سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :7

شمس العلماءَ ع. م. دائودپوٽو

”سُرها گل“ جي تمهيد

 

علامه صاحب، سن 1924ع ۾، جڏهن پاڻ جوگيشوري (بمبئي) جي ’اسماعيل ڪاليج‘ ۾ عربيءَ جا استاد هئا، ”سُرها گل“ نالي سنڌي شعر جو انتخاب ڇپائي پڌرو ڪيائون. انهيءَ ڪتاب جي مقدمي ۾، سنڌي شاعريءَ جي جن عوامي خوبين کي سامهون رکي پاڻ ان جو انتخاب ڪيو هئائون، تنهن جي وضاحت انتهائي دلنشين  پيرايي ۾ ڏني اٿن.

گذري جي ويا، سي زمانا ياد پيا،
وسي جي ويا، سي ترانا ياد پيا،
دل تي آيا ’وامق‘ و ’فرهاد‘ و ’قيس‘
ڏسندي ئي دانــہ، ديوانا ياد پيا.
فصل جي خواهش ۾ وسري اصل ويو،
سنگ چونڊيندي نه ڪانا ياد پيا.
واديِّ مجنون ۾ ڏسندي سنگ و خار،
عقل وارن جا خزانا ياد پيا،
جڏهن چريو ٿي چوطرف جي ڪيم چڪاس،
تڏهين مون کي دوست دانا ياد پيا،
ڏسندي ئي نَو دولتن جون دولتون،
اصل جي خانن جا خانا ياد پيا،
وصل جو وعدو جي ڪنهن کان ڪو ٻڌم،
تڏهين دلبر جا بهانا ياد پيا،
ٿيو يقين، ’سانگي‘، ته آهي سڀ گذر،
شان شاهن جا شهانا ياد پيا.

 

سمنڊ جي اجهاڳ ۽ بي انت تري ۾ سهسين بي بها موتي سپجن ٿا، جي هوند  جهان کي وڌيڪ جرڪائين ۽ اُجالو ڪن. هزارين گلابي گل، پنهنجو محجوبي منهن لڪائي، برپٽ کي واس ڏين ٿا، جن مان هوند سنسار کي سڳنڌ ملي. اسان جي پياري سنڌڙي  به ڪنهن سمي اهڙن املهه ماڻڪن جي کاڻ هئي ۽ اهڙن سهڻن گلن جو چمن هئي. ڪٿي آهن اُهي غواص، جي پاتال ۾ پيهي سپون سوجهي ڪڍن، ۽ جوتيون جواهرن جون عالم کي آڇين. ڪٿي آهن

اُهي واس وٺندڙ ڪوڏيا، جي بيراني بيابان جهاڳي، نازڪ گلن جي سرهاڻ سنگهن ۽ ان جي عطر سان دنيا جي دٻيل دماغ کي دئِي ڏين. ڪٿي آهن اُهي ڪانيءَ ڪرامت جا صاحب، جن جي فيض مان پرت جا پهيڙا پُر جام پيئندا هئا؟ اڄ انهن جي جاين تي ڌپ سڙيا الغارون ڪري رهيا آهن -

جتي هنج هئا، اُت ڪانون ڪانگيرا ڪيا،
ويچارا، ’وليداد‘ چئي، ولر ڪري ويا،
اچي اَل  پيا، اُنهن اوطاقن ۾!

 

اسان جي قسمت جي ڪوتاهي آهي جو اهڙن الماسن کان منهن موڙي، فراق ۽ ڦوڙائي جي ڳالهين ۾ ڦاسجي ويا آهيون، ۽ وصل ۽ ميڙائي جي وائي وسري ويئي اٿئون. ڪنهن زماني ۾ اسان جو ديس آريه ۽ اسلامي تهذيبن جو مرڪز هو، جتي مسلم ۽ هندو، پياري وطن جي اکين جا تارا، ريجهه رهاڻ م رهندا هئا، ۽ جڳ کي وحدانيت ۽ ايڪتا جو سبق سيکاريندا هئا. هينئر ته اهڙو ڪو هير-گنبذ جو واءُ لڳو آهي، جو ماڻهو ئي مِٽجي ويا آهن! وڏڙا ويچارا، پنهنجو منهن لڪائي، مقامن ۽ مساڻن مان اسان جي شوم بختيءَ جو نظارو ڪري رهيا آهن. انهن جا روح تاڻي رهيا آهن ته ’آهي ڪو، جو سُڪل ڪسيءَ ۾ پاڻي آڻي ۽ وڃايل وَٿون واري هٿ ڪري!‘ اُهي مڻيادار مرَڪڻ، جن جي صحبت رس ڀري هوندي هئي، جن جي وات مان پلپل سياڻپ جا سندر سخن نڪرندا هئا، جي چپي چپي تي پهاڪا ۽ چوڻيون ۽ سگهڙن جا قول مثال طور آڻيندا هئا، جن جي ٻاجهاريءَ ٻوليءَ ۾ نڪي عربيءَ ۽ فارسيءَ جا اڙانگا لفظ هوندا هئا ۽ نڪي سنسڪرت جا ڳاٽي ٽوڙ ڪلما، ۽ جن جي زبان ۾ عجب قسم جي رواني ۽ شستگي هوندي هئي، تن جا پويان اڄ اڪثر رڳو شيڪسپيئر ۽ شيلي جا شيدائي ٿي، پنهنجو ورثو وساري، پراون دهلن تي احمقن وانگر نچي رهيا آهن! نڪي مغربي شائستگيءَ مان ڪا هڙ حاصل ٿي اٿن، ۽ نڪي پنهنجن وڏن جي فيض مان ڪو حصو پڙ پيو اٿن. ڪانوَ وانگر، مور جي رفتار تي موهت ٿي، پنهنجو چلڻ به کاري ڇڏيو اٿن! اها سڀ اسان جي بيپرواهيءَ جي شامت آهي. هينئر به جيڪڏهن ڪوشش ٿئي، ۽ هر هڪ ننڍو وڏو پڪو پهه ڪري پنهنجي اباڻيءَ ميراث لاءِ واجهه وجهي، ته هوند تاريخ ۽ علم ادب جو چڱو سرمايو موجود ٿي پوي. اڃا به ويل نه ويئي آهي-  ڪنهن نه ڪنهن قبيلي ۾ وڏا حيات هوندا، جن وٽان اڳين جا سخن سکڻ گهرجن. جيڪڏهن وڌيڪ غفلت ڪئيسون ۽ وڏڙا سفر سڌاري ويا، ته پوءِ ارمان ۽ پڇتاءُ جون تريون مهٽڻيون پونديون.

