سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :27

مدد علي سنڌي

کنڊر

(۽ منهنجي هن جيون کي ڪوئي انت ناهي!)

ڪائي معنيٰ به آهي ڪنهن چيز کي؟

اصل ۾ ڳالهه هيءَ آهي ته جڏهن به ڪوئي پنهنجو چهرو آرسيءَ ۾ ڏسي ٿو، ته ڪجهه نه هئڻ جو احساس ٿئي ٿو!

ڪجهه نه هئڻ جو احساس؟

نه هئڻ جو احساس به ته ڪجهه هئڻ جو احساس آهي. ڇا، غور سان هرڪوئي آرسيءَ ۾ پنهنجي چهري کي ڏسي به سگهي ٿو؟

ڏسڻ سان پنهنجو پاڻ کي، محسوس الائي ڇا ٿيندو آهي؟

تون جلد چريو ٿي پوندين!

(خاموشي.)

ڇو، تون چُپ ٿي وئين؟

مان فقط چوڻ اهو ٿو چاهيان، تون جلد مري ويندين!

آئون چوان ٿو، بڪواس بند ڪر تون!

 

چريائپ زندگيءَ جي حقيقت آهي، هڪ ٻڌيمان لا”!

بڪواس زندگيءَ جي علامت آهي. موت زندگيءَ جي حقيقت آهي ۽ خاموشي زندگيءَ جو انت آهي. هر شروعات کي پڇاڙي ٿيندي آهي. هر شروعات جو انت به پڇاڙي آهي!

جيڪي شروعات ڪندا آهن، سي ختم نه ڪري سگهندا آهن. جيڪي ختم ڪري سگهندا آهن، سي شروع نه ڪري سگهندا آهن!

پر تون خاموش ڇو ٿي ويو آهين؟

۽ موت؟

پر هن خاموشيءَ جو به ته ڪوئي انت هوندو؟

تون، مان، ۽ هوءَ به آهي. پر تون ۽ مان آهيون، تون، مان ۽ هوءَ ۾ به آهي. هوءَ، مان، تون آهيون ۽ هوندي به نه آهيون. هجون ته به ڪوئي فرق نٿو پوي (زندگيءَ لاءِ ڊوڙندڙ هن هيڏي ساري انسانن جي ڀيڙ ۾!) ۽ نه هجون ته به ڪوئي فرق نه پوندو. ۽ مان، تون ۽ هوءَ ۾ تون آهين. پر تون ۽ مان آهيون! ۽ آهي......آواز اسان جا اسان کان اڳ ۾ ئي اُڏامي وڃن ٿا. اڏامندڙ آواز ۽ جدا ٿيندڙ ساٿيءَ جي پويان ڪير ڊوڙي؟ ڪير ڄاڻي ته ڪڏهن تون وري ٽڪرائجي وڃين ۽ پوءِ سڀڪجهه بڪواس آهي. چوڻ مان الائي ڇا ٿو چاهيان ۽ چئي الائي ڇا ٿو وڃان. تون ۽ مان هينئر هتي ويٺا آهيون، ويٺا آهيون ته ڄڻ ڪجهه محسوس نٿو ٿئي. پر ڪجهه به نه محسوس ٿيندي به، ڄڻ ڪجهه محسوس ٿي رهيو آهي. (هي سڀڪجهه به ته ڪيڏو نه دوکو ۽ فريب آهي!) تون ۽ مان ويٺل آهيون، ويٺا هئاسين، ويٺل رهنداسين. هتي هن جاءِ تي، جتي هرڪوئي ويهي سگهي ٿو. شام جو هي اُداس منظر به روز ٿيندو آهي. اڳ به ٿيندو هو. شام هر روز ٿيندي. ڌيري ڌيري هرچيز کي ڳڙڪائيندڙ اونداهي روز ائين ئي پکڙجندي  رهندي. پر صبح به ضرور ٿيڻو آهي. هر رات جي پويان به ته ڪوئي نه ڪوئي صبح ضرور آهي. تنهنجو ۽ منهنجو گڏيل صبح به ضرور ٿئي ها. پر الائي ڪيترا اهڙا صبح آهن، جيڪي خبر ناهي ڇو اونداهين ۾ ئي گم ٿي ويا. ٿيندي ٿيندي ڪيتريون ئي اهڙيون شيون آهن، جيڪي رهجي وڃن ٿيون اڌوريون. توکي بلو رنگ وڻندو آهي. هُن کي ڳاڙهو رنگ وڻندو هو. آسماني بلو رنگ آڪاس جو آهي ۽ آڪاس به ته ڪيڏو نه ڦهليل آهي. توکي گُل وڻندا آهن ۽ مون توکي الائي ڪيترا ڳاڙها گل ڇني به ڏنا آهن. پر گل به ته پرهه ڦٽيءَ جو ٽڙندا آهن. تون ۽ مان هتي ويٺا آهيون، پرهه ڦٽي ٿيڻ جي انتظار ۾. ڪنهن صبح ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾. صبح ٿيڻ جو اوسيئڙو هرڪنهن کي آهي. هرڪنهن جي اکين ۾ آهي ٻرندڙ جوت سُڀان جي ساڀيا ٿيندڙ سپنن جي! سپنا به ته ساڀيا ضرور ٿيڻا آهن. پر رات جو رستن تي هلڻ زندگيءَ جي علامت آهي ۽ هن رات به ته اسان کي روليو آهي. ستل ننڊ ۾ دنيا جي ڪُنڊ ڪُنڊ ۾ وڃڻ! مون کي ٻاهر وڃڻ ڏيو. دروازا سڀ کولي ڇڏيو. اندر جو دروازو کليل آهي! ٻاهر اونداهي آهي، پر اُميدن جا ستارا روشن آهن. رات جا اونداها رستا ئي ته منزل ڏانهن وڃن ٿا ۽ اُميدن جي روشن ستارن جي ڇانوَ ۾ هر منزل اسان سان گڏ آهي. تون ۽ مان به ته گڏ آهيون.

تون هتي مون وٽ آهين، ته سڀڪجهه آهي. پر سڄي حياتي به ته تون ۽ مان نٿا ويهي سگهون، هڪ ئي هنڌ. ڪجهه دير کان پوءِ تون هلي ويندينءَ يا ٿي سگهي ٿو ته مان ئي هليو وڃان. تون ۽ مان-- ٻنهي مان هڪ کي وڃڻو آهي. ڪوئي ڪيڏانهن وڃي ٿو ۽ ڪوئي خبر ناهي ڪيڏانهن؟ ڪنهن جي به منزل جي ڪائي ڄاڻ ناهي. پر هتان، اسان ٻنهي مان هڪ کي وڃڻو پوندو. وڃڻ کان اڳ ۾ تو ۽ مان اڃا ته ڪجهه ڳالهايو به ڪونه. مان تنهنجو آواز ٻڌي نٿو سگهان. تيز هلندڙ شام جون هي هوائون، اسان کي اسان جن آوازن سان گڏ گم ڪري ڇڏينديون. پاڻ گهڻو ڪجهه ڳالهائڻ چاهيون ٿا ۽ اڃا ته گهڻو ڪجهه ڳالهائڻو آهي. اڃا ته سُڀان جا ساڀيا ٿيندڙ سپنا به ڪونه ڏٺاسين. انهن اکين، جن اکين ۾ جوت جلندڙ آهي، اُميدن جي-- ۽ ستارا ڪيترائي ٽِم ٽِم ڪن پيا. جوت جلندڙ نيڻ پورجي نٿا سگهن. پر وڃڻو ته ضرور آهي، ڪنهن نه ڪنهن کي. ٻاهر هن سُنسان ٻپهرن جو، جڏهن لُڪَ لڳي پئي ۽ اُس تيز آهي. ڪوئي پنڌ ۾ بڙ جو گهاٽو وڻ به ته ڪونهي. ڇانوَ ڪٿي به ناهي ۽ مون  جيڪو پنڌ ۾ نم جو ٻوٽو هنيو آهي، اُن جي ڇانوَ ٿيڻ ۾ ته اڃا الائي ڪيترو عرصو لڳندو. تنهنجي ۽ منهنجي ته ملاقات ئي مختصر آهي. وقت فقط هڪ ئي ڀيرو ملاقات ڪرائيندو آهي. پوءِ ته فقط اتفاقي حادثن تي سڄي ڳالهه ٻڌل آهي. ۽ هلي هلي به ته هرڪوئي ٿڪجي پيو آهي (جهڙيءَ طرح باز يا گُرڙ پکي آڪاس ۾ هيڏانهن هوڏانهن اُڏامي ٿڪجي، ڌرتيءَ تي آرام ڪرڻ لاءِ تڪڙو تڪڙو موٽندو آهي. تهڙيءَ طرح هي ماڻهو به هن سشوپتي اسٿان لاءِ ڊوڙي ٿو. سشوپتي اسٿان ۾ هي ماڻهو ڪنهن به پياري پدارٿ جي ملڻ لاءِ خواهش نٿو رکي. نڪي ڪوئي سپنو ڏسي ٿو. (سشوپتي اسٿان، هر ماڻهوءَ جو سريشٺ اسٿان آهي!) ۽ هن ڪوچ تي ويٺا آهيون ائين ئي. انتظار خبر ناهي ته ڪهڙي چيز جو آهي. پر ڇا تو اهو سڀڪجهه سنڀالي به رکيو آهي. منهنجا ته سوين روپ آهن. ٻاهر ۽ اندر جو روپ ته ڏٺل آهي. جهڙيءَ طرح هڪ گهاٽي وڻ ۾ ڪئين شاخون ٿين ٿيون، اهڙيءَ ريت انسان جي اندر ۾ به ڪئين شاخون آهن ۽ ڪوئي ڪنهن کي سڃاڻي به نٿو. تون ۽ مان هڪٻئي کي سڃاڻندي به نٿا سڃاڻون. ڪجهه دير کان پوءِ تون ۽ مان ڪافي پيئنداسين. تون ۽ مان ڪافي پيئڻ چاهيون ٿا ۽ مان ڪافيءَ سان سڏ سگار به ڇڪڻ چاهيان ٿو. مون کي اها به ڄاڻ آهي، ته تو مون کي سگار ڇڪڻ کان روڪيو به آهي، پر مان سگار ضرور ڇڪڻ چاهيان ٿو. ڪير ڄاڻي ته ڪٿي اها جدائيءَ جي مهل نه اچي وڃي. تون ۽ مان هر دَور ۾ جڏهن به ملڻ چاهيندا آهيون، ته ديوار کڙي ٿي ويندي آهي. جدائيءَ ۽ انتظار جون اوچيون ديوارون کڙيون ٿي ويون، ته پوءِ ڪوئي ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. تون ۽ مان آهيون ته انتظار ۽ جدائيءَ جون ديوارون رستا روڪي بيهي رهنديون. انتظار ۽ جدائيءَ جي ديوارن سان سر ٽڪرائڻ ۾ هڪ سيٽسفيڪشن آهي. هر چيز لاءِ ضروري آهي. ڪير ڄاڻي ته ڪڏهن ڪنهن اڳئين جنم ۾ به ائين ٿيندو آيو هجي، جيئن اڄ آهي. اڳ به ائين ٿيو آهي ۽ ٿيندو آيو آهي، اها ڄاڻ ڪنهن کي ڪانهي. ڪوئي ڪيستائين ائين جلندو رهندو، الائي ڪيتري عرصي تائين؟ پرهه ته دور، گهڻي دور آهي شايد، ۽ ڪير ڄاڻي ته ڪڏهن ۽ ڪٿي مليا هئاسين، جدا ٿيڻ لاءِ! تون شايد اُداس آهين ۽ اُداس ته مان به آهيان. تون وڃين پيو، وڃڻ توکي نه کپي. تون به وڃين پئي. تون ۽ مان ٻئي اُداس آهيون. ڪنهن جي وڃڻ سان ڪوئي فرق به ته نٿو پوي، پر خال به نٿو ڀرجي سگهي. دور گهڻو دور وڃان پيو. آءٌ وڃان پيو، جدائيءَ جون ديوارون، اوچيون گهڻيون اوچيون آهن، ڪنهن اوچي وڻ جيان. اوچي وڻ جي هُن پار پڇاڙيءَ جي تاريخن جو زرد چنڊ کڙيل آهي. زرد ته هر چيز آهي. اُڏامندڙ زرد مٽيءَ جو ڪوئي ڪُن آهي. ڦري رهي آهي هر چيز. منهنجي من ۾ به اُڏامي رهي آهي زرد مٽي. ڪاليداس ته الائي ڪڏهن لکيو هو، ۽ ڪير  ڄاڻي ته سڀڪجهه آهي الائي ڇا. ”مٽيءَ جي گاڏي“(1)، لکڻ کان اڳ هُن الائي ڇا سوچيو هوندو؟ سوچيو ته گهڻو ڪجهه مون به هو، پر مون پنهنجو ناٽڪ اڳي ئي لکي ورتو هو. انت، ناٽڪ جو لکڻ کان اڳ ۾ ڪجهه  به نه سوچيو هئم. مان پنهنجي ناٽڪ جو نائڪ آهيان. پر آڪاس ۾ زرد چنڊ اڪيلو کڙيل آهي، ۽ منهنجو گهر به ته ڪيترو نه دور آهي. پر تون ڪيڏانهن هليو وئين؟ اڃا ته صبح به ڪونه ٿيو آهي. پرهه ڦٽيءَ ۾ ته اڃا الائي ڪيترو وقت آهي ۽ وقت جا فاصلا ڊگها گهڻا ڊگها آهن. فاصلا ته گهڻائي آهن. ڪير اورانگهي سگهندو انهن اونداهين صدين جي ڦهليل فاصلن کي، جيڪي هن نيري ۽ وشال آڪاس جيان آهن، جنهن ۾ اڇا اڇا پکي الائي ڪيڏانهن اُڏامي وڃي رهيا آهن. فاصلا، زندگيءَ ۽ موت جا. فاصلا ته وڌي ويا. ديوارون انتظار ۾ جدائيءَ جون-- ۽ تون، مان ته اڃا ڪافي به نه پي سگهياسين ۽ نه ئي مان ڪوئي سگار ڇڪي سگهيس!

