سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :6

سوال: سائين! مهراڻ جڏهن نڪتو ته ٻوليءَ جي سڌاري لاءِ ڪوشش ڪئي ويئي، نوان خيال ۽ فڪر پيش ڪيا ويا. ان بولڊنيس جي ڪري اوهان کي ڪافي ڪجهه سهڻو پيو....

جواب: سائين! اسان جا پنهنجا جيڪي اُن وقت ميمبر هئا، تن مان ڪجهه ڏُڄڻن مون کي ٻن سالن کان پوءِ ايڊيٽر طور ”مهراڻ“ ۾ پسند ئي نه ڪيو! مجبور ٿي ڪري مون کي پاسي تي ٿيڻو پيو.

ان طرح اڳتي هلي 1961ع ۾ مون کي بورڊ مان به ڪڍائي ڇڏيائون.

مون کي ڪڍيائون اُتان، پوءِ رکيائون اسان جي محبوب ميران محمد شاهه کي. ڪهڙي نه پربهار هئي سندن شخصيت! ڏٺائون ته هيئن ڪم ته ڪونه ٿو هلي. هِن کي، هـُـن کي چيائون. پوءِ آءٌ وري موٽي آيس لاهور منجهان، ته مون کي بورڊ ۾ رکيائون، جتي 1964ع کان 1967ع تائين رهيس. ته هيءُ جيڪو ماڻهو آهي ڪم ڪرڻ وارو، اُن لاءِ ڪو نه ڪو رستو نڪري اچي ٿو، ٿوري ڏاهپ ۽ گهڻي سِرَ سيتائي آهي ته! ان انداز سان اسان تي ٿوري تڪليف به ٿي. اسان تي ادبي دنيا ۾ ڪيس به ٿيا، اسان به مٿن ڪيس ڪيا. اُهو وري هڪ الڳ غور طلب ۽ سبق آموز داستان آهي، سنڌي ادب ۾ ”قديم“ ۽ ”جديد“ جي تڪرار جو.

سوال: سائين! ان طرح اديبن جون ڪافي توانايون ضايع ٿيون، جي جيڪر ٻوليءَ ۽ ادب جي واڌاري لاءِ استعمال ٿين ها، اُهي انهن جهيڙن ۽ ڦڏن فسادن ۾....

جواب: ضرور ضايع ٿيون. پر اسان جي ادبي بورڊ جي سلسلي ۾ رسالي کي ڏسو، ڪتابن کي ڏسو. اسان جيڪي ڪتاب لکارايا، يا ترجما ڪرايا يا ڇپرايا. ڪجهه ڪم ڍرا ٿيا، ٿڌا ٿيا ۽ خاص طرح اُنهن جو رُخ به ڪجهه بدلبو. تنهن هوندي به جيڪي ماڻهو آهن سي پنهنجو ڪم ڪندا رهن ٿا. مثلاً مون کي بدلي ڪيائون جيڪب آباد. اسان اُتي ”پاڪستان عوامي ادبي انجمن“ قائم ڪئي. اُن جو مئنيفيسٽو سنڌيءَ ۾ ڇپيو، پنجابيءَ ۾ ڇپيو، بينگاليءَ ۾ ڇپيو، اردوءَ ۾ ڇپيو. جنهن تان وري مون کي ڪڍي ڇڏيائون ڪوهاٽ ڏانهن. پر اياز هو ۽ ٻيا دوست هئا. ڪم ٿيندو رهندو هو. 1973ع ۾ نوڪريءَ مان فارغ ٿيس ته جيترو وقت ڪتابن جي سلسلي ۾، ڇپائيءَ ۾ يا ٻين ڪمن ۾ ذاتي طرح سان جيترو ٿي ٿي سگهيو سو ٿيو ۽ ٿئي پيو. چڱيءَ ڳالهه جي واڌ کي روڪي سگهجي ئي نه ٿو.... پر ادا سائين! اوهان به صحيح چيو ته اگر رڪاوٽون آڏو نه اچن ها، ته سنڌي ادب ۾ ڳالهه جنهن ”رُخ“ ڏانهن ۽ جنهن سيگهه سان هلي چڪي هئي، ته اُن ڏانهن ويندي ويندي اسين تمام گهڻو فائدو حاصل ڪري پئي سگهياسين.

سوال: مهراڻ ۾ اوهان هڪ سلسلو شروع ڪيو هو انعامي ڪهاڻيءَ جو،  ان جي ضرورت ڪيئن  پيش آئي؟

جواب: ان جا ٻه سبب ٿيا. هڪ ته ادبي بورڊ رسالو شروع ڪيو، ته ڪن اديبن وٽان هيءَ ڳالهه نڪتي ته ادبي بورڊ کي پئسو جو آهي ته مفت ۾ اسين ڇو لکون؟ ته هڪ ته انهن جي تقاضا هئي، ان کي پوري ڪرڻ لاءِ اسان اها رٿا شروع ڪئي، ۽ ٻيو ته انعامن جو سلسلو شارٽ اسٽوريءَ جي سلسلي ۾ ڪيوسون ته اها صنف ادب جي اسان وٽ گهڻي قدر نئين صنف به هئي، موجوده سماج جي ترت ۽ تازي عڪاسي ان ۾ ٿـِـي ٿي. انهن ٻنهي حالتن ۾ اسان کي فائدو نظر آيو، انڪري اُهو سلسلو شروع ڪيوسين.

