سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :8

جي.ايم.سيد

بنديخاني جا ڏينهن

 ”سکر سيئي ڏينهن جي مون گهاريا بند ۾!“

محبي محمد ابراهيم ترغيب ڏياري ته مهراڻ لاءِ ڪو مضمون لکان، جنهن ۾ ترنگ جا تازا تجربا بيان ڪيل هجن. مهراڻ ادبي رسالو، ادبي بورڊ نيم سرڪاري جماعت، مضمون گهرندڙ خود سرڪاري سروس جو ماڻهو، لازمي طرح سندس انهيءَ گهُرَ جو اهو مطلب نه هو ته مضمون ۾ ڪا سياسي جهلڪ هجي. ٻئي طرف جي.ايم.سيد جي ساري زندگي سياست جي جهولن کان جهريل، ادب ۽ علم جهڙين نعمتن کان دور- خود سندس جيل ۾ وڃڻ به سياست ڪري ٿيو- اهڙيءَ حالت ۾ مون کان اهڙي طلب ڪرڻ ائين هو جيئن شاهه صاحب فرمائي ٿو:

”مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،

اڀـا ايئن چــون، مڇڻ پاند پسايين!“

نيٺ دل جهلي، بي ادبيءَ جي دنيا کان ادب جي ميدان ۾ پير پاتو اٿم: اميد ته اديب منهنجي اها بي ادبي معاف ڪندا.

12- نومبر (1955ع) ڪراچيءَ ۾، شهر مان ڪم ڪار لاهي، 12 بجي ڌاري بنگلي تي آيس ته هڪ ڳاڙهي موٽر دروازي جي ڀر ۾ بيٺي هئي، جنهن مان هڪ صاحب لهي اچي مون سان مليو ۽ ”سڪيورٽيءَ“ هيٺ گرفتاريءَ جو وارنٽ ڏيکاريائين. ماني کائي، سامان تيار ڪرڻ شروع ڪيم. ان وچ ۾ خيال پچائي رهيو هوس ته گهر ۾ ٻارن کي ڪهڙن لفظن ۾ اها خبر پيش ڪريان، جيئن انهن جي دل کي صدمو نه پهچي. آخر اندر اچي، بنا ڪنهن رک رکاءَ جي کين چيم ته ”سياسي اختلافن جي ڪري حڪومت مون کي جيل ۾ نظربند ڪرڻ جو آرڊر ڪيو آهي، ۽ وٺڻ لاءِ پوليس وارنٽ کڻي آئي آهي، تنهنڪري اوڏاهين وڃان ٿو!“ پوءِ چتائي سندن منهن ۾ ڏٺم: معلوم ٿيو ته ان خبر جيتوڻيڪ مٿن اثر ضرور ڪيو هو، ليڪن صبر کي هٿان نه ڇڏيائون. اُٿي سامان وغيره تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪيائون.

ڪراچي جيل ۾ اندر وڃڻ بعد، پهرين 15-نمبر بئرڪ ۾ هڪ وڪيل صاحب سان گڏ رکيائون، بعد ۾ 14 نمبر بئرڪ ۾ بدلائي، هڪ جدا ڪوٺي ڏنائون. هڪ لوهي کٽ، اِسٽول ۽ ڪتابن رکڻ لاءِ پراڻو رئڪ روم جي سامان طور مليو. گهران ماني گهرائڻ تي بندش هئڻ ڪري، اُتي قيدين جي بنايل مانيءَ تي گذران ڪرڻو پيو.

جيل ۾ حاصل ٿيل معلومات پڙهندڙن جي واقفيت لاءِ ٻن حصن ۾ ورهائي پيش ڪندس. هڪ حصي ۾ ڪتابن جي مطالعي ۽ ان مان پيدا ٿيل سوالن تي غور و فڪر جو بيان هوندو ۽ ٻئي ۾ جيل جي عام زندگيءَ جي جهلڪ پيش ڪندس.

ڪتابن جو مطالعو

اسان جهڙن ماڻهن لاءِ، جن کي ٻاهر رلڻ کان پڙهڻ ياد ڪونه آهي، جيل جي زندگي ڪتابن پڙهڻ ۽ آرام سان غور ۽ فڪر ڪرڻ لاءِ عمدو موقعو ميسر ڪري ڏئي ٿي- بشرطيڪ عملدار شريف ۽ کاڌو طبيعت جي موافق هجي! بدقسمتيءَ سان پويان ٻئي شرط ڪراچي  جيل ۾ عدم موجود هئا. ليڪن ابتدا ۾ طبيعت جي تندرست هئڻ سبب، فرصت کي غنيمت شمار ڪري، گهڻو وقت مطالعي ۾ گذارڻ لڳس. اٽڪل 5 هزار کن صفحا پڙهي ويس. آءٌ اڪثر چونڊيل مضمونن تي ڪتاب پڙهندو آهيان، انهيءَ ڪري جيل ۾ به صرف فلسفي، تصوف ۽ تاريخ تي ئي ڪتاب پڙهيم.

بنيادي طرح منهنجي طبيعت  جذباتي پئي رهي آهي ۽ هوش تي جوش غالب پئي رهيو آهي. پر جيئن ڪي چوپايا جانور تڪڙ ۾ کاڌو کائي، وري اُن کي مزي سان اوڳاريندا رهندا آهن، تيئن مون کي به فرصت ۽ تنهائيءَ ۾ ڪتابي مطالعي ۽ زندگيءَ جي عميق مسئلن تي فڪر ڪرڻ ۾ لطف ايندو آهي. جيل اندر فلسفي جي ڪتابن پڙهڻ ۽ تنهائي ملڻ ڪري مون کي پنهنجي گذشته زندگيءَ جي سرگذشت تي ويچار ڪرڻ جو موقعو مليو. مون ڏٺو ته ابتدا ۾ جو مذهبي اعتقادن جي بدولت خوشفهمي ۽ خوش اعتقاديءَ جي  زندگي پئي گذري، اُن جي مضبوط ديوارن کي آهستي آهستي ڪري دنياوي تجربن ۽ علمي معلومات سوراخ وجهڻ شروع ڪيا هئا، تان جو ڪو وقت اهڙو به اچي پهتو، جتي اهي خوشفهميون ۽ خوش اعتقاديون ختم ٿي ويون، ۽ عالم حيرت جي ماٿريءَ ۾ اچي پهتو هوس. ردعمل جي اِن درجي تي پهچائڻ لاءِ پاڪستان قائم ٿيڻ بعد ان ۾ جيڪي حالتون پيدا ٿيون، گهڻي قدر اُهي جوابدار هيون. مذهب، جنهن کي دردن جي دفعي ڪرڻ جي دوا طور ڪتب آڻيندو هوس، تنهن جي ڪثرت استعمال ان جو تاثير گهٽ ڪري ڇڏيو هو. نه شب بيداريءَ جي تنهائيءَ ۾ اها لذت ٿي نصيب ٿي، نه دعا ۾ اهو تاثير رهيو هو. نه اکين جي آب، دل جي زخمن کي ڌُئڻ جو ڪم ٿي ڏنو، نه سجدي ۾ اها تڙپ رهي هئي. دل حقيقت شناس اڳ ۾ ڪانه هئي، ويتر مجاز جو تسليٰ ڏيندڙ تصور به ٽٽي پيو!

اُن حيرت جي ملڪ ۾، مون کي ڪيترن ئي مسئلن تي فڪر ڪرڻ جو موقعو مليو، جن مان پيدائش، ڪائنات جا سبب ۽ مقصد، روح ۽ مادي جي حقيقت ۽ ماهيت، فرد ۽ جماعت جا باهمي تعلقات ۽ جوابداريون، ڪرمن جا نتيجا، موت کان پوءِ زندگيءَ جي حقيقت- خاص مسئلا هئا. مون کي فلسفي جي ڪتابن پڙهڻ مان اهو به معلوم ٿيو ته هن وقت اِنهن مسئلن تي غور ٻن نظرين ذريعي ٿي رهيو آهي: هڪ آئيڊيلزم يعني روحانيت ذريعي ۽ ٻيو مٽيريلزم يعني ماديت ذريعي. اُن جو لازمي نتيجو اهو نڪتو آهي ته اڄڪلهه جو فلسفو ۽ ملڪي سياست به ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا آهن. هڪڙا شخصي آزاديءَ کي ايتري اهميت ڏين ٿا جو شخص جي حيثيت ثانوي ٿيو پوي. ”مٽيريلسٽ“، مادي کي اول ۽ بنيادي سمجهي، روح کي اُن تي مدار رکندڙ سمجهي ٿو ۽ حيات بعد الممات کي نٿو مڃي. جنهنڪري بهشت ۽ دوزخ رد ڄاڻي، جزا ۽ سزا جو دائرو محدود ڪري، هن دنيا تائين بيهاري ٿو. ٻئي طرف ”آئيڊيلسٽ“ روح کي اول ۽ بنيادي ڄاڻي، مادي کي روح جو مظهر يا صفت ٿو سمجهي، روح کي دائمي ڪري مڃڻ سبب هو حيات بعدالممات کي مڃي، بهشت ۽ دوزخ، جزا ۽ سزا ۾ ايمان رکي ٿو. پهريون گروهه مذهب، روح ۽ ”ادراڪ“ تي ڀروسو ٿو رکي، ٻيو گروهه سائنس، تجربي ۽ عقل تي مدار ٿو رکي.

