سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :26

علي بابا

هي جيون، هي سپنا

 

چار وڏا فرشتا عرش عظيم جي ڪٽهڙي تان بيٺا هن جي سموريءَ چُرپُر کي جاچي رهيا هئا.

اُداس روح، ڪارو چوغو پايو، آسمان جي هيٺان ڪهڪشان جي ڦهليل سمنڊ جي ڪناري تي ويٺو، آسمان جي مخمل جهڙيءَ نيريءَ ڇـت ۾ تارا ٽانڪي رهيو هو. اڄ هن کي چوڏهينءَ جي سُهائي رات سجائڻي هئي. هو هڪ هڪ ڪري، ڪهڪشان جي پکڙيل انبار مان تارا کڻي، پنهنجي ريشمي چوغي جي پلاند سان صاف ڪري، آسمان ۾ ٽَنگي رهيو هو. ڪي تمام پراڻا تارا، جي پنهنجو آب تاب وڃائي چڪا هئا، تن کي صاف ڪرڻ لاءِ هن کي ڏاڍي محنت ٿي ڪرڻي پيئي. پوءِ به نٿي چمڪيا، ته هن انهن کي زور سان هيٺ اونداهي پاتال ۾ کڻي ٿي اُڇلايو، جي چڻنگون ڇڏيندا، آخرڪار گم ٿي ويا ٿي.

جڏهن مٿي، عرش عظيم تي، سج جي ٽنگيل گول ٿالهه تي فرشتن ڏونڪو هنيو ۽ سڄي عالم لاهوت جي مقدس فضا ۾ وقت جي پابنديءَ جو پڙلاءُ گونجيو، ته هن ڏڪندڙ هٿن سان ڪهڪشان جي ڍير مان چوڏهينءَ جو گول گول چنڊ ڦٿوڙي ڪڍيو. هن جي اکين مان ٻه لڙڪ ڪري اچي چنڊ جي منهن تي پيا. جلد جلد، ڏڪندڙ هٿن سان چنڊ جا داغ اُگهي، هن ان کي آسمان جي سينڌ ۾ جهومر جيان لٽڪائي ڇڏيو، آسمان جي هيٺان، چئني طرف، ٿڌڙي ٿڌڙي چانديءَ جهڙي جوت پري پري تائين پکڙجندي ويئي.

چنڊ کي ڏسي، اڄ هن کي پنهنجي زندگيءَ جون اُهي سموريون سُهايون راتيون ياد اچي رهيون هيون، جي هن ڪڏهن ڌرتيءَ تي سجايون هيون. هن تمام بيچينيءَ سان هيٺ روشنين ۾ ٻُڏل اونداهي پاتال ڏانهن نهاريو. تمام هيٺ، اُونهي ڪارونڀار ۾، هن جون نظرون اُنهيءَ ڌوڙ ڌڌڙ جي گولي کي ڳولي رهيون هيون، جتي هن پنهنجي زندگيءَ جا ٽيهه سال گذاريا هئا.

اڄ خداوند تعاليٰ هن کي فرشتن کان به وڌيڪ آسماني قوتون عطا ڪيون هيون. هو سڄي آسمان ۾، پورب کان پڇم تائين، گهڙيءَ پلڪ اندر ڊوڙ پائي پهچي ٿي سگهيو. پر هو انهيءَ اونداهي پاتال کي پار نٿي ڪري سگهيو، جيڪو هن جي ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ حائل هو. هو اوندهه جي اُنهيءَ اٿاهه بحر ۾ گهوتا کائي رهيو هو، جنهن جو ڪوبه انت، ڪوبه ڪنارو ڪونه هو. هو ديوانن وانگر ٻيئي هٿ منهن تي ڏيئي، چنڊ ستارن جي دنيا ۾ ڊوڙون پائي رهيو هو. هيٺ جي اگهور خلا کي جهاڳڻ لاءِ ڪوبه رستو هن کي نظر نٿي آيو. خار ۾ اچي، هو پاڳلن جيان رڙيون ڪرڻ لڳو، ۽ آسمان مان تارا ڇني هيٺ اڇلائڻ لڳو.

مٿي بيٺل چارئي فرشتا گهٻرائجي ويا. هن جو اهو حال ڏسي، پاڻ ۾ سس پس ڪري، هو وٺي عرش عظيم ڏانهن ڀڳا.

عالم لاهوت جي مقدس فضا فرشتن ۽ پاڪ روحن جي تسبيح ۽ تهليل جي لطيف آوازن سان گونجي رهي هئي. چئني فرشتن، عرش عظيم جا پاوا چُمي، ادب سان ڪنڌ جهڪائي، سؤ سؤ سجدا گهوريا.

پوڙهي فرشتي، ڏڪندي ڏڪندي عرض ڪيو: ”معبود! هو روح پاڳل ٿي ويو آهي!“

”ڇا ٿيو انهيءَ روح کي؟“

”معبود! هن آسمان مان ڪيترائي ستارا ڇني اُڇلائي ڇڏيا آهن... اسان کي ڊپ آهي ته متان چانڊوڪيءَ رات جو نظام درهم برهم ٿي وڃي!“

روح کي حاضر ڪرڻ جو حڪم مليو. چارئي فرشتا، ادب سان هٿ ٻڌي، پٺيرا موٽيا. کين پڪ هئي ته انهيءَ ناشُڪري روح کي ضرور فنا ڪري ڇڏيو ويندو. فوراً ئي، روح کي بارگاهه الاهي ۾ پيش ڪيو ويو. هن جون اکيون آليون هيون. هو ڪنڌ جهڪائي، روئي ۽ سڏڪا ڀري رهيو هو.

نهايت ئي نرميءَ سان کانئس پڇيو ويو: ”اي منهنجا پيارا روح! ٻڌاءِ توکي ڪهڙي تڪليف آهي؟ هتي ڪنهن به توکان تنهنجي مذهب بابت نه پڇيو، ۽ نه ئي ڪنهن فرشتي کي همت ٿي جو تنهنجي اڳيان تنهنجو اعمالنامو دهرائي. مون تنهنجي ايندي ئي بهشت جا دروازا کولي ڇڏيا. تنهنجي خدمت لاءِ بيشمار حورون مقرر آهن. تنهنجي شاعراڻي طبيعت کي مدنظر رکي، مون چنڊ ۽ تارن سان ڀريل آسمان تنهنجي وس ۾ ڪري ڇڏيو، ته جيئن تون چنڊ کي ڇُهي سگهين ۽ تارن سان دل بهلائي سگهين. ٻڌاءِ، توکي ٻيو ڇا گهرجي؟“

”معبود!...“ روح سڏڪن ۾ ٻُڏي ويو.

”چئه، اي پيارا روح! تنهنجي رضا ڇا آهي؟“

”معبود! مون تي رحم ڪر... مون کي ڪجهه نه گهرجي - مون کي پنهنجيءَ وڃايل دنيا ۾ موڪليو وڃي!... مون کي هتي ڪنهن به طرح آرام نه ايندو!“

روح سجدي ۾ ڪِري، زور زور سان اوڇنگارون ڏيڻ لڳو. عالم لاهوت جي فضا انهن جي پڙاڏي سان هلچل ۾ اچي ويئي. بهشت ۾ اداسائي ڦهلجي ويئي. حورون سوڳوار ٿي ويون. فرشتا حيرت ۽ هراس ۾ اچي ويا. پوڙهو فرشتو، اِلاهي قهر کان ڊڄي، روح کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ اڳتي وڌيو -

يڪايڪ، دريا ِّ ڪرم جوش ۾ آيو. پوڙهي فرشتي کي حڪم ٿيو: ”هي ائين ماٺ نه ڪندو - هن کي سپنن جي سُهائيءَ دنيا ۾ وٺي وڃ! آءٌ پنهنجي پياري ٻانهي کي نراس ڪرڻ نٿو چاهيان.“

هر طرف سڪون ۽ تسڪين جي پاڪيزه لهر ڇانئجي ويئي. حورن ۽ فرشتن جا چهرا ٻهڪي اُٿيا. پوڙهي فرشتي مُرڪي ڏنو، ۽ هڪ وڏو سجدو ڀري، اُداس روح کي گلن جي سيـڄ تي ويهاري، آسمان جي هيٺئين ڪٽهڙي تي کڻي آيو. پوءِ هن بهشتي گهاگهر مان طهوري شراب جو پيالو ڀري روح کي پياريو، ۽ کيس هيٺ اونداهي پاتال ۾ نهارڻ جو اشارو ڪري، زور سان ڦُوڪ ڏني. روح ڦاٽل نگاهن سان هيٺ نهاريو... اوندهه جا سمورا تهه تحليل ٿي ويا هئا، ۽ هن جي اکين اڳيان سندس ننڍڙو گهر اُڀري آيو هو.

هن جا ٻيئي ننڍڙا ٻارڙا مٺيءَ ننڊ ۾ مسڪرائي رهيا هئا. سندس پاسي ۾، ٻيءَ کٽ تي، هن جي زال ليٽيل هئي. هوءَ جاڳي رهي هئي، ۽ سندس ڳوڙهن سان ڀريل اکيون مٿي آسمان ڏانهن کنيل هيون. روح بيتاب ٿي اڳتي وڌڻ لڳو، ته فرشتي چيس، ”ترس، پهرين مان هن تي ننڊ موڪليان!“ ائين چئي، پوڙهو فرشتو پنهنجين انڊلٺ جهڙين کنڀڙاٽين کي ڦڙڪائي، هن جي زال ۽ ٻارن مٿان پکو جهولائڻ لڳو. هن جي زال جي اکين تي ننڊ جو کيپ چڙهي ويو. پر اُهي ڳوڙهن سان جهلملائيندڙ اکيون پورجن ئي پورجن، تنهن کان اڳ، روح وٺي آزاد فضائن ۾ اُڏاڻو ۽ پلڪن جي سمنڊ ۾ پيهي ويو.