منهنجي ڪا وڏي عمر نه آهي، پر منهنجيءَ ئي سانڀر ۾ سنڌ جي حالت اور هوندي هئي. ماڻهو زياده خوش ۽ آسودا هوندا هئا، ۽ اَن پاڻي آل جال هوندو هو. عيدن  براتن، ميڙن ملاکڙن تي هو پنهنجيءَ سرهائيءَ جو اظهار ڪندا هئا. ملهه وڙهڻ ۽ ڪُشتيءَ کيڏڻ ڪري، سندين قوت قراري رهندي هئي. مردانيون ڪسرتون - جهڙوڪ: ٻلهاڙو ۽ ونجهوٽي - کين لڱ - مروڙ ۽ مضبوط رکنديون هيون. اهڙيءَ طرح، سندن زالون به زبر زنگ هونديون هيون. عيد ايندي هئي ته صبح جو جماعتون ۽ ماڻهن جا ٽولا مولود چوندا ۽ زيلون ڏيندا، ميدان ڏي نڪرندا هئا. نماز بعد ’سماع’ ٿيندو هو، ۽ حلقا لڳندا هئا. مخالف جماعتن جِي، سماع وقت، پاڻ ۾ چٽاڀيٽي لڳندي هئي. اوليائن جي درگاهن تي ساليارو ۽ ماهون، پهرئين جمعي تي مولودين، مداحين ۽ معجزاين جو مقالو ٿيندو هو. خود شاعر به، حاضر ٿي، پنهنجي هنرمنديءَ ۽ حرفت جو داد ڏيندا هئا. هينئر ڏسندا، ته اُها سرهائي ۽ خوشي ماڻهن ۾ ڪانهي: سڀ ڪنهن جي دل تي ڳڻتين جو بار آهي. آرام ۽ ايڪانت جو مزو نڪري ويو آهي، ۽ سڀڪو ، دنيا جي چڪر ۾ اچي، پنهنجون شاندار اڳوڻيون روايتون وساري ويهي رهيو آهي - تان جو اڄ ته عيدن  تي سماع جو نالو به ڪونه ٿو ٻُڌجي، ۽ هر ڪو ڪـَنَ ٻوساٽيو گهر هليو وڃي. اهڙيءَ طرح، هندن ۾’ڀڳت’ جي رسم هوندي هئي، پر انهن ۾ به ايترو جوش خروش نه رهيو آهي. سڀني کي مايوسي ۽ غمگيني گهيري ويئي آهي. ازان سواءِ، ورهيارو، ڀَٽ فقير، دَف هٿن ۾ کڻي، وڏا پهراڻ پهري، اڇون پڳون ٻڌي، ملائڪن وانگر سفيد گهوڙن تي چڙهي، سڀ ڪنهن در تي ايندا هئا، ۽ گذريل زماني جون تاريخي ڪهاڻيون ۽ قصا نهايت خوش اسلوبيءَ سان بيان ڪندا هئا. هاڻي ته اُهي به ويچارا هائيءَ ۾ هڄي ويا.  سندن ناخلف پوين ٻوٽو ڪونه ٻاريو، ۽ وڏن جو نام نشان گم ٿي ويو. اڳوڻي تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ، ڀَٽن جي هستي به هڪ ڪاردار طريقو هئي. اسان کي گهرجي ته جتي اُهي ڀَٽ فقير ملن، اُتان کين هٿ ڪري آڻي، سندين تربيت ڪريون، ۽ پنهنجي وڃايل تاريخ کي نئين سر لهون، ۽ وڏن جي روايتن کي هڪواري برقرار رکون.

