولي کڻي پڌرا ڪيائين. انور ٻڌندي ٿڪجي پيو پر مولانا نه ٿڪو ۽ نه وري سندس ڳالهيون کٽيون- جيتوڻيڪ ٽي ڪلاڪ مسلسل ڳالهايو هئائين.

گرامي صاحب وضع قطع ۾ بظاهر ته بلاشڪ ”مولانا“ هو، مگر باطن ۾ صوفي ۽ مڪمل ترقي پسند ذهن جو مالڪ هو ۽ هر ادبي موضوع کي ترقي پذير زوايي سان ڏسڻ ۽ پرکڻ جو قائل هو. سنڌ ۾ ترقي پسند ادبي روين ۽ رجعت پسنديءَ واري ڇڪتاڻ ۾ هن سدائين ترقي پسند فڪر ۽ طبقي جو ڀرپور ساٿ ڏنو. نه رڳو اهو پر اهڙن روين کي مهراڻ جي ڌارا ۾ به شامل ڪيائين ۽ اهوئي سندس ترقي پسنديءَ جو مکيه حوالو بڻيو، توڙي جو سندس لاتعداد حوالا ٻيا به آهن.

گرامي صاحب جي ڳڻڻ جهڙين ڳالهين مان هڪ اها به آهي جو پاڻ سدائين نون ليکڪن جي فراخدليءَ سان حوصله افزائي ڪيائين. ماضي قريب جا اهي نوان قلمڪار، جي اڄ سنڌي ادب جا وڏا نالا آهن- ڪهڙا ڪهڙا نالا ڳڻجن؟ سڄو ملڪ مهراڻ آهي.

گرامي صاحب جون مهراڻ لاءِ به شاندار خدمتون آهن. مهراڻ لاءِ عاليشان خصوصي نمبر، پروقار ايڊيٽوريل، پر مغز مقالا، جن ۾ ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“، ”سنڌ صدين کان/سنڌ جڳن کان“ وغيره تحقيق نگاريءَ جا اعليٰ ۽ عمدا مثال آهن. مهراڻ جي اها خوش بختي آهي جو ان کي وقت بوقت نامور سرواڻ ايڊيٽر نصيب ٿيا آهن، مگر ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته گرامي صاحب وارو دور مهراڻ لاءِ سونهري دور آهي ۽ ائين ٿو لڳي ڄڻ مهراڻ ۽ گرامي صاحب پاڻ ۾ ”لازم ۽ ملزوم“ آهن.

گرامي صاحب جن جون ڳڻن ڀريون ڳالهيون ايتريون ته گهڻيون آهن جن جو احاطو ئي نه ٿو ڪري سگهجي. آءٌ ته ڇا پر سندس ياد ۾ نڪتل مهراڻ جو شاندار ”گرامي نمبر“ (1976ع)  به احاطو نه ڪري سگهيو ۽  سچ ته اهو آهي ته هن عظيم، اعليٰ اديب ۽ گوهر ناياب تي ڪيترائي خصوصي نمبر نڪرڻ گهرجن.

اياز گل جي غزل جو مُکڙو وري به چپن تي چڙهي آيو آهي ۽ مون جيڪي مهراڻ جون يادگيريون سنڀالي رکيون هيون، سي گرامي صاحب جي نانءُ ڪري رهيو آهيان.

- ”سوز“ هالائي

(هالا، سنڌ)

”مهراڻ“- منهنجي لکڻ جي شروعات!

