سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :30

ولي رام ولڀ

فوڪس کان ٻاهر زندگي

 

هوءَ اڪثر ڪري اهڙيءَ طرح ڏسندي رهندي آهي. اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي اينديون اٿس ۽ پوءِ اکين آڏو ڌنڌ ڇانئجي ويندو آهي. گهڻو ٿيو ته چُنيءَ جي پلوَ سان اکيون اگهي ٿڌو ساهه ڀريندي آهي. انهيءَ کان وڌيڪ هوءَ ڪجهه ڪري به ته نٿي سگهي.

اڱڻ جي اڳيان ورانڊي ۾ کٽ تي پـپو، ٽپائي تي ڍير شيشيون، گلاس ۽ ڪوپ- اهي سڀ کيس رنڌڻي مان پيا ڏسبا آهن. جڏهن ٻيا ٻار کائي پي اسڪول هليا ويندا آهن ۽ پاڻ اڪيلي کائڻ ويهندي آهي ته نازُوءَ جي نه هئڻ جو احساس گهرو ٿي ويندو اٿس. ان وقت گهڻيئي سوچون سندس دماغ ۾ ميڙاڪو ڪري ڳجهن جيئن لامارا ڏيئي هُل مچائينديون آهن ۽ تڏهن کيس لڳندو آهي ته هوءَ ڪٿي پاڳل ته نه ٿي ويندي.

تازو ٽيون ڏينهن جڏهن کيس اها سُڌ پيئي هئي ته پپو پاڙي واري جي گهر مان پيسا چورايا آهن ته دل جي عجيب ڪيفيت ٿي ويئي هيس. نڪي پپو تي ڪاوڙ آئي هيس ۽ نڪي پاڙي وارن سان ڪا شڪايت ئي ڪرڻ ويئي هئي. بس مٿو جهلي ويهي رهي هئي چپ چاپ.

اڄ صبح جو جڏهن کيس خبر پيئي ته انُو ڪالهه ڪلاس مان ڀڄي فلم ڏسڻ هليو ويو هو، ته وري ساڳي حالت ٿي ويئي هيس. ٿوري دير اڳ اکين ۾ پپوءَ جو چهرو ڇانيل هو، ته پاڙي وارن جي مـنُو جو چهرو اُڀري آيو هئس:

ڏس ماسي، مان رڳو انهيءَ ڪري چوان ٿو ته کيس هيرَ نه پئجي وڃي. بس، نه ته جيڪر چوان به نه ۽ ڏس، ڏُک نه ڪجان. هن عمر ۾ ائين ٿيندو آهي.

هن جي پنهنجائپ واري لهجي جو ايذاءُ کيس اندر ۾ چڀي ويو هو. سندس سامهون رُئڻ کي روڪڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئائين، پر پوءِ به....

”نه پٽ، اسان اهو سڀ ڀوڳڻ لاءِ ته آهيون. اسان کي اهو سَهڻو پوندو... اسان جي قسمت ۾ ائين لکيل آهي“.

منو وائڙو ٿي ويو هو. پوءِ چيو هئائين، ”چڱو ماسي، ڪاليج کي دير پيئي ٿئي، پوءِ ڪڏهن ايندس“.

سندس وڃڻ کان پوءِ هڪدم ٻوساٽيندڙ خاموشي ڇانئجي ويئي هئي. اوچتو ٺڪاءُ کان پوءِ ڄڻ ساڳي چڪ وجهندڙ خاموشي هئي ۽ هن وقت انهيءَ بابت سوچي رهي هئي. ور ور ڪري ائين ٿو لڳيس ڄڻ سارو گهر سندس وس کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي يا ٿي ويو آهي. هوءَ ڪجهه به نٿي ڪري سگهي. ڪجهه به نه. زينو، انو، پپو، غازو ۽ سندس وچ ۾ هوءَ.

ايتري تي به هوءَ انهيءَ باري ۾ پنهنجي مڙس سان تمام ورلي ڳالهائيندي آهي. هوءَ اهو سڀ پاڻ ڀوڳڻ جي ڪوشش ۾ محسوس ڪري ٿي ۽ ساهه جو هانڀارو وڌي وڃيس ٿو.

پر هوءَ چويس به ڪيئن؟ خبر اٿس ته نوين وڳي کان اڳ گهر مان نڪرندو آهي ۽ ڇهين وڳي مس ڏسبو آهي، تڏهن مهيني ۾ ڪٿي وڃي ساڍا چار سؤ رپيا ملندا اٿس. جيڪڏهن اوورٽائيم نه ڪري ته جيڪر ويهه ڏينهن به نه نڪرن. ائين ئي دماغ ٿڪل ۽ منجهيل رهندو اٿس. جيڪڏهن هوءَ اهو سڀ روئڻو کڻي ويهي رهي، ته جيڪر کانئس اڳ پاڻ پاڳل ٿي وڃي! وري هو لڙائي جهيڙو بلڪل سهي نه سگهندو آهي. جيڪڏهن ڪا جهڙي تهڙي ڳالهه سندس اڳيان ٿي وڃي، ته هڪدم توائي ٿي ويندو آهي. گذريل هفتي انوءَ کي ڪيڏو ماريو هئائين! الاجي کيس پاڻ کي ئي رحم اچي ويو هو ۽ ڪيترا ڏينهن پشيمانيءَ وچان ڳالهائيندو ئي نه هو ۽ پاڻ مرادو پيو ڀڻ ڀڻ ڪندو هو.

هوءَ اڃا ماني کائي ويهي سوچي رهي هئي، ته پپوءَ پاڻي گهريو، تڏهن وڃي ڌيان ٽُٽس. اُٿي ويئي ۽ هٿ ڌوئي پپوءَ وٽ آئي. پپوءَ کي پاڻيءَ پياري مٿي تي هٿ رکيائينس ۽ پوءِ ٿڌڙا ڪڍڻ لڳي. پپوءَ اکيون بند ڪري ڇڏيون.

اڱڻ ۾ اچي ڪپڙا ڏٺائين ته سستي ٿيڻ لڳس. آرام ڪرڻ جي خواهش ڪر موڙي جاڳي، پر اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو پيو هئس: ٿانوَ ملڻا آهن، ڪپڙا ڌوئڻا آهن، پپوءَ کي موسمي جو رس پيارڻو آهي، تڏهن ڪٿي وڃي سک جو ساهه نصيب ٿيندو- اهو سوچي نل جي اڳيان ٿانوَ گڏ ڪري آهستي آهستي صاف ڪرڻ شروع ڪري ٿي. اوچتو انهيءَ پوڙهيءَ جي يادگيري اچيس ٿي، جا ڪي سال اڳ ٿانوَ مَلڻ ايندي هئي. تڏهن ڇڙا پنج رپيا ۽ ماني- ڍير ٿانو! هاڻي ته پنجاهه کان گهٽ ڪير ڳالهه به نٿو ٻڌي. اهڙين ڳالهين تي پيسي جي هٿ- سوڙهه محسوس ڪري ڏاڍي بيچيني ٿيندي اٿس، خاص ڪري جڏهن ٿڪل هوندي آهي. پر خبر اٿس ته ٻي ڪا واهه به ته ناهي، انهيءَ ڪري سوچڻ اجايو لڳندو اٿس.

ٿانوَ صاف ڪري وٺڻ کان پوءِ هڪ ڊگهو ساهه کڻي ٿي، ڄڻ چوندي هجي: ڪجهه بار ته هلڪو ٿيو. ۽ وري سستي ٿيڻ لڳيس ٿي ته وري من کي سمجهائڻ لڳي ٿي: بس باقي ڪپڙا ته آهن، ڌوئي وٺنديس ته پوءِ آرام سان ليٽي پونديس.