سوال: مهراڻ ۾ هڪڙو دور اهڙو به آيو جو تخليقي  ادب کي ختم ڪيو ويو ۽ فقط ريسرچ تائين اُن کي محدود ڪيو ويو. توهان جو اُن بابت ڇا رايو آهي؟

جواب: شاعريءَ جي سلسلي ۾، جڏهن به ڪا ڳالهه نڪتي آهي ۽ موقعو ٿو ملي ڳالهه ڪرڻ جو، ته مان عرض ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان ته اسان کي جيڪا ڳالهه ڪرڻي هئي رسالي جي معرفت، ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ان جون ٻه سطحون هيون. هڪ سنڌي قوم جي خوشحالي ۽ سنڌي قوم جي وجود جي مڃتا ۽ ٻيو نئون انقلابي فڪر. ته ٻنهي جي پکيڙ لاءِ اسان لاءِ ادب کي قابل قبول ۽ هردلعزيز بنائڻ ضروري هو- ته اهڙو ادب آڻجي، جو ماڻهو هروڀرو انهيءَ کان انڪاري نه ٿين. سنڌ جي محب وطن شاعري Patriotic Poetry اسان شروع ڪئي. ان کي تمام گهڻو فروغ مليو. ”سنڌ کي ڳايو... سنڌ کي ڳايو.... وطن ... وطن...وطن!“ مخالفن چيو ته ”وطن وطن“ ڇو ٿا چئو؟ وطن جي باري ۾ ڳالهه ڪبي، ته سنڌي ماڻهو سمجهندو ته اها سنڌ جي لاءِ آهي. اسان اِهو ٻڌي هيڪاري خوش ٿياسون ته اسين به ته اِهو ٿا چاهيون! اوهين اسان کي روڪي سگهو ته روڪيو! ائين اسان کي فائدو مليو ۽ شاعرن پنهنجي سنڌ کي ڳائڻ ۾ ڪا حد ڪئي ڇا؟ ايتري گهڻي ۽ ايتري سٺي شاعري ڪئي شاعرن، جو اڳتي هلي اسان کي هڪ مجموعي جي صورت ۾ ڪتاب ڇاپڻو پيو ”قومي گيت“. انهيءَ طريقي سان، انهيءَ سان گڏ هو ۽ آهي انقلابي ڪلاس، لوئر ڪلاس: لٽريچر فار عوام جنهن کي ورڪنگ ڪلاس به چئجي ٿو، پورهيت طبقو.

تازو ڪراچيءَ ۾ هڪ ورڪشاپ ڪيائون سينٽرل گورنمينٽ وارن ته هائر ايڊيوڪيشن جي متعلق جا  ڪوشش هلي رهي آهي ته 1998ع کان وٺي 2010ع تائين جيڪو عرصو آهي، تنهن جو هو ”ويزن“ (Vision) ڪري چون ٿا، ”خواب“ ڪري چون ٿا. هي جيڪي پراڻي قسم جا ماڻهو آهن، سي جيڪا به ڳالهه ڪندا تبديليءَ جي، پاڻ کي ڪيترو به تبديل ڪن، پر ڪري ڪري وري اُنهيءَ ساڳيءَ روايتي ڳالهه تي اچي بيهندا آهن ۽ انهيءَ ئي ساڳيءَ ڳالهه کي زور وٺائيندا ته اهو سندن ”خواب آءِ. اُنهيءَ ”خواب“ جي حوالي سان هڪ ورڪشاپ ڪرايائون. اتي منهنجي دوست، احمد سليم، مون کي چوائي موڪليو ته سندن به هتي اچي هڪ مضمون پڙهو. مون کيس چيو ته جيڪي ست اٺ عنوان هـُـنن ڏنا آهن، تن مان ته آءٌ ڪنهن تي به ڪونه پڙهندس. البت Language Education of Pakistan موضوع تي اگر چئو ته مان اوهان کي لکي ڏيان. سو مان اهو پيپر لکي کڻي ويس. 34 صفحن ۾ اهو مضمون مون انگريزيءَ ۾ لکيو. اُتي پهتس ته ڏٺم ته انگريزيءَ ۾ ڳالهه پئي هلي.... مطلب آهي ته پنهنجي فائدي جي لاءِ هرڪو ماڻهو ڪوشش ڪري ٿو، جيڪڏهن اهو فائدو ايمانداريءَ تي بيٺل آهي ته ”رضاي تو دل ما شاد“... پر جي بي ايمانيءَ سان ٿو ٿئي، ته ان کان پرهيز ڪرڻ کپي. مصلحت ۾ اوستائين ماڻهو نه وڃي. بديءَ ڀريل ۽ بديءَ مائل دنيا ۾ نيڪيءَ جي راهه ڳولڻ ۽ وٺي هلڻ آهي پلصراط تي چڙهڻ ۽ هلڻ ته مون اُن پنهنجي مضمون ۾ تعليم ۽ تدريس مادري ٻوليءَ جي ذريعي تي ئي زور ڏنو.

