سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :33

هن پرچي (1، 2-1960ع) ۾ 16 شاعرن جا غزل ڏنا ويا آهن، جن ۾ سوڀراج نرملداس ”فاني“ کان ان ڀاڱي جي ابتدا ڪئي وئي آهي:

”مان خطاوار مگر تنهنجي عطا بي پايان،
آسري تنهنجي تڳن درد جا دربان سوين؟“
                                            (فاني، ص: 44)

شيخ اياز جو غزل روايتي مڪتبئه فڪر جون سِڪون ٿو لاهي:

خار زارِ حيات ۾ رقصان
پنهنجي خوشبو جو ڪاروان آهي
ترو تازه غمِ حبيب آهي
ڏس، فسرده غمِ جهان آهي.
                               (اياز، ص: 45)

تنوير عباسيءَ جو نج سنڌي ٻوليءَ ۾ تجنيس حرفيءَ جي حسن سان سينگاريل هڪ سهڻو غزل آهي:

”جي هجي ساڻ سِڪ ته پوءِ، ساٿي،
پار پرين جو پرڀرو ناهي،
پڪ اٿم، پڪ ته تون مِٺي هوندينءَ،
توڙي توکي چکي ڏٺو ناهي.“
                                     (تنوير، ص: 45)

حسين بخش ”خادم“ جي غزل جا ٻه شعر آهن:

”سُکن ته واٽ تي ويندي ئي، موڪلاڻي ڪئي،
ڏکن ڏکن ۾ نباهيو، ڏکن جو خير هجي!
سچا يا ڪوڙا، اي ”خادم“ تڏهن به دوست آهن،
هجن حيات، سدائين سڀن جو خير هجي!“
                                             (خادم، ص: 47)

سڳن آهوجا جو غزل پڻ هڪ خوبصورت غزل آهي:

”توکي اتان کڻي وڃي دل ۾ ڏسان پيو،
منهنجي ڏسڻ کي ڳول نه منهنجي نهار ۾!“
                                                     (ص: 48)

شمشيرالحيدري جي غزل ۾ خيال، ٻولي، بحر وزن، قافيي، رديف جو ايڏو پرفيڪٽ استعمال غزل ۾ ورلي ملندو آهي. سڀئي هڪڙي crisp ڪيفيت ۾ لين آهن:

ماحول جي مستيءَ ۾، مُرڪن سان مليون سُـرڪون،
رُوحن جا اهي ريلا، چانڊاڻ گهرن شايد!
خالي به ڪريو جلدي، انصاف جي مسند کي،
مظلوم اچي پهتا، حقدار هجن شايد!“

 

مهراڻ 3، 4-1960ع ۾ شاعريءَ جو ڀاڱو حسب معمول بيتن کان شروع ڪيل آهي. جنهن ۾ رکيل شاهه، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مير محمد ميرل جويو، محسن عباسي ۽ قمر شهباز جا بيت ڏنل آهن.

دوها: شيخ اياز ۽ ذوالفقار راشديءَ جا آهن. ڪافيون: رکيل شاهه، سيد حبيب شاهه، محمود شاهه راشدي، محمد خان ”غني“، حافظ محمد احسن، غلام حسين ”فنائيءَ“، ’معمور‘ يوسفاڻي، احمد خان ’اختر‘، خواجه بخش علي ’نادم‘، علي بخش رضا، ذوالفقار راشدي، وايون: شيخ اياز، گيت: شيخ اياز، تنوير عباسي، ارجن چاولا ’سائل‘، عبدالغفور ’عابد‘، ڪمل ڪيولراماڻي’پياسي‘، سروپچندر ’شاد‘، نظم: ’نياز‘ همايوني، گوورڌن محبوباڻي، سترام ڪلياڻي’همدرد‘، عبدالڪريم ’گدائي‘، ’تنوير‘ عباسي، سڳن آهوجا، شعبان ’بخت‘، ذوالفقار راشدي، هريڪانت، تاج ’صحرائي‘، شمشيرالحيدري، آزاد نظم: نعيم دريشاڻي، نذير همايوني، شمشيرالحيدري، قصيدو: سليم ڳاڙهوي، غزل: مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘، مولوي احمد ’ملاح‘، حيدربخش جتوئي، شيخ اياز، تنوير عباسي، حامي خيرپوري، عبدالحليم’جوش‘، علي بخش رضا، تاج صحرائي، سليم ڳاڙهوي، سيد عمر شاهه ’ستار‘، عبدالله خواب، ا.ح.جئسنگهاڻي، شبير’هاتف‘، علي محمد ’مجروح‘، نعيم دريشاڻي، امداد حسيني، موتي پرڪاش، رشيد ارشد، الطاف عباسي، حافظ شاهه حسيني، اسدالله شاهه بيخود، سڳن آهوجا، عبدالعزيز ’بيدل‘، نذير همايوني، محمدعلي’جوهر‘، تاج بلوچ، نيون طرزون: سروپچندر ‘شاد’، موتي پرڪاش، سترام ڪلياڻي ’همدرد‘، قطعا: تاج بلوچ، ذوالفقار راشدي، رباعيون: حيدربخش جتوئي، ڪرشن راهي، ادب لطيف: جهامنداس ڀاٽيا.

