سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :23

آغا سليم

رت ورنو روءِ

ڪريم گهڻو ڪري هر روز منهنجي ڪمري ۾ ايندو آهي، ۽ مجموعي باز ماڻهن واري لهجي ۾، ڪڏهن ادب تي گفتگو ڪندو آهي ته ڪڏهن اشتراڪيت تي. هونئن ته خدا کي ڪونه مڃي، پر زڪام به ٿي پوندو اٿس ته خدا کان روئي دعائون گهرندو آهي. مان ماٺ ڪري هن جي گفتگو ٻڌندو آهيان. هڪڙي ڏينهن هو مون وٽ نه آيو. منهنجي دل به ڏاڍي اداس هئي، سو هن وٽ هليو ويس. مون جيئن ئي سندس ڪمري ۾ قدم رکيو ته سامهون ڪرسيءَ تي هڪڙي سهڻي ۽ نوجوان ڇوڪري ويٺل ڏٺم. مان ان ڇوڪريءَ کي ڏسي پٺتي موٽڻ لڳس ته ڪريم سڏ ڪيو: ”اڙي، ڪيڏانهن ٿو وڃين! هلي آ ته عذرا سان ملايان“. هيءَ آهي مس عذرا. منهنجي دوست آهي، ۽ اسان جي ڪاليج ۾ بي. اي جي آخري سال ۾ پڙهندي آهي..... ۽ مس عذرا!“ هن ان ڇوڪريءَ کي مخاطب ٿيندي چيو، ”هي منهنجو دوست سلطان آهي. تمام وڏو ليکڪ آهي، پر سندس قدر نٿو ڪيو وڃي، ۽ مان سمجهان ٿو ته اهائي سندس وڏائيءَ جي نشاني آهي.“ مون هن کي سلام ڪيو، ۽ هن به شرمائيندي، شرم ٻوٽيءَ جيان پنهنجو پاڻ ۾ لڪندي، سلام جو جواب ڏنو. مان ڪريم جي پلنگ جي ڀر ۾ پيل ڪرسيءَ تي ويهي رهيس ۽ پنهنجي بدحواسيءَ کي لڪائڻ لاءِ (مان عورت جي سامهون هميشه بدحواس ٿي ويندو آهيان،) سگريٽ ڪڍي دکايم ۽ هڪٻئي پويان سـُـوٽا هڻڻ لڳس.

ڪمري ۾ خاموشي ڇانئجي ويئي هئي. ڪريم خاموشيءَ کي ٽوڙيندي چيو: ”مان سمجهان ٿو ته پيار جا به ڪي قدر ٿيندا آهن. انهن قدرن جي تقاضا اها آهي ته ڊاڪٽر کي مريضه سان ۽ پروفيسر کي شاگرد ڇوڪريءَ سان پيار ڪرڻ نه گهرجي. پر اسان جي پيار اهي سڀيئي قدر ٽوڙي ڇڏيا آهن.“ ائين چئي، ڪريم شرير مرڪ سان عذرا ڏانهن نهاريو، ۽ عذرا شرم ۾ ٻڏي ويئي.

مون پهريون دفعو غور سان عذرا ڏانهن ڏٺو. عذرا جو بدن ڀريل ۽ زرخيز هو. سندس چهرو ڪتابي، رنگ اڇو، ۽ چپ ٿورا ٿلهڙا هئس، پر اهڙا ته ڳاڙها، جو ائين ٿي لڳو ته ڄاڻ انهن مان رس ڦاٽي ۽ ٽمڻ لڳندي. هن جون اکيون سهڻيون ته هيون پر ڏاڍيون اداس ۽ ويڳاڻيون ٿي لڳيون. سندس چهري تي ايتري ته مظلوميت ڇانيل هئي جو ائين ٿي محسوس ٿيو، ڄڻ روئي ڏئي. سچ پچ ته سندس سهڻو ۽ ڪتابي چهرو قبر جي ڪتبي جيان ٿي لڳو. مون کي پاڻ ڏانهن نهاريندو ڏسي، هوءَ گهٻرائجي ويئي ۽ يڪدم اٿندي چيائين: ”مان ڀلا هلان ٿي.“

ڪريم هن کي وڌيڪ ويهڻ لاءِ نه چيو ۽ دروازي تائين ڇڏڻ لاءِ ساڻس گڏ هليو ويو. ۽ مان اڪيلائيءَ ۾ هن جي ويران، اداس ۽ ويڳاڻين اکين ۽ قبر جي ڪتبي جهڙي چهري جي باري ۾ سوچڻ لڳس: ‘هوءَ جوان جماڻ ۽ حسين هئي، پر سندس اکڙين ۾ اداسائيءَ جي اونداهي ڇو هئي؟ سندس چنڊ جهڙي چهري تي مظلوميت جي گرهڻ ڇو هئي؟ جوانيءَ ۾ به انسان جو چهرو جوان جذبن ۽ البيلين خواهشن جي اولڙي ۾ پيو ٻهڪندو آهي، پر هن جو چهرو اجهاميل ڇو هو؟“

مان اڃا انهن ئي خيالن ۾ هوس ته ڪريم موٽي آيو. اچڻ سان، ڪٻٽ مان سستي ۽ واهيات ديسي وسڪيءَ جي بوتل ڪڍيائين ۽ ٻه گلاس تيار ڪري، پنهنجو گلاس هڪ ئي ڳيت سان خالي ڪري ڇڏيائين. چپن تان وسڪيءَ جي ڪوڙاڻ چٽيندي، هن سگريٽ دکايو، ۽ سوٽو هڻندي، ڏاڍي ڏکويل آواز سان چيائين: ”يار، ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته مان شراب ڇو ٿو پيئان. شايد ان لاءِ ٿو پيئان جو شراب کان سواءِ زندگيءَ جو عذاب برداشت ڪري نٿو سگهان. اڄ جي دور جي مهذب انسان جو سڀ کان وڏو عذاب اهوآهي، جو هو ڪوڙو آهي. سندس خيال، ويچار، جذبا ۽ احساس، سڀ ڪوڙا آهن. اسان پنهنجين جبلتن کي ماري ڇڏيو آهي، ۽ عقل جي زندگي ٿا گهاريون. مان پڇان ٿو ته عقل آهي ڇا؟-- ٻه - چار اوڳاڇيل نظريا، ٻه - چار تڏ کاڌل ڪتاب، ۽ ڪجهه ڪوڙهيل لفظ! تهذيب کان وڏو ڪوڙ ٻيو ٿي به ڪهڙو ٿو سگهي؟ هڪ هٿ سان هيروشيما تي بم اڇلائيندڙ انسان، ٻئي هٿ سان امن جو ڪبوتر ٿو اڏائي: اهو عقل مان پيدا ٿيندڙ تهذيب جو ڪمال آهي. ان تهذيب، ان ڪوڙ، اسان جي جبلتن کي ايترو ته نستو ڪري ڇڏيو آهي، جو اسين نه ته محبت ٿا ڪري سگهون، ۽ نه نفرت، ڇاڪاڻ جو محبت ۽ نفرت جهڙن بي پناهه ۽ زبردست جذبن لاءِ سچائيءَ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسين نفرت وچان ناگاساڪيءَ کي ناس ڪريون ها ته مان هوند اڄ جي مهذب انسان کي ڏوهه نه ڏيان ها، ڇاڪاڻ ته اهڙي زبردست نفرت ڪرڻ وارو انسان اهڙي ئي زبردست محبت به ڪري سگهي ٿو، ۽ هزارين هيروشيما تعمير ڪري سگهي ٿو. پر اسان ته ڊپ، هراس ۽ بدحواسيءَ وچان ناگاساڪيءَ کي ناس ڪيو. ان ڪري جو اسين ڪوڙا آهيون، اسان جي نفرت ۽ محبت ڪوڙي آهي!“

هن سگريٽ جو سوٽو هنيو ۽ وات مان دونهون ڪڍندي چيائين: ”گهڻا اهڙا به ماڻهو آهن، جن سان مان ملڻ پسند نه ڪندو آهيان، پر جڏهن هنن سان ملندو آهيان ته مرڪي ملندو آهيان، ان ڪري جو تهذيب جي اهائي تقاضا آهي. پر اها تقاضا ڪيڏي نه ڪوڙي آهي. ائين، تهذيب جون ڪوڙيون تقاضائون پوريون ڪري ڪري، اسين پنهنجي روح جي ساري سچائي وڃائي ٿا ويهون. پنهنجن جذبن، احساسن ۽ روح جي وڃايل ان سچائيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ئي مان شراب پيئندو آهيان. شراب جي مستيءَ ۾ گهاريل ٻن چئن گهڙين ۾ مان ڪوڙ جا سڀيئي چولا چيري، تهذيب جا سڀيئي ٻنڌڻ ٽوڙي، روح جي سچائي حاصل ڪندو آهيان.“