ون يونٽ نئون نئون ختم ٿيو هو ۽ سنڌ پوري آب تاب سان نقشي تي ٻيهر نروار ٿي هئي. ان دَور ۾ ڪيئي ادبي ۽ نيم سياسي رسالا ۽ ڪتابي سلسلا جاري هئا: مثلاً
”ملير ڊائجيسٽ“، ”سنڌي پبليڪيشن“، ”سهڻي“، ”اڳتي قدم“، ”سوجهرو“ ۽ ”پيغام پبليڪيشن“. آءٌ گورنمينٽ ڪاليج نوابشاهه ۾ انٽرميڊئيٽ جو شاگرد هوس. سنگت جي اثر ۾ سنڌيت ڏي مائل ٿيڻ لڳس. هر مهيني جي شروع ۾ اُنهن رسالن جو شدت سان انتظار ڪبو هو. ڪاليج جي پڙهائيءَ کان وڌيڪ علمي ۽ ادبي رسالن توڙي ڪتابن جي اڀياس طرف رغبت پيدا ٿي. انهن سڀني رسالن کان علاوه هڪ ٻيو علمي ادبي رسالو نڪرندو هو، ان منهنجو وڌيڪ ڌيان ڇڪايو. ان رسالي جو نالو هو ”مهراڻ“. لاڳيتو پڙهندي خواهش پيدا ٿي ته آءٌ به لکان ۽ ”مهراڻ” رسالي ۾ ڇپجان! ان دَور ۾ آءٌ اڃا طفل مڪتب هئس. رسالو ”مهراڻ“ سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو هاڪارو رسالو هو. ان جو ايڊيٽر مولانا
غلام محمد گرامي سنڌ جو مڃيل نقاد، عالم ۽ شاعر هو. هڪ ڏينهن بورڊ جي ڄام شوري واري آفيس ۾، آءٌ پنهنجي هڪ دوست سان گڏجي اچي گرامي صاحب سان مليس.
اڌ ڪلاڪ کن جي گفتگو کان پوءِ گرامي صاحب مون کي چيو ته ”تون لکندين. ٻي ڳالهه ته  ايندڙ ملاقات ۾ ”مهراڻ“ لاءِ مضمون کڻي اچجانءِ.“ ڪٿي مهراڻ ۽ ڪٿي مون جهڙو ادب جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ جي آس رکندڙ ٻار! بهرحال گرامي صاحب جي حڪم سان مون قلم کنيو ۽ هڪ مقالو لکي سال کن کان پوءِ سندس خدمت ۾ حاضر ٿيس. مقالو، موضوع ۽ حوالا ڏسي خوش ٿيو ۽ ”مهراڻ ۾ قابل اشاعت“ جو نوٽ هڻي پاڻ وٽ محفوظ ڪيائين. افسوس ته هفتي کن کان پوءِ گرامي صاحب هي جهان ڇڏي ويو! بعد ۾ نامور شاعر امداد حسيني ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، جنهن منهنجو اهو مقالو (ٺل مير رڪن) مهراڻ جي 1979ع جي پهرئين پرچي ۾ ڇاپي نروار ڪيو. ان ريت ”مهراڻ“ ۾ منهنجي ڇپجڻ جي شروعات ٿي. امداد صاحب بعد ۾ ستت ئي بورڊ کي ڇڏي ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ موٽي ويو ته نفيس احمد شيخ ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. منهنجو لکڻ پڙهڻ جو عمل جاري رهيو. 1978ع- 1980ع واري دور ۾ آءٌ سنڌ يونيورسٽي پڙهڻ لاءِ آيس. ان عرصي ۾ برادرم نفيس احمد سان ملاقاتن جو سلسلو وڌيو ۽ هڪ قسم جو ذاتي تعلق پيدا ٿيو. گرامي صاحب لکڻ ۽ خاص ڪري ”مهراڻ“ ۾ لکڻ لاءِ اُتساهيو هو ۽ امداد صاحب مون کي پهريون ڀيرو هن رسالي ۾ ڇاپي مون لاءِ راهه هموار ڪئي هئي. ڀاءُ نفيس احمد هن سلسلي کي باقاعده اڳتي وڌايو ۽ سندس ذاتي دلچسپي ۽ نه ڇڏڻ واري پاليسيءَ سبب، مون نه رڳو گهڻو لکيو پر اهو باقاعده ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپجندو رهيو. مهراڻ ۾ آءٌ لاڳيتو 1983ع کان وٺي لکندو ۽ شايع ٿيندو آيو آهيان. ٿلهي ليکي منهنجا پنجاهه کن مقالا ”مهراڻ“ ۾ ڇپيا آهن. ان ڏس ۾ ڪي ترجمو ڪيل مضمون به اچي وڃن ٿا. ان کان علاوه ٽيهاروکن ڪتابن تي تنقيدون ۽ تبصرا پڻ مون لکيا جي مهراڻ ۾ ڇپيا. مون کي پورو اعتماد آهي ته گذريل ويهن پنجويهن سالن ۾، گهٽ ڄمار وارو آءٌ واحد ليکڪ آهيان، جنهن کي ”مهراڻ“ ۾ ڇپجڻ جو وڌ ۾ وڌ موقعو مليو آهي. ان جو سڄو ڪريڊٽ نفيس احمد شيخ ڏي وڃي ٿو. ڪجهه موقعا اهڙا به آيا، جو منهنجو مواد ڪنهن سبب جي ڪري هن رسالي ۾ نه ڇپجي سگهيو هوندو، پر ان هوندي به نفيس ڪڏهن به مون کي مايوس ٿيڻ نه ڏنو ۽ هميشه مثبت ۽ اُتساهيندڙ سوچ، تعميري ڏانءُ ۽ همٿ ٻَڌائڻ وارو هي انسان، اڄ  به منهنجي پڙهڻ لکڻ جي حوالي سان مون لاءِ آٿت آهي.