Hello, Sir.

- هان....؟

- ڪهڙا حال آهن؟

- اڪيلا  ئي اڪيلا ويٺا آهيون؟

- اڪيلو....؟ اڪيلو ته شايد هاڻ ٿيو آهيان!

ڪنهن جي اچڻ سان اڪيلي هئڻ جو احساس ٿئي ٿو. اڪيلائيءَ ۾ ته خود اڪيلائي گڏ هوندي آهي ۽ مون ۾ اڃا شايد ايتري همٿ ڪانه آئي آهي، جو توهان کي چئي سگهان ته هليا وڃو هتان.  ڇو ٿا اچو ڪنهن وٽ؟

- توهان شايد سڃاتو ڪونه مون کي؟

- سڃاڻڻ يا نه سڃاڻڻ سان ڪوئي فرق به پوي ٿو ڇا؟

- سڃاڻڻ سان ڪوئي فرق پوي ٿو، تڏهن ته مان چوان ٿو!

- سڃاڻڻ سان ٿي سگهي ٿو ته گهڻيون اهڙيون ڳالهيون ياد اچن، جن کي ڪيترو وقت ٿيو ته مان وساري ويٺو آهيان!

- مان نرملا جو مڙس آهيان!

نرملا... او نرملا!.... وقت ته ڪنهن تيز گهوڙي جيان اڳيان نڪري ويو. اسين ته الائي ڪيترو پري رهجي وياسين. ۽ ان کان پهرين آئيڊيل هئا. زندگي رولاڪ هئي. ۽ ڪجهه نه هوندي به ڄڻ ڪجهه هو. هيڪلي گهارڻ جي سگهه آهي. منزل ڏانهن وڌندڙ قدم تيز ۽ گهڻا تيز آهن. منزل ڏانهن ويندڙ ۽ وڌندڙ قدمن مان ڪي قدم مٽجي به سگهن ٿا. اونداهين ۾ صبح کي ڳوليندي ۽ منزل لاءِ رُلندي، ڪي مارجي ويا، ته انهن کي ڪير ڳولي. ڪير ڳولي انهن اونداهين ۾ گم ٿيندڙ قدمن کي..... ۽ نرملا! (سپني اوسٿا ۾ نه گاڏيون ٿين ٿيون ۽ نڪي اتي گهوڙا ۽ رستو آهي. هي ماڻهو سپني ۾ رٿ، گهوڙا ۽ رٿ لاءِ رستي کي ٺاهي ٿو. اُتي نه سک آهي ۽ نه آنند آهي. هي ماڻهو سپني ۾ آنند، سک ۽ پرمود کي رچي ٿو. سپني ۾ نه تلاءَ آهن، نه نديون آهن. پر هي سپني ۾ نديون ۽ تلاءَ ٺاهي ٿو. هي سپني اوسٿا ۾ سڀڪجهه ٺاهڻ وارو ٿئي ٿو!)

- توهان ڪيڏانهن گم ٿي ويا؟

- هان.... مون..... مون ته ڪافي ٿي پيئڻ چاهي سگار سان گڏ!

- عجيب ڳالهه آهي. ڇا توهان ڪو خواب پيا ڏسو ڇا؟

- سپنا ته گهڻا ئي هئا ۽ گهڻا ئي آهن. سپنا ٺاهيندڙ به اسين آهيون، ته انهن کي ڊاهيندڙ به اسين... پر توهان سان گڏ نرملا هئي. ۽ اڄ توهان اڪيلا آيا آهيو. ڪٿي آهي هوءَ!

- هوءَ مري چڪي آهي!

- مري ويئي؟.... ماڻهو آخر مري ڇو ٿو وڃي؟.... پر تو هن کي مري وڃڻ ڇو ڏنو؟ تو آخر هن کي مري ڇو وڃڻ ڏنو!

- مان ڇا ٿي ڪري سگهيس.... ڪير ڪنهن کي مري وڃڻ کان روڪي نٿو سگهي. هوءَ زندهه هئي ته زندگيءَ مان سيٽسفاءِ نه هئي. ۽ زندگي ڄڻ ته هن لاءِ بي معنا هئي. مري وڃڻ کان پوءِ مون هن  جي ڊائريءَ ۾ ڏٺو ته لکيل هو: هر ڇوڪريءَ کي سدائين اُها محبت ياد ٿي رهي، جيڪا هوءَ پندرهن کان ويهن سالن جي عمر ۾ ڪندي آهي!

- محبت..... محبت ته اُهي به ڪن ٿا، جن محبت دير سان شروع ڪئي..... پر تون هن کي مري وڃڻ نه ڏين ها!

- توهان جو گهر ۽ هن جو گهر پاسي ۾ هوندو هو. ۽  اها خبر به مون کي دير سان پئي. توهان محبت به ته هن سان ڪئي هئي نه؟ نرملا جي سامان مان مون کي توهان جا ڪيترا خط به مليا آهن!

- محبت..... زندگي.... ڇا سانڍي رکڻ لاءِ اهي شيون ضروري آهن؟ او خدايا! انسان آخر ڪيڏانهن وڃي، پر ذليل مان آهيان، ۽ وڃان پيو!

پر تون هليو ڪيڏانهن وئين؟

ٻاهر ته زرد مٽي اُڏامي پئي، ۽ زرد پن دور الائي ڪٿي سڙي رهيا آهن! آڪاس ڏانهن اُڏامندڙ دونهون گم ٿي رهيو آهي. وايومنڊل دونهاٽيل آهي (باهيون بيراڳين جون، ڀِنيءَ ڀڙڪا ڪن!) ۽ منهنجي لکيل خطن جو پنو به ته زرد ٿي چڪو آهي. ۽ پنا به سڙي ويندا. ازل جي پراسرار ڪائي اهڙي چيز آهي. سڙي ويندا. ۽ خط به ته منهنجا اُڏامي ويا!......

......Writing letters... means to denude oneself before the ghosts, something for which they greedily wait. Written kisses don't reach their destination، rather they are drunk on the way by the ghosts!

