سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :28

مشتاق احمد شورو

گيديپڻي سان ڀريل جيون

 

زندگيءَ  جي ڪا خوبصورتي، ڪو سُندر روپ، ڪو حسين پهلو- رخ به آهي ڇا؟ ٿي سگهي ٿو ڪن لاءِ هجي به، پر آءٌ ان جيون مان سُندرپڻو ڪٿان ڳوليان، جنهن ۾ ڄمڻ کان وٺي اڄ تائين رڳو ذلت سان ڀريل ناڪامين ۽ بدصورت شڪستن کي ئي منهن ڏيندو رهيو آهيان. مون لاءِ ته زندگي، پيار، سونهن، خوشيون ته رڳو خالي- کوکلا لفظ ئي آهن، جن جي ڪا معنيٰ، ڪو مقصد، ڪو مطلب ته آهي ئي ڪونه، مون ته رڳو هڪ ئي حقيقت- سچائي کي ڏٺو، ڄاتو ۽ پاتو آهي، زندگيءَ جي ڪراهت سان ڀريل بدصورتي ۽ پيار ته زندگيءَ کان به وڌيڪ بدصورت ۽ ڌڪار جوڳو آهي.....؟

شايد.....!

هن مڪروهه ۽ بدبودار زندگيءَ ۾ مون ڪيترائي بي معنيٰ لاڳاپا، بي مقصد رشتا، ناتا- ٺاهيا، جوڙيا، ڳنڍيا، (ڪي ته ڄمڻ سان ئي جڙيل هئا) جيڪي ٻُڪ ۾ جهليل پاڻيءَ جيان آڱرين جي وٿين مان وهي ويا ۽ مون کي سواءِ خالي هٿن جي ڪجهه به پلئه نه پيو آهي ۽ هاڻي ناتن، رشتن، لاڳاپن جي ڀيڙ- هجوم کان ڇڄي، ڪٽجي، ڌار ٿي پري بيهندي- اهو احساس هيڪاري ڇتو بڻجي منهنجي ذهن کي چڪ هڻڻ لڳو آهي ته آءٌ سڄي ڄمار Disposses ئي رهيس- ڇو؟ نيٺ ڪهڙي ڏوهه ۾؟

ڪجهه به هجي پر اگهاڙي حقيقت ۽ ظالم- فحش سچ اهو آهي ته رشتا، ناتا، لاڳاپا سماجي هجن يا فطري پر اهي شخص جي سماجي رتبي ۽ حيثيت پٽاندر ئي ٺهندا، جڙندا ۽ ڊهندا آهن. سماجي يا فطري لاڳاپا ڪنهن به ريت ڪنهن به صورت ۾ اٽل- اڻمٽ ناهن پر ضرورتن، حالتن، انساني لالچن، غرضن موجب پنهنجي معنيٰ، مقصد ۽ شڪل مٽائيندا ٿا رهن. شايد رشتن- لاڳاپن جي ضرورت آهر تبديلي ئي سڀاويڪ- قدرتي هجي.

ڪيڏي نه بدصورت ۽ شيطاني صورتحال آهي جو ذهني اٿل پٿل مان اڀريل سوالن جو ڪو جواب ئي موجود ناهي. لڳي ٿو ته ظالم ۽ انڌيون- انڌوڪار واريون آسماني طاقتون انهن جوابن کي به ڳڙڪايو وڃن. هونئن به هر سوال جو جواب هجڻ ڇا ضروري آهي؟ انسان ذات جو مقدر اهو آهي ته اها سوالن جون ڀريون ٻڌيو هلندي رهي. هڪ آنڌي، اونداهي، اڻ ڄاڻ آئيندي ڏانهن سفر ڪندي.

سوزوڪي ڪئريءَ جو تيز- گهٽيندڙ دونهون نڪ جي ناسن کي چيريندو ڦڦڙن ڏانهن پيو وڃي. سامان ڍوئڻ واري گاڏيءَ ۾ ماڻهن کي ڍوئڻ به ڪيڏي نه عجيب- ڪريل ۽ غير انساني حرڪت آهي. عجيب ۽ غير انساني ڇو؟ ڇا ماڻهوءَ جي به ڪا حيثيت آهي يا خاص طور تي مون جهڙن ماڻهن جي، جيڪي هنن سوزوڪين ۾ به مشڪل سان ٿا چڙهي سگهن، تن جي ڪا حيثيت آهي ڀلا؟ هونئن به ماڻهو هڪ اهڙي ڪميني، واهيات، ذليل، ڪِريل ۽ خسيس مخلوق آهي، جنهن سان جيتري به ويڌن- جُٺ ٿئي سا ٿوري آهي. ڦاٽڪ کان پُل تائين جو فاصلو ڄڻ ڪيترن ئي ميلن جو فاصلو هجي، کٽڻ جو ئي نٿو لڳي. گهُٽ، ٻوسٽ، گرمي ۽ مٿان وري سوزوڪيءَ ۾ ٻڪرين جيان واڙيل ماڻهو. پُل تي اچي سک جو ساهه کڻي لٿو آهيان.