مهراڻ ۾ مون کي لاڳيتو شايع ٿيندي ڏسي ڪجهه دوستن منهنجو هٿ پڪڙيو. ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، محمد پنهل ڏهر، ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهرو، امام راشدي، نذير احمد شاڪر بروهي ۽ اشرف علي سمون منهنجا علمي ۽ ادبي دوست آهن. انهن دوستن مون کان اثر وٺي ”مهراڻ“  لاءِ لکيو ۽ اشاعت لاءِ مون کي وسيلو بنايو. مسلسل مطالعو ڪرڻ ۽ لکڻ هر ڪنهن جي وس نه آهي. هنن دوستن مان هڪ ٻه ته بلڪل لکڻ ڇڏي چڪا آهن ته ٻين دوستن وري ٿوري راهه تبديل ڪري، پنهنجو ڪم پئي ڪيو آهي. بهرحال اڄ جيڪڏهن منهنجي ڪا ادبي حيثيت آهي ته اُن ۾ رسالي ”مهراڻ“ ۽ نفيس احمد شيخ جو وڏو ڪردار آهي.

- ڊاڪٽر غلام محمد لاکو

(ڄام شورو، سنڌ)

”مهراڻ“ سان روحاني رشتو!

ٽِه- ماهي مهراڻ سان روحاني رشتو قائم ٿيل ٿو ڏسجي. اسان ٻنهي جو جنم سال ساڳيو ٿو لڳي. مان پنهنجي جواني لُٽائي، اَڇن جي آسري گهڙيون پيو گهاريان، پر مهراڻ وري نئين روح ۽ حسن سان روان دوان آهي. سنڌي ادب پڙهڻ جو آغاز لڳي ٿو ته مهراڻ جي معرفت ئي ٿيو. ان جو شاعر نمبر ۽ ڏهساله نمبر جڏهن پڙهيم تڏهن پنهنجن قلم ڌڻين کي سڃاڻڻ سکيم. ان کان اڳ اُبتي علم پڙهڻ جي سُتي پيل هيم. پڙهي ته گهڻو ڪجهه ويو هيم پر قلم کڻڻ جي سگهه تڏهن آئي جڏهن مهراڻ جا ورق ورايم. مهراڻ سان اهڙي لَنوَ لڳي جو هن وقت تائين ان سان ساٿ رهندو ٿو اچي. اميد ته مهراڻ جي سينڌ ۾ نواڻ جا موتي پوئيندا رهندؤ. اجائي ورجاءَ ۽ پراڻين ڳالهين کان پاسو ڪندا ته مهرباني.

