سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :15

روميءَ جي داستان موجب سائي نُور وارا اونداهي جاءِ ۾ بند ٿيل جيئري هاٿيءَ کي ٿا پروڙين ته سنائيءَ مطابق وري انڌا جيئري هاٿيءَ کي ٿا مناڙين. شاهه صاحب لاشڪ ٻنهي پڙهڻين ڏانهن ڌيان ڏيئي، سندن عيب ثواب پروڙي راءِ قائم ڪئي آهي ته:

في الحقيقت فيل کي سڄا سڃاڻن.

پوءِ قصي کي زياده مقبول ۽ موثر بنائڻ خاطر هاٿيءَ کي ”مئل“ يعني بي ضرر ڏيکاريو اٿس، ڇو ته جيئري جانور تي ڪهڙو اعتبار؟ اونداهيءَ ۾ توڻي انڌي هٿ لڳائيندڙ کي اوچتو ضرب رسائي سگهي ٿو. اِها لطيف جي سهڻي ترميم آهي، جا ڪافي وزنائتي ٿي لڳي.

سر سهڻيءَ ۾ دريا ِّ جي دهشت ۽ ڪُنن جي قهر جو هولناڪ مگر جادوءَ ڀريو منظر اکين آڏو آڻيندي، اوچ ڪوٽيءَ جو ڪوي عبداللطيف ڄاڻائي ٿو:

سڄا ٻيڙا ٻارِ ۾، هليا هيٺ وڃن،
پرزو پيدا نه ٿئي، تختو منجهان تن.

 

ڪير چوندو ته اِهي سٽون شيخ سعديءَ جي ”بوستان“ ۾ آيل هن بيت جي قابل داد ترجماني نه ٿيون ڪن:

در اين ورطه کشتي فرو شد هزار
که پيدا نه شد تخته اش بر کنار.
(1)

 

سر حروفي ته سون تي سهاڳو آهي. نه فقط ايترو پر پروانهءِ دل لطيف جون

1. پُڇُ پتنگن کان، سنديون کامڻ کـَـبرون
2. لُڇڻ لنؤ لطيف چي، پَڌر هڏِ م پاءِ.

 

پڻ سعدي شيرازيءَ جي

اي مرغ سحر! عش ز پروانه بيا موز
کان سوخته را جان شد و آواز نيامد
(2)

 

جون سڪون ٿيون لاهين، ساڳيءَ ريت

جي وَصل ٿئا وِصال ۾، سي ذرو ظاهُر نه ڪن

پڻ مٿئين پارسي شاعر جي

اَن را که خبر شد خبري باز نيامد (3)

 

ڏانهن ڇڪيو وڃي. سٽ اندر ماٺ ۾ مشاهدو ماڻڻ ڏانهن اشارو آهي، پڻ حيرت ڏانهن، جنهن ۾ ڪا به خبر نه ملي، يعني مـَـن عرف الله کـَـل لـِـسانـہ (جنهن الله کي ڄاتو تنهن جي زبان گونگي ٿي پيئي)، يا جئن صوفي باصفا مولانا روميءَ فرمايو آهي:

هر که را اسرار حق آموختند
مهر کردند و دهانش دوختند.
(1)

 

”دل درپن تان دوئيءَ جي ڪٽ لاهڻ ۽ سيني ۾ صفائي پائڻ“ واري سنڌي صوفي سنت جو لاثاني بيت

اَندرُ آئينو ڪري، پَرَ ۾ سو پسيج،
اِنهم راه رميج، ته مشاهدو ماڻيين

 

غور سان پڙهبو ته هُري ايندو

سعدي! حجاب نيست، تو آئينه پاک دار
ز نگار خورده چون بنمايد جمال دوست.
(2)

 

روميءَ ته انهن کان به صاف لفظن ۾ ساڳي تشبيـہ ڏني آهي

آئنه کز زنگ و آلايش جداست
پُر شعاع از نور خورشيد خداست
آئنه ات داني چرا غماز نيست.
زانکه زنگار از رخش ممتاز نيست
رو تو زنگار از رخ او پاک کن
بعد ازان آن نور را ادراک کن.
(3)

 

ائين برابر آهي ته الاهي فرمان بجا نه آڻڻ ڪارڻ عزازيل لعنتي يا شيطان بڻيو، پر هن جي صداقت، ثابت قدميءَ ۽ ”غير“ اڳيان نه جهڪڻ جي صفتن کي سلام ڪندي، عاشق عبداللطيف بي باڪيءَ سان اظهار ڪيو آهي.

عاشق عزازِيل، ٻيا مڙئي سڌڙيا،
مَنجهان سڪ سـَـبيل، لعنتي لالُ ٿئو.

 

ساوه (قزوين) جو جعفر نالي سترهين صديءَ جو شاعر، اِهو ئي مضمون هڪ رباعيءَ اندر هن ريت قلمبند ڪري ويو آهي:

جعفر سخن از کعبه و از دير مکن
در واديءَ شک چو گمرهان سير مکن
رو، شيوه بندگي ز شيطاني آموز
يک قبله گزين و سجده غير مکن.(1)

 

حديث جي ”اَنا اَحمد بلا ميم(2)“ تي ٻڌل هيٺ ڏنل بيت ۾ ”احدُ“ ۽ ”احمدُ“ وچ ۾ فرق ٻڌائيندي، لطيف چيو آهي

اَحد اَحمد پاڻ ۾، وچان مـِـيم فرق،
آهي مُستغرق، عالم اِنهي ڳالهه ۾.

 

ڀيٽ لاءِ آڏو آڻيو صوفي شاعر محمود شبستريءَ جو ”گلشن راز“ ۾

ز احمد تا احد يک ميم فرق است،
جهاني اندر آن يک ميم غرق است. (3)

 

ٻنهي بيتن ۾ ”احد“، ”احمد“، ”ميم“، ”فرق“، ”غرق“ جا لفظ، ۽ هڪ ۾ ”عالم“ ته ٻئي ۾ ان جو برابر لفظ ”جهان“ قابل غور آهن. شاهه جي هيترن سارن لفظن ۽ هم معنيٰ بيت کي هڪ جهڙائي سڏي سگهبو؟

سر سهڻيءَ ۾ شاهه سائينءَ جو خيال:

پاڻُ پردو پاڻُ کي، سُڻي ڪر سنڀال،
وچان جو وصال، سو تان هئڻ هـِـن جو.