سنڌ جي تاريخ ۽ ٻوليءَ جو واڌارو ان جي ماضيءَ تي منحصر آهي. ماضي راس ٿيو، ته حال ۽ مستقبل پاڻيهي پوري پيماني تي ايندا. ماضيءَ جي جيارڻ لاءِ جهُٽ پٽڻ، هر هڪ سنڌيءَ جو وطني فرض آهي. سنڌي ٻولي نهايت ڪشادي ۽ وسيع آهي، پر مٿس صدين جو لٽ چڙهيل آهي، سو مٿاڪٽ ڪري لاهڻ گهرجي. هڪ اهڙي انجمن تيار ڪجي، جا وقتاً فوقتاً سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن جو دورو ڪري، نوان نوان الفاظ ۽ اصطلاح، پهاڪا ۽ چوڻيون، ۽ اڳين شاعرن جو ڪلام ۽ ڪارناما ڪٺا ڪري، ۽ انهن کي پڌرو ڪري. سنڌ جي  گوشي گوشي ۾ اڃا به اهڙيون عجيب هستيون لڀنديون، جن کي اڳئين زماني جا نقل ۽ نظير ياد هجن. مثال طور، اسان جي ڳوٺ ۾ ڪيترا اهڙا ماڻهو هئا، جي ميرن جي صاحبي سنڀرندا هئا - جهڙوڪ وڏيرو جڙيو ۽ عيسو فقير ميربحر.  پر اسان جي لاغرضائيءَ ۽ غفلت وچان اُهي راهه رباني وٺي ويا، ۽ ڪنهن  به اُنهن مان بهرو نه ورتو. سال 1931ع آڪٽوبر واريءَ تعطيل ۾ وطن وڃڻ ٿيو. اُتي اوچتو پور آيم ته ڇو نه پنهنجيءَ  فرصت جا ٻه ٽي ڏهاڙا پراڻن شاعرن جي ڪلام گڏ ڪرڻ ۾ سجايا خرچ ڪريان.  چاچي نِدي (نظام الدين) کي اهڙا گهڻا نڪتا ياد آهن، تنهن وٽان رمضان ڪنڀر جو ڳچ ڪلام، امير علي شاهه، احمد علي، نور محمد ۽ پير امين محمد جون ڪافيون ۽ ٻيا گفتا هٿ ڪيم. اهڙيءَ طرح، ڏاڏي محمد صديق وٽان رمضان ڪنڀر، حافظ ولي ۽ عثمان جون ڪافيون لکي، باقي هرڻيءَ جو معجزو ۽ ڪانگ جا ٽيئي ڪلما، اوائلي شاگرديءَ جي ڏينهن ۾ قلمبند ڪيا هئم. انهن مان هرڻيءَ جو معجزو ۽ ڪانگ جو ٻيو ڪلمو، ڏاڏي محمد صديق وٽان لکيا هئم. پهريون ڪلمو بابي کي ياد آهي، ۽ ٽيون ڪلمو، مرحوم ملان هارون لاءِ، مرحوم پير بخش کٽيءَ وٽان اُتاريو هوم. موڪل جي پڄاڻي آئي، ۽ باقي ڏاڏو حاجي سائينڏنو رهجي ويو. خيال هوم ته آئيندي سندس پڪي فصل  مان ڪي سنگ لڻندس، پر هن جي حياتيءَ وفا نه ڪئي، ۽ بمبئيءَ موٽڻ کان پوءِ ستت سندس لاڏاڻي جو ٻڌوسون، نه ته هو ڳالهين جو ڳهير ۽ نقلن نظيرن ۾ بي نظير هو، ۽ سندس صحبت به غنيمت هئي. خدا شال مرهيس، ۽ جنت ۾ جاءِ ڪريس! چاچي ندي ته ٿڌو ساهه کڻي چيو ته ”ابا، هينئر اسين قبر جي ڪنڌيءَ تي ويٺا آهيون. اڳيان دفتر دلين تان ڌوپي ويا، ۽ دل گهريا سنگتي، جن سان حال اورجي ۽ هنئين جا غبار لاهجن، سي سڀ برقعو مٽائي ويا. جنڊ آهي آهوڙئي سان، ۽ گذريل ڳالهيون ۽ ڳڻ تڏهن ياد پون، جڏهن ڪو اهڙو موقعو ملي، ۽ ڪو همدم همراهه هجي، جو وٽ-وراڻي ڪري. (پوءِ هيءُ بيت پڙهيائين)

”اوٽَرَ پيم اَپارَ، هِنيڙو لَٽُ لَٽي ويو،
هئا هِنياريءَ وچ ۾، پِريَم تنهنجا پارَ،
سُتي پيم نه سارَ، تيلانهه وَهه وَهـِي ويو!“

 

”هينئر تون آيو آهين جو اها تند تنواري اٿئي، نه ته اهڙين ڳالهين کي ڪير پڇي!“

هيٺيان گڏ ڪيل بيت، جي ڪلام ۾ نه ڏنا ويا آهن، ۽ جي پڻ درج ڪيل ڪلام وانگي اڃا ڇاپي جي منهن نه آيا آهن ۽ نڪي مشهور ٿيا آهن، سي تمهيد ۾ انهيءَ لاءِ آڻيان ٿو ته نوجوان پڙهندڙ اُنهن مان حظ وٺن، ۽ منجهن اُتساهه جاڳي جو اهڙي ڪم لاءِ ڪمرڪشي ڪن، ۽ اهڙا دُرلڀ هيرا، جي اسان جي غفلت وچان غائب ٿيندا ٿا وڃن، تن جي تلاش ڪن. افسوس، جو جلاوطنيءَ ۾ وڌيڪ نٿو ڪري سگهجي.

اصل موجودات

سنگ ٻه، ٻُوڙو هڪڙو، ذاتيون لک هزار،
ثابت پڪا سنگ ۾، ڪڻا ساڻ قرار،
ٻَڌي ڳاههَ فراق جي، ڪَيائون ڌاروڌار،
نڄاڻان ٻيهار، ته ڪير ملندو ڪن کي!

 

- انهن چئن سٽن ۾ ڪيترو فلسفو ۽ دانائي ڌريل آهي، تنهن جو پڙهندڙ خود اندازو ڪري سگهندا.

مُلو، مجاور ۽ ڪانءُ

مُلو، مجاور، ڪانءُ، - ٽيئي اکر هيڪڙي،
هو سَٽِ نه اچي سِڱ جي، هو نينهن نه ڳنهي نانءُ،
هو هلي ڪين حفظ سان، پُرجِهي ڌري نه ڪا پانءُ،
اهڙو ٺلهو ٿانءُ، ڀڃي کڻي ڀورا ڪجي!

 

- هن بيت مان وڏن جي آزمودي جي پروڙ پوي ٿي، ته سندين مشاهدي جي قوت ڪيتري قدر نه زور هوندي هئي.

سورن جا ڍاڪون

اڻ سانڀر لاڪون، سُورَ مُئيءَ کي سِنجريا،
وڃن نٿا ويڙ مون، تِرَ جيڏا تاڪون،
اديون ’ابوبڪر‘ چي، ڪيم فراقن ڦاڪون،
سُورَ ڍَڪي ڍاڪون، پيڪن منجه پِڙي ڏنا!

 

شاهه صاحب، ڪنهن وقت کرڪو ٻڌندي چيو:

تون وڄين ٿو گهنڊ، تو مون کي ڇو نه ٻڌائيو،
ته تنهنجا سڀئي سنڊُ، هُندَ سڀ مڙهايم سون ۾؟

 

کرڪي زبان حال سان جواب ڏنو:

الله جي آس ڪري، جڏهن مون ٿي وڌائون لار،
رکي ميخ سنداڻ تي، گهڻو ڪُٽيس لُهــار،
هڪڙي ڄَرَ ڄيري سندي، ٻيو مهترن جي مار،
تهان پوءِ تنوار، مون ۾ پيئي پِرَ جي!