*      *      *

تيز طوفاني هوائن ۾، ڄاتل سڃاتل گهٽين مان تکا تکا قدم کڻندو، هو گهر جي دروازي تي اچي بيٺو. هوا جي هڪ جهوٽي سان، دروازو کُلي پيو.

”تون!...“ هن کي در تي بيٺل ڏسي، هن جي زال کان ڇرڪ نڪري ويو. هوءَ سَڪتي ۾ اچي، چپ چاپ بيهي رهي.

”ها - مان آهيان! مان اچي ويو آهيان! تون مون کي سڃاڻين ٿي نه؟“

”تون؟... تون زنده آهين!... تنهنجو جهاز ته ٻڏي ويو هو... شايد ماڻهن مون سان ڪوڙ ڳالهايو هو... پر تون مون کي ڇڏي ڇو وئين؟ تو ڪيترا سال لڳائي ڇڏيا!...“ هوءَ سڀڪجهه چئي، منهن تي هٿ ڏيئي روئڻ لڳي. سندس ڪمزور جسم ڏڪي رهيو هو.

هن جي اکين ۾ به ڳوڙها ڀرجي آيا. هن کي يقين ئي ڪونه ٿي آيو ته هو ڪو پنهنجيءَ خوبصورت، شوخ ۽ چنچل زال جي اڳيان بيٺو آهي. هوءَ ڪيتري نه بدلجي ويئي هئي. هن جو سهڻو ۽ صحتمند جسم ڪيڏو نه ڪمزور ٿي ويو هو. لال گلابي چهرو ڪيئن نه ڪومائجي ويو هو، ۽ سانوڻ جي ڪڪرن جهڙا ڪارا ۽ ڊگها وار هاڻي اڇا ٿي رهيا هئا.

”مان تنهنجو ڏوهي آهيان. مون اچڻ ۾ ڏاڍي دير ڪئي.“ نهايت ئي ڏُکاري آواز ۾، هن ڪنڌ جهڪائي چيو.

ڪجهه دير ترسي، هن وري چيو: ”ٻار ڪيئن آهن؟ مون کي انهن جي ياد ڏاڍي ستائيندي هئي... هاڻي ته تمام وڏا ٿي ويا هوندا، شايد مون کي سڃاڻي به ڪونه سگهندا-“

هو بيتابيءَ سان پنهنجن سُتل ٻارن جي کٽ ڏانهن وڌيو، ته هن جي زال رڙ ڪئي: ”نه نه، انهن کي نه جاڳاءِ! خواهه مخواهه توکي ڏسي ڊڄي ويندا. تون ته هاڻي انهن لاءِ اجنبي آهين.“

هن جا قدم کٽ تائين پهچي رڪجي ويا. هن ڏاڍي سڪ ۽ پيار جي نظرن سان پنهنجي ڌيءُ ۽ پٽ ڏانهن نهاريو، جن کي هو تمام ننڍڙو ڇڏي ويو هو. ٻئي ڄڻا، ڀاءُ ۽ ڀيڻ، مزي سان ڀاڪر پايو، گهريءَ مٺيءَ ننڊ ۾ پيا هئا.

هن زال ڏانهن نهاري، ٻڏندڙ آواز ۾ چيو: ”ڇا، تون به مون کي اجنبي محسوس ڪري رهي آهين؟“

”ڀلا آءٌ به ائين ڪري سگهان ٿي! مون ته توکي ڪڏهن به نه وساريو آهي - زندگيءَ جي ڪنهن به حـصي ۾ نه، موت کان پوءِ به نه. توکي ڏسي، آءٌ ته پاڳل ٿي رهي آهيان، ڄڻ ته ڪو سپنو ڏسي رهي آهيان. پر تو مون کي ڪيئن وساري ڇڏيو؟ ڏس ته سهي، توکان سواءِ ڪهڙا حال ٿيا اٿم!“ هوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.

”مون کي معاف ڪر، پياري، آءٌ مجبور هوس.“ هن روئندڙ آواز ۾ چيو. ”هاڻي مان توکي ڪڏهن به اڪيلو ڇڏي نه ويندس، توکي پنهنجي روح سان سانڍيندس... توکي ياد آهي نه، هڪ ڏينهن مون توکي چيو هو ته مان تنهنجي لاءِ آسمان مان تارا به آڻي سگهان ٿو. ها، سچ پچ، مان تنهنجي لاءِ آسمان مان تارا آڻي سگهان ٿو!... پر مان توکي پاڻ سان گڏ وٺي ويندس، چنڊ ۽ تارن جي ديس ۾! اُها جڳهه ڏسي تون ڏاڍي خوش ٿيندينءَ. اها ڏاڍي عجيب جڳهه آهي. اتي آسمان ايترو ته هيٺ آهي جو تون چنڊ ۽ تارن کي ڇُهي سگهندينءَ!... بس، تون مون سان گڏجي هل. آءٌ توکي وٺڻ آيو آهيان-“

”سچ!“ هن جي زال، ننڍن ٻارن جيان تاڙيون وڄائيندي، ائين چيو، ڄڻ ته هوءَ سچ پچ ستارن جي دنيا ۾ وڃي رهي هئي. پنهنجي مڙس جي جدائيءَ جو سمورو درد ۽ شڪايتون وساري، هوءَ مسلسل مُرڪي ۽ خوش ٿي رهي هئي. تمام جذباتي انداز ۾ چوڻ لڳي: ”مان ضرور هلنديس! هاڻي مان تنهنجي سهاري بنا هڪڙو قدم به کڻي نٿي سگهان. زندگيءَ جو تنها مقابلو ڪندي آءٌ ٿڪجي پيئي آهيان. مون کي يقين هو ته هڪ ڏينهن تون ضرور مون وٽ موٽي ايندين. ڏس، مون تنهنجي هرڪا شيءِ ڪيئن نه سنڀالي رکي آهي-“ ائين چئي، هوءَ ڪتاب ۽ ٻيون شيون کيس ڏيکارڻ لڳي، جي صاف سٿري نموني ۾ رکيل هيون. ائين ئي، هوءَ خوشيءَ وچان ٻارن جي کٽ ڏانهن وڌي. ”هي ڏس! ڪيڏا نه وڏا ٿي ويا آهن. مون هنن کي تمام لاڏ ڪوڏ سان نپايو آهي. رات ڏينهن هڪ ڪري، مشين تي پاڙي وارن جا ڪپڙا سبي، مون هنن جي تعليم جو بندوبست ڪيو آهي... پر - پر- تون منهنجي منهن ۾ ائين چتائي ڇا ڏسي رهيو آهين؟ منهنجي مُرجهايل چهري ۽ بي نُور اکين ۾ ائين نه نهار. مان تنهنجي باغ جي مالهڻ آهيان. پنهنجي جسم جو سمورو خون پاڻي ڪري، مون تنهنجن هنن گلن جي پرورش ڪئي آهي. پنهنجين اکين جي جوت جهَڪي ڪري، مون هنن کي علم جي روشني پهچائي آهي. پنهنجي سونهن ۽ سينگار کي قربان ڪري، مون هنن جي صحت کي سڌاريو آهي. مون کي اهڙين نظرن سان نه ڏس، مون کي ڀَو ٿئي ٿو-“

”هي تون ڇا چئي رهي آهين! مون کي تنهنجي جسم سان نه، پر روح سان پيار آهي. تون سوچي به نٿي سگهين ته مان تو لاءِ ڪيترو پري کان آيو آهيان! تون نٿي ڄاڻين ته اهي پنج سال مون توکان سواءِ ڪيئن گذاريا آهن. چنڊ ۽ ستارن جي سيـڄ تي به مون کي آرام نه آيو. تون انهيءَ حسين ترين دنيا جو تصور به نٿي ڪري سگهين. اتي جو حاڪم مون تي بيحد مهربان آهي.....بس، ٿوريءَ دير لاءِ، آءٌ توکي وٺڻ ئي ته آيو آهيان!“

”ها، مون کي اُتي ئي وٺي هل. هتي مون کي هرڪا شيءِ پرائي ٿي لڳي. مون کي هتي جي هر شيءِ کان نفرت آهي... اوه! مون ته اڃا توکي پاڻي به ڪونه ڏنو آهي! توکي بک به ضرور هوندي. پر تون ويهه ته سهي! هيڏي سفر ۾، تون سخت ٿڪجي آيو هوندين. توکي ڏسي، تنهنجين ڳالهين ۾ کوئجي، آءٌ پنهنجو پاڻ کي به وساري ويٺيس...“ ائين چئي، جيئن ئي هوءَ دستور موجب هن جي پٺيءَ تان ڪاري اوورڪوٽ لاهڻ لاءِ وڌي، ته اوچتو ٻاهران سڏ ٿيو.

