سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :38

 (3-1985ع)

”نشتر“ ناٿن شاهي

قطعا

(1)

سياڻن کئون ٿا سوڀ گهرو ۽ چرين کئون ٿا سوچ گهرو،
مرشد کئون ٿا ڏن گهرو ۽ خادم کئون ٿا ڏاڻ گهرو،
ڪيڏا سادا ماڻهو آهيو، ڪيڏا ٿا اڻڄاڻ ٿيو،
گلڙن کان ڇپڪار گهرو، ٿا خارن کان سرهاڻ گهرو.

 

(2)

فرحتون ڀل ماڻ تون فردوس جون،
جنتون توکي هجن زاهد! مباح،
پاڻ جيئن ڄاواسين، دوزخ ٿيو نصيب،
پاڻ اُن ۾ ٿا ڪيون سنجهه ۽ صباح.

 

(3)

شل نه ڪو بي مؤج دريا ٿي پوي،
ڇو ته طوفان تي اچي ويندو عتاب،
ڪشمڪش ئي همتن جي پرک آهه،
زندگي جو حُسن آهي انقلاب.

 

(4/1973ع)

سحر امداد

 

جڏهن به ڪوئي

جُنگ، جوڌو، جواڻ

ڌرتيءَ سرتيءَ تي

پنهنجي جندڙي گهوريندو آ

مون کي ائين لڳندو آ

سچ ۽ ڪچ جي جنگ ۾

ڄڻ ته منهنجو سورهيه پٽ

ڪُسجي ويو آ

تڏهن

منهنجو گهايل روح

تتل ٿَرَ ۾

تاڙي جيان تنواريندو آ

منهنجي ناسي نيڻن ۾

مهان ساگر سنڌو

سُڪي ويندو آ

پر سدا سهاڳڻ سنڌڙي

ڪڏهن سـنڍ ٿي آ نه ٿيندي

سنڌڙي منهنجي جيجل ماءُ

ههڙا ڪونڌر پٽ

ڄڻيندي رهندي

جڳ جڳاندر تائين

مهان ساگر سنڌوءَ جي

امرت- ڌارا وهندي رهندي!

                (1/1976ع)

 

ڇڻيل آڱريون

اڄ:

الائي اوچتو

پنهنجو چهرو اجنبي ۽ اوپرو محسوس ٿيو

آرسيءَ ۾ پنهنجي چهري کي

ڏسڻ جي لئي وڌيس

آرسي انڌي لڳي هئم

۽ تڏهن

پنهنجي چهري کي ڇُهڻ جون

خواهشون

ڇِتين ڇولين جيان اُلريون هيون

وسوسن ۽ وهم مان

پار اُڪري

چهري کي ڇُهيم:

چَپَ:

نڪ،

اکيون،

لِلاٽ،

۽ اُتي ڪجهه ڪونه هو!

بس رڳو راڳو ڏنل هڪ ڀِت هئي

ان سمي ئي سندم آڱريون

اڌ سُڪل مِٽيءَ جي ٽـُڪرن جان

ڇَڻِي پييون هيون.

 

(3/1978ع)

نورالهديٰ شاهه

اليڪشن

ڪيئي اليڪشنون ٿيون،

مون ۽ منهنجن ابن ڏاڏن ڪيئي ڀيرا

اکين تي ڪاريون پٽيون ٻَڌي

ووٽ وڌا

ڪيئي حڪومتون آيون ۽ ويون

ڪيترن ئي وزيرن کي مون ۽ منهنجن ابن ڏاڏن

هٿ لوڏي سلاميون ڏنيون

ڪيترن ئي ليڊرن جي بُتن ۾ ساهه ڦوڪڻ لاءِ

اسين نعرا هڻي هڻي ساهه ڏيندا رهياسيون

جلوس ۾ هلي هلي

پير پٿون ڪندا رهياسون

۽ تاڙيون وڄائيندي وڄائيندي

هاڻي ته هٿ به

پٿر ڪري چڪا آهيون

پر

منهنجا پُٽ!

پنهنجي ڳوٺ جو رستو ڪلهه به ڪچو هو

اڄ به ڪچو آهي

ڪلهه وانگر اڄ به

جيئڻ پنهنجو ڍڳي ۽ ڍور وانگر آهي.

 

(3-4/1994ع)

پشپا ولڀ

گل مهر جي موسم

بس تنهنجو شهر ڪيڏو جلد پوئتي ڇڏي آئي

سڀ شيءِ پوئتي رهجي وئي

تنهنجي خوشبو پر مون ساڻ هلي آئي

ڳاڙهن گلن جي مُند ۾ ملبو آهي،

ائين چيو اٿن

ڳاڙهن گلن جي رُت اسان لاءِ

شايد جدائي کڻي آئي

جنهن مند ۾ اسان ملنداسين

هٿ هٿن سان ملندا

اُهائي رنگين گلن جي موسم

پيلي پيلي پن- ڇڻ جي موسم

ڳاڙهن گلن جي موسم بڻجي ويندي

گل مهر جي موسم بڻجي ويندي.

