سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :12

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

پارس کاڻ

باسمـه تعاليٰ

(مرحوم لعلڻ خان لغاري هڪ اڻ پڙهيل داناءُ هو. بنده جو سڱ ۾ نانو هو. مگر آءٌ کيس جهڙو پيارو هوس، انهيءَ ڪري ننڍڙي هوندي ئي منهنجي ذهني تربيت جي هر طرح ڪوشش ڪيائين. هر ڪچهريءَ ۾ پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو ۽ ڪچهريءَ جا آداب سمجهائيندو هو. هر ڳالهه جي ڳڻ ڪندو هو ۽ پڇندو هو ته ”ڳالهه کي سمجهيئي“ هميشه چوندو هو ته: ”معنيٰ ڏي ڌيان ڪر، جو معنيٰ عقل جو منڍ آهي“. خوش طبعيءَ وچان چوندو هو ته ”ڳالهه جو ڳاٽو جهلجي“، يعني ته ان کي پوريءَ طرح پرکجي. چوندو هو ته: ”ڏٺل واقعو هرڪو بيان ڪري ۽ ٻڌل ڳالهه هرڪو ٻڌائي، پر داناءُ اُهو جو اڻ ڏٺي اڻ سـُـئي ڳالهه ٻڌائي.“ ڪا ڳالهه وڻندي هئس ته چوندو هو ته ”فلاڻي واه جي ڳالهه ڪئي! ڳالهه جو سنگ وڍي ڇڏيائين!“ سندس انهن نقطن ۽ سمجهاڻين ننڍپڻ ۾ ئي هڪ قسم جو ادبي ذوق پيدا ڪيو. نوان بيت ۽ نيون ڪافيون، نيون ڳجهارتون ۽ نيون ڳالهيون منهنجي لاءِ ڄڻ سوکڙيون ٿي پيون. ڳالهين ٻڌڻ ۽ ڳولڻ جو شوق جاڳيو. جڏهن به ڪو نئون بيت يا نئين ڳالهه پئي معلوم ٿي ته ياد ڪري ٿي ڇڏيم يا لکي ٿي ڇڏيم.

وقت گذرندو رهيو ۽ ڪي سال گذري ويا. 1937ع کان تعليم خاطر سنڌ ڇڏي جهوناڳڙه وڃڻو پيو. سنڌي شعر ۽ ادب، معنيٰ ۽ مطلب سان ذوق ۽ عشق وارو لڳل ٿڏو اڃا نهال ئي نه ٿيو هو جو نانو مرحوم سن 1938ع ۾ گذاري ويو. اها خبر خط ذريعي جهوناڳڙه پهتي. سندس سڪ ۾ اهو ذوق ويتر پڪو ٿيو ته ڳالهيون ڳولبيون ۽ معنائون ووڙبيون. وطن جي وڇوڙي ويتر انهيءَ جذبي کي وڌايو، ۽ سنڌ جي سڪ ۾ سنڌ وارن جا ڳڻ ۽ سندن ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون. سنڌ جا ميڙا ۽ سنڌ جون ڪچهريون ياد اچڻ لڳيون. سنڌ جا ڳوٺ ۽ سنڌ جا ماڻهو ياد اچڻ لڳا. سنڌ جا پهاڪا ۽ شعر ياد اچڻ لڳا- مطلب ته يادگيرين مان يادگيريون پوڻ لڳيون ۽ ڳالهين مان ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون.

جهوناڳڙهه ۾ بي- اي جي تعليم پوري ڪرڻ بعد 1941ع ۾ علي ڳڙه وڃڻو پيو ۽ ويندي 1945ع تائين اُتي پنج سال کن گهارڻا پيا. سنڌ کان جدائيءَ جو سلسلو اڳئين کان اڳرو ٿي ويو، ۽ انهيءَ ڪري سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌي شاعرن ۽ سگهڙن سان محبت به انتها تي وڃي پهتي. هڪ رات خواب ۾ سانوڻ فقير کي بيت ڏيندو ڏٺم ۽ سندس اهو بيت ويندي ننڊ مان اک کُلڻ تائين ياد رهيو. پنو پينسل کٽ تي هجي ها ته لکي سگهجي ها، پر ذرا دير پوڻ سان بيت وسري ويو. اهڙن اهڃاڻن ويتر سڪ کي سرس ڪيو. هر موڪل ۾ جڏهن به سنڌ اچڻ جو موقعو پئي مليو ته واندڪائيءَ جي وقت کي سنڌي ادب جي نون نقطن ڳولڻ ۾ صرف ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، ۽ انهيءَ طالب علميءَ واري ڳولا ۾ جو مواد مليو، تنهن يقين ڏياريو ته سنڌي ادب دانائي ۽ حڪمت جي کاڻ آهي ۽ جنهن ۾ قسمين قسمين جون لالون، عقيق، زمرد، هيرا ۽ جواهر موجود آهن، جن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ هڪ لڙهيءَ ۾ پوئڻ جي ضرورت آهي.

بي- اي توڙي ايم- اي جي امتحانن واسطي مون عربي جي مطالعي کي اختيار ڪيو. انهن امتحانن لاءِ ٻين عربي ڪتابن سان گڏ مُبَرَد جو ڪتاب ”الڪامل في الادب“ (ادب ۾ ڪامل) به پڙهڻو پيو، جنهن ۾ عربي ادب، تاريخ، لغت، صرف نحو- بلڪ عربي تمدن ۽ معاشري بابت حڪمت آميز مثال ۽ مباحثا، سمجهاڻيون ۽ صفايون پيش ٿيل هيون. ادب، تاريخ، لغت وغيره موضوعن تي جدا جدا باب ٻڌل ڪين هئا، مگر موقعي به موقعي هر مثال ۽ مقال ذريعي اهي ڳالهيون اچي ٿي ويون. مصنف ڄڻ هڪ سگهڙ ۽ داناءُ آهي جنهن پنهنجي مسلسل ادبي ڪچهري قلمبند ڪئي آهي، جنهن ۾ موقعي جي لحاظ سان هر ڳالهه تي پئي روشني وڌي اٿس: بلڪ ڄڻ هڪ استاد آهي جنهن دليلن تي دليل ۽ مثالن تي مثال ڏيئي هر موضوع ۽ مطلب کي واضح ڪيو آهي. کيس سڄو ڪتاب ڄڻ هڪ بلند پايه ادبي رهاڻ جي صورت ۾ پيش ڪرڻو هو، ۽ انهيءَ ڪري ڪتاب جي ديباچي ۾ پنهنجي انوکي اسلوب بيان بابت هڪ اهم نقطو بيان ڪري ڇڏيائين ته ”الشيءِ بالشيءُ يُذکَر“- يعني ته ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي.

هن استاد عالم ۽ اديب جي هن نقطي توڙي سندس پيش ڪيل مواد نهايت ئي متاثر ڪيو. چيم ته جيڪر انهيءَ نموني تي سنڌي ادب ۽ تمدن تي پڻ ڪو ڪتاب لکجي! مُبرد جي ڪتاب ”الڪامل“ جي مطالعي مان اهو پڻ واضح ٿيو ته اهڙي ڪتاب لکڻ لاءِ سنڌي علم ادب جي وسيع ميدانن جا سير ڪرڻا پوندا. سنڌيءَ جي تمدن ۽ تهذيب جي عميق اونهاهين ۾ ٽٻيون هڻڻيون پونديون. سنڌ جي ڪچهرين ۽ مارڪن مان قسمين قسمين انوکا گفتا گڏ ڪرڻا پوندا. سنڌي ٻولي ۽ ان جي محاورن کي سمجهڻو پوندو. سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ وڃي اتي جي سگهڙن ۽ سالڪن کان ڪافي سکڻو پوندو. مطلب ته هر گل جو واس وٺي سنڌي تمدن جي روح ۽ رس کي هڪ جاءِ گڏ ڪرڻو پوندو! پر ان وقت انهيءَ لياقت پيدا ڪرڻ لاءِ نه موقعو هو ۽ نڪا فراغت هئي.