هوءَ ڊپ وچان ڪنبي ويئي: ”هي آواز! - ها، بلڪل ساڳيو! هي اُهوئي شخص آهي، جيڪو توکي پرڏيهه وٺي ويو هو... مان توکي ٻاهر نه ڇڏينديس!... مان کيس وڃي ٿي موٽايان –“

”نه نه، هو منهنجو دوست، منهنجو انتظار ڪري رهيو آهي. وقت پورو ٿي ويو آهي.“

”اڃا هينئر ئي ته آيو آهين - نه ڪجهه کاڌو، نه پيتو اٿئي!“

”بس، هينئر ئي ته هلڻو آهي.“

”چڱو ڀلا، مان ٻارن کي جلد ئي سنڀرائي ٿي وٺان.“

ٻارن جو ٻڌي، هو ڪنهن گَهريءَ سوچ ۾ پئجي ويو. هو اڳتي وڌي وڃي ستل ٻارن جي ڀرسان بيٺو. يڪايڪ، ڪنڌ ڌوڻي، فيصله ڪُن انداز ۾ چيائين: ”هنن کي نه جاڳاءِ! هنن کي پنهنجن سپنن جي دنيا ۾ رهڻ ڏي!“

”تون اِهو ڇا چئي رهيو آهين؟ هنن کي هتي ئي ڇڏي هلان؟ هنن معصومن کي.....! منهنجي مامتا اِهو زهر ڪيئن پِي سگهندي؟ هنن کان سواءِ ته مان به هلي ڪانه سگهنديس –“

ٻاهر وري اُهو خوفناڪ آواز اُڀريو، ۽ هوائون تيز ٿي ويون. هو سوچ جي ساگر ۾ گهوتا کائي رهيو هو. ڪنهن نامعلوم خوف کان هن جو سڄو بدن لرزي رهيو هو. هن انتهائي درد انگيز آواز ۾ زال کي چيو: ”تون ٺيڪ ٿي چئين. مان پاڻ انهيءَ فيصلي تي پهتو آهيان ته مون کي اڪيلو ئي موٽي وڃڻ گهرجي.“

”تون اڪليو موٽي ويندين!... نه نه، مان توکي هرگز نه ڇڏينديس! مون کي چنڊ ۽ ستارن جي دنيا نه گهرجي. مون کي توکان سواءِ ڪجهه نه گهرجي. مون کي اڪيلائيءَ جي اٿاهه ۾ وري نه اُڇلاءِ. مون کي اونداهيون وڪوڙي وينديون. منهنجو چنڊ ته تون ئي آهين، تون هتي ئي رهي پئه!...“ هوءَ روئندي، سڏڪندي، سندس پيرن ۾ ڪِري پيئي.

هن کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ اندر ئي اندر ڪو سندس نڙيءَ کي تيز ڇُريءَ سان چهڪ ڏيئي رهيو هو. سُورن جون سُوٽون کائيندي ۽ ڳوڙها پيئندي، هن چيو: ”مان مجبور آهيان... مون کي موٽي وڃڻو پوندو - اڪيلو ئي!.. ٻارڙا تمام ننڍا آهن، ۽ انهن کي اڃا تنهنجي گهڻي ضرورت آهي... مان وعدو ٿو ڪريان ته وري جلد موٽي ايندس - پوءِ...“

ايتري ۾ ٻاهران ٽيون ڀيرو سڏ ٿيو، ۽ ان سان گڏ ئي تيز طوفاني هوائون ڀيانڪ سوساٽ ڪرڻ لڳيون. گهر جي در ۽ درين جا طاق زور زور سان پاڻ ۾ ٽڪرجڻ لڳا. ازغيبي طاقت جي اثر هيٺ، هن جا قدم خودبخود اڳتي وڌيا. کيس روڪڻ لاءِ، هن جي زال پوري زور سان رڙيون ۽ چيخون ڪرڻ لڳي، پر سندس خوابن جي دنيا درهم برهم ٿي ويئي.

*      *      *

هيٺ، ڌرتيءَ تي، هڪ ننڍڙي گهر جي اڱڻ ۾، چوڏهينءَ رات جي چانڊوڪيءَ ۾ ستل عورت، هڪ زوردار چيخ سان جاڳِي پيئي. هراس ۽ حيرانيءَ جي حالت ۾، پهرين ڪَڙي لڳل در ڏانهن نهاريائين. پوءِ ڏٺائين - سندس ٻيئي ٻار گهريءَ ننڊ ۾ الوٽ هئا. کٽ جي پاسي ۾، ٽپائيءَ تي، پاڻيءَ جو گلاس ۽ عينڪ ساڳيءَ ريت رکيل هئا. اڌ سبيل ريشمي ڪپڙو، مشين جي منهن ۾ اٽڪيل، تيز هوا ۾ ڦڙڦڙائي رهيو هو. مٿي، آسمان تي، چنڊ پنهنجي پوري آب تاب سان چمڪي رهيو هو، ۽ ستارا چئني پاسن کان جهرمر لايو بيٺا هئا. هن ڳوڙهن ڀريل نگاهون مٿي کنيون - ۽ هڪڙو تارو، چڻنگون ڇڏيندو، تمام پري تائين کِڙندو ويو. هن چنڊ ڏانهن نهاريو، ۽ ٻئي هٿ منهن تي ڏيئي، سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.

                   (مهراڻ- 1 ۽ 2/1965ع)

 

طارق اشرف

چهڪ

پالش ڪندي ڪندي موچيءَ جا هٿ هڪ لمحي لاءِ رڪجي ويا. هن جون نظرون سامهون ميرن بوٽن تي ڄمي ويون. هڪ گهڙيءَ لاءِ سندس دل ۾ خوشيءَ جي لهر وري آئي. هن ستت ئي پڇيو، ”پالش ڪريان؟“ ۽ پوءِ نظرون مٿي کنيائين.

سامهون ڦهليل هٿ اڃا به اڳيان وڌي آيو: ”هڪ پئسو!“

موچيءَ جي دل ۾ آيل گهڙيءَ پل جي خوشيءَ تي ڪاوڙ اچي ويئي: ”هل هل، پئسو کپيس! هتي ته سُڪل موچڙا اٿيئي-- کپنئي؟“ فقير اڳيان وڌي ويو.

هڪ ڪلارڪ جي اڳيان فقير هٿ ڦهلايو، جنهن جا اڻڀا وار پيشانيءَ تي پريشان هئا: ”صبح کان بکيو آهيان. ٻن مانين جو سوال آهي“ ڪلارڪ جي سُڪل چپن تي مرڪ پکڙجي ويئي-- هڪ ڪڙي ۽ ڪساري مرڪ. ”شل سدا سکيو هوندين...... ڏاڍي  بک لڳي اٿم.“ فقير وري ٻاڏايو. ڪلارڪ وري مرڪيو، ۽ مرڪندي اڳيان وڌي ويو.

فقير صبح کان بکيو هو، ۽ ڪلارڪ ڪالهه کان!

فقير وري اڳيان وڌيو ۽ هڪ پوڙهيءَ اڳيان هٿ ٽنگيائين: ”امڙ، جيئن بچن شال تنهنجا ٻچا، انهن جي صدقي ۾ هڪ آنو فقط.“

پوڙهي هلندي هلندي بيهي رهي. ”ٻچا!“ هن جا چپ ڏڪڻ لڳا ۽ هوءَ اڳيان وڌي ويئي. فقير جون نظرون گهڻيءَ دير تائين پوڙهيءَ کي ويندي ڏسنديون رهيون. کيس رکي رکي پوڙهيءَ جي اکين جو خيال پئي آيو، جن ۾ ’ٻچن‘ جو ٻڌي ڳوڙها تري آيا هئا، ۽ چهري تي ڏک ڇانئجي ويو هو. فقير سوچيو، ’ڇا پوڙهيءَ جو ڪوبه ٻار ڪونهي!‘

اوچتو فقير جي نظر موٽر ۾ ويٺل هڪ ٿلهي سيٺ تي پيئي. هو اوڏانهن وڌڻ لڳو. ”هڪ پائليءَ جو سوال آهي، بابا.“ ”هل ڙي، هل!“ سيٺ ڪاوڙجي چيو، ”هڪ ته پيٽ ۾ سور ڪري پڄائي آهي، ٻيو هيءُ سوئر نازل ٿيو آهي.“ ۽ موٽر هلي ويئي.

 ’سيٺ جي پيٽ ۾ سور!‘ فقير سوچيو. ’سور ته مون کي به آهي، مگر.....‘ هن جي بک تيئن وڌيڪ ٿيڻ لڳي. ڪافي دير تائين فقير اُتي ئي بيٺو رهيو، ۽ پوءِ سامهون واريءَ هوٽل ڏانهن وڌيو. هوٽل جو مالڪ ڪائونٽر تي پئسن ڳڻڻ ۾ مشغول هو. فقير دريءَ وٽ بيهي ڪجهه دير کيس ڏسندو رهيو ۽ پوءِ تمام نرمائيءَ سان چيائينس، ”صبح کان بکايل آهيان. ڌڻيءَ جي نانءَ تي ماني کارائيندين؟“ پئسا ڳڻيندي ڳڻيندي هوٽل جي مالڪ جا هٿ رڪجي ويا. هن نفرت منجهان فقير کي گهوريو، دريءَ مان جنهن جو صرف چهرو نظر پئي آيو ۽ پوءِ بڪ شڪ ڪندي وري پئسا ڳڻڻ لڳو: ”ڏٽا مُٽا، بيشرمائيءَ سان اچيو ٿا هٿ ٽنگين. ڪم جو چئه ته ٻرو چڙهيو وڃين.“ نوٽن جا بنڊل ميز جي خانن ۾ وجهندي وري چيائينس: ”حرام نه کاءُ، وڃي محنت ڪر. هتي بار- والي ڪندين؟“ فقير خاموشيءَ سان دريءَ وٽان هٽي ويو. هوٽل جي مالڪ غصي منجهان چيو، ”نوڪريءَ جي لاءِ چئه ته موت ٿو اچي... حرامخور!“

فقير هوٽل وٽان هٽي رستي تي آيو. کيس هوٽل واري تي ڏاڍي ڪاوڙ هئي. ڪاوڙ منجهه هن جو منهن پڻ ڳاڙهو ٿي ويو. پر ڪجهه وقت کان پوءِ ڪاوڙ ڍري ٿي وئي ۽ هن جي چپن تي مرڪ ظاهر ٿي. اهڙي مرڪ، جنهن ۾ بيپناهه بيوسي ۽ رنج سمايل هو. ”ڏٽو مُٽو آهيان! محنت نٿو ڪريان!“ هو پاڻ ئي پاڻ تي کلڻ لڳو. هن جي نظر پنهنجي ڏٻري جسم ۽  کاٻيءَ ٻانهن تي پيئي، جنهن جون آڱريون ۽ ڪرائي وڍجي چڪي هئي. هن جو ڌيان ساڄيءَ ٽنگ ڏانهن به کڄي ويو، جتي ناسور سدائين پيو وهندو هو. فقير سوچيو، ’ڀلا هوٽل جي مالڪ کي ڪهڙي خبر؟‘ هاڻ کيس وڌيڪ ٿڪ محسوس ٿيڻ لڳو ۽ بک جي شدت به وڌي ويئي.