مهراڻ 3، 4- 1960ع ۾ ڏنل هيڏي ساري شاعريءَ مان چند چونڊ سٽون کڻڻ هڪ ڏاڍو مشڪل ڪم آهي. پر، مان ان مشڪل مان پار پوڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي. بيتن مان قمر شهباز جو بيت آهي:

”چمڪي آ چانڊاڻ، مُشڪي آهي ماٿري،
پرڏيهي منهنجو پرين، اجهو آيو ڄاڻ،
منهنجو من- مهراڻ، ڇولين جانُ ڇلڪي اٿيو.“
                                                   (ص: 10)

دوهن مان شيخ اياز جو هڪ دوهو:

”مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦٽندا سرخ گلاب،
کڙندا ٽڙندا جن ۾ پنهنجا بسنت رُت جا خواب.“
                                                    (ص: 11)

ذوالفقار راشديءَ جو هڪ دوهو:

ڏس ته چنيسر اڄ به چڙهيل آ ڦٽڪارن جي ڦاهي،
دودو ڌارين سان اڄ سوڌو سينو بيٺو ساهي.“
                                                       (ص: 12)

تنوير عباسيءَ جي هڪ سرل ۽ سهڻي گيت جون سٽون:

وري وري دل وري پئي!

اوهان نهاريو

اوهان پڪاريو

ته ميڻ وانگر ڳري پئي!

وري وري دل وري پئي!

لڪي لڪي ڀي لڪي نه الفت

گهڻو لڪايم

گهڻو دٻــايم

جا چڻنگ ٻاري هئي محبت

ڀڀڙ ڪري سا ٻري پئي!

               وري وري دل وري پئي! (ص: 21)

گوورڌن محبوباڻي پنهنجي نظم ”نئون نغمو“ ۾ هڪ نئون اتهاس لکي ٿو:

”مان جيئان پيو، ڇو ته جيون ۾ اٿم وشواس،
مان اٽل وشواس سان لکندس نئون اتهاس،
مُرڪندِي مايوس ڌرتي، مرڪندو آڪاس،
ڇو ته هيءُ اتهاس آڻيندو نئين پرڀات!
آهه بس، پوين پساهن تي انڌيري رات!“
                                                      (ص: 27)

عبدالڪريم ’گدائيءَ‘ جي نظم ”آءُ ته گڏجي گهاريون“ سنڌي سماج ۾ گڏجي گهارڻ جا انيڪ منظر پنهنجي تُز سٽن ۾ سهڻائيءَ سان چِٽي ٿو. طويل بحر ۾ لکيل هن نظم جي ٻولي، قافيا، مختلف ڪردارن توڙي منظرن جي چِٽسالي ۽ نظم جي رواني ان جي سونهن سوائي ڪري ٿي:

”ساوڻ آيو، سَر ٿيا ساوا، گل ڦل ٿيا گلزاريون،
جهنگل جهنگل، منگل برپا، ٿر بر باغ بهاريون!
ڪونجن وانگر ڪري قطارون، تڙ ڏي پاڻيءَ خاطر،
گهڙا ڌري سِر، گهر کان نڪرن، پرت منجهان پنهواريون،
سُگهڙ سياڻا پاڻ ۾ ويهي ڪانڀ ڪڍي راتين جو،
بيت ڏين ٿا، ڳالهيون ڪن ٿا، اوڀاريون لهواريون!“
                                                          (ص: 31)

اڄ پنجيتاليهن سالن کان پوءِ سنڌ جو ڪلچر ڪيڏو نه بدلجي چڪو آهي، جو ”گدائيءَ” جي نظم ۾ چٽيل اهي منظر اسان مان ڪيترن لاءِ اوپرا ۽ اجنبي هوندا. 60- 50 جي ڏهاڪي ۾ ڪجهه ڪجهه بچيل اهو سنڌي سماج، سڀاڻي اسان کي رڳو انهن نظمن ۾ ئي ملندو. انڪري ئي سچي شاعري ڪنهن به ديس جي مستند تاريخ آهي.

1960ع جي ان آخري پرچي ۾ شمشيرالحيدريءَ جو هڪ ڪلاسڪ نظم ”ڪاڪ محل“ ڇپيل آهي. جديد دَور جي هن اهم نظم جا اهڃاڻ سمورا ڪلاسيڪل شاعريءَ مان کنيل آهن. اڄ جي جادونگريءَ جي سڄي ٽڪساٽ کي ٽوڙڻ لاءِ هڪ نئين مينڌري جو جنم، ان نظم جي اعليٰ مقصد کي اُڀاري ٿو، اعليٰ تخليقيت سان پُر ان نظم جو آخري بند آهي:

”مال موهي نه سگهيو، ڪاڪ کان جهلجي نه سگهيا،
ڇال ڇورين جا لنگهي، ڪاپڙي وڌندا ئي رهيا،
مون کي اڄ شاهه ڀٽائيءَ جي وري ياد آئي،
پنهنجي مومل سان ملڻ جي آ وري اڄ وائي.“
                                                    (ص: 39)

آزاد نظمن جي ڀاڱي ۾ نعيم دريشاڻيءَ جو ”ٻه ستارا“ ۽ شمشيرالحيدريءَ جو نظم ”لطيفي لات“ شاهه لطيف کي ”جنهن جي دل ۾  روشنيءَ جو راڄ“ آهي، جديد انداز ۾ tribute آهي. سليم ڳاڙهوي سنڌڙيءَ جو وڏو عاشق آهي، سو سنڌڙيءَ جي شان ۾ هڪ نئون قصيدو کڻي حاضر آهي:

”تون مِٺي، ماڻهو مِٺا، هيرون مٺيون، ميوا مٺا،
ناهه ڪا تو ۾ ڪڙائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
سرڳ تنهنجي ۾ جيان ۽ سرڳ تنهنجي ۾ مران،
شل نه ٿئي توکان جدائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!“
                                                 (ص: 44- 43)

تنوير عباسيءَ جي غزل جا ٻه شعر:

”جيءُ جهوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي!
چنگ چوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي!
ڳالهه دل ۾ رکيم ته ڪجهه به نه ٿيو،
توسان اوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي!“
                                          (ص: 47)

امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جو اُهاءُ اتان کان ٿئي ٿو- هن جي ٽپيڪيل ”غزل رنگ“ مان، هي ٻه شعر امداد جو اصل رنگ پسائين ٿا:

”هو نه آيو، سوين خيال آيا
دل سڄي رات بيقرار رهي
ساڳيو درد، ساڳيو آزار
ڇا پرايوسين هوشيار رهي!“
           (مهراڻ، 3، 4/1960ع، ص 54)

موتي پرڪاش جي خوبصورت غزل جا ٻه شعر:

نگاهون، ادائون، اشارا نه هوندا،
حياتيءَ جا سهڻا سهارا نه هوندا.
اهو وڻ، اُها رات ۽ سي سيارا،
جي هوندا ته پاسي ۾ پيارا نه هوندا!
                                       (ص: 54)

نيون طرزون جي عنوان تحت هن پرچي ۾ 4 ترائيل پڻ ڇپيل آهن.