سوال: توهان جي دور جو جڏهن مهراڻ ڏسون ٿا، ته تنقيد  ۽  ڇنڊ ڇاڻ کي ماڻهو برداشت به ڪندا هئا. اها ڳالهه هاڻي جهڪي ٿي ويئي آهي، ڄڻ اسان وٽ صحيح معنيٰ ۾ تنقيد جو رجحان پيدا ئي نه ٿيو آهي.

جواب: ها، مٿينءَ پلصراط واري ڳالهه مون ڪئي ئي ان صورتحال لاءِ. ”تنقيد“ زور وٺندي آهي تڏهن، جڏهن ”معيار“ جي، ڳالهه جي اُجرائيءَ سلسلي جي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي. بهتر کان ”بهتر“ ڏانهن ڪوشش تائين وڃڻ جي خواهش هوندي ته پوءِ تنقيد جو ڪم به وڌندو. بهتر ڳالهه لاءِ هڪڙي هوندي آهي پياس ۽ ٻي هوندي آهي ان لاءِ تلاش. جيتري تائين بهتر کان بهتر جي تلاش ٿيندي اوتري تائين تنقيد به ڪامياب ٿيندي ۽ اها بامقصد به رهندي، نه ته اها آهستي آهستي ختم ٿي ويندي ۽ فائدو ڏيندي پراڻين ۽ بوسيده ڳالهين کي. 

سوال: سائين! ادبي بورڊ جا جيئن ته اوهين انتظامي معمار آهيو، جو اوهان ئي 1951ع ۾ اُن کي موجوده شڪل ڏيئي ڪم شروع ڪيو. وري 1961ع جو زمانو آهي جو سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ بورڊ جا سربراهه ٿيا، 1964ع ڌاري اوهان وري موٽي ٿا اچو بورڊ ۾، ته ان پوئين دور ۾ مخدوم صاحب جي حوالي سان اوهان جو تجربو ڪيئن رهيو. ان سلسلي ۾ ڪجهه روشني وجهندا.

جواب: مخدوم صاحب پنهنجي سر نهايت ڀلو ۽ اشراف ماڻهو هو. هر ڪنهن جي عزت ڪندو هو. نيڪ نفس هو، خير خواهه هو، پنهنجي عزت ڪرائي به ڄاڻندو هو. ساڳئي وقت سندس رتبو ۽ مجموعي طريقو اميراڻو به هو.

ان زماني ۾ جيستائين گرامي زندهه هو، تيستائين ته مهراڻ به هر طرح ٺيڪ ٺاڪ رهيو ۽ اسان جو ناشاد به لاڳيتو سندس  نائبيءَ ۾ ڪم سان واڳيل هوندو هو. گراميءَ ۾ واقعي اها ڳالهه هئي ته هـُـو هو ته مذهب ڏانهن مائل ماڻهو، پر ساڳئي وقت سنڌ دوستي ۽ عوام دوستي جيڪا هن ۾ هئي يا جنهن ورڪنگ ڪلاس مان هو پيدا ٿيل هو، ته اها ڳالهه هن ۾ ججهي موجود هئي. ڳالهه ڪبي هئي انقلاب جي يا روشن خياليءَ جي يا ترقي پسنديءَ جي، ته گراميءَ ڪڏهن به اُن کي تنقيد جو نشان ڪونه بنايو، ڪڏهن به ڪونه بنايو، بلڪ پاڻ اُنهن رجحانن کي پنهنجي طريقي سان اُڀاريندو رهندو هو.

سوال: هي جيڪو مهراڻ جو گولڊن جُبلي نمبر رٿيل آهي، جنهن لاءِ هن اڄوڪي گفتگو جو انتظام ڪيو ويو آهي، ته ان ۾ فوڪس ”مهراڻ“ ئي آهي، ته توهان اڄ مهرباني ڪري انهن ماڻهن کي ياد ڪيو آهي، جن ٽيم ورڪ طور مهراڻ ۾ ڪم ڪيو، اوهان سان سهڪار ڪيو ۽ پنهنجون خدمتون ادا ڪيون.