بالٽي کڻي پاڻي ڀري ٿي ۽ ساهه روڪي اُٿي ٿي، ته ٿورو اچرج ٿو ٿئيس. هن عمر ۾ هيڏو ٿڪ- پنجٽيهه ورهيه به ڪا عمر آهي! پر ڪجهه به ڪرڻ تي دل نٿي ٿئيس. خبر ناهي ڪهڙو اتساهه آهي جو مشين جيئن سڀ ڪندي ٿي وڃي... ڪندي ٿي وڃي. پر هوءَ مشين نٿي ٿي سگهي.

ڪپڙن ۾ زينوءَ جو چولو به اچي ويو هو ڌوئڻ لاءِ. ڪپڙا ڌوئيندي جڏهن زينوءَ جو چولو هٿ ۾ آيس ته لڙڪ لڙي پيس. سندس گهر مان هلئي وڃڻ کان اڳ، کيس اهو ئي چولو پاتل هو. مٿس نور نچوئي ڀرت ڀريو هئائين ۽ پوءِ جڏهن زينوءَ پاتو هو ته پاڙيسرڻ ور ور ڪري پئي ڏٺو ۽ چيو هئائين، ”چولو ڪيڏو نه ٺهي ٿو. جهڙي ڌيءُ اٿيئي سدوري تهڙو چولو آهي ٺاهوڪو!“ بس نظر کائي ويس. ائين سوچي چولو ٻنهي هٿن ۾ جهلي ڇاتيءَ سان لائي ٿي. اکيون بند ٿي وڃنس ٿيون ۽ بند پنبڻين مان لڙڪن جي لار وهي هلي ٿي ۽ چولي مان پاڻي. ڪا دير ائين ويٺي رهي. سندس ڪنن ۾ زينوءَ جا لفظ ٻُرن ٿا. جڏهن ڪپڙو آندو هئائين ته زينو ڪپڙو ڏسي چيو هو: ”امان رنگ ته نه ڦِٽندو؟ لڳي ٿو رنگ ڪچو آهي“. هڪدم چولي کي پاڻيءَ مان ٻوڙي ڌوئڻ لڳي ٿي. چولي جو رنگ اڳي کان وڌيڪ نکري بيهي ٿو.

سوچ جي ڪڙي ٻي ڪڙيءَ سان ڳنڍجي وڃي ٿي: عيد ويجهي پيئي اچي. انو، پپو ۽ نازو وٽ ڪپڙا ڪينهن. هن چيو ٿي: ڏاڍي مشڪل سان پنجاهه سٺ رپيا بچي سگهيا آهن، خيال سان خرچ ڪج. کيس لڳي ٿو ته هو پيسا ڏيو آزاد ٿيو وڃي، پر مصيبت ۾ مان اچيو وڃان. ڪيئن ڪريان مان؟

ڪپڙا سڪائي پپوءَ جي کٽ ڀرسان ويهي موسميءَ جو رس ڪڍڻ لڳي ٿي. پپوءَ جي پيلي چهري ۽ نٻل بُت تي نگاهه پيس ته دل نپوڙجڻ لڳي ۽ اندر گهٽجڻ لڳس.

”پپُو، تون جلدي چڱو ڀلو ٿي پوندين، پوءِ عيد تي سٺيون سٺيون مٺايون “...۽ کيس پنهنجي غلطي محسوس ٿي ته چپ ٿي ويئي.

”اسان گهر ۾ سَيُون کائينداسين نه امان؟... مون کي به ڏيندينءَ نه؟“ سندس گهرو اتساهه کيس اندر ۾ ڇهي وڃي ٿو. بيماريءَ ۾ سڀيئي ٻار ائين چوندا آهن. هن سوچيو.

”ها پٽ.... مان پنهنجي پٽ کي ڪو سِڪائينديس؟“

ڪوپ مان رس پياري سندس هنڌ ٺيڪ ڪرڻ لڳي ٿي. پوءِ ٻي اُڀي ٿيل کٽ ڍاري، بنا هنڌ جي ليٽي ٿي ۽ ٿڌو ساهه کڻي ٿي. اکيون سامهون فريم ڪيل گروپ فوٽو تي ڄمي وڃنس ٿيون. اهو فوٽو گذريل سال زينوءَ مئٽرڪ جي امتحان کان اڳ اسڪول مان موڪل ملڻ تي ’فيئرويل‘ جي وقت ڪڍايو هو. کيس ياد آيو ته جڏهن زينوءَ اهو فوٽو فريم ڪرائي گهر کڻي آئي هئي، تڏهن چيو هئائين: ”امان، جڏهن آءٌ تو وٽ نه هونديس تڏهن هيءُ فوٽو توکي- سڀني کي منهنجي ياد ڏياريندو.“ گروپ فوٽو ۾ نازو مشڪي رهي هئي ۽ ماڻس جي اکين مان لڙڪ وري وهي هليا!

زينو جڏهن پاس ٿي هئي ته پاڙيسرين کان وٺي مٽن مائٽن تائين سڀني کي حيرت ٿي هئي، ته زينو ڪيئن پاس ٿي ويئي؟ ۽ سو به فرسٽ ڊويزن ۾؟ سندس ڪنڌ اوچو ٿي ويو هو. پر هن ڀيري ته نَڪ ئي ڪپائي ڇڏيائين. ڪنهن جي اڳيان ڪنڌ کڻڻ جهڙو به نه رکيائين. وري سوچڻ لڳي ته پر انهيءَ ۾ سندس ڏوهه به ڪهڙو؟ کيس اهي راتيون ياد اچڻ، جڏهن زينو ڪرسيءَ تي ويهي پڙهندي ڏينهن اُڀاري ڇڏيندي هئي. رات جو جڏهن اک کُلندي هيس ته کيس بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ڪتابن تي ڪنڌ جهڪائي پڙهڻ ۾ محو ڏسندي هئي. هوءَ کيس چوندي هئي: ”پٽ زينو، هاڻي سمهي پؤ، رات ڳچ ٿي ويئي آهي، ڪٿي طبيعت...“

پر هوءَ وراڻيندي هيس: ”بس امان... ٿورو رهيل آهي... اجهو ٿي سمهان“. ۽ پوءِ پاڻ پاسو مَٽائي سمهي پوندي هئي.

هاڻي اها ڪرسي خالي پيئي هئي، ڄڻ اجهو زينو اٿي اچي ويهندي ۽ پڙهڻ شروع ڪندي. سندس اڳيان ڪتاب هوندو. زينوءَ جي ڳولا ۾ اکيون زينوءَ جي کٽ ڏانهن کڄي ٿيون وڃنس، پر اها به خالي آهي! لڳيس ٿو ته زينو مٿس اجهو اچي سمهندي. اکيون ڇنڀي ٿي. کيس جاڳ جو احساس ٿئي ٿو ۽ سوچڻ لڳي ٿي ته انهن ڳالهين ۾ ڇا رکيو آهي؟ جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو. ڪنهن کي ڪنهن تي ڪو وس به آهي ڇا؟ حالتون آزاد آهن. مون کي ڪنهن تي به ڪو وس ڪونهي. مون کي حالتن تي وس ناهي. مون کي پنهنجو پاڻ تي به وس نه رهيو آهي! اهو سوچي نِست ٿي وڃي ٿي. گهڙيءَ تي نگاهه پويس ٿي ته ساهه آهستي آهستي کڄڻ لڳيس ٿو: ٻه وڳا آهن. ٿوري دير کان پوءِ ٻارن جي اچڻ جو وقت ٿي ويندو.

