سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :10

ان دور ۾  سرڪاري يا غيرسرڪاري طور تي ايران جا ڪيئي امير، عالم ۽ شاعر سنڌ ۾ داخل ٿيا، جن مان عاشق صفاهاني(83)، مرزا جعفر شيرازي(84) ۽ ٻيا ڪيئي شاعر ۽ حڪومتي ڪارڪن آيا، جن جو ذڪر ’مقالات الشعراء‘ ۽ ’تحفة الڪرام‘ ۾ موجود آهي. عاشق هتي سنڌ ۾ فوت ٿيو، مڪليءَ جي مقام ۾ سندس قبر اڃا موجود آهي. شيخ علي حزين(85) ۽ ايران جو مشهور مرثيه گو شاعر ملا مقبل (86) (وفات گجرات 1157هه) پڻ ان دور ۾ سنڌ ۾ پهتا هئا.

نادر شاهه 11 محرم 1153هه تي سنڌ مان ايران لاءِ موٽندي ميان نورمحمد کي ”شاهه قلي خان“ جو خطاب ڏنو، جنهن جي تاريخ سنڌي درٻار جي شاعر هن ريت چئي:

اي آن کہ توئي بملک دولت قائم
از خوان تو افطار کند هر صائم
تا مملکت ”سنـد“ شـهنشاهت داد
تاريخ تو شد ”شاه قلي خان دائم“
                                      (1152هه)(87).

نادر شاهه جيسين جيئرو هو، ايران سان اسان جا سياسي لاڳاپا برابر قائم رهيا. سنڌ جا سفير ۽ خود سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم جا ٻه پٽ مستقل طور نادر شاهه جي قتل 1160هه تائين ايران ۾ رهيا. جڏهن محمد مرادياب (1164هه ۾ سنڌ واپس پهتو ته شاعرن سندس آمد جي موقعي تي قصيدا ۽ تاريخون چيون. مثال طور:

بامزده رسيد، خان عالي بوطن (جعفر).

-------

بافضل خدا، خان جوان بخت رسيد

         از راه خـــراســان، بوطن بـــاز رسيد (محسن) (88)

شيخ غلام محمد پڻ ايلچي طور نادري درٻار ۾ آخر وقت تائين رهيو(89). مير ابراهيم شاهه حيدرآبادي ٻيو سفير هو، جو سنڌ مان ايراني درٻار ۾ ڪيئي ڀيرا آيو ويو(90).

سنڌ جي والي ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي ايران دوستيءَ جو هڪ ٻيو مستحڪم ۽ مقدس نشان پڻ آهي، جو اڄ به اسان کي انهن ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو. هي مشهد مقدس جي ميوزيم ۾ اهو لا ثاني ڪلام مجيد آهي، جيڪو هن نادرشاهه جي اچڻ کان اڳ (1148هه) ”مقدس آستان“ ڏي موڪليو هو، جنهن جي سينگار ۽ سونهن جو مثال شايد ئي دنيا جي ڪتبخانن ۾ ملي(91).

(12)

تيرهين صدي هجريءَ ۾ ”ٽالپور“ نالي هڪ ٻيو مقامي قبيلو حڪمران (1198-1258هه) هو. خود ”تال- پور“ جي لفظي ترڪيب ايراني ۽ سنڌي لاڳاپن جي هڪ علامت آهي. ايران سان هن گهراڻي جو تعلق ان حد تائين ڳنڍجي ويو، جو انهن ايران دوستيءَ ۾ نه فقط ان کي پسند ڪيو، بلڪ سندن طور طريقا، حڪمرانيءَ جا قاعدا ۽ ضابطا، رهڻ سهڻ، لباس ۽ کائڻ پيئڻ توڙي عمارتسازيءَ تي ايراني اثر غالب ڏسجي ٿو. قاچاري بادشاهن سان سندن گهرا لاڳاپا هئا. وڪيلن جي اچ وڃ ۽ سوکڙين پاکڙين جي ڏي وٺ آخر تائين جاري رهي. مرزا محمد عليءَ کي سفير طور 1214هه ۾ ايران موڪليو ويو، جيڪو واپسيءَ تي فتح علي شاهه قاچار جي سفير مرزا اسماعيل کي پاڻ سان وٺي  آيو. هنن سفيرن جي اچڻ وڃڻ جون تاريخون، مقامي شاعرن جي ديوانن ۾ موجود آهن(92).

سنڌ جو مشهور مرثيه گو شاعر سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي 1219هه ۾ ايران جي سفارت تان واپس پهتو، جنهن جي تاريخ مير مائل ٺٽوي چئي آهي. مير غلام محمد ٺٽوي سفارت تان 1225هه ۾ واپس ٿيو ته سندس آمد جي تاريخ چئي وئي(93).

ٽالپور حاڪم پاڻ فارسيءَ جا مصنف ۽ صاحب ديوان شاعر هئا، چنانچه نظم ۽ نثر ۾ هنن حڪمرانن ڪيئي تصنيفون ڇڏيون آهن. سندن درٻار فارسي شاعرن ۽ خاص طرح ايراني شاعرن سان ڀريل رهندي هئي. ڪتبخانن ٺاهڻ جو کين خاص شوق هو. هر بادشاهه ۽ حرم اندر هر ديري جو ڪتبخانو الڳ الڳ هوندو هو، جن ۾ فارسيءَ جا مکيه ڪتاب موجود هئا. هي سڀ ڪتاب خاص طور تي شاهي ڪتبخانن لاءِ لکايا ويندا هئا ۽ اڪثر ڪاتب ايراني هئا(94).

هي بهترين ڪتبخانا انگريزن سنڌ غضب ڪرڻ وقت 1843ع ۾ ويران ڪيا. روس کان وٺي پيرس ۽ لنڊن کان جرمنيءَ تائين، مختلف ڪتبخانن ۾ انهن جا جزا موجود آهن. هن وقت به جيڪي ڪتاب اسان وٽ بچيا آهن، اهي پنهنجيءَ جاءِ تي بيحد قيمتي آهن. گهڻا ڪتاب اهڙن ايراني ڪاتبن جا ترتيب ڏنل آهن، جيڪي گهڻو ڪري ايران ۾ اڻڄاتل آهن ۽ پنهنجي دور جي ”خطاطن جي تاريخ“ ۾ اهي قيمتي واڌاري جو باعث بنجي سگهن ٿا. وصال شيرازيءَ جا لکيل ڪيترائي ڪلام مجيد موجود آهن. مولانا جاميءَ جو مڪمل ”خمسه“ سندس پنهنجي اکرن ۾ لکيل موجود آهي. ماضيءَ جي ٻين هندي بادشاهن کان سواءِ شهنشاهه آريه مهر جو دستخط پڻ موجود آهي، جو سنڌ جي آخري دارالسلطنت حيدرآباد ۾ سندس اچڻ جي موقعي تي يادگار طور هنيو ويو هو.