جواب: هائو، ان سلسلي ۾ وڏي ۾ وڏي ڪريڊٽ جي جيڪا ڳالهه  آهي اُها بورڊ جي پريس جي مئنيجر ميان علي بخش احمد زئي ڏانهن به وڃي ٿي. هو هڪڙو بهترين منتظم هوندو هو. ڏاڍو ايماندار، محنتي، ملنسار، ڪم جو ڄاڻو ۽ ڪم وٺي ڄاڻڻ وارو هوندو هو. ٻيا جيڪي ماڻهو ان زماني ۾ لاڳاپيل هوندا هئا ادارت سان ۽ مهراڻ ۾ ڪم ڪيائون، جيئن گرامي آهي، ڏيپلائي آهي، سراج آهي، شمشير آهي، امداد آهي، ناشاد آهي، انهن سڀني جو گهرو واسطو رهيو مهراڻ سان ۽ وڏيءَ محنت ۽ جذبي سان ڪم ڪيائون ۽ سچ پچ ته هرڪو پنهنجو مَٽ پاڻ هو. ان طرح هيڊ مشين مئن هوندو هو اسان وٽ مستري مولا بخش. سائين! هـُـو ڪو ماڻهو هو ڇا! سچ پچ! ڏاڍو لائق، ۽ ڄاڻو ۽ ايماندار ڪارڪن هوندو هو. مشينن ۽ ڪم جي باري ۾ سچ ته مثالي ماڻهو هو. ٻيا ورڪر ويچارا ته هونءَ ئي پنهنجي ڪم ۾ رُڌل ٿي رهيا، پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ ڏاڍا چست ۽ اورچ ماڻهو هوندا هئا.

سوال: مهراڻ جي مواد جي سُٺائيءَ جي سلسلي ۾ ڏيپلائيءَ، سراج ۽ شمشير جي ڪم مان اوهين ڪيتريقدر....

جواب: ها، ها، بلڪل مطمئن هوس ٽنهي جي ڪم مان، بلڪ اُنهن جي ذوق ۽ صلاحيت ۽ پورهئي مان. ڇو ته هـُـنن جڏهن به ۽ جيڪي به مون کين چيو ته ان جي ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڪوتاهي ڪانه ڪيائون، ڪڏهن به نه. دراصل زندگيءَ ۾ جڏهن به منهنجو جن جن سان واسطو پيو آهي، ته اڪثريت مون سان هميشه سهڪار پئي ڪيو آهي. مون انهن کي ڪڏهن به Unwilling worker نه ڏٺو آهي. ساڳيءَ طرح اسان جي ناشاد به سٺي تربيت  حاصل ڪئي ۽ پنهنجي ڪم سان ڪميٽيڊ رهندو ٿو اچي.

سوال: سائين! هاڻي آخري سوال ته مهراڻ اوهان جو هڪ خواب هو. اوهان هڪ ٻج ڇٽيو، جيڪو هاڻي هڪ ڇانوَ ڏيندڙ وڻ آهي. مهراڻ جي حيثيت نهايت تاريخي آهي، ان جا فڪري بنياد وجهندڙ اوهين آهيو. هاڻي جنهن منزل تي آهي، ان بابت اوهان جي ڇا راءِ آهي؟

جواب: مهراڻ کڻي ڪهڙن به مرحلن مان نڪتو آهي، پر جڏهن به مهراڻ جي اشاعت ٿي آهي ته اُنهيءَ ۾ مواد جيڪو شايع ٿيو آهي سو بنيادي طرح ۽ گهڻيءَ حد تائين پڙهڻ لائق ۽ پسند ڪرڻ جهڙو رهيو آهي. مشڪل سان ڪو اهڙو پرچو هوندو، جنهن ۾ ڪا اهڙي ڳالهه هجي، جا مون کي پسند ڪانه آئي هوندي. حقيقت اها آهي. تسليءَ جي حد تائين پنهنجيءَ پنهنجيءَ جڳهه تي خاص منهنجي پسند ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون مهراڻ ۾ ئي اينديون رهيون آهن.

هڪڙي منهنجي دل ۾ خواهش به آهي ته ”مهراڻ“ جو هڪڙو خاص نمبر نڪري، جنهن ۾ منهنجي لکڻين جو ڇيد ڪيل هجي. اُن ۾ انهن جي سياسي- سماجي ڪارج جو مطالعو ٿيل هجي ۽ منهنجي سنڌي ۽ انگريزي نثر جو ناقدانه موازنو ٿيل هجي. (اها منهنجي دلي خواهش ضرور آهي، پر اهڙو ڪو نمبر جي نٿو نڪري ته به اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي). ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي، ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان، ڪنهن نه ڪنهن نقاد کي، سنڌي ٻوليءَ جي سلسلي ۾ منهنجي لکڻين ۽ منهنجي تصنيف ۽ تاليف جيڪا آهي، انهيءَ تي ”ضرور“ نوٽيس وٺڻو پوندو، ڪڏهن نه ڪڏهن. جيڪو اٿاهه ڪم ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ڪيم ته اُن جي ڳَڻ به ڪانه ٿي! ڇا ڇا نه ٽيڪسٽ بورڊ ۾....  سنڌيءَ ۾ هر ٽيڪسٽ بوڪ جيڪو هو، ان کي مان ايڊٽ ڪندو هوس. پنڪچوئيشنس ۾، اسپيلنگس ۾ ۽ گرامر جي سلسلي ۾ ڪتابن تي محنتون ٿيون. ٻيو جيڪو منهنجو نثر آهي... دوست چوندا آهن ته مان پهرين سوچيندو آهيان انگريزيءَ ۾... ائين به چئي سگهجي ٿو، پر عملي طرح سان ائين نٿو ٿئي. انگريزي اسلوب جو اثر ضرور هوندو، پر انگريزيءَ ۾ سوچي پوءِ لکڻ سنڌيءَ ۾، ائين ممڪن ئي ڪونهي. نثر جيڪو سنڌيءَ ۾ منهنجي قلم ڏنو آهي، ان جو نوٽيس وٺڻ کپي. ڪير ٿو وٺي ۽ ڪيئن ٿو وٺجي ۽ ڪڏهن ٿو وٺجي، اها جدا ڳالهه آهي. (نه به ڪو وٺي ته به ڪا ڳالهه ڪانهي، جو ڪتاب ته موجود آهن).