انهن ٻنهي گروهن جي اختلاف اڄڪلهه انسانذات کي ٻن بلاڪن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. هڪڙا ”ڪميونزم“ جا حامي، ٻيا ”ڪئپيٽلزم“ جا طرفدار آهن. مون ٻنهي ڌرين جا ڪتاب ۽ نظريا پڙهيا. منهنجي نظر ۾ انهن ٻنهي جي ظاهري مخالف نظرين جو علاج صوفيءَ جي نظريي  ”وحدت الوجود“ وٽ آهي. ان کان انڪار ٿي نٿو سگهي ته صوفيءَ جي ساريءَ دعويٰ جو بنياد ”خيال“ ۽ ”ادراڪ“ تي آهي- تجربي ۽ سائنس جي ڪسوٽيءَ تي ان دعويٰ جو ثبوت ملي ڪين سگهندو- ليڪن اسان کي ڏسڻو آهي ته  آيا هنن ٻنهي دعويدارن جو علم مڪمل آهي، جنهن جي بنياد تي هو صوفيءَ جي دعويٰ کي رد ڪري سگهن؟ ”آئيڊيلسٽ“ روح جي حقيقت ۽ ماهيت بابت صاف نه آهي. حيات بعد الممات، دوزخ ۽ بهشت، جزا ۽ سزا بابت هن وٽ اختلافي رايا آهن، ۽ هُن وقت بوقت، قديم نظرين ۾، حالات ۽ معلومات جي مطابق، تبديليون پئي ڪيون آهن. ٻئي طرف ”مٽيريلسٽ“ مادي جي آخري جزي- اَئٽم- کي ورهائي ٻن حصن اليڪٽران ۽ پروٽان ۾ ڪرڻ بعد، مادي جي ڪثرت پويان اليڪٽران (جو تعداد ۾ هر جنس جي مادي جي ائٽم ۾ هڪجيترو آهي) جي وحدت جو قائل ٿيو آهي. ساڳئي وقت ساهه جي آخري جزي- اَئموبيا- تي پهچي ان ۾ ”مائينڊ” جي وجود کي (جنهن کي کڻي روح چئجي) مڃي ٿو. اُن کان وڌيڪ اڃان کيس علم حاصل نه ٿيو آهي. ساهه ۽ روح جي پيدائش جي سبب، ۽ موت کان پوءِ اُن جي حيثيت بابت صفائيءَ سان ڪنهن نتيجي تي پهچي ڪين سگهيو آهي. ازانسواءِ هو ڪائنات جي پيدائش جي سببن ۽ مقصدن بابت به واضح طور ڪنهن نتيجي تي نه پهتو آهي. ڏسڻ ۾ ته ائين پيو اچي ته ٻئي ڌريون اڃا تائين ابتدائي معلومات جي درجي کان مٿي نه چڙهيون آهن. ڪهڙو عجب جو اڳتي هلي، هو روح ۽ مادي کي جدا سمجهڻ جي بدلي هڪ ڪري ڏسن! شايد ”وائيءَ“ ۽ ”ورَ“ جي پرک اڃا پروڙي نه سگهيا هجن! انهيءَ گم ٿيل تار جي ملي وڃڻ لاءِ اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، نه ته قوي گمان آهي ته هي جماعت ۽ شخص، ڪميونزم ۽ ڪئپيٽلزم، ”جمهوريت“ ۽ ”ڊڪٽيٽريءَ“ جا اختلاف دنيا کي تباهيءَ جي ڪناري تي وڃي پهچائيندا. اهي ۽ اهڙا ٻيا خيال هئا جن تي جيل جي ڪوٺڙيءَ ۾ تنهائيءَ جي وقت فلسفي ۽ تصوف جي نقطه نگاهه سان غور ڪندو رهندو هوس.

مٿي عرض ڪري آيو آهيان ته جيل ۾، فلسفي ۽ تصوف جي ڪتابن کان سواءِ، تاريخ جي ڪتابن کي به خوب پڙهڻ جو موقعو مليم. تاريخ، ماڻهن ۽ قومن جي سرگذشت ۽ واقعات جي گڏ ڪيل مجموعي جو نالو آهي، قرآن ۾ آهي ته ”انهن قصن ۽ ڪهاڻين مان سمجهدار ماڻهن کي سبق حاصل ٿئي ٿو.“ ليڪن مون ان طرف گهرو ڌيان پئي ڏنو آهي. جيل ۾ وڃڻ کان اڳ تاريخ تي ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪتاب مس پڙهيا هئم. ان جو مکيه سبب شايد اهو هو ته حال ۽ مستقبل جي مسئلن مون کي ايترو ٿي مصروف رکيو جو ماضيءَ تي نظر ڊوڙائڻ لاءِ فرصت ئي ڪانه ٿي ملي. ڪجهه طبيعت جي لاڙي، ڪجهه جوانيءَ جي جوش ۽ ڪجهه ناتجربيڪاريءَ دنيا جي معاملات ڏانهن خوشفهميءَ (آپٽيمزم) يا آشاوادي نظر سان ڏسڻ تي آماده ٿي ٿيو. انهن نيڪ اميدن کي خيال ۾ رکندي، انسانذات کي غربت، جهالت، بداخلاقي ۽ ڏاڍائيءَ جي مرضن  کان نجات ڏيارڻ ۽ کيس فرخنده حاليءَ، علم، اخلاق ۽ مساوات جي نعمتن سان آراسته ڪرڻ پنهنجي زندگيءَ جو مول مقصد مقرر ڪري، اُن جي حصول لاءِ ڪوشش ڪندو رهيس. ابتدا ۾ عمل جو دائرو سرزمين هندستان تي رکيو ويو، ليڪن تجربي بعد ۽ حالات سازگار نه هئڻ ڪري مسلمانن جي نئين حاصل ڪيل ملڪ پاڪستان تائين ان کي محدود ڪيو ويو. اڳتي هلي معلوم ٿيو ته اُنهن ۾ به بنگالي، پنجابي، سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ جدا قوميتون هيون، جن مان فقط هڪ منجهان مٿي ذڪر ڪيل مرضن کي دور ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ  پاڪستان جي خدمت ڪرڻ جي برابر سمجهڻ لڳس. انهيءَ نقطه نگاهه کان سنڌ جي رهاڪن مان غربت، جهالت، بداخلاقي ۽ ڏاڍائي دور ڪرڻ جي خدمت ۾ زندگي صرف ڪرڻ لڳس. ابتدا ۾ ان کي سولو ٿي سمجهيم، پر جيئن شاعر چيو آهي ته:

”عشق ٿي آسان ڀانيم، نينهن پر اوکو اديون!“

وقت گذرڻ بعد، معلوم ٿيڻ لڳو ته عوام ۾ سياسي شعور جي گهٽتائيءَ، قومي اخلاق جي ڪمي ۽ قربانيءَ جي مادي جي موجود نه هئڻ ڪري، ايتري ننڍي دائري ۾ به ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جو مقصد حاصل ٿيڻ، هڪ بيحد مشڪل ڪم هو. سنڌ جي ليڊرن مان هرهڪ پنهنجي ذاتي نفعي خاطر، ملڪ، قوم ۽ عوام کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار هو. ”شخصن کي جماعت جي نفعي لاءِ قرباني ڪرڻ“ جي ڪنهن کي سُتي ئي ڪانه پيل هئي. ملڪ ۽ قوم جي سياسي، اقتصادي، ڪلچرل، لساني آزادي ۽ ترقيءَ طرف هنن جون نظرون ئي نه پئي ڊوڙيون. گذشته اليڪشن ۾، باوجود ايڏن وڏن مقصدن ۽ مرادن جي، صرف ست ميمبر اسيمبليءَ ۾ چونڊائي سگهياسون، جن مان چار وري به ذاتي مفاد کي ترجيح ڏيئي، وري وڃي ”گهڻن” سان گڏيا. اسيمبليءَ ۾ باقي ٽي ميمبر وڃي رهياسون جي به دائم المريض، پيسي جي گهٽتائيءَ، عوام جي ڪم توجهيءَ، ڪارڪنن جي ڪميءَ اڳ ۾ ئي کين سست ڪري ڇڏيو هو. اوچتو سنڌ کي ختم ڪري مغربي پاڪستان ۾ هڪ صوبي ٺاهڻ جي تجويز، جيل ۾ وڃڻ، سنڌي ميمبرن جي اسيمبليءَ ۾ ان تجويز کي منظور ڪرڻ جا واقعا، اهڙا هئا جي طبيعت تي اثر ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيا. دل مطمئن آهي ته بدن به ٺيڪ رهي ٿو، جي ان ۾ هيڻائي پيدا ٿي ته پوءِ بدن به ڍرڪيو پوي. منهنجي جيل ۾ اها حالت هئي ۽ بيمار ٿي پيس. نا اُميدي نجهرو ڪري ويئي. ان وقت فلسفي ۽ تصوف جي دقيق ڪتابن پڙهڻ جي طاقت نه رهي هئي. هڪ دوست تاريخ جو ڪتاب دل وندرائڻ لاءِ پڙهڻ واسطي ڏنو. آهستي آهستي ڪري هن موضوع تي اٺ کن وڏا ڪتاب پڙهي ويس. انهن زندگيءَ تي نئين نقطه نگاهه کان نظر ڪرڻ لاءِ دروازو کوليو. تاريخ جي معلومات جو دائرو وسيع ٿي چڪو هو: علم هيئت (ائسٽرانامي)، علم طبقات الارض (جيالاجي)، علم الانسان (انٿروپالاجي)، علم آثارِ قديمه (آرڪيالاجي)، جي مدد اُن کي ڪافي ڪشادو ڪيو هو.

تاريخ جي مطالعي ڪرڻ سان، هزارن ورهين جا واقعا اکين اڳيان ڦرڻ لڳا. هيءَ ئي ڌرتي هئي، جتي ڪيئي ملڪ، جن ۾ هزار ورهين جون تهذيبون هيون، سي ڌرتيءَ جي ڌٻڻ ڪري غرق ٿي ويا يا آب هوا جي بدلجڻ ڪري ويران ٿي ويا. ڪي برف هيٺ آيا ته ملڪ جا ڪي حصا پاڻيءَ مان ڦري ڌرتي ٿي پيا. هڪڙين تهذيبن جي جاءِ ٻين ورتي، هڪڙيون قومون ترقيءَ تي پهتيون ته ٻيون تنزل ۾ وييون!