ٽالپوري دور جو هڪ ٻيو يادگار به اسان وٽ موجود آهي، ۽ اهو آهي معاصر شاعرن جو تذڪرو، جيڪو سيد مير حسن الحسيني شيرازي ”زبدة المعاصرين“ (95) جي نالي سان، ٽالپور بادشاهن جي لاءِ 1240هه ۾ تاليف ڪيو. هن تذڪري ۾ گهڻو ڪري اهڙن ايراني شاعرن جو ذڪر ملي ٿو، جن کان خود ايران جا عالم به واقف نه هوندا.

ٽالپوري ڪتبخاني ۾ ٻيا قيمتي ڪاغذات به آهن، جي ايران ۽ سنڌ جي لاڳاپن سان تعلق رکن ٿا ۽ ايراني بادشاهن جا موڪليل تحفا به شامل آهن.

اسان مٿي چيو آهي ته هن عهد ۾ هتي جي اٿي ويٺي ۽ عمارت سازيءَ تي به ايراني اثر غالب هو. هن هڪجهڙائيءَ جي آخري نشاني حيدرآباد جي قلعي ۾ اها ننڍڙي عمارت اڃا به زبون حالت ۾ موجود آهي، جيڪا اصفهان جي ”علي قاپو“ جو نقل ڏسجي ٿي.

(13)

تيرهين صديءَ جي وچ ڌاري پهريائين هندستان ۾ ۽ پوءِ سنڌ ۾ انگريز ۽ سندن قبضي جا آثار گهرا ٿيندا ويا. مسلمانن کي ان جو ڪافي احساس هو، ليڪن مسلم حاڪم ان حد تائين ڪمزور ٿي چڪا هئا ۽ مغل سلطنت جي وحدت ان حد تائين ختم ٿي ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ورهائجي چڪي هئي، جو ڪنهن ٻاهرئين تازه دم قوم جو مقابلو ڪرڻ سندن لاءِ ناممڪن هو. هن دور جا رسالا، ڪتاب ۽ شاعرن جا ديوان هن ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته هند جو خواهه سنڌ جو مسلمان، ايران جي طرف واجهائيندو هو. کين يقين هو ته ايران ضرور هن ڏکئي وقت ۾ بچائي وٺندو.

هن دور جو هڪ هندي شاعر ظهورالله ”نوا“، جنهن جا وڏا ستين صدي هجريءَ ۾ ايران کان هند پهتا هئا(96)، سو سنڌ ۽ هند جي هن حالت کان متاثر ٿي ايران جي طرف ويو ۽ اتي پهچي هن ”تاريخ جهانکشائي نادري“ جي مؤلف مرزا مهديءَ جي ڏوهٽي مرزا ذڪيءَ آڏو شعر پڙهيو:

تنگ دل، بيمار، جان برلب، بـہ ايران آمدم

انـــدريـن ”دارالشفاء“ محتــاج درمـــان آمدم

هي فتح علي شاهه قاچار (1797-1834ع) جو دور هو. مرزا ذڪي شاهي درٻار جي شاعر فتح علي خان ”صبا“ تائين کيس پهچايو ۽ ”صبا“ جي ذريعي ”نوا“ جڏهن شاهه جي آڏو پهتو ته هند ۽ سنڌ جي ڏک ڀري حالت تي هن هڪ دردناڪ قصيدو پڙهيو، جنهن جي شروعات هن فرياد سان ٿئي ٿي.

در هند از بدگوهران، آفت پديدار آمده!

سبز نخــل فتنها، ظلـــم و بلا بار آمده!

۽ اڳتي هلي چوي ٿو:

احوال هندوستان ز ِمـَـن، کـــن گــوش اي شاه زِ من

در هند و سند و هم دکن، رايت نگونسار آمده!

’نوا‘ قصيدي ۾ چيو آهي ته: اي دوست، جنهن ڏينهن پيغامبر هي خوشخبري ڏيندو ته شاهه ايران هندستان جي ارادي سان قنڌار تائين اچي پهتو آهي، ان وقت اسين زبان سان سندس شڪر ڪنداسين:

سازد ز قندش پر دهن، گويد چو منهيٰ ناگهان،

ياران! پئي  هندوستان،  شاهم  بقندهار  آمده!

قنڌار، ايران ۽ مرڪزي ايشيا جي طرف ويندڙ رستي کي صاف ڪرڻ لاءِ، بهرحال انگريزن هي ضروري سمجهيو ته پهريائين سنڌ تي قبضو ڪجي. چنانچه دهليءَ تي تسلط (1857ع) ڪرڻ کان چوڏهن سال اڳ هنن (1843ع) سنڌ تي قبضو ڪيو.

آزاد سنڌ جي حڪومت ۽ ايراني مملڪت جي لاڳاپن جي آخري نشاني، اسان وٽ يادگار طور تي اهو لاجواب ڪلام مجيد آهي، جيڪو ٽالپورن جي آخري آزاد سلطان ميرمحمد نصير خان 1258هه ۾ مشهد مقدس جي لاءِ سنڌ کان موڪليو هو، جيڪو اڄ به اتي جي ميوزم جي زينت بنيل آهي. هي ڪلام مجيد (97)، ان قرآن پاڪ کان، جيڪو هڪ سؤ سال اڳ سنڌ کان موڪليو ويو هو، سينگار ۽ سونهن ۾، ڪنهن ريت به گهٽ ڪونهي.