 - ڊاڪٽر بدر اڄڻ

 (ڪنڌڪوٽ، سنڌ)

”مهراڻ“- هڪ تحرڪ ۽ تحريڪ

جڏهن سنڌي ادب جي تاريخ لکي ويندي ته ان ۾ مهراڻ جو ذڪر نهايت نمايان صورت ۾ هوندو، ڇاڪاڻ ته ادب جي تاريخ جي تڪميل ئي ”مهراڻ“ جي ذڪر سان ٿي سگهي ٿي. مهراڻ جي حيثيت هڪ رسالي کان اڳتي وڌي هڪ تحرڪ ۽ تحريڪ جي رهي آهي، جيڪو اڌ صديءَ جي ادبي ڪلپنائن، ڀاونائن، احساساتي ۽ جمالياتي وارتائن، انقلابي روين، ترقي پسندي، انساني ۽ اخلاقي تعميري ظرف نگاهي، سماجي ارتقا جي جملي روين، ادب ۽ تاريخ جي نظرين، فن ۽ فڪر جي جديد توڙي قديم روين، ارتقائي حيات جي تقاضائي سڦلتائن ۽ مڄاڻ ڪيترن ئي علمي، ادبي، فڪري نظري روين ۽ قدرن جو امين رهيو آهي، جيڪو امر نهايت ئي قابل فخر آهي. مهراڻ جي قومي، فڪري، علمي ۽ اعليٰ آدرشي افادي روين کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز ڪري نٿو سگهجي، جيڪي قوم، تاريخ، سماج، سماجي وارتائن ۽ انساني جذبن جا آئينه دار ۽ عڪاس رهيا آهن. جيڪي ادب ۽ تاريخ جي ذهني فڪري روين جا نقيب ۽ امين آهن ۽ جن جي تهه ۾ سنڌي سماج جي تصوير ۽ ان جي روح کي ڌڙڪندو محسوس ڪري سگهجي ٿو.

مهراڻ جتي ادب جي جهونن جوڳين کي مُهت ڏنو، اتي هن پنجاهه ساله دَور ۾ سنڌي ادب جي هر صنف تي لکندڙ اديبن، عالمن، ڪهاڻيڪارن، شاعرن، محققن جو هڪ چڱو موچارو حلقو پيدا ڪيو، جيڪو اڄ جي علمي روين جو پاسدار ۽ پيشڪار آهي،جن جي قلم ۾ متانت، سنجيدگي، علمي گهرائي، فڪري اغماض ۽ تاريخي روين جي گهرائي آهي، جنهن کي مهراڻ جي علمي آبياري چئجي ته بجاءِ آهي. ”مهراڻ“ سنڌي ادب جي ترقي ۽ ترويج سان گڏ دنياي ادب جي عالمي روين ۽ فڪري معيارن سان سنڌي ادب کي روشناس ڪرايو ۽ سنڌي ادب جي اعليٰ آدرشي روين کي بين الاقوامي فورم سان پڻ آشنا ڪرايو. سنڌي ادب جي علمي ۽ فڪري سرمائي کي دنيا جي اندر جيڪا مهانتا ۽ پذيرائي ملي، مهراڻ جو ان ۾ وڏو ڪردار آهي. اها ٻولي، جنهن جي ڌرتيءَ جو سينو پنهنجي اندر پنجن هزارن سالن جي تاريخ کي پنهنجي ساهه ۾ سمائي ٿو ۽ سانڍي ۽ سانڀي ٿو، جيڪو تهذيب جي تاريخ جو امين آهي. جنهن جي خمير ۽ ضمير ۾ فن، فڪر، تخليق ۽ تحقيق جا اعليٰ گڻ ۽ معيار موجود آهن، جنهن وقت جي رفتار سان جيڪا ترقي ڪئي آهي، مهراڻ انهن جي جملي عڪاسي ۽ آبياري جو آئينه دار آهي.