”مهراڻ“ جهڙي ضخيم رسالي، جنهن جي هر پرچي ۾ ڊبل ڪرائون سائيز جا گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه صفحا شاعريءَ جي بِلي هجن. ان جا هر سال جا چار پرچا، ته رڳو پنجن سالن ۾ ويهه volumnous پرچا ٿي ٿا وڃن. ۽ مون هن مهل تائين رڳو پنجن سالن جي پرچن جي شاعريءَ جو جائزو ورتو آهي- يعني اڃا به باقي بچيل 45 سالن جي پرچن جي شاعريءَ جو جائزو باقي آهي. سو، جي مان چاهيان به، ته اهو سڀ هڪڙي پرچي ۾ نٿو اچي سگهي. انڪري اهو سڀ وستار سان ڪنهن ٻئي ڀيري. في الحال ڪجهه چونڊ پرچن جو جائزو.

مهراڻ 1-2/1965ع ۾ ”نظم جي حصي ۾ سنڌي شاعرن جي نمائنده ۽ معياري ڪلام کي ججهي انداز ۾، ۽ هڪ ئي هنڌ ڏنو ويو آهي.“ (گذارش، ص: 3) هن پرچي ۾ اندازا= 130 صفحا شاعريءَ جا ڏنل آهن. ابتدا بيت سان ٿئي ٿي. مخدوم طالب الموليٰ جا ٽيهارو کن بيت ڏنل آهن. انهن بيتن جو نؤ-ڪلاسيڪت (Neo-classic) جو رنگ ئي انهن جو حُسن آهي. انهن بابت الڳ سان لکڻ کپي. انهن مان تبرڪ طور هڪ بيت:

اکيون به آهن اکيون، پر پيرن سان نه پڄن،
هو  رئن ٿيون رت ڦڙا، هي ڦٽجيو ٿا ڦٽجن،
هو بيوس آهن برهه ۾، هي هيجئون اٿيو هلن،
هو نهارين نجيب کي، هي تِرُ نٿا ترسن،
هو اُٻاڻڪيون عجيب لئه، هي رَندن منجهه رُلن،
احسان ڪيا اکين تي، پِرت منجهان پيرن،
”طالب مولا“ طلب ۾، چُميو چُميو چُمجن،
جهلئي نٿا جهلجن، هلندي پنهنجي حبيب ڏي.
                                                    (ص: 21)

غزل ۾ شيخ اياز جا 12 غزل ڏنل آهن. جن مان ٻه غزل خاص ڪري گهڻا مشهور ٿيا. اياز جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جو ترنم هر شيءِ تي حاوي ٿيو وڃي. اياز جو پڙهندڙ به هن جي ان ترنم ۽ نغمگيءَ تي موهت آهي- اياز کي قافين ۽ هم آواز لفظن جي واهپي تي ڪافي دسترس آهي:

ڪنهن ڪاريءَ چڳ تي رات لُٽي، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي،
اينءَ وقت ڪٽيو، اينءَ عمر لُٽي، سڀ سانگ سجايو آ پيارا!
                                                           (ص: 25)

شيخ اياز اندروني قافين کي پنهنجي غزل ۾ خوبصورتيءَ سان استعمال ڪيو آهي. سنڌي ڪافي گو شاعرن وٽ قافيي جي استعمال جو هي ڍنگ عام آهي.  اياز جي انهن غزلن جا ڪجهه شعر:

سدائين پئي ڪو چهِّ شيشه گر ۾
ڪرين سنگ بازي، اڙي دل! اڙي دل!
                                          (ص: 26)
اسان ڏي به آڻيو ميان هيءَ مينا
گهڙيءَ لاءِ گهنگهور آهن گهٽائون.
                                      (ص: 27)

هي ناز جون نهارون تو اڳ به آزمايون،
شايد جٽاءُ ڪن اڄ، اي عشق کاءُ دوکو.
                                       (ص: 28)

شهر سارو ڇو وسائي ٿو سِروٽا؟
ڏس ته ڪوئي عشق جو ڪافر ته ناهي!
                                       (ص: 28)

دانهون ٿو درياهه ڪري، ٻُڌ ٻُڌ ڪُن ڪُـن جا ڪڙڪا،
ٻيڙيءَ ٻيڙيءَ ۾، او ٻوڙا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
شايد تون ئي پاڳل آهين، پوري پاڳلخاني ۾
پاڳل گڏجي توتي کِلندا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
                                                       (ص: 30-29)

روح اسان جو رم جهم رم جهم، اکڙيون آڳ اُلا،
رڳ رڳ مان ويراڳ وسائيندي آ تند تپي.
                                                      (ص: 31)

آهه ڪٿي هو چت جو چور،
جنهن جا پڳ پڳ سهسين سڳ.
                                      (ص: 32)

مهراڻ جي هن پرچي ۾ تنوير عباسيءَ جا غزل، گيت ۽ نظم ڏنل آهن. جن مان پهرئين غزل جو آخري شعر:

اڄ هيڻا پاڻ وهيڻا ٿي، هن ڪارونڀار کان اُڪرن ٿا،
هن وقت ڇتين ڇولين وانگر پئي جن جو من ڇاڇوليو آ.
                                                           (ص: 33)

سُک جي هڪڙي ساعت آڻي صدين جو سوداءُ،
هرڪو گهائل، ڪيئن ڪري هِت ڪنهن تي ڪو ڪهڪاءُ.
                                                         (ص: 33)

هـائو، آءٌ نٿو ڄاڻان

آهيان ڪير الائي مـان!