هن وسڪيءَ جو ٻيو پيگ گلاس ۾ ڀريو، ۽ پاڻي ملائڻ کان سواءِ پي ويو. سندس چهري تي درد ۽ اذيت جا پاڇا لهرائڻ لڳا. سگريٽ جو سوٽو هڻي، هن وري چوڻ شروع ڪيو: ”ويچارو انسان تقدير جي هٿن ۾ ڪيترو نه مظلوم ۽ مجبور آهي،“ تقدير انسان سان ڪيئن نه کيڏندي، سندس زندگيءَ کي ڀڃندي ڀوريندي ٿي رهي. انسان جي تقدير ڪا نظر نه ايندڙ طاقت نه، پر اهو ماحول ۽ حالتون آهن، جنهن جي پنجوڙ ۾ ڦاسي هي ڦٿڪندو ٿو رهي. اها ڇوڪري، جنهن جو مون توسان تعارف ڪرايو، سا پنهنجيءَ ان تقدير جي شهيد آهي. هوءَ حسين آهي، جوان آهي، ڪنواري آهي، پر شادي ڪري نٿي سگهي. ٻار کي هنج ۾ ليٽائي لولي ڏيئي نٿي سگهي، ۽ پنهنجو گهر جوڙي نٿي سگهي، ان ڪري جو زندگيءَ جي هڪڙي موڙ تي، جڏهن هوءَ معصوم، اڻڄاڻ ۽ البيلي هئي، کانئس هڪڙي غلطي ٿي ويئي. پر ڇا، معصوميت ۽ اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪيل غلطيءَ جي ايڏي عظيم سزا ملڻ گهرجي جو ويچارو انسان پنهنجي اُميدن ۽ آسن، خواهشن ۽ تمنائن جو قبرستان بڻجي وڃي! وڏن وڏن اوليائن ۽ اوتارن آسماني جهنم کان بچڻ جا هزارين طريقا ٻڌايا آهن، پر ان جهنم کان بچڻ جوڪو رستو نه ٻڌايو آهي، جيڪو هرهڪ انسان پنهنجي روح ۾ کڻي گهمندو ٿو وتي. اسان کي پنهنجين خواهشن ۽ تمنائن کي مارڻ جا طريقا ٻڌايا ويا آهن، پر اُن جهنم کان بچڻ جو ڪو رستو نه ٻڌايو آهي، جيڪو هرهڪ انسان پنهنجي روح ۾ کڻي گهمندو ٿو وتي. اسان کي پنهنجين  خواهشن ۽ تمنائن کي مارڻ جا طريقا ٻڌايا ويا آهن، پر انهن خواهشن ۽ تمنائن جا مـُـڙدا جڏهن قبرون ڦاڙي نڪري ايندا آهن ۽ روڄ راڙو شروع ڪري ڏيندا آهن، تنهن گهڙيءَ، تنهن پل کان بچڻ ۽ ڀڄڻ جي ڪا واٽ ڪانه ٻڌائي وئي آهي!“

هو يڪدم چـُـپ ٿي ويو ۽ ائين اکيون ٻوٽي ڇڏيائين، ڄڻ سندس سيني ۾ سور جي سٽ اُڀري هجي، ۽ هو ان کي سهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي.

”عذرا جو پيءُ وڏو آفيسر هو. هن ساري ڄمار ايمانداريءَ سان نوڪري ڪئي ۽ رشوت جي هڪ پائي به نه ورتائين. تون چوندين ته هن ڏاڍو چڱو ڪم ڪيو. پر مان چوان ٿو ته هن رشوت نه وٺي ايڏو وڏو ڏوهه ڪيو، جنهن جي کيس جيتري به سزا ڏني وڃي سا ٿوري آهي. ائين چئي، مان رشوت واري عمل کي صحيح ثابت ڪرڻ  نٿو چاهيان: مان ته صرف ايترو چوڻ ٿو چاهيان ته ان شخصي ۽ ذاتي چڱائيءَ مان ڪهڙو فائدو، جيڪا پنجن ڇهن زندگين کي تباهه ڪري ڇڏي. هن آسماني جهنم جي آڳ کان بچڻ لاءِ رشوت نه ورتي، پر ان ايمانداريءَ ۽  چڱائيءَ سندس گهر کي ئي جهنم بڻائي ڇڏيو. مهانگائيءَ ۽ ڏڪار جي هن زماني ۾ سندس پگهار گهر جي خرچ ۽ ڪپڙي لٽي ۾ ئي پورو ٿي ويندو هو، ان جو نتيجو اهو نڪتو جو هو پٽ کي صحيح ۽ سٺي تعليم ڏياري نه سگهيو، ۽ سندس پٽ ساڻس وڙهي گهر ڇڏي هليو ويو. هن کي ٽي ڌيئرون هيون، ۽ عذرا انهن سڀني ۾ وڏي هئي. هو جڏهن پينشن تي لٿو ته هن لاءِ پينشن جي پئسن مان پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالڻ محال ٿي پيو. ان وقت عذرا جي عمر پندرهن سال هئي. اها عمر ته اها ٿيندي آهي، جڏهن انسان جي اندر ۾ جذبن جا گونچ ٽڙي پوندا آهن، ۽ هو انهن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ ۾ سرمست ٿي، ٿڙندو ٿاٻڙندو وتندو آهي. سندس هرڪا وک ڌرتيءَ بدران ڪهڪشان ڏانهن کڄندي آهي. سندس جسم جا اهي حصا، جيڪي ننڍپڻ جي ننڊ ۾ هوندا آهن، سي ڪر موڙي جاڳي پوندا آهن، ۽ شرميلين ۽ چور نگاهن سان هيڏانهن هوڏانهن واجهائيندا آهن. عذرا جي اها سرمستي ۽ بيخبريءَ جي عمر هئي، پر ان بيخبريءَ ۾ کيس خبر پيئي ته سندس پيءُ جا ڪمزور ۽ پوڙها ڪلها گهر جو هيڏو سارو ٻوجهه سنڀالي نٿا سگهن. سرمستيءَ جي ان عمر ۾ هن ڀرون نراڙ ڇڪي، اکيون ڌرتيءَ ۾ کپائي، پنهنجي پوڙهي پيءُ جي پريشانين ۽ پنهنجين ننڍين ڀينرن جي زندگيءَ بابت سوچيو، ۽ هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ سندس عمر سوچ جي ان هڪ گهڙيءَ ۾ ڪيئي سال اورانگهي آئي آهي. هوءَ يڪدم اٿي، ۽ پيءُ کي چيائين ته هوءَ نوڪري ڪندي. پهرين ته پڻس مخالفت ڪئي، پر پوءِ راضي ٿي ويو. هوءَ مئٽرڪ پاس هئي، ۽ کيس شهر جي هڪ پرائمري اسڪول ۾ نوڪري ملي ويئي. پهرئين ڏينهن جڏهين هوءَ برقعو لاهي، ٻانهن لوڏي اسڪول ويئي ته سندس چهري تي عظمت جو نور ٿي بکيو.

اسڪول ۾ هن جي هڪڙي ماسترياڻي ساهيڙي ٿي ويئي. هو ٻيئي ايتريون ته هڪٻئي جي ويجهو اچي ويون جو سارو سارو ڏينهن هڪٻئي جي گهرن ۾ گذارڻ لڳيون. پنهنجي ساهيڙيءَ جي ئي گهر ۾، هن جي ملاقات ساهيڙيءَ جي ڀاءُ جميل سان ٿي. جميل اسان جي نسل جو نمائندو هو. اسان جو موجوده نسل ماضيءَ جي رشتن کان ائين ڇڄي ٽٽي ڌار ٿي ويو آهي، جيئن لغڙ اڏائيندڙ جي هٿن مان ڇڄي ويندو آهي ۽ هوائن ۾ پيو لوڏا کائيندو آهي: جنهن نسل جون پاڙون مُهن جي دڙي، شاهه، سچل ۽ ساميءَ ۾ نه، پر هاليوڊ ۾، واهيات جنسي ۽ جاسوسي ناولن ۾، سوڙهن پانچن واريءَ پتلون ۽ ڪوڪا ڪولا جي بوتل ۾ آهن، جنهن جي ذهن ۾ زندگيءَ جي ڪا واضح صورت ڪانهي، ۽ لذت جي فلسفي کان سواءِ زندگيءَ جو ڪو فلسفو ڪونهي، جنهن لاءِ عورت نه تخليق آهي، ۽ نه محبوبه آهي، پر مارلين مينرو، برجيڊ بيرڊوٽ ۽ لوليٽا آهي.

”جميل عذرا جي اڳيان لفظن جون اهڙيون ته ڪوڙڪيون وڇايون، جو عذرا ٻه- ٽنگي اچي ڦاٿي. جڏهين ڪا اڻڄاڻ، معصوم ۽ بيخبر ڇوڪري ٻه ٽنگي ڦاسندي آهي، تڏهن نتيجو هميشه حرامي ٻار جي صورت ۾ نڪرندو آهي. عذرا کي به ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجيءَ ڪنواريءَ ڪُک ۾ ڪنهن اجنبي وجود جو احساس ٿيو. هن جميل سان ڳالهه ڪئي. جميل کيس ٻار ڪيرائڻ جو ڏس ڏنو. هوءَ گهڻوئي رُني رڙي ۽ ڦٿڪي، پر ڦاسڻ کان پوءِ ڦٿڪڻ سان ته انسان وڌيڪ ڦاسندو ويندو آهي. سو هوءَ به وڌيڪ ڦاسندي ويئي. هن ٻار ڪيرايو، ۽ ايتري ته بدنام ٿي ويئي جو جيڪا به نظر ڏانهس  کڄندي هئي، تنهن ۾ طعنن جا تير هوندا هئا. هوءَ اهي سمورا تير سيني تي سهندي رهي، ۽ جيئندي رهي.

جميل هن سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پر هن جي انڪار سان عذرا جي پيار ۾ ڪو تفاوت نه آيو. طعنن جا تير سڃيندڙ نگاهن جي هن جهان ۾، جميل کان سواءِ ٻيو هن جو هو به ڪير؟ پر جميل هن جو ايترو ساٿ به نه ڏنو، ۽ کيس ڇڏي هليو ويو.