....You don't seem to realize, Milena, that we are standing side by side, watching this creature on the ground which is me, but I, as the spectator, am then non-existent!! (1)

 

ڊوڙو ۽ ڊوڙندا هلو. ڪي پراسرار طاقتون تيز رفتاريءَ سان پويان آهن. (پر نرملا! تون مري ڇو وئينءَ؟) اونداهي ته هر چيز کي کائي رهي آهي. اونداهي موت آهي ۽ موت جا نوحا ۽ اوسارا ته ڪيترائي آهن. ۽ پنڊورا(2) به ته الائي ڪير ٿي هئي؟ ڪنهن هڪ جي غلطيءَ جي ڪري، سزا سڀ ڀوڳي رهيا آهن. پر ٻاهر....؟ ۽ گهر هجي ها، ته اڪيلو رهان ها. دک، درد ۽ اجنبي چهرن کي ڇڏي اڪيلو رهان ها. گهر ڪنهن اهڙي ۾، ۽ انتظار ان چيز جو آهي، جيڪا ڪڏهن به اچڻي ناهي. ۽ هاڻ ته منزل به سامهون هوندي ڏسڻ ۾ نٿي اچي. (۽ مدت گذري ڪٿي ۽ الائي ڪيئن پڙهيو هيم: هوءَ مري چڪي آهي. پر گُل اڃا به ڪومائجي وڃن ٿا. اي موت! انهيءَ ڇوڪريءَ کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ، توکي فرصت ڪيئن ملندي هوندي؟)(3) پر منهنجي شيشي وارين درين مان ڪوئي جهاتي ضرور پائيندو. من منهنجي ۾ ڪائي اهڙي ڳالهه ضرور آهي. چوڻ جي مُند به ضرور ايندي. هوءَ سامهون کان ايندڙ روشني به ته الائي ڇا جي آهي؟ جڏهن تنهنجا سمونڊ جهڙا گهرا نيڻ ۽ هر شام جيان، جنهن کي اونداهي ڌيري ڌيري ڳڙڪايو وڃي! هٽائي ڇڏيو انهن خالي لفظن جي ڍير کي. پر پوءِ به لفظ ئي ته معنا رکن ٿا. لمحا جيڪي گذري وڃن ٿا ۽ صديون گذريو وڃن. ڪوئي اداس چهرو جهاتي ضرور پائيندو. ڪي انسان اهڙا به آهن، جيڪي جنم وٺڻ سان ئي اداسي کنيو اچن. اداسي ته وڻ ويڙهيءَ وانگر وڪوڙيو بيٺي آهي. من پنهنجو وس ۾ به ته ناهي. ۽ پوءِ به تون چوين ٿو ته زندگيءَ ۾ اميد ضرور آهي. مايوسي غلط آهي، غلط هوندي ۽ ٿي سگهي ٿو، ته سڀڪجهه غلط هجي! ڪنهن جي غلطيءَ جي ڪير سزا ڀوڳي رهيو آهي؟ پر ڇپر به ته ڪوئي ڇڏي نه ويندو آهي ۽ لُڪون به ته ڏاڍيون ڪوسيون لڳن پيون. ٻاهر ڪوئي نڪري نٿو سگهي- ۽ ان کي به ته مدت گذري ته هوءَ مري چڪي آهي. ڊائيسيڪشن هال ۾ وڍڪٽ ٿيندڙ لاش به الائي ڪنهن جو آهي؟ لاش ته الائي ڪيترائي آهن، ۽ گمنام آهن. زندگي هئي ته حسرتون به هيون، اميدون هيون، ڪنهن جو انتظار هو، دک سهڻ جي سگهه هئي ۽ ايتريون خواهشون هيون. پر اهو سڀڪجهه ٿي نه سگهيو. وقت ائين ضايع ٿي وڃي ٿو ۽ سامهون هوءَ گمنام ۽ ڊهندڙ قبر به ته الائي ڪنهن جي آهي. سنسان لُڪ لڳندڙ ڏينهن ۾، بنا ڪنهن ڇانوَ جي قبر. سامهون رولاڪ ڪُتا. رستن تي ڏامر پگهرجندڙ. مرڻ کان پوءِ ڪوئي ٻوٽو نم  جو ضرور هجي ڇانوَ لاءِ. ۽ ويراني آهي. ڪڏهن ۽ ڪٿي زندگي به ساٿ ڇڏي ويندي، ۽ وقت تو ۽ مون جيان ڪوئي وفادار به نه ناهي. تڏهن ته ڪٿي ۽ الائي ڪيئن توکي اهو سڀڪجهه لکي ڏنو هئم. ماگهه جي سرد هوائن ۾ پيلا پنا سڙي رک ٿي ويندا. ڪائي پراسرار بيماري وڪوڙي ويئي آهي، هر چيز کي، پر مري وڃڻ توکي نه کپندو هو. ۽ مون کي ته اها ڄاڻ پوءِ پئي آهي. احساس ٿڪجڻ جو گهرو آهي، پوءِ به هلندا هلو ۽ هلندا هلو. احساس خوفناڪ چيز آهي. پوءِ اداس ٿي ٿا وڃون ۽ گم ٿا ٿي وڃون. انت هرچيز کي آهي. اڃا هاڻ ته هتان ڪوئي گذري ويو آهي. لفظ اسان پکيڙي ڇڏيا آهن. تمام وسامي ويل آوازن جي انبار ۾ ڪوئي ڪنهن جي آواز کي ڪيئن ڳولي؟ هر شام پاڇي جيان اسان سان گڏ آهي. تون ۽ مان به ته پاڇا هئاسين هڪٻئي جا. انتظار ٽيليفون جي گهنٽيءَ جو آهي. تنهنجو ۽ منهنجو گهر. گڏيل گهر جي خواهش به ته ڪئي هئيسين. پر ٽيليفون جي گهنٽي وڄندي ته سڀ ڪم رُڪجي ويندا. آواز اڃا به ڪنن ۾ اچن پيا. ايندا رهن ٿا گم ٿيل آواز. هوائون به ته ڪيڏيون نه بيرحم آهن. هوا اسان جا آواز جهٽي وٺندي آهي. اڏامندڙ آوازن جي ضرورت هوندي آهي ايندڙ وقت لاءِ. ۽ آرسي به ته ڪڏهن دوکو نه ڏيندي اهي. هر چهري ۾ سمايل آهن ڪيترا راز. پريان کان ڪٿان ايندڙ آواز الائي ڪنهن جا آهن ۽ هاڻ ته تيز هلندڙ هوائون به ڪو وقت ٿيو ته خاموش ٿي ويون آهن. زرد ۽ بيمار زندگي. ڇا تون مون سان سڄي حياتي ساٿ ڏيندين؟ اهي گهٽيون ۽ گهر سدائين مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندا آهن، ته اهڙي پنڌ ۾ جتي ڪوئي ڪنهن سان گڏ ڪونهي. ۽ رات ڪيڏي نه سرد ۽ ويران آهي! اونداهي آڪاس ۾ کنوڻ چمڪي رهي آهي ۽ ڪارن ڪارن ڪڪرن جي گوڙ جو هيبتناڪ آواز. روح قائم آهن، ۽ جسم فاني آهن. اڪيلائي زندگيءَ جي علامت آهي. ڪوئي ڪنهن سان ساٿ ڏئي. ۽ ڪافڪا فقط انڪري ميلينا کي ڇڏي ڏنو هو، جو هوءَ سلهه جو مريض هو. پر مون کي ته تنهنجو چهرو به ياد ڪونهي. وسري سڀڪجهه الائي ڇو ٿو وڃي؟ جڏهن سامهون آهين ته به ياد نٿو رهي. ۽ جڏهن دور گهڻو دور آهين، ته به چهرو ياد ڪونهي! (..... It occurs to me that I can't remember your face in any precise detail. Only how you finally walked away between  the tables of the Coffee-house, your figure, your dress, these I Can still see!!....!!) (1) ذهني سڪون جي ڳولا ۾ الائي ڪير آهي؟ ABSURDIS جو  FUTILITARINISM سان ڪهڙو تعلق آهي؟ توکي ۽ مون کي ته پنهنجي به ڄاڻ ڪانهي! ڪنهن ڊنل هرڻيءَ جون اکيون تو ڏٺيون آهن؟ موت ايندو ته ڪوئي ڪلاڪار ڇا سوچيندو؟ ڄمڻ ۽ مرڻ جي ڦيري ۾ ته تون مان اڃا ڪونه آيا آهيون. جنم ۽ مرڻ کان ڪوئي ڇُٽي سگهي ٿو؟ (سمهڻ وقت هن سرير ۾ ڪير سمهي ٿو. يعني ڪهڙي اندرين شڪتي ڪم ڪرڻ کان ماٺ ڪري ٿي ۽ ڪهڙي سرير جي سمهڻ وقت جاڳي ٿي ۽ پنهنجو ڪم ڪري ٿي. ان وقت ڪهڙي شڪتي سپني کي ڏسي ٿي. جاڳرت ۽ سپن اوسٿا ۾ انڀوءَ ۾ اچڻ وارو سشوپتي سک ڪنهن کي پراپت ٿئي ٿو. اهي سڀ، ڪنهن ۾ گڏجي سمائجي وڃن ٿا....) ۽ مُڪت ٿي سگهندو، زندگيءَ جي ٻنڌڻن کان. پر اها ڪير آهي؟ کنوڻ جو رنگ ڳاڙهو آهي. وهندڙ تيز پاڻيءَ جي وهڪري جو رنگ اڇو آهي، ۽ پرٿويءَ جو رنگ ڪارو آهي. اها ميز، جنهن تي تون ۽ مان پنهنجا لفظ وڃائي رهيا آهيون. لفظ سڏيندا رهن ٿا. مون کي پويان ڪنهن سڏ ڪيو؟ ڪير آهي؟ ڪير آهي؟..... پر ڪوئي آهي به ته ڪونه. وساڻل آوازن جي انبار مان ڪوئي الائي ڪنهن کي سڏي رهيو آهي؟ اسان جون آتمائون اسان سان گڏ آهن. نيرون ڪوٽ کان اروڙ تائين جو رستو به ته ڪيترو نه لنبو آهي. ڍڳي گاڏين، موٽرن، لارين ۽ ٽرڪن جو قافلو وڃي پيو. ۽ اداس رستا الائي ڇو آهن؟ ته خدايا، هن سفر ۾، جتي هرڪوئي ڳولا ۾ آهي ڪنهن جي ساٿ جي، ۽ شام جي هن اداس آڪاس تي ڪي ستارا آهن، جيڪي ٽم ٽم ڪن پيا، ۽ اسان جي مٿان بيرحم وقت جي ڪائي ديوار ڪِري نه پوي. سڀڪجهه اورانگهي وڃي، ۽ ڪوئي هتان لنگهي ته چوي، هتي به ڪوئي وڻ هو. هتان ڪوئي لنگهيو هو. شهر خالي خالي ڇو آهي؟ رات سڄي آڪاش ۽ مان- او زندگي. او زندگي. توکي مون تائين پهچڻ ۾ به ته ڪوئي وقت لڳو هوندو؟ سرءُ جي پيلي پيلي مُند کان پوءِ ئي ته بنست جي رُت ايندي آهي. در تي ڪوئي دُهلاري دُهل وڄائي سرنهن جا پيلا پيلا گل ڏيندو! پر اهو بسنت دهلاري ته مري ويو؟ هاڻ ڪير ڏيندو خوشين ۽ مسرتن جا اُهي پيلا پيلا گل، ۽ سرنهن جا پيلا گل ته ٽڙيل آهن. انتظار آهي. ڪوئي نه ڪوئي ته ضرور آهي.... پر نرملا مري تون ڇو وئينءَ؟ ڇا جدا ٿيڻ جو هڪ اهوئي رستو هو؟ اظهار کي چپن تائين پهچڻ ۾ به ته وقت لڳندو آهي. تون موت جي نزديڪ ايترو جلدي!؟ جُڳ به ته ڪيترا گذري چڪا آهن، ۽ جيئن جيئن جڳ جهلي، تيئن تيئن مون پنڌ ڪيو. پر مان ٿڪجي به ته گهڻو پيو آهيان.... مان ٿڪجي به ته گهڻو پيو آهيان.... مان وڃڻ به چاهيان ٿو.... هتي ڪوئي آهي به الائي نه.... مون کي ته ڏسڻ ۾ به ڪجهه نٿو اچي. دور گهڻو دور... ۽ نرملا، تنهنجو جسم....زرد مٽي کائي وڃي ٿي هرچيز کي!!... ۽ هاڻ تون چوين ٿي ته مان نه آهيان هتي.... اصل ۾ جيڪي ڪجهه مان آهيان، اها تون نه آهين، ۽ جيڪي ڪجهه مان آهيان، اها تون آهين. ۽ جيڪي ڪجهه تون آهين، اها تون ئي آهين ۽ مان آهيان، اهو ڪجهه جيڪي ڪجهه!!