اڄ ٽيون ڏينهن آهي ۽ آءٌ ساوڻي سنڌوءَ ۾ ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ۾ لڳاتار ٽن ڏينهن کان پُل تي ايندو رهيو آهيان. پهريان ٻه ڏينهن ته دل نه جهلي سگهيس- ٽپو ڏيڻ لاءِ. ٽيون ڏينهن پوليس وارن پڇيو ته پُل تي ڇو بيٺو آهين؟ آءٌ اجائي مصيبت ڳچيءَ ۾ وجهڻ کان اتان ڀڄي نڪتس. ڪالهه به گهڻي دير نه بيهي سگهيو هوس، ان ڊپ کان ته اُتي هلندڙ وردي وارا ان شڪ ۾ نه ٻـَـڌي وڃن ته ڪو دهشتگرد آهيان ۽ پُل اُڏائڻ لاءِ پيو رٿابندي ڪريان، ۽ هونئن به اڄ ته گهران پڪو پهه ڪري نڪتو آهيان ته ڪالهه به اهو سوچي واپس وريو هوس ته سڀاڻي پل تي اچي- گهڻي سوچ، ٻه دليو ٿيڻ، ڊپ، ها- نه جي وچ واري ڇڪتاڻ ۾ پوڻ جي پاڻ مهلت ئي نه ڏيندس ۽ ايندي شرط سڌو ٽپو ڏيندس، بلڪل خالي دماغ سان.

- مون تو جهڙو پٿر دل انسان سڄي زندگيءَ ۾ نه ڏٺو، تو تي ڪنهن ڳالهه جو اثر ئي نٿو ٿئي. لڳي ٿو ته تو وٽ دل آهي ئي ڪونه.

هن ائين چيو يا جيڪي ڪجهه هن چيو ان جو مطلب اهوئي هو. مون کي ٺيڪ سان ياد ته ناهي، پر هن لفظ اهي ئي چيا. ٿي سگهي ٿو لفظن جي جوڙجڪ مان جيڪو جملو ٺهيو هجي، سو ڪجهه ٻيو ئي هجي، پر مون کي عجب- حيرت، اچرج يا شايد شاڪ ان ڳالهه جو آهي ته هن مون ۾ ڏٺو ڇا هو- خاص طور تي ان حالت ۾، جنهن مان آءٌ لنگهان پيو. ڇا سچ پچ هن کي مون لاءِ ايتري- ان حد تائين گهري چاهت ٿي ويئي هئي، جو هن حقيقي زندگيءَ جي ڀيانڪ نتيجن تي به نٿي سوچيو. ڇو؟ ڇا لاءِ؟ هن لاءِ منهنجي ڇڪ سڀاويڪ هئي. آءٌ جو سڄي ڄمار ذلت سان ڀريل شڪستن، بدصورت ناڪامين، اذيت ڏيندڙ نامرادين ۽ رجيڪشن جي هڪ وڏي هجوم ۾ گهيريل رهيو آهيان، تنهن کي پهريون ڀيرو ڪنهن حيثيت جو احساس ٿيو. منهنجي به ڪا اهميت آهي ۽ ڪو آهي مون کي به چاهڻ وارو، مون لاءِ سوچڻ وارو، پر پوءِ به ڏيکاءُ مون ئي ڏنو ته مون کي پرواهه ناهي- ڪنهن به شيءِ جي. منهنجو ورتاءُ هن سان برف جهڙو هو، بلڪل ٿڌو، سائيبيريا جي ميدانن وانگر ڄميل- منهنجي مرضيءَ جي خلاف- ابتڙ شايد! خبر ناهي ڇو؟ ٺيڪ طرح ته اڄ به سمجهي نٿو سگهان ته ڇو؟ مون ائين ڇو ڪيو ڪنهن جي اٿاهه پيار- قرب جي موٽ ائين بي جان خالي جذبن سان....! شايد ڊپ لڳو، پنهنجو پاڻ کان يا شايد.....؟