سوال: ان سلسلي ۾ ٿورو عرض ڪجي ته مهراڻ جو نمبر... هڪڙي ته اسان وٽ اها روايت پئجي ويئي آهي ته ماڻهو زنده آهي ته ان تي نمبر نٿو نڪري. ٻي راءِ آهي ته مهراڻ جو اگر ڪنهن شخصيت تي نمبر ٿو ڪڍجي ته اُهي ٽي مهينا يا چار مهينا لاڳيتو...منهنجو خيال آهي ته اوهان جي ان ڳالهه جو نوٽيس ضرور وٺڻ کپي ۽ نتيجي ۾ ادبي بورڊ هڪڙو ڪتاب توهان جي شايان شان شايع ڪري، جيئن نون پڙهندڙن کي اوهان جي علمي ڪم جي خبر پوي.

جواب: اِها به ڳالهه ٺيڪ آهي توهان جي....مون اِها خواهش ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي ڪئي. مهراڻ جيڪا روايت قائم ڪئي آهي، ان کي ائين ئي برقرار رکجي. بلڪل صحيح! ايمانداريءَ سان چوان ٿو، ته جيڪو ماڻهو جيئرو ويٺو آهي، ان تي نمبر ڪڍڻ جي ڪا ضرورت به ڪانهي. برابر، ائين نمبر ڪڍڻ شروع ڪبا ته پوءِ ان جو ڪو ڇيهه ئي ڪونه ايندو ۽ مان I am sorry! ... مان ته...

پڄاڻي: توهان جي پيار ۽ توجهه جي وڏي مهرباني!

(ڳالهه ٻولهه ڪندڙ: امداد حسيني، نصير مرزا ۽ نفيس احمد شيخ)

 


 

”مهراڻ“- هڪ تحريڪ

”مهراڻ” هڪ رسالو نه پر هڪ زنده جاويد ”تحريڪ“ آهي، جنهن سنڌ ۾ سنڌيت واري نظريي ۽ ترقي پسند ادب کي فروغ ڏنو ۽ اُن کي اعليٰ منزل تي پهچايو. هيءُ رسالو دراصل ورهاڱي کان اڳ شروع ڪيو ويو هو، جنهن جا روح روان سائين جي.ايم.سيد، سيد ميران محمد شاهه، علامہ دائودپوٽو، ڪاڪو ڀيرومل آڏواڻي، لعلچند امرڏنومل ۽ ٻيا به ڪيترائي اديب، عالم، ۽ ودوان هئا.

ورهاڱي کان پوءِ هيءُ رسالو بند ٿي ويو، پر ڊاڪٽر دائودپوٽي ۽ عثمان علي انصاريءَ جهڙن سنڌ دوست عالمن جي رهنمائيءَ هيٺ وري شروع ڪيو ويو. هن رسالي جو اوج، حقيقت ۾ محترم محمد ابراهيم جويي ۽ مولانا غلام محمد گرامي صاحب جي ادارت هيٺ ٿيو هو. جنهن ۾ قبله مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جي مشفقانه سرپرستي شامل هئي. انهن ٻنهي دانشورن جي رهنمائيءَ هيٺ، هيءُ رسالو ترقي پسند تحريڪ جو سرواڻ بڻيو، جنهن هزارن جي تعداد ۾ نوان لکندڙ پيدا ڪيا، جيڪي اڄڪلهه ڪهنه مشق اديب ۽ شاعر مڃيا ويندا آهن. ”مهراڻ“ رسالي جا گذريل سڀ پرچا جڏهن اُٿلائجن ٿا ته ماڻهو حيران ٿيو وڃي ۽ محسوس ڪرڻ لڳي ٿو ته هن رسالي وسيلي جتي ڪهنه مشق اديبن ۽ شاعرن اُن زماني ۾ پنهنجي شاعريءَ ۽ مضمونن ذريعي سنڌي ادب جي وڏي خدمت پئي ڪئي. اُتي اُڀرندڙ اديبن، ڪهاڻيڪارن ۽ شاعرن جي شاعريءَ جي نين صنفن کي شايع ڪري، هڪ طرف جهونن اديبن ۽ شاعرن جي فڪر کي نمائندگي ٿي ڏني ته ٻئي طرف نون اديبن ۽ شاعرن جي رهنمائي ٿي ڪئي.