هوءَ اکيون ٻوٽي سمهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر ننڊ ڪوهين ڏور نڪري ويئي اٿس. جُلهه ڪندڙ سوچن ۽ يادگيرين کان ڇوٽڪارو پائڻ لاءِ ماضيءَ ۽ مستقبل جي دروازن کي زنجير لڳائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. پر کيس لڳي ٿو ته اهي دروازا کڙڪندا رهن ٿا. هوءَ هيڪلائي جي جُلهن کان بچڻ لاءِ پراڻي اخبار جا پنا اُٿلائڻ لڳي ٿي، پر نظر نٿي ٽڪيس. کيس لڳي ٿو ڄڻ زندگي کانئس هٿ ڇڏائي ويئي هجي-- ۽ پاڻ زندگيءَ جي فوڪس کان ٻاهر ٿي ويئي هجي!

                           )مهراڻ- 4/1978ع(

 

”مهراڻ“- سنڌي ادب جي سڃاڻپ    
       ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته بين الاقوامي علمي سطح تي ”سنڌي ادبي بورڊ“ سنڌ ۽ سنڌين جو مان مٿانهون ڪيو آهي ۽ بورڊ جي بنيادي سڃاڻپ وري رسالي ”مهراڻ“ جي ڪري ٿي آهي. مهراڻ رسالو سنڌي ادب جي سڃاڻپ آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ سنڌ جي تاريخ، سماجيات، ثقافت ۽ ادب جي باري ۾ هر قسم جا تحقيقي مضمون ۽ مقالا شايع ٿيندا رهن ٿا. مهراڻ ۾ شايع ٿيندڙ اِهي مضمون ۽ مقالا تحقيق جي لحاظ کان اعليٰ معيار جا هوندا آهن، جيڪي سنڌ توڙي جزوي طرح ٻين ملڪن جي برک عالمن جا لکيل هوندا آهن. انهن مضمونن ۽ مقالن کان سواءِ مهراڻ ۾ شاعري، ڪهاڻيون ۽ ٻيو به ڪيتروئي معياري ادبي مواد پڻ شايع ٿيندو رهي ٿو. مطلب ته مهراڻ رسالو سنڌ ۽ سنڌي ادب جي سونهن آهي.

”مهراڻ“ موجوده شڪل صورت ۾ 1955ع کان ٽماهي رسالي جي حيثيت ۾ نڪرڻ شروع ٿيو، جنهن کي پنجاهه سال پورا ٿيا آهن، جنهنڪري بورڊ جي انتظاميه طرفان ”مهراڻ“ جو گولڊن جُبلي نمبر پيش ٿي رهيو آهي.

مهراڻ جي اِنهيءَ شاندار پنجاهه ساله ادبي سفر جي موقعي تي اسان بورڊ جي سموري انتظاميه ۽ خاص طور تي مهراڻ جي اداري کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ دعاگو آهيون ته ادبي دنيا ۾ مهراڻ اڃا به وڌيڪ ترقي ڪري ۽ وڌ کان وڌ معياري ۽ تحقيقي ادب پيش ڪندو رهي.

- محمد پنهل ڏهر

)ڏهرڪي، سنڌ(

 

 رعنا شفيق

اڇا گل - نيري ڍنڍ

 

نيويارڪ کي حق تي Concrete Jungle يعني سيمينٽ جو جهنگ چئبو آهي. هر طرف آڪاش سان لڳل عمارتون (Sky Scrapers)، گاڏين سان زُوزاٽ ڪندڙ هاءِ ويز، ماڻهن جي ڀيڙ هيٺان فُٽ پاٿ ۽ وري زمين جي هيٺان سب ويز جي ٻي دونهاٽيل هٿرادو دُنيا. ان دونهاٽيل شهر منجهه وري اِهو ميلن تي پکڙيل سينٽرل پارڪ! ڄڻ هڪ اونداهي ذهن جو سُندر سمو.

مينهٽن (Manhattan) جي علائقي ۾ اِهو پارڪن جو بادشاهه، جتي قدرت پنهنجي سڄي ڪُنئارپ سان بيٺي هئي.

ننڍين وڏين ٽڪرين جي وچ ۾ پتاشن وانگر لسن پٿرن جا ور وڪڙ رستا، هر طرف سائو گاهه- هر پل ماڪ ڦُڙن سان ڀِڳل. اوچا اوچا گهاٽا جهونا وڻ جن جي تن تي چنبڙيل لڄائيندڙ وَليون. شفاف ڍنڍون ۽ ان تي ترندڙ نيل ڪنول.

آمريڪا ۾ هر شيءِ، توڙي اُها قدرتي هجي يا هٿرادو، هر احساس، هر طبقو سندس ڀرپور انداز ۾ ظاهر ٿيندو آهي.

آءٌ فلمن جي پروڊڪشن جي ڪورس جي لاءِ اٺن مهينن کان اُتي هئس.

اڄڪلهه اسٽوڊيو وڃڻ جو ڪم نه هو. صبح جا چار پنج ڪلاڪ لائبرريءَ ۾ ڪم ڪري آءٌ اِتي اچي ويهندو هئس. منهنجي ڪاليج جي زماني جا ڪجهه پُراڻا دوست اِتي مستقل رهندا هئا. هُو مون کي ڪمري مان ڪڍي پاڻ سان. وٺي ويندا هئا ۽ روز شام جو نيويارڪ جون رنگينيون ڏيکاريندا هئا. ڏاڍو سٺو وقت گذرندو هو هنن سان منجهند جو پارڪ ۾ ڪيفيٽيريا وٽان بيئر جو ڪين وٺي ٿڌي گاهه تي ويهي رهندو هئس، ته خبر ئي نه پوندي هئي. هتي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪيئن گذري ويندا هئا. مون کي اِتي ڏاڍو سڪون ملندو هو. قدرت جي ان انمول خزاني ۾ رڳو منهنجي ذات ۽ اِهو نوٽ بڪ ڀريل هو منهنجي اسڪيچن سان. ڪو من ڀائيندڙ منظر، اڳيان ويٺل ڪو اخبار پڙهندڙ ماڻهو، ڪو سُڪل پن، ڪو جهونو وڻ.

پر بنيادي طور آءٌ هڪ شاعر آهيان، سو نوٽ بڪ ۾ لفظن ذريعي پاڻ کي ڳوليندو آهيان. من ۾ ايندڙ ڪو سوال، ڪو خيال ان ۾ قيد ڪندو آهيان. هڪڙو دفعو ڪو خيال جهاتي پائي من مان نڪري فضا ۾ گم ٿي ويندو آهي ته ڏاڍو ڏُک ۽ پڇتاءُ ٿيندو آهي. اڄ موسم موهيندڙ هجڻ جي ڪري سينٽرل پارڪ ۾ ماڻهن جو ميڙ وڌي ويو هو. ٿورو پري راڪ ميوزڪ جي مڌر ڌن وڄي رهي هئي ۽ ان ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ان جي مدهوش موسيقيءَ تي رقص ڪري رهيا هئا.

اوچتو پارڪ ۾ پٿاريل سون جهڙي قيمتي اُس وسامي وئي ۽ مينهن ڦڙا پوڻ لڳا. پوءِ ته ڄڻ سڄي دنيا جا بادل نيويارڪ جي پاپي شهر تي ڇانئجي ويا، ۽ آڪاش مان پاڻيءَ جو اڻ کٽندڙ سلسلو شروع ٿي پيو.

