سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :24

انيس انصاري

مئڊم فاخره

مئڊم صابره جي سختي ڏاڍي مشهور هئي. ڇوڪرين ۽ ٽيچرس جي ڀاءُ يا پيءُ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به ساڻن ملڻ جي اجازت ڪانه هوندي هئي. البت شادي شده ٽيچرس جي حالت ۾ انهن جي مڙسن کي انهن سان ملڻ ڏنو ويندو هو. ڪزن جي نالي کان ته بيزار هوندي هئي. روبرو ملڻ ته وڏي ڳالهه هئي، ڪاليج جي ٽيليفون تي به مٿي ذڪر ڪيل عزيزن کان سواءِ ٻين کي ساڻن ڳالهائڻ نه ڏيندي هئي. البت ضروري ۽ بي ضرر نياپا پاڻ (سندس غير حاضريءَ ۾ وائيس پرنسپل) وصول ڪري واسطيدارن کي پهچائيندي هئي. ان ڪاليج جي خصوصيت اها به هئي جو چوڪيدار کان سواءِ سمورو اسٽاف عورتن تي مشتمل هوندو هو. کيس معلوم ٿيو ته مئڊم فاخره کي سندس فرسٽ ڪزن ڪار ۾ ڪڏهن ڪڏهن لفٽ ڏئي گهر پهچائيندو آهي. هڪ ڏينهن ذڪر ڪندي فاخره کيس ٻڌايو ته سندس سؤٽ شاهد گارمينٽ فيڪٽريءَ جو مالڪ آهي. هو آفيس مان موٽندي کيس ڪڏهن ڪڏهن اُن جي گهر القصر ڇڏي، چانهه پي پنهنجي ڪلفٽن جي بنگلي تي ويندو آهي. اهو به ٻڌايائينس ته هو ساڻس شادي ڪرڻ وارو آهي.

مئڊم صابره شرلاڪ هومز ته ڪانه هئي جو وتي پيرا کڻندي. هوءَ ان ڳالهه تي محڪم هئي ته سندس جوابداري ڪاليج جي ٻاهرئين گيٽ جي چانئٺ تي اچي ختم پئي ٿي. شاهد جي گاڏي به چانئٺ کان ٻاهر بيهندي هئي.

هڪ ڏينهن مئڊم فاخره جي والده پرنسپل سان ڳالهائڻ گهريو. مئڊم صابره جي هيلو چوڻ تي شڪايت ڪيائين ته فاخره هفتي ۾ هڪ اڌ ڏينهن ڪاليج ۾ فنڪشن يا ميٽنگ ڪري گهر دير سان پهچندي هئي. وڌيڪ چيائين، ”مئڊم! اهڙن فنڪشنن يا ميٽنگن جو تعداد گهٽائي نٿو سگهجي؟ اڄ به فاخره ڪانه پهتي آهي. مناسب سمجهو ته فنڪشن يا ميٽنگ مان کيس گهرائي وٺو، مون کي ساڻس ضروري ڳالهائڻو آهي.“

مئڊم صابره چيو، ”ڀيڻ! اسان وٽ ٽن مهينن ۾ ڪو فنڪشن ٿيو ئي نه آهي. البت پگهار ملڻ واري ڏينهن ڪجهه دير ضرور ٿيندي آهي. ڪئش جو معاملو آهي نه؟ ڪاليج اڄ به وقت تي بند ٿيو هو ۽ مئڊم فاخره کي سندس سؤٽ شاهد صاحب ڪار تي وٺڻ آيو هو.“

”پوءِ ٺيڪ آهي، مون کي به کيس اهو نياپو ڏيڻو هو ته ڪاليج مان سڌو چاچي جي گهر سندس طبيعت جو پڇڻ وڃي. مان سَنڌن جي سور جي ڪري گهڻو نڪري به نه سگهندي آهيان.“

فاخره گهر پهتي ته سندس والده دستوري آءُ - ڀڳت ڪانه ڪيس ۽ ان کي چيائين ته ڪپڙا تبديل ڪري وٽس اچي جو ساڻس کيس ڪجهه ڳالهائڻو هو.

”فاخره! تنهنجي لاءِ مـِـٽي آئي آهي.“

”امان! مان پي ايڇ.ڊي ڪرڻ کان اول شادي نه ڪنديس.“

”ڊاڪٽريٽ شاديءَ بعد به ڪري سگهجي ٿي نه؟“

”نه امان! شاديءَ بعد ماڻهو جهنجهٽ ۾ ڦاسي وڃي ٿو.“

”ڇوڪري! ٻُڌ ته سهين، رشتو ڪير ڪرڻ ٿو گهري.“

”ڪير به هجي، مان شادي ڪانه ڪنديس.“

”پوءِ رشتو گهرندڙ کڻي تنهنجو سؤٽ شاهد ڇو نه هجي!“

فاخره جون لوندڙيون ڌنوڻ لڳيون. پهر وٺي ويس. ڪـِـرڻ تي هئي ته ماڻس وڃي جهليس. آهستگيءَ سان صوفي تي ويهاريائينس ۽ گُلوُڪوس جو گلاس اچي هٿ ۾ ڏنائينس.

فاخره کي سؤٽ ڪونه هو.

”فاخره! ڪالهه اوهان جي والده اوهان لاءِ پڇيو هو. مون کيس ٻڌايو ته هوءَ ڪاليج بند ٿيڻ بعد پنهنجي سؤٽ شاهد سان گڏ رواني ٿي وئي آهي. اوهان کي جي اوڏانهن وڃڻو هو ته پنهنجي والده کي اڳواٽ ٻڌايو ته ها، کيس ڏاڍو انتظار ٿي پيو هو.“

”ها مئڊم! شاهد صاحب ٻڌايو ته چاچي سائينءَ جي طبيعت اوچتو وڌيڪ خراب ٿي ويئي هئي. بيمار ته ڪافي ڏينهن کان آهي، ان ڪري اوڏانهن هلي ويئي هيس.“

”اوهان جي والده کي به اهو نياپو ڏيڻو هو ته اوهان ڪاليج مان سـِـڌو اوڏانهن وڃو.“

فاخره کي هاڻي معلوم ٿيو ته سندس والده کي شاهد بابت ڪنهن ٻڌايو هو.

 

فاخره جا والدين هروڀرو پراڻن خيالن جا به نه هئا. هو پنهنجي اڪيلي نياڻيءَ جي شادي سندس مرضيءَ مطابق ڪرڻ چاهين پيا. البت فاخره جي والده کيس چيو ته جيسين معاملو پڪو نه ٿئي تيسين شاهد صاحب سان ڪاليج بعد نه ملي. فاخره پنهنجي والده کي يقين ڏياريو ته شاهد صاحب سان سندس ڪا به ويجهڙائي ڪانه هئي.

فاخره سلجهيل ڇوڪري هئي ۽ هئي به يقين جي قابل.

ٽن ڏينهن بعد آنٽي ڪرمان کي شاهد صاحب کان ”شينيل – 5“ پرفيوم عيد جو تحفو مليو.

هڪ ڏينهن فاخره ماءُ کي ٻڌايو ته شاهد صاحب جا وڏا فوت ٿي چڪا هئا. سؤٽن سان ملڪيت تي سندس ڪيس پئي هليا، ان ڪري سندس گهر جا ڀاتي رشتي گهرڻ لاءِ اچي نه سگهندا. البت شاهد صاحب ڪن دوستن سان گڏجي ايندو.

ماڻس چيس، ”ڌيءُ! اڄ ڪلهه سٺا رشتا ڏاڍا مشڪل سان ٿا ملن. ماڻهن تي اعتبار به نه ٿو ڄمي. ڳوٺ ۾ شادي ڪري ٻي اچي ٿا شهر ۾ ڪن. ان کان سواءِ ماڻهن جو حسب نسب به ڏسجي. منهنجو ته خيال آهي ته شاهد صاحب جي ڳوٺ ماڻهو پڇا ڳاڇا لاءِ موڪلجي. هتي به پڪ ڪجي ته سندس چال چلت ڪيئن آهي، آمدني وغيره ڪيتري اٿس.“

مـُـنهن سـُـڄائي فاخره چيو، ”امان! سندس ڪئريڪٽر جي گواهي مان ڏينديس. ايترن ڏينهن جي واقفيت هوندي ڪڏهن هن گٿو لفظ زبان مان نه ڪڍيو آهي ۽ نه ويجهي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿئين. ڪلفٽن ۾ بنگلي رکندڙ، قيمتي ڪار ۾ گهمندڙ ۽ گارمينٽ فيڪٽريءَ جي مالڪ بابت اوهان ڪهڙي پڇا ڪندا. مون تي يقين ڪريو امان.“

ماڻس کڻي بس ڪئي.

ڪاليج ۾ فاخره جي ويجهي دوست ڪنوينٽ ۾ پڙهيل ڪرسچن پنڪي هئي. هڪ ڏينهن ڪامن روم ۾ ٻئي سهيليون اڪيليون ويٺيون هيون.

 

Madam Pinki said، Fakhur! I feel jealous about your fiancee. Such elegant personality! What an expensive car he drive. Will you please exchange him with my fiancee John?”

فاخره چيس:”چپ بي شرم!“ پنڪي چيو: All was in a joke ٻئي ڄڻيون کلڻ لڳيون.

فاخره هروڀرو ايڏي فارورڊ به نه هئي. ان ڪڏهن شاهد سان سندس آفيس ۾ ڪونه ڳالهايو هو. مئڊم صابره جي هڪ سهيلي آمريڪا مان آئي هئي، جنهن کي هن ٽريٽ ڏيڻ ٿي چاهي. فاخره سان ان ذڪر ڇيڙيو ته کيس شاهد صاحب جي گاڏي ٻن اڍائي ڪلاڪن لاءِ ڊرائيور سميت گهربل هئي.

فاخره فيڪٽريءَ جو نمبر ملايو.

”رسيپشنسٽ!“

”مان مالڪ سان ڳالهائڻ چاهيان ٿي.“

”اوهان جو نالو.“

”اوهان فون ملايو.“

”او.ڪي مئڊم.“

”هيلو! عرفان اسپيڪنگ.“

”عرفان صاحب! مان فيڪٽريءَ جي مالڪ سان ڳالهائڻ گهـُـران ٿي.“

”ڳالهايان ٿو.”