 

حافظ شيرازيءَ جي هڪ غزل ۾ هيئن آيل پيو ڏسجي:

ميان عاشق و معشوق هيچ حائل نيست،
تو خود حجاب خودي، حافظ! از ميان برخيز
(4) .

 

يمن ڪلياڻ ۾ قرب جي ڪٺل مگر آساوند عاشق جو بيت:

جان جان ناهه ضرور، تان تان طبيبُ ناهه ڪو،
جُہ سو سَرئو سُور، ته ڪر ويڄ ور پـِـئو.

 

خواجه حافظ جي هن بيت جو مفهوم اَدا ٿو ڪري:

عاشق که شد که يار بحالش نظر نکرد؟
اي خواجه! درد نيست، وگرنه طبيب هست.
(1)

 

ڀٽ ڌڻيءَ جو

مُون کي مُون پرين، ٻَڌي وڌو ٻارِ ۾،
اُڀا اِينءَ چون، مَڇڻ پاند پُسائيين.

 

هن پارسي بيت جو نس پس، مگر قابل تحسين ترجمو لڳي:

درميان قعر دريا تخته بندم کرده اي،
باز ميگوئي که دامن تر مکن هشيار باش.
(2)

 

عام طرح ٻُڌبو آهي ته اِهو بيت پڻ حافظ جو آهي، پر ”ديوان شمس تبريز“ ۾ جڳهه اٿس. حافظ جو همخيال بيت وري هن ريت آهي:

آشنايان ره عشق درين بحر عميق
غرق گشتند و نگشتند به آب آلوده.
(3)

 

اهڙيءَ طرح

ڏورِيان ڏورِيان مَ لَهان، شال مَ مِلان هوتَ!
تـَـنَ اندر جا لوچَ، مـَـڇُڻ ملڻ سان ماٺي ٿيي.

 

سورهين صديءَ جي مايهءِ ناز شاعر عرفيءَ جو هيٺ ڏنل بيت خيال ۾ ٿو آڻي:

گر بميرم منما چهره بمن روز وصال،
حسرت روي تو حيف است که از دل برود.
(4)

 

”وحدت“ بنسبت باڪمال شاعر جو ڪڏهين به نه وسرڻ جهڙو بيت:

پڙاڏو سو سڏ، ورُ وائـَـي جو جي لـَـهين،
هئا اڳهم گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿئا.

 

بابت ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي راءِ آهي ته روميءَ جي

آن ندا که اصل هر بانگ و نواست
خود ند آنست و واين باقي صداست،
(1)

 

جي ترجماني ٿو ڪري، پر خادم جو ويچار آهي ته عبدالرحمان جاميءَ جي هن بيت جو سنڌي ويس آهي:

يک صورت بر دو گونه همي آيدت بگوش،
گاهي ندا همي نهيش نام گـہ صدا.
(2)

 

ڪيئن به هجي، پر انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ٻوليءَ ۽ خيال جي چٽائيءَ جي لحاظ کان شاهه صاحب پنهنجو مـَـٽُ پاڻ آهي. ساڳئي جاميءَ لاءِ مشهور آهي ته نهايت ظريف ۽ حاضر جواب شاعر هو. چون ٿا ته هڪ دفعي پنهنجو هيءُ بيت جهونگاري رهيو هو.

يک در جان فگار و چشم بيدارم توئي،
هر که پيدا ميشود از دور پندارم توئي.
(3)

 

ته ڀر ۾ ويٺل ڪنهن بدتميز ٺٺوليءَ جي نوع ۾ پڇيس:

گر خري پيدا شود؟(4)

ته هڪدم ڏانهس آڱر جو اشارو ڪري وراڻيائين:

من باز پندارم توئي.(5)

سڀ ۾ صاحب پسندڙ صوفي لاڪوفيءَ اِهو مفهوم سنڌي سانچي ۾ هينئن آندو آهي:

مُون کي اکڙيُن، وڏا ٿورا لائيا،
ته پُڻُ پرين پسن، کڻا جي کر سامهون.

 

بندي جو ڪم آهي ٻاڏائڻ، پوءِ مرضيءَ جو مالڪ چاهي ٻڌي چاهي نه ٻڌي. شاهه جي لفظن ۾:

مُهجي وس واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.

 

اهڙي ڳالهه خواجه حافظ به ڪري ويو آهي:

 

حافظ! وظيفئه تو دعا گفتن است و بس
در بند آن مباش که بشنيد يا نشنيد(1)

 

پر بندي کي انهيءَ کان به وڌيڪ نزديڪ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ڄاڻايل جاميءَ جو هيءُ بيت ٿو لڳي:

رازهائي سينه را گفتگو بپيش يار خويش،
گوش گردد يا نگردد گفگوئي ميکنم. (2)

 

هتي به سنڌي شاعر جو هڪ سٽ ۾ سمايل خيال پارسيءَ واري بيت جي مواد کان گهڻو مٿي اُڀري ٿو بيهي.

شاهه سائينءَ جي حڪيماڻي اک ۽ ننڍڙين ڪين جهڙين شين مان سهڻو سبق پرائڻ جي صفت ساراهيندي، رسالي جا مفسر ۽ محسن، هيءُ لطيفي بيت مثال طور پيش ڪندا آهن:

پاڇاهي نه پاڙيان، سرتيون! سُئيءَ ساڻُ،
ڍڪي اُگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻُ!

 

مگر جن عالمن ۽ اديبن ڪشمير جي لااُبالي شاعر محمد طاهر ”غني“ جو ديوان اُٿلايو هوندو، تن کي رديف ”الف“ ۾ هيءُ بيت ضرور نظر چڙهيو هوندو:

همچو سوزن دايم از پوشش گريزانيم ما
جامه بهر خلق ميدوزيم و عريانيم ما. (3)

 

هر سنڌيءَ جي زبان تي چڙهيل:

پائي ڪانُ ڪمانَ ۾، ميان! مار مَ مُون،
مون ۾ آهين تون، متان تنجو ئي توکي لڳي.

 

پڻ هيٺ ڏنل پارسي بيت سان مشابهت ٿو رکي، البته مارڻ وارو هٿيار ٻئي قسم جو آهي.