 

جوڀن کي جٽاءُ نه آهي

هَي هَي، جوڀن! جاڙ ڪيتوئي، ڇورا ڪر اِوين ڇوڙ ڳيِوُن،
مَين ڀايان هَلسين توڙ تائين، پر يار يارانا ٽوڙ ڳِيون،
حُسن حشمت لُٽ نِتوئي، ماههُ رَڳان دا روڙ ڳِيون،
لوهه ڪَـنُون لـِڱ ڏاڍي هوئي، سي هِيڻي هڏ اَلوڙ ڳِيون،
ڪالي ڪڍ ڪلُور ڪيتوئي، اَڇي وال  وَڪوڙ ڳِيون،
هرڪا آکي ’ماما‘ ’چاچا‘، جُٺ اها ڀي جوڙ ڳِيون،
ڪنهن دي نال وفا نه ڪيتوئي، ڪُل ڪُون نيٺ نِهوڙ ڳِيون،
’حمل‘ دا ول حال نه پڇ، مِهر مَٽان منهن موڙ ڳِيون.

 

 

سڀڪنهن کي هلڻو آهي

اِهين زمين سِر صاحب آئي، ڪا هي ڪَل تنان دِي،
 ڪير هوئي وت ڳِئي ڪا ڏاه، جو تون ٻيٺين جاءِ جـِنان دِي،
لک ڪروڙين لڏ ڳئي، ڪِنہ ولدِي خبر نه آندِي،
هر هڪ آيا هيٺ زمين دي، جو خاڪ ڳئِي ڪُل کاندِي،
’حملَ‘ هڪڙي ڇوڙ ويندي، جو آئنديِ وار ٻِناندِي.

 

ڪڏهن ڪيئن، ڪڏهن ڪيئن

ڪڏان شِير شڪر ڪَنا مـِٺا هُياسين، ڪڏان کاري ڪنان کاري،
ڪڏان تُرندي ئون بيِچ ڦُلان دي، ڪڏان باري ڪنان باري،
مار نه تاڙي، اُڏار نه اسان نون، ميان ’باهو‘، اسين آپي اُڏڻ هاري.

 

اهڙا گهڻا سخن ماڻهن جي سينن ۾ ستل آهن - آهي ڪو، جو اُنهن کي جاڳائي، نظاري نروار ڪري!

هاڻي، هن انتخاب لاءِ ٻه ٽي حرف چوڻا آهن. انتخاب ڪرڻ ۾ هيءَ ڳالهه مدنظر رکي ويئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جون خوبيون نروار ٿين، ۽، اگرچ سنڌيءَ کي پراڻيءَ جوئر جي اَٽي سان مشابهت ڏني ويئي آهي، ته به ڏسجي ته منجهس استعداد ڪيترو آهي، ۽ ڪهڙا نازڪ خيال منجهس ادا ٿي سگهندا. اڪثر اهڙو ڪلام گڏ ڪيو ويو آهي، جو صاف ۽ نغميدار آهي، جنهن کي سڀ ڪو ذوق ۽ شوق سان جهونگاري سگهي، ۽ جنهن جي عبارت ۽ طرز آئيندي لاءِ مثال ٿئي.  اڳوڻن شاعرن جي ڪلام کي پوين جي ڪلام تي ترجيح ڏني ويئي آهي، ڇاڪاڻ جو اُهو اجائيءَ تڪبنديءَ کان عاري آهي، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي طبع تي موزون آهي. هاڻوڪا شاعر گهڻو ڪري سگهڙ آهن: جيستائين ڪلڪ ۽ مس هٿ ۾ کڻي، ڪاغذ تي قافين جي لانڍ نه لکن، تيسين نظم به لُچي گهوڙي وانگر کين لغام وجهڻ نه ڏئي - پوءِ به، گهڻيءَ قلمخراشيءَ بعد، مس مس سَنوت ۾ اچين. مگر اڳين لاءِ شعر اندر جي اُڇل هو- گويا الهام وانگر سندين دل تي لٿو ٿي. سندن قلب کليل هو، ۽ زبان روان. بس، اُمنگ آيو، ۽ شعر جا موتي  بي اختيار سندين زبان مان ٻاهر نڪتا، ۽ جهڙي سانچي جا لائق هئا، تهڙي ۾ پلٽيا. بحر ۽ قافيي جي کين ڪاڻ ڪانه هئي - بلڪ بحر ۽ قافيو سندن سلامي هئا. انهيءَ ڪري ئي سندن ڪلام ۾ رواني، ميٺاج ۽ زور آهي، جو موجود شاعرن ۾ مشڪل لڀندو. بيشڪ بحر، وزن ۽ تڪبندي شعر لاءِ ضروري آهن، پر انهن سان گڏ جيڪڏهن دلي جوش ۽ روحاني ريلو نه  هوندو، ته شعر اڀوڳو ۽ الوڻو ٿي پوندو. تنهنڪري، شاعرن کي گهرجي ته رڳو بندن ۽ بحرن کي چهٽي نه پون، پر ذوق پرائين، ۽ معنيٰ ۽ مطلب جو لحاظ رکن. خود اڳين شاعرن به بي اختيار اهڙا شعر چيا آهن، پر انهن معنيٰ ۽ مطلب کي هرگز هٿان نه ڇڏيو آهي. هن کان وڌيڪ ضروري ڳالهه آهي، ته شاعرن کي گهرجي ته پنهنجي شعر جي دائري کي گهڻو وسيع ڪن. گل ۽ بلبل جي گلا، موهومي معشوقن جا ماڻا ۽ ناز نخرا، خط ۽ خال جون خوبيون، ۽ ڏندن ۽ چپن جي تعريف - اهي سڀ پراڻيون ڳالهيون آهن، جن کي شاعرن گهڻوئي پٽاڙيو ۽ کوهيو آهي. انهن کي ڇڏي، نون نون مضمونن تي شعر گوئي ڪئي وڃي. مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ انهيءَ باري ۾ گهڻي قدر ڪم ڪيو آهي، جنهن جو احوال سندس تذڪري ۾ ڏنو ويندو، ۽ ’بيوس‘ پڻ گهڻي جس لهڻي. اميد اٿئون ته ٻيا شاعر، جن مان گهڻا هن بندي جا پڻ واقف آهن - جهڙوڪ ’فاني‘، ’مسافر‘، ’نياز‘، ’رفعت‘، وغيره - ۽ جن جي ڪلام کي هن محدود انتخاب ۾ گنجائش نه ڏني ويئي آهي، سي به ساڳي طرز اختيار ڪندا.