”مذاق ڇڏيو. مان شاهد صاحب سان ڳالهائڻ گهـُـران ٿي.“

”اوهان ڪير ٿا ڳالهايو؟“

”اوهان جو ان ۾ ڇا؟“

”اوهان مئڊم فاخره ته نه آهيو.“

حيرانيءَ مان، ”ها.“

”معاف ڪجو مئڊم! شاهد صاحب ضروري ميٽنگ ۾ آهي. اوهان پنجن منٽن بعد فون ڪجو يا پنهنجو نمبر عنايت ڪريو.”

”مان بعد ۾ فون ڪنديس.”

ڪنيڪشن ڪٽجڻ سان ئي عرفان شاهد کي چيو:”شاهد! مئڊم فاخره فون ڪئي هئي. فيڪٽريءَ جي مالڪ سان ڳالهائڻ پئي گهريائين.”

”تو ڇا چيس؟” شاهد پڇيس.

”چيومانس ته مالڪ ميٽنگ ۾ آهي. پنجن منٽن بعد فون ڪجو.“

 

...ڪاليج جي فون جي گهنٽي وڄڻ لڳي. مئڊم صابره فون کنئي.

”مئڊم! مان شاهد ٿو ڳالهايان. مئڊم فاخره سان ڳالهائڻو آهي.“

پهريون دفعو ڪاليج جي فون مان ڪنهن ڪزن سان ڳالهايو ويو.

”فاخره! توهان آفيس فون ڪئي هئي. ان مسخري عرفان کنئي هئي. ڪا بدتميزي ته ڪانه ڪئي هئائين.“

”نه شاهد. فون ان لاءِ ڪئي هيم ته مئڊم صابره کي ڊرائيور سميت اوهان جي ڪار کپي. هوءَ آمريڪا مان آيل پنهنجي ڪنهن سهيليءَ کي ٽنڪل ريسٽوران ۾ ٽريٽ ڏيڻ گهري ٿي.“

”گاڏي ڪڏهن کپي؟“

”سڀاڻي.“

”ٺيڪ آهي. پر اهو چڱو نه ٿيندو ته پريهن موڪل به آهي، ان ڏينهن سڄي ڏينهن جو پروگرام ٺاهي هاڪس بي تي هلون. اتي منهنجي هٽ به آهي.“

”ٽريٽ ۽ ڪيمل رائيڊ منهنجي طرف کان ٿيندي. وڏي گاڏي کڻنداسين. ڊرائيور موڪل سبب ڪونه هوندو. ڊرائيو مان ڪندس. اوهان مئڊم کان پڇو.“

مئڊم اها ڳالهه نه نه ڪرڻ بعد فاخره جي زور ڀرڻ تي منظور ڪئي.

هاڪس بي تي بندوبست ڏاڍو سٺو هو. مئڊم صابره، مهمان مس ڊمپل عزيزي، مئڊم پنڪي ۽ مئڊم فاخره. ڏينهن سٺو گذريو.

ٻئي ڏينهن تي مئڊم صابره، مس ڊمپل ۽ مئڊم پنڪي فاخره کي اهڙي ”سٺي ڪزن“ تي مبارڪ پيش ڪئي.

 

”امان، مان شاهد صاحب کي آچر جي شام جو چانهه لاءِ چيو آهي، اجازت کپي.“

ماڻس مسڪرائيندي چيو:”اها اجازت وري ڪهڙي؟ تو ته اڳي ئي چانهه لاءِ چئي ڇڏيو آهي نه؟“

”امان!“

آچر جي ڏينهن تي شاهد بهترين ڪپڙن ۽ قيمتي ڪار ۾ اچي القصر ۾ پهتو. فاخره جا والدين ان جي شخصيت کان ڏاڍا متاثر ٿيا.

ڪراچيءَ ۾ اهڙي ڌوم ڌڙاڪي سان شادي ويجهيءَ ڇـَـڪ ۾ ڪانه ٿي هئي. ٻهراڙيءَ مان شاهد جا مائٽ اختلافن ڪري شاديءَ ۾ شريڪ ڪونه ٿيا. البت اها ڪمي شاهد جي دوستن پوري ڪئي.

هني مون ڪوهه مريءَ ۾ گذارڻ جو فيصلو ٿيو. اتان جي مشهور هوٽل ”هائيٽس“ ۾ ڪمرو بوڪ ڪرايو ويو.

نئين شادي ڪيل جوڙي جا ٽي ڏينهن کل خوشيءَ ۾ گذريا. چوٿين ڏينهن دستوري طرح روزانه اخبار سان گڏ ماهوار ”گليمر“ رسالو به ناشتي سان گڏ بيرو ڪمري ۾ ڇڏي ويو. شاهد صاحب شاور هيٺان هو. گليمر جا پنا اٿلائيندي ”تازه شادي ڪيل جوڙا“ جي صفحي تي ٻين سان گڏ شاهد ۽ پنهنجي تصوير ڏسي فاخره جي چپن تي مسڪراهٽ مڙي آئي. تصوير هيٺان تعارفي لفظ پڙهي فاخره جي هٿ مان رسالو ڇڏائجي ويو.

لکيل هو:”عرفان گارمينٽ فيڪٽريءَ جي مئنيجر شاهد حميد جي شادي خانه آبادي مئڊم فاخره حق سان.“

وڌيڪ هوءَ پڙهي نه سگهي.

                           )مهراڻ- 3 ۽ 4/1998ع(

ماهتاب محبوب

سُريت

ٻن ڪلاڪن جي ڦٿ ڦٿان کان پوءِ سندس منهن جي موڪري تختي، ميناڪاري ڦُلن وارين چانديءَ جي سڳين سان ڳُتيل چوٽين ۾، ڪُندن وانگر پئي ٻَهڪي. گلابي گربيءَ جي اٺن والن جي ڳوريءَ شلوار تي، چُهچ سائي شيفون جارجيٽ جو هُرمچ جي ڀرت سان رئو ۽ پهراڻ پائي، عطر جي شيشيءَ سان پنهنجو انگ انگ مهڪائي، جنڊيءَ جي هندوري تي آهلجي، ڀت تي لڳل گهڙيال ۾ اکيون کُپائي، هـُـن سگريٽن جا سُوٽن تي سُوٽا پئي هنيا، ته ڪڏهن ٿا چار وڄن جو تيزگام اچي. گهڙيال جا ڪانٽا به سندس اکين وانگر هڪ ئي هنڌ کُپجي ويا هئا، پر ٽِڪ ٽِڪ سا چٽي ٻڌڻ ۾ پئي آئي. اوسيئڙي ۾ اوٻاسيون ڏيندي ڏيندي ٻپهرن واري ننڊ جي ويل به ٽري ويس. جڏهن کان ڪنهن ڊائجيسٽ ۾ پڙهيو هئائين، ته ٻپهرن جي ننڊ سان حسن ۽ جوانيءَ ۾ واڌ ۽ نکار اچي ٿو، تڏهن لاڪر ٻپهري واري ننڊ سندس لاءِ، ڪنهن  عبادت گذار جي نماز وانگر عين ثواب ٿي پئي هئي. پر خير... نمازون به ته ڪڏهن ڪڏهن قضا ڪرڻيون پونديون آهن. تنهنڪري اِهو ڪو منجهائيندڙ مسئلو نه هو، ڇو ته کيس خبر هئي، ته اِها ڪسر اونهئين صبح جو دير سان اُٿڻ ۾ پوري ٿيڻي هئي. کيس اها به خبر هئي ته ان اگهور ننڊ جا نشا ٻپهرن واري ننڊ کان هزارين درجا حُسن ۾ نکار ۽ نواڻ پيدا ڪندا آهن.

اِنتظار جي عذاب کان بچڻ لاءِ هوءَ مينديءَ رتن پيرن سان هندوري جي لَسي ۽ چلڪڻي ڪاٺ تي وڄت ڪري جهونگارڻ لڳي:

برهه دل کي ڪيو بي حال آ
هاڻي هڪڙي گهڙي ڄڻ سال آ...

 

گيت مزو ڏنس ۽ پنهنجي آواز جي لئي تي پاڻ موهت ٿي پئي. موهه ۾ اکيون گهڙيال تان هٽي ويس. پهرين مصرع کان پوءِ ٻي مصرع... ٽين مصرع ۽ اڃا چوٿين مصرع پئي ڳاتائين، ته ٺيڪ اُن مهل تيزگام جي سيٽي به ڪن تي پيس. هوءَ انهيءَ دم شينهڻ وانگر اُڇل ڏيئي اُٿي ۽ آرسيءَ اڳيان ٻيهر پنهنجو ڀرپور جائزو وٺڻ لڳي. ڇِلي باداميءَ جهڙي رنگت تي، نڪ جي ست رنگي لونگ، ڪجلين اکين واري وڻندڙ نقشن ۾ ڄڻ ڪا لاٽ ٻاري ڏني هئس. سامت ڀـَـري مُرڪَ صحتمند چپن تي پکڙجي ويس، جا هر حـَـسين ۽ جوان زال جي چهري تي، پنهنجي جوڀن کان مطمئن ٿيڻ مهل ازخود پکڙجي ويندي آهي.