مون ڊوڙي وڃي هڪ وڻ هيٺان اجهو ورتو. اوچتو هڪڙي ڇوڪري ڊوڙندي آئي ۽ مون سان ذري گهٽ ٽڪرائجي وئي. ڏٺم ته ايشيا جي واسي لڳي.

مون کي ان ڏٺو ته اکين ۾ چمڪ اچي ويس، ڄڻ سڃاتو هجيس.

مون پڇيو، ”آر يُو ايشين؟“

”يس - اينڊ آر يو سعيد ايجاز؟“ هن مُرڪندي منهنجو نالو ورتو ته آءٌ حيران ٿي ويس.

”پنهنجي ديس ۾ ڪنهن غير ۽ خوبصورت ڇوڪريءَ جي واتان پنهنجو نالو ٻڌي عجيب نه لڳندو هو - پر اُتي... پرديس ۾...“ منهنجي وات مان نڪتو.

”او منهنجا سهڻا چنڊ

چون ٿا پٺيان آهين ڪارو

پر آهين ته منهنجو پيارو.“

هن جواب ۾ منهنجو ئي شعر پڙهي مون کي لاجواب ڪري ڇڏيو! اڌ ڪلاڪ مينهن پوندو رهيو ۽ پوءِ آسمان صاف ٿي ويو. مون محسوس ڪيو ته هوءَ سيءَ جي ڪري ڏڪي پئي. ٻئي هٿ آلي جينز جي کيسن ۾ هئس. مون پنهنجو اوورَ ڪوٽ لاهي ان جي ڪلهن تي رکيو.

ٻئي ڏينهن جو ملڻ جو ٽائيم ڏيئي هوءَ هلي وئي، ڇو جو اوورَ ڪوٽ موٽائڻو هئس. ان کان پوءِ هوءَ ڪڏهن هفتي ۾ هڪ ٻه ڀيرا ان پارڪ ۾ ايندي هئي. اسان ملندا به عجيب انداز ۾ هئاسين. هوءَ آرٽ اسٽوڊنٽ هئي. ان وٽ به هڪڙو نوٽ بڪ هوندو هو. هڪ ڏيڍ ڪلاڪ اسان خاموشيءَ سان ويهي پنهنجين پنهنجين ڊائرين ۾ ابتا سبتا ليڪا ڪڍندا هئاسين. ڪڏهن معنيٰ سان ڀريل ۽ ڪڏهن بي معنيٰ گول چڪرا.

هن مون کي اسڪيچ ٺاهڻ جون خاص پينسلون آڻي ڏنيون هيون، پر پنهنجو منهن هميشه ڪٽيل وارن ۾ ڄاڻي ٻجهي ائين لڪائيندي رهندي هئي ته متان آءٌ سندس اسڪيچ نه ٺاهي ڇڏيان.

هن جو نالو ڇا هو، ذات ڪهڙي هئي، ڳوٺ ڪهڙو هو، ڪا خبر نه پئي. نالو پُڇڻ تي مرڪندي ابتو مون کان سوال ڪندي هئي. ”ڇو، توهان ڪي جوتشي آهيو ڇا، جو نالو ٿا پُڇو؟“ ته آءٌ ان کي مِس ايشين چئي سڏيندو هئس. اسان ڳالهيون الاهي گهٽ ڪندا هئاسين پر جيڪي به ڳالهيون ٿيون، انهن مان اندازو ٿيندو هو ته هيءَ ٽين دُنيا جي مسئلن تي پاڻ کي ڏاڍو جلائيندي هئي. هڪڙو ڀيرو مون تنگ ڪندي کيس چيو، ”توکي ته مس ٿرڊ ورلڊ سڏڻ کپي!“

هن به ته مون کان منهنجي باري ۾ ڪجهه نه پُڇيو. هونئن پنهنجي ديس جي سڃاتل ۽ نامياري شاعر هجڻ جي ڪري عوام جي ملڪيت ٿي پيو آهيان ۽ منهنجو تجربو آهي ته الاهي ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪمپيوٽر وانگر منهنجي بايوڊيٽا فيڊ ٿيل آهي. ٿي سگهي ٿو ته هن کي به خبر هجي ته منهنجون هن جيتريون ٻه ڌيئرون آهن.

ها باقي پنهنجو تازو ڪلام ان کي ضرور پڙهي ٻڌائيندو هئس. هڪڙي ڏينهن مس ايشين مون کي پارڪ جي ٻاهر 27nd Street وٺي وئي. فٽ پاٿ تي سندس ۽ سندس ساٿين جي ٺهيل اِسڪيچن جي سيل هئي. ان سيل جا پئسا ايٿوپيا جي بکايل عوام جي چندي جي لاءِ هئا. مون هن جو ٺاهيل هڪڙو اسڪيچ ورتو. ننڍو ايٿوپين ٻار چانورن جو آخري گرهه کائي خالي ٿالهيءَ کي ڏسي رهيو هو.

هڪڙي ملاقات ۾ هن مون کان پڇيو، “ان پارڪ ۾ توهان جي آئيڊنٽي گم نٿي ٿئي؟ ڪٿي سنڌ جي وارياسي ۽ گرم فضا ۽ ڪٿي هي بهارون؟”

”دل ۾ سنڌ جي يادن جا جيڪي جهوٽا هلندا آهن...“ مون ڪجهه پل رکي چيو ”انهن جهوٽن سان منهنجي دل بهار جي سڀني رنگن سان ڀرجي ويندي آهي، ۽ پوءِ منهنجي دل جي دنيا ۽ هيءَ ٻاهر جي دنيا هڪ ٿي ويندي آهي.“

مِس ايشين يڪدم چيو، ”پر ايجاز صاحب.... توهان جي اِها ڪائنات منهنجي واڪمين بنا بلڪل سانتيڪي ۽ بي آواز آهي.“

”مس ايشين، توهان ته مون کي آمريڪين وانگر اعجاز نه چئو. اهو منهنجي ڏاڏي جو نالو آهي.“ مون مرڪي چيو.

”پوءِ توهان جي نالي جي پٺيان توهان جي ذات هئڻ گهرجي. هونئن توهان جي ڏاڏي جي شخصيت به نالي وانگر موهيندڙ آهي؟“ ”هن جي اکين ۾ مستي هئي. مون ٽهڪ ڏيندي چيو ”منهنجو ڏاڏو وچ ۾ منهنجو رقيب بڻجي ڪٿان اچي ويو؟“.

منهنجا ديس ورڻ جا ڏينهن ويجها اچي رهيا هئا، ۽ آءٌ وڃڻ جي تياريءَ ۾ لڳي ويس. انسٽيٽيوٽ ۾ به ڪم وڌي ويو هو. چار ڏينهن کن پارڪ ۾ نه وڃي سگهيس. هڪڙي ڏينهن وقت مليو ته هليو ويس. مِس ايشين جو انتظار هو پر هوءَ نه آئي. ٻئي ڏينهن وري ويس. ڏٺم ته مون کي ڳوليندي مون وٽ پهتي. هٿ ۾ واڪمين پلئير هئس. اڄ هن معمول خلاف ديسي ڪپڙا پاتا هئا. پيلي چُنيءَ ۾ ٽيولپ جو گُل پئي لڳي. Tulip جو گل، جو پنهنجي سڄي سُونهن ۽ تازگيءَ سان گڏ رڳو بهار ۾ ٽڙندو آهي ۽ سو به ڪجهه ڏينهن لاءِ! منهنجي زندگيءَ ۾ به ته اهو ٽيولپ ٻه چار ڏينهن ئي ٽِڙيو هو.