مکش خنجر مزن بر سينئه من،
توئي در دل مبادا بر تو آيد.
(4)

 

ٻهڳڻي جو ٻول

هَڻ، حبيب! هٿ کڻي، ٻنگا لهي ٻاڻُ،
ماڳهه مؤن مِنـہ ٿيي، جهولي وجهان پاڻ،

 

پڻ امير خسروءَ جو هيءُ بيت ياد ٿو ڏياري

کمان ابرويت را گو بزن تير،
که پيش دست و بازويت بميرم.
(1)

 

ساڳيءَ ريت

ڪُوڙو تون ڪفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،
هندو هڏ نه آهيين، جڻيو تو نه جڳاءِ.

 

”طوطي ِّ هند“ وارو سر ٿو آلاپي:

در کفر هم صادق نه اِي، ز نار را رسوا مکن.(2)

 

عشق ۾ رشڪ ڪندڙ شاهه جي هن بيت

ونينُ ۾ ٿي ويـہ، ته آئون واري ڍڪئان،
توکي ڏسي نه ڏيـہ، آئُون نه پسان ڪي ٻئو.

 

جو مقابل مرزا قليچ بيگ جي ”جواهر فارسي“ جي ٽئين ڀاڱي ۾ پاتو ويو آهي، پر موصوف کي شاعر جو نالو نه ملي سگهيو آهي، تنهنڪري ”لااعلم“ تي ڪفايت ڪئي اٿس. مذڪور بيت آهي

بيا بنيشين بچشم من که از خلقت نهان دارم
نه بيند کس ترا چيزي دگر جز تو نبينم من.
(3)

 

البته تحقيق ڪرڻي پوندي ته اهو بيت ڪنهن جو آهي ۽ ڪڏهن لکيو ويو - شاهه صاحب جي وقت کان اڳ يا پوءِ؟

سر سهڻيءَ ۾ يار جي وصال وارو لطيفي خيال

جي قِيامَ مـِـڙن، ته ڪَرَ اوڏا سُپرين
تِهان پري سُڄن، واڌايـُون وصال جيُون.

 

حڪيم شريف الدين حسن شفائي (وفات 1038هه/1628ع) جي هيٺ ڄاڻايل ويچار ۾ سهڻو اضافو آهي:

بحشرم وعده ديدار اگر دادي نمي رنجم
وصال چون تو ئي را صبر اين مقدار مي بايد.(1)

 

انهيءَ سڀ جي باوجود، هيڏي ساري رسالي ۾، خود پارسيءَ جي فقط هڪ سڄي سٽ نظر اچي ٿي، جا لاشڪ صوفي شاعر جي طبيعت تي چونڊيل مصرع جو ڪرشمو آهي.

سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد - وصل اِهو ئي وَنگُ.

 

چون ٿا ته جڏهين جهوڪ ڌڻيءَ شهادت پاتي ته ڪيترائي عاشقي رمزن وارا پارسي بيت چيائين، جن مان هڪڙو هو:

سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد،
اين بار گران بود ادا شد چه بجا شد.(2)

 

چاليهه ايڪيتاليهه ورهيه اڳ، ڪراچيءَ ۾ قيام جي دوران ٻڌو هئم ته شاهه شهيد جا مٿئين واقعي تي چيل اٽڪل 700 بيت، ڪتابي صورت ۾ آيل آهن ۽ قلمي نسخي جو نالو ”بي سر نامه“ آهي، مگر افسوس جو گهڻيءَ جاکوڙ کان پوءِ به اُن جي زيارت نصيب نه ٿي.

سر يمن ڪلياڻ ۾ هڪ پارسي جملو به ڪتب آندو اٿس:

برخيز بده ساقي - پيارِ کي پِرين.

 

جنهن منجهان خواجه حافظ جي

ساقيا! برخيز و در ده جام را (3)

 

جو اثر ظاهر آهي.

ڪيترن ئي بيتن ۾ مجاز جي چاٽ آهي، خاص طرح سر ڪاموڏ، کنڀات، پورب ۽ مومل راڻو ۾. يار جو رخسار، خط و خال، لال لب، زلف، ڪاڪل ته آيا آهن، پر انهن سان گڏ ساقي، مطرب، ميخاني، جام، خمار ۽ ڪيف جو ذڪر پڻ آهي، البته اَڻلکائتو ۽ مقامي ماحول ۾.

سر معذوريءَ ۾ هڪڙي وائيءَ جي آخري مصرع ”پريان جي پِستانَ جو، فاقو ئي فَرحت“ تصور جي خيال کان هڪ  پارسي غزل جي بيت جون سڪون ٿو لاهي.

ان طرح سان سارو رسالو پارسي شعر جي مجموعن وانگر تمثيلن ۽ تشبيهن سان ڀريو پيو آهي. عشقي داستان ۽ لوڪ ڪهاڻيون پڻ آهن، پر اُهي نه ”يوسف زليخا” ۽ ”شيرين و فرهاد” وانگر پيرائتيون آهن، ۽ نه وري منجهن مجازي عشق جو غلبو آهي. وطن دوست شاهه، مادري ٻوليءَ سان سهج ڪري سنڌي محاورا، سنهري بناوتون، استعارا ۽ تشبيهون ڪم آڻي اُنهن کي ڏيهي رنگ ۽ روايتن ۾، نهايت سنجيدگيءَ ۽ روحاني رمزن سان پيش ڪيو آهي. ٿوري ۾، سونهاري شاهه اهو ڪجهه ڪيو آهي، جيڪو حضرت رومي چئي ويو آهي:

خوشتر آن باشد يکه سر دلبران،
گفته آيد در حديث ديگران.(1)

 

پڇاڙيءَ ۾ اهو ڄاڻائڻ نامناسب نه ٿيندو ته سر حسينيءَ ۽ ڪيڏاري ۾ چند بيت ملن ٿا، جن لاءِ ملا حسين واعظ ڪاشفيءَ جي ”روضـہ الشهدا“ جهڙن ديني ڪتابن ۾ آيل بيانن ڏانهن ورڻو پوندو. هتي پنج مثال پيش آهن:

(1) سر حسينيءَ جو-

حُسيني حُسين لءِ، بيبي پاڻ چئي،
تهان پوءِ ٿئي، خبر ٻيءَ خلق کي.