سيد ميران محمد شاهه، مسٽر حيدر بخش جتوئيءَ ۽ مسٽر ’بيوس‘ جو شڪر گذار آهيان، جو پنهنجن نظمن ڇپڻ جي موڪل ڏني اٿن. آخر ۾ آرزو اٿم ته پڙهندڙ هن منهنجيءَ جرات تي خندو نه وٺن، ۽ عيب جوئيءَ ۽ نڪته چينيءَ کي نظرانداز ڪري، سهو ۽ خطا تي چشم پوشي ڪن. - والله الموفق للصواب.

                         (مهراڻ: 3-4/1958ع)

شعر جو ته ڪاٿو ئي ڪونهي! ساري ملڪ ۾ پکڙيو پيو آهي، جو ڪنهن ڪتاب ۾ گڏ نه ڪيو ويو آهي، ۽ شايد ڪڏهن به گڏ ٿي نه سگهندو. انهيءَ شعر مان ڳچ جيترو اهڙو آهي، جو سنڌي عالمن کي ان تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. سڄو نظمي ادب باطراوت، ورجيسن سان ڀريل، طبعزاد، ججهو، لفظن توڙي عبارتن ۾ گوناگون، ۽ ساڳئي وقت سادو ۽ فطرتي آهي. انگريزي تعليم جي سرشتي هيٺ لکندڙ زياده تصنع کي لڳي ويا آهن، ۽ ٻين عالماڻين ٻولين جي تلقيد ڪرڻ ۽ انهن مان خيال اُڌارا وٺڻ لڳا آهن، انهيءَ ڪري شايد سنڌي نثر کي تقويت پهچي، باقي شعر کي سو اهڙي قسم جي اهل ضرور زيان رسائيندي.

مٿئين مختصر احوال مان خبر پوندي ته ”سنڌي“ هڪ تونگر زبان آهي، رڳو اسان جي غفلت جي ڪري مٿس ورهين جي لَٽ چڙهي ويئي آهي. منجهس هڪ عاليشان همه گير ادب جون سڀئي صلاحيتون موجود آهن. ڇا، اهڙيءَ ٻوليءَ کي سنڌي پنهنجي هٿان وڃائيندا - پرائي محلات کي پسي پنهنجو اباڻو ڀونگو ڊاهي ڇڏيندا، ۽ پراون دهلن تي احمقن وانگر نچندا؟

ڀائرو!  جيڪڏهن اوهان ۾ غيرت آهي، ته اُٿو.  پنهنجي اباڻي ورثي جي سنڀال ڪريو! جا ٻولي مخدوم ابوالحسن، مخدوم محمد هاشم، سيد عبداللطيف، بزرگ گرهوڙيءَ ۽ ٻين عاليشان هستين جي هنج ۾ پلي آهي، ۽ جيڪا لفظن ۽ اصطلاحن ۽ ٻين ڪلامي خوبين جي ڪري ڪنهن به ٻوليءَ کان گهٽ نه پر گهڻو بلند ۽ بالا آهي، تنهن کي اوهين نڌڻڪو ڇڏي ڏيندا؟ جنهن قوم کي پنهنجو ”ادب“ نه آهي، سا اڄ ڪنهن به قطار ۾ نه آهي. جيڪڏهن اوهان پنهنجو ادب وساريو، ته ڌوٻيءَ جي ڪتي وانگر نه گهر جا ٿيندا، نه گهاٽ جا! اکيون پٽيو، جاڳو، پنهنجو ورثو سنڀاليو، - نه ته ستت اوهان کي پڇتاءُ جون تريون مهٽڻيون پونديون.                                - علامه دائودپوٽو

 

علامه آءِ.آءِ قاضي

سنڌي ٻولي- اُن جي بقا ۽ بچاءُ

 

هن کان اڳ مون برادران وطن جي آڏو، هن نڪتي کي بار بار پئي دهرايو آهي، ته هر ٻيءَ شيءِ وانگر، ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌارو فطرت جي قانونن مطابق عمل ۾ اچي ٿو، ۽ ان جي تباهي به فطرت جي قانون مطابق آهي. ان حقيقت لاءِ جيڪڏهن ڪنهن ثابتيءَ جي ضرورت آهي، ته پوءِ قرآن حڪيم جا هي الفاظ هڪ قطعي ثبوت سمجهڻ گهرجن ته: ”لِکُل امـة اجل- اذا جا ِّ اجلهم فلايستاخرون ساعة ولا يستقدمون“. (هرڪنهن قوم لاءِ هڪ مقرر وقت آهي- جڏهن سندن اُهو وقت اچي ٿو، تڏهن نڪي هڪ گهڙي دير ڪن ٿيون، نڪي جلدي).

هر شيءِ جي بقا جو دارومدار اُن جي صلاحيت ۽ صالحيت تي آهي- يعني ته هن ڳالهه تي آهي، ته اُن ۾ زندگي پيدا ڪندڙ عمل باقي ڪيتريقدر وڃي رهيو آهي. ڪنهن به شيءِ ۾ جيڪڏهن تخليق جي قوت باقي نه رهي آهي، ته اُها زندهه رهي نه ٿي سگهي- بس يا واڌارو آهي يا موت.