هوءَ ڪهڙي به هئي ته به اعليٰ ۽ نفيس ذوق جي مالڪ هئي. پنهنجي ڪپڙي لٽي جو خاص خيال رکندي هميشـه اڇي اُجري ۽ صاف سٿري رهندي هئي. جتان لنگهندي هئي، اُتان موتئي جي مهڪار پکڙجي ويندي هئي. اٺين ڏينهن جڏهن وٽس هـُـو ايندو هو، تڏهن ويتر پاڻ کي ٻهڪائي رکندي هئي. هن کي ڄاڻ هئي ته مرد اهڙي زال مان ڪڪ هوندا آهن، جنهن جي جسم مان هر وقت ٿوم، بصر، هيڊ ۽ پگهر جا مليل جـُـليل ڀڀڪا پيا ايندا آهن. جيڪي رڳو ان  مهل ٽرنڪن ۽ ڪٻٽن مان سٿيل سهڻا ويس وڳا ڪڍي پائينديون آهن، جڏهن کين ڪيڏانهن اٿڻو-ويهڻو هوندو آهي. اُنهي ليکي مرد، مڙس ٿيڻ بعد ان قابل نه رهندا جو سهڻا ڪپڙا پائي اُنهن جون اکيون ۽ دل ٺارجي. هوءَ اڳئين زماني جي دلربا حسينائن نازنينائن وانگر نـِـجا ۽ خالص سينگار ڪندي هئي. گلابي رنگت ڪاڻ پنير ۽ رَسوَل جا وِهه جهڙا وٽا پيئندي هئي. ڪيسوڦلن جي پاڻيءَ ۽ کير جي ڦيڻ سان مُنهن ڌوئيندي هئي، ماکيءَ جون سرايون اکين ۾ وجهندي هئي. تيل ڦـُـليل، سُرما، مينديون مساڳ استعمال ڪندي هئي. وارن کي ميٽ ۽ ليمي سان ڌوئندي هئي. چيلهه کي تاحيات مضبوط رکڻ ڪاڻ کونئر ۽ چـَـوڙ ڪُٽي ڦڪيندي هئي. جسم کي سدا جوان رکڻ لاءِ طرح طرح جي تيلن ۽ عطرن جي مالش ڪرائيندي هئي. هن کي چهري تي ڪريمن ۽ پائوڊرن ۽ لوشنن جا ليپا پوچا بنهه نه وڻندا هئا... ها، هڪ ڀيرو سو کيس ”آئل آف اُولي“ لڳائڻ جو شونقڙو ٿيو هو. اهو خيال هونءَ ڀلجي به نه اچيس ها، پر جڏهن ڏٺائين ته ولايتي زالون ته ٺهيو، ديسي به انهيءَ سؤ سؤ جي شيشيءَ ڪڍ مکين وانگر ڇتيون هيون، تڏهن سوچيائين ڪا ته مڻيا منجهس هوندي! جڏهن هڪ رات مومل کيس ان شيشيءَ لاءِ فرمائش ڪئي هئي، ته هُن ڇاتيءَ سان لائيندي چيو هئس: ”سچي سون کي پالش جي ڪهڙي ضرورت“. تڏهن انهن لفظن جي سرور، گهڙي کن ۾ سندس نکريل روپ ۾ جيڪي جَرڦَل ٻاري ڏنا هئا، سي ”آئل آف اوُلي“  جي شيشي ڪن ورهين جي استعمال تائين به نه ٻاري سگهي ها. هـُـن ته کڻي پنهنجي کيسي بچائڻ ڪاڻ اها ڳالهه ڪئي هئي، پر هن ته اهي ٻول هميشه لاءِ هنئين ساڻ هنڊائي ڇڏيا هئا. هڪ دل گهريو دلدار، جيڪو مردانگيءَ جو ڀرپور ۽ مڪمل نمونو هجي، ان جي طرفان ٿيل تعريف کي ڀلا هوءَ ڪيئن پئي وساري سگهي. هن کي به جي نقلي سينگار سَڙا وڻن ها، ته پوءِ لاچار اهي ليپا پوچا استعمال ڪرڻ کان وَسئون ڪين گهٽائي ها، پر سندس نِجا ۽ خالص سينگار هن کي وڻندا هئا. اُهي مٺڙا ٻول به ڪنن ۾ ٻُريس پئي، جڏهن چار- پنج مهينا اڳ هن جي سريت ٿي، هن مسواڙ واري گهر ۾ آئي هئي.

هـُـن سندس اکين مان مَڌ جا ڍُڪَ ڀريندي، مينديءَ رتو نازڪ هٿ پنهنجي ڳاڙهي ٽِڪ سان مـُـنڊيءَ واري رعبدار ڳـَـري هٿ ۾ جهلي زور سان دٻائيندي چيو هئس:

”جانب، تنهنجي جمال جي مان ڪهڙي ساراهه ڪريان، تنهنجي انهن سينگارن ته مون کي بِنهه سُڪَ ڪري ڇڏيو آهي.“

”ڇو ڀلا؟“

”اِهي سينگار آهن سون تي رتيون”“

”ڪيئن ڀلا؟“ آڙيڪاپ هئي، ته به ڀورڙي بڻجي پُڇيو هئائينس.

”مان توکي دل سان ماڻي سگهندو آهيان“.

”ڇا جي ڪري؟“ هن هيٺئين چپ جي ڪنڊ کي چڪ پائيندي پڇيو هو.

”انهيءَ ڪري جو تنهنجي نقلي پنبڻين جو ڊپ نه هوندم، تنهنجي وگ وکرڻ جي ڳڻتي نه هوندم، نوڪدار ننهن سان اَک نڪرڻ جو ڀؤ نه هوندم، لوشن جو ليپ وات ۾ وڃڻ جو اُلڪو نه هوندم- وڏي ڳالهه ته فيشن ڪاڻ فاقن ماريل هڏائون جسم ٽِڙڪڻ جو اونو به نه هوندم!“ هُن پوءِ تيئن ويجهو پوندي چيس.

”اهڙيءَ سان پلئه اٽڪيو هـُـيئي ڇا؟“ هِن گهورن سان گهائيندي پڇيو هئس.

”توبهه ڪر!“ هُن ٿُڪ ڦِٽي ڪندي وراڻيس. ”مون کي سُڪل هريڙيون نه وڻنديون آهن، جن کي ڪـُـٽي ڦـَـڪي کائي ڇڏجي“.

”تڏهن ڇا وڻندو اٿئي؟“

”مون کي ڳئون جهڙو پڪو گوشت وڻندو آهي، جنهن کي ڇيڇاڙڻ ۾ مزو ايندو اٿم“. هن سندس هپس تي زوردار ٺاپي هڻندي وراڻيو.

”مون تان کـِـلون ٿو ڪرين“. مومل ٻانهن ۾ هلڪڙي چـُـهنڊي پائيندي چيس.

”سچي، مون کي تو جهڙي مضبوط زال وڻندي آهي“.

(۽ مون کي تو جهڙو مڻيادار آدرشي مرد، بهادر ۽ سگهارو... جنهن جي پپر جهڙي ٿڌي ڇانوَ ۾ مان سڄي حياتي ٿڪل مسافر جي اگهور ننڊ جيان گذاري ڇڏيان. هِن سندس جريب جيتري ويڪري ڇاتيءَ ۾ پنهنجو منهن لڪائيندي چيو هو.

تن ڏينهن هوءَ ساڻس حجاب ڪندي ٿورو ڳالهائيندي هئي. وقت سان گڏ جڏهن حجاب لهي ويس، تڏهن خوب انگل آرا ۽ حجتون ڪرڻ لڳي هئي. هينئر به ادائن جو اسير بنائڻ لاءِ، ڪو سَٽل سِٽي هوءَ مُرڪي پئي ۽ آئيني آڏو هٽي، ميز تان پيڪٽ کڻي لائيٽر سان سگريٽ دکائڻ لڳي. ٽانگي جي ڇڻ ڇڻ تي هوءَ ڊوڙي دريءَ ڏانهن وئي، کيس ايندو ڏسي هڪدم سگريٽ اُڇلي، در جي ڪـُـنڍي کولي، ڏاڪڻ لڳ ڪوٺيءَ ۾ گهڙي، اُمالڪ پنهنجو پاڻ کي کٽ تي سَٽي، منهن ويڙهي پئجي رهي. ڏاڪڻ تي هن جي هلڻ جو آواز جڏهن ڪن تي پيس تڏهن کيس ٻڌائڻ ڪاڻ، درد جي پيڙا سان ٽنگ ٻانهن چورڻ جي بهاني، وڏي رڙ ڪري چيائين: ”اي الله، شڪر آ تنهنجو! اهڙين حالتن ۾ ڪيو اٿئيم جو سڃن ڀونگن ۾ پئي پرين لاءِ پساهه کڻان...“

هـُـن اهو درديلو فرياد ٻڌو، پر انبن جي وڏي کوکي کيس مـُـنجهائي ماريو، تنهنڪري ڪا رومينٽڪ سچئيشن ڪرئيٽ نه ٿي سگهي، جا اهڙن موقعن تي ٿيڻ گهربي هئي. رهندو هڪل ڪندي چيائينس: ”مومل... هي ته وٺائينم، ڦاسي پيو آهي....“

”آءٌ ٿي مران پنهنجي ساهه ۾“، داد نه ٿيندو ڏسي رُکائيءَ مان وراڻيائينس ”ڇا ڦاٿو اٿئي؟“

”کوکو ڦاٿو آهي“، هُن پگهر اُگهندي چنگهه چنگهان مان وراڻيو.

”ڪٿي لڳو اَٿئي ڪوڪو؟“

”اوهو... چُه... ڪوڪو نه، کوکو، کوکو! انبن جو کوکو ڦاٿو آ در ۾....“

”اَلا... آءٌ ته اُٿي به نٿي سگهان... کوکو ڪٿان کڻائينديس!“ مومل نزاڪتن ڀريي نوع مان ڪوٺيءَ اندران وراڻيو:

هـُـن جو رُڪ جهڙو تتل بدن ويتر باهه ٿي ويو.

ڪاوڙ ۾ در جو ٻيو طاق ٺونٺ سان جهڙو ڌڪيائين، تيئن ٺونٺ ڦٽجي رتورت ٿي پيس... جوش مان وٺي جو کوکي کي مٿان کان اُڇل ڏنائين، ته سڄو اڱڻ انب انب ٿي ويو. ڦهڪو ٻڌي هوءَ، جا دَت هنيو پئي هئي، ڏهڪاءَ مان اندر ئي اندر سُسي وئي.

”مار! ڏاڍو ڪو جوش وارو آهي. پر مڙس ته ڦڏو نه ته جڏي جو جڏو. اڳڙين جو گـُـڏو به ڀلا ڪو مڙس چئبو...“ پاڻ کي آٿت ڏيندي سوچيائين.