آءٌ پُل تي وڃڻ بدران هيڏانهن هن پاسي- پلا پچائڻ واري ريسٽارنٽ ڏانهن ڇو هليو آهيان. هونئن هڪ طرح سان ٺيڪ به ته آهي. هتي ماڻهن جو هجوم آهي. ڇٻر تي، ڪرسين تي ويٺل، هلندڙ- ڦرندڙ ماڻهو- عورتون، ٻار. هيٺ درياهه ۾ بيٺل ٻيڙيون. هتي سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته، هتي ڪيتري دير به بيٺو، ويٺو، هلندو رهجي ته به ڪوبه ڌيان نه ڏيندو ۽ ڪير به، ڪجهه به نه پڇندو، وڏي ڳالهه ته ڪنهن کي به ڪوبه- ڪنهن به قسم جو شڪ نه پوندو. شڪ به ڇو پوندو؟ هتي ته هرڪو گهمڻ- ڦرڻ ۽ وندر لاءِ ئي ته آيو آهي. آءٌ به ان سڄي وايو منڊل ۾ ٿڌي دل سان سوچي سمجهي، پريشرس کان آجو ٿي، دل ٻڌي، همت پيدا ڪري ٽپو ڏيئي ڇڏيندس- بلڪل سانت ٿي.

نه نه، اهو ته سڀڪجهه ابتو ٿي پوندو. ائين نٿو ٿي سگهي، اهو سڀ غلط آهي، بلڪل ٺڳي ۽ ڍونگ پنهنجو پاڻ سان. شايد- شايد نه پر پڪ ئي پڪ ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اهو احساس هجي ته هيترن سارن ماڻهن ۽ ٻيڙي وارن مهاڻن جي ڏسندي، هنن اڳيان ٽپو ۽ مون کي هڪدم ٻاهر ڪڍي وٺن. نه، اهو ته ڊرامو- تماشو ٿي پوندو. اها دماغ جي جيئڻ واري جبلت جي ڪا چال آهي ۽ آءٌ پاڻ سان اهو دوکو- فريب ٿيڻ نه ڏيندس. مون کي ته ڪو ماڻهن اڳيان ناٽڪ- تماشو ڪرڻو ته آهي ڪونه. آءٌ ته سچي دل سان- واقعي هن بدصورت، مڪروهه زندگيءَ، بي بقا، بي يقين آئيندي مان جان آجي ڪرڻ ٿو چاهيان. مڪتي- ڇوٽڪارو پائڻ ٿو چاهيان هن دنيا مان، پنهنجو پاڻ مان. هيءَ دنيا مون جهڙن ماڻهن جي رهڻ جوڳي ناهي. جنهن دنيا کي سمجهي- سڃاڻي نه سگهجي تنهن ۾ رهڻ مان فائدو؟ خير آءٌ ته کڻي ڇا به ويچاريان پر سچ- حقيقت ته اها آهي ته انسان هڪ اهڙي ڪميڻي، واهيات، بي عزت، بي حياءُ ۽ ڪِريل شيءِ آهي، جيڪا هر وقت، سمجهه ۾ نه ايندڙ، عجيب قسم جون ڇرڪائيندڙ حرفتون، چالاڪيون، فريب ۽ مِکر ڪرڻ جي تاڙ ۾ رهي ٿي. ٻين سان ته خير- پر خود پنهنجو پاڻ سان به! گهڻو ڪري ماڻهو آپگهات ڪرڻ نه چاهيندو آهي پر رڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ان مقصد سان ته- مرڻ کان بچي وڃي يا بچايو وڃي ۽ پوءِ جيئن ماڻهن جي ڌيان- توجهه جو مرڪز بنجي، خيراتي همدردين ۽ مدد سان جهول ڀري سگهي ۽ ماڻهن جي سستين ۽ واهيات ڳالهين- گفتگو جو موضوع بنجي نالو ڪمائي سگهجي. ڪٿي ائين ته ناهي ته منهنجي جيئڻ جي جبلت به مون کي اهو سڀڪجهه ڪرائي، مون کي ذليل- خوار ته ڪرڻ نٿي گهري- لڳي ته ڪجهه ائين ئي ٿو.