هو هڪ بند ٿيل دڪان تي ويهي رهيو. سوچيائين—’صبح کان بکايل آهيان، ڪالهه به ڏيڍ ڏينهن کان پوءِ مانيءَ ڀور مليو هو‘. وري کيس ياد آيو، صبح کان ڪيترن جي اڳيان هٿ ٽنگيو هئائين، پر جواب ۾ رڳو گاريون ۽ دڙڪا ۽ ڌڪا مليا هئس. کيس اهو ڌڪو به اڃا تائين نٿي وسريو، جو پئسو گهرڻ تي هڪ ماڻهوءَ ڏنو هوس. هو زمين تي ڪري پيو هو، ڪرڻ تي ناسور ۾ ڌڪ لڳي پيو هو ۽ هو ايذاءُ ڪري ڦٿڪي پيو هو، پر ڪنهن کي هن تي رحم ته ڪونه آيو، الٽو ڪي چوڻ لڳا: ”چڱو ٿيو، هن جي اهائي سزا آهي!“ بيٺل سڀ ٽهڪ ڏيڻ لڳا هئا. هن وري سوچيو، ’هاڻ پنڻ ڇڏي ڏيڻ کپي، انهيءَ کان ته مرڻ بهتر آهي. پر آخر پيٽ ڪيئن ڀرجي؟‘ هن سوچيو، مزدوري هو ڪري نٿي سگهيو، جو سڄو هٿ ڪارخاني ۾ ڪپجي ويو هوس ۽ ٽنگ ۾ ڪُتي جو چڪ ناسور ۾ تبديل ٿي چڪو هو. آخر انهن خيالن هن کي ڪڪ ڪري ڇڏيو ۽ هو ماٺ ڪري ويهي رهيو. ڪافي دير کان پوءِ هن محسوس ڪيو ته ناسور ۾ سور پيو ٿئي -- پر سور ٽنگ جي ناسور ۾ نه هو، پيٽ جي ناسور ۾ هو. بک جي ڪري هو تمام ڪمزور ٿي ويو هو. کيس ائين پئي لڳو ڄڻ سندس جسم بيحس ٿي ويو آهي. بک جي شدت ويتر وڌيڪ ٿي ويئي. ڪجهه دير کان پوءِ هن کي پنهنجو فيصلو بدلائڻو پيو. هن سوچيو ته هن وقت ته پيٽ جي باهه وسايان، پوءِ پنڻ ڇڏي ڏبو. اهو سوچي، فقير دڪان تان اُٿيو. اُٿندي سندس نظر هڪ سفيد پوش پوڙهي تي پيئي جو آهستي آهستي ويو پئي. هن جي هٿ ۾ تسبيح لڏي پئي. هو ڪجهه پڙهي رهيو هو. فقير پوڙهي ڏانهن وڌڻ لڳو. پوڙهو چڱو اڳيان وڌي ويو هو. فقير جي ٽنگن ۾ طاقت به نه هئي، پر بک هن جي وک وڌائي. تکو تکو هو پوڙهي جي ڀرسان آيو. هن جو ساهه تيز تيز هلي رهيو هو. هن جي جسم ۾ طاقت هئي ڪانه. ڪجهه دير فقير   خاموشيءَ سان هلندو رهيو، پوءِ پوري طاقت لڳائي چيائين، ”صبح کان بکايل آهيان. ڌڻيءَ جي نالي تي ماني کارائينم.“

تسبيح بيهي رهي. ”معاف ڪر.“ ۽ تسبيح وري هلڻ لڳي.

فقير همت نه هاري. هڪ دفعي هن وري ٻاڏايو، ”خدا توکي حج نصيب ڪندو.“ ”دعا ٿو ڪرين! پوڙهو آهيان، انهيءَ ڪري؟ جي ٻار هجان ها ته پاس ٿيڻ جي دعا ڪرين ها.... ٺڳ!“ هو اڳيان وڌي ويو. فقير ڪاوڙ ۾ ڏند ڪرٽڻ لڳو ۽ دل ۾ چيائين، ’مان ٺڳ آهيان..... يا تون؟ الله جي عبادت ڪرين ٿو..... الله جي نالي تي پئسو نٿو ڏين!‘ هن سوچيو، ’الله جي نالي تي ڏيڻ سندس بندا پسند نٿا ڪن. هنن جو خيال آهي ته وٽن جيڪي ڪجهه آهي سو صرف سندن محنت جو ڦل آهي.‘ فقير سوچيو، هن کي ڪوبه ڪجهه ڏيڻ پسند نه ڪندو-- ڀلا پنهنجي محنت جي ڪمائي هو ڇو ڪنهن کي ڏين؟

فقير اڳيان وڌيو. هن جي نظر بجليءَ جي ٿنڀي هيٺ ويٺل فقير تي پئي. هن جا قدم اتي ئي ڄمي ويا ۽ اکيون انهيءَ ويٺل فقير جي اڳيان رکيل ڪچڪول ۾ کپي ويون، جنهن ۾ پلاءُ پيل هو. هن سوچيو: ’هاڻ محنت ڪرڻي پوندي! الله جي نالي ته ڪير ڪونه ڏيندو، ڇو نه هي ڪچڪول کڻي ڀڄي وڃان؟‘ اوچتو خيال آيس، ’ٽنگ ۾ سور آهي، ڊوڙي به نه سگهندس!‘ پر وري دل کي تسلي ڏنائين ته فقير جي سامهون ڪاٺ جي گهوڙي رکيل آهي، انهيءَ مان ظاهر آهي ته هو منڊو آهي، سندس پيڇو نه ڪري سگهندو. رات به گهڻي ٿي چڪي آهي. رستي تي به ڪو ڪونهي. اهو سوچي هو اڳتي وڌيو. هن جون ٽنگون ڏڪڻ لڳيون. ساهه ڀرجي آيس. پر جڏهن هن ڏٺو ته فقير ميرن ڪپڙن سان هٿ اگهي پلاءُ کائڻ شروع ڪيو ته هن جي جسم ۾ ڦڙتي اچي ويئي. هو وڌي هن جي ڀرسان آيو. اڃا جهڪي ڪچڪول کنيائين ٿي ته فقير چيس:

”اچ، ڀائو، بسم الله ڪر!“

هن جو جسم ڏڪي ويو--- ڄڻ ڪنهن سندس ناسور جي چهڪ کي چيري ڇڏيو هو. هن ڏڪندڙ زبان سان چيو ”کاءُ، بابا!“ ۽ اڳيان وڌي ويو.

                             (مهراڻ- 1/1961ع)

 

 عبدالقادر جوڻيجو

روڪيل لُڙڪ

 

عيسو ته اُڀ مان ڪونه لٿو هو، پر سندس مُرڪون اُڀ مان لهي آيون هيون. هڪڙا جوانيءَ جا پُور، ٻيو وسڪاري مٿان وسڪارو، مينهن جي اُڇل، کنوڻين جا ڌڄا مُرڪون بڻجي سندس چپن تي لهي آيا هئا. پر ڀلا جي اُڀ کڻي نه به گُڙندو هجي، عيسي جا ٽهڪ ضرور پيا گُڙندا هئا. جنهن به اڱڻ تي اچي پير ڇنڊيندو ۽ ڀليڪار جهليندو، اُن اڱڻ تي کل ڀوڳ جا گُل هاري هليو ويندو، پويان رڳو روح جي هُٻڪار پيئي ٽڙندي.

پرواهه به ڪهڙي هُيس. نه ڪنهن جي آئي ۾ نه ويئي ۾. نه ڪنهن کي ڪو چرڪو ڏئي جو ساڙُ ڪري. واڙا مال سان ڀريل، چؤنريون کير سان ڀريل ۽ دل اولاد سان ڀريل هئس. ڏيئي وٺي سندس گهر سرحدن جي ويجهو هو، پر انهيءَ جو به ڪو اهڙو کٽڪو ته ڪونه هوس جو مُرڪن جي  روشن لِيڪن ۾ ڪاري ڪئنچي وڍ وجهي ڇڏي. مڙسن سامهان مڙس آهن. ڪير ڪنهن جي گهران ڪونه ٿو کائي، هرڪو پرائيءَ ماءُ جو پُٽ آهي.