شينهن جهڙو مڙس پگهر ۾ شـَـل ٿي هن جي ڀر واريءَ کٽ تي پکي هيٺان اچي ويٺو. هوءَ زالن جي سدا جوان ادائن پٽاندر همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ، جيئن جو تيئن مـُـنهن ويڙهيو پئي هئي. هيڏانهن هو به ڀرئي مـَـٽ جيان همدرديءَ جون اميدون رکيو ويٺو هو، پر ڪوبه ٻُوٽو ٻَرندو نه ڏسي آخر پاڻ ئي ڪُڇيو.

”ڊيٽال ته ڏجانءِ، ٺونٺ مان رت پيو وهيم“.

”ڇا مان پيو رت وهنئي؟“ هِن ڪن تان چادر هٽائيندي بيتابيءَ مان پڇيس.

”ٺونٺ مان، ٺونٺ مان! ٻڌءِ ڪونه ڇا؟“

”الله پناهه ڏي، آءٌ ته سڄي ڊڄي ويس ته الائي ڇا مان پيو وهي“. ... هوءَ نزاڪت مان ائين چوندي منهن بڇڙو ڪري سـَـنڌن جي سور جي مريض وانگر اُٿي.

”اَلا... ا... چُري به نٿي سگهان... سڄو بدن ڄڻ ڀڄيم پيو. ٽِڙڪاٽ پيا نڪرنم، پر تنهنجو رت ڏسي اُٿان ته متان تون دل ۾ اهو نه سوچين ته اٺين ڏينهن مهمان ٿي ٿو اچان ته منهنجي اها عزت آهي!“

”وهنجڻي مان ڊيٽال آڻي ڪپهه جي ٻُڙي تي لڳائي. رت اُگهڻ کان پوءِ مـِـٺي زهر جي ڇـُـريءَ سان چهڪ ڏيئي لوڻ ٻُرڪيندي پڇيائينس:

”مَس ڀوپيءَ ڇڏيو اٿئي جو آيو آهين“، هُن جي زال ايمڻا جو ذڪر هوءَ ڀوپيءَ جي نالي سان ڪندي هئي. ”ڪيترن ڏينهن جي موڪل ڏني اٿئي ڀوپيءَ؟“

”هُون! هـُـوءَ ڇا موڪل ڏيندي، مان پاڻ ڇڙو ڏيڍ ڏينهن لاءِ آيو آهيان“.

”بس! ڏيڍ ڏينهن لاءِ! ڇو؟ مون ڪو ڏوهه ڪيو ڇا... اٺ ڏينهن رهين ڀوپيءَ وٽ ۽ ڏيڍ ڏينهن مون وٽ! آءٌ ڪا اُن ڀَٽ کان به ويس ڇا؟ وري به جوان ته آهيان، ايڏي سونهن کڻي ڪانه اٿم“.

”ڪير ٿو چوي ته تو ۾ سونهن ناهي، ڪو تو جهڙو ٿي ته ڏيکاري“، اک ڀڃيندي چيائينس.

”پيارا! مان ته پاڻ کي ڪجهه به نٿي سمجهان، پر هـُـن کـَـل کان وري به چڱي آهيان. پاپن جي پڃري کان ته سٺي آهيان، جنهن کي ڏٺي پيو ڊپ وٺي“، ائين چوندي مـُـنهن ۾ جـُـوهه پائي ڏٺائينس.

”اَئي هان! اهو اکين کي ڇا ٿيو اَٿئي؟“

”ڇا ٿيو اٿم؟“ هُن هراس مان تڙتڪڙ ۾ اکين تي آڱريون ڦيريندي پڇيو.

”ڏرا ڇو ڏيئي ويون اٿئي؟ مون ته تنهنجو منهن هينئر جاچي ڏٺو آهي“.

”توکي ته سدائين مسخري سُجهي“، هُن چڙ مان چيس.

”نه نه، الله جو سُنهن، مسخري نٿي ڪريان- هي ڍڳي گاڏيءَ وارو مَکُ اکين ۾ ڇو هنيو اٿئي. ويٺو هنئين ڇا ڍڳي گاڏيءَ ۾ جو هٿ اک کي لڳي ويئي.“

”هَه.... هَه...”، ڍرو ٽهڪ ڏيندي وراڻيائين ”اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي، اڄ ايمڻا سـُـرمو پارايو هـئم“.

”پوءِ سـُـرما پائي سُهاڳي ٿيو اُتي پيو هجين ها نه، مون ڏانهن ڇو آيو آهين؟“

”تون ته ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪيو ويٺي آهين، هاڻي ڇڏ روسامو“.

”کري آهي ان پيريءَ ۾، جو نوان نوان لاڏ ڪري ٿي توکي پرڀائي. وڃي مـُـنهن تي ڇنڊو هڻ، هنيانءُ ٿو ڦاڙينم“، ناز مان نڪ گهنجائيندي چيائينس.

”اَڇو رَئو ڪِليءَ تي ٽنگيو پيو اٿئي. انهيءَ جي ڪنڊ پـُـسائي اکين کي زور سان مـَـهٽ ته ڪارنهن نڪري“.

”حاضر منهنجي سانئڻ، حاضر!“

هو اُٿي وهنجڻيءَ ڏانهن وڃڻ لڳو، ته هيءَ وري کٽ تي آهلجي پئي ۽ هٿ ڊگهيري سائيڊ ٽيبل تان ننڍڙي آرسي کڻي پنهنجو منهن جانچيندي وڏي واڪ چيائين:

”’سرمو سڀڪو پائي، پر اک اک جو ڦير‘، مون کي ته ڏس، ڪيئن نه ٺهي ٿو. اکيون کُليون ٽونئر ٿيو پون، تو وانگر نه ته  ماڳهين اندر گهڙيو وڃن“. آرسي واپس رکندي چيائينس: ”تون ته وري به سدا ملوڪ آهين، ڀوپي پائيندي هوندي ته صفا مَمڙي لڳندي هوندي. رڳو سرمو ئي سرمو ڏسبو هوندو. اکيون ته ڏسبيون ئي ڪونه هوندس. نئون ماڻهو ڏسيس ته ڀانئي ڄڻ اکيون ئي ڪونه اٿس. وري خدا جي قدرت جيڏانهن وڃي ته سون پائي. نه منهن نه مهانڊو“.

”مون ته ڪونه ٺهرائي ڏنو اٿس، ويچاري پنهنجو کڻي آئي هئي“. هُن وهنجڻيءَ کان ٻاهر اچي اکيون مهٽيندي چيس.

”جنو نوريئڙيءَ ٿي ڳالهه ڪئي، ته عشق مان توسان پرڻو ڪيو هئائين. جڏهن مسواڙي هوندو هئينس ته مـَـنگهه مان سُرهيون چٺيون اُڇليندي هئي. نوٽن جون ٿَهيون ۽ سون جون ڳوٿريون جهٽائيندي هـُـيئي. چئبو ته ملڪيت واري هئي، تنهنڪري سـِـرڙو ٻوهي ۾ ڏنئي!“

”اهڙين گلا خور رنن کي اچڻ نه ڏيندي ڪر، جو هروڀرو دليون خراب ڪن“.

”آهي به توهان جي شريڪياڻي، منهنجي ڪا ساڻس ربي ڪا خريفي! تون به ته مون کان لـِـڪي لـِـڪي ڀوپيءَ کي شهر گهمائڻ ڪاڻ وٽن آڻي رهائيندو آهين. مون کي به سڀ خبرون پيون پون، پر مون ڪو ڪڏهن ڪُڇيو؟“

”گهمائڻ وري ڇا جو“، هن سگريٽ جو سهارو ڳوليندي کيسا ڦولهيا. ”علاج لاءِ آڻيندو آهيانس“.

”هائو علاج! ڄاڻان ئي ڪونه ٿي. اِهي جوڻهين جهڙيون شهر گهمڻ ۽ خريداريون ڪرڻ ڪاڻ، سدائين اگهيون ٿيو، اسپتالن ۾ ڪمرا بـُـڪ ڪرائي، محفلون مچايو ويٺيون هونديون آهن. گهمي ڦري، ريشم گليون لتاڙي، دڪان ٻهاري، پٺاڻن جي خيمن مان ڌڪا ٿاٻا کائي، وري اَگهيون ٿي اچي ڪمري منجهه ڊهنديون آهن“.

”دلبر، هاڻي سـُـر ۾ اچ ۽ ڇڏ پرائي پچر؟ ڪي قرب جون ڳالهيون ڪر، ته مان به خوش ٿيان“. هن ساڻس پـُـڄڻ جي ڀيڻي نه ڏسندي ڳالهه بدلائي ۽ ٻنهي هٿن جون آڱريون پاڻ ۾ ڳنڍي، ٺڪاءُ ڪڍي خوفناڪ آرس ڀڳائين. هوءَ ڏڪي وئي.

”ڇا ٿيئي؟“

”ٿيندم وري ڇا“، هُن اکين ۾ خمار ڀريندي وراڻيس: ”تنهنجي قرب جو بکيو آهيان. هيڏيون منزلون خاص تولاءِ ته ڪري آيو آهيان. هت ته اچي ويهه، ايترو پري ڇو ويٺي آهين؟“

”آءٌ اِتي ئي چڱي آهيان“، هُن ماڻو ڪندي وهاڻو جهٽايس. ”اچي هيءُ ويهاڻو رک، چيلهه سنئين ڪر ته مان تنهنجي ڪاڻ چانهه ٻانهه ڪاڙهي اچان... چاق ته ڪونه آهيان... پر ڇا ڪيان... اَلا... ا...ا...“ هن کٽ تان اٿندي، پيڙا مان چيلهه کي جهليو، وک وک ۾ کڻي رڌڻي ڏانهن وئي. اِهو لقاءُ ڏسي هـُـن جا ڇيهه ڇڄي پيا. ڪي گهڙيون ته ٽٻيءَ ۾ پيو هو، پر دل ئي دل ۾ ڪو حساب ۽ ڳڻپو ڪري سامت جو ساهه کنيائين ۽ بليڪ ائنڊ وائيٽ ڪشن واري چيچاٽي بوٽن سوڌو رڌڻي ۾ ڪاهي پيو. چـُـلهه وٽ صندليءَ تي ويٺل ڏسي پـُـٺن تي زور ڏيندي چيائينس: ”جاني تون چاق ناهين، ڇڏ کڻي انهيءَ چانهه جي خفي کي“.