حيرت جي ڳالهه ته اها آهي، ماڻهو موت کان ايترو ڪنبي ۽ ڊڄي ڇو ٿو؟ جڏهن ته اڄ نه ته سڀاڻي موت کي اچڻو ئي اچڻو آهي. موت کي ڪن ته آهن ئي ڪونه جو هو ڪنهن جون منٿون ميڙون ٻڌي، خوشامدون ڪندو ڏسي موٽي وڃي. خير ٻيا ته وڃي ڌوڙ پائين، پر آءٌ ڪڙهان پنهنجي حال کي. مون جهڙو ماڻهو، جنهن جي جيئري رهڻ جا هڙيئي دروازا بند ٿي چڪا هجن، جنهن جو ڪو مستقبل نه هجي، جنهن تي بک، ڏک، سور، تڪليفون، اذيتون، عذاب، ذلتون جهپون هڻڻ جي اوسيئڙي ۾ هجن ۽ انهن آسماني آفتن کان بچڻ جي به ڪا واهه نه هجي، ته پوءِ سڀ کان بهتر ۽ سولي واٽ اها آهي ته انهن سمورين آفتن جي اچڻ کان اڳ ماڻهو پنهنجي حياتيءَ تان ئي هٿ ڌوئي ويهي ۽ اهو سڀڪجهه ڏسڻ، ان گهاڻي ۾ پيڙجڻ لاءِ جيئرو ئي نه رهي. اها حياتي ئي ڪهڙي ڪم جي جنهن ۾ معمولي کان معمولي ۽ خسيس کان خسيس خواهش- ننڍڙي ڳالهه به پوري نه ٿئي. زندهه رهڻ لاءِ ڪو معمولي، هلڪو، اڇاترو وسيلو- ذريعو ئي هٿ نه لڳي. مون جهڙن ماڻهن لاءِ، جن وٽ هن ڌرتي تي ڪابه پناهه گاهه نه بچي آهي، زندهه رهڻ جو عمل انتهائي ڀيانڪ، هيبتناڪ ۽ ڊيڄاريندڙ آهي.

اهو عجب نه آهي ته جن ماڻهن وٽ جيئڻ لاءِ گهربل وسيلا- ذريعا به اڻ ميا هوندا آهن، سي رڳو معمولي پيار جي ناڪاميءَ جي ڪري آپگهات ڪري ڇڏيندا آهن. پيار، جيڪو مٽيءَ جي ٿانو وانگر ڀُرندڙ هوندو آهي، جيڪو هميشه روپ پيو بدلائيندو آهي، ڪڏهن ڪنهن سان ته ڪڏهن ڪنهن سان. ماڻهو به پنهنجين سهوليتن ۽ شرطن تي ڪندو آهي ۽ واقعي- سچ پچ اُهي ماڻهو تمام گهڻو بهادر ۽ دلير هوندا آهن جيڪي پيار جهڙي بي معنيٰ، بي مقصد ۽ واهيات جذبي ڪاڻ آپگهات ڪري ڇڏيندا آهن ۽ هڪ آءٌ آهيان جو بک ۽ بي روزگاريءَ ۽ ان جي نتيجي ۾ سماج کان ملندڙ بي عزتي- ڌڪار کان بچڻ لاءِ سنڌوءَ ۾ ٽپو به نٿو ڏيئي سگهان، جڏهن ته ان سموري صورتحال پويان هڪ پڪو پختو ريشنيل موجود آهي، هڪ ٺوس- سگهارو ڪارڻ، پر پوءِ به ٿوري همت پيدا ڪرڻ ۾ سوڀارو نه ٿيو آهيان اڃا تائين به! آخر ائين ڇو آهي؟ بزدلي؟ شايد. اچرج جهڙي ڳالهه آهي ته ان بي مقصد- بي معنيٰ، ٽڪي جهڙي خسيس زندگيءَ جو انت آڻڻ لاءِ، ايڏي ٻڏتر، ايڏي گهوٽالي ۾ ڇو آهيان- نيٺ. خواب، اميدون، خواهشون ۽ آسون به کسي ورتيون هجن. هونئن به جڏهن جيئري رهڻ جا سمورا لنگهه- گَهٽَ بند ٿي  وڃن ته پوءِ به پاڻ کي زبردستي زندهه رکڻ ئي سڀ کان وڏي ڪانئرتا ۽ گيديپڻو آهي.

