سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :19

ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي

سنڌي ٻوليءَ جون مکيه خاصيتون

ڀارت- پاڪ اُپکنڊ ۾ جيڪي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، اُنهن مان ڪن ٿورن جو ئي جديد علم لسان جي اصولن موجب  اڀياس ڪيو ويو آهي. جيئن هرهڪ گل کي پنهنجي سرهاڻ هوندي آهي، تيئن هرهڪ ٻوليءَ ۾ پنهنجيون ڪجهه نراليون وصفون هونديون آهن. انهن جي ڪري هرهڪ ٻوليءَ جو روپ ٻين ٻولين سان مشابهت رکندڙ هوندي پڻ ڪيترين ئي ڳالهين ۾ پنهنجي پاڙيسري ٻولين کان به ڦريل نظر ايندو آهي. چوڻي آهي ته ’ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي‘. ٿوري ٿوري مفاصلي بعد هڪ ئي ٻوليءَ جي بيهڪ ۾ پڻ باريڪ تفاوت اچيو وڃي. سنڌي ٻوليءَ جو مثال کڻو، اها هڪ طرف پنجابي، اردو، هندي، گجراتي، مراٺي، راجستاني وغيره ٻولين سان ڪيترين ئي ڳالهين ۾ هڪجهڙائي ڏيکاري ٿي ته ٻئي طرف ڪجهه اهڙيون خاصيتون پڻ ظاهر ڪري ٿي، جيڪي ٻين ٻولين ۾ نٿيون ملن. انهيءَ کان سواءِ، سنڌ جي جدا جدا ايراضين ۾ سنڌي ٻوليءَ جا الڳ الڳ لهجا پڻ اسان کي نظر اچن ٿا.

سنڌي ٻوليءَ جي بُڻ- بنياد جي سوال تي سنڌ ۽ ڀارت جي عالمن مختلف رايا ظاهر ڪيا آهن. ڪنهن سنڌ جي اوائلي سنڌي پراڪرت ۾ انهيءَ جو اصل- نسل ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته ڪنهن سامي سٿ جي ٻوليءَ سان سنڌيءَ جو بنيادي رشتو ڏيکارڻ چاهيو آهي ته ڪنهن توراني ۽ دراوڙي ٻولين ۾ سنڌي ٻوليءَ جو بنياد ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهي عالم، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جو بڻ-بنياد ڪنهن غير آريائي زبان ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اهي پڻ انهيءَ حقيقت کان انڪار نٿا ڪري سگهن ته موجوده سنڌي ٻولي، صرف و نحو، لفظ- ڀنڊار ۽ لساني بيهڪ جي ٻين وصفن جي لحاظ کان تمام گهڻي قدر ڀارت- پاڪ اُپکنڊ جي ٻين آريائي ٻولين سان مشابهت رکي ٿي. هتي آءٌ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ- بنياد واري بحث تي ويچار ظاهر ڪرڻ نٿو چاهيان، ڇاڪاڻ ته انهيءَ لاءِ هڪ الڳ مقالي جي ضرورت آهي. هتي منهنجو مقصد فقط انهيءَ ڳالهه تي روشني وجهڻ آهي ته موجوده سنڌي ٻوليءَ جون ڪهڙيون نراليون وصفون آهن، جيڪي ڀارت- پاڪ اُپکنڊ جي ٻين آريه ٻولين ۾ نٿيون ملن يا اهي ورلي ملن ٿيون. هتي مون اهڙن وياڪرڻي روپن ۽ لفظن جا پڻ مثال ڏنا آهن، جيڪي موجوده سنڌي ٻوليءَ، سنسڪرت، پراڪرت، اُپڀرنش وغيره  آڳاٽين ٻولين کان ورثي ۾ حاصل ڪري، اڃا تائين پاڻ وٽ سنڀالي رکيا آهن. ٻئي طرف اهي ٻين هاڻوڪين ٻولين ۾ واهپي ۾ نٿا اچن يا عام نه آهن.

ڀارت- پاڪ اُپکنڊ جي ٻولين ۾ سنڌيءَ کي مکيه درجو حاصل ٿيل آهي، انهيءَ جي خاصيتن کي ڏسي پرڏيهي عالمن جنسي ساراهه جا ڍڪ ڀريا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي ماهر ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لکيو آهي ته ”سنڌي نج سنسڪرت سٿ جي ٻولي آهي. جيڪڏهن اسين سنڌيءَ جي ڀيٽ انهيءَ جي ڀينر ٻولين سان ڪريون ته اسان کي وياڪرڻ جي لحاظ کان سنڌيءَ کي انهن ۾ پهريون نمبر ڏيڻو پوندو. اڄڪلهه جي مراٺي، هندي، پنجابي ۽ بينگاليءَ جي ڀيٽ ۾ سنڌيءَ جو آڳاٽي پراڪرت سان وڌيڪ ويجهو رشتو آهي. سنڌي ٻوليءَ وياڪرڻ جا ڪيترائي روپ پاڻ وٽ اڃان تائين قائم رکيا آهن، جن کي ڏسي سندس ڀينر ٻوليون ڀلي ساڻس ريس ڪن.“

ڪئپٽن جارج اسٽئڪ پنهنجي تيار ڪيل سنڌي گرامر ۾ لکيو آهي: ”مون کي خاطري آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس لسانيات جي ماهرن لاءِ، ٻين ڪيترين ئي ڀارتي ٻولين جي اڀياس جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ دلچسپ ثابت ٿيندو. ضميرن ۽ انهن سان لاڳو حرف جَر جي بدران لفظن ۾ پڇاڙين جو استعمال، ڪرمڻي پريوگ جو پڇاڙين ذريعي اظهار، ڀاوي پريوگ ۽ ٻٽن بالواسطه فعلن جو استعمال ۽ ٻيون ڳالهيون جيڪي هن ٻوليءَ جي سکندڙ کي اڳتي وڌڻ تي معلوم ٿينديون، اهي اهڙيون خوبيون آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ کي ٻين ڪيترين ئي ڀارتي ٻولين جي ڀيٽ ۾ هڪ نرالي نزاڪت عطا ڪن ٿيون.“

جنهن سنڌي ٻوليءَ جي پرڏيهي عالمن ايتري ساراهه ڪئي آهي، انهيءَ جون لساني بيهڪ جي لحاظ کان مکيه خاصيتون هن ريت آهن:

(1) سنڌي ٻوليءَ ۾ چار اهڙا آواز آهن، جن جي اُچار ڪرڻ ۾ هوا کي وات ۾ اندر ڇڪڻو پوي ٿو. انهيءَ ڪري لسانيات جي ماهرن انهن کي چوسڻا آواز (Implosives) نالو ڏنو آهي. اهي آواز آهن: ڳ، ڄ، ڏ، ٻ. سنڌي ٻوليءَ جي آوازي سرشتي ۾ اهي چوسڻا آواز معنيٰ ڀريو پارٽ ادا ڪن ٿا. مثال طور، جيڪڏهن لفظن ۾ انهن جي جاءِ تي سندن ويجهن آوازن- گ، ج، د، ب جو استعمال ڪبو ته لفظن جي معنيٰ بدلجي ويندي. جيئن ته:

ڳلا- گلا، ڳارو- گارو.

ٻارو- ٻار، ٻـِـلو- بـِـلو.

ڄارو- جارو، ڄام- جام.

ڏائي- ڊائي- دائي.

پڏ- پد- پڊ- پڙ.

ڀارت- پاڪ جي ٻين ڪيترين ئي هاڻوڪين ٻولين ۾ اهي چوسڻا آواز ڪين ٿا ملن. ملتاني زبان ۾ سنڌيءَ وانگر اهي چارئي آواز معنيٰ ڀريو پارٽ ادا ڪن ٿا. پر ڪڇي ۽ مارواڙي ٻولين ۾ سنڌيءَ جي اثر هيٺ فقط هڪ- ٻن چوسڻن صوتين جو واهپو ٿئي ٿو.

(2) سنڌيءَ ۾ پنج نڪاوان (Nasal) آواز آهن. گ، ڃ، ڻ، ن، م. اسان جي ٻوليءَ ۾ اهي پنج ئي آواز معنيٰ ڀريو پارٽ ادا ڪن ٿا، ۽ ٻن سُرن يعني حرف علت جي وچ ۾ پڻ اُچاريا وڃن ٿا. جيئن ته:

مَڱي- مَڃي، مَڻي- مَني- مَمي.