زبان جو مسئلو سماجي شعور تي ٻڌل آهي. ظاهر آهي ته جيستائين هڪ کان زياده ماڻهو نه هوندا، تيستائين گفتگو واري ٻولي پيدا ٿي ڪانه سگهندي. ٻين لفظن ۾ ٻوليءَ جي اُسرڻ لاءِ سماج جو هجڻ ضروري آهي: فقط هڪ ماڻهوءَ جي وس کان هيءَ ڳالهه ٻاهر آهي: انسان فطري طور ’سماجي‘ آهي، ڇو ته بغير سماجي اجتماع جي، هو ”انسان“ بنجي نٿو سگهي. بقول قرآن حڪيم ’خلق الانسان علمہ البيان‘. اجتماعي زندگيءَ جي هيءَ فطري تقاضا آهي، ته انسان کي بيان جي قوت هجي، ڇاڪاڻ ته تبادلهِّ خيالات هڪ لازمي ضرورت آهي. انهيءَ ڪري ئي قوم جي اجتماعي زندگي ٻوليءَ کي تشڪيل ڏئي ٿي، يا اُن کي ترقي وٺائي ٿي، ۽ اُن کي باقي رکي ٿي. جيڪڏهن اهي ضرورتون باقي نٿيون رهن، ته ٻوليءَ جو باقي رهڻ به بي معنيٰ آهي.

سنڌي ٻوليءَ کي بهترين ماحول هوندي به گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار ورهيه ٺهڻ ۾ لڳا آهن. ان جي تشڪيل ۽ ترقي هڪ اهڙي خطي ۾ ٿي، جو اقتصادي لحاظ سان ٻاهر جو محتاج نه هو، ۽ هتي جي زندگيءَ جون ضرورتون خود هتي جي باشندن جي هٿان پوريون ٿي ٿيون- مثلاً دنيا جا ڪي ڀاڱا ڪپہ پيدا ڪن ٿا، ڪي چانور پيدا ڪن ٿا، ته ڪي ڪڻڪ اُپائين ٿا، مگر سنڌ اهي سڀيئي اُپائي ٿي. انهيءَ ڪري قديم وقت کان وٺي، اقتصادي طور سنڌ پنهنجو پاڻ مڪمل ۽ خودڪفيل ڀاڱو ٿي رهي آهي.

تقريباً تيرهن سَو سال اڳ، سنڌ کي تهذيب ۽ تمدن جو تڪميلي پيغام ٻاهران پهتو، جنهن کي هن ملڪ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ اُن کي اڳتي وڌايو، ۽ اُن جو ڦَل حاصل ڪيو. اهو سڀڪجهه سنڌ اهڙيءَ ته خوش اسلوبيءَ سان ڪيو، جنهن جو مثال هتي جو ڪو ٻيو صوبو پيش ئي نٿو ڪري سگهي. انهيءَ حاصلات جو نتيجو هڪ طرف ”لطيف“ ۽ سندس پيغام آهي، ته ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ جا هزارين پهاڪا آهن، جن جي رمزن ۽ اشارن ۾ دانائي سمايل آهي، ۽ جي دنيا جي مهذب ترين ٻولين جي پهاڪن جي ڀيٽ ۾ هڪ امتيازي درجو رکن ٿا.

تقريباً ڏيڍ سَو سال اڳ، سنڌي ٻولي توڙي سنڌ جا باشندا هر خيال کان دنيا ۾ برک هئا. وڏي ۾ وڏا شاعر، عالم، گرامر جا ماهر ۽ لغت نويس هن ننڍڙي ايراضيءَ مان طلب ڪيا ويندا هئا. فقط پوين ڏيڍ سَو سالن ۾ ئي ڌارين جي غلاميءَ سببان، سنڌ جي ترقي ختم ٿي چڪي آهي. هاڻي اهو اوهان جي همت ۽ حوصلي تي منحصر آهي، جو اوهان سنڌ جي زندگيءَ ۽ اجتماعي خوبين کي وري نئين سر جياريو، ۽ سنڌ جي باشندن ۾ فڪر، عمل ۽ مقصد جي وحدت ۽ يگانگي پيدا ڪريو، ڇو ته انهيءَ وحدت ۽ يگانگيءَ کان سواءِ ڪنهن به قوم يا ٻوليءَ جو اُسرڻ محال آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي بقاءَ ۽ بچاءَ واسطي ٻين اڳيان هٿ ڊگهيرڻ حماقت آهي. ڀائرو! سنڌي ٻولي فقط ايستائين زندهه رهي سگهي ٿي، جيستائين اوهين زنده آهيو، ۽ هڪ صحتمند زندگي گذاري رهيا آهيو. حقيقت ۾ سنڌ اڄ به اوهان جي طفيل زنده ناهي، مگر اُهي، جي ٻه سَو ورهيه اڳ جيئرا هئا، تن خاطر پئي پساهه کڻي. سنڌ اُنهن جي نيڪين سببان تڳي رهي آهي، ۽ نه اسان جي عملن ڪري. جڏهن اوهان پنهنجي شاندار ماضيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ ڇڏي ڏيندا، ۽ پنهنجي فڪر ۽ تخليقي قوتن ذريعي نون خيالن پيدا ڪرڻ جي بدران محض جامد جسم بنجي ويندا، تڏهن فطرت جي قانون مطابق نه توهين رهندا، نه توهان جي ٻولي. ڪوبه سياستدان يا داناءُ انهيءَ حالت ۾ اوهان کي جياري نه سگهندو، ۽ ازلي آواز صدا ڏيندو ته ”ظالم قوم کي پري ڪيو وڃي.“ ”فبعدا للقوم الظالمين!“

شال ڌڻي تعاليٰ اهڙو ڏينهن نه ڏيکاري. آمين.

                           (مهراڻ- 2/1956ع)

 

سيد ميران محمد شاهه

پَلَنِ جو شڪار

 

جهر، جبل ۽ بر جي شڪار جا شوق وٺي ۽ ٻڌي رهيا هوندؤ، پر شايد درياءَ جي ساک نه ڏيو. ڪئين ميرن ۽ پيرن کي شڪار ڪندي ٻڌو هوندوَ، مگر ڇا جو؟ تتر جو، تلور جو، هرڻ جو، ڦاڙهي جو، سوئر جو، چيتي جو، پر نه پَلن جو. برابر يا نه؟ هينئر اچو ته اوهان کي لهرين جا لوڏا، ڊونڊين جا ڌوڏا ڏياريان ۽ پَلن جا پيٽارا کارايان.