البته سن 1943ع کان ”سنڌ جي عربي دَور جي تاريخ“ جي سلسلي ۾ سنڌ جو سفر اختيار ڪرڻو پيو ۽ ان کان پوءِ ويندي 1946ع تائين ڪڏهن نه ڪڏهن سنڌ کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جا موقعا ملندا رهيا. آگسٽ 1946ع ۾ وري آمريڪا وڃڻ جو اتفاق ٿيو ۽ ٽن سالن لاءِ وري سنڌ کان جدا ٿيڻو پيو. مگر آمريڪا جي سفر بعد جون 1949ع کان وٺي سنڌي شعر ۽ لغت کي سهيڙڻ جي سلسلي ۾ سنڌ جي ڪن ڀاڱن کي گهڻو ڪجهه ڏسڻ جو موقعو مليو، جنهن ڪري سگهڙن ۽ سالڪن سان ڪچهريون ٿيون ۽ قدري اهڙو مواد گڏ ٿي چڪو جو ڀانيم ته جيڪر مـُـبرد جي ڪتاب ”الڪامل“ وانگر سنڌيءَ جو ڪتاب لکجي! اها خواهش گذريل ٻن سالن کان پئي رهي. مگر جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويا، تيئن تيئن نوان نقطا معلوم ٿيندا رهيا ۽ پنهنجي ناقص ڄاڻ جو احساس وڌندو رهيو. انهيءَ ڪري ڪيئي دفعا قلم کڻي وري وري پئي انهيءَ ارادي کي ملتوي ڪيم. انهيءَ عرصي ۾ ڪن خاص موقعن تي ڪن خاص دوستن جي آڏو سنڌي ادب ۽ تمدن جا ڪي انوکا اهڃاڻ بطور رهاڻ جي بيان ڪندو رهيس، جن کي ٻڌي انهن مڙني دوستن تاڪيد ڪيو ته آءٌ انهن مختلف ادبي گفتن ۽ ڳالهين کي قلمبند ڪريان. جڏهن مون کين پنهنجي اصلي ارادي کان واقف ڪيو، تڏهن صلاح ڏنائون ته ڪم از ڪم هن ڪتاب جي شروعات مضمونن ذريعي ڪريان جي في الحال رسالي ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيندا رهن، ۽ بعد ۾ ضروري ترميم ۽ ترتيب بعد انهن کي ڪتاب جي صورت ۾ آندو وڃي.

پنهنجن انهن عزيز دوستن جي خوشنوديءَ خاطر پنهنجي ٿوري ۽ ناقص ڄاڻ هوندي به هن ڪم جي شروعات ڪريان ٿو، جو هڪ ته حياتيءَ تي اعتبار ناهي ۽ ٻيو ته ڏينهون ڏينهن ڪمن توڙي غمن جا ايڏا بار پوندا ٿا وڃن جو فراغت ۽ خوشي ٻئي وڃن گهٽبيون! ٽيون ته قدردان اديبن ۽ دوستن ۾ اميد آهي ته هنن مضمونن کي پڙهي بنده کي ڪن نون نقطن، معنائن ۽ مثالن کان واقف ڪندا ته جيئن اڳتي لاءِ اصلاح ۽ بهتري جي راهه روشن ٿي سگهي. هن سلسلي جو نالو ”پارس کاڻ“ رکيو اٿم. ڇاڪاڻ ته هن جو خاص موضوع ”سنڌي تمدن“ آهي، جو حقيقي معنيٰ ۾ پارس جي کاڻ آهي. ڪتاب جي سٽاءُ ۽ ترتيب ۾ مون استاد ”مبرد“ وارو گس ورتو آهي، جنهن موجب سلسليوار مضمونن جي بدران ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي، ۽ ڳالهين مان ڳالهين جون پتليون پيدا ٿينديون. انهن سان گڏوگڏ گفتا ۽ بيت، مثال ۽ معنائون پڻ موقعي به موقعي ايندا رهندا، ۽ سنڌي ادب، تاريخ، لغت تي پڻ موقعي جي مناسبت سان بحث ٿيندا رهندا. پر سڀ کان اول شروعات ”توحيد” سان ڪجي ٿي، جا هن ”پارس کاڻ“ جي ڪنجي آهي.                                

 خادم العلم

نبي بخش

 

توحيد

سڀڪا صفت ۽ ساراهه هڪ سائينءَ کي سونهي جو جملي جـَـڳن جو خلقيندڙ ۽ پاليندڙ آهي. هرڪا وصف ۽ واکاڻ ان واحد کي جڳائي، جنهن جي وحدت جو ويساهه انسان ذات جي وحدت جو وسيلو آهي. حقيقي حمد ۽ وڏائي تنهن صاحب کي سهائي، جنهن جي عظمت ۽ قدرت جو يقين انسان کي انسانن جي غلاميءَ کان آجو ڪري ٿو، ۽ ماڻهوءَ کي ماڻهن جي بنايل مڙني بتن- پراڻن خواهه نون، پٿرن توڙي جسمن، خواهشن توڙي وهمن، شخصيتن توڙي گروهن- جي پوڄا کان بي نياز ڪري ٿو:

اول الله مڃيان جو مڙنئون مٿاهون،
ته پوءِ ڪئن ڪري قبوليان عمر کي آئون،
رب جون رضائون، سي مٿي اُتي مون مڃيون.

 

ڀٽائي صاحب جي لفظن ۾ هيءَ مارئيءَ جي زباني آهي. هيءُ ”سر مارئي“ جو منڍ آهي، توحيد جي ڪنجي آهي، غيرت جو سبق آهي، ۽ خدائي خوديءَ جو جام آهي. جنهن جو يقين ۽ ايمان جملي جهانن جي بلند باري بادشاه ۾ آهي يا زمين جي بادشاه عمر اڳيان ڪيئن ٿي ڪنڌ جهڪائي. البت پنهنجي رب جي رضائن کي مڃڻ ۽ مٿي تي ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

منهنجا سڄڻ! سمجهه ته سنڌ وارا صدين کان وٺي توحيد جي رنگ ۾ رتل آهن ۽ اعتقاداً هنن الله پاڪ کي ئي بادشاه تسليم ڪيو آهي. ”الله بادشاه“ سندن تڪيو ڪلام آهي. چوندا ته ”الله بادشاه خوش رکي فلاڻي کي“. چوندا ته ”الله بادشاه آهي جيئن ڪري تيئن ٿئي“. ڳالهه کڻندا ته چوندا ”بادشاهن جو بادشاه پاڻ الله آهي، پر هڪ زماني جو بادشاه هو“. چوندا ته ”جي حاڪم نادر آهي، ته قادر به قادر آهي“. ڪبير شاه پنهنجي هڪ بيت ۾ چيو آهي ته:

ڏيهه ڌڻي ڏاتار، جو ڏئي نه پچاري پاتشاهه،
والي، وارث، وحده، خالق، خلقڻهار.

 

پهرئين مصرع ۾ موليٰ جي مهربانين ۽ سندس رحم ۽ ڪرم جي تعريف، مختصر مگر نهايت جامع لفظن ۽ عجب انداز ۾ بيان ڪيل آهي ته: هو ڏيهن جو ڏاتار آهي، پر اِهڙو ڏاتار جو ڏيئي وري ڪڏهن به پچاري نٿو. مخدوم محمد هاشم چيو آهي ته:

سڀ ساراهون رب کي جو خاوند خلقڻهار،
سٻاجهو سڀين پَرين، ڏڏن جو ڏاتار.

 

يعني سڀئي ساراهون انهيءَ پرور کي جو سونهن جو مالڪ ۽ خالق آهي، جو سڀني ريتين رسمين مهربان ۽ سٻاجهو سائين آهي، ۽ جو اٻوجهه، بيوس ۽ لاچار بندن کي هميشه ڏيندڙ ۽ بخشيندڙ آهي. شاعر گلو مياڻي پنهنجو هڪ بيت هن طرح شروع ڪيو آهي ته ”ساراهيان سچو ڌڻي جو ڏِسين جو ڏاتار. ”ڏِسِ“ (ڏ ۽ س جي زير سان) واحد آهي جنهن جو جمع ”ڏسيون“ آهي، ۽ ان جي عام رائج معنيٰ رخ، طرف يا پاسو آهي. انهيءَ لحاظ سان اتر، ڏکڻ، اوڀر ۽ اولهه- اهي ڄڻ چار ڏسيون آهن. ’چوڏس‘ يا ”چوڏسين چوڌار“ اصطلاحن جي معنيٰ جو مدار انهيءَ مفهوم تي آهي. مگر ’ڏس‘ ۽ ’طرف‘ ۾ ذرا فرق آهي. ’ڏس‘ ظرف مڪان جي لحاظ سان ويڪرائي ۾ سوڙهي آهي ۽ ’طرف‘ وڏو ۽ ويڪرو آهي. طرف چار آهن، مگر ڏسيون جي اٺ چئجن ته مناسب آهي. چوندا ته ”انهيءَ ڏس تي کنوڻ آهي”، يعني ته انهيءَ خاص ڪنڊ تي. چوندا ته ”انهيءَ ڏس تي اهو ئي مڙس ٿو سجهي“، يعني ته انهيءَ خاص رخ تي. جيڪڏهن ڪنهن لائق ۽ همت واري مرد جي وفات جي خبر پري کان اچي پهچندي ته چوندا ته ”مڙس ڏس خالي ڪري ويو“ يا ”ڏس خالي ٿي وئي“. ڪي سال ٿيا جو هڪ ملاکڙي ۾ ويٺا هئاسون ته اسان جي ڀرسان هڪ ملهه اٿيو، جو ذات جو ”دُزڪاڻي“ هو. جڏهن سندري لاءِ سنڀري هليو، تڏهن مرحوم حاجي ساجن لغاري خوش طبعيءَ وچان چيو ته ”دزڪاڻي آهين، پر ٻيلي! ڏِس ڪاڻي نه ڪجانءِ“، يعني ته اسان جي ٻاريءَ وارو خاص پاسو نه لڄائجان“. جن شاعرن ”هر ڏس“، ”ڏسيون“ يا ”ڏسين“ جا الفاظ ڪم آندا آهن ته سندن مراد چئن معلوم طرفن کان وڌيڪ مڙيئي هٿ، رخ، ڪنڊيون ۽ پاسا آهن، ڇاڪاڻ ته ڌڻي تعاليٰ محض چئن قبلن تي نه پر هر جاءِ حاضر ناظر آهي.