ماڻهن جي ڀيڙ- هجوم کان هٽي پري ٿي- پُل ڏانهن وڌان ٿو ۽ پُل تي ٺهيل فوٽ پاٿ وٺي ٻئي ڀر ڏانهن وڃان پيو. زندگيءَ جي ظالم قوتن سان اکٻوٽ ڪندي، بي ڍنگي-
بي تڪي، واهيات مسخري ڪندي چاليهه سال گذري ويا. هيڏي جبل جيڏي عمر ته ڇڏي آيو آهيان پٺيان ۽ هاڻي هن ڄمار ۾ ڪنهن بهتري جي، ڪنهن چڱي وقت جي به ته ڪا اميد نه رهي آهي. نوڪريءَ لاءِ هرهنڌ عمر جي  حد رکيل آهي جا آءٌ پار ڪري آيو آهيان. اميد جي کڻي رکجي ته رکجي به ڪهڙي؟ آءٌ سمجهان ٿو ته ماڻهو بي انتها مايوسيءَ، نااميدي ۽ ناڪاميءَ کان پوءِ ئي آپگهات جي امڪان جي روبرو اچي بيهي ٿو. آپگهات وجود جو انت آڻي شخص کي ڇوٽڪارو ڏيئي ٿي ڇڏي. هيءَ زندگي به هر شخص لاءِ جنگ جو ميدان آهي ۽ آءٌ ته جيون جي جنگ جو اُهو هارايل سپاهي آهيان، جيڪو اذيتن، ذلتن، بکن، ڏکن جي زخمن سان چور چور ٿي، چڳي- چڳي پنهنجا ڦٽ پيو چٽيان.

هيل تائين ته منهنجي زندگي کل خوشيءَ سان گذري آهي. مائٽن ڪڏهن دڙڪو به نه ڏنو آهي. اڃا تائين ته ڪو ڏک نه ڏٺو اٿم، اڳتي ڇا ٿيندو ان جي ڪا خبر ناهي.

خبر ناهي، ڪهڙي ڳالهه نڪتي ۽ ڪهڙي حوالي سان هُن ائين چيو. پر جيڪڏهن هن جو پلئو مون سان اٽڪي پوي ته پوءِ پڪ ئي پڪ هن کي سواءِ ڏکن، تڪليفن، اذيتن، بکن جي ان اوڙاهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه به هٿ نه اچي ها. مون ويچاريو، مون کي ان حد تائين خودغرض نه ٿيڻ کپي، جيڪا ڇوڪري منهنجي غربت، بي روزگاري، مفلسي، ڏسڻ کان پوءِ به مون سان ٻنڌڻن ۾ ٻَڌجڻ لاءِ تيار آهي، تنهن کي آءٌ پاڻ سان گڏ دوزخ جي ڌڳندڙ باهه ۾ ڇو ڌڪيان. اهڙو حق مون کي ڪنهن ڏنو آهي ته آءٌ ڪنهن معصوم انسان کي پنهنجي باهه ۾ ساڙيان. اها باهه ته رڳو مون لاءِ ئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪٿي، ڪنهن هنڌ تي هن لاءِ ڪو خوبصورت مستقبل اوسيئڙي ۾ هجي ۽ آءٌ هن کان اهو خوبصورت مستقبل به کسي وٺان جذباتي بليڪ ميل ڪري. هن جا مون لاءِ جذبا سچا ۽ خلوص وارا آهن، انڪري..... خبر ناهي جذبا سچا ۽ خلوص وارا ٿيندا به آهن يا..... ٿي سگهي ٿو وقتي هجن به، پر آءٌ ڇو هن جي خوشين تي ڌاڙو هڻي، هن کي ڪنهن سهڻي ۽ سٺي زندگي گذارڻ کان محروم ڪري ڇڏيان. اهڙو ته خير هن منهنجو ڪو ڏوهه به ته ڪونه ڪيو آهي، نه ئي ڪا دشمني آهي. مفلسي، تنگدستي ۽ بيڪاريءَ جي جنهن گهاڻي ۾ آءٌ پيڙهجان پيو- اُتي سواءِ سکڻين آسن، بيڪار اميدن ۽ بي تعبير خوابن جي ٻيو کيس ملي به ڇا ها. مون وٽ ته هاڻي نه خواب رهيا آهن، نه ڪا آس- اميد يا ٻيو ڪو اهڙو جذبو:

منهنجيون ته ڪي ايڏيون وڏيون خواهشون ۽ ضرورتون به ڪونه آهن. آءٌ هرحال ۾ خوش رهي وينديس.