- ٻُڌو!

- مون کي توهان سان ڪجهه ڳالهائڻو آهي.

- هان... ڇا... ڪير آهي؟

- معاف ڪجو، اسين توهان کي ڪجهه تڪليف ڏينداسين.... جو.

- تڪليف؟ ڪهڙي تڪليف؟ مان آهيان...

- اصل ۾ ڳالهه هيءَ آهي، ته اسين توهان سان ڪجهه دير هتي ويهڻ چاهيون ٿا.

- توهان سان گڏ ٻيو ڪير آهي؟

- ڇا توهين اسان کي ڪونه ٿا سڃاڻو؟

- سڃاڻان؟... ها... سڃاڻان ٿو. پر نه شايد سڀڪجهه وسري ويو اٿم!

- توهان جي گهر آياسين، ته خبر پئي ته توهان ويٺا آهيو. اسان سڀني کي توهان سان ملاقات جو ڏاڍو شوق هو. هيءَ منهنجي ننڍي ڀيڻ رخسانه آهي. اسين توهان جون ڪهاڻيون پڙهندا آهيون ته اسان کي حيرت لڳندي آهي، ته توهان اهو سڀڪجهه لکو ڪيئن ٿا؟

- مان لکندو ڪيئن آهيان؟ مان لکندو آهيان سهي؟ پر هيءَ توهان جي ڀيڻ به پڙهندي آهي ڇا؟

- جي، مان، مان توهان کي پڙهندي آهيان!

پر نرملا، او نرملا. آخر تون آخر مري ڇو وئينءَ؟ هيءَ ڇوڪري به ته ڪيڏي نه سهڻي آهي. ڄڻ ڪائي اُداس شام. ۽ جسم به ته ڪيڏو نه خوبصورت اٿس. جوان ٿيندڙ جسم به ته ڪيترا نه عجيب ٿين ٿا. ڄڻ ڪنهن مکڙيءَ مان ڦٽندڙ ڪوئي گل! ۽ مون کي به الائي ڪيترو  وقت ٿيو آهي، ڪنهن ڇوڪريءَ جي جسم کي هٿ لاتي. ڇا هيءَ پنهنجو خوبصورت جسم منهنجي حوالي ڪندي؟ هن جي چيلهه ڪيڏي نه سنهڙي ۽ اکيون ڪيڏيون نه گهريون آهن. جڏهن تنهنجي هن سمنڊ جهڙي اکين ۾.....!

- توهان مون کي ڪجهه چيو ڇا؟

- ها...نه...مان، مان ته پنهنجي پاڻ سان پئي ڳالهايو شايد. توهان کلو ته ڪونه ٿا مون تان؟

- نه، نه. اهڙي ته ڪائي ڳالهه ڪونهي!

اکين جي نگاهه به ته ڪيتري نه عجيب ٿئي ٿي. هن جي اکڙين ۾ ڪوئي ويٺو آهي. ۽ اهو مان ئي آهيان. هوءَ مون ڏانهن ڏسي مشڪي رهي آهي. ۽ اکيون ته سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏينديون آهن! پر ڪوئي آخر مري ڇو ٿو وڃي؟

- توهان اڄڪلهه لکو پيا؟

- مان لکان پيو؟ نه مان ڪجهه به نه لکي رهيو آهيان. پر مون جيڪي ڪجهه لکيو، اُهو اڏامي ويو هوائن ۾. ۽ مان هاڻي اڪيلو ٿي پيو آهيان. هي اڪيلايون مون کي کائي وينديون. لکڻ مان نٿو چاهيان. مان چاهيان ٿو، اهو ڪجهه جيڪي ڪجهه ٿي نه سگهندو. پر ڇا مون کي پناهه ملي سگهندي اونداهين کان، اڪيلاين کان، هيبتناڪ ۽ سنسان اڪيلاين کان!

- توهان.... توهان ڪيترا نه عجيب آهيو؟

هوءَ مون سان هڪ ڀيرو وري کلي ڳالهائي رهي آهي. ٿي سگهي ٿو، ته هن کي مون تي رحم اچي رهيو آهي-- هوءَ مون سان محبت ڪري رهي آهي. مان هن کي چوندس هوءَ منهنجو چيو نه موٽائيندي. وڌ ۾ وڌ انڪار ڪندي. پنهنجن مائٽن کي وڃي ٻڌائيندي.

- توهان ڪيڏانهن گُم ٿي ويا؟

- مان... ڏس نه مان، هيءَ زندگي ۽ مان. اصل ۾ جيڪي ڪجهه تون آهين. مان آهيان. ۽ موت بيوفا ساٿي آهي، زندگيءَ جو. ڏس نه ڪيترا ماڻهو آهن، جيڪي روز مري وڃن ٿا ۽ الائي ڪيترا آهن، جيڪي مري چڪا آهن. ڇا توکي ۽ مون کي اها ڄاڻ آهي ته زندگي ڪڏهن ۽ ڪٿي ساٿ ڇڏي ويندي؟ ۽ اهو ماڻهو، جيڪو ڪجهه نٿو سمجهي، ان لاءِ موت ڪيترو نه بي معنيٰ آهي؟ پر تو ۽ مون لاءِ جيڪي ڪجهه آهي، اهو ڪجهه به نه آهي. ۽ جيڪي ڪجهه نه آهي، اهو آهي سڀڪجهه. ڇا توکي خبر آهي، ته محبت جو جذبو ڪيترو نه مهان آهي. وقت جي هر ذهين فنڪار جي محبت به نامڪمل ۽ اڌوري هوندي آهي. ۽ موت به ائين اچي ٿو، جيئن تون اچي وئي آهين. يا بک لڳي رهي آهي. پر بک به مختلف قسمن جي ٿيندي آهي. بک جسم جي آهي....!!

- هي توهان کي اوچتو ڇا ٿي پيو؟ توهان چئو ڇا پيا؟

- مان چوان الائي ڇا ٿو؟..... مون کي سچ پچ الائي ڇا ٿي ويو آهي!

- توهان جي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟

- رخسانه، I love You!!

- توهان.....

- رخسانه، Really, I Love You!

 

هوءَ چپ آهي. ۽ چپ مان به آهيان. خاموشي آهي. هوءَ مون سان گڏ هلي رهي آهي، رات جي اونداهن رستن تي. رستا، سنسان اڪيلا ۽ ويران آهن. سرنهن جي وڻن مان مڌم مڌم سڳنڌ ڦهليل آهي دور دور تائين. اسان جي قدمن هيٺان آهن وڻن جا ڇڻيل سنهري گل. ۽ نم جي وڻن مان ٻور ڇڻي رهيو آهي. پر هي سڀ ڪيڏانهن هليا ويا؟ ڪيڏانهن هليا ويا سڀ؟ پر هن جو هٿ ته منهنجي هٿ ۾ آهي. منهنجي جسم ۾ ڄڻ بجلي ڊوڙي آهي. مان سڙي رهيو آهيان، ۽.....؟

- تون مون سان شادي ڪندينءَ؟

- شادي؟ مان توهان سان شادي ڪريان؟ پر ڇا اهو سڀڪجهه ٿي سگهندو؟

- ٿي سڀڪجهه سگهندو آهي. ۽ جيڪي نه ٿي سگهندو آهي. اهو به ٿي ويندو آهي سڀڪجهه. تون مون سان شادي ڪر. زندگي فقط ڪڏهن ڪڏهن ملائيندي آهي اسان کي! هڪ ڀيرو ملندا آيا آهيون، جدا ٿيڻ لاءِ.....

- منهنجا مائٽ توهان کي سڱ ڪونه ڏيندا، ۽ مجبور آهيان مان!

You can not love me, much as you would like, you are unhappily in love with your love for me, but your love for me is not in love with you!!(1)

 

- پر هي سڀ  ڪيڏانهن هليا ويا؟ ڪيڏانهن ٿا هليا وڃن سڀ آخر؟

- مدت گذري ته هو سڀ اسان کي ڇڏي هليا ويا. جدا ٿي ويا، سڀ اسان کان!