هڪڙين قومن فاتح ٿي ڪن ملڪن تي قبضو ڪيو، ۽ اڳي جا رهاڪو غلام ٿي رهيا يا نون آيلن کي پاڻ ۾ ملائي هضم ڪري ڇڏيائون. ملڪن جون سرحدون پئي گهٽ وڌ ٿيون آهن. نسل پئي پاڻ ۾ خلط ملط ٿيا آهن. انهيءَ وسيع منظر ۽ مختلف واقعات جي پويان، جي غور ڪري ڏسبو، ته چند فطرت جا قانون ۽ پڻ انساني خيال ۽ ارادا ڪارفرما نظر ايندا. هر صالح ۽ مضبوط شيءِ جٽاءُ ڪري ٿي، ۽ هر غير صالح ۽ ڪمزور شيءِ زبون ٿئي ٿي. قانون ارتقا هر جڳهه تي اثر انداز نظر ايندو. معلوم ائين پيو ٿئي، ته باوجود ظاهري اختلافن جي، انسان ذات هڪ نظام - اخوت جي وحدت - طرف وڌي رهي آهي. ابتدا کان وٺي انهيءَ وحدت جي قائم ڪرڻ لاءِ جدا جدا تجربا پئي ٿيا آهن. شهنشاهن جون فتحون، قومن جون هجرتون، واپار جا تعلقات، مذهبن جو پرچار سڀ انهيءَ سلسلي جون ڪڙيون پئي رهيون آهن. هڪ طرف جيڪڏهن انساني خيال ۽ ارادي انهيءَ ڏِس ۾ پئي ڪوشش ڪئي آهي، ته ٻئي طرف ملڪن جي آب هوا، پيداوار جي ذريعن، نسلن جي ملاوت، ٻوليءَ، ڪلچر ۽ تاريخي روايتن ڪٽنب، ۽ قبيلن ۽ قومن جي بنائڻ ۽ ترقي ڪرائڻ ۾ حصو ورتو آهي.

ڪابه هڪ ڳالهه قومن جي ٺاهڻ ۽ ترقيءَ لاءِ ڪافي نه آهي. قومون هڪ جنس وارن ماڻهن جا مجموعا هونديون آهن، جي هزارين سال ساڳئي ملڪ ۾ رهڻ ڪري، هڪ ٻولي ۽ هڪ ڪلچر اختيار ڪندا آهن ۽ جي هڪ ٻين جا نفعا ۽ نقصان ساڳيا سمجهڻ لڳندا آهن. منجهن ساڳئي قسم جي ماڻهن جي صدها ورهين جي لاڳاپي ڪري  هم جنسيت پيدا ٿيندي آهي. ماڻهو مٽيءَ يا ڌاتو جا ٺهيل ڪونه هوندا آهن، جي سانچي ۾ وجهڻ ڪري هڪ ئي قسم جا پتلا بنجي پون. جن به شهنشاهن يا حاڪمن قومن کي پنهنجي رڱ ۾ رڱڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اها ڪوشش فطري طرح پيدا ٿيل قومي گروهن جي برخلاف هئي، سا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي هئي. زيڪو سلويڪيا، اٽليءَ ۽ پولينڊ کي ٽوڙي ٻين ڀر وارن ملڪن ۾ ملائڻ ۽ انهن قومن جو حصو بنائڻ جا مثال اسان جي اکين اڳيان هئا. عرب ۽ ترڪ هڪ خليفي جي هٿ هيٺ ۽ هم مذهب هئڻ جي باوجود به ساڳي قوم بنجي نه سگهيا. ايران ۽ افغانستان وارن جي ٻولي به ساڳي، مذهب به هڪ حد تائين ساڳيو، ليڪن اهي هڪ قوم بنجي نه سگهيا. عراق، لبنان، شام، عربستان، فلسطين ۽ مصر جا رهاڪو سڀ عرب آهن، ٻولي به ته ڪلچر به ساڳيو اٿن، مذهب ۾ به مسلمان آهن، ليڪن سڀ گڏجي هڪ سياسي حڪومت ٺاهي نه سگهيا آهن.

اهي ۽ اهڙا ٻيا مثال اکين اڳيان هڪ طرف هئا، ته هِتي پاڪستان ۾ چند ماڻهو جن جا مفاد انهيءَ ۾ آهن ته سڀني صوبن کي گڏي هڪ ڪجي، سي الهندي پاڪستان جي هزار ورهين جي ملڪي حدن، زبانن، ڪلچرن، تاريخي روايات ۽ سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي برخلاف، سڀني مستقل قوميتن کي زبردستيءَ گڏي هڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. آءٌ جنهن صورت ۾ سنڌي قوم جو فرد آهيان، پنهنجي ماڻهن جي زبان، ڪلچر، تاريخي روايات ۽ سياسي ۽ اقتصادي مفاد کي هن طرح سان زبردستيءَ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڏسي، نهايت ارمان ۾ پئجي ٿي ويس. ڊپ هوم ته متان ڪم همتيءَ جي ڪري هيءَ قوم ئي ختم ٿي وڃي: ڇاڪاڻ ته سياسي شعور، قومي اخلاق ۽ قربانيءَ جو مادو- جو قومن جي بقا ۽ ترقيءَ لاءِ ضروري جزو هوندو آهي، اُن کان ڪم از ڪم اسان جو مٿيون طبقو غير مانوس هو. ليڪن تاريخ جي پڙهڻ، منهنجي پست همتي دور ڪري، وري اُميد جو ترورو پيدا ڪيو. سچل سرمست فرمايو آهي:

”اس چشم موري ني ايسا اسرار ديکها تها،

که بيچ ابر دي آفتاب دا انـــوار ديکها تها!“

ان ڪري، نيون اُميدون ۽ جذبا پيدا ٿيا. ايرانين جو سنڌ تي قبضو، يونانين جي سڪندر اعظم جي سپهه سالاريءَ هيٺ فتح، عربن جو سنڌ تي تسلط، مغلن ۽ انگريزن جون حڪومتون ۽ سنڌ کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون سڀ اکين اڳيان هيون: ليڪن، تاريخ ثابت ڪيو ته سنڌ جو ملڪ، زبان، ڪلچر، قوم، سياسي ۽ اقتصادي مفاد ساڳيءَ طرح قائم آهن. جن انهن کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون، سي ختم ٿي ويا. اسان بمبئي سان به 70 سال کن ”ڳنڍيل” هئاسون، ليڪن اهي ڳالهيون سڀ خواب وانگر گذري ويون. قومن ۽ ملڪن جي زندگيءَ ۾ صديون به ڪا وڏي حيثيت نٿيون رکن. مون کي پنهنجو مثال ان ماڻهوءَ جهڙو ڏسڻ ۾ آيو، جو عمارت جي چوٽيءَ تي بيهڻ ڪري، پري کان ايندڙ حمله آورن جو گروه ڏسي، دانهن ڪري ٿو. هيٺ جاين اندر خواب غفلت کين انهيءَ ايندڙ خطري کان بچائي نه سگهندا. ٿوري گهڻي وقت کان پوءِ کين مون وانگر دانهون ڪرڻيون پونديون. صرف اڳي پوءِ جو تفاوت آهي. پوءِ جڏهن گهر وارا سجاڳ ٿيندا، ته پاڻهي پنهنجو بچاءَ ڪندا.

جيل جي زندگي:

ڪراچي جيل ٻاهران ته ننڍو پئي ڏسڻ ۾ آيو، ليڪن اندر اچڻ بعد معلوم ٿيو ته ان چوديواريءَ جي رهاڪن جي به پنهنجي دنيا هئي، جنهن جون رهڻيون ڪرڻيون، قصا ۽ ڪهاڻيون ٻاهرينءَ دنيا کان جداگانه هيون، جتي جي مسئلن ۽ تڪليفن کان ٻاهرين دنيا اڪثر غير واقف هئي. مون کي سياسي قيدين سان گڏ جدا بئرڪ ۾ بند ڪيو ويو هو. سواءِ چوديواريءَ ۾ ۽ شام جو احاطي جي اڳيان، پوليس جي چوڪسيءَ هيٺ، گهمڻ جي ڪنهن سان ملڻ ۽ ملاقات ڪرڻ جو موقعو گهٽ ٿي مليو: ته به حقيقتن کي چتائي ڏسڻ ۽ حالتن کي غور سان ٻڌڻ بعد، گهڻا احوال معلوم ٿي سگهيا. انهن کي پوريءَ طرح ڪاغذ تي چٽڻ لاءِ ”وڪٽر هيوگو“ جهڙن اديبن جي ضرورت آهي. پر جيئن ڪچي ڦڪي نموني آءٌ انهن چيزن کي بيان ڪري سگهان ٿو، تيئن اُهي پڙهندڙن جي واقفيت لاءِ پيش ٿو ڪريان.

جيل جي زندگي ٽن گروهن ۾ ورهايل آهي: 1، آفيسر ۽ اُن سان واسطو رکندڙ عملو، 2، سياسي اي ۽ بي ڪلاس جا قيدي، 3، سي ڪلاس ڏوهاري قيدي.