بزرگ خطئه هند و امير کشور سند
که نامِ نامئي او خود علي مدد خان شد
بزرگواري کز عقل و دانش و تدبير
بدهر غيرت اعشيٰ و رشک حسان شد
 ----

پس آنگه از پئي تاريخ اين زيارت مير
خـِـرد ’بعرصه فکر و خيال‘ پريان شد
زهــــوش ’فـــرصـــت آورد ســـر‘ پـس آنگه گفت

 

علي مدد مددش از علي عمران شد! (98)
                          1289
+ 5 = 1294هه

جيتوڻيڪ انگريزن جي تسلط بعد سنڌ ۽ ايران جا لاڳاپا ظاهر ۾ ختم ٿي ويا، پر روحاني ۽ ادبي لاڳاپا، صدين وانگر برابر قائم ۽ جاري رهيا.    (ڪراچي 2-8-1966ع)

حوالا ۽ حاشيا (از: مقاله نگار)

(1) 162-148، 47، 38 J.B. P.P.

(2) رشيد: ص 23- 49.

(3) قصص: ص 118 ۽ سمٿ: ص 107.

(4) عزر: ص 563، مسعودي: ج 2، ص 191- 200.

(5) 38 E.I. P.

(6) خان: ص 12-14، خرد: ص 62، مسعودي، ج 1، ص 349.

(7) تاريخ: ص 134- 136- 216- 233، خل: ج 3، ص 343، سيد، ص: 241.

(8) ايران جي ماڻهن ۽ قافلن جو ذڪر عربن جي ڪتابن ۾ موجود آهي. مثال طور: مسعودي (346هه).... ’و بلاد الهند متصله ببلاد خراسان والسند ممائل المنصورهِ والمولتان والقوافل المتصلة من السند الي خراسان‘ (ج 1، ص 157) ۽ ادريسي (560-493هه) لکيو آهي ته خراساني ۽ ايراني بلخ جي بختي نسل توڙي سمرقندي نسل جي وڌائڻ جي لاءِ، سنڌ کان اُٺ خريد ڪيا هئا- ’اهل يرغب فيها اهل خراسان وغيرهم من اهل فارس و شبائها النتاج البخت البلخيـة والنوق السمرقنديہ‘ (ص 21). ان ريت ابن بطوطه (734هه) بادام متعلق لکيو آهي ته.... ”از خراسان بادام وارد مي کردند زيرادر اينجا (در سند) درخت بادام وجود نداشت“. عالمن ۽ شاعرن جي آمدورفت جو حال به عربي ڪتابن ۾ اچي ٿو، چنانچه مقدسي (تاليف 375هه) شيراز ۾ هڪ عالم سان ملاقات ڪئي، جو مدت کان سنڌ ۾ ٽڪيل هو، ۽ هن کيس سنڌ جي حالتن کان واقف ڪيو هو. هڪ وڌيڪ فاضل سان به مقدسيءَ جي ملاقات ٿي هئي، جيڪو ابوالهشيم نيشاپوريءَ جي دوستن مان هو، ۽ هن سرزمين سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن کي ڏٺو هو.... ”وسا ِّ لت رجلامن اهل العلم الحکمہ وکان يجلس بشيراز والا هواز ويقص عليهو و يعرف بالزهد وقد اقام بتلک البلدان مدة مديدة (ص 477).... وکذالک سالت فقيها آخر من اصحاب ابي الهشيم النيسابوري وقد وطي تلک النواحي و عرف اسباهبا فصح عندي من قولها (ص 487).

        مقدسي انهن سفيرن سان به مليو هو، جي منصوره جي حڪومت پاران عضدالدوله (283- 338هه) جي درٻار ۾ مقرر هئا... ”ورايت رسولهم قدواني اِليٰ ابنہ ونحن بشيراز“ (ص 285).

        جنهن وقت ابن بطوطه (734هه) بکر پهتو هو، ته ان وقت هن شمس الدين بن محمد شيرازيءَ سان ملاقات ڪئي هئي.

        هنن لاڳاپن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته عربن جي دور ۾ پڻ سنڌ ۽ ايران جا گهرا لاڳاپا قائم هئا.

(9) اگرچه عرب جغرافيه نويسن منصوره ۾ فارسي زبان جي رواج جو ذڪر نه ڪيو آهي، تاهم انهن مڪران ۽ ملتان جي باري ۾ لکيو آهي ته اتي جا ماڻهو فارسي ڳالهائيندا ۽ چڱيءَ پر سمجهندا هئا. مڪران ۽ سنڌ نه صرف هي ته دنگئي هئا، بلڪ وڏيءَ حد تائين مڪران سرزمين سنڌ جو حصو هو ۽ ملتان به ان وقت منصوره کان جدا ٿي چڪو هو. ليڪن جغرافيه ۽ تاريخ جي خيال کان سنڌ جو هڪ حصو خيال ڪيو ويندو هو. اصطخري: (وارد هند: 534هه) ”ولسان اهل مکران فارسي و مکراني“ (ص 40). اهو به چيو وڃي ٿو ته انهن جو لباس به ايراني هو. ڏسو: اصطخري (ص 77). ان ريت مقدسي (تاليف 375هه) ملتان متعلق لکيو آهي ”...وفارسية مفهومة“ (ص 480).

        اگر ملتان ۽ مڪران ۾ فارسي رائج هئي، ۽ ماڻهو هن زبان ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا، ته پوءِ هي ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته سنڌ فارسي زبان کان محروم هئي، جڏهن ته منصوره ۽ ديبل وڏا واپاري مرڪز هئا.

(10) 223. E.R.E: P.

(11) زين: ص 70، سنڌ ۽ ملتان جي اسماعيلين لاءِ وڌيڪ ڏسو، سيد: ص 35-329، 341-355 ۽ فرشته: ج 1، ص 17 ۽ 27، ڪامل: ص 132.

        هن ڏس ۾ عنصري چوي ٿو ته:

نه قلعه ماند که نکشاد و نه سپهه که نَزَد

نه قرمــطي کـــه نکشت و نـــه گــبر نه کـافــر

(ديوان: ص 111)

(12) دقيقي:

شـ* بر برستان و شاهان هند

گزينش بدادند و شاهان سند

(ديوان: ص 111)

فرخي: (جڏهن هو محمود سان گڏ سفر ڪري رهيو هو).