جيڪي گم ٿي ويا، اهي ڪڏهن به نه لڀجندا. جيڪي جدا ٿي ويا، اهي وري ڪڏهن نه ملندا. پُنرملن زندگيءَ ۾ ٿيندو ئي ڪونه آهي. پر تون جدا ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي مري ڇو وئينءَ..... نرملا. پر جي تون ۽ مان ۽ هوءَ ڄم ۽ موت جو فلسفو سمجهي وڃون ها، ته ائين نه ٿئي ها، پر آءٌ ته ڪنهن کي به مارڻ نٿو چاهيان!

- مان منتظر هيس صدين کان وٺي تنهنجو.  اصل ۾ تون آهين. مون کي نه فقط پنهنجي ذات جي خبر آهي. ۽ جيڪي ڪجهه خبر آهي، ان جي به ڪائي خبر ڪانهي. فقط جدائي آهي. هر جنم ۾، هر سال ۾، تون ملندي آهين. پر ڪير به اچي ها، ته مان منتظر هجان ها. انتظار رهندو آهي، ڪنهن نه ڪنهن جو. ۽ زندگي به ته ڪيڏي نه بي معنيٰ آهي، ڪنهن جي انتظار کان سواءِ!

- مان مجبور آهيان....مان ڪجهه به نٿي ڪري سگهان. مون ۾ فيصلي ڪرڻ جي سگهه ڪانهي. مان ڪمزور آهيان. پر مان..... توهان سان جيتري محبت ڪريان ٿي، ان جو توهان کي احساس ڪونهي، شايد مان توهان لاءِ سدائين روئندي رهندي آهيان!

- زندگيءَ ۾ ڪمزور ته هرڪوئي آهي، پر تو ۽ مون ۾ سگهه نه آهي، ان جدائيءَ ۾ انتظار جي ديوارن کي ٽوڙڻ جي. ڇا ڪوئي سگهه ساري سگهندو؟ ڪڏهن ۽ ڪٿي اڪيلو ايڪانت ۾ ويهي مون ڏٺو هو توکي. ۽ توئي ته ٻڌايو هو ته  تنهنجو گهر درياهه جي ڪپ تي آهي. جڏهن چانڊوڪي رات ٿيندي آهي، تڏهن درياهه عجيب هوندو آهي. ۽ هاڻ تنهنجو اهو ساٿي الائي ڪير ٿيندو، جيڪو اهو منظر ڏسندو، جيڪي مان نه ڏسي سگهيس؟

 

- توهان جا هٿ ايترا ٿڌا ڇو آهن؟

- مان آهيان جيڪي ڪجهه اهو، نه آهيان، ۽ جيڪي نه آهي، هر جنم ۽ هر دؤر ۾ تنهنجا ۽ منهنجا هٿ گڏ هئا. پر تنهنجي هن جسم جو ڇهاءُ به ڪيڏو نه عجيب آهي. تنهنجا هي نازڪ ۽ سهڻا اڇا اڇا کير جهڙا هٿ منهنجي هٿ ۾ آهن. ۽ وقت جون بيرحم ديوارون ڪِري پونديون ته پوءِ.....؟

- پر تون خاموش ڇو ٿي وئي آهين؟

- تون خاموش ڇو آهين آخر. پر تون ڪيڏانهن هلي وئينءَ؟

I Love you

I need you

(خاموشي)

I Love you

- رخسانه....

I need you هرڪوئي اچي، وري هليو ٿو وڃي؟

مان منتظر هيس تنهنجي لاءِ. پر تون هليو ڪيڏانهن وئين؟ مان، مان هيس، ۽ تون، تون نه هئين. پر درياهه جا تيز ۽ بيرحم وهڪرا لنگهي ويا اسان جي مٿان. هٿ، هٿ مان ڇڏائجي ويو. گهنڊن ۽ گهڙيالن جو آواز، هر طرف کان اچي رهيو آهي. دور ڪٿان. ڪير ڄاڻي ته هي سڀڪجهه سپنو هجي، پر صديون گذري ويون آهن ۽ مان هلي هلي به ته ٿڪجي پيو آهيان. منهنجا پير ڦٽجي چڪا آهن. منهنجو وهندڙ خون پکڙجي رهيو آهي. پر اهو سڀڪجهه ڪٿي آهي؟ سڀ رحم چاهين ٿا. ۽ مون وري ڪوئي سپنو ڏٺو. جڏهن پندرهينءَ جو چنڊ هنن اونداهن ڪڪرن مان ليئاڪا پائيندو. ۽ سامهون جبلن جي وچ ۾ وهندڙ جهرڻو. اُڃ صدين جي آهي. بي انت تاريڪيءَ ۾ ڪوئي سوجهرو آهي. آڪاس ۾ ڳوليو لفظن کي! معنيٰ هرچيز کي آهي. آوازن جو بي معنيٰ سمنڊ کائي ويو. اُداس ڏينهن بيزار ڏينهن. گذري ويل ڏينهن. ڏينهن جيڪي وري ڪڏهن به نه موٽندا. سپنا! هاءِ اهي سپنا. ڪڏهن ۽ ڪيئن ڦٽندو سورج. ڪير ڄاڻي ته ڪڏهن سورج شاخون ڪڍي. پر مون ته پنهنجا گهاءَ به ڳڻيا نه آهن! دور گهڻو دور ڪن وڻن تان پيلا پيلا زرد پن ڇني رهيا آهن. يادن جا ولر ڳوڙهن ۾ وهنتل، زندگيءَ جا وساريل سپنا ياد آيا. پر پوءِ به ڪائي چيز زندگيءَ جي علامت ڪونهي. سج لٿو ته اونداهي گهلي ويندي. پر اميدون ته ختم نه ٿين! ايندڙ رُت ايندي ته.... ۽ انتظار جون ديوارون ڀڃي ڇڏيو. اڏامندڙ لمحا. ڪوئي قيد ڪري سگهي ٿو؟ ننڊ ۾ ڊنل ڪوئي ٻار آهي، جنهن وانگر هرڪوئي آهي. پاڇو حقيقت آهي ته پوءِ سڀڪجهه ڇا آهي؟ ۽ رات ايندي ته پاڻ سان گهڻو ڪجهه کڻي ايندي. سامهون ڪنهن گهر مان ڇيڻن جو دونهون ڌيري ڌيري آڪاش ۾، شام جي اداس ۽ ڀيانڪ آڪاش جي هيٺان. سورج جبلن جي پويان لڪي ويو. اونداها مٽيءَ جا جبل کائي ويا روشن سج کي. ۽ هتي ئي هن هنڌ تي جتي اڄ ڪجهه به نه آهي. ڪوئي گهر هو. اداس ۽ اتهاسڪ ڪاٺ جي ڇت ۽ ڪاٺ جي در وارو گهر ڪونهي. هيءَ ماڙي، جنهن جا ڪئين ماڙ آهن، ان ۾ منهنجا ۽ تنهنجا ڪيترائي آواز دفن آهن! وقت وهندو پيو وڃي. وقت وهندو پيو وڃي. منهنجين بي آواز صدائن جا پڙلاءُ چئني پاسن کان اچي رهيا آهن. ڇا ڪوئي ٻڌي ٿو؟ ۽ چريائپ جي حقيقت جي به ته ڪنهن کي خبر ناهي. ڏينهن ۽ رات جا ڪيترا اهڙا لمحا آهن، پر منهنجي هن سوچن جي سمنڊ جو به ته ڪوئي انت ڪونهي! دور دور تائين آهي اُس ۽ پاڇي جي گردش. ڪير آهي ڪنهن جي پويان، ڪهڙي خبر؟ ۽ مان به ته الائي ڪير آهيان؟ ڪي آهن، جيڪي ڀٽڪي رهيا آهن، وقت جي اونداهن رستن تي! جيڪي وسامي ويا آهن. ۽ مان ته ڪنهن نه ڪنهن کي ڳولي رهيو هئس، صدين کان. بند دروازا ۽ دريون، هڪ هڪ ٿي کلي ويندا. وڇڙي وڃڻ نه ته زندگيءَ جي حقيقت آهي. پر پنهنجي ئي پاڇي کان هرڪو ڊڄندو رهندو آهي. ۽ ڪير ڄاڻي ته ڪڏهن ۽ ڪيئن ڪي وڃائجي وڃن ٿا.  جيون ساگر ۾ لهر لهر، دور ڪٿان ڪو وهندو ايندو. وهندو رهندو. لُڙُ لهرن ۾ ڪوئي آهي....!! پر هن منهنجي صبح ٿيڻ ۾ به ته الائي ڪيتري دير آهي؟ انت جيڪڏهن اهو آهي. مان منتظر هئس، پر انتظار ڪنهن جو ڪونهي. ۽ زندگيءَ جو اکٽ قافلو هليو پيو وڃي. ته اي خدايا. ڏينهن روشن ۽ راتيون اونداهيون آهن. وقت ڪنهن ٻوڏ جي پاڻيءَ جيان تيز وهندو پيو وڃي. تون ۽ مان به ته وهندڙ وقت جا حصا بڻجي چڪا آهيون ۽  پرارٿنا به ته انسان جو آخري هٿيار آهي. پر رات اونداهي ۽ ڀيانڪ آهي. دور دور تائين ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن. ۽ منهنجي هن زندگيءَ جو به ته ڪوئي انت آهي، الائي نه؟ مان به ته چپ ٿي ويو آهيان. ۽ خاموشي هرطرف کان ڇانئجي رهي آهي.....! رات اونداهي آهي. پر هر رات جي پويان به ته ڪوئي صبح ضرور آهي! (۽ منهنجي هن جيون کي ڪوئي انت ناهي!) پر انتظار ضرور آهي.

دور ڪٿان، هنن وڻن جي پويان جڏهن سورج شاخون ڪڍندو.

پر تون چپ ڇو ٿي ويو آهين؟

(هنن منهنجي آوارا سوچن جو به ته ڪوئي انت ناهي!)

صبح ٿيڻ وارو آهي! ها، صبح ٿيڻ وارو آهي!

رات اونداهي آهي. پر دور ڪٿان روشني ڦٽڻ واري آهي!