زندگيءَ جي ان غلطيءَ عذرا کي ڀڃي ڀوري وڌو. هن جي شخصيت ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيئي، ۽ سندس سڀيئي سپنا ۽ خواب ٽڪرا ٽڪرا ٿي خلائن ۾ اُڏامڻ لڳا. هن کي پنهنجو پاڻ کان نفرت ٿي پيئي. انسان دنيا جي سڀني انسانن جي نفرت برداشت ڪري سگهي ٿو، پر پنهنجو پاڻ کان ٿيل نفرت کي برداشت ڪري نٿو سگهي. شل نه انسان کي پنهنجو پاڻ کان نفرت ٿي پوي، پوءِ ته هرڪا گهڙي ٻه مـُـنهين بڻجي ڏنگيندي آهي، ۽ هر ڪو پل ڪاريهر جيان وار ڪندو آهي. ان نفرت، ان مسلسل زهر کان نجات صرف  آپگهات ۾ آهي. پر عذرا لاءِ ته نجات جو اهو دروازو به بند هو- هن کي پنهنجي لاءِ نه، پر پنهنجي پيءُ ۽ ڀينرن لاءِ جيئڻو هو.

عذرا ايتري ته بدنام ٿي چڪي هئي جو ڪوبه مرد ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ تيار نه هو ۽ هوءَ اڪيلي سر گناهه جو ٻوجهه ڪلهي تي کڻي جـِـي رهي هئي. ڪير آهي، جنهن گناهه نه ڪيو آهي؟ ڪير آهي، جنهن جا هٿ ايترا ته پاڪ آهن جو هو ڪنهن گنهگار تي پهريون پٿر اڇلائي سگهي؟ پر اسين پنهنجي گناهه جي ڪوڙ کي ڍڪڻ لاءِ ٻين تي ٺٺوليون ٿا ڪريون. پنهنجي معصوميت ڏيکارڻ لاءِ گنهگارن کي سنگسار ٿا ڪريون.

مون جڏهن پهريون دفعو کيس ڏٺو ته سندس چهري تي ڇانيل مظلوميت ۽ اکين ۾ ڦهليل اداسائيءَ جي اوندهه منهنجي اندر ۾ همدرديءَ ۽ پيار کي جاڳايو. هن جون وڏيون، سهڻيون ۽ سياهه اکيون ائين هراسيل ۽ دهشت زده هيون، ڄڻ...... ڄڻ ائٽم جي دونهين ۾ ڦاٿل امن جا ڪبوتر! مون پنهنجو پاڻ کان پڇيو ته آخر هوءَ ڇا کان خوفزده هئي؟ شايد زندگيءَ هن لاءِ سونهن ۽ روشنيءَ جا سڀيئي دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا، ۽ هوءَ اونداهين ۾، حيران ۽ هراسان، هٿوراڙيون ڏيئي رهي هئي.

مان پهرينءَ نظر ۾ پيار ٿي وڃڻ واريءَ ڳالهه جو قائل نه آهيان. اها ڳالهه افسانن ۽ ناولن ۾ ته ممڪن ٿي سگهي ٿي، پر حقيقي زندگيءَ ۾ ممڪن ٿي نٿي سگهي. عورت وٽ سهڻي صورت ۽ سهڻي بدن کان سواءِ شخصيت به ته ٿيندي آهي، ۽ شڪل صورت جي سونهن کان وڌيڪ، شخصيت جي سونهن محبت کي پيدا ڪندي آهي: يا ائين کڻي چئجي ته ٻن شخصيتن جي هم آهنگيءَ جو نالو محبت آهي. پر جڏهن مون پهريون دفعو عذرا کي ڏٺو ته منهنجي من ۾ محبت جا مچ ٻري پيا، ۽ مون هن ڏانهن پيار جو هٿ ڊگهيريو. پر هن منهنجو هٿ هٽائي ڇڏيو. جيئن هن منهنجو پيار ٺڪرايو، تيئن منهنجو پيار وڌيڪ مضبوط ٿي ويو. مان هن جي پيار ۾ صفا چريو ٿي پيس. اٿندي ويهندي، سمهندي جاڳندي، اکين اڳيان عذرا جون سهڻيون ۽ هراسيل اکيون ڦرڻ لڳيون. آخر هڪڙي ڏينهن وجهه وٺي، سندس هٿ کڻي جهليم ۽ چيومانس:

”هي هٿ منهنجي هٿ ۾ اچي چڪو آهي، هاڻي ڪڏهن به نه ڇڏيندس!“

”پروفيسر صاحب، هيءُ هٿ اوهان جي لائق نه آهي. هيءُ هٿ ڏاڍو گنهگار آهي.“

”جهڙو به آهي، منهنجو آهي. هينئر مرندي مري ويندس، پر ان کي هٿان نه ڇڏيندس.“

”هن پنهنجون اداس اکيون کڻي مون ڏانهن نهاريو. سندس اکين ۾ ڦهليل اداسائيءَ جي رات جون رڳون ڦاٽڻ لڳيون، ۽ اميد جي پرهه ڦٽڻ لڳي. مون هن کي ڇڪي ڇاتيءَ سان لاتو، ۽ سندس اداس ۽ ويڳاڻين اکين تي چپ رکيم.“

”پر مان ته ڏاڍي گنهگار آهيان!“ هن ٽٽل آواز سان چيو.

”تون جهڙي به آهين، منهنجي آهين.“

”هن منهن کڻي منهنجي سيني ۾ لڪايو، ۽ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. زماني کيس جيڪي به زخم ڏنا هئا، تن مان ٽمندڙ رت اڄ لڙڪن جي صورت ۾ سندس اکين مان وهي پيو هو. هوءَ روئندي رهي، ۽ مان کيس پرچائيندو رهيس. مون کيس آٿت ڏيندي چيو: عذرا، اسين جلد ئي شادي ڪنداسين“.

”شادي!“ هن آهستگيءَ سان چپن ۾ دهرايو. هن جي اکين اڳيان انڊلٺ جا ست ئي رنگ ٽڙي پيا، ۽ هوءَ ان گهڙيءَ جي هنج ۾ وڃي پهتي، جنهن کي فرشتا جنت جي پاڻيءَ سان وهنجاريندا آهن ۽ مٿان گلن جي ورکا ڪندا آهن: جيڪا گهڙي شهنائيءَ جو سـُـر، سهيليءَ جي الوداعي گيت جو ورلاپ، ننڍڙي ٻار جي هونگڙي، ’ڪُن‘ جو پڙاڏو، ۽ تخليق جو مرڪزي دائرو آهي.

”شادي!...... اوهين مون سان شادي ڪندا؟“

”ها، عذرا، اسين جلد ئي شادي ڪنداسين.“

”نه نه، مان اوهان سان شادي نه ڪنديس. مان گنهگار آهيان، مان اوهان جي لائق نه آهيان!“ هوءَ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي.

مون هن کي شاديءَ جو آسرو ڏنو، ۽ هن پنهنجو سڀ ڪجهه مون کي ڏيئي ڇڏيو، مون هن سان شاديءَ جو واعدو ته ڪيو، ۽ ان واعدي جي آسري تي کانئس سڀڪجهه ڦري ورتم، پر پوءِ جڏهين ٿڌيءَ دل سان ان ڳالهه تي سوچيم ته پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيم. شادي ته اسان جي دور جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي! منهنجي مالي حالت اهڙي نه هئي جو مان شادي ڪري سگهان. شادي صرف زال پالڻ ۽ گهر هلائڻ جو مسئلو ئي ته نه آهي، پر هڪڙي پوري نسل جي پرورش ۽ نيپاج جو مسئلو آهي. مون سوچيو ته جي اسين شادي ڪنداسين ته پنهنجي مالي مشڪلات جي ڪري ٻارن کي صحيح ۽ پوري تعيلم ڏياري نه سگهنداسين، ۽ اسان جو ايندڙ نسل عذرا جهڙو دکي ۽ جميل جهڙو عيار ٿيندو، پر جي مون شاديءَ کان انڪار ڪيو ته ويچاري عذرا تباهه ٿي ويندي: مان سمجهان ٿو ته هڪ فرد جي تباهي پوري نسل جي تباهيءَ کان بهتر آهي. اهي سڀئي ڳالهيون سوچي، مون دل ۾ فيصلو ڪيو ته مان عذرا سان شادي نه ڪندس.