هن منهنجي ڀرسان ويهي واڪمين آن ڪيو. سنڌ جي انقلابي ڳائڻيءَ جو آواز يڪ تاري جي سُرن ۾ گڏيل سينٽرل پارڪ ۾ ائين ڇانئجي ويو ڄڻ سوين ڪبوتر يڪدم فضا ۾ پکڙجي پون ۽ گيت هئا منهنجا! ديس تي قربان ٿيڻ جي جذبن کان وٺي پرينءَ جي جدائي جا واڪا ٻڌي منهنجي دل ان نرالي ۽ اتاهين نذراني کان چيرجي وئي.

گيت ختم ٿيا ته آءٌ پنهنجي جوش جي خول کان ٻاهر نڪتس. پاسي ۾ هڪڙي جهوني وڻ سان چنبڙيل وَل جون ٽاريون اسان جي مٿان جُهڪي رهيون هيون. مس ايشين پهرين وَل مان اڇا گل پٽي پئي لهرون لهرون ڍنڍ ۾ اڇليندي رهي. ڍنڍ ۾ ترندڙ مڇيون ٽٻيون هڻي گُلن کي کاڌو سمجهي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيون. هوءَ پهرين ڍنڍ جي سانتيڪي مٿاڇري کي ڊسٽرب ڪري، پوءِ وَل جي سنهن پنن کي پٽي آڱرين ۾ مهٽڻ لڳي. اهو سڀ مون کي نه وڻيو، پر آءٌ ماٺ ۾ رهيس، ڇو جو هوءَ ڪنهن گهري سوچ ۾ هئي.

”ائين ڇو ٿيندو آهي ته هڪڙي دل اسان جي لاءِ تڙپندي آهي، پر اسان ٻيءَ بي پرواهه دل جي پٺيان آسائتا هوندا آهيون؟“ هن اوچتو سوال ڪيو.

آءٌ هن کان پنجويهه سال وڏو آهيان. اڃا به منهنجي زندگيءَ ۾ ننڍا وڏا انقلاب ايندا رهندا آهن. شاعر ۽ ريڊيو تي پروڊيوسر هجڻ جي ڪارڻ. پر آءٌ اچرج ۾ پئجي ويس ته انهن سڀني ڳالهين کي ڪهڙو نالو ڏيان؟ دوستي؟ يا هڪڙي ڇوڪري جنهن جو پيءُ ان جي ڄمڻ کان پهرين ئي مري ويو هو، ان جو مون جهڙي چاليهن سالن جي ماڻهوءَ ۾ ويساهه رکي ملڻ!؟ يا وري ٻيو ڪجهه؟

”اسان ڪڏهن ته پنهنجي دل جا مالڪ ۽ تابعدار لڳندا آهيون، پر ڪڏهن لڳندو آهي ته اِها دل ڪنهن غير جي ٿي وئي آهي.“ مون جواب ڏيڻ لاءِ چئي ڇڏيو.

”ايجاز صاحب، آءٌ هڪڙي عام ڇوڪري هئس، جنهن زماني کان ڊڄي ڪڏهن غلط قدم نه کنيو. مون کي اهڙو مستقبل کپندو هو، جنهن ۾ هڪ باوقار مڙس هجي ۽ زندگي عزت ۽ پيار سان گذري وڃي. اهو سڀ ڪجهه مون کي ملي رهيو هو، پر مون پنهنجي پُرسڪون مستقبل کي جواريءَ جي آخري نوٽ وانگر داءُ تي هڻي ڇڏيو.“

”منهنجو مڱيندو، جيڪو منهنجي چوڪس ذهن جي ڊڄڻن. اصولن تي پورو لهي ها، آخري وقت تي مون هن سان شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو.“

هوءَ ڳالهائيندي رهي، آءٌ ٻڌندو رهيس. ”ڇو جو دماغ جو فيصلو دل نه مڃيو. الائي ڪيئن زالون دل کي ماري زندگيءَ کي دماغ جي فيصلي تي گذاري ٿيون ڇڏين!“

”منهنجو ڪزن، جنهن کي خبر ئي نه هوندي ته ان جي لاءِ هڪڙي ڇوڪري پنهنجي سلامتي وڃائي ويٺي آهي. هو مون کي ايترو پيارو آهي، جو ان جي بنا زندگي گذارڻ لاءِ آءٌ سوچي به نٿي سگهان!“

”جيتوڻيڪ سمجهان ٿي ته اِهو ڪزن منهنجي پيار جي لائق نه آهي، پر مجبور آهيان. مون سوچيو ته شادي ڪٿي به ٿئي، پر ان کي ضرور ٻڌائينديس پنهنجي دل جي ڳالهه. مون پنهنجي مڱيندي کي اِها ڳالهه ٻڌائي ته ان چيو ته هو پاڻ مون کي منهنجي ڪزن وٽ ڇڏي ايندو ۽ هڪ ڀيرو آءٌ ملي ڀلي جيڪي چاهي ڪيان ۽ چوان، پر شادي کان انڪار نه ڪيان. اهڙا ماڻهو به هوندا دُنيا ۾؟ پر منهنجي دل نه مڃيو، ڇو جو ان سان ظلم ٿئي ها ۽ پوءِ هيءَ اسڪالرشپ ملي ۽ آءٌ هتي اچي ويس.“

”تون پنهنجي سوٽ کي ايترو عرصو ڇو نه ٻڌايو؟“ مون نه سمجهي پڇيو.

”انهن جي فيملي سان اسان جا ناتا سٺا نه هئا. سامهون ئي نه ٿيندو هو. ٻي ڳالهه اِها به هئي جو هو شِپ ۾ آفيسر هجڻ جي ڪري ملڪ کان ٻاهر وڌيڪ رهندو آهي. پر اعجاز صاحب، اڄ ان جي شپ نيويارڪ پهچڻي آهي. ڪجهه ڏينهن ٿيا. مون کي ان جو خط مليو. شايد ائڊريس گهران ورتي هوندائين. پهچڻ سان مون کي فون ڪندو. پرديس ۾ ڪنهن کي ياد هوندو آهي ته ناتا سٺا نه هئا؟“

هن جي من جي خوشي روشني بڻجي اکين مان پڌري پئي ٿي. مرڪڻ جي ڪري ڳٽن ۾ ٻه گهرا ۽ سهڻا کُٻ پئجي ويس، جيڪي مون پهرين نه ڏٺا هئا.

”خدا ڪري، تنهنجي ان سهڻي سپني جي پُڄاڻي به اهڙي ئي سهڻي ٿئي، ۽ تون هميشه خوشيون ڏسين.“ منهنجي وات مان دُعا نڪتي. ”خبر اٿئي، پرهينءَ آءٌ واپس پاڪستان ٿو وڃان“

”واقعي، ايجاز صاحب؟ ته هيءَ اسان جي آخري ملاقات آهي؟“

”آخري ڇو؟ تون آخر ته سنڌ واپس ايندينءَ.... ملڻ ته ٿيندو رهندو،“ مون چيو. ”شايد زندگيءَ جي پارڪ جي ڪنهن موڙ تي اوچتو وري ملي وڃون.“ هن چيو.

اسان هلندا سب وي وٽ پهتاسين. مون کيس ٽڪيٽ وٺي ڏني ۽ هوءَ ٽرين ۾ وڃي ويٺي. در پاڻهي ئي بند ٿيا، ۽ ٽرين هلڻ لڳي.

هن جو وجود هڪ پتنگ وانگر منهنجي ذهن جي آڪاش تي اُڏامندو رهندو. مٿي، الاهي مٿي. جتي هن کي سڄي دنيا الاهي ننڍي ۽ بي معنيٰ ٿي لڳي. جيستائين هن جي زندگيءَ ۾ هن جون من مـرادون پوريون ٿين!.