جون مهيني جي هڪڙي صبح جو، منجهند جي وقت، آفتاب عالمتاب پنهنجي نوراني چهري سان سڄيءَ سطح زمين کي منور ڪري رهيو هو. ان وقت مابدولت ۽ ڪن عزيزن ۽ دوستن کي سنڌوءَ جي سير، ڪشتيءَ جي سواريءَ ۽ پلن جي پلاءُ تي زور شور سان اشتها پيدا ٿي. رڳو هلڻ جي دير هئي! ناکئي واليڏني کي نياپو موڪليوسين ته ٻيڙي تيار رکي. پاڻ نوڪر چاڪر، سيڌو سامان ساڻ ڪري، ٽلندا، ٽڙندا، اچي ڌو درياءَ جي وَٽ تي ڪيوسين. وري ڪنارو وٺي اچي حاجي پور جي مَئلڻ پهتاسين. حاجي پور جي مَئلڻ ڀلا ڪنهن نه ٻُڌي هوندي! بلي بلي! پلن جي موسم ۾ ڏسندؤ ته پاڻيءَ ۾ ٻيڙين جي قطار، سُڪيءَ تي ساٽين جي ڊڊن جي پڪار پيئي پوندي. ماري مهاڻو، وڇائت واڻيو، ڄٽ ڄاموٽ، مَڏيءَ جي مهندان پَلن تي ڪُتر پيو ٿيندو. مقاطعدار جون ٻيئي مڇون هوا ۾ مٿي پيون ڦڙڪنديون. اِهي اٿوَ حاجي پور جا مَئل!

انهيءَ مَئلڻ جي ڀرسان، ڪپر سان، اسان جي مڪڙي به،  مَکي چَکي، ڏاڍي ڪَرفَر سان، ٽاٽ ٿي بيٺي هئي. اسين به بسم الله ڪري، دل جهلي، پِير جي ڳنڍ ٻڌي، چڙهي ويٺاسين. ميربحرن پڳهه ڇوڙيو، ڳن چوريو، سکان موڙيو، تان جو ڪنارو ڇڏي اچي جهول ۾ پياسين.

سِڙهه سنوان، لاڄُو نوان، اولا جنهين عاجَ،
ساٿي سفر هليا، ڀري جُنگ جهاجَ،
حاصل ڪري هاجَ، واحدُ وڻجارن جي.

 

ٻيڙي ترندي ترندي اچي سير تي چڙهي. سير لنگهڻ سورمن جو ڪم آهي. اهوئي ٽُڪر درياءَ جو آهي، جنهن بابت ڀٽائي گهوٽ هيٺيون بيت چيو آهي:

دهشت ڌوم درياءَ ۾، جت ڪڙڪا ڪُن ڪَرِينِ،
ٻِڇل ٻانڊي ٻار ۾، جت لهريون لوڏا ڏِينِ،
سناور ساميا جت، سيڻاهيا نه سنڊِينِ،
وِيريون واٽ نه ڏِيِن، ساهڙَ سِيرَ لنگهائِيين.

 

جنهن وقت سير تي سنوان ٿياسين، تنهن وقت هوا جا ڦير ۽ موجن جا ميڙا اهڙا ٻيڙيءَ کي کڻيو ڏين، جو ڪنهن وقت چوٿين آسمان جو سير پيا ڪريون ته ڪنهن وقت
تحت الثريٰ هليا وڃون. اسان جهڙن مردن جو عقل موڪلائڻ لڳو ۽ هوش پرواز ڪري ويو. گهڻن پنهنجي سر جو قسم کڻي چيو ته ”يار، هتان خير جو اُڪرون، باقي پلن جا پيٽارا ته بجاءِ خود، پر پلن جي پڇ جو به نالو نه وٺنداسين!“ آخر سائينءَ کي ستايوسين، جنهن مهاڻن کي مڙسي ڏني، جن ڏانڊار ساهي، ڪلمين چاڙهي، ڦٽڪن سان آڻي سير اُڪاري:

سيويو جن سبحان، وِيَر نه وڙهي ان سين،
توبهه جي تاثير سان، تري ويا طوفان،
ڏيئي توڪل تڪيو، آر لنگهيا آسان،
ڪامل ڪشتيبان، وچ ۾ گڏين واهرو.
 

اُتي اسان جهڙن مڙسن کي به ايمان آيو. پير پَٺي جي، پائيءَ پيسي جي، موٽندي، مٺائي مڃيسين. پلن جي پلاءَ تي دوباره اشتها ٿيڻ لڳي. سڀڪو پنهنجي بهادريءَ تي هڪٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳو. خير، مڙس مڇون مروڙي، ڪي آڳيل ڪي پاڇيل تي چڙهي، هن پار جون هوائون کائڻ لڳا. جان ڪناري تي نظر ڊوڙايون ته پنج- ڇهه ٻيون به ڊونڊيون بيٺيون آهن. ناکئي سومار چيو ته ”سائين، شڪار جون ٻيڙيون اهي اٿوَ، جي واري واري سان ڦرنديون آهن.“ اسين به ڪاهي اچي انهن جي ڀر ۾ بيٺاسين. جتي وڃي لنگر هڻي بيٺاسين، اتي پاڻي پاتل هو- يعني ننڍو هو-  ڇو ته درياءُ هميشه هڪ پاسي تانگهو ۽ ٻئي پاسي تار هوندو آهي، ۽ پلا هميشه تانگهي پاڻيءَ واري پاسي مرندا آهن-  تن کي ”گهاوا“ يا ”ڀَنُ“ چئبو آهي.