هڪ ڏينهن هوءَ آئي ته مون کيس ٻڌايو ته مان شادي ڪري نٿو سگهان--- ان لاءِ جو مان مجبور آهيان، منهنجي تمنائن جي ڳچيءَ ۾ طوق آهن، ۽ ارادن جي پيرن ۾ زنجير. منهنجي ڳالهه ٻڌي، هن اکيون کڻي مون ڏانهن نهاريو.  هن جي اکين ۾ سندس خوابن جي ڌوڙ ٿي اڏاڻي. هوءَ مون ڏانهن نهاريندي رهي، ۽ هڪ اکر به نه ڪڇيائين. مون کي هن جي خاموش نگاهن کان وحشت ٿيڻ لڳي، ۽ مون کيس سيني سان لائيندي چيو: ’چري، پيار جي منزل شادي ئي ته نه آهي، پيار جي منزل ته پيار ئي آهي.‘ هوءَ اداس ۽ خالي نگاهن سان مون ڏانهن نهاريندي رهي، ۽ پوءِ ٽٽل ۽ شڪسته آواز ۾ چيائين: ’اوهين مون سان شادي نه ڪريو ته بيشڪ نه ڪريو، رڳو هڪڙو واعدو ڪريو ته ساري ڄمار مون کي ايترو ئي پيار ڏيندا رهندا، جيترو هينئر ڏيئي رهيا آهيو. منهنجو اوهان جي پيار کان سواءِ ٻيو ڪو سهارو ڪونهي. مون کان اهو سهارو نه ڦرجو!“ هن جي ڳالهه ٻڌي مان روئي ويٺس. پر هوءَ نه رُني، رڳو خالي نگاهن سان مون ڏانهن نهاريندي رهي. هينئر جيتوڻيڪ اسين شادي ڪري نه سگهيا آهيون، پر تڏهن به هڪٻئي سان پيار ڪريون ٿا. شادي آهي به ته ٻن ڌرين جي هميشه گڏ رهڻ جي اقرار جو نالو: اسان ٻنهي هميشه گڏ رهڻ جو واعدو ڪيو آهي، ۽ اهڙيءَ ريت اسان هڪٻئي سان شادي ڪري ڇڏي آهي.“

ايترو چئي، ڪريم ماٺ ٿي ويو. وسڪيءَ جو گلاس تيار ڪيائين، ۽ هڪ ئي ڳيت سان پي ويو. سندس اکين ۾ عجيب وحشت چمڪڻ لڳي. هن ڏند ڀڪوڙيا ۽ اکيون ٻوٽي ڇڏيون. مان سندس چهري جي ان عجيب ڪيفيت ڏانهن نهاريندو رهيس. هن يڪدم اکيون کوليون ۽ منهنجي اکين ۾ گهوري نهاريندي چيائين: ”توکي خبر آهي ته مون عذرا سان شادي ڇو نه ڪئي؟ اڄ مون شراب پيتو آهي، ۽ پنهنجي جذبن جي سچائي حاصل ڪئي اٿم، ان ڪري مان توکي سچ ٿو ٻڌايان ته مون هن سان شادي ڇو نه ڪئي. مون هن سان ان ڪري شادي نه ڪئي. جو مان پنهنجي اندر ۾ ويٺل ان ذليل ۽ ڪميڻي مرد کي ماري نه سگهيس، جيڪو هر وقت ائين چوندو هو ته هوءَ ڪنهن ٻئي مرد جي استعمال ٿيل عورت آهي!“

هو ماٺ ٿي ويو، ۽ سندس چهري تي عجيب اطمينان چمڪڻ لڳو، ڄڻ کيس ڪنهن اندر جي عذاب کان نجات ملي ويئي هجي. مان ماٺ ڪري هن جي مطمئن منهن ڏانهن نهاريندو رهيس. الائي ڇو، مون کي هن جي سهڻي شڪل ڀوائتي ۽ مڪروهه لڳي. منهنجي دل چيو ته زور سان سندس منهن ۾ ٿڪان، پر شراب پيئڻ کان پوءِ به مان پنهنجي جذبي جي سچائي حاصل ڪري نه سگهيس، ۽ ساڻس مرڪي، موڪلائي، پنهنجي ڪمري ۾ هليو آيس. جڏهين کٽ تي ليٽيس ته عجيب گهـُـٽ ۽ ٻوسٽ جو احساس ٿيم. اڄ رات ڪيتري نه تاريڪ هئي! چنڊ جي جلاوطن شهريار کي اونداهين جي غفائن ۾ قيد ڪيو ويو هو، ۽ ستارا هر گهڙيءَ، هر پـَـل وڌندڙ اونداهين کان ڏڪي ۽ ڪنبي رهيا هئا. ماحول تي عجيب گهٽ ۽ ٻوسٽ ڇانيل هئي: آخر ڪيستائين اها تاريڪي، گهٽ ۽ ٻوسٽ رهندي؟ ڪڏهين رات جون رڳون ڦاٽنديون، ۽ ڪڏهين شفق جي خون ۾ وهنتل سج جو رت ورنو روءِ ڏسنداسين؟ ڪڏهين صبح سڀاڳو ايندو، ۽ ڪڏهين روشنيءَ جا ڪرڻا، هن دکايل ڌرتيءَ تي پير ڌريندا؟

                            )مهراڻ- 4/1964ع(

 


 

هريڪانت

بَتِي اُجهامي ويئي....

”هل، جوان!“

ٽانگي واري، پنهنجي ٿڪل گهوڙي جي پٺي ٺپيندي، لغام ڇڪيو. اشارو پائيندي ئي سمجهو جانور منزل ڏانهن رخ رکيو. رات جي آخرين گاڏيءَ جو انتظار ڪندي، ڏهه اچي وڳا هئا. جيوڻ کي ڪا سواري ڪانه ملي هئي، ۽ هو نراش دل کڻي گهر موٽي رهيو هو. سڄي ڏينهن جي هڻ - هڻ بعد ويچارو سوا رپيو مس ڪمائي سگهيو هو. اُن سوا رپئي مان ئي هن کي پنهنجي ڪٽنب جي ڇهن ڀاتين ۽ گگدام جانور جو پيٽ ڀرڻو هو.

صبح کان سانجهيءَ تائين، جيوڻ شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ ڀٽڪي سواريءَ لاءِ ٻاڏائيندو هو، ليڪن مشڪل سان ئي کيس ڪا سواري نصيب ٿيندي هئي. آخر ڇو؟ ڪارڻ سوچيندي ئي، جيوڻ حسرت ڀريل نگاهن سان پنهنجي پراڻي ٽانگي ڏانهن نهاريندو هو. ڦاٽل ميرا گديلا، ڏٻرو ڪمزور گهوڙو، ۽ ڍلي بيڍنگي رفتار ئي شايد سندس  ڪم نصيبيءَ جو ڪارڻ هئا. هن ڪيترائي دفعا پنهنجي ٽانگي جي مرمت ڪرائڻ جو ويچار ڪيو هو، ليڪن اهو ويچار، صرف ويچار ئي پئي رهيو.

شهر جون اونچيون اونچيون عمارتون، ڳتيل بازاريون ۽ ٻهڪندڙ سڙڪون پار ڪري، جيوڻ بستيءَ ڏانهن ويندڙ ڪچي رستي ڏي لغام ڦيرايو. ٿڪل گگدام ڪيترو نه سمجهو هو، شايد هن ڀليءَ ريت ڄاتو ٿي ته سندس غريب مالڪ کي گذريل رات کان روٽي نصيب ڪين ٿي هئي. پنهنجي رحمدل مالڪ جي پيٽ ۾ جلندڙ بک جي آگ اُجهائڻ لاءِ نهايت تيز رفتار سان ڊوڙي، هو کيس منزل تي پهچائڻ جو يتن ڪري رهيو هو.

اوچتو، ٽانگي ۾ لڳل ننڍڙي بتي ڦڙڦڙائڻ لڳي. جيوڻ ڇرڪ ڀري وسامندڙ بتيءَ ڏانهن نهاريو. الائي ڇو، سندس دل ڌڙڪي اُٿي. جوت جي ٽمٽائڻ ۾ کيس ڪنهن مصيبت جا آثار نظر آيا. ڏسندي ڏسندي، هوا جي هڪ تيز جهونڪي سان بتي اُجهامي ويئي، ۽.... ۽ پوليس جي ڊيڄاريندڙ سيٽيءَ جو هڪ سڃاتل آواز ٻڌي جيوڻ جا وار کڙا ٿي ويا. سندس ڏڪندڙ هٿ الائي ڇو وَر ۾ ٻڌل سَوا رپئي ڏانهن کڄي ويا. هن جون سنهڙيون ۽ ڪمزور آڱريون پتل ۽ ٽامي جي انهن تڇ سڪن کي ائين چهٽي پيون، گويا اُهي سڪا هميشه هميشه لاءِ کانئس کسجي رهيا هئا. ڊپ ڀريل نگاهن سان هن پٺيان نهاريو. فانوس جي جهڪيءَ روشنيءَ ۾ چمڪندڙ بٽڻ واري رعبدار وردي پهريل هڪ سپاهي، لنبا قدم کڻندو، ڏانهس وڌي رهيو هو. سندس پير ۾ پيل لنبي مضبوط بوٽ جي ٺڪ - ٺڪ جيوڻ جي ڪمزور دل ۾ خوف جو پڙاڏو ٿي گونجايو. هن جي هٿن مان لغام ازخود ڍرو ٿي ويو، ۽ سڙڪ جي هڪ ڪناري ٽانگو بيهي رهيو.

”سلام، سرڪار!“ سپاهيءَ جي ويجهو ايندي ئي، جيوڻ نماڻائيءَ سان خوشامد ڪئي: ”ڪيڏهان هلندا، سرڪار؟“

”ڪيڏانهن هلندس؟ بي ايمان، پڇين ٿو ڪيڏانهن هلندس!... ٿاڻي تي هلڻو آهي، ٿاڻي تي! بتي ڇو نه ٻاري اٿيئي؟“ سپاهيءَ رعب ڄمائيندي چيو.

”بتي...“ جيوڻ نراش نگاهن سان بتيءَ ڏانهن ڏٺو. ”اُجهامي ويئي، سرڪار... بتي اُجهامي ويئي...“

”ڇو...؟“ سپاهيءَ زمين تي لت هڻندي زور سان ڪڙڪو ڪيو.