                            )مهراڻ- 4/1992ع(

 طارق عالم

بڙ جو وڻ

 

اسڪول وڃڻ لاءِ اُٿي هيس ته ڏٺو هيم، امان بورچيخاني جي ٻاهران ٽن سِرُن جي نئين چلهه تي چانهه ٺاهي رهي هئي. ڇيڻن مان نڪرندڙ دونهين تي به هن جي اکين مان لڙڪ نه پئي وهيا. باهه جون ڄڀيون ڌوتيءَ رَنَ وانگر امان جي سانت چهري تي ڳاڙها پيلا رنگ اڇلائي، زبانون مِرڪائي رهيون هيون. مان بابا ڏانهن ڏٺو هو، جيڪو بنا چانهه پيئڻ جي در کان ٻاهر نڪتو پئي ويو.

ڏاڏا، ڪاٺ جي صندل تي ويهي مئل ويساهه مان اڱڻ ۾ پوکيل جهوني بڙ جي ويڪري ٿڙ ۾ گهوري رهيو هو. ۽ ڏاڏي ڪجهه پريان اڱڻ ۾ رکيل کٽ جي اگهاڙي واڏڻ تي ويهي، ساڳي ئي مئل ويساهه منجهان ڏاڏا جي ويڪرن پٺاڙن کي گهوري رهي هئي. مان اڳتي وڌي بورچيخاني ۾ جهاتي پاتي هئي. منهنجي مامي ۽ سندس ٻار بيدن سان ماني کائي رهيا هئا.

بورچيخاني جي چانئٺ تان موٽي اچي امان جي ڀر ۾ ويهي رهي هئس. هڪ رات ۾ انقلاب اچي چڪو هو. مان ڇيڻن مان نڪرندڙ باهه جي ڄڀين ڏانهن ڏٺو هو، جيڪي اڃان به ڪنهن ڌوتيءَ رَنَ وانگر امان جي سانت چهري تي زبانون مِرڪائي رهيون هيون.

ان گهڙيءَ منهنجي دل چاهيو هو ته هٿ وڌائي ڌوتي باهه جي لهرائيندڙ اکٽ زبانن کي پنهنجي ننڍڙيءَ مُٺ ۾ ڀڪوڙي، ڪاڪڙي مان ڇڪي پٽي، ڪنهن اونهي کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيان.... ڏاڏيءَ جي آواز تي اُٿي اسڪول لاءِ تيار ٿيڻ لڳي هيس.

اسڪول مان واپس آئي هيس ته ڏٺو هوم-- دٻا، ڪفگير، چمچا، ڇُريون، ديڳڙا، ديڳڙيون، ڪوپ ساسريون الڳ ٿي چڪا هئا. ويريون نه هوندي به آسمان تائين کڄيل نظر آيون هيم. ڏاڏا پُٺي اگهاڙو پنهنجن مضبوط هٿن ۾ هڪ ويڪري ڦَر واري ڪهاڙيءَ سان بڙ جي ٿڙ تي ضربون هڻي رهيو هو. ٿڌ هئڻ جي باوجود پگهر سندس پٺاڙن جي مشڪن مان، رت جان ليڪون ليڪون ڳڙي رهيو هو. الائجي ڇو مون کي محسوس ٿيو هو- ڏاڏا روئي رهيو آهي. چاهي هئم پنهنجي شڪ جي پڪ ڪرڻ، پر همٿ ساري نه سگهي هيس. هونءَ به جڏهن ڏک پنهنجي انتها تي پهچندو آهي، ته جسم جي پور پور مان لڙڪ بڻجي سمڻ لڳندو آهي.

ان گهڙيءَ ڏاڏا مون کي سمورو لڙڪ نظر آيو هو ۽ مون کي محسوس ٿيو هو ته ڏاڏا بڙ جي وڻ کي نه، پر پاڻ کي ڪهاڙا هڻي ڪٽي رهيو هو.

مون ٿيلهو ٽنگڻيءَ ۾ ٽنگي ڏاڏيءَ جي ڪڇ ۾ ويهي وائڙن وانگر پڇيو هو- ”امان! ڏاڏا بڙ ڇو ٿو ڪٽي-؟“ ڏاڏي ڪجهه دير ماٺ رهي، پنهنجي منهن ڀڻڪيو هو، ”هاڻ هن گهر کي بڙ جي ضرورت ناهي. بڙ جي وڻ اڱڻ کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ڏاڏنهن بڙ کي نه ڪٽيندو ته پنهنجو گهر ٺهي نه سگهندو.“ هاڻ توهان ئي سوچيو، تعمير جو اهو طريقو ڪيڏو نه اڻ سونهائيندڙ ۽ ڀوائتو آهي؟ - (ڪجهه ٺاهڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڊاهي ڇڏڻ) ڏاڏيءَ ڏانهن ڏٺو هئم. هُن اڇي رئي جي ڪنڊ سان ڇپرن وٽ مڙي آيل لڙڪن کي ڏڪندڙ هٿن ۽ جهرندڙ جيءَ سان ٿڦڪيون ڏئي ماٺ ڪرائي ڇڏي هئي. ڏاڏا ۽ سندس هڪ دوست اڱڻ ۾ ٻن ڪمرن جو گهر ٺاهڻ شروع ڪيو هو.

ڏاڏا گهر جو ڪم ڪندي هر وقت پاڻ کان ڪاوڙيل نظر ايندو هو. هُن ان سڄي عرصي ۾ ڳالهايو گهٽ، پر گهر جون ديوارون وڌيڪ ٺاهيون. ڏاڏا لاءِ ڏينهن جا ٽي پهر ڄڻ هڪ پهر بڻجي ويا هئا. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ هڪ ننڍڙي اوطاق ٻن ننڍڙن ڪمرن ۽ هڪ مختصر اڱڻ وارو گهر جڙي راس ٿي چڪو هو- مون کي نئين گهر جو اڱڻ وڌيڪ ننڍڙو ۽ سوڙهو ان ڪري به لڳندو هو جو ڪٽيل بڙ جي ويڪري ٿڙ ۽ ٽارين نئين گهر جي ننڍڙي اڱڻ کي ويتر سوڙهو بڻائي ڇڏيو هو. شام جڏهن گهرن تڙن ۽ ٻنين ٻارن تي پنهنجي سانوري ٻانهن جي پکيڙ کي سوڙهو ڪندي اسان جي گهر کان ڪجهه پريان ريل جي بند ڀرسان بڻيل باغ کي پنهنجي گهيري ۾ آڻيندي هئي ته ڏاڏا گهر ۾ داخل ٿيندو هو ۽ سوڙهي اڱڻ ۾ رکيل ڪاٺ جي صندل تي پلٿي هڻي، بڙ جي ڪٽيل ٽارين کي چُلهه ۾ دکندي ڏسندو رهندو هو. هڪ شام جو ڪاٺين کي دکندي ڏسي، پهريان هوريان، پوءِ تيز تيز کنگهڻ لڳو، ڄڻ ته سڪل ڪاٺين جو دونهون سندس ڦڦڙن ۾ ڀرجي ويو هو.

هُو نه چاهيندي به ڪيتري دير کنگهندو رهيو. پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن خاڪروب شهر جي روڊن تي ٻهاري ڏئي رهيا هئا ۽ روڊن جي ڪنارن تي مٽيءَ جي سنهي قنات تاڻجي وئي هئي، ته ڏاڏا هٿ منهن ڌوئي در جي چانئٺ ٽپيو ئي مس ته ڪٽيل وڻ جيان اڌ گهر ۾ اڌ ٻاهر وڃي ڦهڪو ڪيائين.