”آ... آ... هه...“ هن پٺيءَ کي سنئون ڪندي راحت مان هلڪڙي دانهن ڪئي. ”آءٌ ته اِنهن مرداڻن ڀيڙن ڪاڻ جهڙي ڪر ٻاڙيل هئس... ڪالهه دائي حليمان کان مالش ڪرائي ڀيڙا ڏياريم ته ماڳهين بـُـڇان پئي آئي، ڄڻڪ ماڪوڙا پئي بُت تي سُريا“. منٽ کن جي آسيس کان پوءِ اُمالڪ هٿن کي جهليندي چيائينس: ”بس، ميڏي سائين! هاڻ گهڻيون هلاڪيون نه ڪر، اهو تنهنجو شان نه آهي. هلي پڌر ۾ ٿي ويهه، ٿڌيون هيرون پيون لڳن، مان اجها ٿي چانهه کنيون اچان“. هن پنهنجي ادائن جا تير نشاني تي لڳندي ڏسي، ناز مان کيري ٿيندي چيس. هـُـن مرڪي نهاريس ۽ ڪو گيت جهونگاريندي، پڌر ۾ اچي آرام ڪرسيءَ تي ڄنگهون پکيڙي ويٺو. رکي رکي پير به ٿي لوڏيائين ته سيٽي به ٿي وڄايائين. ايتري ۾ هن چيتڻ جهڙي چيلهه کي موڙا ڏيندي، چانهه جا ٻه مگا ٽري ۾ آڻي اڳيان رکيس. پاڻ به سامهون ڪرسيءَ تي ٿي ويٺي. چانهه ڏسڻ سان هن جي اکين ۾ تازگي اچي ويئي. پر پهرئين ڍُڪ پيئڻ سان ڍُرڪي پيو، لوبان جهڙو منهن بڻائيندي چيئينس:

”چانهه جي پتي آ، ڪين اگربتي؟“

”پاڻ ئي ته آندي هيئي، پيارا!“

”مان ته ولايتي سهڻا دٻا آڻيندو آهيان، جيڪي عام جام پيا وڪرو ٿين“.

”تڏهن مون اِهي اگربتيون ڪٽي وڌيون اٿمانس؟“

”دلبر! ائين ڪٿي ٿو چوان. مان ته پاڻ حيران آهيان ته اهڙا سهڻا دٻا...“

”تون پاڻ ڏس، انهن سهڻن جو حال اجهو اهو اٿئي. ’مَٿون چَکي مَکي، اَندرون بُڙ بُڙ دَکي، انهيءَ کان ته پنهنجي ديسي چانهه چڱي. پرائي چلڪي تي هرکجڻ مردن جي هونءَ ئي پراڻي عادت آهي. ولايتي دٻا هجن يا پرايون زالون، چـِـلڪي ته واڇ پٽجيو وڃين“.

”جاني، اهي تير مون ڏانهن ته نه اُڇل، مان ته تنهنجي خمدار زلفن جي ڪوڙڪي ۾ اڳ ئي سُڪ ٿيل آهيان“.

”هائو، بلاشڪ! بلاشڪ! تڏهن ته اڪيلي نڌڻڪي غيباڻي ٿيو پئي هوندي آهيان!“ ڦري گهري کيس پنهنجي درد اچي ورايو.

”منهنجي دل! اهي جدايون وقتي آهن. مان ڪوششن ۾ لڳو پيو آهيان، ته توکي هلي پاڻ سان گڏ رهايان“.

”جڏهن عضوا پينگهون ٿيندم، تڏهن ڪلهي تي کڻي هلي ٽنگيندينم ڇا؟“

”ڳالهه ٿي ڪرين! اڃا ته پاڻ ٻئي ننڍا آهيون“.

”جوانيءَ جا ڏينهڙا به ته اهي چار ٿيندا آهن، نئين ته ڪانه ساماڻبس!“

”فڪر نه ڪر، تون سدائين جوان رهندينءَ“.

”فڪر ڪيئن نه ڪريان، اِنهن رات ڏينهن جي اوسيئڙن ته منهنجو سـِـر وڃائي ڇڏيو آهي“.

”جاني! اوسيئڙي ۾ جيڪو مزو آ سو ملڻ ۾ ڪٿي. هو ٻڌو نه ٿي... ڳولهيان، ڳولهيان مَ لهان...“

”ها باقي اِها ڪسر رهيل آهي، جو سندرو ٻڌي ڳولهيندي وتانءِ...“

”مـِـٺي! ڇڙو مثال ڏنم، ڳولهيندينءَ ڇا لاءِ، مان ته تنهنجي هر ساهه ۾ سمايل آهيان“.

اِنهيءَ جواب هِن کي ڪوري ٺڪر جيان ٺاري رکيو. مٺي لهجي ۾ ڏوراپو ڏنائينس:

”اٺين ڏينهن ايندو هئين، هاڻ ته ٻه ٻه هفتا به گذريو وڃن. اڳيون قرب نه رهيو ٿئي مون ساڻ“.

”اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي جاني! مان ته پل به تو بِن نٿو گهاري سگهان. ڇا ڪيان، ڪڏهن ڪم ڪاريون ٿي پونديون آهن“.

”گذريل هفتي ڇو نه آئين؟ تنهنجي واٽ تڪيندي اکين جون ڏياٽيون ڄڻ اُجهاڻيون ٿي“.

”گهر چاقائي ڪانه هئي، تنهنڪري نه اچي سگهيس“.

”ڇو، وري ڪهڙو ڇٽو لڳس؟“ مصريءَ جهڙي زبان اوچتو ڪَڙي بادامي بڻجي ويس.

”چوٿون مهينو اٿس“.

”اونهه، اِها ته سدائين مهيني مهيني ڪوڙ ڪيو ويٺي اٿئي ته پيٽ سان آهيان. ڪٿان آيس پيٽ! ويٺي توکي خوش ڪري. مکڻ کي به ڪڏهن ڏند ٿيا آهن؟“

”ڪوڙ ڇا لاءِ ڪندي،“ هُن زهر جي ڍڪ وانگر چانهه کي ڳيت ڏني. ”ويچاريءَ کي ٿئيس ٿو پر بچيس ڪونه ٿو“.

”بس بس گهڻو ٿيو، اِهي اَڀر نه ٽوڙي ته وڻي ڪيئن!“

”هينئر تازو ڏيڍ مهيني جو ٻار ڪريس ته دائيءَ جي چوڻ سان، مکڻ ۾ گڏائي ڳڙڪائي ڇڏيائين“.

”توبهن! اَلا!! آخ...خ!“ اڌ ڀريل مگو ڌڪار مان پري ڌڪي چوڻ لڳي:

”منهنجو ته روح ئي ڦيرائي ڇڏيئي... پچڪ... رن ڏائڻ ٿي جا ٻچا ويٺي ڳيهي! الله پليندس پنهنجي پلڻي“.

اِهو ٻڌي هن جي منهن جو پنو ئي لهي ويو. چڙ مان چيائينس: ”تون ته سدائين ماڻهن تان چٿرون ڪرين“.

”چٿرون وري انهيءَ مان ڇا جون آهن پيارا، سچ چوڻ ۾ ڇو ٿي باهه لڳئي! سياڻن صحيح چيو آهي ته هن زماني ۾:

’سچ مِرچان، ڪوڙ ڳُڙ،
پير پئسا، زال گر!‘“

 

”اڃا ته هفتو ڇڙو تو وٽ رهان، ته تون ته منهنجو جيڪر اندر ئي ساڙي ڇڏين! ڏيڍ ڏينهن ٿو اچان ته به سڙيو جليو پوءِ ٿو وڃان“، هن مگو خالي ڪري سگريٽ دکائيندي چيس. ”ها... ا... ن! توکي ڀوپيءَ جي ايڏي چڙ لڳي آهي. پر اڃا جي نڪاح ڪري سامهون وٺي ويهاريندين، پوءِ ته سندس چوڻ تي روز موچڙا به ٺوڪيندين!“

هن جو هڪدم موڊ بدلبو ڏسي، سياڻي سياستدان وانگر پلٽو کائي ويو.

”چري آهين. اجايا ٿي خيال ڪرين، آءٌ سڄو تنهنجو آهيان. مون ته ڀوڳ ۾ تنهنجا آزمودا ٿي ورتا“.

”ڪهڙا ٿو منهنجا آزمودا وٺين، ڪو آءٌ لـُـچي لفنگي آهيان ڇا؟ اڳ ڪونه ڏٺو هيئه ڇا؟ منهنجو مرحيات بابو، خان خانان تر جو وڏو زميندار، ڏاڏو جاگيردار، پڙ ڏاڏو پرڳڻي جو حاڪم، آءٌ اصل خاندانڻ، حاڪم زادي، پر اِها ته منهنجي قسمت هئي جو:

”مـنهن ڌوڙ مٽــي ســر پايـم،

سارا ننگ ناموس وڃايـــم،

ڪوئي پڇڻ نه ويڙهي آيـم،

هٿئون اُلٽا عالم کِلدا، ڪوئي محرم حال نه مِلدا،

ڪيا حال سڻاوان دل دا...“

هن ڪن تي هٿ رکي غلام فريد جي ڪافي زاهدا پروين جي اسٽائيل ۾ ڳائڻ کان پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيو:

”هئه نصيب! ڪتو به کاڌم ڪک به نه ڀريم!“ اِهو ٻڌي هن جون اکيون ٽانڊاڻا بڻجي ويون، پر سور پي ويو.

”چئبو ته هاڻ مان ڪتو به ٿيس!“

”ڪو توکي ٿي چوان ڇا، اِها ته چوڻي آ“.

”بس، تنهنجي پريت مان اسان کي اهي ئي نتيجا ملندا...“

”ٻيو ڪهڙا ملندئي؟ ڀوپيءَ وانگر مون وٽ کڳل ته ڪونهن، جيڪي منگهن مان جهٽائيندي هيئي، جو اڄ وڻي ٿي. اسان  منگهن مان ممڙين وانگر عشق ڪونه ڪمايا. اسان ظاهر ظهور ڀير تي ڏؤنڪو هڻي تنهنجي قرب ۾ ڪنڌ نوايو“.