آفيسرن ۽ سندن عملي جي گروهه ۾ هڪ سپرنٽينڊنٽ، ٽي جيلر، ٻه ڊاڪٽر، ٻه ڪمپائونڊر، هڪ پوليس جو صوبيدار، هڪ سو کان مٿي پوليس وارا، ڪلارڪ ۽ مقاطعدار اچي وڃن ٿا. رواجي طرح سمورو ڪاروبار سپرنٽينڊنٽ جي حوالي رهندو آهي، ليڪن هتي وڏو جيلر هر ڪم تي قابض هو. سپرنٽينڊنٽ چوڻ ۾ ٿي آيو ته ڪنهن بئنڪ ۾ نوڪري ڪندو هو، ليڪن پاڪستان جي وزير داخله جي آفيس ۾ لاڳاپي هئڻ سبب هتي کڄي آيل هو. بي رحم، ۽ ڪم کان اڻ واقف هئڻ ڪري هن ڪوبه سڌاري جو ڪم نه ڪيو هو. هر ڳالهه ۾ وڏي جيلر جي مصلحت مطابق هلندو هو. البت فئڪٽريءَ ۾ وڃي قيدين کان سخت ڪم وٺڻ، ڦٽڪا هڻائڻ، پوليس وارن تي ڏنڊ وجهڻ، قيدين کي مارون ڏيڻ ۾ خاص دلچسپي هيس. وڏي جيلر وري، انساني شرافت جي حدن کان گهٽ واقف هئڻ ڪري، خاص ڪري سياسي قيدين کي تڪليفن ڏيڻ ۾ مشق حاصل ڪئي هئي. منجهاقنئس نه پوليس وارا، نه ننڍا جيلر، نه ڊاڪٽر، نه قيدي خوش هئا. البت مقاطعدار کانئس راضي هئا، جو گاسليٽ، گيهه، چانور وغيره غيرمعياري ڏيئي، سٺي جنس جا پيسا وصول ڪندا هئا. قيدي ڳالهيون ڪندا هئا ته هن وڏي جيلر صاحب ۽ سندس ڪلارڪن جي گهران، آنن جا ڇلڪا ۽ ميون جون کلون ٻاهر ڦٽي ڪرڻ لاءِ صبوح جو کين جام ڏنيون وينديون هيون. ڊاڪٽر هڪ سنديافته هو، ليڪن سندس گهڻو وقت پنهنجي خانگي اسپتال ۾ گذرندو هو. صبح جو چند ڪلاڪن لاءِ نظر ڪري ويندو، پوءِ سمورو ڪم اُن ڊاڪٽر جي حوالي هوندو هو، جو ويچارو هلندو سارو ڏينهن پيو هو ليڪن ڄاڻندو گهڻو ڪونه هو! وڏي ڊاڪٽر کي پگهار ۽ رهڻ لاءِ بنگلو مليل هو، پر جيل جي ڪمائي ڪافي نه هئڻ ڪري، ٻاهر ”روزگار“ لاءِ مٿا هڻڻا پوندا هئس. البت ڪڏهن ميوو يا گوشت نه ايندو هو، ته معلوم ٿيندو هو ته ڊاڪٽر مقاطعدار جو سامان رد ڪيو آهي، اِن ڪري انهن جي اچڻ ۾ دير ٿي آهي. ليڪن باوجود انهيءَ ”چوڪسيءَ“ جي به سامان - گيهه، کير، ميوو، گوشت - سڀ ردي ايندا هئا. خبر نه آهي ته ڊاڪٽر باقاعدي انهن چيزن جي هر روز تپاس ڪندو هو، يا فقط ڪنهن ڪنهن وقت مقاطعدار تي ناراض ٿيڻ سبب سندس ڪي شيون رد ٿينديون هيون! پوليس وارا ويچارا مصيبت جي منهن ۾ هئا. رات ڏينهن نوڪري ڏيندا هئا. پگهار گهٽ هون. هميشه سپرنٽينڊنٽ ۽ جيلر صاحب جي ناراضگيءَ جا شڪار پئي ڏسبا هئا. وقتي ”ميلادالنبيءَ“ جا چندا به کين ئي ڏيڻا پوندا هئا. پوءِ ويچارا سياسي يا اي ۽ بي ڪلاس قيدين جي درن تان ڪجهه راشن يا چاءِ وٺي پيا گذر ڪندا هئا. انهن ۾ به ڪي بالاعملدارن جا منظور نظر، ته ڪي سندس نظرن تان لٿل هئا!

مهذب ملڪن جو دستور اهو هوندو آهي ته بنا ڪيس هلائڻ جي جهليل سياسي قيدين کي هر طرح جون سهوليتون ڏنيون وينديون آهن. هتي به پاڪستان جي حڪومت انهن لاءِ وظيفا چڱا مقرر ڪيا هئا- بي ڪلاس قيدين لاءِ ماهوار 80 رپيا کاڌي واسطي ۽ 20 رپيا ريزڪي خرچ لاءِ، هڪ روم، پلنگ، ڪرسي، ميز، ڪتابن لاءِ رئڪ ۽ پنهنجي بستري رکڻ جي سهوليت ۽ اهڙيون ٻيون مختصر سهوليتون قانون مطابق ميسر ڪرڻيون اٿن، پر وڏي جيلر صاحب پنهنجي آخرت ۽ دنياوي ترقيءَ جو باعث سياسي قيدين کي تڪليف ڏيڻ ۾ ٿي سمجهيو! انڪري، حڪومت طرفان ميسر ڪيل سهوليتون به پوريءَ طرح مهيا نه هيون. انهيءَ ڪري، هڪ ٻه دفعا بک هڙتال به ٿي، سياسي قيدين کي مارون ۽ سزائون به ڏنيون وييون، ليڪن ٻڌڻ ۽ سڻڻ وارو ڪونه هو، جو مٿي تائين اهي عملدار رسائي ڪيون ويٺا هئا. ازان سواءِ اسان جي حاڪمن کي فرصت ڪٿي هئي ته هن لِڪل دنيا تي رحم جي نظر ڦيرائين! جيڪڏهن منجهانئن ڪو ايندو به هو ته به هن کي فئڪٽريءَ مان گهمائي ٻاهر وٺي ويندا هئا. جيڪڏهن ڪنهن قيديءَ اهڙي ڪنهن معزز مهمان سان ڪا شڪايت به کڻي ڪئي ته ان کي پوءِ سزائون ڏنيون وينديون هيون. آءٌ اي ڪلاس ۾ هوس. ان ۾ ماهوار 150 رپيا کاڌي لاءِ ۽ 50 روپيا ٻين متفرقه ضرورتن تي خرچ ڪرڻا هئن، ليڪن هر ڳالهه ۾ تڪليف ڏئي، آخر مون کي بيمار ڪيو ويو. جيلرن يا سپرنٽينڊنٽ کي جيڪڏهن ڪوبه احوال لکي موڪلڻو هو، ته سگريٽن جي باڪسن جي ٽڪرن يا بازار مان آيل ڪنهن ڪاغذ جي ٽڪري تي لکي موڪليندا هئاسون، جو ڪاغذ ڪونه ڏيندا هئا. جنهن صورت ۾ سڀني سياسي قيدين وٽان اهڙيون ٽيهه يا چاليهه ٽڪريون هر روز جيلر صاحب وٽ وينديون هيون ۽ هن کي فرصت گهٽ ۽ همدردي ڪانه- اِن ڪري انهن جي جواب جي اُميد هميشه گهٽ هوندي هئي. اڪثر وڪيلن کي سندس اصيل قيدين سان ملاقات ڪرڻ نه ڏني ويندي هئي. ڪيترن ئي قيدين جون درخواستون ڪورٽ يا اختياريءَ وارن ڏي موڪلڻ کان انڪار ڪيو ويندو هو. سياسي قيدين کي ڪورٽ ۾ هٿڪڙيون وجهي نيڻ جو دستور به اتي ئي ڏٺو ويو. حيدربخش جتوئيءَ کي اڪثر هٿڪڙيون وجهي، ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو هو. البت جنهن ڏينهن سپرنٽينڊنٽ اچڻ وارو هوندو هو يا ڪو ٻاهران عملدار اچڻو هوندو هو، تنهن ڏينهن ٻاهران رستن جي صفائي  ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ٿيندي هئي. اڪثر سياسي قيدي پنهنجو وقت پڙهڻ ۾ گذاريندا هئا. بي ڪلاس سياسي قيدين کي رات جو بند ڪيو ويندو هو، سواءِ انهن ماڻهن جي جيڪي باوجود اُن جي ته ڏوهن ۾ سزاياب ٿي ايندا هئا، ليڪن سندن ڪا سفارش هوندي هئي يا اختياريءَ وارن کي ڪنهن صورت ۾ خوش ڪري سگهندا هئا. گاسليٽ ۾ پاڻي پيل هوندو هو، بتيون اڪثر ڪلاڪ کن جي اندار وسامي وينديون هيون، ۽ قيدي ننڍين اونداهين ڪوٺين ۾ شيخن جي اندر رات گذارڻ تي هري ويا هئا. بي ڪلاس وارن کي ڪموڊ جاءِ ۾ ملڻو هو، پر ڪن کي صرف ڪونڊيون ڏنيون ٿي ويون. اسان جي ٿلهن متارن دوستن سان ته جنسي ويل هو. ڪي دوست پنهنجو ڪجهه وقت وڻن پوکڻ تي صرف ڪندا هئا، پر ڀاڻ اڪثر ڪونه ملندو هون. گندگي گهڻي هئڻ ڪري مکيون ۽ مڇر به جام هئا. جيڪڏهن ڪو فلٽ گهرائيندو هو ته ان جو دٻو اڪثر ٻاهر رکيو ويندو هو. صرف ڦوهارو ڀري موڪليو ويندو هو، جو وري ڏهه ڏينهن ڪونه ڀرجي ملندو هو. اڪثر ڪري ٻن دفعن ڦوهاري ڀرجڻ کان پوءِ دٻو خلاص ٿي ويندو هو: شايد جيل جا ڪئا فلٽ کي به پي ويندا هئا! ميوي وڍڻ لاءِ وات کان ڪم وٺڻو پوندو هو، ڇاڪاڻ ته ننڍو ڪپ به جيل ۾ سياسي قيدين کي ڪونه ڏنو ويندو هو. گدري ۽ پَپَيي وغيره کائڻ وقت مزا ٿيندا هئا!