مَڱ- مڃ- مَڻ- مَنَ، مَم.

سنسڪرت، هندي، اردو ۽ ٻين ڪيترين ئي هاڻوڪين ڀارت- پاڪ ٻولين ۾ ڱ ۽ ڃ آوازن جو اُچار ٻن حرف علت جي وچ ۾ نه ايندو آهي. انهيءَ ڪري اردو هندي ڳالهائيندڙ سنڌي لفظن مُـڱ، مُڃ، ڄـڃ، سڱر وغيره جو صحيح اُچار نه ڪري سگهندا آهن.

(3) سنڌي ٻوليءَ جي آوازي سرشتي ۾، ٻين هاڻوڪين هند- آريائي ٻولين جي ڀيٽ ۾ گهڻي ۾ گهڻا وينجن (حرف صحيح) صوتيه آهن. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته سنڌيءَ ۾ چئن چوسڻن آوازن سان گڏ، عربي فارسي ٻولين جي اثر ڪري خ، غ، ز، ف جو اُچارڻ پڻ صوتين جي روپ ۾ ڪيو وڃي ٿو. معياري سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪل ايڪيتاليهه حرف صحيح صوتيه (Consonant phonemes) آهن.

ڪ ک گ ڳ گهه ڱ

چ ڇ ج ڄ جهه ڃ

ٽ ٺ ڊ ڏ ڍ ڻ

ت ٿ د ڌ ن

پ ڦ ب ٻ ڀ م

ي ر ل و ڙ

ش س هه

خ غ ز ف

(نوٽ: پروفيسر علي نواز جتوئيءَ ’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘ ۾، ڊاڪٽر غلام علي الانا ’سنڌي صوتيات‘ ۾ مهه، نهه، ڙهه، لهه، ڻهه/ کي وينجن صوتين جي چارٽ ۾ ڏيکاريو آهي. اِهي حقيقت ۾ ٻن وينجن صوتين جو ميل Conjunct Consonants آهن.

(4) سنڌي ٻوليءَ جي اُچارن موجب گهڻا لفظ حرف علت ۾ ختم ٿيندڙ آهن. انهيءَ ڪري ٻين ٻولين مان سنڌيءَ ۾ جذب ٿيلن لفظن جو اُچار به گهڻو ڪري آخر ۾/ آ، اِ، اُ/ مان ڪو حرف علت لڳائي ڪيو وڃي ٿو. جيئن ته ماسترُ، ڪاليجُ، اسڪولُ، نرسِ، بئنڪَ، ڪورٽِ، بسِ، ڪوششِ، ثبوتُ، رازُ، سببُ. انهيءَ عادت ڪري، سنڌي ماڻهو جڏهن اردو، هنديءَ وغيره ۾ گفتگو ڪن ٿا، تڏهن اتي پڻ لفظن جي آخر ۾ حرف علت اُچار ڪن ٿا، جيڪو انهن ٻولين جي سرشتي موجب صحيح اُچار نه آهي، انهيءَ ڪري سنڌي ڳالهائيندڙن جو سنڌيپڻو اڪثر ظاهر ٿيو پوي.

تاريخي اوسر جي خيال کان جيڪي سنسڪرت لفظ اردو ۽ هنديءَ ۾ بدلجي ساڪن پڇاڙيءَ وارا ٿي پون ٿا، انهن جو اُچار سنڌيءَ ۾ آخري حرف علت لڳائي ڪيو وڃي ٿو. جيئن ته:

سنسڪرت     اردو- هندي            سنڌي

ڪَرڻَ           ڪان                   ڪنَ

هَست          هاٿُ                   هٿُ

دَنتَ            دانت                   ڏندُ

راترِ             رات                    راتِ

باهُه            بانهه                   ٻانهنَ

واٽَ (رستو)    باٽ                    واٽَ

اَڪشِ          آنکه            اَکِ

جيئن ته سنڌيءَ ۾ گهڻا اسم حرف علت ۾ پورا ٿين ٿا، انهيءَ ڪري انهن جي جنس سڃاڻڻ ۾ به گهڻي آساني ٿئي ٿي. مثال طور، سنڌيءَ ۾ ’او‘ پڇاڙيءَ وارا سڀ اسم مذڪر آهن (گهوڙو، ڇوڪرو، دلو، روپيو)، ٻئي طرف ’اَ‘ حرف علت ۾ پورا ٿيندڙ سڀ اسم جنس مؤنث وارا آهن (کٽَ، عادتَ، زالَ، کڏَ).

(5) سنڌي ٻوليءَ ۾ ’اُ‘ حرف علت ۾ ختم ٿيندڙ لفظن جو تعداد تمام گهڻو آهي. اسان جي ٻوليءَ ۾ سڀ مصدر ’اُ‘ ۾ ختم ٿين ٿا (کائڻُ، پيئڻُ، اُٿڻُ، نچڻُ، وغيره). لفظن جي آخر ۾ ’اُ‘ حرف علت لڳائي اُچار ڪرڻ جي عادت سنڌين ۾ تمام آڳاٽي آهي. ان حقيقت طرف ڀرت مُنيءَ پنهنجي مشهور گرنٿ ’ناٽيه شاستر‘ ۾ به اشارو ڪيو آهي. اهو ڪتاب عيسوي ٻي صديءَ جي آسپاس لکيو ويو آهي. ڀرت مُنيءَ ناٽڪن ۾ ڪردارن جي ٻوليءَ بابت لکندي ڄاڻايو آهي ته جدا جدا علائقن جي ماڻهن لاءِ، انهن انهن علائقن جي اُچارن کي ڌيان ۾ رکيو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ هو لکي ٿو، ”هماليا، سنڌ ۽ سؤوير ايراضين ۾ جيڪي ماڻهو رهن ٿا، انهن جي لاءِ ناٽڪ نويسن کي ’اُ‘ حرف علت جي گهڻائيءَ واري ٻوليءَ جو استعمال ڪرڻ گهرجي.“

انهيءَ حوالي مان ثابت ٿئي ٿو ته ڀرت مُنيءَ جي زماني ۾ (عيسوي ٻي صدي) سنڌ ۾ جيڪا پراڪرت ڳالهائي ويندي هئي، انهيءَ ۾ ’اُ‘ حرف علت پڇاڙي وارن لفظن جو گهڻو استعمال ٿيندو هو. اپڀرنش ٻوليءَ ۾ (پنجين عيسوي صديءَ کان وٺي اٽڪل ٻارهين عيسوي صدي تائين لکيل جيڪو ادب روشني ۾ آيو آهي، انهيءَ ۾ پڻ ’اُ‘ حرف علت وارا لفظ گهڻا ملن ٿا. پراڻي گجراتي، پراڻي راجسٿاني، پراڻي مراٺيءَ ۾ به ’اُ‘ حرف علت ۾ پورا ٿيندڙ لفظ گهڻي انداز ۾ ملن ٿا، جيڪي انهن ٻولين جي هاڻوڪي روپ ۾ نٿا ملن. انهيءَ مان ظاهر آهي ته موجوده سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي آخر ۾ ’اُ‘ حرف علت لڳائي اُچار ڪرڻ جي عادت، عيسوي سن جي شروعات واري زماني کان وٺي هلندي پئي اچي. سنڌيءَ ۾ مصدر ۽ گهڻا اسم ’اُ‘ ۾ پورا ٿين ٿا. جيئن ته: هلڻُ، ڊوڙڻُ، سمهڻُ، ڀڄڻُ، نڪُ، واتُ، پٽُ، ڀاءُ، ماءُ، رسُ، مَسُ، وغيره.