 

(2) ڪيڏاري جي پهرئين داستان جي وائيءَ جون ٻه مصرعون:

سج چنڊ مصطفيٰ ڏي، يڪدل گڏي هلئا،
هيءِ! هيءِ! انڌارو ٿئو، اُن ري، تارا لڏي هلئا.

 

ساڳئي ئي سر جي وائي:

(3) واويلا! واويلا! مـلڪن ڪئو رڻ ماتام

هيءِ! هيءِ شاهه حسين سڌاريو!

ڪربلا جي پڙ ۾، آيا اڄ امير،
جهُڙ ورائي جهوري جهلئا، طرف سندي تقدير،
هيءِ! هيءِ! شاهه حسين سڌاريو!

پسي سختي مير حسين جي، رنو نبين زارون زار،
ملڪ، فلڪ، ڌرتي ڌٻي، آئي عرش مٿان اُڇنگار،
هيءِ! هيءِ! شاهه حسين سڌاريو!

(4) پرهه پکي آئيو، ڪربلا مان ڪهي
روضي پاس رسول جي، تِهه هلي هاڪ هنئي.
(5) رات جـہ جي ماءُ، روئي، پرنئو رب کي.

 

سرڳواسي ڊاڪٽر گربخشاڻي پهريون شارح آهي، جنهن ”روضـة الشهداء“ ۽ لسان الملڪ ميرزا محمد تقيءَ جي ”ناسخ التواريخ“ ۾ انهن جا تفصيل ڏنا آهن: (1) ۾ انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته الله تعاليٰ جبرئيل فرشتي کي سڏي فرمايو ته امام حسين رضه  جي ولادت ۽ شهادت جي اڳڪٿي حضرت پيغمبر صلي الله عليه وسلم جن کي سڻائي اچ. حضرت رسول صلي الله عليه وسلم جن اها خبر پنهنجي نياڻيءَ (امام عليءَ جي گهر واريءَ، پوءِ حسين جي ماءُ) بيبي فاطمه رضه  کي ٻڌائي، جا ٻڌڻ شرط پار ڪڍي روئڻ لڳي. حاصل مطلب ته خدائيءَ مان هوءَ پهرين شخصيت هئي جنهن واويلا ڪئي. (2) ۾ ڪربلا جو قهر ڏسي، سج، چنڊ ۽ تارن جي ڪاري ٿي وڃڻ جو احوال آهي. گويا هو به آسمان ڇڏي، نبيءَ سان اعزا پرسي ڪرڻ ويا هئا. (3) ڏيکاري ٿو ته شاهه حسين رضه  جي سر لهڻ تي خود ڪائنات ماتم جو ويس پهريو: ”ڌرتي جوش ۾ جلي، ڌٻي، دانهون ڪيون، آسمان عرش ڪرسي لرزي ۾ اچي. لهوءَ جا لڙڪ وهايا، مـَـلڪن پنهنجا مڪان ڇڏي. هوا ۾ آهون صدائون ڪيون، ۽ نبين پڻ زارون زار رنو. ازان سواءِ ماڻهن، مـِـرن، پکين، ديون ۽ پرين وغيره به پاڻ پڇاڙي، رت جا ڳوڙها پئي ڳاڙيا.“ (4) پکين مان مراد اهو ڪبوتر آهي جو چون ٿا ته امام عاليمقام حسين رضه  جي شهادت وقت هن جي خون ۾ ليٽي، ڪوڪون ڪري، پاڻ پڇاڙي، اڏامي مديني ۾ آيو ۽ شاهه مديني جي روضي جي چوڌاري پئي ڦريو. اُن جي کنڀن مان رت ڦڙا پئي ٽميا. ڪربلا جي قهر جي خبر ٻڌڻ بعد ئي ماڻهن جي من ۾ خيال آيو ته پکي انهيءَ المناڪ واقعي جو اطلاع ڏيڻ آيو هو. (5) ۾ حوالو آهي ته شهادت رات، يعني 9 محرم تي، امام حسين رضه  جي زال (بيبي شهربانو) خواب ۾ بيبي فاطمه رضه کي ڪربلا جو ميدان ٻهاريندي ڏٺو. سبب پڇڻ تي هن وراڻيو ته ”سڀاڻي منهنجو فرزند، تنهنجو دلبند، شهيد ٿيڻو آهي. پَٽ انهيءَ ڪري پيئي صاف ڪريان، جيئن سندس ڪومل سرير کي ڪا ڪڪري نه لڳي.“ اهو جواب ڏيئي رب ڪريم کي عرض ڪيائين ته ”اي خدا! هاڻي منهنجو ٻچڙو پرتو اٿيئي.“

                              (مهراڻ: 3/1985ع)

 

 محمد ابراهيم جويو

ٻوليون، سندن سٽاءُ ۽ ڦهلاءُ

 

سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”جي چلهه تي، سي دل تي.“ انساني لاڳاپن ۾ هيءَ  ڳالهه ته شايد عام طرح صحيح به هجي، پر ٻيا ڪيترا معاملا آهن، جن ۾ ڳالهه مرڳو ئي ان جي ابتڙ معلوم ٿي ٿئي. جيڪي چيزون انسان کي بنهه ويجهڙيون هونديون آهن، تن ڏانهن هن جو  ڌيان اڪثر ڪونه ڇڪبو آهي: مثلاً:  ”ساهه کڻڻ“ آهي، ”هلڻ“ آهي- انهن ڏانهن عام طرح ڪنهن جو به خاص ڌيان ڪونه ٿو وڃي. ٻولي به اهڙين ئي ويجهڙين شين مان هڪ ويجهڙي ۽ هميشه ساڻ رهندڙ شيءِ آهي. ڪڏهن ڪڏهن سو ماڻهوءَ جو خيال ٻوليءَ ڏانهن ضرور ڇڪبو آهي، جڏهن ان جي ٻن هم-معنيٰ جملن يا ترڪيبن- مثلاً: ”رت ڳاڙهو آهي“ يا ”رت ڳاڙهي آهي“- منجهان هن کي سوچڻو پوندو آهي ته ڪهڙي ترڪيب صحيح آهي ۽ ڪهڙي غلط. پر اهڙين حالتن ۾ به هن جي اڪثر هڪ ئي روش رهندي آهي: يا ته هو ڊوڙي وڃي اڳيان لکيل ۽ ڇپيل ڪتاب ڏسندو آهي يا وري هڪدم ڪنهن نه ڪنهن لغت کي وڃي ڦولهيندو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ جي سلسلي ۾ سندس اڪثر عقيدو  هيءُ هوندو آهي، ته اڳين عالمن ۽ اديبن ٻوليءَ جي اهڙن مسئلن متعلق دائمي ۽ آخرين فيصلا ڏيئي ڇڏيا آهن. عام طرح ته ڪتابن ۽ لغتن ڏانهن رجوع ٿيڻ جي به هو ڪا ضرورت محسوس ڪانه ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته گرامر جا عام قاعدا ۽ اصول- ”فاعل“، ”مفعول“، ”عدد“، ”جنس“، ”زمان“ وغيره متعلق- هن جي سامهون هوندا ئي آهن، جن جي آڌار تي هو سمجهندو آهي ته ٻوليءَ جي اهڙن مونجهارن کي هو آسانيءَ سان حل ڪري سگهي ٿو. پر حقيقت ۾ اهڙن سڌن سنون ۽ ساڳئي وقت کُتل ويچارن دوران ٻوليءَ بابت ڪابه بنيادي تحقيقات ممڪن نٿي ٿي سگهي. شايد سـَـو يا ڏيڍ  سـَـو سال مس ٿيا آهن، جو ٻوليءَ بابت مطالعي ۽ فڪر جو اهو آسان ۽ ٻاراڻو انداز ڇڏي ڪري، ڪن عالمن ۽ مفڪرن نج علمي ۽ تحقيقاتي بنيادن تي انهيءَ ڏس ۾ سوچڻ ۽ ويچارڻ شروع ڪيو آهي.  ٻوليءَ جي صحيح ۽ ڪارائتي مطالعي جو لازمي شرط هيءُ آهي ته نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت کي هميشه سامهون رکيو وڃي ۽ اهڙيءَ طرح ان مسئلي جي ذري پرزي جانچ پڙتال خالص عقل جي روشنيءَ ۾ ٺوس حقيقتن جي بنياد تي ئي ڪئي وڃي.

قديم يونانين روزمره جي عام واقعن ۽ بنهه رواجي ڳالهين تي هڪ عجيب ۽ بيخوف انداز ۽ اورچائيءَ سان سوچيو ۽ ويچاريو، ۽ ساري  دنيا عام طرح ۽ مغربي دنيا خاص طرح اڄ به انهن جي عظيم احسانن کي پيئي ڳائي ۽ انهن مان پنهنجي فڪر جا رستا روشن ڪري. پر اڄ انهن اوائلي يوناني مفڪرن جي ٻڌايل نتيجن تي جيڪڏهن ڪو بنهه ڳنڍ ٻڌي ويهي رهي، ته هوند علمي نقطه نگاهه کان اهڙي ماڻهوءَ کي شايد ئي ”سڌريل انسان“ سڏي سگهبو. مثلاً: 5- صدي قبل مسيح  جو يوناني فيلسوف، هيروڊوٽس، پنهنجي ڪتاب ”تاريخ“ (جلد 2، باب 2) ۾ مصر جي هڪ بادشاهه، ساميٽيڪس جي ڳالهه ٿو ٻڌائي ته ان بادشاهه کي هڪ ڀيري اچي خيال ٿيو ته معلوم ڪجي ته دنيا ۾ سڀ کان پراڻي ٻولي ڪهڙي هئي- سو ڇا ڪيائين جو ٻن نون ڄاول ٻارن کي هڪ ٻوڙي ۽ گونگي شخص جي سنڀال هيٺ، هڪڙي جهنگ ۾ ڇڏي ڏنائين. سندس خيال هو ته ٻي ڪابه ٻولي، جو هي ٻار ڪنين نه ٻڌندا، سو هو آخرڪار جيڪو پهريون لفظ وات مان ڪڍندا، سوئي لفظ انسان جي پهرينءَ ٻوليءَ جو پهريون لفظ هوندو. چنانچه هنن ٻارن نيٺ هڪڙو لفظ وات مان ڪڍيو- ۽ اهو هو ”بيڪوس“، جيڪو فـِـرجينَ ٻوليءَ جو لفظ هو ۽ معنيٰ هيس ”ماني“. بس، انهيءَ تجربي جي بنا تي اعلان ڪيو ويو  ته ”فِرجين“ ٻولي انسان جي پهرين ٻولي هئي. هيروڊوٽس جي نظر ۾ به اهو تجربو فيصله ڪُن هو- ڇو ته سندس خيال ۾ ماڻهوءَ جي گهُر ”ماني“ ئي ٿِي ٿي سگهي! پر افسوس، جو هيروڊوٽس هن تجربي کي بيان ڪندي ان جو هڪڙو تفصيل هيءُ به بيان ڪري ٿو ته ان گونگي ٻوڙي شخص وٽ رڍن ۽ ٻڪرين جو ڌڻ به ساڻ هو. رڍون ۽ ٻڪريون ته ظاهر آهي ته سواءِ ”ب ي ي، ب ي ي“ جي ٻيو ڪو آواز ڪونه ڄاڻن، تنهنڪري انهيءَ سوچ پٽاندر  ته وڌيڪ صحيح ڳالهه هيءَ ليکي سگهبي ته دنيا ۾ پهرين ٻولي رڍن ۽ ٻڪرين ئي ڳالهائي!