شنيده ام کــه فــرامر ز رستم اند سند

بکشت مارو بدان فخر کرد بيش تبار

(ديوان: ص 53)

بسند و هند کسي نيست مانده کان ارزد

کـز آن تو شـــود آنـــجا بجنگ يــک چاکر

ص: 73

زنده پيلان کز در دريائي سند آورده اي

مال ديگر بگزراني از لــب دريائي نيل

ص: 221

رايت تو سايه افگنده است بــر دريائي سند

کي بود شاها که سايه افگند برکوه شام

سنــد و هــنــد از بــت پرستان کرد پاک

رفــــتــہ زيـــد ســــوتـــا بـــدريـــاي روان

ص: 263

عنصري:

بسند و هنـــد ز عکس رخ هزيمنيان

مزارغوان را نتوان شناختن ز زريد

ديوان: ص 73

بسند و ناحيت هنــد شهريار آن کرد

کجا بـــمــرد خيبر نــکــرده بد حيدر

ص: 111

هم اندرين مه کايد حرب کرد و رفت بسند

بحرب کــوره و تـــارا چـــوگــــز کـــان کــبر

ص: 112

قطران:

اگرچه زاءِ تو ايـن جـــا وگــرچه جـــاي تو ايدر

بتو تر سانند اندر سند و چين اطفال را مادر

ديوان: ص: 174

ناصر خسرو:

از پارسي و تازي و از هنــدي و از ترک

و ز سندي و رومي و ز عبري همه يکسر

ديوان: ص 174

پيغمبر عـــرب يکسر مــشـرف گـــشــت و فراد

ز ترک و رومي و هندي و سندي گيلي و ديلم

ص: 269

بِعلم هــنــد سر بر کشيدي

              بسند و هند اطراف خراسان   ص: 213

بسند انداخت گاهم گهه بمغرب

           چنين هرگز نــديــد ســتــم فلاخن   ص: 311

من همي نــازش بـــال حيدر و زهـــرا کنم

تو همي نازش بسند و هند بد گوهر کني

         ...  ...   ....   ...   ...   ...   ...

بنده اي را سند بخشي پيشکاري را طراز!

کهتـــري را بـــر زمين خــاوران مــهتر کنــي

ص: 423

بخواهد خورد مــر پروردگـــان خويش را گيتي

نخواهد رستن از چنگال او سنــــدي و نه هندي

ص: 493

چو فضل دين احمد را ز فضل خويش بفگندي

چــو باشد فضــل ســـوي او بــــر هندي و سندي

ص: 494

مسعود سعد سلمان:

           رايان هند را و هـزبـــران سنـــد را

           در بيشها بيان و بيکجا نثارکن  ديوان: ص 437

عسجدي: (جڏهن محمود سان سنڌ ۽ گجرات ۾ هو)

تا شاه خسروان سفر ســـومنات کرد

کردار خويش را علم معجزات کرد

ديوان: ايڊٽ طاهري شهاب

امير معزي:

بر زمين هــنــد و سند از هيبت شمشير او

شير غرند نگردد يک زبان غائب ز غائب

(ديوان ص: 66)

از نـــاحيه ســــــنــد کــنــوتـــا بــــدر هند

بـــس کس که ازين رنج بدر دست و بيمار  ص: 202

خصم ملک از گريزي صد لشکر آورده بهم

از حد کالنــحــّر و قنــوج و سند و مولتان

ص: 520

مختار غزنوي: (جيڪو سرهنگ خطيبي ۽ مسعود سعد سلمان جي ملڻ لاءِ، سنڌ ۾ آيو هو. مقدمه: ص 95)

ترا بحاکمي سند تهنيت چه کنم
که گشت از هنرت هنرور زمانه سمر
همه ممالک مشرق سپرده گيربتو
چو هند بر تو نوشتند سند را چه نظر
 

ديوان: ص 139

(13) ناصريءَ ۾ لکيل آهي ته: ”چون ممالک سند بروي (ناصرالدين) قرار گرفت، در حوادث کفار چين اکابر خراسان و غور و غزنين بسيار بخدمت او پيوستند و او در حق همگنان انعام و اکرام فرمود“ (ج I، ص 419).

(14) مملوڪيه: ص 60 (حواله فرشته).

(15) بزم: ص 93.

(16) لباب: ص 764، مملوڪيه، ص 39، ميگزين، ص 93، نومبر 1938ع. هي عبارت گل رعنا (شفيق) تان کنيل آهي-- ”فضلي ملتاني ملقب بتاج الفضلا از علما ِّ ملتان بود در خدمت ناصرالدين قباچه بسر مي برد“.

(17) چچنامه: ص 11.

(18) ناصرالدين قباچه جي مدح ۾ چيو اٿس:

خسروا ملک بر تو خرم باد

نخل گــــيتي ترا مسلم باد!

وڌيڪ ڏسو، چچنامه، ص: 7.

(19) عوفي: جلد 2، ص 418، ميگزين: ص 19 (نومبر 1938ع)، قانع: ص 27 (مقدمه).

(20) عوفي: ص 24.

(21) بزم: ص 104 (حوالو فرشته).

(22) بزم: ص 102 (حوالو فوائد الفوائد. ص 137).

(23) بزم: ص 157.

(24) 9-1 P.P.S-PP، مظهر: حاشيه عثمان، لب: ص 8-6 ”در دربار خان شهيد (683-668هه) شعر و ادبيات فارسي رونق خاصي داشت اشعار فردوسي، سنائي، خاقائي و نظامي قرائت مي شد، و مورد بحث قرار مي گرفت.“ برني لکي ٿو: و درميان او شاه نامه و ديوان سنائي و ديوان خاقاني و خمسه شيخ نظامي خوانندي و در اشعار بزرگان مذکور دانايان درپيش او بحث کردند....“ (ص 67). جنهن دور ۾ شيخ مروندي هن سر زمين تي رهيل هو، خان شهيد ٻه ڀيرا شيخ سعديءَ (691هه) کي ملتان گهرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر شيخ پيريءَ سبب انڪار ڪري ڇڏيو. برني لکي ٿو... شيخ عثمان مروندي که بزرگوار بود در ملتان رسيد.... خان شهيد..... لورا با فراط تواضع کرد.....و خان شهيد.... دو کرت از ملتان در طلب شيخ سعدي قاصد او عائد اکسان و خرج در شيراز فرستاد، شيخ را در ملتان طلب کرد، و خواست که بجهت او در ملتان خانقاه سازد و دران خانقاه دِهِ ها وقف کند- خواجه سعدي از ضعف پيري نتوانست آمد و هر دو کرت يکان سفينه غزل بخط خود، نزد خان فرستاد و عذر نيامدن خود دار قلم آورد.... (ص 68).

(25) عفيف: ص 246.

(26) عفيف: ص 406، ماهرو: مکاتيب، شمارو 1 (ص 2)، 8 (ص 19)، 46 (ص 100)، 99 (ص 186)، 134 (ص 229) ۽ مڪلي نامه (حاشيه)، ص 137- 176.