’ڇو؟‘ جيوڻ جي خالي دماغ ۾ زور زور سان گونجي اُٿيو: ’ڇو...ڇو...ڇو...؟‘ کن پلڪ جي خاموشيءَ بعد، هن گنڀير آواز ۾ جواب ڏنو: ”تيل کپي ويو، حضور...بتيءَ جو تيل کپي ويو...!“

”تيل کپي ويو؟“ جمعدار گرم ٿيندي چيو: ”اهو به ڪو جواب آهي، بيوقوف! بتيءَ جو خيال ڇو نٿا رکو؟“

جيوڻ جي هرديه - آڪاش ۾ جذبات جو هڪ طوفان مچلجي اُٿيو. من جي ڀاونائن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي به، ڏڪندي چئي ويٺو:

”- زندگيءَ جي جوت قائم رکڻ ڪاڻ... اسان کي پنهنجو خون - پسينو جلائڻو ٿو پوي، سرڪار! اسان جي قسمت جو ديپ ئي ڦڙ ڦڙائي رهيو آهي، - ٽانگي جي بتيءَ جو ڪيترو خيال رکون، سرڪار!...“

سپاهي خاموش رهيو.

جيوڻ، آلين اکين سان ڏانهس نهاريندي، التجا ڀري نوع ۾ چيو: ”منهنجا معصوم ٻچا بک کان ٻاڏائي رهيا هوندا، سرڪار! ڪالهه رات کان کين روٽي ڪين ملي آهي. منهنجو ننڍڙو رامو... کير چڪيءَ لاءِ ٻاڏائي رهيو هوندو، سرڪار... مون تي رحم ڪريو!“

ٻڍڙي جيوڻ جي ڀريل گلي مان غربت ۽ غريبيءَ جو دل - ڀڄائيندڙ داستان سـُـڻي، سپاهيءَ جي دل ويچار-ساگر ۾ غوطا کائڻ لڳي. جيوڻ جي مجبوريءَ ۾ کيس پنهنجي غريبيءَ جي ڌنڌلي تصوير نظر آئي. سندس ڪٺور دل به هڪوار ڀـِـڄي پيئي. آخر هو به ته غريب هو! ستر رپين ماهوار منجهان کيس به ڇهن ڀاتين جو پيٽ پالڻو پوندو هو. پنهنجن معصوم ڪمزور ٻارن کي اڻپورو کاڌو ملندو ڏسي، سندس دل سسڪيون ڀريندي هئي. پنهنجي ننڍڙي ڌيءُ اُما جي گل جهڙي مکڙي کي خزان جي ڦول جيان ڏينهون ڏينهن زرد ٿيندو ڏسي، هن جي دل کي هڪ گهري چوٽ رسندي هئي. اڄ صبح کان اُما کي سخت بخار هو، ليڪن غريبيءَ ۽ مجبوريءَ جي ڪٺور زنجيرن ۾ جڪڙيل بهاري سندس علاج ڪرائڻ کان عاجز هو. ’اُف، زندگي ڪيتري نه ڀاري آهي - هڪ غريب جي زندگي!‘ اهي ئي ڳڻتيون ڪندو، بهاري، سڄي ڏينهن جي ٿڪائيندڙ ڊيوٽيءَ بعد، هٿين خالي ۽ غم ڀريل دل کڻي، گهر موٽي رهيو هو. اوچتو رستي ۾ هن ڏٺو، جيوڻ جي ٽانگي جي بتي اُجهامي ويئي. جيوڻ جي بتي وسامي وڃڻ تي هن جي دماغ ۾ آشا جي هڪ ڌنڌلي تصوير چمڪي اُٿي. بنا بتيءَ ٽانگي هلائڻ جي ڏوهه جو هن پورو پورو فائدو وٺڻ ٿي چاهيو. هن کي پنهنجي ڌيءُ جي علاج لاءِ پيسا گهربا هئا - ڪهڙيءَ به ريت، ڪهڙي به طريقي. پيسن جو ڌيان ايندي ئي، هو گويا گهريءَ ننڊ مان سجاڳ ٿيو. پاڻ سنڀاليندي ۽ پيشانيءَ جو پگهر اُگهندي، هو چـِـلائي اُٿيو:

”اوهان ماڻهن جو دماغ اصل ٺڪاڻي ڪين آهي: بنا بتيءَ ٽانگو هلائي، قاعدي قانون جو اُلنگهن ڪرڻ جا اصل عادتي ٿي پيا آهيو!...“

”حضور،...“ جيوڻ ٻاڏايو.

”آءٌ توکي اصل ڪين ڇڏيندس. اجهو ٿو ٿاڻي تي رجوع ڪري، ڏهه رپيا ڏنڊ ڀرايائين، بي ايمان! هل، هل ٿاڻي تي...!“

ڏنڊ جو نالو ٻڌندي ئي، جيوڻ جي جان ڏڪي اُٿي. پنهنجي ڦاٽل ٽوپي لاهي کڻي بهاريءَ جي پيرن تي رکيائين، ۽ ڏڪندي چيائين: ”سرڪار، آءٌ بيحد مسڪين آهيان، سرڪار! مون کي معاف ڪريو...“

بهاريءَ جي دل ٻڏڻ ترڻ لڳي. ٻڍڙي تي سچ ته کيس ڪهل اچي رهي هئي، ليڪن هن کي به ته پنهنجي ڌيءُ جي علاج لاءِ پيسا کپندا هئا، ۽ اهي پيسا هو سختي ۽ رعب ڄمائي جيوڻ مان ئي حاصل ڪري سگهيو ٿي. جيوڻ جي ڳالهين مان خفي ٿيندي، بيزاريءَ مان چيائين: ”آءٌ اها بڪواس ٻڌڻ تي هريل ڪين آهيان. چيم، مون کي صرف تنهنجي ڏوهه سان مطلب آهي. اوهان ماڻهو بلڪل بيپرواهه آهيو. قاعدي قانون جي ڪا پرواهه ئي نٿا ڪريو! اڄ ته توکي ضرور چالان ڪرائيندس.“

جيوڻ کيس ليلايو، ٻاڏايو،... ليڪن بهاريءَ جي دل ڌيءُ جي موهه ۾ جڪڙجي ڪٺور بڻجي چڪي هئي. لاچار، ڏڪندڙ هٿن سان جيوڻ ور ۾ ٻڌل پيسا ڪڍيا. آنسن ڀريل نگاهن سان هڪوار اُنهن پيسن ڏانهن ڏسندي، هن پنهنجو ڏڪندڙ هٿ سپاهيءَ ڏانهن وڌايو، ۽ ڀريل گلي سان چيو: ”سڄي ڏينهن جي ڪمائي...!“

سپاهي ٿورو هٻڪيو. هڪوار جيوڻ جي آنسن ڀريل اکڙين ڏانهن ڏٺائين، ۽ پوءِ هڪدم دل ڏاڍي ڪري، آسپاس نظر ورائي، پيسا کڻي ورتائين، ۽ آخرين دفعو رعب ڏيکاريندي چيائين: ”هيءُ دفعو معاف ٿو ڪيان“، ليڪن آئيندي خبردار رهج... وڃ!“

جيوڻ، هڪ لُٽيل مسافر جيان، نراس ۽ پريشان، پنهنجي ٽانگي ڏانهن وڌيو، ۽ سندس گهوڙي آهستي آهستي هلڻ شروع ڪيو.

سامهون، دور دور، سڙڪ تي ڦهليل انڌڪار سان گڏ، جيوڻ کي پنهنجو جيون به انڌيارو نظر اچي رهيو هو. گهر پهچي، هو پنهنجن معصوم بکايل ٻارن کي ڪهڙو جواب ڏيندو؟ دروازي تي اکيون پائي ويٺل زال جي آشا ڀريل نگاهن کي ڪهڙو آٿت ڏيندو؟ اهي ئي ڳالهيون سوچيندي، پنهنجي غريبي، مجبوري ۽ بيڪسيءَ تي آنسو وهائيندي، هو پنهنجي گهر کي اوڏو پوندو ٿي ويو.

هٿ ۾ جهليل سوا رپئي جي چمڪندڙ سڪن ڏانهن ڏسندي، سپاهيءَ کي پنهنجي جيت تي خوشيءَ جو احساس ٿيو. ليڪن ٻئي کن ۾ سامهون انڌياري ۾ ويندڙ ٽانگي جي کٽ -کٽ جي گهري آواز سندس جان ۾ سياٽو آڻي ڇڏيو. ٽانگي جي ڦيٿن مان نڪرندڙ گنڀير چيڪاٽ، گويا، سپاهيءَ جي ظلم جي شڪايت ڪندي، جيوڻ جي مجبوريءَ ۽ بيڪسيءَ جو دک ڀريو گيت ٿي ڳاتو. بهاريءَ جي دل کيس ڦٽڪارڻ لڳي. لاشڪ اڄ هن بيرحميءَ جو ڪم ڪيو هو. ليڪن،... هو به ته مجبور هو: سندس مٺڙي ڌيءُ  جو بيمار هئي! بيمار ڌيءُ  جي مرجهايل چهري جو تصور ٿيندي ئي هن جا قدم تڪڙو تڪڙو گهر طرف کڄي ويا.

گهر جي نزديڪ پهچندي ئي بهاريءَ جون ٽنگون ڌڏڻ لڳيون. هٿ ڏڪڻ لڳا ۽ دل ڌڙڪي اُٿي. سندس من ۾ سهسين شنڪائن جوهڪ طوفان اُڏامڻ لڳو. آهستي آهستي هن چانئٺ اندر پير ڌريو. تڪڙا ۽ اٻهرا قدم کڻندو، هو سامهون صندل تي سمهيل ڌيءُ ڏانهن وڌيو. سندس پگهريل پيشانيءَ تي هٿ رکندي ئي هن جي من ۾ اُٿندڙ شنڪائن جو طوفان شانت ٿي ويو. سندس پتنيءَ کيس ٻڌايو ته اُما جو بخار لهي چڪو هو، پاڙي ۾ رهندڙ راڌيءَ ڏانهن رهيل سلائيءَ جي پيسن مان هن اُما جي دوا پڻ ورتي هئي.