افلاطون پنهنجي هڪ ڊايالاگ، بعنوان ”ڪرئٽيلَس“ ۾ لفظن جي اصليت تي بحث ڪندي، هڪڙو سوال پيش ڪيو آهي: ڇا شين ۽ شين جي نالن وارن لفظن جو باهمي تعلق فطري آهي، يا اهو انسانن جو هٿراڌو ٺاهيل ۽ روايتي تعلق آهي؟ بس اتان ئي ٻولي وگيان ۾ ”لاڳاپي“ (Anology) ۽ ”نيارائي“ (Anomaly) جو اختلاف شروع ٿيو. ”لاڳاپي“ جا حامي چوڻ لڳا ته ٻولي هڪ فطري (يعني قدرت طرفان عطا ڪيل) چيز آهي ۽ منطقي ۽ پيمائتي آهي- (يوناني هن عقيدي جا هئا ته فطرت منطقي ۽ پيمائتي آهي، ۽ رڳو انسان غير منطقي ۽ اڻ پيمائتو آهي) ۽ ”نيارائيءَ” جا حامي، جن جو انهيءَ ڳالهه سان اختلاف هو، پنهنجي طرفان  ٻوليءَ جي بيهڪ ۽ ڍانچي ۾ بيقاعدگيون ۽ ڏنگايون ڦڏايون ڳوليندا ۽ ٻڌائيندا رهيا. ”لاڳاپي“ جي حامين جو خيال هو ته لفظن جي شڪل ۽ بناوت مان سندن اصل ۽ حقيقي معنيٰ لهي سگهجي ٿي-- ۽ ان مطالعي کي هنن علم اشتقاق (Etymology) سڏيو. ”اشتقاق“ جو لفظ اڄ به عام استعمال ۾ آهي-- جيتوڻيڪ هاڻي ان جو مفهوم قدري مختلف ليکيو وڃي ٿو.

قديم يونانين، پنهنجي ٻوليءَ جو خوب مطالعو ڪيو، پر اهو سڄو مطالعو سندن  هن نظريي تي بيٺل هو ته سندن ٻوليءَ جي ڍانچي  ۾ انساني فڪر جا همه گير اظهاري نمونا موجود هئا. چنانچه هنن گرامر جا عام قاعدا ۽ اصول وضع ڪيا ۽ انهن کي علمي ويس ڏنو. پر ظاهر آهي ته اهي قاعدا فقط هڪڙيءَ ٻولي تائين ئي محدود هئا. ٻيءَ صدي ق.م ۾ ڊيونيسس ٿرئڪس ۽ ٻي صدي بعد مسيح ۾ اپالونيس ڊسيونيس انهيءَ ئي فلسفانه تعميمي پيرايي ۾ پنهنجا پنهنجا گرامر پيش ڪيا. ٻوليءَ جي جزئياتي مطالعي طور، هومر جي ”اِليڊ“ ۽ ”آڊيسي“ ڪتابن جي هڪ ٻئي يوناني عالم، ”اَرسٽارڪس“ (216-144 ق.م)، تفصيلي ڇنڊڇاڻ ڪئي، سا پڻ پنهنجي وقت جي نهايت قابل قدر ڪوشش هئي. بهرحال هنن يوناني عالمن جيڪي ٻولي وگيان جي ميدان ۾ هڪ پاساوان ۽ مخصوص نتيجا پيش ڪيا، سي ارڙهين صديءَ تائين بحال ۽ قابل قبول رهيا. ان کان پوءِ عالمن، انهن خيالن کي ڇڏڻ شروع ڪيو، ۽ اهو عام ويساهه ته ٻولي سنئين سڌي ۽ جيئن آهي تيئن خدا جي عطا ڪيل ڏات آهي، ان جي بدران ٻوليءَ جي ابتدا متعلق نئين قسم جي سوچ ويچار ۽ تحقيق شروع ٿي، ۽ هلندي هلندي، ان بابت هيٺيان نظريا پيش ڪيا ويا:

(1) ماڻهن جيڪي پنهنجي چوڌاري عام آواز ۽ شور ٻڌا، تن جي نقل ڪرڻ جي هنن ڪوشش ڪئي، ۽ ائين ٻولي شروع ٿي، هن کي ”هو هو“ يا ”وو وو“ (the bow vow)  جو نظريو سڏين ٿا.

(2) ماڻهن پنهنجي ماحول ۾ جڏهن ڪي خاص ۽ ڍنگائتا آواز ٻڌا، تڏهن اهڙا آواز ازخود ڪڍڻ شروع ڪيائون، ۽ ائين ٻولي شروع ٿي. هن کي ”ٽڻ ٽڻ“ (گهنڊ جي) يا ”ڊم ڊم“ (the ding dong) جو نظريو سڏيو ويو.

(3) ماڻهن پنهنجي اندروني اُڌمن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ خودبخود آواز- ڪاوڙ جا، عجب جا، خوشيءَ جا، ڊپ جا وغيره- ڪڍڻ شروع ڪيا، ۽ ائين ٻولي شروع ٿي. هـِـن کي ”آهه آهه“ يا ”واهه واهه“ (the pooh pooh) جو نظريو سڏيو ويو.

ٻئي پاسي يوناني عالمن جي ”علم اشتقاق“ بابت جڳ مشهور فرينچ فيلسوف، والٽيئر (1694- 1778ع)، انهيءَ حد تائين چئي ڏنو ته ”اشتقاق، هڪ اهڙو علم آهي، جنهن ۾ حروف علت جي ڪا اهميت ڪانهي ۽ حروف صحيح به ڪنهن خاص شمار ۾ ڪونه ٿا رهن!“