مان ڪوئي تنبور نه هان

جيئن وڄائين تيئن وڄان

مون کي پنهنجي موسيقي

مون کي پنهنجا راڳ نوان!“ (ص: 34)

لوڪ گيت- رڱ ۾ رڱيل تنوير جو سهڻو سريلو گيت:

”ماڻهو ماڻهن جهڙو، جنهن جا گُلڙن جهڙا پار-

ڀلو ميان، گلڙن جهڙا پار-

جنهن جو آڏو ڦِڪا ٿين ٿا، سورنهن ئي سينگار-

ڀلو ميان، سورنهن ئي سينگار!

(ص: 34)

تنوير عباسيءَ جو مختصر نظم ”مان“:

گگهه اونداهيءَ رات جو سينو

وڄ جـو چمڪو ٿــي چيريندس

(ممڪن آ تـه ڪري به پوان مان

پر هڪ ڀيـرو اک ڇنڀينـدس! (ص: 36)

هڪ ٻيو مختصر نظم ”ماڻهو ۽ تارا“:

ماڻهو مون کان ڪيڏو دور
۽ هي تارا ڪيڏا اوري-
ڄڻ ڪنهن منهنجو روشن روح،
اڇليو آهه ڀڃي ۽ ڀوري:
تارا منهنـجـي روح جـا ڀورا،
ماڻهو روشن روح جا قاتل!“
                                     (ص: 37)

امداد حسينيءَ جو نظم ”حملو“ جديد سنڌي شاعريءَ جو هڪ ”ڪلاسڪ نظم“ آهي. اهو نظم امداد چوويهن سالن جي عمر ۾ تخليق ڪيو هو. جديد سنڌي شاعرن مان گهڻي ۾ گهڻا بي قافيا نظم (Blankverse) امداد حسينيءَ لکيا آهن ۽ اهي سڀئي اتهاسڪ آهن- انهن مان ئي هي به هڪ آهي:

”درو ديوار جي خاموشيءَ کي ٽوڙڻ خاطر
صرف ٽاور جي ٺڪائن ٿي مٿو ٽڪرايو
بيوهه چؤواٽي تي بيٺا رهيا انڌا سگنل
پنهنجو ئي ماس پٽيندا رهيا پاڳل ڪُتا!
                                                     (ص: 39)

۽ الائي ڪٿي پيرن جا سمهي پيا آواز
۽ الائي ڪٿي چوڙين جا مري ويا نغما
۽ الائي ڪٿي سينن ۾ اُجهامي وئي دل
۽ الائي ڪٿي اکڙين جا سُڪي ويا جهرڻا
۽ الائي ڪٿي برباد هئا سونهن ۽ سچ، سوز ۽ ساز:
هار سينگار چتائن ۾ جلي رک ٿي ويا
۽ الائي ڪٿي جهلجي ويا هن شهر جا مرد
۽ الائي ڪٿي رقاصه جا مدهوش قدم
تڙپندا، رقص ڪندا، جاڳندا، سمهندا، کلندا،
قيدخانن ۾ اُجهامي ويا سڏڪي سڏڪي
۽ الائي ڪٿي رنگن جو سمهي پيو جاڳڻ
۽ الائي ڪٿي خوشبو جو هنيون ڦاٽي پيو
شاهي رستن تي سڙيل تيز گٽر جي بدبو.
                                                    (ص: 40)

ڪو ته هن شهر جو همدرد ۽ همدم هوندو،
ڪو ته هن شهر جو همراز ۽ ساٿي هوندو،
ڪو ته هي شهر جو معشوق ۽ جاني هوندو،
ڪا ته هن شهر جي دلبر جي جواني هوندي،
ڪا ته هن شهر جي عاشق جي نشاني هوندي،
ڪو ته هن شهر جي ٻالڪ جو تبسم هوندو،
ڪو ته هن شهر جي لوليءَ جو ترنم هوندو!
..... سرد ۽ تيز هوائن ٿي ڪڙا کڙڪايا،
ته ڪو انسان به ٿئي شهر جي ماتم ۾ شريڪ،
ته ڪي چيخون به هجن جشن جهنم ۾ شريڪ!
                                 
      (ص: 41)

رڳو ان هڪڙي نظم جي سِٽ سِٽ جي سونهن، ان جي معنويت، ٻوليءَ جي حسن ان جي استعاراتي پس منظر، ۽ نظم ۾  ڪتب آندل اهڃاڻن جي اونهاڻ ان کي جديديت جو اهڃاڻ بڻائي ڇڏيو آهي. ان ئي پرچي ۾ امداد جا نظم گهر جي ياد، ماريا، نئون شهر، تاريخ، آزاد نظم: ستارا ۽ منهنجو دشمن پڻ جديد سنڌي شاعريءَ جا بيحد اهم نظم آهن، جن تي الڳ الڳ لکڻ جي ضرورت آهي. ان سان گڏ امداد جا ست اهم غزل ان پرچي ۾ ڏنل آهن: جن مان:

روئي روئي ڳل ڳرهاٽي پائجي
اڄ وري هن کي هلي پرچائجي
دل ۾ آهن ڪيتريون ئي ڳالهيون
تون   نه  ڳالهائين  ته  ڇا  ڳالهائجي.“ (ص: 46)

        *

عيد جو چنڊ ته ناهيان،
جو نهارين مون کي!
مان ويل وقت ته ناهيان،
جو پڪارين مون کي. (ص: 47)

        *

دل جي ڀوري نيٺ ڀڄي پئي،

روئي پياسين ٻارن وانگي. (ص: 49)

        *

مان مُئن کي به جياريندو رهيس،

پر مسيحائيءَ جي دعويٰ نه ڪيم.