(6) سنڌيءَ ۾ هن وقت ’ڀائر، پيئر، ڀينر، مائر، نهر، ڌيئر‘ عدد جمع جا روپ بي قاعدي ليکيا وڃن ٿا. سنڌيءَ ۾ ‘اُ’ پڇاڙيءَ وارن مذڪر اسمن جو عدد جمع ۾ روپ، ’اُ‘  کي بدلائي ’اَ‘ ڪرڻ سان ٺهندو آهي. جيئن ته: پٽُ- پُٽَ. ٻارُ- ٻارَ. گهرُ- گهرَ. ساڳيءَ طرح، ’اَ‘ ۽ ’اَ‘ پڇاڙيءَ وارن مونث اسمن جو عدد جمع ۾ روپ، اسم جي آخري سُر کي ڪڍي، ان جي جاءِ تي اسم ۾ ’اون‘  پڇاڙي گڏڻ سان ٺهندو آهي. جيئن ته: زالَ- زالون. سسُ- سسون. عدد جمع ٺاهڻ جو اهو عام قاعدو آهي. ڀائر، پيئر وغيره روپ انهيءَ قاعدي جي خلاف آهن. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته عدد جمع ۾ انهن اسمن جا اهي بي قاعدي روپ، پراڪرت- اپڀرنش جي عدد جمع جي روپن موجب ٺهيل آهن. پراڪرت ۾ ’ڀاءُ‘ جو عدد جمع آهي ’ڀاڀارا‘ ۽ ’پيءُ‘ جو عدد جمع آهي ’پيئرا.‘ انهن جي طرز تي، ’ڀينر، مائر، نُهر، ڌيئر‘ روپ به واهپي ۾ اچي ويا آهن. نه فقط ايترو، پر اسين انهن ۾ عدد جمع جي باقاعدي روپ ٺاهڻ واري پڇاڙي ’اون‘ لڳائي، وري ٻيا به عدد جمع ٺاهيون ٿا: ’ڀينرون، مائرون، نهرون، ڌيئرون، انهن کان سواءِ انهن اسمن جا باقاعدي روپ: ڀيڻون، مائون، نهون، ڌيئون پڻ سنڌيءَ ۾ مروج آهن. انهن مثالن مان ظاهر آهي ته سنڌيءَ پراڪرت اسمن موجب ٺهندڙ عدد جمع جا ڪجهه روپ پاڻ وٽ اڃا تائين محفوظ رکيا آهن.

(7) سنڌيءَ ۾ ڪجهه اسمن پٺيان پڇاڙي لڳائي حرف جر جو مطلب ظاهر ڪيو وڃي ٿو، اهو طريقو سنسڪرت ۽ پراڪرت ٻولين جو آهي، جيڪو اڄ تائين سنڌيءَ ۾ هلندو پيو اچي. مثال طور:

سنسڪرت     پراڪرت               سنڌي

گرهي (گهر ۾)          گِهي             گهَر (گهر+ اِ)

گوشٺات (ڳوٺ مان)گوٺاءَ، گوٺا    ڳوٺئون، ڳوٺان

                                   (آئون، آن)

جهوني سنڌيءَ ۾ حرف جري پڇاڙيون ضميرن ۾ اسمن جي عدد جمع وارن روپن ۾ پڻ لڳنديون هيون. اهو نمونو هاڻوڪي ٻول چال واري سنڌيءَ ۾ گهڻو ڪري ختم ٿي ويو آهي. مثال طور شاهه لطيف جي ڪلام ۾ اهڙا روپ ملن ٿا، جن جو اڄڪلهه واهپو ڪونه ٿو ٿئي. جيئن ته- دوسنئان (دوسن+آن)، ڏاگهنئون (ڏاگهن+ون)، ڪُلهنئون (ڪلهن+اون)، هيجا (هيج+آ)، مونهان (مون+هان)، هُننئان (هنن+آن).

(8) سنڌيءَ ۾ اسين ضميرن کي پڇاڙين جي روپ ۾ اسم، حرف جر ۽ فعل ۾ لڳائي پڻ استعمال ڪندا آهيون. سنڌيءَ ۾ اها اهڙي خاصيت آهي، جيڪا ڀارت- پاڪ اُپکنڊ جي ٻين ٻولين ۾ گهڻو ڪري ڪانه ٿي ملي. اهو طريقو ملتاني ۽ ڪشميري ٻولين ۾ پڻ ملي ٿو. پر جيترو گهڻو استعمال سنڌيءَ ۾ آهي، اوترو انهن ٻولين ۾ نه آهي. مثال طور- پُٽس (هن جو پٽ)، سسڻس (هن جي سس)، ڀاڻهين (تنهنجو ڀاءُ)، کيس (هن کي)، وٽس (هن وٽ)، چيومانس (مون هن کي چيو)، لکيائينس (هُن، هُن کي لکيو)، ڏنُئس (تو هن کي ڏنو).

(9) هاڻوڪين هند- آريائي ٻولين ۾ ڪرمڻي پريوگ گهڻو ڪري فعل معاون جي استعمال ذريعي ظاهر ڪيو وڃي ٿو. جيئن ته چور پڪڙيو ويو، دشمن ماريا ويا. سنڌيءَ ۾ ڪرمڻي پريوگ جوڙڻ جو هڪ ٻيو به طريقو آهي، انهيءَ موجب مکيه فعل جي ڌاتوءَ ۾ ڪرمڻي پريوگ ڏيکاريندڙ /اِج/يا/ج/نشاني لڳائبي آهي، جيئن ته:

 

ڪرتري پريوگ                ڪرمڻي پريوگ

هو ماري ٿو.           هو مارجي ٿو.

هو پڪڙن ٿا.          هو پڪڙجن ٿا.

هنن مثالن ۾ ’مارجي‘ ۽ ’پڪڙجڻ‘ فعلن ۾ /اِج/ نشاني لڳل آهي، جيڪا ڪرمڻي پريوگ ڏيکاري ٿي. سنڌيءَ اهو طريقو سنسڪرت ۽ پراڪرت کان ورثي ۾ حاصل ڪيو آهي ۽ اڃا تائين پاڻ وٽ سلامت رکيو آهي. ٻئي طرف ٻين آريه ٻولين ۾ اهڙا روپ هاڻي ڪتب نٿا اچن. سنسڪرت ۾ ڪرمڻي پريوگ ٺاهڻ لاءِ فعل جي بنياد ۾ /ي/ نشاني لڳائبي آهي، اها پراڪرت ۾ بدلجي /ايئه/ يا /اِج/ ۽ سنڌيءَ ۾ /اِج/يا /ج/ ٿي آهي.

سنسڪرت            پراڪرت                 سنڌي

پيپِتي (پئجي ٿو)     پِيئجَئي              پيئجي

گِييَتي (ڳائجي ٿو)    گائِجئَه                        گائجي

سنسڪرت ۽ پراڪرت وانگر سنڌيءَ  ۾ اسين فعل لازميءَ ۾ پڻ اهي پڇاڙيون لڳائي سگهندا آهيون. اهڙن فعلن وارا جملا ڀاوي پريوگ جا مثال آهن. جيئن ته، سنسڪرت: جيويتي (جيئجي ٿو)، پراڪرت: جيئجئي، سنڌي: جيئجي. سنڌيءَ ۾ ٻيا مثال آهن: هلجي، نچجي، بيهجي، وغيره.

(10) سنڌيءَ ۾ اسم مفعول (Past Participle) ٺاهڻ لاءِ فعل جي بنياد ۾ /ي/ نشاني لڳائبي آهي. جيئن ته پڙهيو، لکيو، ڊوڙيو. پر سنڌيءَ ۾ ڪيترائي اسم مفعول اهڙا آهن، جن جا روپ /ي/ لڳائڻ سان ان ريت نٿا ٺهن. انهن کي بي قاعدي اسم مفعول چيو وڃي ٿو. حقيقت ۾ سنڌيءَ ۾ اها بي قاعدگي سنسڪرت ۽ پراڪرت جي آڳاٽن اسم مفعول جي روپن کي پاڻ وٽ سانڍي رکڻ ڪري پيدا ٿي آهي. هيٺ ڏنل ڪجهه مثالن مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي.

سنسڪرت     پراڪرت               سنڌي

تپت           تَت                     تتو

گياتَ          جاڻئه                   ڄاتو

لَبڌَ             لَڌ                      لڌو

گهرشٽَ        گَٺ                    گٺو

ڀڳنَ           ڀگ                    ڀڳو

تُشٽَ          تُٺءِ                    تُٺو

سنڌيءَ ۾ اهڙن بي قاعدي اسم مفعولن جو تعداد اٽڪل ٻه سؤ کن آهي. ٻين هند- آريائي ٻولين ۾ ان طرح جا بي قاعدي ٺهيل اسم مفعول هاڻي گهڻي قدر نٿا ملن.