منهنجا سڄڻ! هاڻي گلو مياڻي جي مصرع تي وري غور ڪر ته ”ساراهيان سچو ڌڻي جو ڏسين جو ڏاتار”. گـُـلو پٽ خان، ذات جو مياڻو هو. سندس اصل ڳوٺ ’کجروڙي‘ هو، پر آخر عمر ۾ ڏيپلي تعلقي ۾ ”جهُن“ جي ويجهو ”ٺَٺ“ ۾ رهندو هو. تازو ڇهه ست مهينا ٿيا جو ستر اسي ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. گلو عام سنڌي بيتن جو ملوڪ شاعر هو. پنهنجي مٿئقين مصرع ۾ چوي ٿو ته ڌڻي پاڪ ”ڏسين جو ڏاتار” آهي، يعني ته سندس ڪرم ۽ سخا هر ماڳ ۽ مڪان، هر قبلي ۽ ڪنڊ تي جاري ساري آهي. منهنجا سڄڻ! ڄاڻ ته سنڌ سخا جو گهر آهي جنهن ۾ ڪيئي ڏاتار ۽ سخي ٿي گذريا آهن. ”راءِ ڏياچ“ سمو وڏي ۾ وڏو سخي ڏاتار هو جو سخا ڪندي سر ڏيئي سـُـرهو ٿيو. پر ان کان سواءِ به ڇهه سما، ڇهه رونجها ۽ ڇهه ڪؤنريجا سنڌ جي سخاوت جي تاريخ ۾ مشهور آهن. جيئن راءِ ڏياچ جهوناڳڙه ۾ هو، تيئن سَپڙ ٻيلي ۾ هو. مطلب ته هر ڪو پنهنجي ڏس جو ڏاتار هو. پر هڪ موليٰ مهربان ئي آهي جو مڙني ”ڏسين جو ڏاتار“ آهي. سندس انهيءَ عام ڪرم ۽ رحم جي مد نظر، خليفي نبي بخش صاحب ترغيب ۽ تاڪيد طور چيو آهي ته ”آسا ڪر الله جي، در در پن مَ دان“. خليفي صاحب جي سنڌي رسالي جي ”سر آسا“ جي پهرئين بيت جي هيءَ پهرئين مصرع آهي. آسا يعني آس يا اميد. شاهه جي رسالي جي سر سورٺ جي پهرئين بيت جي پهرئين مصرع آهي ته ”الله جي آس ڪري هليو هِنيَائين“- هِنيائين يعني هِتائين.

اي سڄڻ! سمجهه ته الله جي آس ۽ اميد انسان جو وڏو سهارو آهي. سنڌ وارن الله جي نالي ۽ آسري سان ڪم کي شروع ڪرڻ کي هميشه سعادت سمجهيو آهي، ڇو ته انسان جو ڪم آهي پوري همت ۽ ڪوشش سان ڪم کي سڌارڻ، سنوارڻ ۽ سرانجام ڏيڻ: سهڻي نتيجي ۽ سرهي پڇاڙيءَ جو مدار موليٰ جي مهربانيءَ تي آهي. ڪنهن شاعر چيو آهي ته:

”بسم الله، الله کي ٻي سڀ جوڙ سندياس،
ڪم سنواري دم ۾، رنگ ڪري ٿو راس“.

 

هيءُ سنڌ وارن جو خاص شيوو آهي ته اڪثر ڪم ”بسم الله“ سان شروع ڪندا: طعام ونڊڻ، ماني کائڻ ۽ اَن ڀرڻ وقت خاص طرح ’بسم الله‘ چوندا. براج واهن (1932) کان اڳ درياهه جي پاڻيءَ تي اناج جو فصل گهڻو ٿيندو هو ۽ جوار ٻاجهريءَ جي اَن جون راهون لڳي وينديون هيون. پوءِ ڪي راهه ڀريندڙ جڏهن ٽوئي يا ٻئي ڪنهن ماڻ سان اَن جي راهه ڀريندا هئا، ته ڳڻڻ جي شروعات هن طرح ڪندا هئا ته: ”بسم الاهين! برڪتون پائين! سڀن جا سائين! پورهيو پلئه لائين! هي گنج! هي ڇهه- الخ“. سنڌ وارا هڪ ٻئي کي کيڪاريندا ته به چوندا ته ”ادا! بسم الله!“ يعني ته ادا! ڌڻيءَ جي نالي جي برڪت سان تون خير سان آئين ۽ ڀلي آئين!

سڄڻ! ڄاڻ ته اهل سنڌ پنهنجي روزمره جي ٻوليءَ ۾ ”الاتوهار“ جو اصطلاح استعمال ڪندا آهن، جو اصل ۾ ”اللهَ تو آهر“ آهي ۽ جنهن جي مراد آهي ته: اي الله سائين! تو آهرَ يعني تنهنجي آڌار، ٽيڪ يا ڀروسي تي، هي ڪم شروع ڪريان ٿو. ”الا توهارَ“ پڻ سنڌ جي هارين جو خاص اصطلاح آهي، ۽ هـُـرلي يا نار ۾ ڍڳي يا اٺ کي جوٽي، ان کي شروع وارين وکن کڻڻ لاءِ هميشه هڪل ڪري چوندا ته ”الا توهار!“ پڻ هلر ۾ ڍڳا ٻڌي يا هرن ۾ جوڙو جوٽي، هڪل ڏيندا ته ”آسرو الله جو“ يا ”ادا! الا توهار!“ منهنجا سڄڻ! ڄاڻ ته ”الا توهار“ سنڌي تمدن جو هڪ معنيٰ خيز اصطلاح آهي، جو اڪثر هلڻ، چـُـرڻ، ڪنهن پاسي وڃڻ يا ڪنهن خاص تحرڪ واري ڪم کي شروع ڪرڻ وقت استعمال ڪندا. ويٺي ويٺي اهو اصطلاح ڪم نه آڻبو. شاعر چيو آهي ته ”سهڻِي گهڙي سير ۾ ڪري الا توهار”، يعني ته ”الله توهار” ڪري گهڙي. حفيظ تيوڻي ”مومل راڻي“ جي قصي جي بيت جي شروعات ۾ چيو آهي ته ”ناميو چڙهيو نيري تي ڪري الله توهر“، يعني ”الله توهار“ چئي چڙهيو. شاعر ابراهيم (ابراهيم منڊو، حمراڻي، براهماڻي، ڪرمتي بلوچ) جوکين ۽ نومڙين جي جنگ جي قصي کي شروع ڪندي چيو آهي ته:

الله جَل جلالـہ، الله توهارو،
جئن جنهين کي لکيو، صحيح پاڙيندا سو.

 

مٿين مڙني مثالن اندر گهڙڻ، چڙهڻ ۽ شروع ڪرڻ فعلن ۾ تحرڪ وٺڻ جي معنيٰ سمايل آهي.

پر سڄڻ سائين! تون حيران نه ٿيءُ ته ڇو هيءُ اصطلاح ”الله توهار“ ”الله توهر“ يا ”الله توهارو“ جي مختلف صورتن ۾ آيو آهي. جيئن اسين چئي آيا آهيون، انهن مڙني جو مور ”الله توهر“ آهي ۽ ”الا توهار“ اُن جو مُخفف آهي. جهڙيءَ طرح ”بسم الله الرحمان رحيم“ جو مخفف ”بسم الله“ آهي. معنوي لحاظ سان ”الا توهار“ اسم جي قائم مقام آهي. ”الا توهار“ چئو ”يعني ته هيءَ ڳالهه چئو“. ”الا توهار ڪر“ يعني ته ”هيءُ ڪم ڪر“. ان مان ظاهر آهي ته ”الاتوهار“ معنوي لحاظ سان ’ڳالهه‘ يا ’ڪم‘ جي قائم مقام آهي ۽ ’ڳالهه‘ توڙي ’ڪم‘ ٻئي اسم آهن. شاعر ”الله توهارو“ محض پنهنجي شاعرانه ضرورت سببان آندو آهي. باقي ”الا توهارَ“ ۾ اصلي لفظ ”آهَر“ جي ”هه“ واري زبر کي وڌائي الف ڪيو ويو آهي يعني ”الله توآهارَ“ جنهن مان الف جو اُچار نڪري ويو آهي. ڄاڻ ته زبر، زير ۽ پيش کي وڌائي الف، ي ۽ و جي اُچار سان پڙهڻ لغت جي اصول موجب جائز آهي.