سو سائين، جندڙيءَ جون ٺهيل ٺڪيل واٽون هيون، جن تي پيو هلندو هو. ڏينهن جو مال سان، لَٺ ڪلهي تي، الله ڙي واهي. هل هلان، وٺ وٺان. شام جو چؤنري هٿ ۾، ٻاڪرن ڦَرن پويان گهُتيون. ڦر جهَلڻان ڪونه ٿيا ڪڪرن پويان ڊوڙڻو ٿيو. جوڻس جي بدن جي سمنڊ کي به شام جو ڦرن پويان ڊوڙندي  ڇُلڪڻ جو وقت ملندو هو. رات جو وري گهر جي اڱڻ تي ڊوڙندڙ هلڪي هلڪي ننڊاکي هوا جا جهپ. اک کـُلندي وري پوربي، وري کُلندي- آهستي آهستي ٿي ننڊ نبض نبض ۾ ڊوڙي ويندي. صبح جو وري لٺ ڪلهي تي، جوڳي نه مِٽ ڪنهن جا.

اُها بڊي جي اُجهاڻل اُجهاڻل شام هئي. هوا جون نبضون ڳهر سان ڀريل هيون. لهندڙ سج جي ڪرڻن ۾ پيلاڻ جو زهر ڀرجي، ساون گاهن تي وڇائجي ويو هو. اُڀ بلڪل صاف هو. ڪٿي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ڪا اوڦٽو ڪڪري ٿي ڏٺاڻي، جيڪا سج جي روشني جهَٽي ڌڳِي اُٿي هئي. عيسو به ٿڪجي ٽُٽي اچي وٿاڻ تي ڦرن جي واڙي مٿان بيهي رهيو. بڊي جو مهينو، سرءُ جي مند ۾ ائين ئي پيو بت ٽُٽندو، اوٻاسيون اينديون ۽ آرس پيو ٿيندو. هلندي جي ههڙيءَ ڪچ جي مند ۾ جهَڻ جي وٽي کي ڪو دٻ ڏيئي ويو ته خيرن جو شام جو پيو به رلين ۾ هوندو. سو عيسي جيئن ڍينگر ۾ هٿ وڌو ته کيس اوٻاسي آئي. هٿ روڪجي ويس. ٻن - ٽن  ڦرَن هِتان هُتان ٽپڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس چهري تي مرڪ لُڙهي آئي ۽ ڍينگر کي ڇِڪ ڏنائين. سڀ ڦر ٻاهر نڪري هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ لڳا.

”اَئي، پر يڪا کڻي ڪڍيا اٿئي؟“ جوڻس ڦرَن کي آڏو ٿيندي چيو.

”پوءِ ڇا ٿيو.“ مُرڪندي چيائين.

”ڇا وري ڪڄاڙي جو، مُئا ڌائي ڪونه ويندا؟“

”پنهنجون مائون اٿن، ڌاتن ته ڪو ڏوهه ته ڪونه ڪَين.“

”ها! پوءِ کائج کَٽو ته کارايانءِ ٺاهي.“ جوڻس ڦرَن کي واريندي ڪڪ ٿيندي چيو.

”روز آهي سو وٽا ڀريو ٿو پيئي.“

”کڻي ڪونه پيئندس.“

”توکي ڇا آهي، مٿو منهنجو ڦاٽندو. آءٌ ته ڀانيان ٿي مانيءَ تي اُکڙي ڪهاڙيءَ سان پيو ايندين.“

”ها، اڳ ۾ ته توکي ڪهاڙين سان سَڙهي ڇڏيو اٿم، باقي هاڻ توکي ماريندس، ڇو اچي بتال ٿي آهين.“

”بتال آءٌ ڪانه ٿي آهيان. توکي اچي.....“ جوڻس جي چپن تي ايندڙ لفظ ڇرڪ کائي بيهي رهيا. ”اَئي مران!“

”ڇو ڇا ٿيو؟“ عيسي ڇرڪ ڀريو ۽ اوڏانهن نهاريائين، جتي جوڻس جي نگاهه ڄميل هئي.

”ٻڪري ٺيڪ ڪانهي ڇا؟“

”هوءَ چانوري ڪانجهاٽي ڪانه بيٺي آهي.“

ٻيئي ڄڻا هلي اچي ٻڪريءَ وٽ بيٺا. ٻڪريءَ بت ڪوئيو، ڪنڌ لاڙي، وڏا وڏا ساهه پئي  کنيا. پَڇڙون ڀرجي وييون هئس. اکيون پوريل ۽ ٽنگون پئي ڏڪيس. ٻنهي جون نظرون ٻڪري تان هٽي هڪٻئي سان وچڙي وييون. ڄڻ نگاهن جون ليڪون نه هيون، ويِچارن جون لارون  هيون، جيڪي هڪڙي ذهن کان ٻئي ذهن ۾ گهِڙي رهيون هيون.

”هاڻ ڇا ٿيندو؟“ جوڻس ڪُڇي.

”بچڻ مشڪل اٿس،“ ڀلا ڏنگڻي کڻي اچ ته کڻي ڏنگيونس، من بچي پوي.“

جوڻس ڏنگڻي کڻڻ لاءِ جيئن وڃي لوڙهي اندر ڍري ته ٻڪري ويهي رهي ۽ ٿورو وقت رکي ٻيٻاٽ ڪري پاسي ڀر ليٽي رهي. منهن مان گجي اچي ويس، بت سيٽجي ۽ اکيون ڦري ويس. هن اُڀ کوڙي هيٺ ويهي ٻڪريءَ کي چڱيءَ طرح نهاريو. سندس چهري تي ويچار جو جهوٽو آيو، سندس بدن ۾ انديشي سرڙاٽ ڪيو ۽ نڙيءَ وٽ اچي ڦاسي پيو.

”خير؟ ٻڪري آهي، ماڙهو ڪونهي جو......“ هو ماٺ ڪري ليٽيل ٻڪريءَ جي ڀر ۾ چڱيءَ طرح ويهي سُلڦي دکائڻ لڳو. سلڦي هٿ تي ڇنڊي، وات ۾ وجهي تيلي هنيائين. هوا جي پهرينءَ ڌِڪ تي تيلي جهٽڪو کائي وسامي ويئي. ٻي تيلي هڻڻ تي هو ته جوڻس ڊوڙندي آئي، ڄڻ پاڻ زندگي هئي جا کن پل ۾ اچي پهچندي ۽ ٻڪريءَ جي جسم ۾ داخل ٿي ويندي.

”ٻڪري مري ويئي.“

”هان!“ ڊوڙندڙ جوڻس جا هٿ پير بيهي رهيا. ڪر پاڻ زندگي نه، موت هئي.

”سراپجي ويئي آهين؟“ جوڻس جي گهنگهور مُنهن ڏانهن نهاريندي چيائين.

جوڻس ٿڌو ساهه ڀريو. سندس وڏين، ڪارين، کوهه جي تري وانگر جرڪندڙ اکين ۾ لُڙڪن جي ڌُنڌ تري آئي، جيئن ڪوهيڙو ڍنڍ جي ڪپ تي تري ايندو آهي. هن جوءِ جي اکين ۾ نهاريو، سندس نڙيءَ ۾ ڦاٿل دُک جي لهر، مُرڪ جو روپ وٺي سندس چپن تي گلن وانگر ٽڙي آئي، ڄڻ چپن تي سج اُڀريو هجي. هن زور سان جوڻس جي پُٺن تي ٿڦ هنئي.

”هاڻ ڪونه راڄُ مري ويو آهي، جو لڙڪ هارڻ ويٺي آهين.“ سندس اکين ۾ به مُرڪ جا پاڇا لڙي آيا هئا.

”ها!....“ جوڻس ٿڌو ساهه ڀريو. ڪلهن تان سندس هٿ پري هٽائيندي چيو، ”توکي ڇا آهي. اِها مُئي کِل ته توکان تڏهن به ڪانه ويندي، جڏهن مـُئي آءٌ به مَري رهنديس.“

”ها! بس، تون هاڻ مرڻ واري آهين. ڪوهه اچي ڦِٽي اٿئي.“ اُهائي مُرڪ.

”ڦٽي ته اٿم تڏهن ڀلوڙ ٻڪري اکين اڳيان ڇڙهيون هڻي هڻي مري وئي. توکي ته اچي مشڪري لڳي آهي. اِهوئي هٿ نه جهليو ايندين ته ڍاڪون پَڪا.“

”هاڻ ٺهيو، گهر هل، آءٌ هن کي گيهليو پري ڇڏيو ٿو اچان.“

اُن ڏينهن رات جو اڱڻ ۾ سندس ننڍڙي پٽ جي ڊوڙندڙ ٽنگن سان سندس ٽهڪ وچڙي ويا ۽ جوڻس جي هينئين تان ڏُک جو دونهون سِرڪي رات جي اونداهيءَ جي پيٽ ۾ ڏَرڙُ ڪندو گم ٿي ويو.