(27) مڪلي: (حاشيه) ص 87- 107، ميگزين: فيبروري 1935ع، ص 140.

(28) ميگزين: فيبروري 1935ع، ص 142-156.

(29) ايوب: ص 262 ۽ 263، قلمي نسخو ذاتي ملڪيت ڊاڪٽر معين الحق ڪراچي.

(30) قلمي نسخو (خانقاه مخدوم نوح هالا)

(31) بزرگ: ص 3.

(32) مڪلي: (حاشيه) ص 41-72، معارف: ص 195، تک: ص 188.

(33) رحيمي: ج 1، ص 273.

(34) رحيمي: ج 1، ص 273، معصومي: ص 74-75.

(35) قانع: ص 816.

(36) معصومي: ص 76، 199، حبيب ج 4، ص 349، هاشمي: راقم الحروف جو مقدمو، رحيمي: جلد 1، ص 275، تک: ج 3، ص 141.

(37) رحيمي: جلد 1، ص 274، معصومي: ص 75. علامه دوانيءَ کي محمود گاوان وزير به دعوت ڏني هئي ته هو بيدر ۾ اچي رهي. ڏسو گاوان: مکتوب نمبر 41، ص 172.

(38) تک: ج 3، ص 191.

(39) تک: ص 192.

(40) مڪلي: (حاشيه) ص 550.

(41) حبيب: ج 4، ص 390 تا 494، ترخان: شجرو ايل، مڪلي (مقدمو).

(42) فرشته: ج 2، ص 620، طاهري: ص 61.

(43) تک: ج 3، ص 193، قانع: راقم الحروف جو مقدمو. پڻ ص 531، قصائد: راقم الحروف جو مقدمو سنڌي: مير قانع جي زندگيءَ جو خاڪو از راقم الحروف.

(44) تک: ج 3، ص 198.

(45) معصومي: ص 91- 92- 181. تک: ج 3، ص 300 ۽ پوراني.

(46) معصومي: ص 44-46- 47- 52- 112- 215- 225- 239، تک: ج 3، ص 202.

(47) شيخ نظام الدين دهلوي مڪي خانقاه ۾ دفن ٿيو. قبر اڄ به موجود آهي.

(48) معصومي: ص 204.

(49) معصومي: ص 44، 204، 217 ۽ 239.

(50) معصومي: ص 204.

(51) تک: ج 3، ص 141.

(52) معصومي: ص 206.

(53) ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ، ايڊٽ راقم الحروف.

(54) زير طبع، ايڊٽ ۽ مقدمو راقم الحروف (هاڻي شايع ٿيل).

(55) نسخو قلمي بانڪي پور جو ڪتبخانو. ان جو عڪس مون وٽ آهي.

(56) مطبوعه: نولڪشور لکنو 1880ع، ٻيو ڇاپو نولڪشور لکنو 1903ع، ٽيون ڇاپو: ماهنامه اردو: اوررنگ آباد جولاءِ 1928ع، ۽ راقم جو قلمي نسخو.

(57) ناياب.

(58) راقم جو قلمي نسخو.

(59) قانع: ص 862. معصومي (ص 180) لکيو آهي- ”پل بر نهر مقابل قصبه جون بستند و تاريخ مصالحه و پل بستن را بادشاه (همايون) ’صراط مستقيم‘ يافته اند“، پڻ ڏسو بيگم: ص 62.

(60) 65. RAY P، عباسي: ص 97.

(61) تک: ج 3، ص 199.

(62) قانع: ص 17.

(63) قانع: ص 465، تک: 3، ص 203.

(64) معصومي: ص 225 ۽ 239.

(65) عباسي: ص 116. اڪبر: ج 2، ص 237. (روملو: ص 422. ۽ اهو خط جيڪو شاهه طهماسپ لکيو هو، ”عالم آرائي عباسي“ (برٽش ميوزيم-a 173 f. 7654 Add:) جي قلمي نسخي جي ڪناري تي هڪ غير معلوم شخص جي هٿ سان لکيل موجود آهي. راقم کي ان جو اطلاع ڊاڪٽر رياض الاسلام ڏنو، جنهن لاءِ سندس مهرباني.

(66) تقي: ورق 482- 486. روز: ص 679. نشتر: ورق 327. مخزن: ص 1401- 1406.

(67) معاني: ص 523- 524.

(68) زخمي: ورق 254. هنر: ص 377. آثار: ص 73.

(69) هنر: ص 379.

(70) سير، ص 169. معاني: ص 116 (حوالو عرفات).

        (1) مرشـد نامي شيخ گرامــي احمد جامي عمم بره

             سال وفاتش گر تو بجوي احمد جامي قدس سره

        (2) 536.

        (3) حرره محمد معصوم.

        (4) بکري نامي.

        (5) 1012.

راقم الحروف 13- سيپٽمبر 1966ع تي هيءُ ڪتبو ڏسڻ ۽ ان جو عڪس پاڻ وٺڻ ويو. ڪتبو احمد جام تربت جي پٿرائين ڪٽهڙي جي مٿئين ڪناري تي نصب ٿيل آهي.

(71) عباسي: 647- 663. اڪبر: ج 4، ص 825. بکري: خط جيڪو مير معصوم شاهه عباس جي نالي کڻي ويو هو، اهو جامع المرسلات ۽ فياض القوانين (برٽش ميوزم 9617- O.R) ۾ موجود آهي ۽ پڻ اڪبر: ج 3، ص 836.

(72) ترخان: ص 85. معاني: ص 293، 294، 325، 437، 453، 477، 555، 576، 598، 603، 605.

(73) تک: ج 3، ص 85- 138. ترخان: ص 91. ماثر: ج 3، ص 346.

(74) ذخيرهِ: ص 162.

(75) عباسي: ص 450.

(76) ذخيره: ص 286، ماثر: ج 3، ص 485. مڪلي (حاشيه) ص 267- 276، تزڪ: ص 129.

(77) مڪلي (حاشيه) ص 277- 280. تزڪ: ص 350- 356- 359.

(78) قانع: ص 130- 759.

(79) قانع: ص 300.

(80) راقم جو قلمي نسخو: ص 51.

(81) وصيت: مقدمو از راقم الحروف.

(82) مهراڻ: ص 145.

(83) قانع: ص 390. (حاشيه).