(11) فعل متعدي ۽ فعل لازمي ۾ /اِب/ نشاني لڳائي سنڌيءَ ۾ ڪردنت ٺاهبا آهن. جيئن ته: کائبو، هلبو، وغيره. اهڙا روپ ٻين ٻولين ۾ ورلي آهن، پر سنڌيءَ ۾ اهي سنسڪرت ۽ پراڪرت جي قاعدن موجب ٺهيل آهن. سنسڪرت جي /تويه/ پڇاڙي پراڪرت ۾ /تَو/ ۽ سنڌيءَ ۾ /اِب/ ۾ بدلي آهي.

سنسڪرت     پراڪرت               سنڌي

نرتِتويه         نَچئو                   نَچبو

شروتَويه سُڻئو                   سُڻبو

هَنتويه          هَڻئو                   هَڻبو

(12) وياڪرڻ جي جهونن روپن وانگر اسان جي سنڌي ٻوليءَ ويدن واري سنسڪرت، ڪلاسيڪل سنسڪرت، پراڪرت ۽ اپڀرنش جا ڪيترائي آڳاٽا لفظ پڻ هوبهو ساڳيءَ صورت ۾ يا ٿوري گهڻي تبديليءَ سان پاڻ وٽ سنجوئي رکيا آهن. هتي اهڙن لفظن جا ڪجهه مثال ڏجن ٿا: جيڪي سنڌيءَ ۾ تدڀوَ (ٿوري بدليل) صورت ۾ سلامت آهن.

        سنسڪرت             سنڌي

        اَناسهه                  اَڻاسو

        جوريه                   جهورُ

        يوُت                    جُوءِ (جاءِ)

        وَلڀَ                    وَلهو

        جنيه                    ڄـڃ

        اَنگارڪَ- وار            اڱارو

آدِتيه- وار              آچر

شاهه لطيف جي ڪلام ۾ جهونا پراڪرت ۽ اپڀرنش لفظ، هاڻوڪي سنڌيءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا. ڪجهه مثال ڏسو:

سنڌي                  پراڪرت               سنسڪرت

چِئَه (چتا)              چِئَه                     چِتا

رَئي (چمڪ)           رئي                    رُچي

نيرَ (زنجير)            نِئرَ                     نِگڊِ

رانءُ (رسي، ڌاڳو)      راءُ                      رَجُ

رائُرَ (حڪومت         رائُرَ                     راجڪـَـرَ

طرفان ٽئڪس)

ڌاءُ (ڌاتو)               ڌاءُ                      ڌاتوُ

اوڙ (قطار)              اول                     آولي

گجرات جي عالم آچاريه هيمچندر (1088- 1172ع) ’ديشي نام مالا‘ نالي تيار ڪيل ديشي لفظن جي ڊڪشنريءَ ۾ ڪيترائي ديشي لفظ ڏنا آهن، جيڪي ساڳئي يا ڪي قدر بدليل صورت ۾ اڄ پڻ سنڌيءَ ۾ ڪتب اچن پيا. جيئن ته:

ڏونگر (ڊونگور)، مينڊا (وارن جون چڳون- موڊو)، وانڍو (ڪنوارو- ونٺو)، ڇوهه (تيز وهڪ- ڇوهو)، اوڍڻ (بدن کي ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو- اوڍڻ).

سنڌيءَ ۾ رشتو ڏيکاريندڙ لفظ پڻ ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن. مٽي مائٽي ڄاڻائڻ لاءِ جتي اردو، هندي وغيره ٻولين ۾ ٻه- ٽي لفظ ڪتب آڻڻا پون ٿا، اُتي سنڌيءَ ۾ هڪ لفظ استعمال ٿئي ٿو. مثال طور:

        سنڌي          هندي-اردو

        سؤٽ          چچيرا ڀائي

        ماروٽِ         مميرا ڀائي

        ماروٽِ         مميري بهن

        ماساتُ         موسيرا ڀائي

        ماساتِ         موسيري بهن

        پڦاٽُ           ڦوڦيرا ڀائي

        پڦاٽِ           ڦوڦيري بهن

        نراڻوٽُ         نند کا لڙکا

        ڏيروٽُ          ديور کا لڙکا

        سيڻوٽُ                سَمڌي کا لڙکا

ان طرح، پسون- پکي، جيوَ- جنت، جڙيون- ٻوٽيون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون آهن، جن لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ خاص جدا جدا ۽ تز معنيٰ ڏيکاريندڙ لفظ ملن ٿا. انهيءَ جي ساک ڀليءَ ڀت ”جامع سنڌي لغات“ (سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ) جي پنجن ڀاڱن مان ملي سگهي ٿي. شاهه لطيف جي ڪلام ۾ به جهونن سنڌي لفظن ۽ وياڪرڻ جي آڳاٽن روپن جو اکٽ ڀنڊار نظر اچي ٿو. ان تي الڳ مضمون ۾ روشني وڌي ويندي.

هن مضمون ۾ ڪجهه مثال ڏيئي، ٿوري ۾ اها حقيقت ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ جو ڀارت- پاڪ اُپکنڊ جي آڳاٽين ٻولين (ويدن جي سنسڪرت، ڪلاسيڪل سنسڪرت، پراڪرت، اپڀرنش) سان گهاٽو لاڳاپو آهي. ڪيترائي آڳاٽا لفظ ۽ وياڪرڻ جا روپ، جيڪي هاڻوڪين ٻين هند- آريائي ٻولين مان گم ٿي ويا آهن، اهي سنڌيءَ اڃا تائين پاڻ وٽ حفاظت سان سانڍي رکيا آهن. ان لحاظ کان اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي مڙني هند- آريائي ٻولين ۾ گهڻي اهميت ڏني ويئي آهي.

                            )مهراڻ: 4/1988ع(

 


 

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

مخدوم بلال - هڪ محب وطن بزرگ

هت اسين سنڌ جي انهيءَ محب وطن ۽ مرد مجاهد بزرگ جا حالات پيش ڪريون ٿا، جنهن سنڌ کي غيرن جي غلاميءَ کان بچائڻ لاءِ مجاهدانه جدوجهد ڪندي، شهادت جو جام نوش فرمايو. سنڌ جي هن وطن دوست شخصيت ديس کي ڌارين جي غلاميءَ کان بچائڻ لاءِ، سنڌ جي سورمن ۾ ساڻيهه جي سِڪ جو اهو روح ڦوڪيو، جو ٽلٽيءَ جي ميدان تي قومي يُڌ لڙندي ڪيئي ڪونڌر ڪُسي ويا. سنڌ جي هن سدا حيات سرويچ ۽ سورهيه نه فقط سنڌ جي جوڌن جوانن کي سندن لشڪر سميت، هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري، قومي لڙائيءَ لاءِ اُڀاريو، پر پنهنجن مريدن ۽ خليفن کي به لڙائيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جو حڪم ڏنو. اهڙيءَ طرح انهيءَ خيال کي غلط ثابت ڪيائين ته صوفي صرف حجرن ۾ وهندا آهن. سنڌ جي هن سورمي جي ڪوشش جي باوجود به قضا جو قلم وهي ويو، ڪيئي ڪوپا قربان ٿي ويا ۽ ديس ڌارين جي غلاميءَ ۾ اچي ويو. تنهن کان پوءِ هن سٻاجهيءَ سرزمين تي ڪيئي ويل وهيا ۽ اٻوجهه عوام سان ڪيئي عقوبتون ٿينديون رهيون. ان کان پوءِ شاهه بيگ جي پٽ شاهه حسن جا بکر، اُچ ۽ ملتان تي حملا، تباهيون ۽ خونريزيون، همايون جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ ارغونن سان جهڙپون، ارغونن ۽ ترخانن جي هڪٻئي سان آويزش ۽ خانه جنگي، مرزا عيسيٰ خان ترخان ۽ سلطان محمود بکريءَ جون لڙايون، گوا جي عيسائين (پورچوگيزن) جو ٺٽي ۾ اچي قتل عام ڪرڻ، ڦُر ڪرڻ، ”ڦُر به اهڙي جو سڄي ايشيا ۾ اهڙي ڦُرلٽ ڪا ورلي ٿي هوندي“ (سنڌ گزيٽيئر، ص 105)، ۽ ٺٽي کي باهه ڏيڻ، مرزا عيسيٰ ترخان جي پٽن جو هڪٻئي سان تخت ۽ تاج لاءِ وڙهڻ، مرزا باقيءَ جون ٺٽي ۽ سنڌ ۾ خونريزيون، ظلم ۽ ڏاڍ، آخر ۾ جاني بيگ ۽ عبدالرحيم خان خانان جي لڙائي (999هه)، جنهن ۾ سنڌ وڃي مغلن جي قبضي ۾ پهتي، ۽ ان لڙائي هارائڻ کان اڳ جاني بيگ جو ٺٽي کي باهه ڏيڻ. سنڌ جو عوام انهن لڙاين ۽ خونريزين جي ڪري ڏُڪر ۾ پاهه ٿي، امن امان ۽ سک سلامتيءَ لاءِ سڪندو رهيو، ڌارين جي ظلم ۽ ڏاڍ جي گهاڻي ۾ پيڙهبو رهيو ۽ ٺٽي جهڙو مهذب ۽ متمدن شهر ويو ناس ٿيندو!