مهراڻ علم ادب، فن ۽ فڪر، تاريخ ۽ ڪلچر، سماجي روين ۽ اتهاس جو هڪ اهڙو روشن مينار آهي، جنهن جي روشني جڳن تائين دائم ۽ قائم رهندي. مهراڻ جي پنجاهه ساله تاريخي دَور تي لکڻ لاءِ وڏو وقت ۽ وڏو دماغ گهرجي. مون جهڙو ننڍو ماڻهو ۽ ٿور- پڙهيو تاريخ جي هن عظيم ادبي فڪري امين جي سلسلي ۾ ڪجهه لکي، ان لاءِ ڏکيو ته نه پر مشڪل ضرور آهي، ڇاڪاڻ ته ادب جي هر قدر، رويي ۽ هر لکندڙ وٽ ڪهڙا قدر ۽ ماڻ رهيا يا هن ڪهڙين نين ڳالهين ۽ ادبي روين جي ترويج ڪئي، جنهن سان ان جي وابستگي ۽ مهراڻ جي ذريعي انهن جي ادب جي ميدان ۾ ڦهلاءُ ۽ اثر پذيري ۽ اثر اندازي ۽ ان کي چٽو ڪري بيهارڻ ۽ سرجڻهار جي ذهني روين جو تجزيو ۽ انهن جو تسلسل لهڻ ۽ ادب جي قافلي ۾ ان جي مهراڻ وسيلي معياري ڪيفيت ۽ ڪميت کي ظاهر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. جيتوڻيڪ ان جي وڏي ضرورت آهي.

آءٌ ٻين کي ڇڏي جڏهن صرف پنهنجي وجود ۽ فڪري روين جي ادبي سفر ۽ پنهنجي بي علميءَ جو جائزو وٺان ٿو ته ان کي به پوريءَ ريت نڀائي نٿو سگهان، ڇو ته ڪئين مقالا، ڪئين تبصرا، ڪئين خط مهراڻ جي زينت بنيل آهن. مون 1949ع ۾ هٿ ۾ قلم جهلي ادب جي دنيا ۾ قدم رکيو. جيڪا سڃاڻپ مون کي مهراڻ ڏياري، ان جو ذڪر ۽ اعتراف نه ڪرڻ ڪفران نعمت جي برابر آهي. مهراڻ ۾ جڏهن منهنجو مقالو ”حياتيءَ جي ترقيءَ ۾ عقليت جو مقام“ قسطوار شايع ٿيو، يا ”وتائي فقير جي شعور جي بلندي“ يا ”اگهم ڪوٽ ۽ جهم- تاريخ ۽ تحقيق جي روشنيءَ ۾“ يا ”هاڪڙو دريا“ ڇپيا ته اداري کان منهنجي متعلق ڪافي پڇيو ويو ته اهو ”ڪاشف“ ڪير آهي؟ گرامي صاحب سان منهنجي لڳ ڀڳ ٽيهه سال وابستگي رهي. مهراڻ جي اوج جو سهرو انهيءَ بي باڪ اهل قلم ۽ اهل علم ايڊيٽر تي آهي.

بهرحال آءٌ اڄ به اهو چوان ٿو ته منهنجي ادبي تشخص ۾ مهراڻ جو وڏو هٿ آهي. ڪنهن جو ڪيترو مطالعو هجي يا هو ڪيڏو وڏو لکندڙ هجي، پر جيستائين هن لاءِ ڪو پليٽ فارم نه آهي ته هو گهر جي گُندِيءَ برابر آهي، جيڪا اَنَ سان ڀريل هوندي ته ڪهڙي ڪم جي، پر جي اٿل پٿل هوندي ته پئي ڪم ڏيندي. اڄ جا جيڪي ڪئين ڪويسر دوست آهن، اهي به هن اداري جي پيداوار ۽ پرورده آهن. منهنجي عمر وارن يا مون کان گهٽ عمر وارن سڀني اديبن تي مهراڻ جي مهرثبت ٿيل آهي، جنهن کان نه مون کي انڪار آهي نه ڪو ٻيو انڪار ڪري سگهندو. اهي سڀ هن پنجاهه ساله ادبي علمي رسالي جا مرهون منت آهن.

آخر ۾ آءٌ وري به اهو ضرور چوندس ته ”مهراڻ“، ٿڌو جيئن ”مهراڻ مٺو ميهر کيرکان“ جي مصداق اها علمي، ادبي، فڪري ۽ فني سُرڪ آهي، جنهن ۾ سنڌوءَ جو ساءُ سمايل آهي. سنڌو- ماٿر جي علم، فڪر، تهذيب ۽ ٻوليءَ جي اعليٰ جمالياتي قومي وجود جي شناخت جي علامت آهي. دعا آهي ته مهراڻ صديون قائم رهي پنهنجي اعليٰ آدرش سان سنڌ ڌرتيءَ کي روشن رکي.