ڪراچي جيل ۾ اٽڪل 18 سو کن قيدي هئا، جن مان اٽڪل ٻه سو کن سياسي ۽ مٿين ڪلاسن وارا قيدي هئا، باقي سورهن سو کن ”سي ڪلاس“ جا قيدي هئا. سي ڪلاس قيدين کي هيٺين گروهن ۾ ورهائي سگهبو:

(1) روزگار جي تنگيءَ يا اخلاق جي خرابيءَ ڪري گناهه ڪندڙ قيدي،

(2) شڪ ۽ بي روزگاريءَ سبب رول هئڻ، شڪ يا دشمنيءَ هيٺ سزاياب ٿيل قيدي،

(3) اڻ بالغ ڇوڪرا،

(4) بي دريافتا جيل ۾ رکيل قيدي،

(5) جوش ۽ انتقامي جذبي هيٺ جهيڙي ۾ آيل ڏوهاري.

هرهڪ گروهه ۾ ڪيترو سيڪڙو قيدين جو هو، اُن جا انگ اکر پوريءَ طرح معلوم نه ٿي سگهيا، جو اسان کان هر شيءِ مخفي ٿي رکي ويئي ۽ ”جيل اندر به جيل ۾ هئڻ ڪري“ پوريءَ طرح پتو لڳائڻ مشڪل هو. تنهن هوندي به هرهڪ گروهه متعلق جيڪا ڪجهه معلومات مون کي حاصل ٿي سگهي، سا پڙهندڙن اڳيان پيش ڪبي.

اخلاقي ڏوهارين جي گروهه ۾ ڪيترا اهڙا به ماڻهو هئا، جن جو چوڻ هو ته ”روزگار ڪونه هو، ٻچا بک ٿي مئا، ڪپڙو سڄو ڪونه هو، اڪيلي شيءِ ملي ويئي، جا کڻي، ڪتب آنديسين ته اتفاق سان پڪڙجي پياسين ۽ سزاياب ٿي جيل ۾ آياسين“. انهن ۾ ٻيو قسم انهن ماڻهن جو هو، جي نشي جي عادت ۾ گرفتار ٿيل هئا- دائرن ۽ مڪانن ۾ ويندڙ هئا، جن مان ڪن کي چرش پيئندي يا وڪڻندي گرفتار ڪري سزاياب ڪرايو ويو هو. ٽيون قسم اهو هو جو ڪنهن ڏوهه، جهڳڙي، دشمنيءَ وغيره سبب اڳي جيل ۾ آيل هئا، جن کي جيل جي سختين، جيلن جي خراب صحبت، آفيسرن جي بي رحميءَ ۽ جيل کان نڪرڻ بعد روزگار کان جواب ملڻ، عادتي گناهگارن جي صحبت وغيره ڏوهن تي هيرائي ڇڏيو هو. چوٿون قسم اهو، جو ڪنهن باقاعدي ڄميل ٺهيل ۽ ڪم ڪندڙ پاٿاريءَ جو پرزو هو. انهن سڀني جون عادتون، رهڻيون ڪرڻيون، ٻوليون، جاءِ رهائش ۽ طبيعتون جدا جدا هيون. ڪي ڀارت کان آيل هئا، ڪي پنجاب کان، ڪي بلوچستان کان ته ڪي فرنٽيئر کان. ڪي ڪراچيءَ جا باشندا هئا ته ڪي سنڌي هئا. اڪثر ائين ڏٺو ويو ٿي ته هر ملڪ ۽ ٻوليءَ وارا اندر جيل ۾ پنهنجا ساٿي ڳولي لهندا هئا. غيرت ۽ خودداريءَ ۾ سنڌي قيدي البت ٻين کان وڌيڪ ٿي ٻڌا سُئا. مانيءَ، ڪپڙي ۽ ٻين ضروريات زندگيءَ جي تنگيءَ سبب ننڍيون چوريون ۽ رواجي جهيڙا جهڳڙا عام هئا. لواطت جو مرض وڌيل هو. چغلي ۽ جاسوسي عام جام هئي. همتون پست پيل هيون. بيماريون ۽ بدن جون ڪمزوريون، کاڌي جي خرابيءَ جي ڪري جام هيون. جشن جي ڏينهن يا ڪنهن وڏي آفيسر جي آمد کي مبارڪ فال سمجهيو ويندو هو، جو ان ڪري ڪڏهن ڪجهه معافيون ملنديون هئن. ملاقات جو انتظام خراب هو. پيسن سان ئي پورو ٿي سگهندو هو. خط پٽ مشڪل سان موڪليندا هئا. بيماري سندن وڌيڪ مصيبت جي آغاز جي نشاني هئي.

بيگناهه قيدين جي گروهه ۾ ڪيترا دشمنين جو شڪار ٿيل هئا. ڪي پوليس جا شڪ ۾ گرفتار ڪري سزاياب ڪرايل، ڪي بي روزگاريءَ ڪري رولاڪيءَ جي قلم هيٺ آيل، هڪڙا ٻين جي عيوض ۾ ڦاسجي آيل، ٻيا ڀاڙي نه هئڻ ڪري بنا ٽڪيٽ ريلوي جي سواري ڪرڻ سبب سزا کاڌل ۽ ڪي پوليس عملدار يا عملي جي ماڻهن جي ضد يا ڪاوڙ ڪري سزاياب ٿي آيل هئا. مثلا= هڪ بنگالي، جو ڪنهن سيٺ وٽ نوڪر هو، اهو سيٺ جي ڪنهن دوست جي گهر ڪم ڪار سان ويندو هو. کيس سيٺ جي ان دوست جي عورت سان خراب لاڳاپي هئڻ جي شڪ ۾ ڪجهه سامان پٺيان لائي، 12 مهينا سزا ڏياري ويئي هئي. مٽ مائٽ نه هئڻ ڪري وڪيل وغيره ڪري نه سگهيو هو. هڪ ماڻهوءَ ڳالهه ڪئي ته پاڙي واري جي چوري ٿي، پوليس کي ٻيو ماڻهو هٿ نه آيو، سامان پٺيان لڳائي سزاياب ڪرايائون. عزيز دوست نه هئڻ ڪري ڪورٽ ۾ وڪيل وغيره معرفت ڪوبه پنهنجو بچاءُ ڪري نه سگهيو. اسان جي بورچيءَ ڳالهه ڪئي ته هو اصل لکنو جو ويٺل هو. اتي عام افواهن جي ڦهلجڻ تي ته ”پاڪستان ۾ غريب به شاهوڪار ٿيو وڃن“، باوجود مائٽن جي منع جي بخت آزمائيءَ لاءِ پاڪستان آيو. کوکراپار کان اڪري، گاڏيءَ ۾ چڙهي، ڪراچيءَ پهتو. واقف يار مددگار نه هئڻ ڪري ٽي ڏينهن فٽ پاٿ تي سُتو ۽ پني ماني کاڌائين. چوٿين ڏينهن پوليس وارو مليس، جنهن جي پڇا ڪرڻ تي ساري حقيقت ڪيائين. هن رحم کائڻ جي عيوض ”رولاڪيءَ“ ۾ گرفتار ڪري، ڇهه مهينا سزا ڏيارائي ڇڏيس. آزاد ٿيڻ بعد وري چئن ڏينهن کان پوءِ ٽن سون جي ضمانت جي گهر ٿي، جا نه ڏيڻ ڪري، ٻارهن مهينا جيل جي سزا وٺي آيل هو. هڪ ڇوڪري ڳالهه ڪئي ته هو فرنٽيئر صوبي جي نوشهري شهر جي ڀر ۾ رهندڙ هو. مئٽرڪ پاس ڪيل هئس پر اُتي نوڪري ڪانه ملي سگهيس ۽ ڪراچيءَ نوڪريءَ جي تلاش ۾ آيو. روزگار ڏيڻ واري کاتي وٽان خاطرخواه جواب نه ملڻ ڪري، هن ٻين هنڌن تي نوڪري ڳولي. ڳوٺان آندل پيسا کٽي ويس، آخر مجبور ٿي مزوري ڪرڻ لڳو. هڪ ڏينهن ڪو ماڻهو ميريويدر ٽاور وٽ مليس، جنهن ڀريل اڌ ڳوڻ جو بار کڻي هلڻ لاءِ کيس اٺ آنا مزوري آڇي. اڃا ميمڻن جي مسجد وٽ آيا ته پويان پوليس واري اچي کيس جهليو، پوليس واري کي اڳيان ويندڙ هڙ جو مالڪ اشارو ڪري ڏيکاريائين، پر اهو ”ڀاڳيو“ يڪدم پوليس واري کي ڏسي ڀڄي ويو. پوليس واري سامان سميت هن مزور کي آڻي ڪورٽ ۾ رجوع ڪيو ۽ ڪيس هلارائي سزاياب ڪرايو. ريل گاڏيءَ ۾ پيسي نه هئڻ ڪري مسافري ڪرڻ جا ڏوهاري به هڪڙا پيا ويندا هئا ۽ ٻيا پيا ايندا هئا. هڪ ماڻهوءَ ڳالهه ڪئي ته هو ڪنهن سئنيما ۾ نوڪري ڪندو هو. هڪ پوليس عملدار بنا ٽڪيٽ جي پاڻ ۽ دوستن سان سئنيما ڏسڻ تي هريل هو. مالڪ جي چوڻ تي مٿس روڪ وجهڻ تي شڪررنجي پيدا ٿي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ هن سئنيما جي دربان کي جيل ۾ موڪليو ويو. اهڙا ڪيئي مثال هئا، جن جو تفصيلوار ذڪر ڪرڻ ڪري هي داستان ڊگهو ٿي پوندو. انصاف مهانگو، پوليس بي رحم، ڪورٽن جو سرشتو ڊيگهه ۽ طوالت وارو، قانون دقيق، ماجسٽريٽ ٿورا، پگهار گهٽ، کين مقرر ڪرڻ جو سرشتو ناڪام ۽ چيف ڪورٽ جي ضابطي کان ٻاهر، وڪيل اڪثر اڻ لائق ۽ جي لائق ته مهانگا، بي روزگاري گهڻي، ماڻهن جي گذرمعاش جي انتظام ۽ اخلاق جي سڌاري جو حڪومت کي ڪوبه اونو ڪونه، پوءِ بي گناهه نه ڦاسندا ته ٻيو ڇا ٿيندو!