منهنجا سڄڻ! ”الا توهارَ“ جو اصطلاح مؤنث طور ڪم ايندڙ آهي. چوندا ته ”فلاڻو بيمار هو، پوءِ ’الا توهارَ‘ ڪئي سون (يا ڪرائي سون) ته مڙيئي خير ٿيو“. اهو محاورو خاص طرح ميانوال طريقي وارن جو آهي. ميان والن جي ”الاتوهار“ مشهور آهي، ۽ جيئن ته اهو اصطلاح بيمار جي مٿان ’دعا‘ يا ’دعا جي رسم‘ جي معنيٰ ۾ اچي ٿو، انهيءَ ڪري مؤنث طور استعمال ٿئي ٿو. ”ميانوالي طريقو“ يا ”ميان والن جو طريقو“ سنڌ جي ڪلهوڙن فقيرن جو طريقو آهي. انهن ڪلهوڙن فقيرن کي ادب وچان ”ميان“ سڏيو ويو، انهيءَ ڪري هن طبقي کي پڻ ماڻهن ”ميان وارن“ جو طريقو سڏيو. پر جيئن ته انهيءَ طريقي وارن جي ٻولي سرائڪي هئي، انهيءَ ڪري ”ميان وال” ۽ ”ميان والن“ جا اصطلاح مشهور ٿيا. پر ڌڻي توکي نيڪي ڏئي! ”ميان“ هڪ عجيب ۽ انوکو لفظ آهي جنهن جي تاريخي حيثيت مسلم آهي، مگر ان جي لغوي اصليت تحقيق طلب آهي. البت هيءُ ثابت آهي ته اهو لفظ هميشه حسب نسب وارن آبرودار شخصن لاءِ استعمال ٿيل آهي. هن ملڪ اندر پٺاڻن ۾ اهو لقب ”سيدن“ لاءِ، پنجاب ۾ ”دولتمندن“ لاءِ، ۽ سنڌ ۾ ڪلهوڙن حاڪمن ۽ فقيرن لاءِ خاص طرح ۽ ٻين ڪن درويشن فقيرن لاءِ عطٕ طرح استعمال ٿئي ٿو.

اي سڄڻ! سمجهه ته ميان آدم شاهه ڪلهوڙو، ’مهدوي‘ طريقي ڏانهن مائل هو، يعني ته سيد ميران محمد جونپوري، جنهن ’مهدي‘ هجڻ جو دم هنيو هو، تنهن جي تبليغ جو مٿس اثر هو. ميانوالي طريقي جي عام شهرت ميان آدم شاهه جي پوين، ميان شاهل محمد ۽ ميان الياس محمد جي ڏينهن ۾ ٿي ۽ اها شهرت ميان الياس محمد جي پٽ ميان نصير محمد جي ڏينهن ۾ اوج کي پهتي. سندن سوين هزارين مريد ٿيا جن مان ڪيئي فقير وڏا مشهور ٿيا، مثلاً: گاجي شاهه گنج بخش، شاهه پنجو ۽ ٻيا. انهن مريدن جي زور تي ميان نصير محمد جي پٽ دين محمد فقيريءَ سان گڏ سياسي طاقت جو بنياد رکيو، ۽ کانئس وٺي ڪلهوڙن جي فقيري موروثي بنجي وئي. انهيءَ ڪري ميان دين محمد کان وٺي اميري شروع ٿي ۽ ميان نورمحمد جي ڏينهن ۾ کين سنڌ جي حڪومت حاصل ٿي. البته نورمحمد تائين اميريءَ سان گڏ فقيري جي دعويٰ هلي آئي. ميان نورمحمد جو پٽ ميان غلام شاهه هڪ بيدار مغز حڪمران هو. ميان سرفراز هڪ سازشي حاڪم هو، مگر جيئن ته ميان غلام نبي کيس ۽ ٻين چئن ڪلهوڙن شهزادن کي بيگناهه قيد ۾ قتل ڪرايو، انهيءَ ڪري ميان جي مريدن ۽ معتقدن همدردي وچان ميان سرفراز کي شهيد ۽ فقير ڪري مڃيو. ميان سرفراز البت علم وارو هو ۽ فارسي ۽ سنڌي جو اعليٰ شاعر هو. فارسيءَ ۾ ’صاحب ديوان‘ هو، ۽ سنڌي ۾ نبي صلعم ۽ اصحابن سڳورن جي شان ۾ جا مدح جوڙيائين سا سندس عام مقبوليت جو وڏو سبب بني. شال ڌڻي ڏينهن ڏئيئي! ڄاڻ ته ميان شاهل محمد، ميان الياس محمد، ميان نصير محمد ۽ سندن خاص مريد جهڙوڪ: ميان گاجي شاهه، شاهه پنجو ۽ ٻيا هن ’ميانوال طريقي‘ جا واقعي وڏا درويش هئا. اڄ تائين انهيءَ طريقي جا فقير دعا وقت انهن بزرگن کي ياد ڪندا آهن.

شال جيئين! ڄاڻ ته ميان وال طريقي جي فقيرن جي خاص دعويٰ آهي ته: جـِـن سندن حڪم هيٺ آهن ۽ غيبات تي هو غالب آهن. انهيءَ ڪري هو بيماريءَ کي اڪثر غيبات جي اثر سان تعبير ڪندا آهن. مريض جي لـڇ پڇ، وڦل، دماغي بيماري ۽ ماليخوليا واري حالت ۾ چوندا ته مريض کي جن جهليو آهي. عام بيماريءَ واريءَ حالت ۾ بيمار جي گهر ۾ قدم گهمائيندا، پلئو هڻندا ۽ ڇنڊو ڦيڻو ڪندا. جن واري حالت ۾ ’سروز‘ يا ’جاڳر‘ ڪندا: يعني ته اڪثر سانجهيءَ بعد رات جو ماڻهن جو ميڙ ڪندا، مريض کي آڻيندا ۽ ڌوپ واس ڪندا. سُرندي وارو فقير خاص ’سروزي‘ لهرا وڄائيندو ۽ فقير وار ڇوڙي مؤج ڪندو. آڏو مريض به جي ويهڻ جهڙو هوندو ته ”مؤج ڪندو“ يعني ته مٿو ڌوڻيندو ۽ ڪنڌ هڻندو. ”موج“ يا ”جاڳر“ کان پوءِ اڪثر ”شادمانو“ ڪڍائيندا يعني ته پهرُو (جو چوندا ته هڪ رنگو هجي) ڪهرائي، رڌائي، ٻوڙ وراهيندا. جيڪڏهن ”شادماني“ مان به مريض نه ڇٽو ته ”آزي ڪندا“ يعني ته ڳچيءَ ۾ ڪپڙو وجهي اڳين بزرگن (اڪثر گاجي شاهه) جي مزارن واري طرف منهن ڪري وڏي ”ڪهت ڪندا“. بعضي ”شادمانو“ ۽ ”آزي“ ٻئي ڪندا. شادمانو وراهيندا ته سڀڪو هٿ ۾ جهليندو ۽ جيستائين فقير اجازت نه ڏئي تيستائين ڪين کائيندا. پر جي ڪنهن تڪڙ ڪري کاڌو ته اُن کان ”خوشي ڀرائيندا“ يعني ته پئسا ڀرائيندا، جي اڪثر پنجن جي انگ تي هوندا (پنج پيسا، پنج آنا، پنج پايون وغيره). جيستائين خوشي نه ڀريندو تيستائين ان جي ”چَسِي“ بند ڪندا يعني ته ان کي هٿ ڏيڻ بند ڪندا. ٻئي ڪنهن قصور سلطان پڻ بند ڪندا ۽ چوندا ته خوشـِـي ڀر ته توکي ”چَسِي“ ڏيون. جڏهن چسي ڏيندا ته اول وڏو فقير چسي ڏيندو. وڏو فقير اهو جو ”کٿي ٻَچي جو سائين هجي“، يعني ته ڪلهن تي ڪاري کٿي هجيس ۽ ”ٻچي ڀير“ (مغلي ڀير) پٽڪو ٻڌل هجيس.

’موج ڪرڻ‘ وقت، توڙي عام طور بيماريءَ لاءِ دعا گهرڻ وقت ميانوال فقير وڏي آواز سان سرائڪي ٻوليءَ ۾ حاضرين کي چوندو ته:”يارو! ڪرو الا توهار! ها ميان شاهل محمد! ميان الياس محمد! ميان نصير محمد! ها ميان پنجا ڌؤنڪ دا ڌڻي! گاجي گنج بخش لکين دا ڏاتار! شي واليان دي شي ٿيوي- يارو! ڪرو الا توهار“. جيئن ته هي ”الا توهار“ ميان وال فقيرن جي عام دعا جي رسم جو مور ۽ منڍ آهي، انهيءَ ڪري ان تي نالو ئي ”الا توهار“ پئجي ويو آهي. چوندا ته ”بيمار تي الا توهار ڪرائي سون“. پر سڄڻ! سمجهه ته دعا جو سڏ هرڪو فقير پنهنجي پنهنجي نموني سان ڪندو. يعني ته مختلف الفاظ آڻيندو ۽ پنهنجي طريقي جي ڪن ٻين پوين فقيرن جا نالا به وٺندو. مثلاً: ٽنڊي غلام علي (ضلع حيدرآباد) جا ڏيواڻي لنجواڻي پاڙي جا ميان وال فقير سندن وڏي بزرگ ’ميان گامون‘ جو نالو کڻندا. ميان گامون، گاجي گنج بخش جي مـَـٽي ڀريندو هو. چون ٿا ته مٿي تي ڦٽ ٿي پيس پر مـَـٽي هٿان نه ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح ٻيا ڪي ننڍا فقير وري مائي ڀاڳڀري کي دعا جي سڏ ۾ شامل ڪندا. مائي ڀاڳڀري ۽ سندس ڀاءُ ٻئي تعلقي سنجهوري (ضلع سانگهڙ) ۾ اسٽيشن ٻوٻي کان 6 ميل اتر اوڀر طرف ”ساڏوڻيءَ” ۾ مدفون آهن.