هن رسالي علم ادب لاءِ نئين سوچ رکندڙ ۽ عالمي ادب جي رائج نون نظرين وارن موضوعن تي مشتمل افسانا، مضمون، مقالا، ڊراما ۽ شعري صنفون شايع ڪيون، جن ۾ جدت ۽ نوان لاڙا هئا. اُن وقت جي ليکڪن ۽ شاعرن مان ڪي هاڻ ته هيءُ دنيا ڇڏي، راهه رباني وٺي ويا آهن ته وري ڪي موجوده وقت، جهونن ۽ قداور اديبن، شاعرن، عالمن، ۽ فاضلن واريءَ حيثيت ۾ زندهه آهن. اڄ اسان وٽ سيد حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر اياز قادري، عبدالله ورياهه، محمد طالب لوهار، ولي محمد طاهرزادو، شاهه نواز سوڍر، محمد سومار شيخ، معمور يوسفاڻي، محمد يعقوب ”نياز“، شيخ محمد اسماعيل موجود نه آهن. اهڙي طرح افسانه نگارن ۾ حفيظ شيخ، اُميد علي سرائي، عبدالستار شيخ، عبدالغفور انصاري، جمال ابڙو، نسيم کرل، جمال رند، خيرالنساء جعفري، جيجي زينت عبدالله چنا، ماڻڪ، ممتاز مرزا، ع.ق.شيخ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪهاڻيڪار اسان کان جدا ٿي ويا. شاعرن ۾ قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، شيخ اياز، نياز همايوني، منظور نقوي، مظفر حسين جوش، اسد بيگ مرزا، اجمل بيگ مرزا، سرشار عقيلي، علي محمد خالدي، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، رشيد احمد لاشاري، عبدالله خواب، سيد اسدالله شاهه حسيني، محمد بخش واصف، سرور علي سرور، سيد سردار علي شاهه ذاڪر، محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي، اُستاد بخاري ۽ حاجي احمد ملاح جهڙا شاعر هي جهان ڇڏي ويا. جن جا شعر مهراڻ کي سونهن بخشيندا هئا. خود مولانا گراميءَ جي شاعري، سندس مقالا ۽ايڊيٽوريل، پڙهندڙن کي جان بخشيندا هئا. انهيءَ ساري مواد جو موضوع سنڌيت، قومي بيداري، ترقي پسندي ۽ سنڌ جي سماجي تاريخ هوندو هو. اهڙيءَ طرح ان زماني ۾ مهراڻ ۾ سنڌ جي تاريخ، سنڌي ادب جي تاريخ، تنقيدي ادب جي تاريخ سنڌي زبان ۾ مزاحمتي ادب، سنڌي زبان ۾ مغربي ادب جا ترجما. ڏور- مشرقي صنفن جا سنڌي ادب ۽ تجربا، سنڌي لوڪ ادب سنڌي ماڻهن جون نفسياتي ڪيفيتون ۽ جبلتون، سنڌي عوام سان وڏيرن ۽ ڪامورن طرفان ٿيندڙ زيادتيون ۽ ظلم ۽ ڏاڍاين جا داستان موضوع بڻيل هئا.

سنڌ جا اڳوڻا نئين ٽهيءَ وارا ۽ موجوده دور جا ڪهنه مشق اديب، عالم، فاضل ۽ شاعر، جن ۾ دنيا جا مشهور ۽ ٻهڳڻو عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، امر جليل، قمر شهباز، شمشيرالحيدري، سراج الحق ميمڻ، امداد حسيني، انور پيرزادو، مهتاب راشدي، ماهتاب محبوب، ولي رام ولڀ، تاج جويو، نورالهديٰ شاهه، حميد سنڌي، مخدوم امين فهيم، مراد علي مرزا، مخدوم جميل الزمان ۽ ٻيا به ڪيترائي اديب ۽ شاعر موجود آهن.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هيءُ ادارو مهراڻ ۾ ڇپيل مواد جا ڌار ڌار مجموعا تيار ڪرائي شايع ڪرائي، جيئن ڪافي سال اڳ ”پاڪستان پبليڪيشنس“، ”نئين زندگيءَ“ ۾ ڇپيل مضمونن جا مجموعا تيار ڪرائي، ڇپايا هئا، جيڪي هن وقت سنڌي ادب تي تحقيق لاءِ مستفيد حيثيت رکن ٿا. مون کي اُميد آهي ته هيءُ رسالو پراڻيون سڪون لاهيندو ۽ اڳوڻيءَ روايت کي برقرار رکندو.