بهاريءَ سامت جو هڪ لنبو ساهه کنيو، ۽ خاڪي بشرٽ جي کيسي مان سوا رپيو ڪڍي ڀرسان رکي ڇڏيو. لالٽين جي جهڪي پرڪاش ۾ اُهي سڪا چمڪڻ لڳا. بهاري
يڪ ٽڪ انهن ڏانهن گهورڻ لڳو. آهستي آهستي هن ائين محسوس ڪيو، گويا اهي سڪا تمام زور سان چمڪڻ لڳا هئا. انهن جو تجلو ايترو ته وڌي ويو جو بهاري انهن ڏانهن نهاري سگهڻ جي همت به ساري نٿي سگهيو، سندس اکيون ازخود بند ٿي ويون، ۽ وويڪ ڀڙڪي اُٿيو. ’پنهنجي مطلب سـَـڌ ڪرڻ لاءِ هن اڄ معصوم ٻالڪن جي وات مان روٽي کسي هئي، غريبن جي پيٽ تي لت هنئي هئي... ڪيتري نه گراوٽ!‘

بهاريءَ جي اکين اڳيان جيوڻ جو اُداس چهرو کڙو ٿي ويو، جو آنسن ٻڏل اکڙين ۽ ڀريل گلي سان چئي رهيو هو، ’بتي اُجهامي ويئي،... تيل کپي ويو‘، ’زندگيءَ جي جوت‘... ’خون – پسينو‘... ’ديپ ڦڙڦڙائي رهيو آهي‘... ’مون کي معاف ڪريو، سرڪار!... مون تي رحم ڪريو...!‘

بهاريءَ جون رڳون سيٽجي ويون ۽ ساهه جو دورو تيز ٿي ويو. ’جيوڻ جي بتي اُجهامڻ تي هن پنهنجي جيون ۾ روشنيءَ جي جهلڪ ڏٺي هئي: جيوڻ جي جيون کي انڌيري ۾ ڌڪيلي، هن پاڻ کي روشنيءَ جو درشن ڪرائڻ ٿي چاهيو!‘... ”نه، نه!“ هن ڀيڪوڙيل ڏندن ۾ ڪجهه زور سان ڀڻڪيو، ۽ پوءِ اُٻهرائيءَ مان اُٿي، پيسا کڻي، تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري ويو.

مزدور بستيءَ ۾ پهچڻ بعد، هن کي جيوڻ جو گهر ڳولڻ ۾ ڪا خاص دير ڪين لڳي. هڪ ڪچي مڪان جي دروازي وٽ، منهن گوڏن ۾ ڇپائي، ڪو غريب پنهنجي مجبوريءَ تي ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو. اندران ڪنهن ٻالڪ جي روئڻ جو آواز پئي آيو. بهاريءَ جهٽ سهي ڪيو، - اهوئي جيوڻ جو گهر هو.

بهاري، هڪ ڏوهاريءَ جيان، هلڪا قدم کڻندو، سندس ويجهو پهتو. کيسي مان پيسا ڪڍي، هن جيوڻ جي پيرن وٽ رکي ڇڏيا. کڙڪو ٻڌندي ئي جيوڻ جيئن ڪنڌ مٿي کنيو، سندس وار کڙا ٿي ويا. ڏڪندي ڏڪندي هو اُٿي کڙو ٿيو، ۽ ڀريل دل سان چيائين:

”سلام، سرڪار!“

بهاري ڪجهه ڪڇي ڪين سگهيو. صرف سندس اکين مان همدرديءَ جا گهرا رازڀريا ٻه گرم آنسو نڪري، جيوڻ جي پيرن لڳ ڪري پيا، جن ۾ سمايل هو – ’هڪ غريب جو، غريب لاءِ پيار.‘

                (مهراڻ- 1 ۽ 2/1958ع)

 

 رشيده حجاب

وقت ۽ جذبا

”چوندا آهن ته هر شيءِ کي وقت بدلائي ڇڏيندو آهي يا وقت سان هر شيءِ بدلجي ويندي آهي، پر ائين ته نه آهي. شيشي جي ٻاهران جل ٿل ٿيندڙ مينهن کي ڏسي هن سوچيو.“

ڪجهه به ته نه بدليو آهي، بدنصيب جي قسمت وانگر ڪارا ڪڪر ۽ غمزده اکين مان جـَـر وهائيندڙ سانوڻ، اداسي سان ڀريل آسمان، ڇا بدليو آهي؟ هن غور سان سوچڻ جي ڪوشش ڪئي، گهڻو ڪجهه بدليو آهي مسز حسين! هن جي اندر جي رابيل رڙ ڪئي. سڀ ڪجهه ئي ته بدليو آهي. ها بيشڪ آسمان اُهوئي آهي، پر ان جي سيني تي ڪارا سرمائي ڪڪر ان ڏينهن ته ڪنهن مست حسينه وانگر رقص ڪري رهيا هئا،.جـَـل ٿل بُوندون ڄڻ هن جي واسينگ وارن مان وسي رهيون هيون ۽ هوائون... انهن هوائن ۾ ته خوشبوئن جو طوفان هو. پر ان کان ڪجهه وقت اڳ هوءَ بس اسٽاپ تي وين جو انتظار ڪري رهي هئي. آسمان ڪڪرن سان ڀريل هو، پر مينهن جو ٻن ڏينهن کان ڦـُـڙو به نه وسيو هو. هن جي آسپاس بيٺل ماڻهن ۾ شرطون لڳي رهيون هيون. ڪي چئي رهيا هئا ته وسندو ۽ خوب وسندو. ڪجهه دعويٰ سان چئي رهيا هئا ته گذريل ٻن ڏينهن وانگر اڄ به ڪڪر وسڻ کان سواءِ هليا ويندا، پر هوءَ انهن سڀني ڳالهين کان  بي نياز پريشانيءَ مان هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رهي هئي. وين اچڻ واري هئي پر نينا اڃا ڪانه پهتي هئي. ڪيترن ڏينهن کان هو ٻئي پنهنجا پنهنجا حوالا مڪمل ڪرڻ لاءِ مين لائبريري وڃي رهيون هيون، جيڪا هنن جي ڊپارٽمينٽ کان ڪافي پري هئي. موڪلن هئڻ سبب تمام گهٽ شاگرد ويندا هئا. اڪثر صرف هو ٻئي ئي وين ۾ اڪيليون ڇوڪريون هونديون هيون... ۽ ... ۽ اڄ ته نينا به هن وقت تائين ڪانه آئي هئي. وڃجي يا نه؟ هوءَ انهيءَ سوچ ۾ هئي ته وين بلڪل هن جي اڳيان اچي بيٺي. ڊرائيور دروازو کولي رڙ ڪئي: ”جلدي اچ رابيل بي بي! مون کي وڏي صاحب ڏانهن وڃڻو آهي.“ بنا سوچڻ جي هوءَ وين ۾ اچي ويٺي ته سهي، پر دل اُهائي ڊانوان ڊول هئي. پوڙهو ڊرائيور شايد هن جي پريشاني سمجهي ويو هو.

”امان، مينهن وسڻ جهڙو ڪونهي. ڪي پيا ته ٻه ٽي ڪڻا پوندا، مان يارهين بجي ايندس، واپس اچڻو هجئي ته گيٽ تي هلي اچجانءِ“.

اهو اطمينان کڻي ڪائونٽر تي پهتي. ڪارڊ ڊيسڪ تي وڌيو، ته ان جو رستو ٻئي ڪارڊ روڪي ڇڏيو. هن جي سانوري هٿ جي اڳيان هيري وانگر جرڪندڙ اُهو هٿ ائين هو ڄڻ ڪارن بادلن مان اوچتو سج نڪري آيو. هن نفرت مان جلدي پنهنجو هٿ ڇڪي ورتو. اڄ ٽيون ڏينهن هو جو ائين ٿيو هو. هوءَ جيئن ئي پنهنجو ڪارڊ لائبريري کي ڏيڻ جي ڪندي هئي، ٺيڪ ان وقت هڪ خوبصورت مردانو هٿ پنهنجي ڪارڊ سميت هن جو رستو روڪي ڇڏيندو هو. ڄڻ هو ڊيسڪ جي هيٺان لڪل هوندو هو جو ٺيڪ ان وقت مشيني انداز ۾ اتي ظاهر ٿيندو هو.

پهرين ڏينهن غير ارادي طور هڪ سيڪنڊ جي هزارين ڀاڱي ۾ هن ڏٺو هو. هڪ چهرو هو ڪنهن مرد جو، الائي ڪيئن الائي ڪهڙو؟ هُن ڪاوڙ ۾ اهو ڏسڻ جي ڪوشش ئي ڪانه ڪئي ۽ ان کان پوءِ جڏهن ٻئي ڏينهن... ٽئي ڏينهن ۽ پوءِ روز ئي ائين ٿيڻ لڳو، ته هن جي سيني ۾ ڪاوڙ، بي عزتي ۽ احساس ڪمتري، ڄڻ دوزخ دُکائي ڇڏيو. ”بدتميز، بدتهذيب، پڙهن لـِـکن ٿا پر سـِـکن ڪجهه ڪونه ٿا!“ هن سڙندي سڙندي نينا کي ٻڌايو. ”اِها به خبر ڪانه اٿن ته خواتين سان ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح ورتاءُ ڪبو آهي. الائي سورج مکي آهي. الائي ڪوڙهه اٿس يا بدقسمتيءَ سان ڳوري چمڙي اٿس جو روزانو عين ان وقت منهنجي بي عزتي ڪرڻ لاءِ پهچي ٿو وڃي.“ پر اڄ هن ڪاوڙ مان پنهنجو ڪارڊ واپس نه کنيو. اڪيلائيءَ جي احساس کيس گهيري ورتو هو. چاٻيون وٺي آهستي آهستي ڏاڪڻ چڙهي جڏهن هوءَ پنهنجي مخصوص ڪـُـنڊ ۾ اچي ويٺي ته هو اڳ ئي ڪٻٽ وٽ موجود هو.