شال ڌڻي توکي نيڪي ڏئي! ”الا توهار“ جون مڙيئي معنائون اسان توکي کولي سمجهايون آهن ۽ انهن مڙني جي مراد اها آهي ته هر ڪم الله جي آسري سان شروع ڪجي ۽ هر حالت ۾ ڌڻيءَ جو نالو ۽ سهارو وٺجي. سنڌ جا فقير صدا به ڌڻيءَ جي نالي سان هڻندا ته ”ابا! الله هي الله!“ سخت مينهن ۽ خوفناڪ گجگوڙين وقت خطري جي حالت ۾ ”الله الصمد! الله الصمد!“ ۽ ”يا صمد! يا صمد!“ چئي ٻاڏائيندا. اهو سڏ خاص طرح بادل ۽ برسات، گوڙ ۽ کنوڻ جي خطري واري وقت جو آهي ۽ نه ٻئي وقت جو. مير بهرام بابت ڪنهن شاعر جو چيل هيٺيون بيت انهيءَ معنيٰ تي شاهد آهي ته:

بدلجي بهرام، ته بادل وسي رُڪ جو،
سنڌ صمد! صمد! ڪري راجا ڪري رام!
پر لنئون لنئون منجهه لغام، نَر کي آهي نمڪ جو.

 

مير بهرام خان ٽالپر وڏو بهادر هو ۽ بلوچن جي وڏي طاقت هٿ ۾ هئس. ميان سرفراز جي سازش جي کيس سڌ هئي. جي بگڙي باغي ٿئي ها ته رڪ جي راند ڪري ترارين جي تجلن سان رت جا اهي ته وڏڦڙا مينهن وسائي ها، جو نه فقط ڪلهوڙن جي سنڌ ’صمد! صمد!‘ ڪري ها پر سندن مددگار جوڌپور جو راجا به هراس ۾ ’رام‘ جپي ها. پر هن مٿير مرد جي لنؤن لنؤن کي نمڪ حلالي جو لغام چڙهيل هو، انهيءَ ڪري ڪلهوڙن سردارن آڏو هٿ به سامهون نه ڪيائين.

اي سڄڻ سڻ غه سنڌ شاعرن پنهنجي منظوم قصن، مداحن، منقبتن ۽ عام بيتن کي هميشه ڌڻيءَ جي ساراهه سان شروع ڪيو آهي. پڻ ڄاڻ ته سنڌ جي شاعرن پنهنجي سائينءَ جي ساراهه لاءِ هميشه سبب ڄاڻايا آهن. اهو سندن قرآني ڪردار آهي. قرآن شرف علم ۽ حڪمت جو سرچشمو آهي ۽ ان ۾ پڻ اهوئي منطقي طريقو اختيار ڪيل آهي: ”الحمدللهِ رب العالمين“ يعني سڀڪا ساراهه الله پاڪ کي جڳائي، ڇاڪاڻ ته هو جملي جڳن جو پالڻهار آهي. ڏس ته الحمد شريف جي انهيءَ پهرين آيت ۾ ڌڻيءَ جي حمد لاءِ سبب ڄاڻايل آهي:

آهي هڪ الله کي، تعريف توڙ تائين،
جو جڳا جڳ جڳن جو، پرور پُريائين،
ڏاتار ڪل ڏيهن جو سخي سدائين،
سٻاجهو سائين، حاڪم روز حساب جو.

 

مٿيون ترجمو الحمد شريف جي پهرين ٽن آيتن جو آهي ۽ اسان جي دوست مولوي احمد ملاح جو ڪيل آهي. مولوي احمد ملاح صاف سنڌي بيتن ۾ قرآن شريف جو ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ سندس ترجمي جو ”عم“ وارو ٽيهون سيپارو ڇپجي چڪو آهي.

شال ڌڻي توکي توفيق ڏئي! هاڻي مثال خاطر سنڌ جي ڪن عام شاعرن جي مصراعن تي غور ڪر. ”ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب رب ستار“- اڪثر عام بيتن جي منڍ واري مصرع آهي، جنهن ۾ شاعر چوي ٿو ته آءٌ ڌڻيءَ کي ٿو ساراهيان- ڇاڪاڻ ته اهو ئي سچو ڌڻي مالڪ ۽ پرور توڙي پردو رکندڙ آهي. مخدوم غلام محمد بگائيءَ (يعني بـُـگن جي ڳوٺ جو) چيو آهي ته ”ساراهيان سچو ڌڻي جو وڏو وڏن آه“- يعني ته شاعر جي ساراهه جو سبب ڌڻي پاڪ جي وڏائي آهي. لس ٻيلي جي شاعر ’نم‘ چيو آهي ته ”ساراهيان سچو ڌڻي، ڪم سندا ڪلتار“. الياس جدغال چيو آهي ته ”ساراهيان سچو ڌڻي، جوڙيون جنهن جهان”، مل محمود پلي سنڌ جي پهرين بهادر حرن جي تعريف ۾ جي بيت چيا آهن، تن جي شروعات هن طرح ڪئي آهي ته ”وصف ڪجي واحد جي جنهن جوڙيو جڳ جهان“. دين محمد لغاري چيو آهي ته ”ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن کي جوڙ جڳاءِ“. انهن مڙني شاعرن ڌڻيءَ کي ساراهيو آهي ڇاڪاڻ ته هو مڙني ڪمن جو ڪارساز ۽ جملي جهانن جون جوڙون جوڙيندڙ آهي. نور محمد فقير لغاري چيو آهي ته ”ساراهيان سچو ڌڻي عالمن الله“، ۽ ملا عبدالرحمان سندس سنڌي نورنامو هن طرح شروع ڪيو آهي ته: ”ساراهيان سچو ڌڻي جو آگو عليما“. هنن شاعرن ڌڻيءَ جي تعريف ڪئي آهي. ڇاڪاڻ جو هو ڄاڻڻهار آهي ۽ عالمن جو به الله آهي: يعني ته عالمن به پنهنجي علم ذريعي سندس وحدت، وجود ۽ وڏائيءَ کي تسليم ڪيو آهي، ۽ ٻيو ته هو پاڻ عليم آهي يعني ته هر شيءِ جو هر حالت ۾ هميشه لاءِ ڄاڻڻهار آهي. فقير عبدالرحيم گرهوڙي ‘تفسيرن جي مهاڳ’ وارو موضوع هن طرح شروع ڪيو آهي ته:

ساراه صاحب جي ڪجي، جو عالم ڪل علمن،
سڀڪي ڄاڻي مون ڌڻي بخشي علم بندن.

 

ڀٽائي صاحب جو رسالو به الله پاڪ جي ”عليم“ واري صفت ۽ ساراهه سان شروع ٿئي ٿو ته:

اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي،
قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهه قديم،
والي واحد وحده، رازق رب رحيم،
منجهان حڪم حڪيم، جوڙي جوڙون جهان جون.

 

منهنجا سُرت ڀَريا سڄڻ! ڄاڻ ته عالم ۽ عليم ۾ اهو فرق آهي جو ”عالم“ فاعل آهي ۽ ان ۾ علم جي صفت وقتي ۽ عارضي آهي، يعني ته جو هن وقت عالم (ڄاڻندڙ) آهي، سو اڳي صرف متعلم (شاگرد) هو. ممڪن آهي ته هن کان پوءِ ڪنهن وقت سڀڪجهه وسري وڃيس. مگر ’عليم‘ ۾ ’علم‘ جي صفت دائمي آهي يعني ته ازل کان وٺي ابد تائين ڄاڻڻهار آهي. اي سڄڻ! سمجهه ته لفظ ’اول‘ ۾ پڻ صفت ۽ ساراه جو مفهوم سمايل آهي يعني ته ”سڀ کان اول تعريف الله پاڪ جي“، جو عليم آهي. بيت جي ٻيءَ مصرع ۾ الله تعاليٰ جو وجود بابت فلسفيانه ۽ منطقي دليل ڏنل آهي. مسلم فيلسوفن هن معنيٰ تي وڏا بحث ڪيا ته آيا الله تعاليٰ جو وجود ”قديم“ آهي يا ”حادث“- يعني ته ازل کان موجود هو يا نئين سر پنهنجو وجود ظاهر ڪيائين. جيڪڏهن قديمي قائم هو ته ڪيئن قديم بنيو؟ ان جو جواب هن مصرع ۾ آهي ته قادر پنهنجي ذاتي قدرت ساڻ قديمي قائم ڪئي آهي. ٽيءَ مصرع ۾ ‘رحيم’ الله پاڪ جو صفاتي نالو آهي ۽ رحيم ۾ پڻ ’رحم‘ جي دائمي صفت سمايل آهي.