نالو، نسب ۽ ولادت:

مخدوم صاحب جو نالو بلال هو ۽ ذات جو سمو هو. سندس والد جو نالو مخدوم حسن هو. سندس ڏاڏو مخدوم ادريس سنڌ جي مشهور سمي حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جو ڀاءُ هو(1). روايتن ۾ اچي ٿو ته مخدوم بلال جو والد بزرگوار مخدوم حسن لس ٻيلي جو حاڪم هو. هڪ روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم بلال جي ولادت 4 -ربيع الاول 856هه (16 - جون 1451ع) ۾ ٿي. محترم جي.ايم.سيد صاحب ڄاڻايو آهي ته هو غالباً نائين صدي هجري جي پوئين اڌ ۾ ڄائو هوندو(2).

تعليم: مخدوم صاحب کي ننڍپڻ کان ئي ديني تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق هو. ابتدائي تعليم ٺٽي جي مدرسن مان پرايائين. وڌيڪ تعليم لاءِ سيد نورحسين شاهه بخاري ٺٽوي جو نالو ٻڌي ڳوٺ ٽلٽي لڳ سيوهڻ آيو، جتي سيد صاحب درس و تدريس جو سلسلو هلائي رهيو هو. شاهه صاحب، مخدوم صاحب جي علمي شوق ذوق ۽ ذهانت کي ڏسي ڏاڍو متاثر ٿيو، ۽ کيس محبت ۽ شفقت جي نظر سان ڏسڻ لڳو. ڳوٺ جي دڪاندار محمد خان ميمڻ کي چئي ڇڏيائين ته بلال جيڪي به وٺيئي، اهو کيس ڏجانءِ ۽ پئسا مون کان وٺجانءِ ۽ بلال کي به اهڙو اطلاع ڏئي ڇڏيائين. بلال ته اڳ ۾ ئي علم حاصل ڪرڻ لاءِ اميرانه زندگي ترڪ ڪري نڪتو هو، انهيءَ ڪري دنيوي ٺاهه ٺوهه ڏانهن سندس ڪوبه ڌيان ڪونه هو. اهوئي سبب آهي، جو هـَـٽ واري کان ڪابه شيءِ وٺڻ جي کيس ضرورت پيش نه آئي. البته اُستاد جي حڪم مڃڻ جي ارادي سان سڄي سال ۾ هَٽَ واري کان هڪ پئسي جون ڀُڳڙن جون کلون وٺي، استاد جي فرمانبرداريءَ جو حق ادا ڪيائين. ٻارهين مهيني شاهه صاحب جڏهن دڪاندار کان حساب گهريو، ته کيس حقيقت معلوم ٿي. اهو ڏسي هو مخدوم صاحب جي علم ۽ ذهانت سان گڏ زهد ۽ تقويٰ جو حال معلوم ڪري، بيحد متاثر ٿيو. ان کان پوءِ ته اڃا به وڌيڪ کيس عزت ۽ محبت سان پيش اچڻ لڳو(3).

ٽلٽيءَ ۾ ئي مخدوم صاحب سيد نورحسين شاهه کان سواءِ مخدوم عمر کان به تعليم حاصل ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح ديني علمن جهڙوڪ: تفسير، حديث ۽ فقـہ ۾ ڪمال حاصل ڪيائين. تاريخ معصوميءَ جو صاحب مير معصوم بکري لکي ٿو: ”تفسير ۽ حديث جي علم ۾ تمام ماهر هو. بلند درجن جو مالڪ هو. سندس سمورن حالات ۽ ڪمالات جي لکڻ جي قلم کي ڪابه طاقت ڪانهي“(4). تحفـة الڪرام جو صاحب لکي ٿو ته: ”وڏو عارف ۽ واصل بالله هو. ظاهري علم ۾ پڻ وڏو شان رکندو هو“(5). سندس علم جي هاڪ جلد ئي پري پري تائين پکڙجي ويئي ۽ ڪيترائي علم جا اُڃايل، پرانهن پنڌن تان ڪهي اچي وٽانئس علم پرائڻ لڳا.

قيام: ديني ۽ روحاني تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ مخدوم صاحب اُتان ئي شادي ڪئي، ۽ اُتي ئي رهي پيو. حلال روزي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪپڙي اُڻڻ جو ڌنڌو اختيار ڪيائين ۽ ٽلٽيءَ لڳ ڳوٺ ”بخاري“ ۾ ڪورڪي ڪـِـرت شروع ڪيائين(6).

انهن ڏينهن ۾ مخدوم دانيال نالي هڪ بزرگ ”شهر ٽڳڙ باغبان“ ۾ رهندو هو. اهو ڳوٺ هينئر ”باغبان“ جي نالي سان تعلقي دادو ۾ مشهور آهي. مخدوم دانيال جا ڪيترائي مريد هئا، جن مان هڪ شيخ ڀرڪڻ ذات ملڪ، گهڻو مشهور هو. مخدوم دانيال جيتوڻيڪ وڏي روحاني مرتبي وارو بزرگ هو، تڏهن به پنهنجي روحاني طلب جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ ڪنهن خدارسيده بزرگ جي ڳولا ۾ هوندو هو. انهيءَ جستجو ۽ ڳولا ۾ ٽلٽيءَ جي ڀرسان ڳوٺ بخاري ۾ مخدوم بلال وٽ پهتو ۽ کانئس ڏاڍو متاثر ٿيو. آخر کيس ميڙمنٿ ڪري پنهنجي ڳوٺ ”باغبان“ وٺي آيو. مخدوم بلال ”ٽڳڙ باغبان“ ۾ به ساڳيو ڪورڪو ڌنڌو اختيار ڪيو(7). ان کان سواءِ مسجد ”بيگو شهيد“ (جيڪا اڄ به سلامت آهي) ۾ درس و تدريس جو به سلسلو جاري ڪيائين. جيڪي طالب هئا، انهن کي روحاني فيض به ڏيڻ شروع ڪيائين. مخدوم دانيال ۽ سندس مريد به سندس روحاني فيض مان مستفيض ٿيڻ لاءِ سندس صحبت ۾ رهڻ لڳا. ڪجهه وقت کان پوءِ سيد حيدر شاهه سن وارو به نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ارشاد موجب اچي سندس مريد ٿيو. ان سان گڏ ٻيا به ڪيترائي حق جا طالب سندس مريد ٿيا(8).