(84) قانع: ص 150.

(85) حزين: ص 732. قانع: ص 168. سفينه: ص 1-54. آزاد: ص 193.

(86) قانع: 766. روئداد: 384.

(87) محسن: ص 487.

(88) وصيت: ص 12.

(89) وصيت: ص 23.

(90) مهراڻ: ص 180.

(91) نمبر 255 (مشهد مقدس جو ميوزيم، ورق 606 = 23x36/4)

(92) مهراڻ: ص 179. ڊاڪٽر برنس لکي ٿو ته ٽالپور، ايراني اثر هيٺ شيعه مذهب ۾ داخل ٿيا:

The Talpurs were originally Soonnees Like Balochees and Sindhians in general. But their connection with Persia has infected the Court with the heresies of that kingdom, and with the exception of Murad Ali and Sobdar، who are still attached to the orthodox Doctrines, they have become Sheah's or followers of Ali (P-81).

-- جڏهن محمد علي وڪيل، سلطان فتح علي شاه قاچار جي وڪيل سان گڏ، ايران مان سنڌ پهتو ته مير مائل مبارڪباد جي هڪ قطعي ۾ چيو:

بنازم کز ايران دگر در وطن
محمد علي ميرزا آمده
ز سلطان ايران گرفتـہ وکيل
باقبال شاهان ما آمده
خوش آمد که خوشنودي طبع من
ز بشنيدن اين صدا آمده
دل من بشکرانه اين نويد
بشارت دم مرحبا آمده
بحمدالله کاين مسلم پاک دين
سلامت بفضل خدا آمده
فبلغ دعاي اليٰ من لـہ
نويد حصول رجا آمده
فبلغ تساليم شوقي اليـہ
پيامم به پيک، صبا آمده
ببزم شهان باروي سرخرو
ز مـــائـــل مـــحـــق اين دعـا آمده.

 

مير مائل هڪ ٻيو قصيدو ميرزا محمد اسماعيل، ايراني شاهي وڪيل جي سنڌ اچڻ وقت مبارڪ طور چيو هو:

مزده اي دل کاين زمان از حضرت خاقان و شاه
مزده تشريف مرزاي بما خوش آمده
مرزايم سيد اسماعيل ذوالمجد و شرف
بارک الله خيرمقدم مرحبا خوش آمده
خوش ز سمت شاه ايران جانب شاهان سند
از صداقت آن وکيل باصفا خوش آمده
در قدوم پر نشاط آن نشاط افزاي دل
گفت از شادي دلم صبح و مسا خوش آمده
از صداقت شاد دل آمد ز ايران چون بسند
شاديءَ دوران بکارم اصدقا خوش آمده
سال تشريف شريفش زان مکان در ملک سند
چون ز دل جستم بگفتا ”ميرزا خوش آمده”
                                                 1214هه

باد دائم فضل حق بر مدعايش کام بخش
از دل ’مائل‘ بحق عرض دعا خوش آمده!

 

(93) مهراڻ: ص 156

(94) موج: مقالو احسن ڪربلائي

(95) هي تذڪرو ڊاڪٽر محمد باقر لاهور کان ڇپيو آهي.

(96) بدايون: ص 18-25.

(97) مشهد مقدس ميوزم، شمار 2.

(98) ديوان فرصت: ص 427، تهران 1337 شمسي.

 

ڪجهه نوٽ، وضاحتون ۽ اضافا (از: سنڌيڪار)

(1) هيءُ باوقار مقالو، سنڌ جي مايه ناز عالم محترم سيد حسام الدين شاهه راشدي، تهران ۾ منعقد ٿيل ”ايران شناسن جي پهرين بين الاقوامي ڪانگريس“ (31- آگسٽ 6- سيپٽمبر 1966ع) ۾ پڙهيو هو. عالمي ڪانگريس جي موقعي تي راشدي صاحب کي نه رڳو پنجن ڪميٽين (ادبيات، آرڪيالاجي، تاريخ، زبان شناسي ۽ فلسفو وغيره) مان هڪ (تاريخ) ڪميٽيءَ تي نامزد ڪيو ويو، ليڪن ان سان گڏ کيس ”ايران شناسن جي بين الاقوامي ڪانگريس جي مستقل ڪميٽي“ تي پڻ ميمبر نامزد ڪيو ويو. (ڏسو: ڪانگريس جي روئداد، اورينٽل ڪاليج ميگزين لاهور، نومبر 1966ع).

(2) هي پيپر بنيادي طور فارسي زبان ۾ هو، جيڪو پوءِ اردو زبان جي رسالي ”نقوش“ لاهور ۾ (آڪٽوبر- ڊسمبر 1966ع) ڇپيو هو. مقالي جي تاريخي اهميت ڏسي، مون ان کي سنڌي ويس ڍڪائڻ جو سوچيو. اردو ڇاپي جو فوٽ اسٽيٽ، منهنجي گذارش تي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب قرب ڪري موڪلي ڏنو، جنهن جي ٿوري سان ان جو سنڌي ڇاپو نروار ٿي رهيو آهي. راشدي صاحب جو هي مقالو، گهڻو ڪري سنڌ- ايران لاڳاپن جي اسلامي دور تي مشتمل آهي. اسلام کان اڳ سنڌ ۽ ايران جي لاڳاپن تي سنڌ جي هڪ ٻئي هاڪاري عالم، گهڻو اڳ قلم کنيو هو. اُهو پيپر جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ”اسلام کان اڳ سنڌ تي ايران جو سياسي اثر“ عنوان تحت لکيو هو (ڏسو: سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو جرنل، جلد اٺون، 1948ع، نمبر 2).

(3) هن مقالي ۾ سراج عفيف جي ”تاريخ فيروزشاهي“ جي حوالي سان هي مصرعو:

”شاه بخشنده توئي، بنده شرمنده منم“

سنڌ جي سمي ڄام جوڻي ڏي منسوب ڪيو ويو آهي. ٻه سال پوءِ، خود راشدي صاحب لکيو هو ته هي سٽ دراصل شاعر امير حسن سجزيءَ (603- 738هه) جي هڪ غزل جي آهي. (ڏسو: ٽه ماهي ”مهراڻ“ 4/1968ع، ص 90).