 

(1-2/1988ع)

انيتا شاهه

*

نئين سال جو سواليه نظم

ڇا تو ڪڏهن ڪنهن کي

اونداهيءَ ۾

روئندي ڏٺو آهي؟

ڇا تو چانڊوڪيءَ ۾

ٻار جي کـِلَ

۽ مينهوڳيءَ ۾

مور جو ناچ ڏٺو آهي؟

ڇا تو ڪڏهن کنوڻين ۾

ڪنهن ياد کي کِجندي

ڏٺو آهي؟

ڇا تو يادن جي گهائن کي

ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي

چنڊ جي اکين سان پرکيو آهي؟

ڇا تو ڪڏهن ڪنهن کي

اونداهيءَ ۾ روئندي ڏٺو آهي؟

 

(سرءُ- 2005ع)

احمد خان ”مدهوش“

غزل

اڄ عجيبا! اک اڙائي، تو وڏو ٿورو ڪيو،
گهُور گهريءَ ساڻ گهائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.
گُل وفائن جا مون حاضر جيئن ڪيا تنهنجي اڳيان،
دل جي دامن کي وڇائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.
مون اياڻي ڪنهن نه ڪم جهڙي، ڪريل انسان کي،
پيار سان پنهنجو بنائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.
عشق جون ڳالهيون رهيون جي تنهنجي منهنجي درميان،
لوڪ کان تن کي لڪائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.
وقت جي اوجهڙ ۾ تنها ٿيڙ کائيندو ڏسي،
من رُليل کي راههَ لائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.
تنهنجي نظرن تي لڳا پهرا ته ڀي نظرون کڻي،
مامَ ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.
سور سختين جا جبل سر جي مٿان اُڇلائي نيٺ،
آزمائي آزمائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.
سمجهي بيڪارو جڏهن پنهنجن ڌڪاري هو ڇڏيو،
دوستيءَ جو هٿ وڌائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.
هونءَ ته لَک ’مدهوش‘ تي ٿورا سندءِ آهن مگر،
اڄ اڱڻ تي پير پائي تو وڏو ٿورو ڪيو.

 

(1/1991ع)

سيد ”مرتضيٰ“ ڏاڏاهي

ڪافي

غمن ۾ به کُلندي گذاري ڇڏيوسين،
وهيو واپريو ڇا، وساري ڇڏيوسين.

 

دغا ڪانه دنيا ۾ ڪنهن سان اٿئون ڪئي،
نه ڪنهن کان ڇنيسين خوشي زندگي جي،

 

ڪري قول هر حال پاري ڇڏيوسين.

 

ڇڏي لوڀ لالـچ ۽ دولت پرستي،
سدا سُور سِر تي سهي پاڻ سختي،

 

ڦِٽل ڀاڳ ڪنهن جو سنواري ڇڏيوسين.

 

ڪڍي قلب مان ڪوڙ، ڪُلفت ۽ ڪينو،
اکين آب واهي ڪري صاف سينو،

 

اندر کي ته پنهنجي اُجاري ڇڏيوسين.

 

نه مشڪل ۾ ڪنهن کان اسان منهن مٽايو،
مگر مهل ۾ ڪو اٿئون ڪم نه آيو،

 

ڪُسي ڪيترن کي جياري ڇڏيوسين.


 

وسارياسين دوکا سڀئي دوستن جا،
نه دشمن ٿياسين ڪڏهن دشمنن جا،

 

اڱڻ آيو جيڪو کينڪاري ڇڏيوسين.


 

ڪئي ’مرتضيٰ‘ نينهن اهڙي نوازش،
ڪري پنهنجي قربان خوشي توڙي خواهش،

 

مرڻ کان اڳي پاڻ ماري ڇڏيوسين.

 

(1/1976ع)

ادل سومرو

غزل

تو بنا هي گيت ٿو سُڏڪو لڳي،
گهر به پنهنجو اوپرو ڄڻ ٿو لڳي.
مصنوعي لفظن سان ڪن ٿا آجيان،
ڪوبه ناهي جو هتي پنهنجو لڳي.
هرڪو جملو ڄڻ ته ٿو حملو ڪري،
دوستيءَ جو هي نٿو لهجو لڳي.
”مون کي تنهنجي آهه وڻندي شاعري“،
سٽ اِها تنهنجي مون کي تمغو لڳي.
پيار جي دنيا جو پنهنجو رنگُ آ،
درد ڀي محبوب جو تحفو لڳي.
تون ڏئين ٿي ٽهڪ منهنجي حال تي،
منهنجي دل ۾ ڄڻ ته ٿو ڪوڪو لڳي.
پاڻ ٿو پنهنجي ڪري واکاڻ هُو،
آدمي ڪيڏو نه ٿو هلڪو لڳي.
مان وڇوڙي جون ڪيان ٿو ڳالهيون،
توکي دوست! ٿو اِهو چرچو لڳي.
بددعا مون کي نٿي تون ڏئي سگهين،
خط هي مون کي نٿو تنهنجو لڳي.
”پاڻ گڏجي گهارينداسين زندگي“،
ڳالهه ٿي هاڻي اِها سپنو لڳي.