اِنهيءَ وچ ۾، رومن لوڪن پنهنجي لئٽن ٻوليءَ جا پڻ گرامر مرتب ڪيا، پر انهن کي يوناني ٻوليءَ جي ئي گرامر جي سانچي ۾ ٺهڪائي پيش ڪيائون. چوٿين صديءَ ۾، ”ڊونيٽس“ نالي، ۽ ڇهين صديءَ ۾ پريسيان نالي، لئٽن ٻوليءَ جا ٻه گرامر نويس پيدا ٿيا، جن جا گرامر سڄي وچولي زماني ۾ حرف آخر طور شمار ٿيندا ۽ استعمال ٿيندا رهيا. انهيءَ سڄي دور ۾ جڏهن لئٽن ٻولي، ڳالهائجڻ جي حيثيت ۾، بدلجي سدلجي رومانس(Romance)(1) يعني ڏيهي يوروپي ٻولين، جهڙوڪ: رومينين، فرينچ، اٽالين وغيره جا روپ وٺي رهي هئي، ٻوليءَ جي  تحريري صورت اُهائي ڪلاسيڪي لئٽن واري اختيار ٿيندي رهي. يورپ جي اڪثر ملڪن ۾، انهيءَ زماني جا عالم رڳو ڪلاسيڪي لئٽن جي ئي مطالعي ۾ مشغول رهيا. هن صورتحال جا نشان اڄ ڏينهن تائين مغرب جي اڪثر يونيورسٽين ۾ موجود ڏسجن ٿا، جن جي نصاب ۾ ڪلاسيڪي لئٽن هڪ مضمون طور اڄ به موجود آهي. وچولي زماني جي عالمن لئٽن گرامر جا ڪي نوان اصول، مثلا=  اسم ۽ صفت جو فرق وغيره ڳولي ڪڍيو، پر جيڪا تحقيق ۽ جيڪو مطالعو ڪلاسيڪي لئٽن ٻوليءَ جو اڳيان گرامر نويس پيش ڪري چڪا هئا، تنهن جي مثال کي هو پوءِ به پهچي ڪونه سگهيا- ڇاڪاڻ ته سندن زماني ۾ ٻولي، ڳالهائجڻ جي حيثيت ۾، پنهنجو روپ ڪافي بدلائي چڪي هئي، ۽ هو ڪلاسيڪي لئٽن جي بيهڪ ۽ بناوت کي ئي انساني ڪلام جو عين منطقي ۽ مثالي ماڻ ڪري شمار ڪندا رهيا. هنن عالمن جي پيرويءَ ۾ ڪيترن نسبتاً جديد زماني جي عالمن پڻ گرامر جا ڪتاب لکيا، جن ۾ هنن پنهنجي پنهنجي پسند ۽ واسطي پٽاندر، لئٽن توڙي ٻين ٻولين جي بناوت کي منطق جي عالمي اصولن جو سڀ کان وڌيڪ مشهور (grammaire generale ET RAISONNEE) نالي هڪ ڪتاب آهي، جو فرانس جي پورٽ رايل شهر جي هڪ خانقاهه ۾ سن 1660ع ۾ لکيو ويو. ٻولين بابت هن قسم جو محض فلسفيانه طرز جو خيال اڻويهين صديءَ تائين قائم رهيو. 1801ع ۾، گالفريڊ هرمن نالي هڪ جرمن عالم ساڳئي قسم جو هڪ گرامر جو ڪتاب(2) تيار ڪيو، جنهن ۾ هن رڳو هيءَ ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته دنيا ۾ جيڪڏهن ڪا عالمانه ٻولي موجود هئي، ته اها فقط لئٽن ٻولي ئي هئي.

مطلب ته وچولي دور جي مغربي عالمن لاءِ ڌيان لائق ڪا ٻولي يا زبان فقط لکيل ڪلاسيڪي لئٽن ٻولي هئي. ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ ۾ سندن دلچسپيءَ يا ان جي مطالعي جو، علمي دنيا ۾ خاص ڪو نشان ڪونه ٿو ملي. جڏهن يورپ ۾ سجاڳيءَ (Renaissance) جو دور آيو، تڏهن البت يوناني ٻوليءَ جو وري ڪجهه قدر چرچو شروع ٿيو، ۽ صليبي لڙاين سبب عربي ۽ هيبريو ٻوليون پڻ عالمن جي مطالعي هيٺ اچڻ شروع ٿيون. ساڳئي وقت، هيءُ زمانو عام تلاش ۽ کوجنا جو زمانو هو. ڪيترائي ڏورانهين ملڪن تان موٽندڙ مسافر ڪنهن قدر اُتان جون ٻوليون سکي واپس پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن موٽندا ٿي رهيا، ۽ پڻ عيسائي پادرين هٿان مذهبي ڪتابن جا والاريل ملڪن جي ٻولين ۾ ترجما ٿيڻ شروع ٿيا. انهن ٻولين جي گرامرن ۽ لغتن ٺاهڻ جون پڻ ڪنهن حد تائين ڪوششون ٿيڻ شروع ٿيون. اسپين جي پادرين 1500ع کان پنهنجي تبليغ جي ڪم سان گڏوگڏ ڪيترين اصلوڪين (آمريڪي) ٻولين ۽ فلپائين جي ٻولين تي ڪافي ڪتاب لکيا. پر پادرين جي انهن ڪتابن کي ٻولي وگيان جي دائري ۾ اڄ ڪا خاص اهميت ڪانه ٿي ڏني وڃي. هڪ ته هنن پادري عالمن کي ڌارين ٻولين جي آوازن سڃاڻڻ جي ڪا خاص تربيت حاصل ڪانه هئي، تنهنڪري هو انهن ٻولين کي صحيح صورت ۾ قلمبند ڪري ڪين سگهيا، ۽ ٻيو ته تڏهوڪي دستور موجب هو پڻ مختلف ٻولين جي گرامرن کي لئٽن ٻوليءَ جي گرامر جي سانچي ۾ ئي پلٽائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، جنهنڪري محنت جي زيان سان گڏ انهن ٻولين متعلق ڪيتري وقتائتي معلومات پڻ جديد ٻولي وگيان کان گويا هميشه لاءِ گم ٿي ويئي.

دنيا ۾ وڻج واپار جي واڌاري ۽ ملڪان ملڪ ماڻهن جي اچ وڃ سبب بهرحال ڪيترين ئي ڄاتل سڃاتل ٻولين جا گرامر ۽ لغتون ٺهڻ شروع ٿيون. ارڙهينءَ صديءَ جي آخر ڌاري ٻولي وگيان جي ترقيءَ جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته روس جي مهاراڻي ڪئٿرين جي چوڻ تي يورپ ۽ ايشيا جي 200 ٻولين جي هڪ تقابلي شبد مالها(1) تيار ٿي، جنهن ۾ 285 لفظ گڏ ڪيل هئا. هن ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن 1791ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ وڌيڪ 80 ٻوليون، جن ۾ ڪي ‘آفريقي’ ۽ ‘آمريڪي’ ٻوليون به هيون، شامل ڪيون ويون. هن ‘تقابلي شبد مالها’ جي ترتيب  ڪجهه هن ريت هئي:

انگريزي        ڊچ           جرمن          ڊئنش     سئڊش

مـَـئن(Man)            مان          مان            مانق     مان

هـَـئنڊ(Hand)   هانت          هانت             هانق         هاند

فُٽ(Foot)      وَٽ          فُس            فوقز      فوت

فنگر(Finger)   وِنگر          وِنگر         فينگر       فنگر

هائوس(House) هوئيس     هائوس          هُس        هوس


 


(1)           هن ڪُن ۾ هزارين ٻيڙا هيٺ هليا ويا
         جن جو هڪڙو تختو پڻ ڪناري تي پيدا نه ٿيو (نه مليو).