۽ رستا ڊگها گهڻا ڊگها، گهاٽن وڻن ۾ گهيريل رستا!

(پر منهنجي هن جيون کي ڪوئي انت به آهي؟)

جن شروع ڪئي منزل لاءِ جدوجهد، اهي حاصل نه ڪري سگهيا!!

(هر شروعات ۽ پڇاڙيءَ جي وچ ۾ وڇوٽي هوندي آهي!)

۽ جڏهن ڳوليوسين ته ڪوئي سڏ ڏيڻ لاءِ به موجود ڪونه هو!

(خاموشي) زندگيءَ جي رنگ ڀوميءَ تي. خاموشي.


 

شوڪت حسين شورو

رات جو رنگ

 

هو پاسا بدلائي بيزار ٿي پيو هو،پوءِ به هن اُٿڻ نٿي چاهيو. واچ ۾ ٽائيم ڏٺائين، جيتوڻيڪ ٿوري دير اڳ ۾ ٽائيم ڏسي چڪو هو. اڃا تائين ڏهه به ڪونه ٿيا هئا. هونءَ اُٿڻ جو ٽائيم َاٺ هو. ڏهين ڌاري آفيس جي گاڏي کڻڻ ايندي هئي پر اڄ آچر جو رُڃ جهڙو ڏينهن هو. موڪل جو ڏينهن وڏي مصيبت ٿي پوندو هو. ايڏو ڊگهو ڏينهن جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندو هو. ائين لڳندو هو ڄڻ سج به ان ڏينهن موڪل ڪندو هو ۽ سستيءَ وچان رڙهندو ساهيون پٽيندو ويندو هو. هن کي ڊپ هو ته اک کولڻ سان اُهي ئي ڏٺل وائٺل مهانڊا نظر ايندا، اُهي ئي هميشه واريون ساڳيون ساڳيون ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. سندس پارٽنر وقت ڪاٽڻ لاءِ تاس ويهي کيڏندا ۽ پاڻ هنن کي رانـد ڪندي ويهي ڏسندو. کيس راند ڪانه اچي، وڌ ۾ وڌ ڪو ڪتاب کڻي پڙهندو، پر هاڻي ته ڪتابن مان به ڪڪ ٿي پيو هو. ڌيان سان ڪتاب پڙهي نٿي سگهيو. صفحن جا صفحا پڙهي وڃڻ کان پوءِ کيس احساس ٿيندو هو ته الاجي ڇا پڙهي ويو. وري پنا اُٿلائي ٻيهر پڙهندو هو. گذريل هڪ سال کان اها حالت لڳاتار هئي. روٽين لائيف، بيزاري، مردگي، زندگيءَ جو، تبديليءَ جو، رنگينيءَ جو احساس مري ويل.

”لڳي ائين ٿو ته ڄڻ ڪيترن ئي سالن کان وٺي ريفريجريٽر ۾ بند پيو آهيان ۽ برف بنجي ويو آهيان. پر برف ته ٻاهر نڪرڻ سان رِجي ويندي آهي ۽ پاڻي وهڻ لڳندو آهي. وهندڙ پاڻي مون کي وڻندو آهي. بيٺل پاڻي ڏسي من منجهندو آهي. وهندڙ پاڻيءَ وانگر ماڻهو به هلندو رهي. هڪ هنڌ ڄمي نه وڃي.“

هن اکيون کولي ڏٺو. هن جا سمورا پارٽنر اڃا ستا پيا هئا ڏاڍي مزي ۾. اهي حالتن مان مطمئن نه هوندي به ٺيڪ ٺاڪ هئا. بيزار نه هئا. هنن کي ڪچهرين ڪرڻ، اجاين ڳالهين ڪرڻ ۽ يٽن شٽن هڻڻ مان مزو ٿي آيو. هو سڀ نارمل قسم جا ماڻهو هئا. ‘ماڻهو هجي ته نارمل هجي، نه ته ائبنارمل ماڻهوءَ جي لاءِ جيڪو حساس به هجي ته ان لاءِ زندگي عذاب آهي.‘ مون ۾ بيزاري پهرين کان هئي. پنهنجي پاڻ کان بيزار، حالتن کان بيزار، پر هاڻي اهو احساس وڌندو وڃي، وِير وانگر منهنجي مٿان چڙهندو اچي. حالتن جو اڻکٽ وهڪرو آهي. وس ۾ ڪجهه ڪونهي. رڳي بيوسي، لاچاري ۽ نتيجي ۾ خار ۽ نفرت پاڻ کان جو لڳي ته ڏوهه پنهنجو آهي. دنيا سان، حالتن سان ‘ائڊجسٽ’ نٿو ڪري سگهان. ماڻهو ٻين لاءِ ته آزار آهي ئي آهي، پاڻ لاءِ به آزار آهي. جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو پاڻ جهنم بنجي وڃي ته ان لاءِ زندگي گذارڻ ڪيڏي نه ڏکي آهي. مون کي لڳي ٿو ته آءٌ ائين ٿي ويو آهيان. مون ائين چاهيو ڪونه هو. پر چاهڻ نه چاهڻ سان فرق ڪهڙو ٿو پئي. حقيقت اها آهي ته هي سڀڪجهه جيڪي ٿيو آهي سو الائي ڪيئن آهستي آهستي يا اوچتو ٿي ويو. مون کي خبر به ڪانه پئي ته آءٌ روڳي بنجي ويو آهيان‘.

پارٽنر هڪ ٻئي پٺيان اُٿڻ لڳا. هن وري اکيون ٻوٽي سمهڻ جو ڍونگ ڪيو. هن جي بيزاري وئي وڌندي. ڳچ دير کان پوءِ هن جي دل چاهيو ته اُٿي رڙيون ڪري. هو ڪاوڙ وچان لت سان چادر هٽائي ويٺو ۽ پوءِ دستور موجب تيار ٿيڻ لڳو.

”پارٽنر! اڄ ڪاڏي تياري آهي؟“ هڪڙي پڇيو.

”دوست کي ٽائيم ڏنل آهي،“ هن مختصر جواب ڏنو.

”يار ڪڏهن اسان کي به ٽائيم ڏي. آخر اسان جو به ته حق آهي.“

”اوهان سان گڏ رهان ٿو. هيڪاندا آهيون. ان کان وڌيڪ ڪهڙي ڳالهه آهي.“

”ڇڏ يار، رات جو الاجي ڪيڏيءَ مهل اچين ۽ تون اڃا صبح جو سُتو ئي پيو هجين ته اسين هليا وڃون. ماڻهو ويهي ڪچهري ڪري- مزو تڏهن  آهي.“

”اسين ته سائينءَ سان ڪچهريءَ ڪرڻ ڪاڻ سِڪون پيا،“ ٻئي پارٽنر چيو.

”اهي ته اوهان جا قرب آهن. ڇا ڪجي. نوڪري اهڙي آهي، بهرحال، اڄ آءٌ سويل موٽي ايندس، پوءِ ڪچهري ڪبي.“

’۽ ان ڪچهريءَ ۾ آءٌ رڳو ٻڌندڙ هوندس.‘ هن من ۾ چيو.

وڌيڪ اينگهه کان بچڻ لاءِ هو جلدي تيار ٿي ٻاهر نڪري ويو.

آچر هئڻ ڪري بس ۾ رش گهٽ هئي. ماڻهو آرام سان بيهي پئي سگهيو. ٻئي ڪنهن ڏينهن بس ۾ بيهڻ لاءِ به جاءِ نه ملي ها. ماڻهو ائين هوندا آهن جيئن ٽرڪ ۾ واڙيل رڍون ٻڪريون. گهٽ ٻوساٽ، پگهر جي ڌپ، لتون، ڪنڊڪٽر جي ٿيلهه ٿيلهان.

صدر ايلفي -- جتي ماڻهن کان وڌيڪ موٽرون ڪاريون هونديون آهن، اتي اڄ ويراني ۽ اجاڙ هئي. رڳو هوٽلون کليل هيون، پر انهن ۾ اهو گوڙ ڪونه هو. فٽ پاٿن تي پراڻا ڪتاب رکيل هئا. ڍير مان ڪڏهن ڪڏهن ڪو سٺو ڪتاب نڪري ايندو هو ۽ هونءَ ڪتاب ڳوليندي وقت به ڪٽجيو وڃي. هو ڳچ دير تائين ڪتاب ڏسندو ۽ ڳوليندو رهيو. هن ڀيري ڪوبه چڱو ڪتاب نظر نه آيو. ’انگريزيءَ ۾ ايترو سارو ٽرئش لٽريچر ٿو لکجي! اهو ڪهڙي قسم جا ماڻهن پڙهندا هوندا؟‘ هو نيٺ ٿڪجي اُٿيو.

هو بوري بازار جون ويران گليون، ايلفي، وڪٽوريا روڊ، ريگل جي آس پاس رلندو رهيو، ”هڪڙا ماڻهو آهن جن کي وقت نٿو ملي ۽ مون لاءِ وقت گذارڻ مسئلو آهي. هي رُڃ جهڙو ڏينهن آخر ڪڏهن کٽندو؟ (جيستائين رڃ جهڙي حياتي آهي). هيڏي ساري اجهاڳ شهر ۾ منهنجو وقت نٿو ڪٽجي، جتي وقت گذارڻ لاءِ هرڪا شيءِ ميسر آهي. پر اهي شيون رستن تي هاريون ته ڪونه پيون آهن.....“

هـَـلي هـَـلي هن جون ٽنگون ساڻيون ٿي پيون هيون. هو پئراڊائيز سئنيما وٽ ريلينگ تي ٻانهون رکي بيهي رهيو. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪارون لنگهنديون رهيون. هڪ ٻن ڪارن ۾ هن کي ڄاتل سڃاتل مهانڊا نظر آيا ۽ هن منهن ڦيرائي ڇڏيو. هن کي خيال آيو ته اهي هن بابت ڇا سوچيندا ته وائڙن ۽ رول ماڻهن وانگر نوس نوس بيٺو ڪري. ”لعنت آهي. جنهن کي جيڪي وڻي سو وڃي سوچي. آءٌ پنهنجو پاڻ کان به ڊڄان ۽ ٻين کان به ڊڄان...وڏي نفرت آهي...“ هن ريلنگ تي زور سان مڪو وهائي ڪڍيو. سندس هٿ ڏکڻ لڳا. هن کي سندس آفيس ۾ ٿيل ڪالهوڪو واقعو ياد اچي ويو.