- محمد حسين ”ڪاشف“

    (چمبڙ، سنڌ)

هيرا، موتي لعل!

مهراڻ اسان جو، نجو پجو، علمي، ادبي، تاريخي ۽ معلوماتي پرچو آهي. هن اڌ صديءَ جي دستاويز ۾ صدين جا هيرا موتي لعل جواهر جڙيل آهن. اهڙي پياري نياري پرچي جي باري ۾، ڪاڳر جي آڳر تي ڀرپور تاثر لکڻ کان قاصر آهيان. مهراڻ جي ”گولڊن جُبلي نمبر“ تي تاثر لکڻ لاءِ عنبر جي سياهي هجي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ماضي قريب کان حال تائين مسلسل آگاهي هجي- پوءِ شايد ڪجهه نه ڪجهه حق ادا ڪري سگهجي!

مهراڻ رسالي جا سڀ پرچا زور ڀلا آهن ۽ ان جون سڀ لکڻيون ڀليون.مبارڪن جي لائق آهن.

- احمد خان مدهوش

(جوهي، سنڌ)

”مهراڻ“: هڪ ادارو- هڪ تحريڪ

مهراڻ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو سرواڻ رسالو آهي، جيڪو هڪ ”مخزن“ کان وڌيڪ هڪ ”اداري ۽ تحريڪ“ جي حيثيت رکي ٿو. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي اوسر ۽ واڌاري لاءِ، مهراڻ جديديت، روشن خيالي، سنڌ جي روايت، سونهن ۽ سچائيءَ کي قائم رکيو آهي،  جنهن ۾ زندگيءَ جي ڪڙاڻ ۽ مٺاڻ کي سڌي سنواٽي انداز ۾ پيش ڪيو ٿو وڃي.

مان مهراڻ کي سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي نرسري (سکيا- گهر) سمجهان ٿو، جتي نون لکندڙن جي تربيت ۽ همت افزائي ڪئي وڃي ٿي ته ڪهنه مشق ليکڪن کي لکڻ لاءِ نِت نوان موضوع ۽ گهاڙيٽا فراهم ڪيا ٿا وڃن ته جيئن هو پنهنجين لکڻين ۾ تهائين وڌيڪ جذبي جي گهرائي ۽ فڪري بلندي سمائي سگهن. مهراڻ جي سڄاڻ ايڊيٽرن جي رهبريءَ ۾ ڪيترائي اديب ۽ شاعر مهراڻ جي پيداوار آهن، جن پنهنجي ڏات، ڏانءَ، شوق ۽ شعور سان سنڌي ادب کي مالامال ڪيو ۽ ڪري رهيا آهن. مهراڻ ادب جي اعليٰ انساني قدرن ۽ احساسن جي پاسداري ڪندي ان کي معيار جي اوچي پَدَ تي آڻي بيهاريو آهي، تنهنڪري مهراڻ ۾ ڇپجڻ عزت ۽ اعزاز جي ڳالهه ڳڻي وڃي ٿي.

ادب هاڻي سگهارن احساسن، جذبن ۽ خيالن جي جمالياتي ۽ فنڪارانه اظهار کان گهڻو اڳتي نڪري آيو آهي. ادب کي سماج ۾ انقلاب، ترقيءَ ۽ تبديليءَ جو پڪو اهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو. انسان جي ذهني، فڪري، حِسي ۽ مادي ضرورتن ۽ تقاضائن کي ڪنهن به ريت پوئتي ڌِڪيو نه ٿو وڃي ۽ نه مصلحتن جي اوڇڻ ۾ لڪايو وڃي ٿو، بلڪ اُنهن کي چٽائيءَ ۽ ڀرپوريت سان بيان ڪيو ٿو وڃي. زندگيءَ جي ترجماني ڪرڻ سان گڏ ادب زندگيءَ جي اڳواڻي ۽ رهنمائي پڻ ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت اهڙو سچار سونهون اعليٰ انساني اوصافن جو امين ۽ عالمي قدرن جو پرچارڪ رهي ٿو ۽ امرتا ماڻي ٿو.