                               (ص: 49)

ترائيل ”غبار”:

”مون کي ڪنهن دوست يا همدم جي ضرورت ڪانهي،
آءٌ تنهائي ۾ ڪجهه دير رُئڻ ٿو چاهيان.“

 

انهن سڀني اهم تخليقن تي لکڻ جي ضرورت آهي- پر لکندو ڪير؟ شايد اهوئي ڪارڻ هو، جو شيخ اياز خود پنهنجي باري ۾ گهڻي ۾ گهڻو لکيو آهي!

نارائڻ شيام، هري دلگير، گوورڌن محبوباڻي، مولوي احمد ملاح، عبدالڪريم گدائي، محسن ڪڪڙائي، تاج بلوچ، فتاح ملڪ، شمشيرالحيدري، ۽ ٻين گهڻن ئي شاعرن جو اهم ۽ عمدو ڪلام مهراڻ  جي ان پرچي ۾ ڇپيل آهي.

1-2/1970ع مهراڻ جي گڏيل پرچي ۾ چاليهارو کن شاعرن جو اهم ڪلام ڇپيل آهي. جنهن ۾ بيت کان وٺي نين طرزن تائين سموريون صنفون موجود آهن. گرامي صاحب ”گذارش“ ۾ ان بابت لکي ٿو ته:

”نظم جي حصي ۾ گهڻو ڪري سنڌ جي سڀني مشهور شاعرن جو اهم شاهڪار ڪلام پيش ڪيو ويو آهي، جو نه فقط معياري ۽ فڪرانگيز آهي، پر ان سان گڏ قومي شعور جو ترجمان به آهي.“ (ص: 5)

ان پرچي ۾ ”سنڌ جاڳي پئي!“ جي عنوان سان سنڌ جي ٻن سڄاڻ شاعرن نياز همايوني ۽ تنوير عباسيءَ جا نظم ڇپيل آهن، ته امداد حسينيءَ جو نظم:

”سنڌ جي سڏَ تي، سـڏُ جيڪو نه ڏي،

ڪوڙهِيو     ٿي      مري!“ (ص: 17)

قمر شهباز جو نغمگيءَ سان پر نظم ”اڄ“ پڻ اهم آهي.

نثار بزميءَ جو نظم ”سنڌي سڏايون ٿا اسين“:

شاهه جون وايون ٻڌي راحت پرايون ٿا اسين،

سرزمينِ سنڌ تـي سنڌي سڏايون ٿـا اسين!“ (ص: 27)

شيخ اياز جو خوبصورت غزل:

ٺٽي جي هوا ۾ گلابي بدن،

ڍڪي ڪيئن اجرڪ سڄو واس ون! (ص: 33)

فتاح ملڪ جو غزل:

”رات   انڌاري  تارا  ٽم  ٽم

ٻوسٽ ٻوسٽ ساهه منجهي ٿو!“ (ص: 35)

غازي ٽکڙائيءَ جو سريلو ۽ سرل غزل (ص: 41)

” سرويچ سجاوليءَ جي مثنوي ”سارنگ“(ص: 48) جي عنوان سان ڇپيل آهي. نج سنڌي ٻوليءَ سان سينگاريل، سنڌ جي گلن ڦلن ۽ گلزارن، سنڌ جي لويارين ۽ ٻانهيارين جي ذڪر سان سينگاريل هيءَ مثنوي پنهنجو مَٽ پاڻ آهي.

3-1970ع مهراڻ ۾ لطف الله بدوي، ڪريم پلي، رحيم بخش قمر، احمد خان آصف، آغا عبدالنبي عليگ، الياس عشقيءَ جهڙن سينئر شاعرن جو ڪلام ڪيترن ئي نوجوان شاعرن سان گڏ ڇپيل آهي. هن پرچي ۾ عبدالڪريم گدائيءَ جو هڪ بيحد خوبصورت ۽ يڪتا نظم ”لاٽ ٻرندي رهي“ پڻ ڇپيل آهي:

نوجوان   ساٿيو،   سنڌ   جا   وارثو!

ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي!“ (ص: 32)

تنوير عباسيءَ جو نظم ”اڃا به جاڳندا رهو“ (ص: 23) محسن ڪڪڙائيءَ جو نظم ”سنڌ جاڳي پئي“ (ص: 25) پڻ ڇپيل آهي. 1-1971ع ۾ حسب معمول چاليهارو کن شاعرن جو معياري ۽ فڪرانگيز ڪلام ڇپيل آهي. ان پرچي ۾ خاص طور تي عبدالڪريم گدائيءَ جو نظم ”خطاب“ (ص: 23) پنهنجي دور جو هڪ بيحد اهم نظم آهي:

اي سنڌ جا جوانو، جيجل جا پاسبانو

دودي جا وارثو ۽، هوشوءَ جا ترجمانو

هٿ ظلم جو مروڙيو.

2-1971ع ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ڊاڪٽر شيخ ابراهيم خليل، سردار علي شاهه ذاڪر، اياز قادري، احمد خان اختر، علي محمد خالدي، عبدالڪريم گدائي ۽ ٻين ڪيترن ئي سينئرن توڙي جونيئرن، نون توڙي پراڻن، جديد توڙي روايتي شاعرن جو ڪلام ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل آهي.