 

(3-4/1994ع)

اياز گل

 

غزل

سياڻو ٿيءُ، ڇو خون ڪرڻ ٿو چاهين تون!
مون کان پنهنجي ياد کسڻ ٿو چاهين تون!
جيون! هڪڙو پيار نئون آڇي مون کي،
شايد مون سان ڀوڳ ڪرڻ ٿو چاهين تون!
لهجو تنهنجو روز وڃي خنجر ٿيندو،
چئين ٿو منهنجا گهاوَ ڀرڻ ٿو چاهين تون!
رستا ڇا، مان شهر ڇڏڻ لئه راضي هان،
ڇالئه هي الزام کڻڻ ٿو چاهين تون!
سوچ کڻي، تنهنجي دنيا آ، مان ناهيان!
تنهن کان ڇو ائين دوُر رهڻ ٿو چاهين تون!
ساڀيائون ڀي اهم ٿين ٿيون جيون ۾،
ڇو آخر پوءِ خواب ٿيڻ ٿو چاهين تون!
هوءَ وينگس ڪنهن سمنڊ جيان آهي پيارا!
ناو بنان جو پار ڪرڻ ٿو چاهين تون!
جو منهنجي حصي ۾ اچڻو ئي ناهي،
ڇو اهڙو اعزاز ٿيڻ ٿو چاهين تون!
وقت! قدر ڪر ديوانن جو، ائين نه ڪر،
پنهنجو ٿي ۽ پير ڪڍڻ ٿو چاهين ٿون!

 

(3/1999ع)

هيرو ٺڪر

وائي

ڪوسو لڳئه نه واءُ،

 

                   سنڌ! منهنجو تو ۾ آهي ساهه.

 

مان تنهنجو وڇڙيل ٻچڙو، تون آن منهنجي جيجل ماءُ،
                         سنڌ! منهنجو تو ۾ آهي ساهه.

تون آن منهنجو سڏ امڙ ۽ مان تنهنجو پڙلاءُ،
                         سنڌ! منهنجو تو ۾ آهي ساهه.

تنهنجي سونهن عجب آ سائِڻ، تنهنجو عجب هڳاءُ،
                         سنڌ! منهنجو تو ۾ آهي ساهه.

تنهنجي ئي سڪ ڇڪ تن من ۾ تنهنجوئي سؤداءُ،
                         سنڌ! منهنجو تو ۾ آهي ساهه.

ڪيئي ظالم آيا ويا، ته به قائم رکيئه جٽاءُ،
                         سنڌ! منهنجو تو ۾ آهي ساهه.

او سنڌوءَ جي نياڻي توسان ڪيڏو ٿيو ڪنياءُ،
                         سنڌ! منهنجو تو ۾ آهي ساهه.

تو تي نظر کڄي جي ميري، ٿو مون ۾ اُڀري تاءُ،
                         سنڌ! منهنجو تو ۾ آهي ساهه.

توکي گر ڪا چوٽ رسي، ٿو مون کي ٿئي ڪهڪاءُ،
                         سنڌ! منهنجو تو ۾ آهي ساهه.
ماندي ٿيءُ نه امڙ! ڏينهن ڦرندا، وري به ورندو واءُ،
                         سنڌ! منهنجو تو ۾ آهي ساهه.

تنهنجي سڏ تي سهسين سورهيه هڻندا سر جو داءُ،
                         سنڌ! منهنجو تو ۾ آهي ساهه.

 

(سيارو- 2005ع)

مير عبدالرسول ”مير“

وائي

دنيا مون کي راس،

 

آئي ناهي، نيٺ ته ايندي.
 

جنهن جو اوسيئڙو اٿم، جنهن لئه جيءُ اُداس،
                                    آئي ناهي، نيٺ ته ايندي.
ايندي بوءِ بهار جي، ناهي نينهن نراس،
                                    آئي ناهي، نيٺ ته ايندي.
آزادي انسان جي، آهي مون احساس،
                                           آئي ناهي، نيٺ ته ايندي.
سوچ سندم ساڻيهه کي، واسي ڏيندي واس،
                           آئي ناهي، نيٺ ته ايندي.
سُرت سموري سنڌ کي وڌي ٿو وشواس،
                                           آئي ناهي، نيٺ ته ايندي.

(سيارو- 2005ع)

نصير مرزا

ق

جتان هاڻ دريا وَهي پيو

اُتان روز باغن ۾ ويندو هئس مان،

۽ ابلق تي بابا جي پويان ويهِي

چيلهه ۾ کيس ٻانهون وجهي

ڌُڌڙ ڌُوڙ ڌُنڌلن نظارن کي ڏسندو

آيلَ جون بابا سان ڳالهيون ڪندو مُرڪندو، مَرڪندو.

 

اُهو باغُ،

اڄ خواب وانگر لڳي ٿو

نه ڪووَل

نه ڪُو ڪُو

نه بُلبل

نه خوشبو

رڳو بس سڌي لهر ڌاڳي جي دريا

۽ اُن جي ڪپر سان

عجب رنگ بنگلن جي جهرمر قطار

۽ اُن کان اڳيان پوءِ ويران بَنُ،

ازل ۽ ابد جو ڀيانڪ ملاپ

آڪاش ۽ سمنڊ جي سرد سنگم جو منظر

خلا  ئي خلا!

 

ڪڏهن شام جو

ريلَ جي بند تان، ياڪِ درياءُ جي پُل تان،

گهنٽي وڄائيندو

سائيڪل جي.....

اڻ ڄاڻ ڳوٺن ڏي نڪري جي پوندو آهيان مان،

ته گهنٽيءَ جي ٽِڻ ٽِڻ

۽ دل جي رِدم تي

چپن منجهه چوندو پيو آهيان مان.

 

سدا ديس منهنجي تي،

سورج جو پَرڪاش قائم رهي

هوائن ڏِسائن ۾

دريا جي دَم سان

هي سُرهاڻ دائم رهي.

 

فصل ۽ نسل

مَهڪندا جهُومندا ئي رهن سڀ سدا.

 

پُراڻي اُنهيءَ باغ جان پو

کڻي مان

هجان نه هجان.