ٻئي ڏينهن ننڊاکي صبح جي ڌنڌ ۾ ٻڏندي ترندي، اوٻاسيون ڏيندي اچي واڙي جي گهٽيءَ تي بيٺو. ڍينگر جي مُٺئي کي جهلي پري سرڪائڻ تي هو ته سندس نگاهون واڙ اندر ويٺل ٻڪرين تي پييون. هو جتي هو، اُتي ڄمي بيهي رهيو. مٿس پيرن کان وٺي ننهن تائين ويچارن جون ويِرون چڙهي آيون. ٻه - ٽي ٻڪريون مُيون پييون هيون، اڌواڌ ڪانجهاٽيون بيٺيون هيون،

”ٻَرڪي!“ سندس اکيون ڦاٽي ويون. ٻنهي هٿن سان ڍينگر جي مُٺئي کي زور سان جهلي زمين ۾ ڦسيائين، ڄڻ ڪنهن شيءِ کي پري پري روڪيندو هجي. پر خيالن جون لهرون ڪَرَ کڻي سندس روح جي ڀتين سان ٽڪرون هڻڻ لڳيون. سٽڪو پئي پين، ”هاڻ اهڙي ڪانه بچندي جو کڻي چانهه جو ڍُڪ ٿئي. ٻيو ته ٺهيو، پر رُکاڻو لاهه ڪڍي ڇڏيندو.“ هُو ويچارن جي لهرن تي لُڙهندو ويو - هيٺ مٿي، هيٺ مٿي، ٻڏتران. ”مال ڀٽاري تان به اچي کنئي اٿس.“

”پوءِ ڇا آهي ۽ مال ملڪيت اچڻي وڃڻي شيءِ آهي.“ ڳچ وقت کان پوءِ ويچار جي ڇوليءَ ڦيڻ ڪري هيٺ لاهه کاڌو ۽ هيٺ لهندي ويئي.

”الله مالڪ آهي، ڪونه ڇڏيندو.“ سندس چهري تي سڪون جون ريکائون مِڙنديون آيون. هو ماٺ ڪري ڪنڌ لاڙي وک وک ۾ ڏيندو اچي گهر ۾ گهڙيو.

”خير ته آهي.“ جوڻس سندس چهري ۾ چڱيءَ طرح ڪجهه ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هلڪيءَ هلڪيءَ لاٿ کان سواءِ کيس ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو.

”ٻڪرين ۾ ڪَر ٻَرڪي اچي پکڙي آهي.“ ڏاڍي ماٺار ساڻ لفظ لوڙهي ڇڏيائين.

”هان!“ جوڻس جو ٻاڪو ڦاٽل رهجي ويو.

”ڳالهه ٻڌائي ڦاٿاسين، هاڻ ٿيو روڄ راڙو شروع. ٻڪريون آهن، ماڻهين ته اڃا جيئري آهي.“ سندس چپن تي مُرڪ لُڙهي آئي. پهريون جو ڌڪ پچايو هئائين.

*      *      *       *

وڻ ڦوٽ جي مُند، جيڪا پنهنجي ڇاتيءَ تي هُٻڪار جا جهوٽا کڻي آئي هئي، سا آهستي آهستي پنهنجا اُڏرندڙ ڪپڙا ويڙهيندي، پير سيريندي، پڇاڙيءَ جي سڳنڌ ڇڏيندي، ملڪ ڇڏي ويئي. وڃڻ وارن کي ڪير ٿو جهلي ڀلا جي ڪو جهلي به ته رڳو هوا جو جهوٽو هٿ ۾ ڦٻندس. هِت ماڻهو هٿن مان نڪريو وڃن، هيءَ ته مُند آهي. ههڙي ‘وڄ سڄڻ‘ مند وڃي ته معنيٰ گُهٽ ٻوساٽ ٿئي. جسمن تان هوا جي لارن تِرڪڻ بدران پگهر جون لارون ترڪن. اُڀ تي ڪڪرن جا ويڙهه پکڙجي وڃن ۽ اُترينءَ هوا جي ٿوريءَ ڇهنڊ تي رم جهم رم جهم روئي وجهن. سندن لڙڪ جهپي ڌرتي ڊيل وانگر کنڀ پکيڙي بيهي رهي، سندس پور پور مان حياتيءَ جا رنگ ڦُٽي اچن.

پر انهيءَ سال وڻ ڦوٽ جي مند ويندي ويندي پويان واهوندي جون تيز، ٿڌيون ۽ ريهون ڪندڙ هوائون ڇڏي ويئي، جنهن واريءَ جا ڪڻ ساڻ کڻي، ماڻهن کي، مال کي خوف جي ڌنڌ ۾ ويڙهي ڇڏيو. زمين سُڪي ٺوٺ ٿي ويئي. ٻنيءَ ۾ بيهي پير زور سان هڻ ته ڄڻ پنهنجي ڇاتيءَ تي لڳندا هجن. ٻنين جي وچ ۾ بيٺل ڪنڊين جا ڪنڌ لڙي ۽ پن کيرا ٿي ويا. پروڪو گاهه سڪي سڙي پاڙن کان نڪري ويو. مال کي چڪ هڻڻ وقت گاهه جي ٻُٿ بدران واريءَ جو ٻُڪ وات ۾ هليو ٿي آيو.

عيسو اڌ رات تائين سوچي سوچي، خيال پچائي، ٿڌيءَ هوا جي لوڏي تي جهولندڙ ننڊ جي پينگهي جي جهوٽن ۾ لڙهي ويو هو.

”اڙي هيڏانهن.“ جوڻس کيس ٻانهن مان جهلي ڌونڌاڙيو.

”ڇا آهي؟“ عيسو ڇرڪ ڀري اُٿي ويهي رهيو، اکين ۾ ننڊ جي ڳاڙهاڻ هيس.

”ڇوڪرو تپجي پيو آهي.“ جوڻس جو آواز ڪاراٽيل هو.

”هان!“

”هٿ ته لائي ڏس، تپن جا هَڙهه چڙهي ويا اٿس.“

هُن اُٿي ڇوڪر جي ٻانهن تي هٿ رکيو. ٻانهن جي گرمي سندس روح ۾ لوهه جي نرم شيخ وانگر شرڙاٽ ڪندي ڍري ويئي.

”تپ گهڻو اٿس،نه؟“

”ها! ڇوڪرو مرڳو الائي ڪيئن ٿي ويو آهي.“ جوڻس سڄي پئي ڏڪي. ”الله سائين خير ڪج، منهنجا مولا هڪڙو ٻچڙو اٿم.“ سندس ڏڪڻي جسم مان ٿيندي، چپن تي ٿڙي آئي.

”اڙي الله سائين.... ابا اوبا ابا....“

”هون!“ ڇوڪري جي بي سَتي اک ٿوري کُلي.

”اڙي ابا، توکي الله وڏي ڄمار ڏي.... الله سائين منهنجو ٻچڙو مون کي بچائي ڏي.“ جوڻس جي ڌُڏڪي تي سڄي کٽ پئي ڌُڏِي.

”تپ آهي، ڇڏي ويندو.“ عيسي سامهون گهٽيءَ ڏانهن نهاريندي چيو.

”ابا... اوبا... منهنجا الله سائين.“ جوڻس ٻئي هٿ کڻي هينئين تي رکيا، ڄڻ ڪا شيءِ اندران ڦاٽ کائي نڪري ويندي.

”تون حشروڙ ته ڇڏ.“ عيسي ڇوڪر تي هٿ ڦيرائيندي چيو، جنهن جو هونگارو پئي پيو.

”منهنجا هٿ پير سَت ڇڏي ويا آهن.... اڙي الله سائين.“

عيسو ٻار جا ننڍڙا هٿ کڻي زور زور سان مهٽڻ لڳو. زالين مُڙسين راڄ اچي ڪٺو ٿيو. ڀڻڪاٽ پکڙجي ويا. هونگر هڻندي هڻندي ٻار جو بُت سيٽاڻو. ٻانهون ٽنگون سيٽجي ڍريون ٿي وييون، اکيون تري ويس. هوا جو تيز جهوٽو آيو. ٻار جي حياتيءَ جو ڏيئو جهٽ هڻي وسامي ويو. ماڻس رڙيون ڪري مٿانئس ڪِري پيئي. عيسي کي ٻه - ٽي جهٽڪا آيا، لڙڪن جون ڇوليون سندس روح جي ڀتين سان ٽڪر کائي موٽي وييون. اکين جي لنگهه مان ڦُڙي به ڪانه ڳَڙي.

اُجهاڻل شامڙين جو پنهنجي روح جي ٽُڪر تي واريءَ جا ڍير اڇلائيندي کيس ٻه - ٽي ٻيا جهٽڪا آيا، پر جهڙي ڀت هجي. پير ئي ڪونه ٿڙيس. ڏُک نه هو ڄڻ پاڻيءَ جو وٽو هو، جو سَٽ ڏيئي پِي ويو.

وقت جي ڦُريل مُرڪن کي وري وقت وارهاڙو ڪري واريو ۽ سندس چپن تي ڇنڊي ڇڏيو.

................

ٻه - ٽي سال ماٺ ماٺوڙي ۾ گذري ويا. اوچتو ئي اوچتو ڌوڙيو ٿي ويو. ريڊيا گجي اُٿيا، جهاز ريهون ڪري اُٿيا. سندن سيٽين سان اُڀ گُڙي اُٿيو. ڪڙ ڪڙ ڪڙ ٺا...! ڪٿي ڪو گهر سَٽجي ويو، ڪٿي زمين جي ڇاتيءَ ۾ چير پئجي ويا. ٽرڪن ۽ ٽئنڪن جا قافلا گگ گگ ڪندا هڪٻئي سان ٽڪرجي پيا. رت ۽ لوهه جا ٽڪرا هڪٻئي سان چنبڙي پيا. بندوقن جي گولين جون ريهون ۽ روشنيون اونداهين جا هينئان چيرينديون اُڏرڻ لڳيون. ڏينهن رات رڳو ڌڌڪو پيو ٻڌڻ ۾ ايندو هو. الائي ڪيترا سينا چيرجي ويا هئا.