”الائي ڪير ٿو اچي توسان اِهي خبرون ڪري!“ پريشانيءَ مان سنڌ جي نقشي واري رنگ برنگي ٽِڪن جي ٽوپي لاهي، مٿو کنهندي وراڻيائينس.

”ميهڙ مان ڀوپيءَ لاءِ مينديءَ جا دٻا گهرائين، حيدرآباد مان ’ڪالا ڪولا‘ جا ٽيوب آڻيو ڏينس. اِهي مکي هاڻي جوان ٿي ٿئي. ولايتي ڪڪڙ وانگر جيڪا چمڙي پئي لٽڪيس، تنهن جي ڪا ڪل ئي ڪانهيس، اُنهيءَ جو به ته ڪو بِلو ڪرينس نه!“ هن ڄڻ زهر اوڳاڇيو.

جواب ڏيڻ لاءِ هو ٿورو منجهي پيو. پر ذهن ۾ آئڊيا جو بلب روشن ٿيس. سگريٽ ساسر ۾ چٽيندي، ٽوڻن ڦيڻن کي ڍال جي طور استعمال ڪرڻ جو طريقو ڳوهي لڌائين.

”جاني! خبر ناهي مون کي ڇا ڪيو اٿس، ڪهڙا ڦيڻا وڌا اٿس، جو مان هن آڏو انڌو ٿيو پيو آهيان“.

”ڇا وري ڇا ڪيو اٿس“ وار نشاني تي لڳائيندي وراڻينس ”رڳو سون تي سر ڏيو پيو آهين“.

”منهنجي ليليٰ... منهنجو سر ته مجني وانگر رڳو تنهنجي محبت ۾ مستان ۽ غلطان آهي“.

”موچڙو هڻان اهڙي محبت کي، جنهن ۾ هوند شڪر نه ٿئيم.“ ائين چوندي ڳلڙيون ڦوڪي، منهن سُونڊائي، ماٺ ڪري ويهي رهي. سج به سوڙ وجهڻ جي تيارين ۾ هو. ساسرون سگريٽ جي ٽوٽن سان سٿجي ويون. هن کي پنهنجو پنڌ هن ڀيري صاب پوندي نظر نٿي آيو. ڪي پل ٻاٽ اوندهه جهڙي ماٺ رهي. آخر هيٺين واٽ وٺڻ کان سواءِ ٻي واهه نه سـُـجهيس. ڀانيائين، لڳو ته تير، نه ته تُڪو. نماڻي آواز ۾ چيائينس:

”منهنجي مٺي، ڪجهه کارائيندينءَ پياريندينءَ يا بکئي کي ويتر بک ماريندينءَ؟“

”جيڪي چئو“. ٻن هفتن جون سانڍيل باهيون ڪڍڻ کان پوءِ ڪجهه هلڪي ٿي.

”گهڻي تڪليف نه ڪجان جاني...“ هو سنگهه ڪڍي ساڄو ٿيڻ لڳو.

”چڱو ته پوءِ آءٌ پٽاٽو ٿي تري وٺان، تون اسٽور تان پڪين پڪاين جو هڪ پئڪيٽ وٺي اَچ“.

هن ٽپائيءَ تان مگا ساسرون کڻندي وراڻيس. ”نه نه، ڌوڙ وجهين پٽاٽن کي! پڪيون پڪايون کارائي ڇو ٿي منهنجا ٻئي جهان وڃائين!“

”ڇو انهيءَ کي وري ڇا ٿيو؟“

”ماڻهن الاهي وهم وجهي ڇڏيا آهن، پوءِ ڇا ڪجي، تون اُٿي چانور ٺاهه، ته مان چهر وٺيو ٿو اچان“.

”ٿڪو آيو آهين، ماٺ ڪري سمهي رهه. پٽاٽو نٿو کائين ته واڱڻ يا ڀينڊيون تري ڏيان. ڇٻيءَ ۾ ڪريلا به پيا آهن“.

”اِهي ترڪاريون مون کي نه وڻنديون آهن“. ائين چوندي ٽپ ڏيئي ڪرسيءَ تان اُٿيو. ٿرماس کڻي ڏاڪڻ تان هيٺ لٿو ته ساڳيو ڇڻ ڇڻ وارو ٽانگو مليس. شهر جو چڪر هڻي، ٻه ڪلو برف ۽ ڏهين رپئي جي چهر وٺي واپس گهر اچي لٿو ته هوءَ به ڀَت کي دَم ڏيو ويٺي هئي.

رات جو ماني ٽِڪي کائي ورانڊي جون چـِـڪون ڪيرائي، فل اسپيڊ پکا هلائي ۽ کٽون گڏائي جڏهن ليٽيا، ته هن ڏٺو ته اهو وقت اٿم ’چيتي‘ ٿيڻ جو، سو وٺي پنهنجا سُرڙا ڪڍيائين. هن کي به خبر هئي ته اُکريءَ ۾ مٿو وجهبو ته مـُـهرين کان ڪهڙو ڊڄڻ! کيس جان عالم جي طوطي کي هٿ ڪرڻ واري شهزادي وانگر، ڪيترن ئي مرحلن مان گذري پار پهچڻو هو، سو صبر سان ڪن ڏيو پيو هو.

”ڳالهه ٻـُـڌي اٿئي...“ هن جي پيشانيءَ تي پيل سـُـرهي چـَـڳ سان کيڏندي چيائين:

”ڪهڙي دلبر؟“

”ڪالهه سوناري قادو ڀائيءَ وٽ وئي هيس...“ اهو ٻڌي هن جي گستاخ هٿ کي ڄڻ اوچتو ريل جو بريڪ لڳو.

”پوءِ!؟“ ٻڏل آواز پاتال مان اُڀريو.

”في الحال ٻن تولن جا جهومڪ ۽ ٽن تولن جو هار چئي آئي آهيان، ايندڙ هفتي تيار ٿي ملندا“.

”جاني، خبر اٿئي تولو سون جو ڪيتري آهي؟“

”ڪيتري به هجي، نيٺ به ڪامورو آهين“.

”حالتون ساريون پيون اٿئي، اڳوڻيون ڪمايون ڪٿي آهن. چوڌاري ڦٽڪن جا ڦهڪا پيا پون، هٿن سان مارائيندئينم ڇا؟“

”جيڪي الهه تلهه هيئي، سو ڦري ويئي ڀوپي، هاڻي اهي بهانا نه ڪندين ته ٻيو ڇا.“

”مهينو کن ترس، پوءِ جيڪي چوندينءَ وٺي ڏيندومانءِ“. ائين چوندي چپن تي انجام جي مُهر هنيائينس.

”اهو به تنهنجو انجام آزمائيندس، ڏسان ته ڪيئن ٿو پارين!“

”پياري، جيڪو ڪجهه ڪريان ٿو، سو سڀ تنهنجي لاءِ ئي ته ڪريان ٿو، توکان وڌيڪ مِٺو ڀلا ڪير اٿم“.

”ڀوپي به نه؟“

”نه جاني!“ هن گهڙيال ڏانهن تڪيندي ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو.

”سچ!“

”تنهنجي سـِـر جو سـُـنهن!“

”پوءِ ڀوپيءَ سان ڪيئن پيو گذارو ڪرين؟“

”مڙيوئي پيو لـِـکيو لوڙيان!“

”ڀلا هڪ ڳالهه ته مڃيندين نه؟“

”چئه...“ هڪ وار وري هُن جون يڪجا ڪيل سموريون طاقتون وسامڻ لڳيون.

”شريڪن جون شاديون اچي سِـر تي ڪڙڪيون اٿم، سڀاڻي مون کي گهڙي، سينڊل ۽ ٻه ٽي وڳا وٺي ڏيڻا اٿئي...“

”مِٺي! سڀاڻي جون ڳالهيون سڀاڻي سان، هينئر ڇڏ اِهي لهڻا ليکا...“ هُن سندس بدن جي مهڪار ائين جهٽي ڄڻ ڦوڪڻي ۾ گئس ڀري رهيو هجي.

”انجام ٿو ڪرين نه؟“

”حاضر منهنجي سائڻ حاضر!“ هُن جو انداز ڪمپيوٽر جهڙو ٿي پيو.

”سور کان لڱ پيا ساڻا ٿينم...“

وري ساڳيو سهاپو شروع ڪيائين.

”دلبر! اڃا ڪيترو تڙپائيندين، هاڻ ته يارهن به لڳي ويا!“

”پنهنجي رات ته ٻارهين کان پوءِ شروع ٿيندي آهي سهڻا“.

شوخيءَ مان وراڻيائينس ۽ پوءِ دير تائين ڳالهيون مُهاڙيون ڪري سڀ ليکا چوکا لاهي ڦان ٿي سمهي رهيا.

مومل هونئن ته ڪڪڙ جي پهرئين دَس سان ئي اُٿي کڙي ٿيندي هئي، تنهن کي اڄ ڏهه لڳي ويا. هن جي اچڻ ڪري هميشه کيس دير سان جاڳ ٿيندي هئي. اها ڪا نئين ڳالهه ته نه هئي، پر هر ڀيري کيس دير سان اُٿڻ تي اجايو تعجب ٿيندو هو.

”اَئي اَلا! سج مٿي چڙهي آيو، نه چانهه نه پاڻي. نڀاڳو کير وارو ئي هليو ويو هوندو. الائي ڪهڙا کيپ چڙهيم، جو آواز ئي ڪونه ٻڌومانس“.

هو، جو نرم ويهاڻن کي ٻک وجهيو اونڌو ٿيو پيو هو، تنهن کي به مومل جي آواز تي جاڳ ٿي. ڪر موڙيندي چيائين: ”جاني، هاڻي ججهي کنڊ وجهي سليماني کڻي ٺاهِه، هينئر مون کان هليو ڪونه ٿيندو جو وڃي کير وٺي اچان“.