طريقت جو سلسلو:

تصوف جي طريقن جا چار سلسلا آهن: قادري، سهروردي، نقشبندي ۽ چشتي. هرهڪ سلسلي جون ڪيتريون ئي شاخون آهن. مخدوم صاحب سهروردي طريقي جي شاخ ”ڪبرويه“ سان وابسته هو(9). سندس طريقت جو سلسلو، سلسلي جي باني شيخ نجم الدين ڪبريٰ خوارزمي سان هن طرح وڃي ملي ٿو: ”مخدوم بلال مريد دوست علي سيوستاني، اهو مريد سيد شمس الدين علي همداني (متوفي سنه 786هه)، اهو مريد شيخ شمس الدين مزوقاني (وفات 766هه)، اهو مريد ابوالمڪارم علاؤالدين سماني (متوفي 22- رجب سنه 736هه)، اهو مريد نورالدين عبدالرحمان اسفرائني (متوفي 14- جمادي الاول سنه 695هه)، اهو مريد جمال الدين احمد جوزقاني (وفات 669هه)، اهو مريد رضي الدين علي لالا غزنوي (متوفي 3- ربيع الاول سنه 642هه)، اهو مريد شيخ مجدد الدين بغدادي (وفات 617هه)، اهو مريد شيخ نجم الدين احمد بن عمر ڪبريٰ خوارزمي (ولادت 540هه خيوا ۾، ۽ تاتارين جي جنگ ۾ شهادت 10- جمادي الاول 616هه)(10).

سيد محمد غوثي برهانپوري پنهنجي ڪتاب ”گلزار ابرار“ ۾ لکيو آهي: ”مخدوم صاحب حق جو عارف ۽ خلق ۾ معروف هو. هدايت سنڌي جي روايت آهي ته هڪ رات مخدوم صاحب خلوت خانه ۾ مطالعي ۽ مشاهدي ۾مشغول هو ته کيس اُڃ لڳي. جيئن ئي پاڻي پيئڻ لاءِ ٻاهر آيو ته ٻاهر حضرت خواجه خضر کي موجود ڏٺائين. پوءِ ان وٽان جيڪو فيض ملڻو هوس، سو مليس، ۽ جيڪو ڪجهه وٺڻو هوس، سو ورتائين(11).

مٿين بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم صاحب حضرت خواجه خضر کان روحاني فيض حاصل ڪيو، پر طريقت ۾ سندس مرشد شيخ دوست علي سيوستاني يا سيوهاڻي هو، جنهن جي طريقت جو سلسلو شيخ نجم الدين ڪبريٰ سان ملي ٿو. مٿئين بيان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته مخدوم صاحب کي مطالعي جو به شوق هو. هڪ ٻي روايت مان به ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي، ۽ خبر پوي ٿي، ته هو شيخ نجم الدين ڪبريٰ جي مرشد ابوالنجيب عبدالقاهر سهرورديءَ جي ڀائٽي ۽ مريد شيخ شهاب الدين عمر سهرورديءَ جو تصوف تي لکيل مشهور ڪتاب ”عوارف المعارف“ جو مطالعو ڪندو رهندو هو. حامد بن فضل الله جمالي ”سيرالعارفين“ ۾ لکيو آهي:

”سيوهڻ جي ڀرسان ”بحري(1)“ نالي ڳوٺ آهي. ان ڳوٺ ۾ هڪ درويش هو، جنهن جو نالو مولانا بلال هو. هو تمام گهڻي رياضت ڪرڻ وارو ۽ اعتقاد جو پڪو هو. جڏهن مان سندس ڳوٺ ۾ ويس، ته ساڻس ملاقات ڪيم. ان جي اڳيان عوارف (عوارف المعارف) رکيو هو. هن حقير (جمالي) سان ان ڪتاب جي ڪن مقامات تي سندس خيالن جي ڏي- وٺ ٿي. هو صاحب دل انسان هو(13)“.

جيئن ته مخدوم صاحب جو تعلق سهروردي سلسلي ۾ ان جي شاخ ڪبرويه سان هو، انهيءَ ڪري ان جو مختصر تعارف هيٺ ڏجي ٿو:

سهروردي سلسلو:

سهروردي سلسلي جو بنياد حضرت شيخ ضيا ِّ الدين ابونجيب عبدالقاهر سهروردي وڌو. سندس نسب جو سلسلو حضرت ابوبڪر صديق رضه جن  سان هن طرح ملي ٿو: ”شيخ ضيا ِّ الدين ابوالنجيب بن عبدالله بن محمد بن عبدالله بڪري المعروف به شيخ عمويه بن سعد بن حسين بن قاسم سعد بن نصر بن عبدالرحمان بن قاسم بن محمد بن ابوبڪر صديق رضه“(13).

حضرت شيخ ابوالنجيب جي ولادت سهرورد ۾ سنه 490هه/ 1097ع ۾ ٿي. بغداد جي مدرسه نظاميه مان ديني علمن جي تحصيل کان پوءِ انهيءَ مدرسي ۾ ٻه سال مدرس ٿي، درس و تدريس جو سلسلو جاري رکيائين. طريقت ۾ امام محمد غزاليءَ جي ڀاءُ شيخ احمد غزالي جو فيض يافته هو، جنهن جي طريقت جو سلسلو سيد الطائفه حضرت جنيد بغداديءَ ڏانهن منسوب سمجهيو ويندو آهي. حضرت ابوالنجيب، غوث العالم سيد عبدالقادر جيلانيءَ کان به فيض پرايو. ان کان سواءِ حضرت غوث العالم جي روحاني پيشوا شيخ ”حماد باس” کان به فيض حاصل ڪيائين.

روحاني فيض سان مالامال ٿي، سلوڪ جي راهه جي سڪايلن کي فيض ڏيڻ شروع ڪيائين. ان مقصد سان بغداد ۾ هڪ خانقاهه قائم ڪيائين، جتي سدائين وعظ ۽ هدايت جي مجلس گرم رهندي هئي. سنه 1161هه ۾ اسلامي ملڪن جي سياحت به ڪيائين.

صوفي بزرگ ۽ مصلح هجڻ سان گڏ، هو وڏو عالم ۽ فاضل به هو. اسلامي تصوف ۽ اسلامي تعليم تي ڪجهه ڪتاب به لکيائين، جن مان فقط ٻه ڪتاب: ”آداب المريدين“ ۽ ”شرح اسما ِّ الحسنيٰ“ دنيا جي لاهن چاڙهن کان بچي سگهيا آهن. سنه 564هه/1168ع ۾ بغداد ۾ وفات ڪيائين ۽ اتي ئي مدفون ٿيو(14). پويان ڪيترائي معرفت جا صاحب ڇڏيائين، جن سندس ڪم کي اڳتي وڌايو. سندس ڀائٽي حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي (ولادت 539هه =1145ع ۽ وفات 632هه = 1234ع) سندس سلسلي کي ”سهروردي سلسلي“ جي نالي سان جاري  رکي وڏي اوج تي رسايو. شيخ ابوالنجيب جي ٻين وڏن خليفن جي نالن پٺيان تصوف جا جدا جدا سلسلا شروع ٿيا، ڪبرويه، شطاريه ۽ فردوسيه. حضرت مخدوم بلال ڪبرويه سلسلي سان وابسته هو.

ڪبرويه: هن شاخ جو باني شيخ نجم الدين ڪبريٰ ابوالجناب احمد بن محمد عمر بن محمد خوارزمي هو. هن جون وري ٻه شاخون ٿيون: هڪ شيخ سيد علي بن شهاب حسيني همداني جي آهي، جيڪا ”ڪبرويه“ سڏي ويئي. ٻي ”فردوسيه“ سڏي ويئي، جنهن جو باني هند ۾ شيخ شرف الدين احمد بن يحيٰ منيري هو.