(4) علي قايو: حيدرآباد جي قلعي ۾ هڪ ننڍڙي عمارت کي پير صاحب اصفهان جي علي قاپو سان  ڀيٽيو آهي. ڊاڪٽر مرزا مقبول بيگ بدخشاني، علي قاپو بابت اسان جي ڄاڻ ۾ هن ريت واڌارو ڪري ٿو: ”هي عمارت شاهه عباس اعظم ٺهرائي ۽ هڪ دروازي جو ڪم ڏئي ٿي. هتان ئي ٽن ميلن تي پکڙيل شاهي محلات ڏي رستو وڃي ٿو. ”چهل ستون“ پڻ هن محل جو ڀاڱو هو. علي قاپوءَ سان گڏ باغ، بادشاهه جي بيٺڪ ۽ ديوان پڻ هئا. صفوي بادشاهه هتي غيرملڪي مهمانن جو استقبال ڪندا هئا ۽ هتي ئي ويهي پولو راند ڏسندا هئا. هي عمارت سٺ وال اوچي آهي. اُن جون ست منزلون آهن. هر منزل جي ڀتين ۽ دروازن تي چٽساليءَ جا بهترين نمونا ڏسجن ٿا“ (تاريخ ايران، جلد 2،
ص 410، مجلس ترقي ادب لاهور، سال 1971ع).

(5) ٽالپوري - ايراني لاڳاپن جي ذڪر ۾ مٿي ”زبدة المعاصرين“ جو حوالو آيو آهي. ساڳئي دور ۾. سنڌ اندر هڪ ٻئي ايراني مصنف، محمد صالح شاملوي خراساني، سن 1252هه ۾ هڪ تذڪرو (”محڪ شعراءِ“ مرتب ڪيو هو (ڏسو: ڊاڪٽر علي رضا نقوي ”فارسي تذڪره نويسي در هند و پاڪ“، ص 36-529، تهران 1964ع).

(6) هن مقالي جي اردو ڇاپي ۾، ڇپائيءَ جون لاتعداد غلطيون ڏسجن ٿيون، انڪري ترجمي ڪرڻ  وقت، ڪوشش ڪري غلطين کان بچڻ لاءِ اصل ماخذن ڏي رجوع ڪيو ويو آهي. تاهم ڪجهه فارسي شعرن جي تصحيح لاءِ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب منهنجي مدد ڪئي، جنهن لاءِ آءٌ سندس ٿورائتو آهيان. ڊاڪٽر محمد ايوب قادري صاحب، ماخذن مان سلمان بدايونيءَ جي ڪتاب جي نشاندهي ڪئي، ورنه مقالي جي اردو ڇاپي ۾ سليمان ندويءَ واري ساڳي غلطي هن سنڌي ايڊيشن ۾ به دهرائجي وڃي ها. جنهن ڏينهن ڊاڪٽر قادري صاحب سان (25- نومبر 1983ع) هي علمي رهاڻ ٿي، افسوس جو ساڳئي ڏينهن تي شام جو پاڻ هڪ حادثي ۾ فوت ٿيو. خدا کين جوار رحمت ۾ وٺي!

ببليوگرافي

* ادريسي: نزهـة المشتاق، شريف ادريسي، باتصحيح مقبول احمد، علي ڳڙهه.

* اصطخري: الممالڪ و المسالڪ، الاصطخري، ليڊن، 1927ع.

* اڪبر: اڪبرنامه، جلد 3، ابوالفضل، ڪلڪتو 1877ع.

* ايوب: شرح حال مخدوم جهانيان جهان گشت، محمدايوب قادري ڪراچي 1963ع.

* آثار: مجله آثار ايران، تهران 1937ع.

* آزاد: خزانه عامره، غلام علي آزاد نولڪشور لکنو 1900ع.

* بدايون: بدايون 1857ع ۾ (اردو)، سليمان بدايوني، ڪراچي 1960ع.

* برني: تاريخ فيروزشاهي، ضيا ِّ الدين برني، ڪلڪتو 1892ع.

* بزرگ: عجائب الهند، بزرگ بن شهريار، اسدي تهران.

* بزم: بزم صوفيه، صباح الدين عبدالرحمان، اعظم ڳڙهه 1949ع.

* بطوطه: رحله جلد 3، ابن بطوطه، مصر 1938ع.

* بکري: مير معصوم بکري (اردو) سيد حسام الدين راشدي (هي ڪتاب 1979ع ۾، سنڌي زبان ۾، سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو آهي. سنڌيڪار)

* بيگم: همايون نامه، گلبدن بيگم، بيورج، لنڊن 1903ع.

* پوراني: سنڌ ۾ پوراني سادات (سنڌي) تاليف سيد حسام الدين راشدي.

        (هيءُ ڪتاب شايد پورو نه ٿي سگهيو ۽ اڄ تائين منظر تي نه آيو آهي. سنڌيڪار)

* تاريخ: تاريخ سيستان (بهار ايڊٽ) 1314 شمسي تهران.

* ترخان: ترخان نامه، سيد محمد ٺٽوي، ايڊٽ سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ 1965ع.

* تزڪ: تزڪ جهانگيري، جهانگير بادشاهه، نولڪشور لکنو.

* تقي: خلاصـة الاشعار، تقي ڪاشي، خطي مانچسٽر 312 نمبر.

* تڪ: تحفـة الڪرام، مير علي شير قانع، مطبع ناصري دهلي.

* تيموريه: بزم تيموريه (اردو)، سيد صباح الدين عبدالرحمان اعظم ڳڙهه 1948ع.

* جامع: جامع القوانين، قلمي نسخو، برٽش ميوزم.

* چچنامـہ: فتح نامہ (چچنامہ) علي ڪوفي، ايڊٽ دائودپوٽو، دهلي 1939ع.

* حبيب: حبيب السير، خواند مير، تهران 1333 شمسي.

* حزين: سوانح شيخ علي حزين، بيلفور 1830ع.

* خرد: المسالڪ والممالڪ، ابن خردازبه، ليڊن 1889ع.

* خل: تاريخ ابن خلدون، جلد 3، مصري ڇاپو.

* ذخيرهِ: ذخيرهِ الخوانين، فريد بکري، قلمي نسخو، ملڪيت حسام الدين راشدي.

* رحيمي: ماثر رحيمي جلد 1، عبدالباقي نهاوندي، ڪلڪتو 1925ع.

* رشيد: مقالو رني ڪوٽ، ڪرنل خواجه عبدالرشيد، اقبال رويو، اپريل 1965ع ڪراچي.