              

 (مهراڻ- اونهارو 2005ع)

طارق عالم

غزل

شهر هوندي ڄڻ ته بَرَ ۾ آهيان،
گهور انڌيارو سفر ۾ آهيان.
آرسيءَ ۾ عڪس ڌنڌلو ٿي ويو،
ياخدا، هي ڪهڙي گهر ۾ آهيان.
ڳوٺ منهنجو هو، مگر ناهي رهيو،
اجنبي ڳلين جي وَرَ ۾ آهيان.
ڀِٽَ تي تاري جي ڀرسان ڪير آ؟
بارشن کان پوءِ ٿَر ۾ آهيان.
چار ڪمرا، نم جو وڻ، خالي اڱڻ،
مان اڪيلو پنهنجي گهر ۾ آهيان.

 

(سيارو- 2005ع)

سوز هالائي

 

گيت

 

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو،
ياد جا گل گلاب کڻي وڃ،
پرينءَ کي پهچائي ڏج،

 

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.

 

اُجرا اُجرا ۽ تو جهڙا،
سارا منهنجا خواب کڻي وڃ،
ساهن منجهه سمائي ڏج،

 

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.

 

خط هوائن ڪونه پُڄايا،
هاڻي هٿ جواب کڻي وڃ،
لوڪ سڄي کان لڪائي ڏج،

 

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.

 

منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي ڇڏ،
نيڻن منجهه حجاب کڻي وڃ،
وڃ مگر شرمائي ڏج،

 

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.

 

نينهن سنهين جا ”سوز“ سنيها،
بي حد بي حساب کڻي وڃ،
جهوليءَ کي ڦهلائي ڏج،

 

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.

 

(4/1988ع)

زاهد دارا

 

بيٺل پاڻي

پريشر ڪُڪر جهڙا گهر اسان جا

جن ۾ ڪڙهي ڪڙهي

هاڻ ته ذهن جون تندون به ڳري ويون آهن

ريل جي بتين جهڙا، پيلا بيمار مستقبل

۽ من ۾ سانڍيل پنهنجي ماضيءَ جا (الف)

فوٽوگرافز سانڍي

هر شخص ڌپ ڪري ويو آهي (سينواريل پاڻيءَ جيان)

هاڻ ته اسان لاش به

ريڙهي تي وڪامجندڙ بنا برانڊ جي بسڪوٽن وانگر

تُري رهيا آهن

پر، ڪوئي به ناهي، جيڪو هيءَ تاريخ لکي

جيڪي لکن پيا

اُنهن جا ٻئي هٿ ٻڌل آهن

هو پير جي آڱر ۽ آڱوٺي جي وچ ۾

مهانگا قلم ڦاسائي

(سائي) مس سان جيڪو به لکن پيا

سو پڙهجڻ ۾ اچي ئي نٿو....

پر اسان جي تاريخ آهي

بندي خانن جي فرش تي

پيرن جا رَند اسان جي تاريخ آهن

۽ پنڊ پهڻ نيڻن جا سمورا

جيئرا سپنا، اسان جا آهن.

(4/1988ع)

ذوالفقار سيال

غزل

وري ظلم جي انتها ٿي وئي آ،
وري ڪربلا ڪر موٽي اُٿي آ.
وري حق چوڻ تي لڳو آهي پهرو،
وري ڪا سسي سچ واري وڍي آ.
وري ڳوٺ جا ڳوٺ ميسارجي ويا،
وري تير نيزي جي بازي لڳي آ.
وري يار معصوم رستن تي رليا،
وري لانڍ لاشن جي ڏاڍي وڏي آ.
وري آئي خوشبو، لهو آهي وکريو،
وري ڪنهن انڌيري جي چادر ڪڍي آ.
وري ونگ وحشي وجهن لوڪ تي ٿا،
وري بيگناهن تي ڪاوڙ متي آ.
اوهان وٽ ڪائي ڇانو هوندي ته هوندي،
اسان وٽ اڃا زلف هي ڌرتتي آ.

 

(2/1987ع)

اعجاز احمد منگي

پهريون پيار

پيار جي پهرين گهڙي

زهر کان آهي ڪڙي

ڪوئي جذبو ٿو ڦُٽي

ڄڻ ته ماڻهوءَ جي مٽيءَ مان

سونهن جي سنهڙي گهٽيءَ مان

اوچتو مُرلي وڄي ٿي

نينهن ڪاري نانگ وانگر

دل ۾ لهندو ٿو وڃي

ٻيو سڄو سنسار ڊهندو ٿو وڃي

هڪ نئون انسان ٺهندو ٿو وڃي.

                        (1-2/1992ع)

ج.ع.منگهاڻي

ترائيل

هلو! خوشبوءِ جو پيڇو ڪريون ڪنهن- در ٿي کڙڪائي
اسان جا آسري ۾ ٿيا سڀيئي ڀڙڀانگ اوتارا
سمورن بي حسن کي ٿي هميشه ٿي هو ڳر لائي
هلو! خوشبوءِ جو پيڇو ڪريون ڪنهن- در ٿي کڙڪائي

اچو! ڪنهن ڀي بهاني کيس آڻيون پاڻ پرچائي
هوا بڻجي گهٽا بڻجي يا بڻجي چنڊ ۽ تارا
هلو! خوشبوءِ جو پيڇو ڪريون ڪنهن- در ٿي کڙڪائي
اسان جا آسري ۾ ٿيا سڀيئي ڀڙڀانگ اوتارا.