ڪنهن ادبي رسالي/اداري تي سرڪاري يا انتظامي ضابطو، دخل اندازي ۽ سينسرشپ حقيقت ۾ انڪار آهي سونهن، سچ ۽ سوچ جي ڦهلاءَ جو، وِيچارن کي آزاديءَ سان بيان ڪرڻ جو ۽ موت آهي تخليقي صلاحيتن ۽ ڪوششن جو. ويجهي ماضيءَ ۾ اهڙو ڏکيو وقت مهراڻ تي به آيو جڏهن ان ۾ ملڪي سربراهن ۽ وزيرن جون تصويرون ۽ تقريرون ڇپجڻ لڳيون. بهرحال اهو اونداهو دَور به گذري ويو پر اڻلکيون ريتون ڇڏي ويو، جن کي اڄ ڏينهن تائين صفا ڪيو پيو وڃي.

مهراڻ کي ٻين سان گڏ ٽن باشعور، قابل ۽ حقيقي ايڊيٽرن جو ساٿ رهيو (منهنجي هن راءِ سان ڪنهن کي اختلاف ٿي سگهي ٿو، جنهن کي مان عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسندس) جن مهراڻ لاءِ هڪ پڪو ۽ پختو ادبي دڳ قائم ڪيو ۽ ان تي قائم رهيا يا قائم رهڻ جا  جتن ڪيائون. محمدابراهيم جويي، غلام محمد گرامي ۽ امداد حسيني مهراڻ کي عالمي سطح جو ادبي پرچو بنايو ۽ ڪڏهن به سک ۽ اطمينان سان نه ويٺا ۽ پنهنجي ادبي جاکوڙ جاري رکيائون.

مهراڻ پڪ سان سگهاريون روايتون قائم ڪري رهيو آهي. اسين ايڪيهين صديءَ ۾ رهون ٿا. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي زندگيءَ جي مڙني رُخن تي پنهنجو غلبو ڄمائي چڪي آهي، ان کان ادب جو متاثر نه ٿيڻ ممڪن ناهي. تنهنڪري مهراڻ ۽ ان جي ادارتي عملي کي ٽيڪنالاجيءَ جي انهيءَ هلان جو سوچ، سُرت ۽ همت سان مقابلو ڪرڻو آهي. مقابلي جو مقصد مخالفت ناهي. ڏسڻو اهو آهي ته اسين اليڪٽرانڪ جي ذريعن کي پنهنجي ادب جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ ڪيئن ۽ ڪيترو استعمال ڪري سگهون ٿا؟ سنڌي ادب ۽ شاعريءَ، سنڌي سڀيتا ۽ سنڌ جي صلح ڪل واري پيغام کي اسان جديد سائنسي اوزارن جي مدد سان ڪهڙيءَ ريت ڦهلائي سگهون ٿا. اڄ جتي ڪمپيوٽرن جو راڄ آهي، انٽرنيٽ پنهنجو ڄار وسيع ۽ ڪشادو ڪري ڇڏيو آهي، اُتي روايتي ادب شديد بحران جو شڪار آهي. ڇا اسان به اولهه جي پوئلڳيءَ ۾ پنهنجي تهذيب ۽ ادب کان ڪٽجڻ گوارا ڪنداسين؟ ٽيڪنالاجيءَ کان انڪار خودڪشي آهي ته ان کي من و عن قبول ڪرڻ به تباهي آهي. مون کي پڪ آهي ته امداد اڄ جي ضرورتن ۽ چئلنيجن کان بخوبي واقف آهي ۽ وٽس انهن کي تعميري انداز ۾ منهن ڏيڻ جي ڀرپور سگهه ۽ صلاحيت موجود آهي. مهراڻ کي گولڊن جُبلي ملهائڻ تي واڌايون- شل ان جي پلاٽينم جوبلي ڏسڻ پسڻ جو موقعو ملي! دُعائن ۽ نيڪ تمنائن سان.