حضرت شيخ نجم الدين ڪبريٰ، حضرت شيخ ابوالنجيب جي وڏي خليفي عمار ياسر کان مستفيض هو. حضرت عمار، مريدن جي تربيت ۽ ڪشف ۾ وڏو استعداد رکندو هو. شيخ نجم الدين ڪبريٰ پنهنجي ڪتاب ”فوائدالحال“ ۾ لکيو آهي، ته ”جڏهن شيخ عمار جي خدمت ۾ پهتس، تڏهن منهنجي دل ۾ خيال آيو، ته مان عالم ته وڏو آهيان، پر جيڪڏهن فتوحات غيبي جي نعمت به حاصل ٿئي، ته ڪهڙو نه سٺو ٿئي، ته جيئن منبر تي بيهي حق جي طالبن جي رهنمائي ڪريان.“ حضرت ڪشف جي ذريعي منهنجي مراد معلوم ڪري ورتي، ۽ فرمايائون: ”پهريائين نيت درست ڪر، پوءِ خلوت ۾ اچ.“ نادم ٿي پوئتي موٽيس. سڀئي ڪتاب طالبن ۾ ورهائي ڇڏيم. ڇڙو هڪڙو جبو وڃي بچايم، جو پاتل هو. باقي ٻيو ڪجهه به پاڻ وٽ نه رکيم. دل ۾ فيصلو ڪيم، ته هي خلوت خانو منهنجي قبر ۽ هي جبو منهنجو ڪفن آهي، هينئر ڪنهن به صورت ۾ ٻاهر نه نڪرندس.جيڪڏهن ڪڏهن ٻاهر نڪرڻ جو خيال آيو به ته ان جبي کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ جو عورت جي ستر جو ذريعو نه رهندو ۽ شرم ۽ حيا ٻاهر نڪرڻ نه ڏيندو. اها نيت وٺي شيخ جي خدمت ۾ پهتس. پريان ئي ڏسي فرمايائون: ”هينئر تنهنجي نيت درست آهي، اندر اچ، جو انهيءَ حال ۾ تنهنجو اچڻ، تنهنجي لاءِ مبارڪ آهي.“ شيخ اهڙو توجهه فرمايو، جو فتوحات باطني جا سمورا دروازا کلي ويا.(15)

حضرت شيخ عمار سن 852هه (1186ع) ۾ انتقال ڪيو(16). شيخ نجم الدين ڪبريٰ، حضرت شيخ ابوالنجيب جي ٻئي خليفي شيخ روز بهان مصري کان به فيض پرايو، جنهن جو وطن گارزون هو، پر رهندو مصر ۾ هو. هر وقت مٿس استغراق جو عالم طاري رهندو هو. جڏهن شيخ نجم الدين ڪبريٰ سندس خدمت ۾ پهتو ته هو کانئس ايترو متاثر ته ٿيو، جو پنهنجو نياڻو ڪري، پنهنجو فرزند بنايائين. شيخ روز بهان سنه 584هه (1188ع) ۾ فوت ٿيو ۽ مصر ۾ مدفون ٿيو(17).

روحاني منزل:

حضرت مخدوم بلال جي باطني ڪمال بابت تحفـہ الڪرام جي صاحب لکيو آهي: ”رات جو پاڻيءَ سان ڀريل هڪ ڪونار ۾ ويهندو هو، ته سندس ذڪر جي جوش ۽ حال جي غلبي کان پاڻي جانڊاهه وانگيان چڪر هڻڻ لڳندو هو. سوير صبح جو ٻاهر نڪري ويندو هو، ته به پاڻي چڪر ۽ جوش ۾ هوندو هو. جيستائين درياءَ ۾ هاريندا هئس، تيستائين بس نه ڪندو هو.(19).“

سندس باطني ڪمال بابت ٻي به هڪ روايت آندي اٿس، جا ان کان اڳ ۾ معصوميءَ جي صاحب به آندي آهي. لکي ٿو: ”هڪ ڀيري سلطان العارفين مخدوم لعل شهباز جي زيارت لاءِ ٽلٽيءَ کان سيوهڻ وڃي رهيا هئا ۽ درياءَ ٽپڻ جي خيال کان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺا. ٻيڙيءَ واري عادت موجب بـَـدشُد ۽ اجايو بڪڻ شروع ڪيو ۽ ڪنهن جي به چوڻ سان بس نٿي ڪيائين. مخدوم صاحب پنهنجي ٽوپي کڻي سندس مٿي تي رکي ته هو هڪدم قال الله ۽ قال رسول الله ۾ مشغول ٿي ويو. جيستائين ٽوپي مٿي تي هيس، تيستائين اهو حال هوس. ٻيڙيءَ تان لهڻ کان پوءِ ٽوپي لاٿائونس ته وري اڳي وانگر بڪواس ۾ پئجي ويو. سقيَئي مسافر عجب ۾ هئا. بيشڪ اهي ئي بزرگ آهن، جي مئل دلين کي جيئرو ڪن ٿا(20)“.

ميران محمد جونپوري سنڌ ۾: سيد محمد المعروف به ميران محمد جونپوري سنه 847هه (1443ع) ۾ تولد ٿيو. سندس والد جو نالو سيد حسن هو. سندس نسب جو سلسلو امام موسيٰ ڪاظم سان ملي ٿو. وڏو عالم، فاضل ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. جونپور کان نڪتو ۽ مالوهه، گجرات ۽ دکن مان ٿيندو مڪه معظمـہ ويو، جتي سنه 901هه (1495ع) ۾ مهدويت جي دعويٰ ڪيائين. ان کان پوءِ مديني منوره وڃڻ کان سواءِ ئي پوئتي موٽيو. واٽ تي ڪجهه ماڻهو سندس مريد ٿيا، جن مان ڪي ساڻس گڏجي هليا. موٽي اچي احمدآباد ۾ رهيو ۽ وعظ ۽ نصيحت ذريعي ماڻهن ۾ روحانيت جي تبليغ ڪيائين. مهدويت جي دعويٰ سبب عالمن سندس سخت مخالفت ڪئي، جنهن ڪري گجرات جي حاڪم سلطان محمود کيس احمدآباد مان ڪڍارائي ڇڏيو.

اتان نڪري ”سوله تيج“، ”نهرواله پيران پٽن“، ”ناگور“، ”بڙلي“، ۽ ”جيسلمير“ کان ٿيندو سنڌ ۾ داخل ٿيو. پهريائين نصرپور آيو، ۽ پوءِ ٺٽي ۾ اچي ارڙنهن مهينا سلطان سامٽيه جي خانقاهه ۾ رهيو. هتي به ساڳيو ئي وعظ ۽ نصيحت جو سلسلو جاري رکيائين. سنڌي زبان جو شاعر قاضي قاضن، مولوي مرزا شاهين بکري، شيخ صدرالدين، مولوي شيخ الياس، پير آسات، شيخ جهنڊو پاتڻي، قاضي شيخ محمد اُچي جعفري، ميان ابوبڪر بکري، سنڌ جي حاڪم ڄام نندي جو وزير دولهه دريا خان ۽ ٻيا ڪيترا عالم سندس مريد ٿيا(21).

مخدوم بلال سندس عقيدن جي ڪري سخت مخالفت ڪئي. سنڌ جي ٻين ڪيترن عالمن به سندس مخالفت ڪئي. انهيءَ ڪري حڪومت طرفان کيس سنڌ مان نڪري وڃڻ جو حڪم مليو. آخر ٽي سؤ سٺ ساٿين سان سنڌ مان نڪري قنڌار پهتو. جڏهن سنڌ مان لنگهي رهيو هو، ۽ پنهنجي مهدوي طريقي جي اشاعت به ڪندو ٿي ويو، تڏهن مخدوم بلال جي خليفي شاهه حيدر سن واري جي طرفان سندس کلي مخالفت ٿي، جنهن ۾ چوڻ ۾ اچي ٿو ته مخدوم صاحب (ميران محمد جونپوري) جي رسد جي هڪ ٻيڙي به ٻڏي ويئي(22).

قنڌار ۾ ميران محمد جونپوريءَ جي مخالفت ٿي. البت شاهه بيگ ارغون سندس معتقد ٿيو، جنهن پوءِ سنڌ تي حملو ڪيو ۽ مخدوم بلال ان جي سخت مخالفت ڪئي. آخر قنڌار مان به نڪرڻ تي مجبور ٿيو ۽ ”فراه“ شهر ۾ پهتو، جتي سنه 910هه (1504ع) ۾ وفات ڪيائين(23).

سنڌ جي سياسي حالت: شروع واري زماني ۾ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي (وفات 1508ع) جي حڪومت هئي. ملڪ ۾ امن امان هو ۽ علم ۽ فضل جو دؤر دورو هو. سنڌ حڪومت جون حدون نهايت وسيع هيون. بلوچستان جو ڪجهه حصو، ملتان ۽ بهاولپور جو ڪجهه حصو، لس ٻيلو ۽ ڪڇ جو حصو سنڌ جي حڪومت ۾ شامل هئا(24). سندس ڏينهن ۾ ٺٽي جي نئين سر تعمير ٿي، جتي ٿوري وقت ۾ پري پري جا ڪيترائي عالم، درويش ۽ هنرن جا ماهر اچي گڏ ٿيا. انهيءَ ڪري ٺٽو تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز ٿي ويو ۽ بغداد ۽ قرطبه جي ڏِک ٿي ڏنائين. ٺٽي کان سواءِ بکر، روهڙي، نصرپور، مٽياري، درٻيلو، پاٽ، باغبان، سيوهڻ ۽ سن پڻ علم، تهذيب، تمدن ۽ تجارت جا مرڪز هئا. سنڌ دهليءَ جي تسلط کان آزاد ۽ مڪمل خودمختيار هئي.