شال جئين! هاڻي سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي شاعرن جي زباني ڌڻيءَ جي تعريف ٻڌ. بچايو فقير پٽ بنگل خان رند، سنڌ جي ٻهراڙيءَ جو شاعر هو. سندس بيت پوين پنجويهن سالن ۾ نـَـڙن بيتن جي ڪچهرين ذريعي مشهور ٿيا. بچايو فقير اٽڪل اسي ورهين جي ڄمار ۾ سنه 1954ع ۾ گذاري ويو. اسان ساڻس آخري ڪچهري 20 جولاءِ سنه 1952ع تي شهر جهول (ضلع سانگهڙ) ۾ مرحوم مير الله بخش خان جي اوطاق تي ڪئي هئي. مرحوم پنهنجي بيتن جو آڳاٽو ڇپيل ڪتابڙو ڏنو ۽ ٻيا اڻ ڇپيل ڪي بيت لکايا ۽ ڪي بعد ۾ لکارائي موڪليا. هن ڪتابڙي ۾ پنهنجو پهريون بيت الله پاڪ جي تعريف ۾ هن طرح چيو اٿس ته:

الله جل جلالہ، صاحب رب سچو.
قادر! تنهنجي قدرت سان پوري ڪونه پيو.
تون ڪرين تيئن ٿئي ڪري ڪونه ٻيو.
رب تون رحيم تون قادر تون، ڪريم تون،
جليل تون جبار تون، تون آهين مالڪ ملڪن جو.
آءٌ آهيان ڏڍ تنهنجي، مون ٻيو تڪيو ڪونه تَڪيو،
تون آهين ايمان اسان جو ڏِسڻ جو ڏيو،
جن ٿي سڪندر سڏايو پاڻ کي تن جو پرو ڪونه پيو،
تو اڏايون تجرون تن تي، جن توکي ياد ڪيو،
تڏهن محبوب! پنهنجي ملڻ جو مون کي ڏس ڏيو.
”فاذ کروني اذکر کم“ اٿم اعتبار اهو،
آهيان غافل گناهن ۾ مون ڏاڍو ڏوهه ڪيو،
مهابي محمد مير جي مون کي معاف ڪريو،
بخش گناه، بچايو چوي، مون کي انهيءَ سيد جو صدقو،
جن اهو پنڌ پڇيو، وندر سي ئي وينديون.

 

بچائي فقير جي هن بيت جي ٻي مصرع، ”قادر تنهنجي قدرت سان پوري ڪونه پيو“، ۾ هڪ وڏي حقيقت جو اقرار ڪيل آهي. عام طرح چوندا آهن ته ”قادر جي قدرت سان ڪو پوري پوندو!“. چوندا ته ”قادر جون عجب قدرتون آهن، يا ڪئين قدرتون آهن“. ڪوهستان جي شاعر ٻٻر سونهيري (نالو ٻَٻَر، ذات سُونهيرو، ويٺل ڪرچات جو) پنهنجي هڪ بيت ۾ سائينءَ جي ساراهه ڪندي، سندس پيدا ڪيل شين تي حيرانيءَ جو اظهار ڪيو آهي، ۽ قادر جي قدرتن کي ڪوهستان جي عام زبان ۾ پنهنجي انوکي اسلوب بيان ۾ هن طرح ڳايو آهي ته:

ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن جوڙ به جوڙي آه،
وڏائي واحد کي، ٻئي ڪنهن کي ڪين جڳاءِ،
عرش ڪـُـرش آشمان، هي آڏاڻا ڪيئن آڏياءِ!
زمين زمن، لوح محفوظ، جبل ڪيئن جوڙياءِ!
اها مخلوق ساري مون جا ڌڻي! خاوند! ڪيئن خلقياءِ!
مک، ماڪوڙي، مرون، مال، ماڻهو، جيت ڪيئن جوڙياءِ!
تن کي چوُڻو، ڪِيُئه نه اوڻو، تي رازق رزق ڏنياءِ!
سوين قدرتون توجون، مون جا ڌڻي! تو وٽ لکين، ليکو ناه،
سوين پڙهيا سانئر ٿيا، ڪئين واعظ ڪري ويا،
پر کيڙي ٻيلي خالق توکي سانئر ڪين سگهيا،
اڻ سونهن جو، سونهيرو چئي، ننگي ننگ مٿياء،
ايءَ ٻانهپ ڪرڻ، ٻٻر چئي، رستو آه رواء،
ڪلمون پاڪ جڳاءِ، محمد مير رسول تي.

 

ٻهراڙيءَ جي شاعر ٻٻر سونهيري پنهنجي فطري سادگيءَ سان هڪ انوکي انداز ۾ عجب جو اظهار ڪيو آهي: ته ”اي منهنجا ڌڻي! اهي آڏاڻا ڪيئن اڏياءِ! اهي جبل ڪيئن جوڙياءِ! اها هيتري ساري مخلوق ڪيئن خلقياءِ! پر اهي جيت ڪيئن جوڙياءِ!!! منهنجا سڄڻ! ائين نه ڀانءِ ته ٻٻر سونهيري جيتن جي جوڙ تي ڪو اجايو عجب اظهار ڪيو آهي. جيتن جو جهان ايڏو ته وڏو آهي، جو اڃا تائين باوجود پنهنجي وسيع علم جي، انسان ان جي حد نه ڏٺي آهي. قرآن حڪيم جهڙي الهامي ڪتاب پهريون دفعو جيتن جي جوڙ ڏانهن انسان جو توجهه ڇڪايو، ايتري قدر جو ماکيءَ جي مک، ماڪوڙي ۽ ڪوريئڙو هن الهامي ڪتاب جي سورتن جا نالا بنيا. بيشڪ ماکيءَ جي مکين ۽ ماڪوڙين جي اجتماعي زندگيءَ وارو اعليٰ نظام ۽ ڪوريئڙي جي ڪاريگري ۽ حڪمت عملي اهڙا ته حيران ڪندڙ ڪارناما آهن، جو خالق اڪبر جي وجود ۽ وڏائي جو سبق سيکارين ٿا.

منهنجا سمجهدار سڄڻ! ڄاڻ ته ٻٻر سونهيري سندس مٿيون بيت ٻيلي ۽ ڪوهستان جي ٻوليءَ جي ٻهراڙي واري محاوري ۾ چيو آهي. ”تي رازق روز ڏنياءِ“ يعني ٿي رازق روز ڏنياءِ، ”مون جا“ يعني منهنجا، ۽ ”تو جون“ يعني تنهنجون. آشمان، قدرتون، ڏنياءِ ۽ مٿياءِ ڪوهستان جي ٻهراڙيءَ وارن جا خام اُچار آهن. لفظ ”سانئر“ (شاعر) لس ٻيلي، ڪوهستان ۽ لاڙ جي محاورن جو غلط العام آهي ۽ انهن ڀاڱن ۾ عام مروج آهي. ”اڏاڻا آڏڻ“ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ سهڻو اصطلاح آهي- يعني اڏاوتون اَڏڻ، جايون جوڙڻ، ٺاهه ٺاهڻ، تجويزون سٽڻ يا پهه پچائڻ. ”تن کي چوڻو، ڪـِـيئهءِ نه اوڻو“ فقري ۾ سنڌي ٻوليءَ جو عام اصطلاح ”چُوڻو اوُڻو ڪرڻ“ سمايل آهي. چوڻو معنيٰ قوت، کاڌو يا رزق. ”اوڻو“ يعني ”ڀريل کان گهٽ“، مُنو يا اڻپورو. چوندا ته رازق سڀ ڪنهن کي رزق ٿو رسائي ۽ ڪنهن جو به چوڻو اوڻو ڪونه ٿو ٿئي، يعني ته جيڪو ۽ جيترو قوت ڪنهن به جاندار کي ويلي تي ملڻو آهي اهو اوس ملندو ۽ ان مان ذرو به ضايع نه ٿيندو. شاعر گلو مياڻي پنهنجي هڪ بيت ۾ انساني زندگيءَ جي هڪ گهري حقيقت بيان ڪئي آهي ته هيءَ حياتي ڄڻ ”اڌارو چوڻو“ آهي جو اوڻي يا مـُـني ماڻ سان ڀريل آهي. يعني ته هيءَ حياتي ٿورڙي آهي ۽ ڄڻ ته ٿورڙي وقت لاءِ اڌاري ورتل آهي. گلو پنهنجي بيت جي پهرين ٽن مصراعن ۾ راءِ ڏياچ کي خطاب ڪيو آهي ۽ پوين ٽن مصراعن ۾ سورٺ جي زباني مڱڻي سان ڳالهايو آهي. چوي ٿو ته:

موت مڱڻي هٿ ۾، تُنهنجو ڏاتر هو ڏنو،
آندو چوڻو اڌارو تو اصل ماڻ مـُـنو،
لکين سر هئا لوڪ ۾، پر اچي ڇڪو ات ڇنو.
ماٺ ڪري ويهه مڱڻا، تند ڦٽي ڪر تون،
گهڻي قدر، گلو چئي، توکي منٿون ڪيون مون،
هاڻي ڏئي ٿو سر سـَـمون، تون وڍي وڃي ونهيون ٿيءُ.
 