 - نذير قاضي

(حيدرآباد، سنڌ)

فخر لائق سرمايو

سنڌي ادبي بورڊ پاران سالن کان لڳاتار شايع ٿيندڙ مهراڻ بورڊ جي اهم ڪارنامن مان هڪ آهي. ”مهراڻ“ هڪ درسگاهه جيان، اديبن ۽ شاعرن جي سنوارَ، سُڌار  ۽ سنڀارَ ڪئي آهي ۽ سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ ثقافت کي محفوظ ڪيو آهي. هونئن ته مهراڻ جو هر شمارو سانڍڻ جهڙو آهي، پر ان جا ’خاص نمبر‘ ته تاريخي دستاويز جي حيثيت رکن ٿا. پنهنجي لکڻ جي ابتدائي دَور ۾ مهراڻ ۾ ڇپجڻ کي مون سدائين اعزاز سمجهيو هو ۽ هاڻي به دل ۾ ساڳيو ئي احساس زنده آهي. ٽِه- ماهي مهراڻ جي پابنديءَ سان هڪ وڏي عرصي کان اشاعت تي، بورڊ جا سمورا واسطيدار صاحب ۽ ڪارڪن جَس لهڻن. بيشڪ وٽن اهو هڪ بي بها ۽ فخرلائق سرمايو آهي.

- اياز گل

 (سکر، سنڌ)

”مهراڻ“- نون ليکڪن لاءِ حوصله افزائي

ٽِه-ماهي مهراڻ ۾ منهنجي شاعري پهريون ڀيرو 1973ع ۾ شايع ٿي هئي، جڏهن مان انٽر جو شاگرد هوس. ان کان پوءِ مهراڻ ۾ لاڳيتو شاعري شايع ٿيندي رهي. خيرپور ۾ 14 سيپٽمبر 1974ع تي ڪل سنڌ مشاعرو ٿيو هو، جنهن جي صدارت جناب غلام محمد گرامي ڪئي هئي، ۽ ان موقعي تي ناشاد سان پهريون ڀيرو ملاقات ٿي هئي. اهو منهنجي زندگيءَ جو پهريون مشاعرو هو، جنهن ۾ مون پنهنجي شاعري سنڌ جي مکيه نمائنده شاعرن جي موجودگيءَ ۾ پڙهي هئي. مون پنهنجي ڪاپيءَ تي گرامي صاحب کان آٽوگراف ورتو هو، جنهن ۾ سائين لکيو هو: ”ادل سومري جو ڪلام پنهنجي فن جي حيثيت سان ترقيءَ جي راهه تي آهي. اِها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته نوجوان ترقي پسند شاعرن ۾ هڪ سمجهه واري شاعر جو اضافو ٿيو آهي.“ گرامي صاحب جي حوالي سان، اِن راءِ لکڻ جو مقصد اِهو ٻڌائڻ آهي ته مهراڻ جي وسيلي نوجوان شاعرن جي گهڻي همت افزائي ٿي آهي، ۽ مهراڻ ڪيترن ماڳن تي اُنهن جي سڃاڻپ جو وسيلو پڻ بڻيو آهي. عام طور تي رسالن کي سنڀالي رکڻ جو رجحان ڪجهه گهٽ آهي، پر مهراڻ اهڙو رسالو آهي، جيڪو نه فقط عام ڪتبخانن (لائبررين) ۾ سنڀالي رکيو وڃي ٿو پر انفرادي طرح ذاتي لائبررين ۾ به اهو محفوظ هوندو آهي. انڪري اهو اڪثر ڪنهن مقالي يا مضمون ۾ ماخذ طور به ڪم ايندو آهي. مهراڻ ۾ شايع ٿيل ڪهاڻيون توڙي شاعري به معياري هوندي آهي، پر مضمونن ۽ مقالن وارو حصو وڌيڪ جاندار هوندو آهي. مهراڻ اهڙو رسالو آهي، جنهن جي اهميت ۽ افاديت سدائين محسوس ڪئي وئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com