ڊاڪٽر جي چوڻ مطابق مٿس دل جو شديد دورو پيو هو ۽ اهڙيءَ طرح ڏاڏا اسان کان الڳ ٿي ويو هو. پر اڄ جڏهن مان سوچيان ٿي ته مون کي محسوس ٿو ٿئي ته ڏاڏا الڳ ته اسان کان ان ڏينهن ٿي ويو هو، جڏهن اسان جي ماميءَ گهر ۾ نفرت جي ويري وڌي هئي ۽ ڏاڏا نئين گهر ٺاهڻ لاءِ پنهنجن هٿن سان ۽ محبتن سان پوکيل بڙ جي وڻ کي ڪٽڻ لاءِ بڙ جي ٿڙ ۾ پهريون ڪهاڙو هنيو هو. اصل ۾ اسان پاڻ کان وڌيڪ پنهنجن گهرن، پنهنجن وڻن ۽ پنهنجي زمين سان پيار ڪندا آهيون، تڏهن ته ڏاڏا جهڙو مضبوط اعصاب وارو ماڻهو به ڏک سهائي نه سگهيو هو!

ڏاڏا جي مري وڃڻ کان پوءِ به ڪيترا ڏينهن اسان جي چلهه بڙ جي ٽارين سان جلندي رهي ۽ ڏاڏيءَ جا نيڻ لڙڪن سان جلندا رهيا. پوءِ هوريان هوريان بڙ جون ٽاريون ختم ٿي ويون، پر چلهه ۽ ڏاڏيءَ جا نيڻ ڪڏهن به اُجهامي نه سگهيا.

اڄ جڏهن مان انهن ڳالهين تي سوچيان ٿي، ته مون کي محسوس ٿئي ٿو ته گهر جيستائين آباد هوندا آهن، تيستائين چلهيون ۽ دليون ڪڏهن به اُجهامي نه سگهنديون آهن.

                            )مهراڻ- 4/1988ع(

هڪ شاندار باب                              
        ”مهراڻ“ گذريل پنجاهه سالن ۾ سنڌ جي وڏي ثقافتي، ادبي ۽ تهذيبي خدمت سرانجام ڏني آهي. مهراڻ تاريخ، ادب، ٻولي ۽ شاعريءَ ۾ يادگار تخليقون شايع ڪيون آهن. وڏا شاعر، اديب، مضمون نگار ۽ ڪهاڻيڪار پيدا ڪيا آهن. مهراڻ ۾ سنڌي ادب جي مختلف صنفن ۾ مستقل اهميت جون تحريرون ڇپجنديون پئي رهيون آهن. مهراڻ معياري ادب جي اشاعت ۽ ترويج پئي ڪئي آهي ۽ اُن کي وڏي اعتماد ۽ فخر سان ڪنهن به زبان جي معياري مخزن جي برابر بيهاري سگهجي ٿو. هر دَور ۽ هر مڪتبئه فڪر جي نمائنده نثرنويس ۽ شاعر اُن کي پنهنجي رَت ست سان رنگين پئي رکيو آهي ۽ پنهنجون بهترين تخليقون اُن ۾ شايع ڪرايون آهن. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ “مهراڻ” هڪ مستقل ۽ شاندار باب جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي ۽ مستقبل جا مؤرخ ۽ تخليقڪار، سڀ اُنهي جي ادبي ڪردار کي تحسين جي نظرن سان ڏسندا.     

- عبدالغفور”عابد“

)حيدرآباد، سنڌ(

  سيد حبيب الله شاهه

مئڊم

 

هوءَ پاڻ کي لهندڙ سج وانگر محسوس ڪري رهي هئي. ڇا حاصل ڪيو هو هُن جيون ۾؟- پي.ايڇ. ڊي جي ڊگري هن جي ڪهڙي ڪم جي هئي؟ 19 گريڊ هن جي خوشحالي ته آڻي سگهيو ٿي، پر جواني واپس واري نٿي سگهيو. هن سرڪاري بنگلي کي سجائي رکيو هو. رنگين ٽي. وي، وي. سي. آر، فون، ڊيڪ، فرج، مائيڪرو ويو، مطلب ته ڪنهن به شيءِ جي ڪمي ڪانه هئي.

سڀ ڪجهه هجڻ جي باوجود ڪجهه به نه هجڻ جو احساس هن کي پهريون ڀيرو وارن کي ڊاءِ ڪرڻ مهل ٿيو. مرڪيوري بلب جي تيز روشنيءَ ۾ هن آرسيءَ ۾ نهاريو. کيس پنهنجو چهرو ڪنهن ڪومايل مکڙيءَ وانگر محسوس ٿيو. هن وکريل وقت کي ٻانهن ۾ ڀرڻ چاهيو. ڪاش هوءَ فياض، مجيب شاهه، رياض يا ڪنهن ٻئي سان کڻي شاديءَ لاءِ هاڪار ڪري ها. هاڻي ڪير ڪندو هن سان شادي؟ (تحفظ نه هجڻ جو احساس) مرد کان سواءِ به هيءَ زندگي گذاري سگهجي ٿي؟

هڪ عجيب قسم جو ضد هو، يا ڪجهه حاصل ڪرڻ جي تمنا. علم حاصل ڪرڻ جي چاهت هئي يا شهرت حاصل ڪرڻ جي ڪلپنا! شرافت جي تقاضا هئي يا پنهنجي حسن تي غرور. ٻين جي بدصورت هئڻ جو احساس هو يا ڪنهن جي غربت سندس جيون جي رستي ۾ پٿر وانگر هئي. ها، اهي سڀ ڳالهيون هيون - صحيح ۽ سڌيون - پر هاڻ وقت ڦري ويو هو. جڏهن سڀڪجهه ملي ويو هو ته ڪو به جيون ساٿي نه ٿو ملي؟ ائين ڇو آهي؟ هوءَ سوچي ۽ دل ئي دل ۾ هن سماج کي پُڻي ٿي.

سندس نالو ته کيس وسري ويو هو. ”مئڊم“ ”مئڊم“- ڄڻ ته سندس نالو رضيه ڪونه هو، پر مائٽن ٻانگ ڏيئي ”مئڊم“ رکيو هو. شاعره، ڪهاڻيڪاره... سڀ منزلون ماڻيندي ڪلا کيتر ۾ وڏو نالو حاصل ڪرڻ کان پوءِ وڃي دانشورن جي لسٽ ۾ پهتي هئي - ڪا به پارٽي هجي، مهورت هجي يا ورسي، سندس سوشل سرڪل وڌي وڃي وڻ ڪيو هو. هر هنڌ سندس استقبال ٿيندو هو. آٽوگراف کان فوٽو گراف تائين. مطلب ته هر هنڌ سندس مسڪرائيندڙ چهرو اخبارن ۽ رسالن جي سونهن بڻجندو هو.