 

(1/1987ع)

حسن درس

غزل

هڪ ڏيک يادگيري، هڪ شام جو تصور،
کڙندڙ گلاب آهي هڪ نام جو تصور.

کلندي خمار جيڪي کيڪار ڪن خيالي،
ملندو اُنهن اکين مان آ جام جو تصور.

مُرڪي ملڻ جو ماڻو، کلندي روئڻ جو کٽڪو،
آغاز جو انديشو، انجام جو تصور.

نيري نهار تائين آهي لکيو پيو ڄڻ،
پڃري سندو پکيءَ لاءِ ڪنهن دام جو تصور.

هي شعر، گهر مٽيءَ جا ۽ ديس دونهن جهڙو،
منظر اُداس، عورت ۽ گام جو تصور.

 

(4/1996ع)

مير حسن آريسر

غزل

ڪيتري هئي خوبصورت ڪيتري چنچل هئي
ڪنهن گهڙي ناتر هئي ۽ ڪنهن گهڙي مومل هئي.
چنڊ جي اُجري جسم تي شبنمي بادل هيا،
يا ته ڪا پاتي پرين اڄ نيرڙي ململ هئي.
ٿي جڳن جي جاڳ مون کي روز ماريندي رهي،
ڪنهن گهڙي جي اک جهپي سا ننڊ ڀي مقتل هئي.
ڪير مالهڻ واءُ سان گڏ ڪالهه واڙين ۾ گهُلي،
ڪير هئي جنهن جي ڪري هٻڪار ۾ هلچل هئي.
ڇو نه منهنجو غزل هوندو خوبصورت ۽ نفيس،
ڇو ته تنهنجي سونهن منهنجي خيال ۾ هر پل هئي.

 

(3-4/1994ع)

نياز پنهور

غزل

تون گيتن جي عنوان جيان،
مان خالي آهيان دان جيان.
پيار تنهنجي ۾ ڦيريون گهيريون،
ڇا لئه سياستدان جيان.
اکيون تنهنجون ڳالهائن ٿيون،
ڪرفيوءَ جي اعلان جيان.
گگهه اونداهي، ڪمرو منهنجو،
يادون روشندان جيان.
ڪين تون کڙڪاءِ دل منهنجي،
آءُ هلي طوفان جيان.
مون کي هو وساري ويٺو،
منهنجي ڪنهن احسان جيان.
نياز وڃائجي ويو آهي،
شاعر جي ديوان جيان.

 

(3/1995ع)

مظهر لغاري

 

غزل

ريشمي هن ڏور کي کولي ڇڏيو،
پنهنجي دل جي چور کي کولي ڇڏيو.
پيو سڙي پڇتاءُ جو قيدي شهر،
هن بُري ڀنڀور کي کولي ڇڏيو.
ڇو نٿا ڇوڙي ڇڏيو ڪارا ڪَڪر،
هن گهٽا گهنگهور کي کولي ڇڏيو.
موت جي پوري ڇڏيو هن مات کي،
زندگيءَ جي شور کي کولي ڇڏيو.
پيو رسو ماپي اڃا هن جي ڳچي،
هاڻ منهنجي دؤر کي کولي ڇڏيو.

 

(4/2000ع)

 بخشڻ مهراڻوي

 

غزل

پيار جهڙو نشو، مَڌُ جهڙو بدن،
ڪيئن وساريون ڀلا عشق جهڙو وچن؟
ڪنهن  جو ورتو پئي نانءُ تنهنجو پرين!
وقت جي زخم جون سڀ ڪڙيون ٿيون کُلن.
چَپَ ڄڻ چنڊ ها ڪيئن نه اُڀريا لٿا،
راتيون روشن ڪيون چاندنيءَ جي چُمين.
نينهن نانگڻ به آ، نينهن جوڳڻ به آ،
درد مُرليءَ جيان پيا ٿا مَن ۾ وڄن.

 

(4/1995ع)

سرڪش سنڌي

غزل

ڪيتري ڀي ڪريان مان ڀلي شاعري،
تنهنجو هڪ ٽهڪ منهنجي سڄي شاعري.
مُرڪ! مُرڪن سان کنوڻيون کڻن ساز ٿيون،
جيئن ڳائن ڪڪر سونهن جي شاعري.
سون ورني وهي، بئنسريءَ جي صدا،
تو نه گهوريو ته ويندي وڄي شاعري.
ساءُ صبحن جو نيڻن ۾ رکجانءِ نه ته،
ساري دنيا مان ويندي هلي شاعري.
روح فطرت کي سرڪش ڳلي مان مليو،
ڪئي گلابن جي رنگن رچي شاعري.

 

(3/1995ع)

ساحر راهو

غزل

ڳلين ۾ پنکڙيون، خوشبو هوائن ۾ رُلي ويندي،
گلابي مند لڙڪن جي گهٽائن ۾ رُلي ويندي.
فقط هوءَ سوڀ چاهي ٿي، محبت جنگ ناهي ڪا،
خوديءَ ۾ غرق ٿي ويندي، انائن ۾ رُلي ويندي.
ڪويءَ جي سحر ۾ جڙجي وئي اڻڄاڻ وينگس آ،
جڏهن پردو کنيو دردن، غفائن ۾ رُلي ويندي.
شهر جي رونقن پويان، لڪل ڇاهي، نٿي ڄاڻي،
اياڻي دل ته رنگن ۽ ادائن ۾ رُلي ويندي.
جوانيءَ جي مقدر ۾ فقط پگهرڻ لکيو ويو آ،
گلن جي تازگي اڏري ڏسائن ۾ رُلي ويندي.
نٿي ڄاڻي وٿي ڪيڏي وچان آڪاش ڌرتيءَ جي،
چڪوري چنڊ ڏي اڏندي خلائن ۾ رُلي ويندي.
سمورا رنگ فطرت جا ڏهاڳڻ روپ ٿي پوندا،
سُرن جي هر صدا ”ساحر“فضائن ۾ رُلندي ويندي.