3-1971 مهراڻ جي ”گذارش“ ۾ لکيل آهي:

”فقط“ مهراڻ ئي آهي، جو تمام گهڻن شاعرن جي ڪلام کي وڏي احترام ۽ اهتمام سان پيش ڪري رهيو آهي. انڪري جديد ۽ قديم، ڪهنه مشق ۽ نو آموز شاعرن جو ڪلام ڪنهن به امتياز ۽ ترجيح کان سواءِ شايع ڪيو وڃي ٿو.“ (ص: 16)

اها هڪ حقيقت آهي ان پرچي ۾ نياز همايونيءَ ۽ الطاف (ص: 4-3) جا دوها، شيخ عبدالحليم جوش جو نظم منهنجو ديس (ص: 24) عبدالڪريم گدائيءَ جو غزل (ص: 36) الياس عشقيءَ جو غزل (ص: 37) اهم آهن. 4-1971 ۾ شاعريءَ جا صفحا گهٽائي 30 ڪيا ويا، جنهن مان به ڏهه صفحا شاهه عبداللطيف کان ويندي صوفي صادق فقير جهڙن اهم ۽ ڪلاسيڪل شاعرن جي چونڊ هئي.

1-1972 ۾ اياز قادريءَ جو نظم خواهش (ص: 25)، فتاح ملڪ جو نظم ”جڏهن مان نه هوندس“ (ص: 27)، عبدالله خواب جو غزل (ص: 40) ۽ منير سولنگيءَ جا غزل خوبصورت آهن. 2-1972 الياس عشقي ۽ خاڪي جويي جا بيت ڇپيل آهن. بهاول خان لغاري ۽ عبدالمبين پنائيءَ جون ڪافيون سريليون آهن. عبدالڪريم گدائيءَ جو نظم ”هي شهر آ ڪهڙو شهر“، سرويچ سجاوليءَ جو نظم ”هي دلبر دلبر ديس وسي“. 3-1972 ۾ ذري گهٽ 80 صفحا شاعريءَ کي ڏنل آهن. جنهن ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو چونڊ ڪلام 20 صفحن تي مشتمل آهي. ان کان پوءِ ڏنل ڪلام مان الياس عشقيءَ جا بيت خاص ڪري 21 سٽن جو طويل بيت، جديد دَور جي بيتن ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. سروپچندر شاد جا دوها، امداد حسينيءَ ۽ محمد عثمان ”پروانه“ جون ڪافيون سريليون آهن. امداد حسينيءَ جي (روبينه جي آواز ۾ ڳايل) وائي ۽ 2 گيت (جيڪي پڻ ان دَور ۾ ريڊيو تي ڳايا ويا) پنهنجي ٻوليءَ، موضوع ۽ نغمگيءَ جي لحاظ کان بيحد وڻندڙ ۽ سريلا آهن.

ابراهيم منشيءَ جو نظم ”سنڌ سونهاري“ ۽ شبير هاتف جو نظم ”لاهور“، تاجل بيوس جو نظم ”وڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها“، حميد شهيد جو نظم ”شهر“ پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ اهم نظم آهن. آزاد نظم ۾ جتي امداد حسيني، نعيم دريشاڻيءَ ۽ قمر شهباز جا آزاد نظم ڇپيل آهن، اتي روايتي رنگ جي هڪ اهم شاعر ڊاڪٽر اسدالله شاهه ”بيخود“ حسينيءَ جو آزاد نظم لکڻ هڪ سٺو سؤڻ آهي. امداد حسينيءَ جو آزاد نظم ”منهنجي ڪاپيءَ ۾ ڪوئي گل رکي ويو آهي“ پنهنجي موضوع خيال ۽ پيشڪش جي لحاظ کان اهم آزاد نظم آهي. پڇاڙيءَ ۾ شيخ اياز جو لکيل سر سسئي (16 صفحن تي پکڙيل) ڏنو ويو آهي. ان ريت هيڏي چونڊ شاعري پڙهي، شاعريءَ جي شوقينن کي ڪا تشنگي ڪانه رهندي. 4-1972 جي ابتدا اياز جي سر سهڻيءَ سان ٿئي ٿي (جيڪو 12 صفحن تي مشتمل آهي). ان ريت اياز کان پوءِ امداد حسينيءَ جا گيت، نظم، وائي، آزاد نظم ۽ کوڙ سارا ٽيڙو ڇپيا ويا آهن، جيڪي سڀئي بيحد اهم آهن. ان کان پوءِ صنف وار شاعري گهڻن ئي شاعرن جي ڇپي وئي آهي.

1-2/1973 جي مهراڻ ۾ حافظ محمد احسن چنا جو نظم ”منهنجو ديس“ علي محمد خالديءَ جو نظم ”مڪلي“ اهم آهن. وفا پليءَ جو غزل، سليم سرهندي جي غزل جا ڪجهه چونڊ شعر سٺا آهن. شيخ اياز جو سر ”موکي متارا“ تي اصلوڪي شاعري پوري ٿئي ٿي. ان ريت شاعريءَ کي منو سو کن صفحا ڏنا ويا. 3-1973 ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي ڪلام کان پوءِ سروپچندر شاد جي چونڊ شاعري ڏني وئي آهي. جنهن ۾ 6 وايون، 2 گيت، لولي، ٻه نظم ۽ هڪ غزل ڏنو ويو آهي. سروپچندر شاد بلاشبه اياز، امداد ۽ تنوير وارن جي دور جو هڪ خوبصورت شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ جو پنهنجو رنگ ۽ آهنگ آهي. ولي دائودپوٽي ۽ نقاش جا دوها، ڪافيون: عارف الموليٰ ۽ بهاول خان لغاري، رحيم بخش قمر جي وائي هن پرچي جي سونهن آهن. ساڳئي پرچي ۾ عبدالڪريم گدائيءَ جو يڪتا نظم ”سؤ سج اڀاري وينداسين“ ۽ سليم ڳاڙهوي جو طويل نظم ”اي وطن“ پڻ اهم آهي. 4-1973 ۾ عنايت بلوچ جي چونڊ شاعري، ڪافي، گيت، غزل نظم ڇپيل آهن. بيتن ۾: خاڪي جويو، ادل سومرو، تاج جويو ۽ سوز هالائيءَ جا بيت ڇپيل آهن. نديم انصاري ۽ بهاول خان لغاريءَ جون ڪافيون. شيخ اياز، تنوير عباسيءَ، ڀون سنڌي، شاد، تنوير، گدائي، فتاح ملڪ، منشيءَ جا گيت ۽ نظم. غلام حسين رنگريز ۽ احمد خان آصف مصراڻيءَ جا غزل ان پرچي جو اهم ڪلام آهي.