”جي؟“ ڇوڪريءَ هن کان ٽيون ڀيرو پڇيو ”معاف ڪجو، مون کي اوهان جي ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي.“

”چوي ٿو ته تنهنجا ڪاغذ اڃا پڙهي نه سگهيو آهيان، هاڻي جلدي پڙهي، خط وسيلي ٻڌائيندس.“

هو هروڀرو ڪاغذن کي اٿلائي پٿلائي رهيو هو. نگاهون ڪاغذن ۾ هيون، پر سڄو ڌيان ڇوڪرين جي سس پس طرف هو.

”ايترو آهستي ٿو ڳالهائي جو مون کي ته ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي. تون الاجي ڪيئن ٿي سمجهين؟“

”پهريون ڀيرو ته مان به ڪانه ٿي سمجهان.“ ٻئي وات تي هٿ رکي کلڻ لڳيون. هن جي جسم مان پگهر ڦٽي نڪتو. هن کي خيال آيو ته وڌيڪ وقت چپ رهيو ته بيوقوف لڳندو.

هن ڪوشش ڪري ڏاڍيان چيو: ”اوهان ويجها ٿا رهو يا پري؟“ هن کي پنهنجو آواز وڌيڪ وڏو ۽ غير فطري لڳو.

”نه، منهنجو گهر ڪافي پري آهي. ڪراچي ۾ سواريءَ جو وڏو مسئلو آهي. رڪشائن وارا ته اصل نواب آهن. جنهن طرف پاڻ وڃڻ چاهين، مسافر به ان طرف وڃن......“

”اوهان جي ڪم ۾ ٿوري دير لڳندي.“ هو وچان ٻي ڳالهه ڪري ويٺو. پر ڇوڪريءَ هنن جي ڳالهه سمجهي ڪانه.

”ها، اها روز روز جي مصيبت آهي. رڪشا وارن کي چوڻ وارو ڪوئي ڪونهي. پوليس وارن سان هنن جو حساب ڪتاب هوندو آهي، ان ڪري شڪايت جو ڪو اثر نٿو ٿئي.“

”اصل ۾ سڄو نظام ئي اهڙو آهي. اسان وٽ به اوهان جي ڪم کي هروڀرو دير ٿي وئي آهي.“ هن مذاق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

”جي!“

ٻي ڇوڪري کلڻ لڳي. ”ٻئي هڪ ٻئي جي ڳالهه نٿا سمجهو.“

هو ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ لڳو هو.

”سائين، اوهان هتي بيٺا آهيو؟“ هن ڇرڪي ڏٺو. سامهون آفيس جو پٽيوالو بيٺو هو.

”اوهه! آءٌ هتي ٽيڪسيءَ جي لاءِ بيٺو آهيان.“ هن جند ڇڏائڻ چاهي.

”سائين، هتي ٽيڪسي ملڻ مشڪل آهي. مان اوهان کي هٿ ڪري ڏيان؟“

”نه نه، تون ڀلي هل. آءٌ پاڻهي هٿ ڪندس.“

پٽيوالو هن کي عجيب نظرن سان ڏسندو هليو ويو.

”ماڻهو ڪٿي به نٿا ڇڏين. منهنجي مرضي، آءٌ ڪٿي به بيهان.“ هو اتان هلڻ لڳو. سامهون هوٽل تي نظر پيس. اندر هليو ويو ۽ خالي ٽيبل تي وڃي ويٺو. بيرو پاڻيءَ جو گلاس کڻي آيو. چانهه آڻڻ لاءِ چئي، هن آسپاس ڏٺو. سڄي هوٽل ۾ هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه اڪيلو نه هو.

”تون ايترو آهستي ڇو ٿو هلين؟ ائين سنڀالي قدم کڻندو آهين ڄڻ ڊڄندو هجين ته ڌرتيءَ کي تڪليف نه ٿئي.“ هڪ دوست چيو هئس. پوءِ هن پاڻ جڏهن ان ڳالهه تي غور ڪيو ته کيس دوست جي ڳالهه صحيح لڳي هئي.

”زندگي جيئڻ جي قابل ناهي يا مون ۾ جيئڻ جي صلاحيت ڪانهي. جيئڻ به هڪڙو فن آهي، جيڪو مون کي ڪڏهن نه آيو. اهڙي اڻ پوري، غلط ۽ مضحڪه خيز طريقي سان جيئڻ مان ڪهڙو فائدو. موت ته ڪڏهن به اچي سگهي ٿو، پوءِ ماڻهو ويٺو انتظار ڪري ۽ عذاب سهي!“

اڳ ڪئين ڀيرا سوچيل ڳالهه هن جي ذهن ۾ وري آئي، ”الاجي ڪيتري وقت کان آءٌ ان تي سوچيندو رهيو آهيان ۽ همت نه ساري سگهيو آهيان. پر هاڻي، هن گهڙيءَ مون کي پڪو ارادو ڪرڻ کپي. منهنجي لاءِ اهوئي هڪڙو باعزت طريقو آهي. نه ته آءٌ پنهنجو پاڻ کان نفرت جي جهنم ۾ جلندو رهندس. مون کي اڄ ئي پنهنجو انت آڻڻ کپي. اڄ ئي .......“ هن پڪو پهه ڪيو. هن جي اڳيان ٽيبل تي پليٽ ۾ بل رکيو هو. هن کي حيرت لڳي ته چانهه ڪيڏي مهل پي ڇڏيائين. ڪوپ خالي هو ۽ ان جي تري ۾ ٿوري بچيل چانهه هئي.

کيسي مان پيسا ڪڍندي هن سوچيو ته ڪهڙي جاءِ موزون ٿيندي. کيس سمنڊ جو خيال آيو. ”ها، سمنڊ وڌيڪ ٺيڪ آهي. سمنڊ هميشه منهنجي من کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو آهي. سمنڊ ڏسي مون کي ڇڪ سان گڏ هيبت محسوس ٿيندي آهي. آءٌ پاڻ سمنڊ جي بي انت ڪاراڻ ۾ گم ڪري ڇڏيندس ۽ ڪنهن کي خبر نه پوندي. آءٌ اهو نٿو چاهيان ته ماڻهو منهنجي موت تي ڳالهائين. جيئري ته مون تي ڳالهائيندا رهن ٿا، پر آءٌ انهن کي پنهنجي موت تي ڳالهائڻ نه ڏيندس. منهنجي ڪنهن کي خبر به نه پوندي.“

هو اٿي بيٺو ۽ ڪلفٽن ويندڙ بسن جي اڏي طرف هلڻ لڳو. هڪڙي بس اڏي تان رواني ٿي رهي هئي. موڪل هئڻ سبب ڪلفٽن ڏانهن ويندڙ بسن ۾ گهڻي رش هئي. هن ٻي بس جو انتظار ڪرڻ نٿي چاهيو. هلندڙ بس ۾ چڙهڻ لاءِ ڊوڙيو. هن جو هٿ ڏنڊي ۾ پئجي ويو ۽ پير مٿي کڄي ويا. ٻيا به ماڻهو ٻاهر لٽڪي رهيا هئا. هن جي فقط هڪڙي پير کي فوٽ بورڊ تي جاءِ ملي سگهي ۽ ٻيو لٽڪندو رهيو. هٿ مضبوطيءَ سان جهليل هئا.

”جيڪر آءٌ رڳو اهو هٿ کولي ڇڏيان ته دير ئي ڪانه لڳندي. اتي ئي ڪم پورو ٿي ويندو، پر اهو ٺيڪ ناهي. آءٌ پنهنجي موت کي تماشو بنائڻ نٿو چاهيان. موت جي پبلسٽي مون کي نٿي وڻي. ظاهر آهي ته بس روڪائي ويندي. ماڻهو ان کي اتفاقي حادثو سڏيندا، پر ان سان گڏ مون کي لاپرواهه ۽ بس جي دروازن تي لٽڪندڙ شوباز سمجهندا. مائٽن، دوستن ۽ واقفڪارن کي منهنجي بيوقوفي تي حيرت لڳندي. بس ۾ سفر ڪندڙ سڀ مون کي گاريون ڏيندا ته منهنجي ڪري هنن کي دير ٿي وئي. بس جو غريب ڊرائيور ۽ ڪنڊڪٽر ڦاسندا. اهي سڀ ڳالهيون آهن، پر وڏي ڳالهه اها آهي ته ٿي سگهي ٿو ته آءٌ مران نه... بس کان ته پري وڃي ڪرندس، رڳو ٽنگون ٻانهون ڀڄن ۽ معذور ٿي پوان. هن وقت پاڻ تي بار آهيان، پوءِ ٻين تي بار ٿي پوندس.“ خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. اڳيان بيٺل همراهه جو سڄو وزن هن تي پئجي رهيو هو ۽ سندس هٿ جي پڪڙ ڍلي ٿي رهي هئي. هن همراهه کي پنهنجي ڇاتيءَ سان ڌڪيندي چڙ وچان چيو ”ڀائي صاحب، پاڻ سنڀال، ڪيرائين ٿو.“

همراهه هن ڏانهن ڪاوڙ مان ڏٺو. ”مون کي به ٻيا ڌڪي رهيا آهن.“ پر پوءِ به هن پاڻ کي سنڀاليو.

ڪجهه وقت تائين ذهن کي ويساند ملي وئي. هو سڄي واٽ پاڻ کي مضبوطيءَ سان سنڀالڻ جي جاکوڙ ڪندو رهيو. بس ڪلفٽن تي اچي بيٺي ته هن کي رڳو هٿ کولڻو پيو ۽ آسانيءَ سان لهي آيو. هٿ ۾ سور ٿي پيو هو ۽ تِري لال ٿي وئي هئي. هو هلندو هلندو سمنڊ ڏانهن آيو. ٻار، عورتون ۽ مرد ڊوڙي ڊڪي رهيا هئا. ٽهڪ ڏيئي رهيا هئا. سڀ خوش هئا يا خوش هجڻ جو ڍونگ ڪري رهيا هئا. هو پاڻ به ته ائين ڪندو رهيو هو، دوستن ۽ واقفڪارن جي اڳيان منهن تي مطمئن هجڻ جو، خوش هجڻ جو ڪوڙو نقاب چاڙهي. جڏهن اڪيلائيءَ ۾ هو اهو نقاب لاهيندو هو ته من ڀرجي ايندو هوس. چاهيندو هو ته ان وقت ڪو هجي، جيڪو هن کي سمجهي سگهي.