اڻ بالغ ڇوڪرن جو تعداد به جملي قيدين جي پنجين ۽ ڇهين حـصي جيترو هو. منجهانئن گهڻا اخلاقي ڏوهن ۾ گرفتار ٿي بي دريافتا پيا هئا، يا سزاياب ٿيل هئا. انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهبو ته ننڍن ٻارن جو اخلاق ڪيتري قدر نه بگڙي رهيو آهي! قوم جو موجوده نسل ته بد اخلاقيءَ، بي روزگاريءَ ۽ مسڪينيءَ کان آجو نه آهي، ليڪن ايندڙ نسل جي خرابيءَ ۾ پاڻ واڌارو آهي. معلوم ٿيو ته انهن جي سڌاري لاءِ ڪوبه خاطرخواهه انتظام ڪونه هو. هڪ مولوي صاحب مقرر ٿيل هو، جو اڳئين زماني وانگر رڳو زور سان ڪلمو يا قرآن شريف پڙهائيندو هو. ڇوڪرن جي تعليم، هنر ۽ اخلاق جي درستيءَ لاءِ ڪوبه انتظام ڪونه هو. لواطت عام جام هئي، هنن کان سخت محنت جو ڪم ورتو ويندو هو. رستا ۽ جايون صفا ڪرڻ، گند جون ناليون صفا ڪرائڻ، ڪني پاڻيءَ سان ميدانن کي آروڳا ڏيارڻ ۽ اهڙا ٻيا ڪم هنن لاءِ مخصوص ٿيل هئا. صبح جو اسان جي بئرڪن مان مانيءَ جا اڇلايل سڪل ٽڪر ڳولڻ، ٻيڙين جا اڇلايل ٽڪرا چونڊڻ، ڪپڙو يا شيون پني وٺڻ، پوليس وارن جا موچڙا جهلڻ، سندن خاص مشغلا هئا. هڪ سياسي قيدي، جيلر کي دانهن ڏيڻ ويو ته کيس چڪر وارن نامي گرامي بدمعاشن کان جدا ڪري، سياسي قيدين سان گڏ رکيو وڃي. اُن تي جيلر صاحب کيس جواب ڏنو ته ”اُتي توکي لواطت لاءِ لسا ڇوڪرا نصيب نه ٿيندا، هتي اِهي سڀ سک هوند“، جيل جي اڪيلائيءَ ۾ اها وندر چڱي اٿئي!“ جنهن تي جڏهن سياسي قيديءَ اعتراض ورتو ته شريفن سان اهڙي گفتگو نه ڪرڻ گهرجي ته کيس سخت مار ڏني ويئي! انهيءَ مان جيل جي اصلي ماحول جو پتو پئجي سگهندو.

اٽڪل ٽي يا چار سو قيدي اُهي هئا، جي بي دريافتا جيل ۾ پيل هئا. يا ته ماجسٽريٽن سندن ضامن ڪونه ٿي کنيو، يا غريب ۽ لاوارث هئڻ ڪري ڪير سندن ضامن ڪونه ٿي پيو، يا وڪيل ڪونه هون، يا پوليس اعتراض ٿي ڪيو يا ماجسٽريٽن گهڻن پيسن جي ضمانت طلب ٿي ڪئي! نتيجو بهرحال اهو ٿي نڪتو ته حڪومت کي نه صرف سندن کاڌي پيتي جو انتظام ڪرڻو ٿي پيو، پر وقت بوقت کين ڪورٽ تائين آڻڻ نيڻ جو به انتظام ڪرڻو پوندو هو. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ ڪيسن جي فيصل ٿيڻ ۾ دير ٿيڻ عام جام ٿي ويو آهي. ٽي چار سال بنا دريافت جي جيل ۾ رهڻ رواجي ڪم ٿي پيو آهي. جيئن ماجسٽريٽ وڌن تيئن ڪيسن ۾ اينگهه. هاڻ نئون دستور اهو ڏٺوسون ته سڀني سياسي قيدين جا ڪيس جيل ۾ هلن. اڳي مهاتما گانڌيءَ، مولانا شوڪت عليءَ، محمد عليءَ جهڙن ليڊرن جا ڪيس جيل ۾ هلندا ٻڌا هئاسون، پر هاڻ ته گري گنجي جو ڪيس به جيل ۾ هلايو ٿي ويو. اُن جو اثر ماجسٽريٽن، وڪيلن ۽ قيدين تي ابتو ٿي پيو. پر حڪم هو انهن سڀني کي مڃڻو. اڪثر ڪيسن هلندي، ماجسٽريٽن ۽ سرڪاري وڪيلن جو بدلي ٿيڻ به عام ٿي پيو هو. اندر ڪيترن قيدين کان شڪايتون ٻڌم ته ڪي وڪيل پيسا وٺي پوءِ ڪيس هلائڻ لاءِ شنواين تي حاضر نه ٿين، ۽ جوابدارن کي سزائون اچيو وڃن. اهو به ٻڌڻ ۾ آيو ته ڪيترا وڪيل ڪيس ٻولي، آزاد ڪرائڻ جو ذمو کڻي، پيسا وٺڻ لڳا هئا. ڪيترن قيدين اها به ڳالهه ڪئي ته وڪيلن کان سواءِ ٻيا ماڻهو به ڪيسن ڇڏائڻ لاءِ پيسا وٺي ڪم ڪرڻ لڳا هئا، جن مان ڪي ٺڳ هئا ته ڪي واقعي ڇڏائي به سگهيا ٿي!

پنهنجي ئي جوش ۽ انتقامي جذبي جي شڪار ٿيل ڏوهارين جو به خاصو تعداد هو. هنن ۾ خوني، سخت ايذاءُ رسائڻ وارا، هنگاما ۽ جهڳڙا ڪرڻ ۽ ٻين اهڙن سنگين ڏوهن ڪرڻ وارا مجرم اچي ٿي ويا. اهڙن ڏوهن جا مکيه سبب باهمي عداوتون، ڪثرت ڪاروبار ڪري اعصابن جي ڪمزوري، تشدد جي مادي جو وڌڻ، عورتن ۽ جائداد تان جهڳڙا، ۽ ٻيا اهڙا باهمي انتقامي جذبا هئا. معلوم پئي ٿيو ته خونن جو تعداد به روز بروز وڌندڙ هو. هڪڙا اتفاقي خون هئا، جي موٽرن، ٽرامن، لارين وغيره جي حادثن ڪري ٿيا ٿي، ٻيا جهيڙن ۽ فسادن ۾ خون ٿي ٿا پون، ٽيان عورتن يا ٻين ڪن ملڪيتن تان انتقامي خون ٿين ٿا. انهن جي ڪارڻن ڳولي لهڻ لاءِ نه ڪا باقاعدي جانچ ٿي آهي، ۽ نه انهن ڳالهين جي سدباب لاءِ ڪو خاطر خواهه انتظام ئي ٿيو آهي. ڪراچي شهر ۾ اٽڪل ٽي چار لک ماڻهو  بي گهر آهن يا جهوپڙين ۾ رهن ٿا. ڪيئي لک بي روزگار آهن. صفائيءَ جو انتظام خراب ٿي ويو آهي. سٺو کاڌو عدم پيدا آهي. مهانگائي وڌي ويئي آهي، جنهنڪري ماڻهن جي تندرستي خراب ٿيڻ لڳي آهي. اِهڙين حالتن ۾ ماڻهن جا اعصاب ڪمزور ٿيو پون ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ جهيڙا، حادثا، خون خرابيون ۽ ٻيا اهڙا هولناڪ ڏوهه جيئن پوءِ تيئن وڌندا رهن ٿا. اڳي ڪراچي شهر ۾ چڪلو هو ليڪن هاڻ اُن تي ظاهري بندش وجهڻ ڪري حالتون سڌرڻ بدران خراب ٿيون آهن. جتي بارش پوندي ۽ پاڻيءَ جي نيڪال جو انتظام نه هوندو، اُتي يا ته گندگي ٿيندي يا جايون ڪرنديون ۽ مڇر ۽ بيماريون ٿينديون. شهر ۾ ماڻهو وڌيا آهن، ليڪن روزگار لاءِ انتظام ڪونه آهي. لکين ماڻهو شادي ڪري، ٻار پالي سگهڻ جهڙا ڪونه آهن. ڪيئي عورتون لاوارث، بي روزگار ۽ غريبيءَ ۾ گذارين ٿيون. نتيجي طور انساني فطرت جي مجبورين سبب حرام ڪاري وڌي ويئي آهي. ڪنهن به سماجي خرابيءَ کي صرف اخلاقي يا قانوني پابندين معرفت ختم نٿو ڪري سگهجي، ان سان گڏ سماج ۾ جوڳيون تبديليون ۽ انساني فطرت جي خواهشن جي پورائيءَ جو معقول ۽ صحت مند انتظام پڻ ڪرڻ لازمي آهي.