 

(2)           اي بلبل! عشق ڪرڻ پرواني کان سک
            جنهن سڙندي ساهه ڏنو، پر ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي.

 

(3)           جنهن ڄاتو تنهن حال ظاهر نه ڪيو.


 

(1)           جنهن کي حق جا راز ڏيکاريائون (سيکاريائون)
            ان کي مُهر ٿا ڪن، ۽ ان جو وات سبن.

 

(2)                       اي سعدي! ڪوئي پردو (رڪاوٽ) ڪونهي، تون آئينو صاف رک.

            ڪٽ چڙهيل (آئينو) يار جو جمال ڪئن پسائيندو؟

 

(3)           اهو آئينو، جو ڪٽ ۽ آلاڻ بنا آهي
            خدا جي نُور سان پيو چمڪي
            خبر اٿئي ته تنهنجو آئينو ڇو عڪس لائق نه آهي؟
            ڇاڪاڻ ته ان تان ڪٽ نه لٿي آهي
            وڃ ۽ وڃي ان تي چڙهيل ڪٽ لاهه
            اُن پڄاڻا اهو نُور معلوم ڪر (ڏس).

 

(1)           اي جعفر! ڪعبي ۽ مندر جي ڳالهه نه ڪر
            ڀٽڪيلن وانگر شڪ جي واديءَ ۾ سئر نه ڪر
            وڃ، بندگيءَ جو طريقو شيطان کان سک
            هڪڙو قبلو چونڊ، ۽ غير اڳيان سجدو نه ڪر.

(2)           آءٌ احمد آهيان بنا ”م” جي، يعني احد (هڪ يا الله) آهيان.

             ”م” مان مراد آهي ماسواءِ الله (مظهر صفات يا عالم ڪثرت).

(3)           احمد کان احد تائين هڪ ”م” جو فرق آهي.
            جهان انهيءَ هڪ ”م” ۾ غرق آهي.

(4)           عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ ڪوئي پردو ڪونهي
            تون خود حجاب آهين، اي حافظ! وچ مان اُٿ.

 

(1)               ڪهڙو عاشق ٿيو جنهن جي حال تي يار نظر نه ڪئي؟
            اي خواجه! درد نه هوندو، نه ته طبيب آهي ئي آهي.

 

(2)           مون کي ٻڌي کڻي دريا جي تري ۾ وڌو اٿئي
            مٿان ٿو چوين ته سنڀال، پاند نه پسائج.

 

(3)           عشق جي راه کان واقف، هن اونهي سمنڊ ۾
            غرق ٿيا، پر پاڻيءَ ۾ نه پسيا.

 

(4)                مران ته وصال واري ڏينهن مون کي منهن نه ڏيکارج
            حيف آهي جي توکي ڏسڻ جي حسرت دل مان هلي وڃي.

 

(1)           سڏ، جيڪو هر آواز ۽ پڙاڏي جو اصل آهي
            سڏ اهو آهي، باقي پڙاڏو آهي.

 

(2)           هڪڙو ئي آواز توکي ڪن ۾ ٻن نمونن ۾ ٿو ٻُري
            ڪڏهن ان کي سڏ ٿو ڪوٺين ته ڪڏهن پڙاڏو.

 

(3)           منهنجي ڦٽيل جان ۽ بيدار اکين ۾ تون اهڙو ٿو
            وسين جو ڪجهه به ظاهر ٿئي ته پري کان پرکيو وڃان ته تون آهين.

(4)           جيڪڏهن ڪو گڏهه ظاهر ٿئي؟

(5)           مان پوءِ به ڄاڻي ويندس ته ”تون” آهين.

(1)           اي حافظ! تنهنجو ڪم آهي ڪارون ڪرڻ
            انهيءَ ٻنڌن ۾ نه پؤ ته الائي ٻڌائين يا نه.

 

(2)           اندر جا ڳجهه يار اڳيان ڳرهيم
            ٻڌا وڃن يا نه، مان ته چوندس ئي چوندس.

 

(3)           سئيءَ جيان سدائين پوشڻ کان پري ٿا ڀڄون
            خلق لاءِ ڪپڙا ٿا سبون، ۽ پاڻ اگهاڙا ٿا رهون.

 

(4)           خنجر نه ڪڍ، سندم سيني تي نه هڻ
            دل اندر تون آهين، متان توکي لڳي.

 

(1)           پنهنجي ابرو ڪمان کي چؤ ته تير ڇوڙي
            جئن تنهنجن هٿن ٻانهن اڳيان سواسن سکالو ٿيان.

 

(2)           ڪفر ۾ پڻ سچو نه آهين، جڻئي کي بدنام نه ڪر.

(3)           اَچ، منهنجين اکين ۾ ويهه، ته توکي خلق کان لڪايان

            جئن توکي ڪوئي نه ڏسي، ۽ تو بنا مان ڪائي شيءِ نه پسان.

(1)           جيڪڏهن قيامت ۾ ديدار ڏيڻ جو وعدو ڏِنئه ته رنج نه ٿيندس،
          تو جهڙي جي وصال لاءِ ايڏو انتظار ته گهرجي ئي.

 

(2)           يار جي قدمن تي سر قربان ٿيو ته ڪهڙو نه ٺيڪ ڪم ٿيو
          هيءُ ڳورو بار هئو، لٿو ته ڪهڙو نه ٺيڪ ڪم ٿيو.

 

(3)           ساقي! اُٿ ۽ پيالو پيار.

(1) وڌيڪ وڻندڙ آهي ته دلبرن جو راز ٻين جي حوال ۾ ٻڌائجي.

(1) لفظ ”رومان“، ”رومانوي ادب“ پهريائين هر انهيءَ پيشڪش لاءِ استعمال ٿيو. جيڪا لئٽن ٻوليءَ بدران انهن رومانس (يعني ڏيهي) ٻولين ۾ لکي ويندي آهي.

(2)  De Emmendanda Ratione graecae grammaticae (1801).

(1)  Linguarium Folisorbis Vocabularia Oomparativa- St: Petersburg. 1786-89- edited by P.S.Pallos

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com