انهن ڏينهن ۾ رڳو هڪ دفعو شاهه بيگ، قنڌار کان اچي اڪڙي، چانڊوڪيءَ ۽ سنويچيءَ ۾ ڦر ڪئي، پر وريس ڪجهه به ڪونه. ڄام هڪ وڏو لشڪر فساد بند ڪرڻ لاءِ چاڙهي موڪليو. سيويءَ وٽ سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ قتل ٿي ويو ۽ ٻيا شڪست کائي قنڌار موٽي ويا ۽ ڄام نندي جي ڏينهن ۾ وري سنڌ ۾ نه آيا. اهڙيءَ طرح ڄام جي حڪومت جو ايڏو سارو ڊگهو عرصو، سنڌ ڌارين جي ڪاهن ۽ تباهين کان محفوظ رهي(25).

ڄام نندي جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ڄام فيروز، جو ننڍو هو، تخت تي ويٺو. ڄام صلاح الدين جي خانگي لڙاين ۾ اميرن جي حرڪتن ڪري سنڌ جي حڪومت ڪمزور ٿي ويئي. ڄام نندي جو پٽيلو دريا خان وزير به چڱو منهن ڏيو ويٺو هو. پر آخر اميرن حرڪتون ڪري ڄام فيروز ۽ دريا خان جي وچ ۾ اڻبڻت پيدا ڪري وڌي، جنهنڪري هو استعفيٰ ڏيئي پنهنجي جاگير ”ڪاهان“ ۾ وڃي رهڻ لڳو. ان کان پوءِ ته حالتون ويتر خراب ٿي ويون. شاهه بيگ کي انهن حالتن جو پتو ڏنو ويو ۽ خود ڄام جا امير ۽ درٻاري به ان سان ٻڌجي ويا. موقعي جو فائدو وٺي هو ڪاهيندو آيو ۽ 926هه ۾ اچي ٺٽي تي حملو ڪيائين. ڪاهه جو ٻڌي، ڄام فيروز، درياخان کي پرچائي گهرايو ۽ هو سورهيه سردار، سنڌ کي بچائڻ لاءِ وري به ويڇا وساري ڪمرڪشي اچي بيٺو. دريا خان ساموئيءَ جي ميدان تي شاهه بيگ جو مقابلو ڪيو. نهايت خونريز لڙائي لڳي، جنهن ۾ سنڌ جو سورهيه، سنڌ جي آزاديءَ لاءِ وڙهندي، سنڌ تان قربان ٿي ويو. ڄام فيروز ۾ لڇڻ ڪونه هو، سو ٺٽو ڇڏي وٺي ڀڳو ۽ وڃي پير پٺي جي درگاهه ۾ لڪو. شاهه بيگ، فتح کان پوءِ 11 محرم کان 20 محرم تائين ٺٽو ڦرايو ۽ قتل عام ڪرايو. آخر اهو طوفان قاضي قاضن جي طفيل اجهاڻو. ڄام فيروز پيش پيو ۽ لڪيءَ کان هيٺيون حصو سندس حوالي ڪيائين. شاهه بيگ کيس ٺٽي ۾ رهڻ ڏنو(26).

شاهه بيگ ٺٽو فتح ڪرڻ کان پوءِ منزلون ڪندو سيوهڻ آيو. اتي جي (سيوهڻ) آسپاس جا جيڪي سورهيه سردار هئا، تن شاهه بيگ جي لشڪر پهچڻ کان اڳ ٽلٽيءَ ۾ اچي وڏو لشڪر تيار ڪيو ۽ فيصلو ڪيائون ته مئي مارائي نه رهنداسون. اهو هو ڄامن، سهتن ۽ سوڍن جو لشڪر. انهن سورهين ۾ مخدوم بلال ئي قومي روح ڦوڪيو هو. سندس ئي قومي تحريڪ جي ڪري ڄام نندي جي وزير دريا خان جي پٽن، محمود ۽ مٺڻ خان، دريا خان جي جاگير ڪاهان (ڳاهان) جي نزديڪ ماڻهو پئي گڏ ڪيا. هن قومي يڌ لاءِ مخدوم بلال، سمن ۽ سهتن کان سواءِ راڻي رڻمل سوڍي ۽ سندس ڀاءُ جوڌا سنگهه سوڍي کي به اُڀاري لڙائيءَ لاءِ تيار ڪيو. هو ٻئي ڀائر ٽلٽيءَ جي قلعي تي قبضو ڪري ويٺا ۽ وٽن سوڍن ۽ سهتن جو وڏو لشڪر هو. سنڌي سورمن کي قومي لڙائيءَ لاءِ اُڀارڻ ۾ مخدوم صاحب جو ڪيترو هٿ هو، ان لاءِ معصوميءَ جو صاحب لکي ٿو: ”جڏهن شاهه بيگ ٽلٽيءَ جي سامهون اچي لٿو، تڏهن ٽن ڏينهن کان پوءِ ٽلٽيءَ جي هڪڙي ماڻهوءَ کيس اطلاع ڏنو ته ميان محمود، مٺڻ خان، ڄام سارنگ ۽ رڻمل سوڍو خدمت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ تيار هئا، پر انهن کي ملڪ جو هڪڙو عالم ۽ مشائخ مخدوم بلال روڪي ويٺو آهي ۽ اچڻ نٿو ڏئي، بلڪ لڙائيءَ جي ترغيب ۽ جوش ڏياري رهيو آهي“(27).

شاهه بيگ قاضي قاضن کي ڏانهس نصيحت لاءِ موڪليو، پر مٿن نصيحت ڪو به اثر نه ڪيو. سڀئي لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي ويا. آخر شاهه بيگ جڏهن لاچار ٿيو، تڏهن لشڪر وٺي ٽلٽيءَ جي سامهون اچي لٿو. مير فاضل ڪوڪلتاش سان گڏ صبح جو درياهه ٽپڻ شروع ڪيائين. پهريائين ترخان، ارغون ۽ ٻيو لشڪر ٽپي تيار ٿيو. شاهه بيگ پاڻ منجهند وقت درياهه ٽپيو. ٽلٽيءَ جي ماڻهن قلعي کان نڪري جوڌا سنگهه سوڍي جي ڀاءُ رڻمل کي محافظ دستي طور اڳڀرو موڪليو. مير فاضل، جو شاهه بيگ طرفان مقدمه تي هو، سندس مقابلو ڪيو. شاهه بيگ جي پهچڻ کان پوءِ مغلن ٽلٽيءَ جي دروازي تي ڪاهه ڪئي (28) خونريز لڙائي لڳي. ڄام ۽ سوڍا ڪُسجي قربان ٿيا. معصوميءَ جو صاحب لکي ٿو: ”انهيءَ جنگ جي ميدان ۾ سوڍي عجيب لڙائي لڙي ۽ مقابلي جي ميدان ۾ ڏاڍي مڙسي ڏيکاري ۽ بيهڪ ڪري انهن مان گهڻا جوڌا سنگهه سوڍي جي ڀاءُ رڻمل سان گڏ ڪـُسجي ويا“(29).

سڀيئي جوڌا جوان محمود، مٺڻ خان، ڄام سارنگ ۽ رڻمل سوڍو مارجي ويا ۽ شاهه بيگ جي فتح ٿي. اهڙيءَ طرح سنڌ مڪمل طور غيرن جي غلاميءَ ۾ اچي ويئي. شاهه بيگ ٽي ڏينهن ٽلٽيءَ ۾ رهي، اتي جي رهاڪن لاءِ پوري بربادي آندي(30).


(1) ڳوٺ جو صحيح نالو ”بخاري“ آهي. جيئن اڳ ۾ اچي چڪو آهي. هتي ان نالي جي صورت بگڙجي ”بحري“ ٿي ويئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com