ڪراچي جيل ۾ هيءَ مدت ڪاٽڻ بعد، مون تي جو مجموعي اثر پيو سو هي هو ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي اخلاقي درستي، سياسي آزادي ۽ اقتصادي زندگيءَ جي صحيح تصوير ڏسڻي آهي ته اُن جو نظارو شهر جي فٽ پاٿن، جهوپڙين ۽ گندگيءَ جي مقامن مان هڪ طرف پئجي سگهندو، ۽ ان ملڪ جي جيلن مان ٻئي طرف. وڏين عمارتن، اسيمبلي هالن، سرڪاري جڳهين، بنگلن، بئنڪن ۽ واپار جي منڊين مان اصلي سماجي صورتحال جي واقفيت حاصل ڪرڻ مشڪل آهي.

اسان جي بئرڪ جي سامهون جيل جو وڏو دروازو هو. ان وٽ هفتي ۾ هڪ يا ٻن ڇوڪرن کي ننگو ڪري، زور سان ڦٽڪا لڳايا ويندا هئا. ڀر ۾ جيل جي آفيسرن کي چروٽ يا سگريٽ ڇڪيندي، اُن ”نظاري“ مان لطف وٺندو ڏسي، اسان جا لڱ ڪانڊارجي ويندا هئا. اسان جي ڀر ۾ زنانو وارڊ هو، اتان اڪثر رات جو ڌَڪن جا آواز ۽ زالن جون دانهون ٻڌي ٻڌي، تنگ اچي ويا هئاسون! چوڻ ۾ ٿي آيو ته اڪثر عورتون ان ماحول ۾ رهڻ ڪري چريون ٿي پونديون هيون! شايد اسان اهي حالتون ڏسي نود ٿي ويا هئاسون، نه ته حساس دل کي انهيءَ مان ڪافي سبق حاصل ٿي سگهيو ٿي. منهنجي بئرڪ ۾ 10 ڪمرا هئا، جن ۾ اڪثر سياسي قيدي رهندا هئا. رات جو، اي ڪلاس قيدي هئڻ ڪري، مون کي بند نه ڪيو ويندو هو. ٻيا سڀ گهڻو ڪري بند هوندا هئا، جن ۾ تعليم يافته، سنجيده، اصولن خاطر ڪشٽ ڪاٽڻ وارا نوجوان ۽ پوڙها، سڀني قسمن جا ماڻهو، هوندا هئا. شام جو بند ٿيڻ بعد، اڪثر ٻاهر نڪري انهن مجاهدن جو درسن ڪندو هوس. سڀ ڪتابن جي مطالعي ۾ مشغول هوندا هئا، پر بتين جي جلد وسامڻ ڪري اهو به لطف گهڻو وقت نصيب نه ٿيندو هو. سج لهڻ سان اسان جي بئرڪ شهرِ خموشان جو نظارو ڏيکاريندي هئي. اهي سڀ قيدي بنا ڪيس هلائڻ جي سياسي اختلافن سبب بند ڪيل هئا. ٻئي طرف، جڏهن غريبن جي پيسن تي هر روز، سنجهي صبح، سرڪاري ۽ نيم سرڪاري خانگي دعوتن ۽ خاص ضيافتن جا واقعا اخبارن ۾ پڙهندو هوس، ته ڏاڍو ارمان ٿيندو هوم. پر وري به هنن پنهنجن جيل جي ساٿي جوانن کي ڏسي آٿت ايندو هوم ۽ سنڌ جي سدا حيات لافاني ”شاهه“ جو بيت ان وقت هميشه ياد ايندو هوم:

”تون ونءُ ويهي آءُ، اڱڻ آڌوتن جي،
جوش ڏنائون جيءَ کي، لڪائي لوڪان،
ڏوٿين ڪنهن ڏکان، سمهي سک نه ماڻيو!“

 

                               (سرءُ، 1955ع)


 

پير علي محمد راشدي

ڪونج ۽ سنڌ

 

ڪونجن جي ڪُڙم کي آءٌ  پنهنجي ڄائي ڄم کان وٺي ڄاڻان سڃاڻان. جنم سائيبيريا جي سُڃ ۾ ٿي ٿين يا ڪنهن پربت جي پيٽ ۾، تنهن معلوم ڪرڻ جي ضرورت ڪانه هئي. اهو ظاهر هو ته پريم جي سرڪار جو پاسپورٽ هوندو هون. موسم آئي، وره واءُ گهُلي، نه ڏٺائون رات نه ڏينهن، نه جهَڪ نه جهولو- ملڪي نقشن تي انساني هٿن جون ڪڍيل سموريون ليڪون لتاڙيندي، اچي ٿي سنڌ ۾ ساهه پٽيائون.

سنڌ سان سندن اهڙي سنٻنڌ جو قدر ٿيڻ کپندو هو. محض دوستن جي ديدار خاطر ويچارين هر سال ٿي ايڏا ڪشالا ڪڍيا. اهڙو سيارو ئي ڪونه ٿيو، جنهن ۾ هِنن ڀيرو ڀڳو هجي. مُلڪ مولا جا ٻيا به ڪيئي ٿي وسيا: وڌئون وڌ، ڀَلئون ڀل. پر هنن جي نظر سڀ کان اول سنڌ تي ٿي پيئي. ٻُوڙو ڦُٽو، سرءُ سِڙهه کنيا ته ڪڪرن ۾ سندن ڪرڪاٽ هوندا هئا.

ڳالهه سڌي هئي، پر ڳالهه جو گُل ڪونه ٽُٽو. دنيا اندر شروع کان وٺي اڪثريت اندر جي انڌن جي رهي ٿي. اهڙن ماڻهن کي هر رستي ۾ وَر ۽ زندگيءَ جي هر واقعي ۾ وڪڙ نظر اچي ٿو، تنهن ڪري سنڌ ۽ ڪونجن جي ان دوستيءَ واري قصي ۾ به اهڙن ماڻهن کي ڪيئي شڪي اشوش محسوس ٿيندا رهيا. سندن زباني، اها ڪهاڻي هن طرح هئي:

ليکڪ، ٻاروتڻ ۾ پنهنجي ڏاڏي سيد پير شاهه راشدي سان گڏ- شڪار لاءِ اُسهڻ (1910ع)

”چانجوسن جي چوڻ موجب اِهو سارو قصور ڪاري - ڪاريءَ جو آهي. ٻيئي ڌريون اصلاً نسلاً بدچال آهن. ٻنهي کي ٿاٻي جي ٽؤنڪر آهي. جنهن کي ”سنڌ“ سڏيو وڃي ٿو، في الحقيقت ملڪ نه پر هڪ مختصر ۽ بدنام ماٿري آهي، جنهن جي مٽي مقناطيسي، پاڻي خماري ۽ ماڻهو دلين جا ڌاڙيل آهن. جنهن به مسافر منجهس پير پاتو تنهن جو مٿو ويو! ڪيچ جي ڪُونڌ سان اِت قهر ٿيو. سرمد جو سرمايو اِت ڦُريو. برٽن جي ڀاڻ اِت لٿي. غرض، سندس جُرمنِ جي لسٽ سنڌ جي درياءَ وانگر ڊگهي ۽ اُن جي ٿرن برن جيتري موڪري آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر سمي جي هر ”بيدار مغز“ سرڪار کيس ”هسٽري شيٽر“ ڪري ليکيو آهي. ٻئي طرف ڪونج جي قوم به ”اشراف“ ڪانه آهي. چوڻ وارن جو چوڻ آهي ته راجا ڏاهر جي ڏينهن کان به اڳ، ڪنهن لڱا ڪونج گهراڻي جي ڪنهن وڏي ڏاڏيءَ کي اچي کارس کنيو. پنهنجي ملڪ اندر پورت ڪانه ٿي ٿيس، سو مٿي تي لٽو رکي گهران ڀڳي. چَگهه جي ڳولها ۾ جبل جهاڳيندي، ٿر ٿيلهيندي اچي ”لطيفي لاڏڻ“ وٽان لانگهائو ٿي. هِت ته اڳ ۾ ئي پرائي ٻوڙ تي ماني ٻڌيون ويٺا هئا. ڪنهن ڏٺو، ڪنهن ٻُڌو. اکيون اکين سان اڙجي ويون، دليون دلين سان ڳنڍجي ويون. سائين ڏئي بندو سهي. وقت پڄاڻان پوڙهي پاڻ ته پوري ٿي ويئي، پر پنهنجن پوين کي به وصيت ڪري ويئي ته ورهه جي وَٿ هٿ ڪرڻي هجيوَ، ۽ اُن شاهراهه ۾ سِر ڏيئي سُرهو ٿيڻو هجيو ته سير ڪجو ”سنڌ“ جو. ڏسجي ائين پيو ته بعد ۾ پوٽيون ڏاڏيءَ کان به ڏهه قدم اڳتي وڌي ويون. هر سياري جيئن ڏکڻ کان ڪبوتريون، تيئن اوڀر کان ڪونجن جون قطارون پيون سنڌ ۾ داخل ٿين! الله ٻُڌي آهي سنڌ جي مارين شڪارين جي!“

جيترا وات اوتريون ڳالهيون، پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته ڪونجن جو سنڌ سان تعلق تمام ڪهنو آهي. ويرين جيڪا به جَکَ ماري، دشمنن ڪيتري به گڦ هنئين، پر اِهو تعلق اڄ تائين ٽُٽي ڪونه سگهيو آهي.

ليکڪ ننڍپڻ ۾ پنهنجي شڪار پارٽيءَ سان.