شال بچين! اسين تنهنجو ڌيان وري ٻٻر سونهيري جي ٻي مصرع ڏانهن ڇڪايون ٿا ته ”پر کيڙي ٻيلي خالق توکي سانئر ڪين سگهيا“. کيڙڻ جي لفظي معنيٰ آهي پهريون هر ڏيئي زمين کي ’اُکيڙڻ‘. ”کَڙ ڪرڻ“ جو عام اصطلاح به ساڳي معنيٰ ۾ آهي ۽ غالباً ”کيڙ ڪرڻ“ يا ”کڙا ڪرڻ“ جو مخفف آهي. ’ٻيلڻ‘ يا ’ٻيلهه ڏيڻ‘ يا ’ٻيلهه ڪڍڻ‘، معنيٰ پهرئين هر کان پوءِ وري زمين کي ٻيو هر ڏيڻ. ڪهڙي به نهوَر زمين هجي، پر جيڪڏهن ڪنهن هاري ان جا لاهه ڪڍيا ۽ جهنگ وڍي ساڙي صاف ڪيو، اڏيون، نائڪا ۽ نيکام ٺاهي ان کي پاڻي ڏئي رجايو ته اها زمين هرن لاءِ تيار ٿيندي، ۽ جيڪڏهن ان کي هڪ هر بعد ٻيو هر ڏنائين، ته ڄڻ ان کي ’کيڙي ٻيلي‘ کُپ ڪيائين. اهڙي استاد هاريءَ کي ان زمين جي لاهه چاڙهه ۽ سـَـنڌي سيڙهي جي سڄي سربستي خبر پئجي ويندي، ڇو ته ان کي کيڙيو ٻيلو اٿس ۽ هو ان جي جاٽ جاٽ ۽ اوڙ اوڙ کان واقف آهي. شاعرن به پنهنجي فطري ذهانت، بيان جي قوت ۽ شاعرانه حڪمت سان ڪائنات جي رازن نيازن کي ڳولي ڳڻي ڳايو آهي، انسان جي جذبن ۽ احساسن کي اٿلايو پٿلايو آهي ۽ قادر جي قدرت کي واکاڻيو ۽ ووڙيو آهي. پر ٻٻر سونهيرو ٿو چوي ته: اي خالق! انهيءَ هوندي به جملي جهان جا شاعر اڃا تائين تنهنجي وحدت، حڪمت ۽ قدرت کي کيڙي ٻيلي نه سگهيا آهن يعني ته ان جي حد ڪَٿي نه سگهيا آهن. بيشڪ ٻٻر سونهيري جا اهي سادا الفاظ وڏي معنيٰ وارا آهن. ڀٽائي صاحب جهڙو سالڪ به چئي ويو آهي ته: ”لڇان ٿي لاحد ۾، هادي! لهان نه حد“، ۽ پڻ ”خالق! تنهنجي کاند جو پرو ڪونه پيو“. ان واحد جي وڏائي ۽ قادر جي بي انت قدرت تي يقين، سنڌ جي سورهيه ۽ موحد فقير عبدالرحيم گرهوڙيءَ کان بي اختيار هي بند چوايا ته:

جوڳو عبادت جو ڪونهي رب سوا،
ڪنهن کي روا ناه ڪا پرور ريءَ پوڄا،
ڪهڙو ڪم مخلوق سين جو پاڻ محتاجا،
سدا ڪم ڪريم سين، جنهن جوڙيا جهانا،
جي وڃي ڪو مخلوق ڏي ته پڻ خالق لاءِ،
’نافع‘ نالو سڄڻين، ’صمد‘ سبحانا.

 

گرهوڙي صاحب اهي بند ”توحيد“ جي سمجهاڻيءَ ۾ چيا آهن ۽ صاف سنڌي ٻوليءَ ۾ فصاحت ۽ بلاغت جو هڪ نادر نمونو آهن. ”سدا ڪم ڪريم سين“ وارو فقرو، سنڌ وارن جي پنهنجي موليٰ سان محبت، پنهنجي واليءَ ۾ ويساه ۽ مٿس توڪل جو بهترين اظهار آهي. پر منهنجا سڄڻ! سمجهه ته خالي توڪل مردن جو شيوو نه آهي. سنڌ جا سورهيه پوري سعيي ساڻ پنهنجا ڪم سائينءَ کي سُپاريندا آهن. سنڌ جي جوان مردن جو هيءُ قول آهي ته ”اسان کي دشمن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ڪمر ڪشڻ گهرجي، پوءِ جيڪي ڪندو الله!“ ڄاڻ ته سنڌ جا مٿير مرد جڏهن مڙس ٿي منهن ڏيندا آهن تڏهن چوندا آهن ته ”ادا! جيڪي ڪندو الله“، يا ”پوءِ جيڪي ڪري الله“. چوندا ته مڙسن جو ڪم آهي منهن ڏيڻ، باقي ”سوڀون وس صاحب جي، جنهن کي ڏاتر ڏياري“.

منهنجا ساڃاءِ وارا سڄڻ! اسان مٿي ”توحيد“ بابت عبدالرحيم فقير گرهوڙيءَ جا بند نقل ڪيا. جيئن ته هيٺين بندن ۾ گرهوڙي صاحب الله تعاليٰ جي وجود ۽ وحدانيت جي تفصيلي سمجهاڻي ڏني آهي، اسان اهي به تنهنجي فائدي خاطر نقل ڪريون ٿا. ڄاڻ ته ميين عبدالرحيم کي صاف سنڌي ٻوليءَ جو ملڪو آهي: ”مَلڪي“ جي معنيٰ هڪ اهڙي اندروني ۽ نفسياتي قوت جنهن جي ڪري ڪنهن شيءِ سان خاص مناسبت پيدا ٿي پوي. ڄاڻ ته گرهوڙي صاحب توحيد توڙي ٻين ڳوڙهن مسئلن کي جنهن سادي ۽ صاف زبان، روزمره جي مضبوط محاورن ۽ مختصر مگر پـُـر معنيٰ لفظن ۾ بيان ڪيو آهي، سو بيان کان ٻاهر آهي. ڏس ته الله تعاليٰ جي وجود ۽ وحدانيت کي ڪيئن ٿو وهڃائي ۽ ورجائي ته:

الله آهي هيڪڙو جو مُور مڙني جو،
”لا“ نه لڀي منجهس آهي ”اِلا هوءِ،
سڃاڻڻ ۾ تنهن سندي، عقل عاجز هوءِ،
”آهي“ چئبو ان کي، پڙهيي ڪل نه پوءِ،
پاڪ طرح ۽ طرف کان قادر جنس نه ڪوءِ،
هيڏو، ههڙو، هيترو، نڪي سڱيڻو سوءِ،
سڀڪا صورت جوڙ تنهين، پاڻ پراهون هوءِ،
سڀن ڌاران تنهن سَري، ان ري سَري نه ڪوءِ،
مٿس واجب ناه ڪِي، جڳ تي واجب سوءِ،
ان ري صورت نه ٿئي، صورت ري سو هوءِ،
”وَ اللهُ الغَنِي واَنتمُ الفُقراءُ“ صاحب ’صمد‘ ٿيوءِ،
جدا ڪين جهان کان، نڪي لڳو ٽوءِ،
منجهه نه چئبو مون ڌڻي، ٻاهر ٻجهه م سوءِ،
نڪي آڳاهون هيڪڙي، ٻين کي اوڏوءِ،
واحد پاڪ ورڇ کؤن، جيئن هوءِ ذرو ذروءِ،
سڀئي ذرا تنهن خلقيا، پاڻ نه هوءِ ذروءِ،
پر علم قدرت اهڙي، جيئن ههڙو جڳ جوڙيو!
جيڪي تنهن ري پوڄجي سو سڀ پاپ ٿيوءِ،
توڻي اڀين ٿوڪ سو، توڻي ڀؤنءِ تي هوءِ،
سڀني ڪم ڪريم سين، ٻئي سين ڪم نه ڪوءِ،
”اِنِ الحُکمُ الا للهِ“ پڙهي پـَـرُوجهو،
جنين ٻيءَ پَرِ ڀانئيو تنين اکِ ڦـُـلو،
لا مـَـڪاني- ”لا“ ٿيو جي پڇين مڪانو،
”کُل الينا راجعونَ“ صحي سـِـکي سمجهو،
”قُل اِن الا مَر کُلهُ ِللهِ“ ٻُجهو جي نه ٻُجهو،
ٻي ريءَ سَري سڀني واجب واحد هوءِ
جنهن ريءَ سَري نه جڳ کي پَهر نڪو پلڪو،
سو در سوجهڻ سور ٿيو جو وڃڻ وڃي ويندو،
ڏوريو در ڏاتر جو، جو آهي ۽ هوندو.