مهراڻ 1-1974 جي ”گذارش“ ۾ ”سوين نون شاعرن جي پيدا ٿيڻ، ۽ مهراڻ وسيلي انهن جي اصلاح ۽ تربيت جي ڳالهه“ پڻ گرامي صاحب ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ته:

”اها هڪ حقيقت آهي ته مهراڻ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ ممتاز ۽ منفرد حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي.” (ص: 5) مهراڻ جي هن پرچي ۾ امداد حسينيءَ جي چونڊ شاعري (12 صفحا) ڏني وئي آهي: پهريون نظم، آخري نظم، اڌيڪار، ٻه واٽي تي، ڪجهه شعر، روح رهاڻ جي ٽائيٽل تان، 6 غزل، سريلا گيت، اهم نظم، آزاد نظم ۽ ترائيل ڇپيل آهن. ان مڪمل چونڊ تي الڳ سان لکڻ جي ضرورت آهي. سروپچندر شاد ۽ منير سولنگيءَ جون وايون، نياز همايونيءَ ۽ ولي دائودپوٽي جا دوها ۽ نظمن ۾ سروپچندر شاد جو نظم ”جيون ڇا؟“ سليم سرهندي جو ”شعور جو عذاب“ اهم آهن.

1-2/1977 مهراڻ ۾ 70 صفحا کن شاعري ڇپيل آهي، جنهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ جا چونڊ غزل، شيخ اياز جون چونڊ وايون ۽ گهڻن ئي نون پراڻن شاعرن جي شاعري ڇپيل آهي. جديد شاعريءَ جي ڇپائيءَ جي ڏس ۾ ان پرچي ۾ ڪيترائي نظم محض پڙهڻ ئي نه، پر ڏسڻ جي ڏس ۾ پڻ اهميت رکن ٿا. جهڙوڪ: نعيم دريشاڻيءَ جا نظم(1). 1977 توڙي 1978 ۽ 1979 جو اهو دور، جنهن ۾ امداد حسيني ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر هو، هن نه رڳو نون شاعرن جي شاعري ٿوري گهڻي تصحيح ڪري ڇاپي، ان سان گڏوگڏ سنڌيءَ جي اهم ۽ وڏن شاعرن کي هن پڻ ڇپيو، ان دور ۾ جڏهن ڪمپازيٽر هٿ سان گيليز ۾ لفظ سٽون ۽ بند ڪمپوز ڪندا هئا ۽ نوان تجربا ڪرڻ اؤکو ڪم هو. تڏهن امداد شاعريءَ جي ڇپائي، ان جي ظاهري ڏيک ويک ۽ لي آئوٽ ۾ جيڪي تجربا ڪيا ۽ شاعريءَ کي ڏسڻ (out look)  ۾ به سهڻو ڪري ڇپيو. هن spaces جو آرٽسٽڪ استعمال ڪيو. اهو ڏسڻ جو حسن پڻ انهن پرچن جي حسن ۾ اضافو ڪري ٿو. انهن ٻن سالن جي عرصي ۾ ڪيترن نون شاعرن ۽ شاعرائن کي انٽروڊيوس ڪرائڻ جو سهرو هن جي سر سونهي ٿو. ان دَور جي شاعريءَ ۾ ڪيل تجربا پڻ گهڻي اهميت رکن ٿا.

مهراڻ 2004 جي بهار ”مهراڻ“ لاءِ هڪ نئين بهار ثابت ٿي ۽ هير گهلڻ جو احساس ”سوچ- لوچ“ کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ سان ئي ٿئي ٿو. سوچ لوچ ۾ ”مهراڻ- پهرين ڇولي“ جي سري هيٺ لکيل سٽون آهن:

”مهراڻ” نه ته ڪنهن جو ذاتي رسالو آهي، نه ئي ڪنهن ڌُر ٽولي يا گروهه جو رسالو آهي. مهراڻ سڀني سنڌين جو رسالو آهي. سنڌ، پاڪستان- هند- سڀني جو رسالو آهي مهراڻ!