مومل وهنجڻيءَ ۾ ٽوال صابڻ ۽ بالٽي ڀري رکي آئي، پوءِ سليماني چانهه جو ڪوپ آڻي ڏنائينس جنهن کي پيئڻ کان پوءِ هو اُٿڻ جهڙو ٿيو. وهنجي سهنجي ٽوال جي گوڏ ڪري ٻاهر آيو، ته هن شلوار ۾ اڳٺ پئي وڌو. ڪپڙن پائڻ کان پوءِ ڳِلهو ٽوال ڏيندي چيائينس: ”ڀلا ڪا نيرن ٻيرن ته ٺاهي، رڳو سليماني چانهه جي اڌ ڪوپ تي ٽاريندينءَ ڇا؟ منهنجو ته بک کان هيانءُ ٿو لُڙهي“.

”الله پناهه ڏينئي، هـِـيانءُ لڙهي تنهنجي دشمنن جو، تون منهنجي سر جو تاج، گلي جو هار، توکان سواءِ منهنجو ٻيو ڪير آهي؟“

”پوءِ اُٿ ڀلا ڪو بـِـلو ڪر، بک کان مران ٿو.“

”مرن تنهنجا ويري ۽ جيڪي توکي ڏسي نه سهن. آءٌ پاڻ اُٿي تنهنجي ڪاڻ اُڦراٽا پچايان، پر ڀانيان ته اِهي گهڙيون به توسان ويهي گهاريان، رڌڻي ۾ ڇو وڃايان؟“

”ڍؤ بنا ڍوليا، ناهي ساڃهه سونهن جي“، هن آئيني آڏو وارن ۾ تيل هڻندي چپن ۾ جهونگاريو.

”ڪالهوڪيون ’پڪيون پڪايون‘ پيون آهن. اڄ کڻي کائي ڇڏ، ڪجهه نه ٿيندئي. انب به ميڙي پُسائي رکيا اٿم، چئو ته ٻه چار آڻي ڏيانءِ، انهن سان کائي حالي هيانءَ جهلو ڪري وٺ. ڏينهن به اچي چڙهيو آهي، ٻنپهرن جو ته هونئن به هوٽل تي کائينداسين“.

هن هوٽل واري ڳالهه ڪاپاري ڌڪ جيان پچائيندي، انبن سان ماني کائڻ لاءِ هائوڪار ڪئي.

هِيانءَ جهلو ڪري وري اچي کٽ ڀيڙو ٿيو. هوءَ به ڀـَـر ۾ ائين اچي ليٽيس ڄڻ ڪا سوڀ کٽي هجيس.

”رات چيئي ٿي نه ڪپڙا ۽ ٻيو سامان وٺي ڏيندين“.

”چيو هئم ڇا؟“ هـن ڀورائيءَ مان پڇيس.

”نه تڏهن!“

”مِٺي! تنهنجي قرب اهڙا نشا ڏنم، جو خوابن جي دنيا ۾ وڃائجي ويو هئس“.

”اونهه... رڳو سکڻي جان ٻچن تان قربان“.

”هن ڀيري پئسا گهٽ آندا اٿم، ٻئي ڀيري ڏسجانءِ ته ڇا نٿو وٺي ڏيان پنهنجي مومل کي!“

”چئبو ته هن ڀيري گهمائيندين ڦيرائيندين به ڪونه؟“

”اُٿ ڀلا، جلدي تياري ڪري وٺ ته چڪر ڏياري اچانءِ“. اهو ٻڌڻ سان هوءَ وڃي تيارين کي لڳي. هن تي ٻيهر ننڊ جا نشا چڙهڻ لڳا. ڪلاڪ کن مس آرام ڪيائين، ته هوءَ به سورنهن سينگار ڪري، عطر عنبير مَکي، اچي سيرانديءَ کان ويٺيس ۽ چميون ڏيئي ڏيئي ننڊ ڦٽائي ڇڏيائين.

هن اهو سڄو ڏينهن رڪشا ۾ چاڙهي راڻي باغ، ڄام شورو برج، هوٽل ۽ فلم تان گهمائي آڌيءَ رات جو گهر واپس آڻي ۽ ويندي ويندي سمورو حساب ڪتاب پورو ڪري، اَسر ويل ڳوٺ لاءِ ريل ۾ چڙهي روانو ٿي ويو.

مومل ’نئين زندگي‘ مان لڏي ويا، اَڏي ويا سُخن جي عمارت جو اڀياس ڪندي ٿڌو ساهه کڻي اُداس اکين سان در ديوارن ڏانهن نهار ڪئي. هن جي دم سان هڪ اڌ ڏينهن لاءِ به ڪيڏي نه رونق هئي گهر ۾... وري اٺن ڏينهن جو وڇوڙو... اوسيئڙو... يا نصيب! اڃا چار ڏينهن اوسيئڙي جي عذاب جا مس ڪاٽيائين ته صبح جي پهر اوچتو بندري قد واري چالاڪ جنو نوريڙي، جنهن جي ساڻس ’چنڊو چنڊي کي ڳولي لهي‘ جي بنيادن تي پراڻي شناسائي هئي، سا اچي نڪتس. پڌر ۾ پيل ڪاٺ جي صندل تي ويهي پنهنجا بندرڙا هٿ نچائيندي ۽ نوريئڙي جهڙيون اکيون ٽمڪائيندي چيائينس: ”خبر اَٿئي ٽيون ڏهاڙو شهباز، جوءِ کي علاج لاءِ منهنجي گهر آڻي رهايو، اجهو هاڻ موڪلائي ويا آهن“.

”تنهن ڏينهن ڀانيان ٿي ته ويچارو توڏانهن ئي پئي آيو، پر الله منهنجي توبهه، منهنجي زاري!“

جنو نوريڙيءَ پٽ سان ٻئي بندريون آڱريون ڇـُـهي مني نڪ تي وڏا وڏا جانا ڀريا.

”منهنجي سائينءَ ڏانهن ته خير هو نه؟“ هِن جو هنيون وسامڻ لڳو. بيتابيءَ مان پڇيائينس.

”مون کي هاڻ خبر پئي آهي ته ويچارو موت جي منهن ۾ آهي. کيس ڏسي منهنجا ته وائسر ئي ڦري ويا“.

”قسم اٿئي قرآن جو جنو! سگهو ٻڌاءِ، منهنجو هيانءُ ٿو وڃنئي“. هِن ٻئي هٿ هنيانءَ تي رکندي چيس.

”ڪالهه نماشام جي مهل ٻارڙا وٺيو مٿي ويٺي هئس. اوچتو ڪڙڪو ٻڌي دريءَ مان هيٺ جو نهاريان کڻي، ته منهنجيون هيٺيون هيٺ مٿيون مٿي ٿي ويون“.

”ڇا ڏٺئي؟“

”کڻي جو ڏسان ته تو وارو شهباز ڀت ڀر کٽ تي بوتو ٿيو ويٺو هو. جوڻس تارونءَ وارو اهڙو ته زورائتو چنبو وهائي ڪڍيس، جو مٿو وڃي ڀِت سان لڳس- شڪ ناهي جو رت جون ٺينڊيون به وهي نڪتيون هجنس! پيڙا مان ڪنڌ ڪري هيٺ ڪيائين، ته ٻه چار چنبا لاڳيتا وهائي ڪڍيائينس: ”ماريا، ٽيون ڏينهن کان پئي چـوئين ته مغز ۾ ڀان ڀان ۽ زوُن زوُن پئي ٿئيم، چڪر بيهنم نٿا. تيل جي تِري هڻينم، پر ڪو ٻڌين ٿو! ڳوٺ ته رات ڏينهن تِريون هڻندو هئين، هِت ڪهڙو ٿو مهڻو لڳنئي. پرائي گهر ۾ جيئن ڪـُـڇان نٿي، تيئن وڃين چوٽ چڙهندو. اِهو ٽَڪ مان وَر لاهي ڇڏينديمانءِ، متان ڪو ٻيو خيال ڪيو اٿئي. تون کاڄين ڇا تي“. جنو نوريڙي ڊرامائي انداز ۾ روئداد ٻڌائيندي چيو. مائيءَ اِتي بس نه ڪئي، وري موهيڙي ۾ زور سان آڱر ٽُنبيندي چيائينس:

”اِهي موهيڙا ڦيهي وجهنديمانءِ، جن جي زور تي اهڙو شِنگ ٿي پيو آهين، جو وڻ گهوڙو نٿو ٻڌين“. ائين چئي پيشانيءَ تي پيل اسپرنگ جهڙي چڳ کي اهڙيون ته وٺي ڇڪون ڏنائينس، جو ماڳهين سڌي سيخ ٿي پيئي. چي: ”وس پـُـڄيم ته اِنهيءَ چنڊيءَ چڳ کي پاڙئون پَٽي اُڇليان! خبردار جو وري منهنجي سامهون اِهي گونڊن وارا سينگار ڪري هليو آهين. اِهي سينگار آءٌ به سڃاڻان ٿي. ڪا ته ڳالهه آهي، جو ماڪ تي موهيو هلين. مون کي به ته خبر پوي، ڪهڙي نينهن جي نظاري تي چڙهيو آهين، جو فلڪ ئي نٿو آڻين. اِهو واءُ مٿي مان ڪڍي ڇڏ، نه ته سنگسار ڪري ڇڏينديمانءِ“. اهڙيون ته وٺي اُلرون ڪيائينس، جو الله منهنجي توبهن! منهنجي بابي جي به توبهن ته ڏاڏي جي به توبهن! سڄي ڄمار ۾ ڪنهن مرد جو زال هٿان اهڙو حشر نه ڏٺم. مـَـڄو گهڻئي ڏٺاسين ٻڌاسين پر هي ته ڪو مَها مَڄو هو... ڇا مرد جو شان، ڇا سهي موچڙو! رڳو ماٺڙي ڪيو ڪڏهن مُري تان پئي مـَـر لاٿائين، ته ڪڏهن هٿن جون تـِـريون مهٽيندي، آڱريون پئي مروٽيائين سروٽيائين. اهڙو نماڻو ٿيو ويٺو هو، جو سچ پڇين ته ڏک کان هِيانءُ ڇڄي پيم... تنهنجي من جو کڻي مور هيو، پر منهنجو به ته ڀائرن جهڙو هو. اهڙو ته بڇڙو ڪيائينس، جو هاڻ توکي ڇا ويهي ٻڌايان! اِهو ته ٿيو پنهنجي پير مان لاهي مُنهن ۾ هڻڻ. ايترو سو ٻڌائينديمانءِ ته پوءِ هيون شهباز جون توبهائون ۽ گيسيون! پيرن تي مَٿو رکي پئي بخشرايائينس“.