- ڊاڪٽر غلام علي الانا


 

”محبوب“ سروري

”مهراڻ“- گولڊن جُبلي

 

سنڌي ادبي بورڊ جو هيءُ ترجمان مهراڻ آ،
ترجمانِ سنڌ ۽ سنڌي زبان مهراڻ آ.
سنڌ جي علم و ادب جو گلستان مهراڻ آ،
عندليبِ شاعري جو آشيان مهراڻ آ.
سنڌ جي دانشورن جو ڪاروان مهراڻ آ،
علم جي پانڌيئڙن لئه مهربان مهراڻ آ.
راهرو جي لاءِ منزل جو نشان مهراڻ آ،
هر مسافر لاءِ ڄڻ روح روان مهراڻ آ.
جنهن کي سڀ پنهنجوئي ٿا سمجهن رسالو پيار مان،
اهلِ دل، اهلِ ادب، اهلِ زبان مهراڻ آ.
بس ائين سمجهو ته هي ”مهراڻ“ آ هيرن جي کاڻ،
سنڌ گلشن ۽ بهارِ بي خزان مهراڻ آ.
دَور ويا سنڌي ادب جا ڪيترا گذري، مگر،
نوجوان، نوخيز، زنده جاودان مهراڻ آ.
ڪيترا لکندڙ گذاري ويا هليا ويا اديب،
ڪيترن جي لاءِ يادِ رفتگان مهراڻ آ!
ٿي ويا ”مهراڻ“ ۽ ”محبوب“ کي پنجاهه سال!
”سروري“ جي شاعريءَ جو قدردان مهراڻ آ.
 

عتيق الرحمٰن ڪنڀر

”مهراڻ“ جي گولڊن جُبلي جي مناسبت سان

 

اي مِٺا ”مهراڻ“ منهنجا!

تون سدا آباد هجين.

تو ۾ آبِ حيات اِئين ئي ڇُلڪندو رهي،

تنهنجو سينو سدائين چمڪندو رهي،

تنهنجي سڀني سِٽن ۾ هجي ساڀيان،

تو ۾ جاڳ جو ڀاڳ اِئين جرڪندو رهي!

تنهنجي پالوٽ آڻي پوتر آب،

رقص ڪندا رهن توتي سهڻا سُحاب!

تنهنجون موجون ۽ مستيون زنده باد،

توکي اوتي اُڃارا رهن شال شاد،

تو ۾ جلوا وفائون ۽ وصفون هزارين هزار،

تون ته بنجو بيابان ڪرين ٿو آباد،

تو ته تاريڪ جي لاءِ روشن شمع،

تو ۾ ڀٽائيءَ جي سنڌ جي تاريخ شمع،

تو ۾ ڀٽائيءَ جي سنڌ جي تاريخ جمع،

تنهنجي ويڙهن وَستين ۾ ڳالهه هُلي،

تنهنجي حُسن تي هرڪو خوش ٿي کِلي

اي ”عتيق“، تون هڪ ڇا

ڪرين ”مهراڻ“ جي واهه واهه

اُن جي عمر درازيءَ لئه

آهي سنڌ جي دُعا

ته تنهنجن ڇولين ۾ جوڀن ڇلڪي سدا

اي مِٺا ”مهراڻ“ منهنجا!

تون سدا آباد هجين

شانن ڀريا شال شاد هجين!


 

تحقيق

علمي ادارن جو احترام

 

مون ڏٺو ته سنڌ جون جيڪي قديم تاريخون آهن، اُنهن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي نيچ ۽ ڪمذات ڪوٺيو ويو آهي. اُنهيءَ گناهه ۾ غير سنڌين سان گڏ ڪي سنڌي به شامل هئا. اُهي تاريخون فارسي ٻوليءَ ۾ لکيون ويون هيون، ڇاڪاڻ ته فارسي ٻولي عربيءَ کان پوءِ سنڌ جي غاصبن- ارغونن، ترخانن ۽ مغلن- جي مادري ۽ سرڪاري زبان هئي. انگريزن جي صاحبيءَ ۾ جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي تسليمي ملي ۽ اُن ۾ تاريخ جا ڪتاب لکيا ويا ته سنڌي مؤرخن غلطي کي دهرائي فارسي تاريخن جي نقالي ڪئي، ۽ سنڌ جي فاتحن کي ”ظل الله“ جي خطاب سان سڏيو.

منهنجي خدمت اِها آهي ته مون سنڌ جي تاريخ جي سمورن مجرمن، سياهه ڪارن، لُٽيرن ۽ خونين کي اگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي. هـُـنن سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن مٿان جيڪو ظلم ۽ تشدد ڪيو، تنهن کي پنهنجين تصنيفن ۾ آشڪار ڪيو اٿم. اِن لحاظ کان مون سنڌ ۾ تاريخ نويسيءَ کي هڪ نئون موڙ ڏنو آهي، جنهن تي مون کي بجا طور تي فخر ۽ خوشي آهي.