 

(2/1999ع)

اسحاق سميجو

غزل

لـڄ دل جي ڳالهه ٻولي ٿي ڇڏي،
سانت ڪيئي راز کولي ٿي ڇڏي.
بي رخي تنهنجي گهڙيءَ کن جي مٺي،
عمر ڀر جو پيار رولي ٿي ڇڏي.
درد وارن جي اڳيان تارا ڪري،
رات پنهنجا ڦٽ کولي ٿي ڇڏي.
هن جي پيرن ۾ لڳل ميندي نئين،
ڳوٺ جون راهون رتولي ٿي ڇڏي،
هن جي وارن ۾ لڪي ٿي راتڙي،
هوءَ پنهنجا وار کولي ٿي ڇڏي.
سار تنهنجي کڙکٻيتي وانگيان،
ساٿ ڏئي ڪجهه، پوءِ رولي ٿي ڇڏي.

 

(2/1999ع)

 

ياسين چانڊيو

غزل

تنهنجي نيڻن ۾ سوجهرو آهي،
ڄڻ ته اونداهه ۾ ڏِيو آهي!

اڄ به هڪڙو گناهه ٿي ويو آ،
ياد توکي نه اڄ ڪيو آهي،

موسمن جا حواس ڇرڪي پيا،
ٽهڪ تنهنجو جڏهن اُڏيو آهي.

جيئن ڀاڪر ۾ تو ڀريو مون کي،
خوشبو خوشبو وجود ٿيو آهي.

 

(بهار- 2006ع)

حبدار سولنگي

غزل

جيون جوڳيءَ- جاڳ جيان،
اندر آهي آڳَ جيان.
مُرڪ پرينءَ جي روشن راهه،
موهه پرينءَ جو ماڳ جيان.
هير پرينءَ جي هيجَ جيان،
چنڊ پرينءَ جي چاڳَ جيان.
جهومائي ٿي جيءُ اَلا!
رات اڄوڪي راڳَ جيان.
منهنجي من لئه هوءَ آهي،
ڀٽڪي موٽيل ڀاڳَ جيان.

 

(سرءُ- 2005ع)

ماڻڪ ملاح

وائي

نينهن نديءَ ۾ اچڻي آهي-

 

                        چوڏهينءَ چانڊوڪي!

 

هير هندورو بنجي لُڏندو جنهن ۾ پنهنجو چاهه،
                                پريت انهيءَ ۾ پچڻي آهي.
کورو کامي پوندو دل مان درد اوهان جو جيئن،
                                مچ انهيءَ ۾ مچڻي آهي.
من مندر ۾ ڌوپ جلايم، اندر بنايم اُجرو،
                                نيٺ ته ان ۾ نچڻي آهي.
چاهه چُڪي ڪا چندرما کان ملندي ڀانءِ ضرور،
                                روح رڳن ۾ رچڻي آهي.
اُڀ ۾ رُلندڙ چنڊ جي آهي منزل ماڻڪ واري،
                                جذبن سان سا جچڻي آهي.

 

(3-4/1994ع)

شبنم گل

مون کي سٺو لڳندو آهي

جيئن ڪنول جي

گل تي

ڪو رنگين پوپٽ

ائين منهنجي لبن تي

تنهنجو نالو!

      *

تنهنجي جذبن جي

مڌر موسيقيءَ تي

منهنجي روح

جي بدن جو

بي خود رقص!

     *

يادن جي

شهر ۾ ڀٽڪندي

پياليءَ ۾ چانهن اوتيندي

ڪپ جي ڀرجي

ڇلڪي پوڻ

۽ مهمانن جي سامهون

پنهنجو شرمنده ٿيڻ!

    *

اعتراف جي تمنا ۾

جذبن جي اظهار لاءِ

منتظر نگاهن سان

مخاطب ٿيندي

ڪجهه چوندي چوندي

موضوع کي بدلائي ڇڏڻ!

    *

تنهنجو ڪجهه نه چوڻ

بس لڳو چاهه مان

مون کي ائين تڪيندو رهڻ

جيئن اُس جا ڪرڻا

اکين ئي اکين ۾

سورج مکيءَ کي

چمندا آهن!

(1/1995ع)

مقصود گل

غزل

اختلا فن جي فضا ۾ هوش سان گهارڻ سکون،
همتن سان وقت واري واڳ کي وارڻ سکون.

مورڇل بڻجي نه سڀ تي هير ٿڌڙي ٿي گُهلون،
واهروءَ، ويري وچان ڪائي وٿي وارڻ سکون.

عزم همت حوصلي جا پير چمنديون منزلون،
ڪشٽ مان ڪاٽي ڪشالا، مشڪليون مارڻ سکون.

علم وارو سوجهرو اخلاق سان اُجرو ڪري،
خلق جا ڏيئا ڏهاڙي، ڏيهه ۾ ٻارڻ سکون.