”مس رابيل.... مس رابلي“، هـن جو آواز به هن جي رنگ وانگر هو، صاف شفاف.

”معاف ڪجو مس رابيل، مان شايد نادانستگيءَ ۾ توهان کي ڪا تڪليف پهچائي آهي.“

”تڪليف؟“ هن ڪاوڙ ۾ رڙ ڪئي، توهان جو منهنجي تڪليف ۽ آرام سان ڪهڙو تعلق آهي. مان توهان کي سڃاڻان به ڪونه. البت توهان جيڪا دل لڀائيندڙ حرڪت ڪجهه ڏينهن کان ڪري رهيا آهيو، ان توهان جي اخلاق ۽ ڪردار کي ضرور مون جهڙي اجنبي ڇوڪريءَ تي چڱيءَ طرح واضح ڪري ڇڏيو آهي. ”نفرت آهي، مان مڃان ٿو پر يقين ڪريو پهريان ٻه ٽي ڏينهن ته واقعي اهو اتفاق ئي هو. پر پوءِ... پوءِ... جڏهن توهان جو چهرو چِڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويندو هو، ته مون کي الائي ڇو مزو اچڻ لڳو. پر يقين ڄاڻو مون توهان جي نفرت نه ٿي چاهي، ڪالهه کان لڳو ڄڻ هاڻي توهان جي منهن ۾ چڙ نه پر نفرت وسي آئي آهي، ته مون اڄ معافي وٺڻ جي جرئت ڪئي،

هـُـن ڪو جواب نه ڏنو ۽ خاموشيءَ سان پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو.

فضا ساڪت هئي پر خوشبوءَ ڀريل هوائون ڌُوڪينديون اچي رهيون هيون. هڪ شرير تيز هوا جي جُهوٽي زور سان دريءَ جو طاق هن پاسي ۾ بيٺل اجنبيءَ کي وهائي ڪڍيو. جهوٽو ڪجهه وڌيڪ ئي شيطان هو. تنگ ڪندڙ پاڻ تنگ ٿي ويو هو. نرڙ جي زخم مان رت بند ئي ڪونه پئي ٿيو. هن لاپرواهيءَ سان پـُـٺي ڏئي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر... پر... لائبريري جي بجلي ته الائي ڪهڙي وقت هلي وئي هئي. نيم تاريڪ هال ۾ پڙهڻ ته مشڪل ئي هو، پر وهندڙ رت کان منهن موڙڻ ڏاڍو ڏکيو هو. يا الله تو عورتن کي ايڏو ڪمزور دل جو ڇو بڻايو آهي؟ هي وري افلاطون هتي بيٺو ڇو آهي؟ پنهنجي زخم لاءِ ڪجهه ڪري ڇو نٿو!

شايد پهريون دفعو هن پنهنجيون نظرون هن قابل نفرت انسان جي چهري تائين آنديون.

هي ڇا؟ هـن جي سيني ۾ ڪا شيءِ ڌم ڌم ڪري ڀڄڻ لڳي. هي انسان... هي چهرو قابل نفرت ڇونه آهي؟ ۽ هن کي ڏسي نفرت ڪيڏانهن غائب ٿي وئي؟ شايد، شايد هي دنيا جي انهن چهرن مان هڪ آهي. جنهن سان اگر ڪو چاهي به ته نفرت نه ڪري سگهي!

احساس شڪست هن جي پيرن ۾ ڄڻ زنجيرون وجهي ٻڌيون هيون، آهستي آهستي پنهنجي وجود کي گهلي هوءَ دريءَ تائين آئي ته بچيل سچيل قوت به جواب ڏئي ويئي. اجنبي پنهنجيون خوبصورت روشن اکيون سـِـڌيون هن جي اکين ۾ کُپائي ڇڏيون.

مس رابيل منهنجي حرڪت جي مون کي جيڪا چاهيو سزا ڏيو ۽ ڏسو ته قدرت به سزا ڏئي ڇڏي آهي. هن پنهنجي زخم تي هٿ رکندي چيو، پر... مون کان نفرت نه ڪيو...

مان هڪ معمولي انسان آهيان، تقدير ۽ حالات جو شڪار! مان ڪنهن جي، خاص طرح توهان جي نفرت جو متحمل ٿي نه سگهندس“ هُن جي آواز ۾ ايڏو پڇتاءُ ۽ ڏک هو ڄڻ سڄي جهان جي شرمندگي جهوليءَ ۾ کڻي بيٺو هو. ”ڇڏيو ان گردان کي“ هُن پنهنجي پرس مان رومال تلاش ڪرڻ چاهيو، پر هميشه وانگر بي وفا اڄ به غائب هو.

رَئو ڦاڙڻو پوندو...

روايتي هيروئن وانگر...

ٿوري همدردي حاصل ڪري هُو وري شينهن ٿي ويو، پر هاڻي هنن ٻنهي کي ٿڌي مِٺي موتين ڀرئي هوا جي جهوٽي ڪجهه سوچڻ نه ڏنو.

آخر مينهن اچي ويو، هنن ٻنهي گڏ ٻاهر ڏٺو. برسات ته ڪيترن سالن کان هنن ڪڏهن نه ڏٺي هئي، بادلن ۾ آسماني مخلوق گيت ڳائي رهي هئي. بوندن ۾ موتي وسي رهيا هئا ۽ هوا ۾ مشڪ عنبر جي خوشبو رچيل هئي!

دريءَ جي ان ڀڳل شيشي ۾ هو ان عجيب غريب برسات کي ڄڻ پنهنجي وجود جي ذري ذري ۾ محسوس ڪري پيوست ڪري رهيا هئا، ته ان ئي وقت وين جي هارن هن کي هوش ۾ آڻي ڇڏيو. جلدي جلدي ڏاڪا ٽپي وين ۾ آئي بشير چيو ”امان رابيل، ڪٿي ويٺي هئين! مان يارهين بجي به آيو هئس، پر تون ته الائي ڪٿي هئين. لڳي ٿو ته چڱي ڀِڳي آهين.“

بشير ڳالهائيندو رهيو هميشه وانگر، پر، هوءَ سوچي رهي هئي. صبح بشير زبردستي نه ويهاري ها ته زندگيءَ جو هڪ خواب نظر اچڻ کان رهجي وڃي ها!

ٻئي ڏينهن اسٽاپ تي نينا جي اچڻ جو وقت گذرڻ لڳو، ته هن جي وجود ۾ هڪ اڻڄاڻ خوشي گهڙندي آئي. هال جي ان مخصوص ڪنڊ ۾ هو اڳيئي موجود هو.

ڏس منهنجي شرافت، اڄ تنهنجي سانوري هٿ کي شرمندو نه ڪيم نه؟ هن چيڙائڻ واري انداز ۾ چيو. هوءَ ڪاوڙ ۾ تپي ويئي. ”ڏاڍي خوشفهمي آهي توهان کي پنهنجي رنگ جي باري ۾؟“ پر نظرون ڪاوڙ ۾ اٿيون ته شڪست ۾ جهڪي ويون. واقعي، دل اعتراف ڪيو. ڪمبخت حسين ته واقعي ڏاڍو آهي. خدا به ڪمال ٿو ڪري، ڀلا مردن کي به ڪو ايترو حسن ڏبو آهي.

”چڙي وئين نه؟ بس اها تنهنجي چڙ ڏسڻ لاءِ ته اهي جوکا کڻندو آهيان. سچ رابيل، سڄي دنيا جي خوبصورتي هڪ طرف ۽ تنهنجي اها چڙ هڪ طرف.“ برسات جي انهن پنجن ڏينهن ۾ هو صدين جا بيحد فاصلا طئي ڪري ويا هئا. ڄڻ ننڍپڻ جا ٻه دوست ورهين کان پوءِ مليا هئا. هنن پنهنجي باري ۾، پنهنجي خاندان. پنهنجي دوستن جي باري هڪ هڪ ڳالهه هڪٻئي کي ٻڌائي هئي.

ان سڄي قصي ۾ هوءَ هن جي نالي تي خوب ٽهڪ ڏئي کلي هئي.

”واهه واهه، واهه جو نالو آهي تنهنجو عاليشان حيدر! ڳالهه ته ٻڌاءِ توکي ايڏي عاليشان نالي سان ڪو سڏيندو به آهي؟“

خاڪ، ڌوڙ... اهو ڊگهو نالو صرف ڪاغذ جو زيان آهي، سو ان کي به بچائڻ لاءِ ڪيميڪلس وانگر ڪو Symbols ڏيڻ جو سوچيو آهي. باقي سڏڻ وارا- ڪو علي... ته ڪو شان.... ته ڪو حيدر سڏيندو آهي.“ هن روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو ته کلندي کلندي هوءَ چـُـپ ٿي ويئي.

علي... توکي ڪير ڀلي ڪجهه به چوي يا ڪجهه نه به چوي... تڏهن به ... تڏهن به تنهنجو وجود .... هر ڪنهن جي پڪار بڻجي وڃي ٿو.