چئوڙ سياري جي رات هئي. ٻاهر ٿو نڪري ته سيءَ سَٽيو ٿو وجهي. اترين هوا آهي، جو ڌوڌٽ پيو پويس.

”اڄ سيءُ ساڙ به واهه جو ڪندو، اڪ جي ذات به ڪانه بچندي.“ عيسي سُتي سُتي سوچيو. کيس وِهاڻي مان سنهڙي ڀون ڀون جون آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ڪڏهن ڪڏهن زور سان ڌڌڪو ٿي ٿيو.

”هيءَ رون رون ڇاجي آهي؟“ هن اُٿي ويهي ڪنايو، ڪٿان پري کان رونگٽ ٻڌڻ ۾ آيو.

”عيسا، او عيسا!“ ٻاهران ڪنهن آهستي آهستي سڏ ڪيو.

”ڪير آهي؟“

”خميسو.“

”ڇا آهي؟“

”ٻاهر ته نڪر.“ هو ٻاهر نڪري آيو، خميسو سڄو پئي ڏڪيو.

”ڪَنُ ته ڏي.“ عيسو ماٺ ٿي آواز ٻڌڻ لڳو. رونگٽ جو آواز جيئن پوءِ تيئن ويجهو ٿيندو پئي آيو.

”ٽرڪن جو آواز آهي.“

”خير ڪونهي.“

”پوءِ؟“

”ڀڄي هلون، دشمن آيو ڪي آيو... پُڳو.“

”ڪيڏانهن؟“

”ڏَرڙن ۾ هلي پئون، ڳوٺ ۾ ويٺا رهياسين ته ڪم لهي ويندا.“

سڄو راڄ اک پٽي ويو هو. آهستي آهستي سڏ ٿيڻ لڳا. چؤنرن جا در کلڻ ۽ بند ٿيڻ لڳا. ڪنهن ٻار ڊپ وچان رنو ٿي ته مائٽن سندس منهن تي هٿ ٿي ڏنو. ماٺ ماٺوڙي ۾ ڀڻڪاٽ ڪندو سڄو راڄ ڳوٺ ڇڏي ڏرڙن ۾ پئي ويو. ڪو ڪٿي ته ڪو ڪٿي، هر ڪنهن جو ساهه سُڪي ويو هو، ڄڻ ته هن پَٽ ۾ ڪابه شيءِ جيئري نه آهي. رڳو اترينءَ هوا جو سرڙاٽ پئي پيو يا جيئن پوءِ تيئن ويجهو ايندڙ لارين جو آواز.

اڃا فجر مس ٿيو هو ته ڌوڙيو ٿي ويو. گوليون ريهون ڪنديون چؤنرن مٿان، ڀٽن مٿان اُڏرڻ لڳيون.

”عيسا!“ خميسي کيس آهستي آهستي سڏ ڪيو.

”ڇا؟“

”ڳوٺ جي جاچ وٺان، دڙي تي چڙهي.“

”وٺ.“

خميسو آهستي آهستي ٿي ڏرڙ مان نڪتو ۽ دڙي تي چڙهي ويو، ڳچ پل رکي موٽي آيو.

”ڳالهه ٻڌين ٿو.“ ڀڻڪو ڪيائين.

”ڇا؟“

”ڳوٺ کي باهه ڏيئي ڇڏي اٿن.“

”هان....! باهه ڏيئي ڇڏين؟“

”ها! هاڻ ڀڄو ته ڀڄون. پانجو پَٽ ڇڏڻو پيو.“

”پَٽ ڇڏڻو پوندو؟“

”ها! هاڻ پَٽ جو منهن الائي ڪڏهن ڏسڻ نصيب ٿئي!“

هو هلندا هلندا هڪڙي ڀِٽَ ٽپي، ٻي ڀٽ ٽپي، ٽينءَ جي هڪڙي وڏي ٽونڪ تي وڃي چڙهيا. هلڪي هلڪي ميرانجهڙي روشنيءَ جون لارون اُڀ تي پکڙجي وييون هيون. ٽونڪ تي چڙهي عيسي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن نهاريو، جتي اڃا ٿوري ٿوري باهه ڌَڳي رهي هئي. ٽانڊا ڀڙڪو کايو وريو جهڪا ٿيو ٿي ويا. ڳوٺ ڏانهن نهاريندي کيس هڪڙو جهٽڪو آيو. پير جهلي ويو. ٻئي جهٽڪي تي لڙڪن جي ڇولي ڪڙڪاٽ ڪندي، سڀ بند ٽوڙيندي اکين مان اُٿل کائي نڪري پيئي.

ورهين جو بيٺل چيڙهو ڪَنڊو ڪڙڪاٽ ڪندو هيٺ اچي ڪِريو.

                          (مهراڻ- 2 ۽ 3-1975ع)

 

 ماڻڪ

ڪاري

 

انجام پاڙڻ لاءِ: وقت ۾ واجهه وڌل، وقت ڄميل، رڙهي نٿو، ڳجها ٿڌا ساهه. اتاولو من. اُماڙيون اندر ۾، پچي راس ٿيندڙ آس. آسائتيون اکيون. ڊانوان ڊول ڪندڙ مانڌاڻ، اڻ-پورا جواب. گٿل وراڻيون. منڊيل مئو وقت رڙهي ئي نٿو!

جهرمر تارا، اُڀ ۾ اکيون. اندر ۾ مانڌاڻ، چوڦير اوندهه جون ڇوليون. لڏندڙ لمندڙ آسائتو من. بک ۾ پاهه، پوءِ به اجهل وکن کي هونش جا ٻيڙا وڌل. متان: ٻُوريل آس جهوٽي تي ڇڻي پوي.

اوندهه جون ڇوليون. ٻڏل لوڪ. ٻرٻر ٿڌڪار جي ورکا ۾ دفن ٿيل. آسائتيون اکيون اُڀ ۾ کتل. اجهل وکون ٻيڙا ڇڏائيندڙ. اٿل آيل: چوڦير نگاهه. ساهه مُٺ ۾. پوءِ به جوکو پيرن هيٺان لتاڙيندڙ. وقت تي لانگ ورايل. اٽڪيل ساهه. اَجهل وکون، يار ڏانهن. رَئي جو پٽڪو. مڙداني همٿ. وکَ وکَ ۾. اندر جي اُڌمي جي ڇير تي اَجهل وکون. پير، پير ۾.

اوندهه جو اٿاهه سمنڊ جهاڳيندڙ. مَنَ جي اک سان هر گس چلڪندڙ. ڪئين ڀيرا لتاڙيل، تنهنڪري ڄاتل سڃاتل. اَجهل وکون ديري ۾، آس مروٽيل. اٻاڻڪو من. جو، ڪاريءَ وارا ڪک. اڃا يار نه آيو!

اوسيئڙي ۾ اکيون ڀنل. منڌل من. هتي، هن هنڌ ڪئين ڀيرا ماڻيل-وڃايل، وڃائي ماڻيل، ماڻي - وڃايل گهڙين جي سڳنڌ ۾ ٽُٻيون. اُڊَڪو:

اڃا نه آيو!

هورا کورا- اٽڪيل ساهه جي.

اوس ايندو.

آٿت من کي.

مَڄاڻ،

کُٽڪو. پر شڪ جو گس نه . انڌو ويساهه. انڌي من وانگر.

اجهو پوياڙيءَ جو پهر- -

اوندهه جي پاتال ۾ اوسيئڙي ڀنل نيڻ آسائتا. اُڻ - تُڻ. هـورا کورا.

کڙ- کڙ. سُڪل پن لتڙ هيٺ آيل. اٿاهه سرهائيءَ هيٺ، اوسيئڙي جو عذاب گهٽيل.

انگل، ڪوڙ، روسامو.

دير ڪيئي؟

اک لڳي وئي هئي

منهنجي اک نه لڳي. سومهڻيءَ کان وٺي پئي واجهايم

پرچاءُ. ايلاز. مٺيون ايلازن جون. ميڙن منٿن ساڻ.

ٽونڪر: شابس ٿئي.

وري نه ٿيندو،

انجام

ڏاڙهي

رهاڻ. اڻ- کٽ ڳالهڙيون.

ٻوريل آس ڇڻي پئي، متل مانڌاڻ ۾ اٿل. وير چنڊ کي ڇهڻ لاءِ تڙپڻ لڳي. ڌرتيءَ کي ڀوانٽي آئي.

ڄڀن جو اٽڪاءُ:

اَچ ته پُڄايون

اَچ

ساهي ڪار ناهي

اٽڪيل ڄڀون، جهاڪا کائيندڙ ساهه. ڪڇن جي پگهر جي بوءِ ۽ ٻيڙين پيتل ساهه ۾ بولاٽيون.

بس! ساهي وٺان

وَٺَ نه ڏيندي سانءِ

اڊمبر وچان اُڀام

وري ساڳي ڪار. هر لوچ سپڻ جي بولاٽي. هر بولاٽي سپڻ جو ڏنگ. هر ڏنگ اُڊيڙيندڙ ساهه. بولاٽيءَ جي هر لوڏَ، حياتيءَ جي جوت جلائيندڙ. تارن جي اک - ٻوٽ. جهر-مر تارا. اونهه جي ساگر ۾ ڇوليون ڇوليون ڊهندڙ - ٺهندڙ.
اڻ کٽ سلسلو ڇولين جو. ڪپ کي رسڻ لاءِ آتيون. لانگ، لانگ تي. وقت تي لانگ ورايل وقت بيٺل. ڌرتي بيٺل ديرو بيٺل. سڀ ڪجهه وڃايل. اوجهل پاڻ به.