”شاهه“جا ۽ ”شيخ“ جا هي بيت آهن روشنيون،
تن منجهان جلوا جهٽي ڪا جوت جيئارڻ سکون.

پاڻ ٻاري ۽ سڄو ڪمرو سُهائو ٿي ڪري،
ميڻ بتڙيءَ جان ٻين لئه پاڻ کي ٻارڻ سکون.

سونهن کي ۽ سنڌ کي ”استاد“ جيئن ارپيو قلم،
تيئن سڄڻ ساڻيهه کي هر ساهه سان سارڻ سکون.

منتشر ڇاڪاڻ آهن ذهن، سوچون ۽ خيال،
يڪ وجودا ٿي ڪڏهن وهنوار ويچارڻ سکون.

ساهه سان گڏ ٿو سُري پر ڪونه آ ڄاتو اسان،
ويٺڙو آهي ونين ۾ سو سڄڻ سارڻ سکون.

سنڌ ڌرتيءَ تي رکون هٿ سُنهن کڻون منڇر مٿي،
اڄ بلاول جان وطن تان ساهه سر وارڻ سکون.

هار ”گل“ کي کار مان ڀل يار خارن جا وجهون،
پر چمن کي سونهن سرسيءَ ساڻ سينگارڻ سکون.

 

(3/1999ع)

اقبال رند                           

غزل

هر هر گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ هلچل نه ڪر، پرين!
پاڳل نه ڪر، پاڳل نه ڪر، پاڳل نه ڪر، پرين!
جهَل جهَل، گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ گهايل نه ڪر، پرين!
ايءَ پاپ اکڙين سين پلپل نه ڪر، پرين!
کِل کِل، وري وري دل ڀرجي ڀلي اچي،
تون پاڻ کي اسان کان اوجهل نه ڪر، پرين!
هيءُ ننڊ- ديس، جنهن ۾ هر شخص پنڊ پاهڻ،
تون ٽِنڊ سان ٽنڊيلا، ڪا ٽَل نه ڪر، پرين!

 

(3/1995ع)

مختيار ملڪ

غزل

هيءَ جا ٿي وئي دوُري آهي،
اُن ۾ ڪا مجبوري آهي.
لُڙڪ لڪائي ڇڏڻا آهن،
مُرڪڻ اڄ مجبوري آهي.
کِلندي کِلندي ڌار ٿي مون کان،
روئڻو رات سموري آهي.
پيار فلسفو بڻجي ويو آ،
محبوبا ڄڻ ’ٿيوري‘ آهي.
عيش ته هُن جو، ليڪن منهنجي،
محنت ۽ مزدوري آهي.
اڄ اڻهوند اگهامي ويئي،
وڪرو ٿي مجبوري آهي.
سوچڻ تي آ سرحد بندي،
آزادي اڻپوري آهي.
ڄام جي ڄار ۾ اچڻي ناهي،
اڄ جي نار نه نُوري آهي.
قسمت جي اڄ قبر ۾ پنهنجي،
هرهڪ آس مون پوري آهي.
جيون جي هن راهه ۾ توسان،
منهنجو هجڻ ضروري آهي.

 

(4-1985ع)

ابرار ابڙو

غزل

خواب جاڳيل، اکيون سُتل آهن،
بلب جاڳيل، ڳليون سُتل آهن.
آءٌ جاڳان ٿو، چنڊ جاڳي ٿو،
رات ساري ڪتيون سُتل آهن.
هوءَ سَهرن تان آئي آ موٽي،
گُلَ جاڳيل، سَڳيون سُتل آهن.
پئي ٻري ٿي بتي هوائن ۾،
گهر جا در ۽ دريون سُتل آهن.
جسم جهاڳي ٿو، جاڳ جهاڳي ٿي،
روح اندر رڙيون سُتل آهن.

 

(سيارو- 2005ع)

وسيم سومرو

غزل

تون جي ناهين، ته ڇا ڏسان ڇا هي؟
شهر جي هر گهٽي سُڃي آهي.
کَڙڪندڙ پن هئا، نه هو ڪوئي،
سامهون جو ڏٺم ڪڙو لاهي.
چنڊُ احساس ۾ هئو ڦُٽندو،
تون جو ڏسندي هئينءَ رَئو ٺاهي،
رات انعام ۾ ملي مون کي،
تنهنجي نيڻن جي روشني چاهي.
نيڻ لڙڪن سان ڏس ڀريل آهي،
ڀاڳ مون کان اڃا رُٺو ناهي.
ڪاش تون اوچتو ملين مون کي،
هونئن سڀ ڪي ڇڏيو اٿم ساهي.

 

(سرءُ- 2005ع)

رخسانه پريت چنڙ

غزل

رات ساري جي اک ٽمي ٿيندي،
سحر ڪيڏي نه شبنمي ٿيندي!
سوچيو سيني اندر پٿر رکجي،
دل جي رکبي ته دل لڳي ٿيندي.
سور نئون ڏيو ته شاعري ٿيندي.
شهر تنهنجي اچي رُلي وڃبو،
گهٽي تنهنجي نه پر پُڇي ٿيندي!
 نه ئي اکڙين جون عادتون مٽبيون،
نه ئي دل دادلي جهلي ٿيندي.
ڳولين ساگر جو ٻيو ڪنارو پيو،
توکان منزل پو ڪيئن لڌي ٿيندي؟
پاڻُ جي پيار کان پلي وڃبو،
پيڙ لونءَ لونءَ ۾ لازمي ٿيندي.
رڳو هڪ شخص ڇو ڀلا تڙپي،
پياس سڀ لئه پَتي پَتي ٿيندي!