 شڪار ڪيل پکي سندن ڳچين ۾ پوتل آهن. (1920ع)

منهنجي پنهنجي شناسائي ڪونجن سان اهڙي زماني ۾ ٿي، جڏهن اڃا تائين پکين جي قسمن جا پورا نالا به ڪونه ٿي آيم. هڪ سومهاڻيءَ جو آءٌ پنهنجي ڏاڏي مرحوم جي پاسي ۾ کٽ تي ليٽيو پيو هوس ته ڪنهن مهل اونداهيءَ ۾ مٿان ڪن لانگهائو پکين جا ڪرڪاٽ ٻڌڻ ۾ آيا. مون ڏاڏي مرحوم کان پڇيو ته اِهي ڪهڙا پکي آهن؟ فرمايائين: ”ابا! اِهي ڪونجون آهن!“ ان کان پوءِ ڪونجن جي سلسلي ۾ هڪ ڪهاڻي به ٻڌايائين.

چي: ابا! هڪ ”هيڻو“ ۽ هڪ ”ڏاڍو“ شڪاري پاڻ ۾ ڀائيوار ٿي شڪار لاءِ نڪتا. ”هيڻي” شڪاريءَ هڪ ”تتر“ ۽ هڪ ”ڪونج“ ماري. ”ڏاڍي“ شڪاريءَ کي هٿ لڳو فقط ”هيڙهو“ ۽ هڪ ”ڦدو“. شڪار ختم ٿيڻ کان پوءِ ”ڏاڍي“ شڪاري ”هيڻي“ شڪاريءَ کي شڪار جا ڪي بنيادي اصول ٻڌايا. اُنهن اصولن پٽاندر ٻنهي جو شڪار پهريان گڏي ڇڏڻو هو ۽ ان کان پوءِ تقسيم ٿيڻي هئي. چنانچه، هيڻي شڪاريءَ ڪونج ۽ تتر هڙ مان ڪڍي ڏاڍي شڪاريءَ جي اڳيان ڪري رکيو. ڏاڍي شڪاريءَ پنهنجي کيسي مان هيڙهو ۽ ڦدو ڪڍي بيگ ۾ ملائي ڇڏيو.

جڏهن ”گڏيل بيگ“ جي تقسيم جو سوال آيو، تڏهن ڏاڍي شڪاريءَ وقت جي صدارت ڪندي هيءُ فيصلو صادر فرمايو، چي:

ڦدا، ماس دا گڙدا - تيڪون آيا،
تتر، گڏ دا ڀتر - ميڪون آيا،
هيڙها، ماس دا ديڙا - تيڪون آيا،
ڪونج، هڏئين ڍونڍ - ميڪون آئي!

 

يعني اصولن ۽ زبان جي تڪ بنديءَ ذريعي ”ڏاڍو” شڪاري، ”هيڻي“ ڀائيوار کي فقط پاڻ وارو ”هيڙهو - ماس جو ديڙو“ ۽ ”ڦدو - ماس جو گڙدو“ ڏيئي، هُن غريب جا پنهنجا شڪار ڪيل ٻيئي وڏا پکي يعني تتر ۽ ڪونج پاڻ ڦٻائي ويو ۽ غضب خدا جو، ساڳئي وقت هن مظلوم تي ٿورو به ٿڦيندو ويو، ڇو ته ”تتر - گڏ جو ڀتر“ هو، ۽ ”ڪونج - ڇڙو هڏن جو ڍونڍ!“

اُن قصي ٻڌائڻ بعد ڏاڏي مرحوم هدايت ڪئي ته ”ابا، ڪڏهن به پاڻ کان ڪنهن ڏاڍي شڪاريءَ سان ڀائيچارو هرگز نه ڪجانءِ!“

منهنجي عيني ملاقات، ڪونج سان ٿورو وقت پوءِ ٿي.

واڌو ميربحر شڪار جي ڪم ۾ منهنجو استاد هو. هڪ صبح جو ڪونجن جا آواز ٻڌي مون کي چوڻ لڳو ته ”ڀر واري کيت ۾ اڄ ڪونجون اچي لٿيون آهن. رائيفل کڻي آءُ، ته هلي توکان مٿن ٺڪاءُ ڪڍرائي اچان.“

”گهر ويٺي توکي ڪيئن اِهو معلوم ٿيو؟“

”ڪونجون جيڏانهن وينديون آهن- آواز ڪنديون وينديون آهن- وات ئي مارائيندو اٿن.“

”سلطان پسند“ (رائيفل جو نالو هو) کڻي ڪڻڪ واري کيت ۾ لنگهي پياسين. پري کان ڏٺوسين ته ڪونجون برابر کيت جي وَٽ سان لٿيون پيون آهن. پوک جي ليول کان سندن جسم گهڻو مٿي هو ۽ ڳچيون به ڊگهيون هئن، پر اسان کي، پري کان ايندو ڏسي به، ڪونه اُڏاڻيون ۽ آرام سان ويٺيون رهيون.

مون واڌي ميربحر کي چيو ته ”هي ته پري کان پيون ڏسن، اسان کي ڏسي اِجهو ڪي اجهو ٿيون پر سوئن.“

”پرواهه نه ڪر، ويساهي پکي آهي.“

آخر ويجهو وڃي، وجهه وٺي، مون گولي ڇوڙي. ولر منجهان هڪ ڪونج گهائجي ويئي. ٻيون بروقت ته اُڏاڻيون، پر پوءِ ڪيتري وقت تائين وڃايل ساٿيءَ جي ڦوڙائي ۾ مٿان ڦِرنديون ۽ ڪوڪون ڪنديون رهيون!

مُئل پکيءَ کي منهنجي سامهون رکي واڌي سندس ڪڙي ڪاٺيءَ ۽ عقل سمجهه بابت هن طرح ٽيڪاٽپڻي فرمائي:

”ڪونج ويساهي ۽ مورک پکي آهي. الله تعاليٰ ڳچي ڊگهي ۽ ڄنگهون به وڏيون ڏنيون اٿس، ان لاءِ ته مَدي ميري کي پري کان ئي پروڙي پنهنجي جان جي بچاءُ جو بندوبست ڪري. پر ٿي پيو آهي تمام ويساهي. سمجهڻ لڳو ته جڏهن ته هو پاڻ ڪنهن شيءِ جو مَدو ڪونه آهي، تڏهن ٻيو به ڪو ساڻس ڇو مدائي ڪندو؟ نتيجو اِهو نڪتو جو اڄ تنهنجي اڳيان ٽنگون ٽيڙيون پيو آهي.“

*              *              *

ڪونج جي سنڌ سان ٽين نسبت پڻ ساڳيءَ طرح ويچار لهڻي.

ڪونج هميشه پنهنجي ڪڙم سان، پنهنجي ڪڙم اندر رهندي، ڪڙم کان جدا ٿي پکين جي ٻيءَ ڪنهن به ذات سان نه ملندي- نه واهپو رکندي، نه اُنهن جي ٻولي ٻوليندي. جيڏانهن وڃڻو هوندس، پنهنجي ولر سان ويندي. رات ڪرڻي هوندس، يا مانجهاندو، سفر ڪرڻو هوندس يا سير - اُٿندي، وِهنديِ، اُڏندي، لهندي، ولر کان وڇڙڻ ڪونج لاءِ قيامت سمان آهي.

مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي، منهنجي ڀاءُ کُڏ مان لڪي ڪونجن تي گوليون ٿي ڇوڙيون. ٺڪاءُ ٿيو. هڪ ڪونج ڪِري، ٻيون اُڏامي ڪجهه وقت مئل پکيءَ مٿان ڦري دانهون ڪري وري ٿي اچي ساڳيءَ جاءِ تي لٿيون. ٻي گولي ڇُٽي، ٻي ڪونج ڪِري، وري دانهون، وري مئل ساٿيءَ مٿان لامارا، وري موٽي اچي ساڳئي هنڌ تي لهڻ، ۽ ٽين گولي جهلڻ. غرض، ڪلاڪ کن اهو ڪوس هليو. ولر سان وفاداري ڪندي منجهانئن ڪيتريون ئي قتلام ٿي ويون. اهو حال ڏسي آخر مون کي ڪهل آئي ۽ ڀاءُ کي وڌيڪ گولين هلائڻ کان منع ڪيم. ساڳئي وقت اِهو به سمجهه ۾ آيم، ته شاهه صاحب ڇو فرمايو هو ته:

ولر ڪيو وتن، پِرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڙُهنئان ميٺ گهڻو!

 

سنڌ جي شاعرن، پنهنجي ڪلام اندر، عورت جي جسم کي ڪونج جي جسم سان مشابهت ڏني آهي ۽ اِن ريت ڪونج کي خوبصورتيءَ جي آخري ڪسوٽي ٺهرايو آهي.

يونانين جي زماني کان وٺي اڄ تائين هن سوال تي بحث ٿيندو رهيو آهي ته خوبصورتيءَ جي لحاظ کان عورت جي جسم جي جدا جدا ڀاڱن جو هڪٻئي سان ڪهڙو تناسب هجڻ گهرجي. آخري فيصلو هنن اصولن تي وڃي ٿيو آهي:

مٿو: وينس ڊيميلو جي مٿي وانگر

ڳچي: مصر جي راڻي نفرٽيشي جي ڳچيءَ وانگر ڊگهي.

بدن: مارلن منرو وانگر ڀريل.

ڄنگهون: پيرس جي مسٽنگئٽ جهڙيون.

انهن اصولن کي سامهون رکي ڪونج تي نظر ڦيرائبي ته معلوم ٿيندو ته سنڌ جا شاعر، ڪونج کي سونهن جي نموني طور پيش ڪرڻ کان اڳ ۾ ان نتيجي تي پهچي چڪا هئا.

ڪونج کي اهو درجو دنيا جي ٻيءَ ڪنهن به قوم جي لٽريچر اندر ڪونه ملي سگهيو آهي، ۽ ان ريت ڪونج سنڌ ۽ سنڌين جي زندگي ۽ تمدن جو اڻ جدا ٿيڻ وارو حصو بڻجي چڪو آهي.

شال سلامت هجي، جت به وسي خوش رهي. سنڌ جو مٿس سلام آهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com