--- تنهنجو چهرو ايترو Expressionless ڇو آهي؟

--- تون هميشه Confuse ۽ مايوس ڇو هوندو آهين؟

--- تون چپ چاپ ۽ ڪهڙين سوچن ۾ هوندو آهين؟

--- تو ۾ ڦڙتي ڇو ناهي؟

۽ هن پاڻ کان پڇڻ چاهيو، ”تون ايترو وقت جيئرو ڇو رهيو آهين؟“

اوچتو هن زور سان رڙ ڪئي: واهيات... هڪدم ڇرڪي آسپاس ڏٺائين. چرين وانگر رڙ ڪرڻ تي کيس شرم آيو. پر هن کي حيرت لڳي ته ڪنهن جو به ڏانهس ڌيان ڪونه هو. ماڻهن ڄاڻي واڻي هن ڏانهن ڌيان ڪونه ڏنو يا ... يا ڪا ٻي ڳالهه هئي. هن جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو. تڏهن هن کي احساس ٿيو ته اها رڙ هن جي نڙيءَ ۾ گهٽجي وئي هئي. هن کي  پاڻ تي باهه وٺي وئي. ”بزدل، ڀاڙي، ڊڄڻو ... جيڪي ڪجهه چاهيان ٿو سو ڪري نٿو سگهان، رڳو رڙ به نه!“ هن کي روئڻ اچي ويو، اهو به اندر ئي اندر ۾. ٻاهر ڪجهه به نه هو. بيٺل پاڻي. ڄميل برف بنجي ويل - اندر گهڻي گهرائيءَ ۾ پاڻي ٽهڪي رهيو هو ۽ پيڙا هئي سڙڻ جي.

هو ڪناري تي ٺهيل پٿر جي ديوار تي چڙهي ويٺو ۽ سمنڊ ڏانهن ڏسڻ لڳو. ڪجهه گهڙين کان پوءِ هو پاڻ کي انهن لهرن ۽ ويرن جي حوالي ڪرڻ وارو هو.

وقت واريءَ وانگر هن جي مُٺ جي وٿين مان کسڪندو پئي آيو. هن کي خيال آيو ته هو ايترن سارن ماڻهن جي اڳيان نه مرندو. هو اُٿيو- ڪنارو ڪنارو وٺي هلندو ويو ڪنهن ويران ۽ مناسب جاءِ جي ڳولا ۾. هو ماڻهن، ماڻهن جي ٽهڪن ۽ ٻارن جي گوڙ کان گهڻو پري نڪري آيو. اتي رڳو سمنڊ جي گجگوڙ هئي ۽ ان جي مٿان اڇا پکي اڏامي رڙيون ڪري رهيا هئا. ڇوليون سندس پير پُسائڻ لڳيون. هن پٺيان ڏٺو، ساڄي کاٻي ڏٺو ۽ پوءِ سمنڊ ڏانهن ڏٺائين. سندس اڳيان نيڻ نهار تائين بي انت سمنڊ هو. سمنڊ جون ڇوليون ڀانيو. هن سڄي حياتي ائين محسوس ڪيو هو. ”آخري گهڙين ۾ جڏهن آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان ڪجهه ڪري رهيو آهيان، پوءِ به پاڻ کي ويچارو پيو سمجهان!“

کاٻي طرف ٽڪريون هيون. هن کي خيال آيو ته انهن ٽڪرين تي چڙهي آسپاس آخري نظر وجهي. هو جيئن هڪ ٽڪريءَ تي چڙهي رهيو هو ته ٻن ماڻهن جي ڳالهائڻ جا آواز ٻڌائين. عورت ۽ مرد. هو هٻڪي بيهي رهيو.

”مان هڪ معمولي حيثيت وارو ماڻهو آهيان. مان توکي ايترو سک نه ڏئي سگهندس، جيترو توکي مائٽن وٽ ملي رهيو آهي. مون توکان ڪجهه به نه لڪايو آهي. وينا! فيصلو توتي ڇڏيل آهي. ائين نه ٿئي جو سک ۽ آرام واري زندگي کي ڇڏي، سڄي عمر پڇتائيندين رهين!“

پوءِ هن عورت جو آواز ٻڌو. ”اسين ٻئي پڙهيل لکيل آهيون. روايتي پيار ۾ اسان جو يقين ڪونهي. اسين هڪ ٻئي جي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسي سگهون ٿا. سمجهي سگهون ٿا. سهي سگهون ٿا. گڏجي زندگي گذارڻ جي لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا کپي. بک اسين ڪونه مرنداسين. باقي عيش آرام نه هوندو ته ڇا ٿيو. اسين هڪ ٻئي لاءِ عيش آرام آهيون.“

”او وينا... وينا... منهنجي وينا... تو مون کي تباهه ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. تو منهنجي بي رنگ زندگيءَ ۾ رنگ ڀري ڇڏيا آهن- سمنڊ جو رنگ، ڌرتيءَ جو رنگ، ٽڪرن جو رنگ، آسمان جو رنگ ۽ شام جو رنگ...“

”عشق توکي شاعري سيکاري ڇڏي آهي،“ ٽهڪ ڇولين جي سنگيت سان ملي ويندڙ. ”پر سٺي شاعره بنجڻ لاءِ عشق ۾ ناڪامي ضروري آهي.“

”نه ته، مان ناڪام شاعره بنجڻ وڌيڪ پسند ڪنديس.“ سمنڊ جي ڇولين تي ترندڙ ٽهڪ- هن جو سڄو جسم ڏڪي رهيو هو. وڌيڪ وقت بيهي نه سگهيو ۽ هلڻ لڳو. هو ٿڙندڙ قدمن سان واپس موٽڻ لڳو، پر کيس اها سُڌ ڪانه هئي.

”ڇا ڪو ماڻهو ان آس تي پاڻ کي جيئڻ لاءِ مجبور ڪري سگهي ٿو ته ڪڏهن سندس بي رنگ زندگيءَ ۾ رنگ ڀرجي ويندا. سمنڊ جو رنگ، ڌرتيءَ جو رنگ، آسمان جو رنگ، شام جو رنگ... شايد ڪڏهن ڪڏهن اهڙو معجزو ٿي پوندو آهي زندگيءَ ۾.“ هن کي ياد آيو ته هو خودڪشي ڪرڻ جي لاءِ آيو هو. ”اها نجات ۽ ڇوٽڪارو جنهن کي آءٌ محسوس ڪري سگهان ٿو، ماڻي سگهان سو ته موت ۾ به نه ملندو. اهو ته مرڳو لاحاصل آهي. زندگيءَ ۾ ڏک سور آهن، وک وک تي پيڙا آهي، مينٽل ٽارچر آهي، پر اهي احساس آهن ته سهي، موت کان پوءِ اهي احساس به نه هوندا. آءٌ چاهيان ٿو ڇوٽڪارو، جنهن ۾ ڇوٽڪاري جو ڪو احساس نه هوندو. هن پاڻ کي هلڪو هلڪو، بي وزن محسوس ڪيو. طبيعت جي ڳورائي لهي وئي هئي. ڊپريشن وير اڀري لهي وئي. هو ائين سمجهڻ لڳو، ڄڻ هڪ وڏي هنگامي کان پوءِ ٺاپر اچي وئي هجي.

”ڪٿي مون ڊڄي خودڪشي ڪرڻ جو خيال لاهي ته نه ڇڏيو. نه، مون اهو خيال لاهي نه ڇڏيو آهي. رڳو ڪجهه وقت ٽاري ڇڏيو آهي. آءٌ انتظار ڪرڻ ٿو چاهيان. ڏسڻ ٿو چاهيان. شايد ڪڏهن حالتن ۾ ڦيرو اچي وڃي. اڃان ته گهڻو وقت پيو آهي. ڏسجي...“ هو وري ماڻهن جي ميڙ ۾ اچي پهتو، هن پاڻ کي عام ماڻهن جهڙو ڀانيو. هن جي دل ٿي ته ڪنهن سان ڳالهيون ڪري، ٽهڪ ڏئي.

گهڻا ماڻهو واپس موٽڻ جو سانباهو ڪري رهيا هئا. هن سوچيو ته کيس به واپس وڃڻ کپي. ٻه بسون بدلائڻيون هيون ۽ گهر ڪراچيءَ جي آخري ڇيڙي تي هو. هو بس اسٽاپ ڏانهن وڃڻ لڳو.

ماڻهو ميڙو ڪري بس جي انتظار ۾ بيٺا هئا. سيٽ ملڻ جو آسرو گهٽ هو. هن پهه ڪيو ته ڪيئن به ڪري بس ۾ اڳواٽ چڙهڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ سيٽ تي ضرور ويهندو. هن بس ۾ بيٺل ماڻهن جي پيهه ۾ پيسجڻ نٿي چاهيو. هو اڃا ڪجهه پري هو ته بس اچي بيٺي. ماڻهو بس کي وڪوڙي ويا ۽ لهندڙ وڏي مشڪل سان لهڻ لڳا. هو ڊوڙندو بس ڏانهن وڌيو. روڊ اُڪرڻ وقت سندس نظرون بس جي دروازي ۾ هيون. روڊ تي تيزيءَ سان ايندڙ ڪار جي ٽائرن جو زوردار چيڪٽ ٿيو. هن جي اکين ۾ مختلف رنگ نچڻ لڳا- ڌرتيءَ جو رنگ، آسمان جو رنگ، سمنڊ جو رنگ، شفق جو رنگ ۽ اکٽ اونداهي رات جو رنگ...

                 (مهراڻ- 1 ۽ 2/1977ع)


(1) ”مٽيءَ جي گاڏي”، شدرڪ جو لکيل ناٽڪ.

(1) FRANZ KAFKA: Letters to Milena.

(2) پندورا يوناني ديوامالا جو هڪ ڪردار.

(3) امارو، قديم شاعر.

(1)  FRANZ KAFKA: Letters to Milena.

(1)  FRANZ KAFKA.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com