اڄ سنڌ جو نوجوان لکندڙ، جيڪو حب الوطنيءَ جي جذبي سان ٽمٽار ۽ سرشار آهي، اُهو منهنجي سالن جي تاريخ جي مطالعي ۽ سوچ موجب ”صحيح راهه“ تي هلي رهيو آهي. آءٌ کيس عرض ڪندس ته هو تعليم ۾ چاهه وٺي. مون کي نهايت افسوس آهي ته اڄ جي شاگردن ۾ علم سان اُنس گهٽ آهي ۽ استاد به ڪي قدر فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي ڪري رهيا آهن. جنهن قوم وٽ علم ۽ عالم لاءِ قدر نه آهي، اُها اڳتي وڌي نه سگهندي. جرمنيءَ جڏهن روس تي حملو ڪيو ته روسي پنهنجن عالمن کي لڏائي محفوظ هنڌن ڏانهن وٺي ويا. جڏهن ان ڳالهه تي عوام جي هڪ طبقي طرفان اعتراض ٿيو ته اُن کي حڪومت جواب ڏنو ته ”عام ماڻهو روزانو ڄمن ۽ مرن ٿا، پر عالم روزانو پيدا ڪونه ٿا ٿين. اُهي پوريءَ قوم جو اثاثو آهن ۽ اُنهن جو تحفظ ۽ سلامتي، علم ۽ ڄاڻ جي سلامتي آهي، جنهن کان سواءِ اسان جي قوم اڳتي وڌي نه سگهندي.“

عالمن وانگر علمي ادارن جو احترام پڻ لازمي آهي. ڪابه سجاڳ قوم پنهنجن علمي ادارن کي ڪمزور ڏسڻ نه گهرندي آهي. سنڌي ادبي بورڊ جيڪو علمي ڪم ڪيو آهي، انهيءَ سنڌ کي يورپ، وچ اوڀر، روس ۽ آمريڪا ۾ شهرت بخشي آهي. اميد ته بورڊ جا محنتي ڪارڪن ۽ سنڌ جا باشعور ۽ اخلاصمند اديب، شاعر ۽ دانشور ۽ اخبار نويس آئنده پڻ مسلسل محنت ۽ مشقت ڪري سنڌ جي علم ۽ ادب کي اوج تي رسائيندا.      

 - سيد حسام الدين راشدي

 

ٻولين جي برابري

 

”ڪنهن هڪ خاص ٻوليءَ جو وڌيڪ سڌريل هئڻ ۽ انهيءَ جي ڪري ٻين ٻولين تي فوقيت رکڻ” واري گمراهه ڪندڙ نظريي کي، واسطه بالواسطه، خاص طرح بيٺڪي راڄ قائم ڪندڙ حاڪمن هوا ڏني، حالانڪه اهڙو نظريو انساني ٻوليءَ جي فطري تخليق توڙي عملي تقاضائن جي سراسر خلاف آهي. حقيقت ۾ هر اُها ٻولي، جنهن کي ڪو ننڍو يا وڏو انساني گروهه مادري زبان طور ڳالهائي ٿو سا هڪ بالغ ۽ مڪمل ٻولي آهي، ۽ جيتري قدر اُها اُن گروهه جون ضرورتون پوريون ڪري ٿي، اوتري قدر اُها بالڪل سڌريل آهي. انهيءَ لحاظ سان وچ آفريڪا جي ڪنهن نسلي گروهه جي ٻولي ۽ يورپ جي ڪنهن طاقتور قوم جي ٻولي، ٻئي برابر آهن. پاڪستان جي اُتر ۾ سوات جي ننڍڙي ’پِشـمال‘ وادي جي باشندن جي ’گجرو‘ ۽ اُن کان اتر واري وڏي وسيع علائقي جي ’شينا‘ ٻئي برابر آهن، ۽ پڻ ساڳئي لحاظ سان سنڌ ۾ ’ٿر‘ جي ننڍڙي علائقي ’ڍَٽ‘ جي ’ڍاٽڪي‘ توڙي سنڌو جي وسيع وادي جي ’سنڌي‘ ٻئي برابر آهن.

اهڙو ملڪ، جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائجن ٿيون، اُتي جي رهاڪن لاءِ اهو ضروري آهي ته هو پنهنجي قومي زندگيءَ ۾ يڪجهتي آڻڻ توڙي ڪامياب مستقبل ماڻڻ خاطر، انساني ٻوليءَ جي حقيقت ۽ افاديت کي صحيح طور سمجهن ۽ ڪنهن به هڪ ٻوليءَ جي بيجا غلبي ۽ ٻين ٻولين تي اُن جي فوقيت ۽ برتري واري نظريي جو شڪار نه ٿين. پاڪستان ڪنهن هڪ ٻوليءَ جو نه پر گهڻين ٻولين وارو ملڪ آهي، جتي اهڙي احتياط جي سخت ضرورت آهي. هتي اهي اصول تسليم ڪرڻو پوندو ته ٻولين جي گلستان ۾ هر گُل پنهنجي رنگ ۽ بوءِ سان پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي سهڻو آهي.....“                        - ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com