 

(3-4/1997ع)

روشن گهانگهرو

غزل

شام سُرمئي، يادون، ڊائري، هوا، خوشبو،
سونهن ساڻُ سوچن ۾ زندگي هوا، خوشبو.
حسن، عشق جون ڳالهيون، سمنڊ جي ڪناري تي،
لفظ لفظ ۾ چاهت، ساحري هوا، خوشبو.
آجپي، امن سان گڏ، شل هجي سدا قائم،
ڪائنات ساريءَ ۾ روشني، هوا، خوشبو.
لالچن، مفادن کان، پاڪ، صاف جيڪا آ.
سا بهار جان جڳ ۾ دوستي هوا، خوشبو.
گُهٽ ۽ ٻُوساٽن ۾، ٿي نه ساهه ساڻو پئي،
ائن نه ڪر اسان کان تون بي رخي هوا، خوشبو!
روح جي دعا هيءَ آ، شل رهي حياتين جي،
ساعتن سمورين ۾ چاندني، هوا، خوشبو.
سنڌ کي به واسيندي، عالمي ادب سان گڏ،
آ ”اياز“ جي پياري شاعري هوا، خوشبو.

 

(3-4/1997ع)

اسد ”جمال“ پلي

نعت

چنڊ تارا ڪتيون، ڳالهه آهي ڳري،
پر سڄڻ سان ڪري ڪير ٿو همسري.
هونئن ته عاشق زماني ۾ ڪَئين ٿا سُڄن،
هن جي عاشق جي آ ڳالهه ڪجهه مٿڀري.
منهنجي محبوب جو مَٽ نه تخليق ڪيئين،
ايءَ خدا جي وڏي آهه ڪاريگري.
پاڻ ڳالهائيون سا خدا جي زبان،
۽ ڪيئون هاج جا سو حڪم اڪبري.
جنهن جي سونهڻ سان ٿي سونهن جو دنگ ويو،
هن جي مُرڪڻ سان ٿي آ شروع شاعري.
بي ادب ٿي متان، تنهن جي لئه ڪجهه چئو،
ڪائناتن جي جنهن کي سري سروري.
عمر ساري ثناگر ٿي جنهن جا رهيا،
هو ڀٽائي، هي صادق، لطف الله قادري.

 

(3-4/1997ع)

مولا بخش چانڊيو

نظم

يادون تنهنجون روز اچن ٿيون،
مون کي وٺيو ڏُور وڃن ٿيون.
جيڪي منظر آءٌ ڏسان ٿو،
تن ۾ تنهنجو نانءُ پڙهان ٿو.
مون کي ڏُورئون ڏُور سَڏن ٿيون،
اکيون تنهنجون ڪاڪل تنهنجا.
ٽهڪ فضا ۾ پاڳل تنهنجا،
ويل ورڻ جي هير ڏکڻ جي،
چنڊ چانڊوڪيون ٿڌڙا تارا،
ڏينهن جُهڙالا سمنڊ ڪنارا،
اوٽ جبل جي، ڇانو پِپل جي،
منهنجي دل ۽ جهولي ۾ ڏس،
تنهنجي پيار بِنا ٻيو ڇاهي؟
منهنجي سَکڻي هن جيون ۾،
تنهنجي سار بنا ٻيو ڇاهي؟

 

(1-2/1997ع)

زيب سنڌي

غزل

چؤڏس بند غفا جيئن ڀاسي،
تنهنجي ياد سزا جيئن ڀاسي.
جنهن هو مون کي چاهيو تنهن کي،
منهنجو نانءُ خطا جيئن ڀاسي.
تنهنجي ساروڻي او سانئڻ!
مون کي ڏَند-ڪٿا جيئن ڀاسي.
تنهنجو پاراتو ڀي مون کي،
پنهنجي لاءِ دعا جيئن ڀاسي.
خطرن سان ايڏو کيڏيو هان،
نانگ به ٿو مالا جيئن ڀاسي.

 

(2/1990ع)

نفيس احمد ”ناشاد“

فرق

        تون ڀي شاعر،

        مان ڀي شاعر!

 

        خوابن جي واديءَ ۾ جڏهين،

        سرو سمن، ريحانَ ڏسين ٿو

        لاله ۽ شُهلا کي پَسين ٿو،

        ڪومل ڪومل، مکڙيون، گُل ڦل،

        ڪوئل، قمري، ڀونئرو، بُلبل:

        ۽ پڻ ساقي، جام، صراحي-

        ميخاني جي موج ڏسين ٿو، تڏهين شايد:

        شعر لکين ٿو-

        خوب لکين ٿو!

 

        منهنجا ساٿي!

        ‘فرق’ وڏو آ، تو ۾، مون ۾-

        رستي هلندي، ٻار ڏسان ٿو، پنندا پنندا،

        لانڍين ۾ معصوم ڏسان ٿو، بُکيا سُمهندا،

        جنگ و جدل جي باهه ڏسان ٿو، شعلا شعلا،

        ظلم و ستم جا مچ ڏسان ٿو، دُکندا دُکندا:

        تڏهين منهنجو روح رڙي ٿو-

        شعر لکان ٿو،

        رت رُئان ٿو!

(4/1967ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com