ناکئي واليڏني جو گهائو تيار ٿيو. اسان به مٿس سوار ٿيڻ جي تياري ڪئي. تياري ڪهڙي؟ ڪپڙا لاهي، گوڏيون ٻڌي، پاڇيل جي پٽيءَ تي چڙهي ويٺاسين. گهائي جي آڳيل تي هڪ وڏو ڍڳ ڄاريءَ جو ڏٺوسين، جنهن کي مهاڻا ”رڇ“ چوندا آهن. انهيءَ رڇ جي مٿئين ڪناري سان هڪ ٿُلهو مضبوط مُڃ جو نوڙ ٻڌل هو. انهيءَ نوڙ جي سڄيءَ ڊگهائيءَ ۾، اٽڪل ٻن- ٻن فوٽن تي، ننڍيون ننڍيون تنبيون اٽڪيل هيون. وري ٻئي رڇ جي ٻئي پاسي جي ڪناري سان ننڍيون ننڍيون لوهه جون ڪڙيون ٻڌل هيون. اسان ته رڇ جي اهڙيءَ تجويز جو مطلب سمجهيو ئي ڪونه. آخر گهائو پلن جي شڪار لاءِ، ڌڪي درياءَ ڏانهن روانو ڪيائون. اَٺن- نون ڏاڍن جوانن انهيءَ نوڙ جو هڪ پاسو، جو رڇ ۾ ٻڌل هو، سو مضبوط جهليو. ڪن ٻيڙي پئي هلائي، ڪن وري آهستي آهستي رڇ پاڻيءَ ۾ پئي اُڇلايو. جڏهن سڀ رَڇ پاڻيءَ ۾ لاهي بس ڪيائون، تڏهن ٻيڙيءَ ڦيرو کاڌو ۽ مهاڻن آڳيل تي وڙهي (پيرن سان آواز) هنئي، ۽ ڪن ونجهه (ڊگهي بانس جي لٺ) پاڻيءَ ۾ زور سان هنيو، تان جو ٻيڙي هلي آئي ساڳئي ڪپ تي. مگر جنهن هنڌ کان شروع ڪيو هئائون، ان کان گهڻو هيٺ اچي بيٺي. جان درياءَ ۾ نظر ڪريون ته مار، رڳي تُنبين جي قطار ئي قطار لڳل آهي! مهاڻن کان پڇيوسين ته ”هن جو مطلب ڇا آهي؟ ۽ جيڪي هيترو اوهان ڪيو، تنهن سان پلا ڪيئن مُئا؟“ چيائون ته “سائين، سڄي رڇ کي تنبيون تاريو بيٺيون آهن، ۽ رڇ جي هيٺئين پاسي جي لوهه جون ڪڙيون آهن، سي رڇ ٿيون ڇڪين. تان جو وڃيو درياءَ جو تر وٺي. اهڙيءَ طرح سان سڄو رڇ پاڻيءَ ۾ کُليو بيهيو رهي. وري اسان ٻيڙيءَ کي ڦيرو کارايو، انهيءَ جو مطلب ته جيڪي به پلا انهيءَ درياءَ جي ٽڪر ۾ هجن، اهي اچي رڇ ۾ سوڙها ٿين. وڙهي ۽ ونجهه جي آوازن جو  مطلب هو ته پلو خوف کان زور سان اڳتي وڌي. پلي جو قاعدو آهي اوڀارو ترڻ. جنهن وقت خوف کان زور سان ترندو، تنهن وقت انڌ جهوم ۾ ٺڪاءَ وڃي ڪندو رڇ سان، جو پاڻيءَ ۾ ڀِت وانگر کليو بيٺو هوندو. جنهن مهل انهيءَ ڀِت سان پلي جو منهن لڳندو، تنهن وقت تر وٺڻ شروع ڪندو، تان جو رڇ جي تر ۾ جي ڳوٿريون آهن، انهن ۾ وڃي پوندو. انهن ڳوٿرين کي اسين ’گهايون‘ چوندا آهيون. جيئن پلو ڦٿڪندو، تيئن ڦاسندو.“

خير، مهاڻن آهستي آهستي رڇ پاڻيءَ مان ڪڍڻ شروع ڪيو. جيئن ڪڍندا ويا، ڏسون ته برابر، انهن ڳوٿرين ۾ پلا وٽيا سٽيا پيا آهن. اهڙا پيا چلڪن جهڙو ابرق، يا جهڙي ٽِڪن سان جَڙيل چمڙي. اهي ڏسي ڪَچن تي پئي اشتها ٿي! ڪي آنيارا ته ڪي کيرا، ڪي ڊڊيون ته ڪي اڌ آنيون- ڪئين قسم هئا. ڪنهن مهل ته ڏنڀرا، ڄرڪا ۽ ٻيون به نمونن نمونن جون مڇيون پئي نڪتيون. مهاڻا انهن کي ڪڍندا ٻيڙيءَ ۾ اُڇلائيندا ويا. جڏهن سڄو رڇ آڻي ٻيڙيءَ تي ڍڳ ڪيائون، ته شمار موجب هڪ سؤ ۽ سٺ پلا هئا. سائين، اٺين آنين پلو! ناکئو واليڏنو پنهنجيءَ کَل ۾ نه پيو ماپي (ڇو ته مهاڻا پلن مارڻ مهل سڄا اگهاڙا هوندا آهن، فقط چَوتو اڳيان هوندو اٿن). خير، ڪلمين چاڙهي، ٻيڙي ڪاهي، اسين وري به اچي ساڳين گهاون جي لڳ بيٺاسين. پوءِ ته پلا پچي ويا، رڌجي ويا، ٻوڙ ڀُڃجي ويا. هرڪو پنهنجو وات ڌوئي سُڪائڻ لڳو. ٿوريءَ دير بعد طعام هڪ هنڌ موجود ڪيو ويو. پوءِ ڏسو جوانن جون پلن سان ويڙهيون! خير، هرڪو پرائو پيٽ ڪري، کائي ڏٽي، چپ چٽي، ويهي رهيو (شايد پڙهندڙن جو وات به پاڻي ٿيندو هوندو!)

مطلب ته اهي مزا ۽ موجون ماڻي، ”هلڻ هارا سپرين، وڃڻ وايون ڪن“ وارو وظيفو شروع ڪيوسين. الله جي آسري، دنگي کڻي درياءَ تي ڌڪائيسين. شام جو وقت هو، الهندي طرف کان فرحت بخش هيرَ من سڌير پئي لڳي. درياءَ جي پاڻيءَ جي سطح فرش موافق لڳي پيئي هئي، جنهنڪري خير سان ڪٽار هاڪاري، آڻي هن ڀر پڳهه هنيوسين.

                      (مهراڻ نمبر1، سال 1963ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com