ٻين کي ڇڏ... تون ٻڌاءِ- ڪٿي ان عجيب نالي کي وساري ته نه ڇڏيندينءَ؟

”وساري؟؟؟؟ مون توکي چيو نه علي، تنهنجو نالو وسري به وڃي ته ڇا؟ مان ڪٿي به هجان... ڪهڙي به حال ۾ ڇو نه هجان، موت جي چنبن ۾ به تنهنجي نالي سان ڪنڊي وانگر چڀي ويندس... ها شايد تو جهڙي خوبصورت انسان کي مون جهڙي معمولي شڪل واري ڇوڪري ياد نه به رهي،“ هن اداسيءَ مان چيو.

رابيل ... رابيل ... هي ڇا ٿي چئين؟ تون ته آهين ئي رابيل. تنهنجي خوشبو منهنجي وجود ۾ ساهه وانگر سمائجي وئي آهي. جيستائين دل، زندگيءَ جي احساس سان ڌڙڪندي رهندي، اها خوشبو ان جي هر ساهه ۾ رهندي!

ان کان پوءِ هڪ عجيب چُپ هنن کي گهيري ڇڏيو، جيئن طوفان اچڻ کان پوءِ هر طرف خاموشي ڇانئجي ويندي آهي. نينا کي مـُـدي جو بخار ٿيو هو. انهن ڏينهن ۾ هنن کي اهو احساس ئي نه ٿيو هو ته هو ڪي اجنبي هئا. عليءَ ٻڌايو هو ته هن ميڊيڪل جي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي ڏني هئي، ڇاڪاڻ ته هڪ وڏي خاندان جو بار هن جي مٿان هو. ستن ڀيڻن ۽ بيمار والدين جو هو واحد سهارو هو.

ايم - اي پرائيويٽ ڪري رهيو هو. ڪجهه ڏينهن لاءِ امتحان جي تياريءَ خاطر شام جو ڊيوٽي ڏيندو هو ۽ صبح جو لائبريري ايندو هو. ”مون جهڙي انسان کي زندگيءَ جي شوخي ۽ شرارت جي باري ۾ شايد خيال به نه اچي ها، پر ڪي انسان دنيا ۾ خدا شايد اهڙا پيدا ڪيا آهن، جن کي ڏسي ڪي انسان چريا ٿي پون... هوش حواس وڃائي ويهن!“ هڪ ڏينهن عليءَ چيو هو. ڇهن ستن ڏينهن کانپوءِ سج نڪتو هو. هرڪو ان جو فائدو وٺي رهيل ڪم پورو ڪري رهيو هو. هن به ارادو ڪيو هو ته اڄ سمورو ڪم پورو ڪبو. احساس ئي نه ٿيو ته شام ڪڏهن ٿي وئي. هڪ شام وانگر اداس آواز ڇرڪ ڀرائي ڇڏيو.

اڄ گهر نه ويندينءَ ڇا؟ سج اُلهڻ وارو آهي؟ اڙي واقعي؟ مون کي ته ڪم ۾ خبر ئي ڪانه پئي. آخري بس نه هلي وڃي. هوءَ جلدي سامان سنڀالڻ لڳي. آخري بس ۾ ته اڃا ڪافي ٽائيم آهي. آخري ملاقات جو خيال ڪر. هن اداس شوخيءَ سان چيو.

ڇا مطلب؟ هوءَ وائڙي ٿي ويئي.

مطلب اهو ته موڪل پوري ٿي. مان هاڻي لائبريري اچي ڪونه سگهندس.

هن جا پير ڄڻ واريءَ ۾ ڦاسي پيا!

اڙي تون ته سچ پچ اداس ٿي وينءَ؟ بابا لائبريريءَ مان ڇُٽي ٿي وئي، ڪو دنيا مان ڇـُـٽي ٿوروئي ٿي آهي! تنهن کان پوءِ توکي ياد آهي ته مون توکي ڇا چيو هو... تنهنجي خوشبو...!

ها... ها... سڀ ياد آهي. اڃا ڪي ٽيهه سال ڪونه ٿيا آهن جو سڀ وسري وڃي... پر ٽيهه سال ڇا، عمر گذري وڃي... صديون گذري وڃن... تڏهن به... ڪهڙو فرق پوندو؟ ڇڏ... هو ڏس سج ڪيئن ٿو اُلهي.

پهاڙين ۾ سج لڪي رهيو هو.

”علي! سج اُلهڻ وقت ايڏو اداس ڇو نظر ايندو آهي؟“ ڀلا اُڀرڻ وقت ايڏو مغرور ڇو نظر ايندو آهي؟ هن الٽو سوال ڪيو، چاهڻ جي باوجود هوءَ جواب نه ڏئي سگهي.

رابيل! سڄي دنيا تي حڪمراني ڪرڻ بعد جڏهن احساس ٿيو... ته هو به شڪست کان بچيل نه آهي. ڪو وقت اهڙو به اچي ٿو جو سڄي دنيا تي آب تاب سان چمڪڻ کان پوءِ هن کي به گمنامين جي اونداهين ۾ گم ٿيڻو پوي ٿو. بس شڪست جو احو احساس هن کي اداس ۽ افسرده ڪري ڇڏي ٿو!

علي ڳالهائي رهيو هو ۽ هن جي وجود ۾ به ڪو سج ڄڻ غير محسوس طريقي سان اُلهي رهيو هو. آسمان جو سج ٻئي ڏينهن وري آب تاب سان نڪري آيو، ”پر هن جي زندگيءَ جي آسمان تي اُڀرڻ وارو سج وري نه اڀريو!“

سالن جا سال انتظار ۾ گذري ويا. هن جي وجود کي ڄڻ زمين پاڻ ۾ پيوست ڪري ڇڏيو هو. هزار ڪوششن کان پوءِ صرف اهو معلوم ٿيو هو، ته هُن جي پيءُ جو انتقال ٿي ويو هو. هو سڀ ڳوٺ هليا ويا هئا.

ان کان پوءِ سڀ صفحا خالي هئا. هوءَ نينا وانگر انهن چوڏهن ڏينهن جي پويان زندگي گذارڻ لاءِ تيار هئي، پر دنيا هن کي چوڏنهن سال به انتظار نه ڪرڻ ڏنو.

رابيل مان مسز حسين، مسز حسين مان ٻن جوان پٽن جي ماءُ ٿيڻ کان پوءِ به ان برسات جي احساس کي ٽيهن سالن کان پوءِ به نه وساري سگهي!

”مئڊم“، هن جي ڪلارڪ اندر اچي چيو ”مان ٻه دفعا اڳ ۾ به ٿي ويو آهيان. شايد توهان جي طبيعت ٺيڪ نه آهي، مان ڊسٽرب نه ڪريان ها، پر...“

”ڳالهه ڪريو“، هن دري بند ڪري پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهندي چيو. پنهنجي قابليت سبب هوءَ هڪ وڏي اداري ۾ ڊائريڪٽر هئي.

هي ويچارو نئون سپرنٽيڊنٽ ٽن ڏينهن کان پنهنجي بدليءَ جي درخواست فارورڊ ڪرائڻ لاءِ پيو چڪر هڻي. پاڻ آهي ڳوٺ جو. ويچاري کي بدلي ڪيو اٿائون هتي، گهر ٻار... پنج ست ڀيڻون اٿس، سو ويچارو توهان سان ملڻ به پيو چاهي ۽ درخواست به کڻي آيو آهي.

مون کي ڏي ۽ اندر موڪلينس.

السلام عليڪم مئڊم

”وعليڪم السلام”، هن سرسري نظر سان اچڻ واري جهڪيل ڪلارڪ پيشه سپرنٽيڊنٽ کي ڏسي چيو ”درخواست پاڻ لکي اٿو؟”

”جي ها مئڊم.”

انگريزي سٺي اٿو... ڇا پڙهيل آهيو؟

”بس مئڊم! بي - اي سمجهو. ايم - اي جو امتحان ڏيڻ وارو هئس ته اوچتو والد صاحب گذاري ويو. تنهن کان پوءِ سڄي گهر جو بار اهڙو پيو جو امتحان ڇا پنهنجو پاڻ وسري ويو“ هن اداس لهجي ۾ چيو، ”هونءَ مون ٻه ٽي سال ميڊيڪل جا به پڙهيا آهن.“ خير... خير... هن درخواست صحيح ڪري هن کي ڏني. ”مون صحيح ڪري ڇڏي آهي. اسان کي ڪنهن کي سهولت ڏيڻ ۾ ڪو اعتراض ڪونهي... بس ڪم سان غرض آهي... توهان جي جاءِ تي ڪو مناسب ماڻهو اچي وڃي... بس ٺيڪ آهي.“

وڃڻ واري جي درخواست هن غور سان ڏٺي به ڪانه هئي. دراصل اڄ جي برسات هن جا ورهين جا ڦٽ کولي ڇڏيا هئا.

هوءَ وري اچي دريءَ تي بيٺي هئي. برسات اڃا جل ٿل ٿي رهي هئي عمر رسيده چيلهه جهڪائي برسات ۾ احتياط سان قدم رکندڙ انسان جي راهه ۾ مسز حسين، ڪنڊو بڻجي چـُـڀي - کيسي ۾ ورهين پراڻو رئي جو ٽـُـڪر پيل هوندي به... ان انسان جي ساهه جي خوشبو رابيل کي... ان رئي جي پائيندڙ کي تلاش نه ڪري سگهي... شايد... شايد.. شايد چاهت... وقت جي ڇولين ۾ لڙهي وئي هئي!

                            (مهراڻ- 3/1992ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com