ان ”سوچ لوچ“ ۾ سوچڻ ۽ لوچڻ لاءِ انيڪ ڳالهيون آهن مثال طور:

”هڪ اديب ۽ هڪ شاعر کي لکڻ واريءَ سٽ ۽ سِٽڻ واري سِٽ جي فرق جي خبر هوندي آهي. پر اهو انتهائي اعليٰ ڪم، يعني لکڻ/ رچڻ/سرجڻ جو ڪم ايڏو سولو به ڪونهي. ان لاءِ سوريءَ تان سورانگهڻو پوندو آهي!“

۽ اتيئي، ان ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي هڪڙو ڪؤڙو سچ- هنن لفظن ۾ بيان ڪيل آهي ته:

”ايڊيٽر صاحبان جو حال ته ان کان به چٽ آهي ۽ اُهي ائين ڇپي رهيا آهن، جيئن لکندڙ لکي  رهيا آهن ۽ پڙهندڙ به اهو لکيو/ڇپيو، ائين جو ائين ئي پڙهي رهيا آهن! سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڇا اهوئي ”لکيو“ سنڌي قوم لاءِ لکيو منجهه نراڙ آهي!“

گذريل ٻن سالن کان ”مهراڻ“ معياري مواد لاءِ جاکوڙ جو فرض نڀايو آهي. ان بابت مان سيارو 2004 جي مهراڻ مان خود پنهنجي ئي هڪ لکيل خط کي Quote ڪرڻ چاهينديس:

”توڙي جو ”سنڌوءَ“ ۾ واري ٿي اڏامي، پر مهراڻ ڇولان ڇول آهي ۽ ان جون لهرون پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ لوڙهين ٿيون- اونهي عميق ڏانهن.“ (ص: 195)

ان ئي خط مطابق: نئين دَور جي مهراڻ جي سڀ کان اهم خوبي ”مهراڻ“ جو discuss ٿيڻ آهي، جيڪا منهنجي نظر ۾ گهڻي اهم آهي:

”اها مهراڻ جي سڀ کان positive شيءِ آهي- ان سنڌي ماڻهن کي هڪڙو ڀيرو وري سوچڻ، ڳالهائڻ، لکڻ ۽ بحث ڪرڻ تي آماده ڪيو آهي. مثبت ڊسڪشن ۽ ڊبيٽ هڪ نئين اتساهه ۽ اُمنگ جو اهڃاڻ آهي.“

مهراڻ ته ان کان اڳ به پئي نڪتو، پر اهو ائين Un-Noticed رهجي ويندو هو- نه دل تي لهر، نه نراڙ تي گهنج ئي اُڀاري سگهيو. اهو ”نه هئڻ جهڙو هئڻ“- بلڪل اسان سنڌين وانگر! مهراڻ هڪ نئين تبديلي آندي آهي، اها تبديلي ترقيءَ ڏانهن پهرين وک آهي.“ (ساڳيو)

”مهراڻ“ سنڌي شاعريءَ کي اعليٰ روايتن سان روشناس ڪيو. محمد ابراهيم جويو، غلام محمد گرامي ۽ امداد حسيني جهڙن اهم ايڊيٽرن، مئنيجنگ توڙي چيف ايڊيٽرن جي حيثيت ۾ ”مهراڻ“ کي اتهاس ۾ امر ڪيو. اڄ جڏهن سنڌيءَ ۾ ڪابه سنجيده ادبي مخزن آهي ئي ڪانه، تڏهن ”مهراڻ“ اڪيلو ان محاذ تي پير کوڙي بيٺو آهي. 2004ع کان وٺي ”مهراڻ“ هڪ ڀيرو وري ڇولان ڇول آهي. اڄ هڪڙو ڀيرو وري به ”مهراڻ“ پڙهجي پيو، بحث هيٺ اچي پيو ۽ ان جو انتظار پڻ ٿي رهيو آهي.

”مهراڻ“ پنجاهه سالن ۾ اعليٰ ۽ اهم شاعري ڇپي. مهراڻ جي انهن پنجاهه سالن ۾ هونئن ته سوين شاعر ڇپيا، پر انهن شاعرن، جيڪي مهراڻ جي ان اَجهل ڌارا جو حصو هئا ۽ آهن، تن مان رهجي ويل ڪجهه اهم شاعرن جا مان هِتي فقط نالا کڻڻ چاهينديس: سرڪش سنڌي، استاد بخاري، راشد مورائي، وفا ناٿن شاهي، آغا سليم، احمد خان مدهوش، غلام حسين رنگريز، نصير مرزا، رسول ميمڻ، شرجيل، حسن درس، تانيا، اعجاز منگي، بادل، بيدل مسرور، مير عبدالرسول ’مير‘، عطيه دائود، امر سنڌو، اسحاق سميجو، عامر سيال، شبير هاليپوٽو، حبدار سولنگي، انيتا شاهه، ڪرم ٽالپر ۽ علي زاهد. مهراڻ  ۾ ڇپيل شاعري: سنڌي شاعريءَ جي سدا روان ڌارا جو حصو آهي. ان جو صنف وار اڀياس ٿيڻ کپي، جيئن اسين ان حاصلات جو ڏس لهي سگهون.

”مهراڻ“ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اَملهه اثاثو آهي. ان اثاثي کي اسان کي سنڀالڻو آهي، ساهه سان سانڍڻو آهي.

اهو سچ آهي ته گهگهه اونداهي رات جي پيٽ مان ئي روشن صبح طلوع ٿيندو آهي- اسان کي ان صبح جي آجيان لاءِ تيار رهڻ کپي! شاعر جو اهو ايمان آهي ته:

”سنڌ جي سينڌ مان صبح جو سوجهرو
ڇا به ٿي پئي کڻي آهه ڦٽڻو ضرور
آ پٿون پير جو پنڌ کٽڻو ضرور
     رات کٽندي ضرور
ساک سان ٿو چوان باک ڦٽندي ضرور!“

 

سنڌي ٻولي هڪ زنده جاويد ٻولي آهي ۽ خود اسين به ان ڏانهن پنهنجون ذميواريون نڀائي امرتا ماڻي سگهون ٿا:

مرنداسين ته دعائون ان ۾
جيئنداسين ته صدائون ان ۾
جُڳ جڳاندر تائين سائين
سنڌي ٻولي امر رهي!
 


(1) سحر امداد جا نظم ”نينهن ڇجھڻ نه جهڙو.” ”آد، وچ ۽ انت” به ان زمري ۾ اچن ٿا.

- ادارو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com