رضيه - ڊاڪٽر رضيه - مئڊم رضيه - ننڍپڻ ۾ ئي يتيم ٿي ويئي، کيس سندس چاچي پالي وڏو ڪيو. سندس چاچو ننڍو زميندار هو. پنهنجي حيثيت سارو رضيه کي تمام گهڻو ڀانئيندو هو، کيس ڪو به ڏک ڪونه ڏنائين. هن کي ڪو به پُٽ ڪونه هو. ان ڪري رضيه تي مڱڻيءَ جو ڪو به زور ڪونه هو. هن پنهنجو پورو ڌيان پڙهائيءَ تي ڏنو. پري جي مٽن مائٽن جي ٻين ڇوڪرن کي هن لفٽ نه ڪرائي. ائين وقت جو وهڪرو وهي ويو - ها البت يونيورسٽيءَ ۾ هن جي پٺيان ڪافي ٻائيتال متو. پهرين سندس ڪلاس فيلو فياض سندس پٺيان پيو. ايترو خوار ٿيو جو ڇوڪرن سندس نالو ئي کڻي رضيه رکيو. جتان پيو لنگهندو هو کيس تنگ ڪندا رهندا هئا. رياض بلوچ، سندس استاد، جيڪو مٿي تي ميندي ۽ بيجن جو مڪس ليپو ڪري زوريءَ نوجوان ٿيو پيو گهمندو هو. جيتوڻيڪ پاڻ شادي شده هو ۽ کيس ٻه ٽي ٻار به هئا. ڪڏهن اسائنمنٽ ته ڪڏهن پوزيشن جي چڪر ۾ پيو رضيه کي آفيس ۾ گهرائيندو هو. هوءَ شروع شروع ۾ ته آرسيءَ وانگر سندس اڳيان ويٺي هوندي هئي. تيستائين جڏهن ڊپارٽمينٽ جي سڀني شاگردن، استادن ۽ ويندي اسٽاف سوڌو اها ڳالهه محسوس ڪئي ۽ سائين رياض بلوچ جي اصليت ظاهر ٿي ويئي ته همراهه ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي!

ٽيون نمبر وري مجيب شاهه جو هو، جيڪو هتي جو شاگرد ليڊر هو. ميس جي مئنيجر کان وٺي ڦاٽڪ جي ڪڙهائي گوشت وارا سندس تابعدار هوندا هئا. شاهه جي اڳيان پٺيان ڪير به ڪونه هو، پر ٻه ٽي مٿي ڦريا نوجوان ۽ هڪ عدد اسٽين گن شاهه جي سيني سان دل ۽ ڦڦڙن وانگر فٽ هوندي هئي. سو هليو هو رضيه سان عشق ڪرڻ! پر هن جي آڏو اَوس ئي رهجي ويو. مائيءَ جو مٿو ڦريل هو. کيس رڳو پوزيشن، ليڪچراري ۽ پي.ايڇ. ڊي جو جنون سوار هو.

خبر ناهي ته اهي سڀ سوچون مئڊم کي هن وقت واسينگن وانگر ڇو ٿي ڏنگڻ لڳيون. ويل وقت جو وهڪرو وهي ويو. سڀ ڪجهه هجڻ جي باوجود هن تنهائيءَ جو ايڏو عذاب ڇو پئي ڀوڳيو؟ کيس سندس بنگلو ڪو ڀوت بنگلو پئي نظر آيو ۽ سندس ساهيڙيون جيڪي هن ساڳئي خاموش زهر جو نشانو بڻيل هيون، سندس آڏو ڦرڻ لڳيون. هن سوچيو ته ٿي سگهي ٿو ته هو ان ۾ خوش هجن، پر هن کي واقعي هاڻ ڪنهن سهاري جي سخت ضرورت محسوس ٿئي ٿي. هن جون سوچون وري به سندس ڪنهن پري جي مائٽ ماستر عيدوءَ تي پون ٿيون، جيڪو ويچارو هن جي ڳوٺ اچڻ تي ان سان ملڻ ضرور ايندو هو-!

                           )مهراڻ- 3/1992ع(

 

اڌ صديءَ جو سفر   


      1955ع کان 2005ع تائين ”مهراڻ“ کي شايع ٿيندي پنجاهه سال ٿي چڪا آهن. انهيءَ اڌ صديءَ دوران اِنهيءَ رسالي ۾ علمي، ادبي، تحقيقي، تنقيدي، تاريخي، ثقافتي، لسانياتي، سماجي، سوانحي موضوعن ۽ شاعريءَ تي قديم توڙي جديد مواد ايترو ته مستند ۽ سگهارو شايع ٿيو آهي جو اگر ڪو صاحب اُن تي پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ چاهي ته خاطري آهي ته بهتر نموني ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو.

مهراڻ ۾ شايع ٿيل مواد سنڌي ٻوليءَ جو عظيم سرمايو آهي، جنهن سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي هميشه لاءِ تابنده بنائي ڇڏيو. جديد ادب ۾ ته ”مهراڻ“ جو ڪردار ڏاڍو مؤثر رهيو آهي ۽ هن رسالي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي جيڪا ڀرپور نموني ۾ خدمت ڪئي آهي سا به ڪنهن پڙهندڙ کان ڳجهي نه آهي.

”مهراڻ“ جتي جديد ادب کي نمايان ڪرڻ جون نيڪ ڪوششون ڪيون آهن اتي قديم ادب کي به نه وساريو آهي ۽ اُن کي به ڀرپور نموني ۾ اُجاگر ڪرڻ ۾ گهڻي جاکوڙ ڪئي آهي. اڄ پڙهندڙن جي اڳيان قديم شاعري ۽ ادب ڪَر کنيو بيٺو آهي ته جديد شاعري ۽ ادب جو ساگر ڀرپور ڇوليون هڻندي نظر اچي ٿو.

جديد سنڌي ادب جي ابتدا اگرچه ويهين صديءَ جي شروعات سان ٿي، مگر ان جي ڀرپور نموني ۾ اوسر رسالي ”مهراڻ“ وسيلي ئي ٿي آهي، جنهن جو وڏو سبب ”مهراڻ“ رسالي جا سڄاڻ ايڊيٽر ۽ س.ا.ب جا سيڪريٽري ۽ چيئرمن آهن، جي هميشه روشن خيال، زندهه دل، صاحب بصيرت ۽ ادب شناس رهيا آهن، تن جي ئي محنتن مهراڻ رسالي کي اڌ صديءَ کان قائم رکندي، اُن جي معيار کي برقرار رکيو آهي.

”مهراڻ“ جي موجن ۾ سوانح نمبر، ڏهه ساله نمبر، شاعر نمبر، سيرت نمبر، گرامي نمبر، فهرست نمبر، سنڌي ادب سيمينار نمبر، رني ڪوٽ نمبر، تحريڪ آزادي نمبر، مقالا نمبر، لوڪ ادب نمبر، شيخ اياز نمبر، پير حسام الدين راشدي نمبر، تنوير عباسي نمبر، مرزا قليچ بيگ نمبر ڇلڪندي نظر اچن ٿا.

1964ع ڌاري مولانا غلام محمد گرامي ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ نالي هڪ ضخيم ۽ تاريخي مقالو لکيو، جنهن جي شايع ٿيندي ئي جديد سنڌي شاعري ۾ اَز سر نؤ انقلاب اچڻ شروع ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ جديد سنڌي شاعري اڄ پنهنجي پوري اوج تي پهچي چڪي آهي.

سائين محمد ابراهيم جويي جي اوائلي ٻن سالن کان پوءِ مولانا غلام محمد گرامي 1959ع کان وٺي 1976ع تائين ڊگهو عرصو  مهراڻ رسالي جو نامور ايڊيٽر رهيو، جنهن پنهنجي خوش اخلاقي، فراخدلي، پيار محبت بلڪه محنت ۽ جاکوڙ سان گهڻو ڪري سڀني سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي لکڻين کي سُوڌي، سهيڙي، سموهي ۽ سنواري اشاعت هيٺ آندو. ان طرح سيد امداد حسيني ۽ ٻين جون رسالي جي اشاعت جي سلسلي ۾ ڪيل محنتون تعريف جوڳيون آهن.  

- ميرزا دبير حسين

)حيدرآباد، سنڌ(

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com