مومل، جا ايتري دير عبرت جي سمنڊ جو کارو پاڻي اکين ۾ ضبط ڪيو ويٺي هئي، تنهن کي اندر ئي اندر اوتيندي ڇولين جهڙي ڇوهه مان چيائينس: ”وڃي ڇائي پائي، مون وٽ ٺهي جـُـڙي اَڇين ڪڇين اچيو ويهي. زال نه زال جو پائو تنهن کان پيو گِهلجي! اڃا ٿي چيائين ته توسان پرڻو ڪندس. وڇ ڪـُـڏي پنهنجي ڪيري تي، ساڻس پرڻو ڪري ڪهڙو پنهنجو اڇو منهن ڪريان!“

”ٻيو وري ڇا، جيڪو پاڻ پيو گهلجي، سو توکي ڇا سنڀاليندو“. ڀنڀور کي باهيون ڏيئي نوريڙي ته هلي ويئي، پر هن جي ذهن ۾ اهڙو ڪو واچوڙو لڳو، جنهن پپر جي وڻ جو مضبوط ٿڙ ڀڃي ڀور ڪري ڇڏيو. جنهن جي ٿڌي مٺي ڇانوَ ۾،هن سڄي حياتي ٿڪل مسافر جي اگهور ننڊ جيان گذارڻ جي خواهش ڪئي هئي. هن جون خواهشون، هن جا خواب پپر جي پنن وانگر ڇڻي وکرجي پيا هئا. ڪيتري دير تائين ذهن جي اسڪرين تي، سرپرائيزنگ ميوزڪ جي گونج ۾ هـُـن سان گهاريل گهڙيون اُڀرنديون ۽ ڊهنديون رهيس. تنهن ڏينهن هوءِ ويهاڻي ۾ منهن وجهي ايترو رُني، جو اکين ۾ لـُـڙڪن جي ڪا بوند باقي نه بچي هيس. هوءَ پوءِ سوچي سوچي اُٿي، ته بنا دير ٻاهر واري ڇوڪري کي سڏائي چيائين: ”وڏيري مينهل کي وڃي چئو، ته هتان منهن ڏيکاري وڃي“.

...      ...      ...      ...

هِن ته ڪو اوسيئڙو ڪونه ڪيو، پر هو به ٽي هفتا ڪونه آيو. آخر چوٿين هفتي، ڦِٽ ڦِٽ ڪندي منهن سان در جي چانئٺ ٽپي اندر ٿيو. هِن اوڏيءَ مهل پڌر ۾ سگريٽ ڇڪيندي، ڪاشيءَ جي ڪونڊين ۾ لڳل مَني پلانٽ کي پائپ سان پاڻي پئي ڏنو. هن کنگهڪار جو هارن دٻائيندي چيس: ”خوش ويٺي آهين نه؟“

”نه تڏهن ڇا ٿي سمجهئي؟“ هِن ڏانهس ائين نهاريو ڄڻ هو ڪو ڪاڪروچ هو.

”ڪاوڙ ڪئي هوندئي؟“

”ڪاوڙ ڪري منهنجو موچڙو!“ سگريٽ کي چپٽيءَ سان ڇنڊڪو ڏيندي وراڻيائينس. ”اهي ويئي هليا عزتن وارا ڏينهن، ڏٺم تنهنجا رعب کدو بيگ! مڙس به اهو آهين نه جو بـُـجا پيو کائين“.

”ڪير ٿو چوي؟ ڪڏهن؟ مون کي بـُـجا ڪير هڻندو!؟ ڪنهن کي طاقت آهي!“

”اي هاڻي ٺهيو ٺهيو ميتا! تو ته گهڻئي ڊگهيون ڳالهيون ٿي ڪيون، ته هيئن ڪندس، پر تنهنجو ته پول پڌرو ٿي پيو“.

”پَڪ جنوءَ اچي ڀريو هوندئي. تنهن ڏينهن ايمڻا کي به انهيءَ رَن اچي ڀڙڪايو، نه ته هوءَ هروڀرو اهڙي ناهي“.

”ڪهڙي به هجي، منهنجو ڀوپيءَ ساڻ ڪو لهڻو ليکو؟ پر اکين تان پردا ته کڄي ويم، تنهنجي اصليت ته سامهون اچي ويئي“.

”انهيءَ ۾ اصليت جي ڪهڙي ڳالهه آهي، زال ماڻهوءَ سان ڪهڙو وات ڏيان ها“.

”آءٌ تنهنجيءَ جاءِ تي هجان ها ته اوڏيءَ مهل مـُـنڍي مروڙي رکانس ها“. هن نفرت ڀريل نگاهن سان نهوڙيندي چيس. هو ٻه وکون اڳتي وڌي آيو ۽ ٻانهن مان جهليندي چيائينس: ”مون کي بخش ڪر منهنجي سائڻ! هاڻ وڌيڪ ٻڏڻهارڪو نه ڪرينم. اڳتي اهي دڙڪا تاب ڪونه سهندومانس. وري جي گوڙ ڪيائين، ته نِڙيءَ تي ننهن ڏيئي اُڦٽ ماري ڇڏيندومانس“.

”هاڻ سون جو ڳنڍو به ٿي پوين، ته به منهنجي لاءِ گِلٽ آهين“. سَٽ سان ٻانهن ڇڏائيندي وراڻيائينس.

”ها، چڱو جو ياد ڏياريئي“، هو ائين مُرڪيو ڄڻ ڦِڪائي وندرائيندو هجي. ”زيورن جي رسيد ته ڏي ڀلا، هيل کيسا پـُـر ڪري آيو آهيان“.

”ايڏهين ڪر پنهنجا کِکا کيسا! ڪونه ٿا کپن تنهنجا زيور، جيئي وڏيرو مينهل خان پاڻهي وٺي ڏيندو!“

اهو ٻڌي هـُـن جي ڪنن ۾ ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو. ڌرتي ڌُڏندي محسوس ٿيس. پر پڌر ۾ کتل نل جو سهارو وٺندي، پنهنجيءَ پر ۾ تير هڻي ڪڍيائينس.

”اُهو وڏيرو مينهل نه، جنهن کي اڳ ئي سـَـت سـُـريتيون آهن!“

”مڙس ئي ته سـَـت به سنڀاليندا آهن، ڀاڙيا ته هڪ کي به نه سنڀالي سگهن. مان به مارينديس ته مير، چاڪر ڪونه چڪينديس“. فخر مان ڪونج جهڙو ڳاٽ اوچو ڪندي وراڻيائينس: ”سڀني جي سائڻ ڪري ويهاريندم، تو جهڙو ڪونهي جو بُجا ويٺو کائي. توکي ٿي ڏسان ته جَنوءَ جو چِٽيل نظارو اکين اڳيان ڦريو ٿو اچيم. مون ته ڪنهن مڙس ماڻهوءَ جو سهارو ٿي گهريو، ته مٿي ڇانوَ ڪري، عزت جا ڏينهڙا گهارينديس. مون کي ڪهڙي خبر هئي، ته تون ڪو اهڙو مڄوڙو هئين. هاڻ ته سوچيو اٿم، گڏهه جي لت کان هاٿيءَ جي لت وري به چڱي آهي“.

اهو ٻڌي هـُن ڏند ڪرٽيندي چيس: ”ڏسان ته تون ڪيئن ٿي مينهل جي ٿين!“

”اهي جوش ڏيکار ڀوپيءَ کي، جيڪا ٿُڪ جي ٿانوَ ۾ پئي کارائنئي. مون کي اڪيلو نه سمجهه. ’ڪريانءِ ٿي ڪـِـيهه ته مڙي ويندا ٽيهه!‘ گهڙيءَ جو گهڙيءَ ۾ گهلرائي سگهئين ٿي. نڪاح ٻڌيءَ تي وس نٿو هـَـلئي، آيو آهين مون تي ديرو دمائڻ، هون!“

”جيڪي توسان وهيم، سو سڀ پاڻي ٿي ويو؟“

”اي هاڻي هل هل، ڄاڻ وڏيرو مينهل آيو ڪار ۾، تو جهڙو ڪونهي جو ٽانگي ۾ چڙهي گهنڊڙيون وڄائيندو، ڇڻ ڇڻ ڪري اچي لهندو“.

”ته چئبو، رن اڳ ئي ڪو مينهل کي هٿ ڪيو ويٺي هينءَ!“

”هفتو کن ٿيو اٿم جو ساهيائين، ۽ مان به ڪنڌ ڪونه ڪڍايو“. مومل رومينٽڪ انداز سان ٿڌو ساهه کڻندي چيس. ”هُو ته ڪِن سالن کان ڇتو هو، پر تنهنجي ڪري مـُـنهن نه ڏيندي هئيمانس“.

اوچتو وڏيري مينهل جي ڪار جو بُل ڊاگ اسٽائيل هارن وڳو.

ها... ئو... ئو ئو... آ.

”مُٺيس، هاڻي ڇا ڪريان!“ مومل کي پريشاني وٺي ويئي. اڃا ٿٿڙ ڦٿڙ ۾ هئي، جو ڏاڪڻ تي وڏي کـُـڙيءَ واري بوٽ جي ڌم ڌم پئجي ويئي. ان دم ئي وڏيرو مينهل، هڪ هٿ سان شهپر وٽيندو ۽ ٻئي سان سٿرن جا کوٽهڙا ڪندو اچي اندر پهتو. جيسين تائين وڏيرو مينهل کانئس ان بابت پُڇي ئي پُڇي، ته هِن وڏيءَ حرفت سان شهباز مان جان ڇڏائيندي چيو: ”ادا، هاڻي توکي موڪل، تون ڀلي وڃ ڳوٺ، ادي ايمڻا کي به سلام ڏجانءِ!“

                            (مهراڻ- 1/1978ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com