اُڊڙيل ساهه پولار ۾ ٿيڙ کائيندڙ. وير چنڊ کي ڇهي واپس ورندڙ. ۽ پوءِ ٺاپر. چوڦير سانت. ساڻي ڌرتي. ساڻو ديرو. هلڪي ٿڌڙي هير، ساڻن لڱن کي ڪتڪائي ڪندڙ. اُڊڙيل ساهن کي سنواريندڙ.

ڪا مهل ائين - -

موڪلايون

وري انجام

سڀان هن ويل؟

نه-.

پرهينءَ روز روز نه، کُڙڪ نه پوي

هتي؟

ڀلي نه-ڪينچيءَ واري پل تي

پر چنچلتا:

چهءُ

اک نه لڳي وڃئي

دٻيل ٽهڪڙو. ڀاڪر. ساڻيون مٺيون، ننڊاکڙيون.

موڪلاڻي:

وک وک ۾ دهڪو دل جو. جوکو پيرن هيٺان لتاڙيل، پر وقت جي لانگ ورايل. اڊڪي ساڻ: ڪا مهل نه، ڪنهن جهڙي. هوشائتيون وکون، تن ۾ ٻيڙا وڌل. سجاڳ من جا سانتيڪا چوڪس حواس. وک، وک ۾ نه وچڙي .

سڀ سک.

پوءِ: ماڻيل گهڙين جي اولڙن تي اڏيل، سامائيل سپنا.

ٻور جهلندڙ جهُوٽن لاءِ آسائتا ڇڻجڻ لاءِ.

 

وقت ۾ واجهه وڌل. وقت ڄميل رڙهي نٿو. ٿڌا ساهه. اُتاولو من، اُماڙيون اندر ۾. پچي راس ٿيندڙ آس. آسائتيون اکيون. ڊانوان ڊول ڪندڙ مانڌاڻ...

منڊيل مئو وقت رڙهي ئي نٿو!

جهرمر تارا. اڀ ۾ اکيون. اندر ۾ مانڌاڻ، چؤڦير اوندهه جون ڇوليون. لُڏندڙ لـَـمندڙ آسائتو من. بک ۾ پاهه، پوءِ به اجهل وکن کي هونش جا ٻيڙا وڌل. متان: ٻُوريل آس جهوٽي تي ڇڻي پوي.

اوندهه جون ڇوليون، ٻڏل لوڪ. ٻرٻر ٿڌڪار جي ورکا ۾، دفن ٿيل. آسائتيون اکيون اڀ ۾ کتل. اَجهل وکون ٻيڙا ڇڏائيندڙ. اٿل آيل: چوڦير نگاهه، مُٺ ۾ ساهه. پوءِ به جوکو پيرن هيٺان لتاجندڙ. وقت تي لانگ ورايل. وقت پيرن هيٺان اٽڪيل ساهه. اجهل وکون، يار ڏانهن. رئي جو پٽڪو. مڙداني همت. وک وک ۾، اندر جي اڌمي جي ڇير تي اجهل وکون. پير، پير ۾.

اوندهه جو اٿاهه سمنڊ جهاڳندڙ. من جي اک سان هر گس چلڪندڙ. ڪئين ڀيرا لتاڙيل، تنهنڪري ڄاتل سڃاتل...

يار اڳ، اوسيڙو ڪندڙ.

اوتجي آيل ڀوڳ جو خيال من ۾:

مڙدانو آواز ٺاهي:

”متان ويو آهين.“

سراپيل همراهه. ٽُٻيءَ ۾ پيل. پوءِ اُمالڪ ڀاڄ.

دٻيل ٽهڪڙن جي ڦوهار. ٻانهن کان جهلي، ڀاڪر ۾ پڪڙ.

”گيدي آهين.“

”بلي. تون هئين.“

”ڪيڏانهن پئي ڀڳين؟“

”مون سمجهيو-“

”تو سمجهيو اجهو ڌڻي اچي پُڳا.“

”نه، تڏهن به هوشيار ته رهجي.“

ڏاهپ جا ٻول:

”ڊڄين ٿو؟“

”نه جاني، تڏهن به کٽڪو ته—“

ٽُٻيءَ ۾ پيل:

”جي اهڙي مهل اچي-“

اونهي کوهه مان جهيڻو آواز.

”سِر لڳي.“

”پڪو انجام.“

”مڙساڻي ڏاڙهي.”“

”پُٺي نه ڏيندين؟“

”اهو لعنتي ٿئي.“

وريل ويساهه. اڻ - مئي خوشيءَ ۾ اوتيل. پاٻوهه جا گل پکڙيل ڳلن تي. ڳچيءَ ۾ ٻانهن جو هار. چُمين جي ورکا.

اَڊمبر ۾ ڀريل، لوچ کائيندڙ آواز:

”جاني-“

ڄڀن جو اٽڪاءُ. ٻـُوريل آس ڇڻيل. متل مانڌاڻ ۾ اُٿل. وير جي چنڊ کي ڇُهڻ لاءِ تڙپ. ڌرتيءَ کي ڀوانِٽي.

اٽڪيل ڄِڀون. جهاڪا کائيندڙ ساهه. ڪڇن جي پگهر جي بوءِ ۽ ٻيڙين پيتل ساهه ۾ بولاٽيون.

وٺ نه ڏيندي سانءِ.....

اَڊمبر مان اڀام.

هر لوچ سپڻ جي بولاٽي. هر بولاٽي سپڻ جو ڏنگ. هر ڏنگ اُڊيڙيندڙ ساهه. بولاٽيءَ جي هر لوڏَ، حياتيءَ جي جوت جلائيندڙ. تارن جي اک - ٻوٽ. جهِرمِر تارا. اوندهه جي ساگر ۾ ڇوليون. ڊهندڙ - ٺهندڙ. اڻ کٽ سلسلو ڇولين جو ڪپ کي رسڻ لاءِ آتيون آتيون ڇوليون. لانگ لانگ تي وقت تي لانگ ورايل. بيٺل وقت پيرن هيٺان چيڀاٽيل. ڌرتي بيٺل. سڀڪجهه وڃايل. اوجهل. پاڻ به، پاڻ کان-

اُڊڙيل ساهه پولار ۾ ٿيڙ کائيندڙ. ويرون چنڊ کي ڇُهي واپس ورندڙ. ٿڪل، ساڻيون. جو زُوم سان ڪريل ۽ پوءِ ٺاپر سانت. ساڻي ڌرتي. ساڻو واهه. هلڪي ٿڌڙي هير ساڻن لِڱن کي ڪتڪائي ڪندڙ. اُڊڙيل ساهن کي سنواريندڙ. ماڻيل گهڙين جي ڇولين جي هندوري ۾ ٿڦڪيون کائيندڙ لڱ.

ڪنهن سمي امالڪ ڪن وڄيا.

ڌت هڻي پيل. جهليل ساهه وس ۾ ڪيل.

جائي به، ٻه پاڇولا اڳتي وڌندڙ.

سُر ٻاٽ ۾: پيو هج، نه اٿجان.

کيڪاري ٿي:

”متان ويا آهيو.“

اوندهه جي ماٺي سمنڊ ۾ ڀينڊ پئي.

”مڙس ٿجان.“

هوڪار:

”متان-“

مڙس ٽپ ڏئي اٿيل. گولي.

”وڃئي ٿو جهل ڪجانءِ.“

هيئين ۾ چُگهه، اکين آڏو اوندهه. اکين جي هيريل روشني انڌي ٿيل.

هڪ پاڇو ڀڄندڙ.

يار جي ڀاڄ جي وک وک، گهوٻاٽو. هنياءَ تي ڦهڪو ٿي لڳندڙ.

ڪوماٽيل ذهن. ڪوماٽيل حواس. سِر تي آئي. منهن ڏبو. ڪوماٽيل ذهن ۾ سوچ جو ترورو. پاڻ سنڀاليل:

”حيف ٿس“

”نه وئي آهين رَنَ.“

پولار ۾ بولاٽيون کائيندڙ آواز کي سڃاڻڻ لاءِ:

ادو؟

امالڪ چوٽيءَ ۾ هٿ. سـَـٽَ: کريل رن. ڪُتي، ڪيڏانهن ڀڳئي يار؟

اوسان خطا. ڪُڇي جهڙي ڀت.

يار جو لفظ بت بڻيل لڱن تي ڇنڊو ٿي لڳل. تتل، بُڙڪا ڏيندڙ پاڻيءَ جو ڇنڊو: روح ۾ ڦلڪڻو ٿيل.

”آ.... اچي....ٿو....“

چمڪاٽ، وڄ ڪِريل. ڪنڌ لڙيل. ڌڪ مٿان ڌڪ. بُت ڌرتيءَ تي زپڪو ڪري ڪريل. ڳڙڪايل ڪيڪراٽ، رات جي اونداهين سانتيڪي سمنڊ جي پيٽ اندر.

۽ پوءِ ساڳي سانت.

 

ٻئي ڏينهن، سج اُڀرئي راڄ ڏٺل: واهه ۾ لُڙهندڙ لاش سُڃاڻپ وڃايل.

چيائون ”ڪاري.“

۽ پوءِ سڀ پنهنجي پنهنجي ڪِرت سان لڳل.

 (مهراڻ- 1 ۽ 2/1977ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com