 

سڄڻ! سمجهه ته ”مور مڙني جو“ معنيٰ ”منڍ مڙني جو“- يعني ته الله پاڪ جي هستي ٻي ڪل ڪائنات جو سرچشمو آهي. ”مور“ اصل ۾ سنسڪرت لفظ ”مول“ آهي، ۽ پوءِ ’ل‘ مٽجي ’ر‘ ٿيو آهي. ”مول“ معنيٰ اصل، بنياد يا منڍ. شهر ملتان جو اصل نالو به ”مول آسٿان“ (=مولتان =ملتان) آهي يعني اصلي آستان يا آستانن جو بنياد. جيئن ته ملتان ۾ قديم زماني کان سج جي پوڄا جو هڪ وڏو مندر هو، انهيءَ ڪري ئي ان کي سڀني پوتر آستانن جو مُنڍ ڪري ليکيائون. پئسن جي ”مور“ واري رقم جي معنيٰ به آهي منڍ واري، يعني اها رقم جا شروع طور ڪنهن ڪم يا ڌنڌي تي خرچ ڪجي. کٽيو يا نقصان ان شروع واري رقم يعني مور تي ئي ٻڌبو. شڪي حالت ۾ چوندا ته ”ادا جي مور مليو ته لک ٿيو“. شاعر سانوڻ فقير به انهيءَ ساڳيءَ معنيٰ ۾ چيو آهي ته ”گهڻو کٽيو گهوريو، ماڳهئين وڃي نه مور“. چوندا ته ”مور ۾ سور نه پوي“، ”مور ۾ سور نه وجهه“ يا ”مور ۾ سور ڪونه وجهندس“. سنڌيءَ جي عام اصطلاح ”آءٌ مور ڪونه ڪندس“ (يا ويندس، ڏيندس وغيره) جي پڻ معنيٰ ٿيندي ته ”آءٌ اصل ئي ڪونه ڪندس. آءٌ منڍئون ڪونه ڪندس. يا آءٌ ڌرئون ڪونه ڪندس“. ”لاء“ نه لڀي منجهس يعني ته الله پاڪ جي هستيءَ ۾ نفي يا نيستي جو ذرو به ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اهو ’اِلاهو‘ آهي يعني ته سندس ذات هميشه اثبات آهي. ”پڙهيي ڪل نه پوءِ يعني ته محض اکري علم سان الاهي حقيقت جي پروڙ ڪانه پوندي. ’طرح‘، ’طرف‘ ۽ ’جنس‘ کان قادر مطلق پاڪ آهي، يعني ته صورت، مڪان ۽ جنس کان اتم ۽ اعليٰ آهي. ”والله الغني وانتم الفقرا“ يعني ته الله تعاليٰ بي نياز آهي ۽ اوهين بندا ڏانهنس محتاج آهيو. ”لڳوٽو“ يعني ته لڳل، لاڳاپيل يا ڳنڍيل. ”اِنِ الحـُـکم اِلا ِلله“ يعني ته حڪم ۽ اختيار جو صاحب صرف الله تعاليٰ ئي آهي. مڪان جي لحاظ کان هو لامڪان آهي. ڌڻي تعاليٰ جو قول آهي ته ”ڪُل اِلينا راجعون” يعني ته سڀ مخلوق بالاآخر اسان ڏانهن موٽندي. ”قُل اِن الامرَ کُلـہ لـِـلـة“ يعني ته هر ڪم ۽ نتيجي جو، هر امر ۽ اختيار جو ڪلي طور مالڪ اهو موليٰ آهي. ”سو در سوجهڻ سور ٿيو، جو وڃڻ وڃي ويندو“ يعني ته جيڪي ڪجهه گهرجي سو هڪ ڌڻيءَ جي دران ئي گهرجي، باقي ٻيو در جيڪو جو اوس فنا ٿي ويندو، ان جو ارادو ڪرڻ ئي ڄڻ اجايو سور سهڻ آهي. ”سوجهڻ“ فعل متعدي آهي ۽ ”سـُـجهڻ“ لازمي آهي، جيئن کولڻ ۽ کلڻ. ’سوجهڻ‘ يعني ڪنهن شيءِ کي خيال ۾ آڻڻ يا ان جو ارادو ڪرڻ يا ان جو گهورو ٿيڻ.

منهنجا ڍولڻ! ڄاڻ ته خوشيءَ ۾ توڙي ڏک ۾ سنڌ وارن پنهنجي موليٰ کي نه وساريو آهي. هڪ معنيٰ ۾ عشق ۽ محبت جهڙي ٻي خوشيءَ خوراڪ ڪانهي ۽ دل گهرئي دوست جي ملڻ جهڙي ٻي نعمت ڪانهي. سنڌ وارن انهيءَ نعمت جي نصيب ٿيڻ جو مدار به پنهنجي موليٰ تي رکيو آهي: چوندا ته ”يار ڏي موليٰ وارث آهي الله“. وڇڙيل دوست کي به چوندا ته ”الله آڻيندو“. ڄام دوست علي جوکيي هڪ بيت ۾ چيو آهي ته:

دلبر! دوست علي چوءِ، آڻيندءِ الله،
مون سوين سکائون ڪيون لعلڻ توهي لاءِ،
ساجن! سڪ سندياءِ، مون کي ڪالهوڻيا اڄ گهڻي.

 

”چوءِ“ يعني ’چوي‘ - اهو ملير ۽ ساڪري جي خاص محاوري جو لفظ آهي. ڀٽائي صاحب به وصل جي وائي واريندي چيو آهي ته: ”الله! اچن اوءِ، جن آئي من سرهو ٿئي“، ۽ پڻ ”الله! اوتاري، منڌ ماروءَ جي ميڙئين“.

ڄاڻ ته درد ۽ ايذاءُ ۾ پڻ سنڌ وارا الله کي ئي ٻاڏائيندا. ايذاءُ وقت ”الا ڙي“ چوڻ سنڌ وارن جو تڪيو ڪلام آهي. ”الا ڙي“ معنيٰ ”الله! ڙي“ يعني ”اي الله“، ”يا الله!“ صدين کان وٺي ”الله“ جو نالو سنڌ وارن جو تڪيو ڪلام ۽ زبان زد عام بنجي ويو آهي. ايذاءُ وقت ”الله“ جي سڄي نالي اچارڻ بدران ”الا“ جو اچارجڻ فطري آهي، انهيءَ ڪري درد ۽ تڪليف وقت ”الله!“- يعني اي الله!- جو مخفف ”الا“ عام رائج ٿي ويو آهي. ڀٽائي صاحب چيو آهي ته: ”اَلا! ائين مَ هو“- جيئن آءٌ مران بند ۾“ يعني اي الله پاڪ! شل ائين نه ٿئي جو آءٌ هڪ قيديءَ جي حالت ۾ دم ڏيان. ”الا! ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن“ معنيٰ اي الله سائين! آءٌ ڏاهپ واري نه ٿيان ڇو ته ڏاهپ واريون ڏک ڏسنديون آهن. مطلب ته ”الا“ تڪليف جي وقت وارو سڏ آهي ۽ ”اَلله!“ جو مخفف آهي. ”اَلا ڙي“ خاص طرح درد ۽ ايذاءُ واري دانهن آهي. سسئيءَ جي زباني ’سانوڻ‘ جو بيت آهي ته:

درد بنا دانهن نه ڪري ’الاڙي! اَلا‘،
ڪانڌ مون کي ڪهي ويو ڪري ڪربلا،
اٺ ته آريءَ ڄام جا اُٿارياءٌ اَوَلا،
آريءَ جي اُٺن کي ڏينديس وندر منجهه وَلا،
هاڙهي وندر وچ ۾ ڏنم ويهه وَلا،
سورن جا سائين!- مون آهن ٿَڪيءَ تي ٿلا،
سورن جا سائين!- مون آهن ٻانهيءَ تي ٻيلا،
پر سورن جا، سانوڻ چئي اڄ آهن ڪوڙا ڪؤنسلا،
اهي حسن حوصلا، منهنجا پنهون نيا پاڻ سان.
ڌڻي شال راضي ٿي پنهنجن بندن جا سڀ سور ۽ درد دفع ڪري ۽ کين پنهنجي نعمتن ۽ نوازشن سان مالا مال ڪري. منهنجا سڄڻ! ڄاڻ ته رب جي رضامندي جهڙو ٻيو سرمايو ڪونهي. رب راضي هجي ته بندي جي بلنديءَ جي ڪا حد ئي ڪانهي. ڳجهارت ۾ آهي ته ”الله ذات آهي، نوڪر اٿس ئي ڪونه، پر جي نالو ٿئي“ (ذات
= ڏيٿو، نوڪر =ڪمي. نالو = راضي) يعني ته ”الله ڏئي ٿو، ڪمي اٿس ئي ڪانه، پر جي راضي ٿئي“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com