* روز: روز روشن، مظفرحسين صبا، ڀوپال، 1297هه.

* روملو: احسن التواريخ، حسن روملو تصحيح بڙوادا 1931ع.

* روئداد: اداره معارف اسلاميه جلد دوم 1936، لاهور 1938ع.

* زخمي: انيس العاشقين، رتن سنگهه زخمي، قلمي دانشگاهه پنجاب.

* زين: زين الاخبار گرديزي، برلن 1928ع.

* سفينه: سفينه حزين، مقدمه از مهاراج ڪشن پرشاد، حيدرآباد دکن 1930ع.

* سنڌي: تحفـة الڪرام (سنڌي)، سنڌي ادبي بورڊ 1957ع.

* سيد: عرب و هند کــــي تعلقات (اردو) سيد سلمان ندوي، الہ آباد 1930ع.

* سير: سير ايران (اردو)، محمد حسين آزاد لاهور.

* طاهري: تاريخ طاهري، طاهر محمد نسياني، سنڌي ادبي بورڊ، 1965ع.

* عباسي: عالم آرائي عباسي، تهران.

* عظيم: ديوان عظيم، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان 1962ع.

* عفيف: تاريخ فيروزشاهي، سراج عفيف، ايڊٽ ولايت حسين ڪلڪتوي 1890ع.

* عوفي: جوامع الحڪايات، عوفي ايڊٽ ڊاڪٽر محمدمعين تهران 1335 شمسي.

* غازي: مرزا غازي اور اسکي بزم ادب (اردو) سيد حسام الدين راشدي، ڇاپي هيٺ، (هي ڪتاب 1971ع ۾، انجمن ترقي اردو پاڪستان ڪراچي ڇاپيو آهي، سنڌيڪار)

* عزر: تاريخ عزر والسير، الثعالبي اسدي 1963ع.

* فخري: تذڪرهِ روضـة السلاطين، فخري هروي، (1968ع ۾، راشدي صاحب جي ايڊيٽنگ سان سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو آهي).

* فرشته: تاريخ فرشته جلد 2، هند و شاه فرشته، بمبئي 1833ع.

* فياض: فياض القوانين، شمارو 9617 O.R. برٽش ميوزم.

* قانع: مقالات الشعرا ِّ، علي شير قانع، ايڊٽ حسام الدين راشدي، 1957ع.

* قصائد: قصائد و مثنويات، مير علي شير قانع، ايڊٽ حسام الدين راشدي، 1964ع.

* قصص: مجمل التواريخ و القصص بتصحيح بهار، تهران 1308 شمسي.

* کامل: کامل جلد 9، ابن اثير، ليڊن.

* گاوان: رياض الانشا ِّ، محمود گاوان، مرتبه شيخ چاند.

* لب: لـُـب تاريخ سند، خداداد خان 1950ع (حيدرآباد دکن 1948ع).

* لباب: لباب الالباب عوفي، سعيد نفيسي تهران 1334 شمسي.

* ماهرو: منشات ماهرو، شيخ عبدالرشيد لاهور 1965ع.

* مائل: ديوان مائل، غلام علي ٺٽوي، سنڌي ادبي بورڊ.

* ماثر: ماثرالامرا ِّ، جلد ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ 1963ع.

* محسن: ديوان محسن ٺٽوي، سنڌي ادبي بورڊ 1963ع.

* مخزن: مخزن الغرائب سنديلوي، قلمي، پنجاب يونيورسٽي.

* مسعودي: مروج الذهب، مسعودي سعاده مصر 1948ع.

* مظهر: تاريخ مظهر شاهجهاني، ميرڪ يوسف، ايڊٽ سيد حسام الدين راشدي ڪراچي.

* معارف: معارف الانوار، ملا زڪريا ٺٽوي، راقم جو قلمي نسخو.

* معاني: تذڪره ميخاني، عبدالنبي فخرالزمان، گلچين معاني، تهران 1340 ش.

* مق: احسن التقاسيم، المقدسي ليڊن 1906ع.

* مڪلي: مڪلي نامه، مير علي شير قانع، بتصحيح سيد حسام الدين راشدي (هيءُ ڪتاب سنڌيءَ ۾، سال 1967ع ۾ ڇپيو آهي.)

* مملوڪيه: بزم مملوڪيه، سيد صباح الدين عبدالرحمان اعظم ڳڙهه 1954ع.

* موج: مهراڻ جون موجون، تاليف سيد حسام الدين راشدي، ڪراچي.

* مهر: تاريخ ڪلهوڙا جلد- 1 (اردو) غلام رسول مهر 1958ع.

* مهراڻ: شرح حال مير مائل ٺٽوي (سنڌي) مقالو سيد حسام الدين راشدي، رسالو مهراڻ بهار 1955ع.

* ميگزين: اورينٽل ڪاليج، شمارو فيبروري 1935ع.

* ميگزين: اورينٽل ڪاليج، شمارو نومبر 1938ع.

* ميگزين: اورينٽل ڪاليج، شمارو فيبروري 1939ع.

* ناصري: طبقات ناصري، استاد حبيبي ڪابل 1242هه.

* ندوي: هندستان عربون کي نظر مين، معين الدين ندوي، اعظم ڳڙهه 1962ع.

* نشتر: نشتر عشق، قلمي پنجاب يونيورسٽي.

* هاشمي: مثنوي مظهرالاآثار، شاهه جهانگير، ايڊٽ سيد حسام الدين راشدي 1957ع.

* وصيت: منشورالوصيت، ميان نورمحمد ڪلهوڙو، ايڊٽ سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ 1964ع.

* هنر: گنجينهِّ آثار اصفهان، ڊاڪٽر هنرفر، تهران 1344 ش.

* E.I.: Encyclopaedia of Islam V-II.

* E.R. E: Encyclopaedia  of Religion and Ethics, V.III, 1953.

* J.B: Foreign influence on ancient India, R.A. Jairaz Bhoy N.Y. 1963.

* Khan: Indus Valley and Early Iran, Dr. F.A. Khan, Karachi 1964.

* P.P.S.Persian Poets of Sindh, DR: Sadarangani, 1956, Sindhi Adabi Board.

* RAY: Humayun in Persia, Sukamar Ray, R.A. S. of Bengal Calcutta 1948 (Monographic Series، volume vi).

* Smith: The Early History of India، V.A. Smith, Oxford 1962.

                    (سنڌيڪار: غلام محمد لاکو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com