چيو ته خير هن اهو به هو- پر آءٌ اهو ڪيئن قبول ڪري وٺان ته ڪو مون جهڙي نڪمي ۽ بيڪار شخص لاءِ پنهنجين خوشين- خواهشن ۽ آسن جو ٻليدان ڪري ڇڏي. ڇا آءٌ ان لائق آهيان به سهي. خير اهو ته مڃڻو ئي پوندو ته آدرش- پيار جي نشي ۾ ماڻهو لاءِ هيڪر ته ڪو فيصلو ڪرڻ- قدم کڻڻ ڏاڍو سولو هوندو آهي، پر پوءِ حقيقتن سان ٽڪرجندي جڏهن هن جون اکيون کُلنديون آهن، تڏهن انهن بدصورت ۽ اپاهج حالتن ۾ رهڻ - گذارڻ انتهائي ڏکيو ۽ سهپ کان ٻاهر ٿي پوندو آهي. آدرشن، پيار ۽ رومانٽ ازم جي بي بقا ۽ ڪمزور بنيادن تي ماڻهو ڪجهه ڏينهن- مهينا ته گذاري سگهي ٿو پر سڄي ڄمار نٿو ڪاٽي سگهي، جتي هر پل- هر نئون کن هڪ نئين اذيت، هڪ نئين مصيبت کڻي ٿو اچي. مون سان گڏ- انهن ڪنين ۽ ڪوجهين حالتن ۾ رهندي هن جا خواب ڀوائتا خواب بنجي وڃن ها ۽ هن جي سچن ۽ خلوص وارن جذبن ۾ ڪوڙاڻ- نفرت ڀرجي وڃي ها. پڪ ئي پڪ نه رڳو منهنجي پر هن جي زندگي به نسورو زهر ئي زهر هجي ها. بدصورت حالتن کي پري کان ڏسڻ ۽ انهن سان گڏ رهڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.

اڻ هوند کان وڏي بيماري- بدصورتي ٻي ڪانه هوندي. بيزاري ۽ بوريت ته هر انسان جي تقدير آهي. انهن کان آجو ته ڪو جيئرو جيو هوندو به ڪونه. انسان جي هن سڄي ترقي ۽ سڌرڻ پٺيان به هڪ ئي ڪارڻ آهي- بيزاري بوريت. بوريت ڪارڻ ئي ته انسان ان درجي تي پهتو آهي، جتي اڄ بيٺو آهي. آءٌ ڀانيان ٿو ته هر انسان جي وجود ۾ هڪ بدصورت ڏندن وارو بدنماءَ ڄامڙو ويٺل آهي، جيڪو انسان کي ڪنهن اجنبي خوشيءَ ۽ ڇوٽڪاري جي نالي ۾ ان صورتحال ۽ حالتن مان ڇوٽڪارو وٺڻ لاءِ اُڀاريندو- ڀڙڪائيندو ٿو رهي، جنهن ۾ انسان رهي ٿو. پوءِ جن وٽ ڪجهه هڙ ۾ آهي سي دياواني، سخاوت، خيرات ۽ ڀلي جي ڪمن ۾ ڇوٽڪارو ٿا ڳولين. (ڀلي جا ته ڪم ته خبر ناهي ڪهڙا آهن- گهٽ ۾ گهٽ آءٌ ڀلائي ۽ چڱائي  کي ڪواليفاءِ نٿو ڪري سگهان) جن وٽ ڪجهه به ناهي، سي اُن ورتاءُ- هلت کي اپنائين ٿا ۽ اها واٽ وٺن ٿا جيڪا سماج کي قبول ناهي، جنهن لاءِ سماج سخت سزائون گهڙيو ويٺو آهي (سماج سزا کان سواءِ ڏيئي به ڇا ٿو سگهي!) ڪي مذهب- ڌرم جو سهارو وٺي جنوني ۽ اڻ سهو بڻجي ٿا وڃن، ڪي تياڳ جي واٽ ٿا وٺن ته ڪي صوفي ۽ الله لوڪ بنجي، من کي ماري دنيا- سماج کان پري ٿي ٿا وڃن. بهتر واٽ ڪهڙي آهي. ان جي ته مون کي به سڌ ناهي، پر مون وٽ ته چونڊ لاءِ ڪجهه آهي ئي ڪونه- سواءِ هن بي معنيٰ- بي مقصد وجود کي ختم ڪرڻ جي، جو نه رڳو مون لاءِ، پر ٻين لاءِ، ۽ هن ڌرتي تي بوج بڻيل آهي.

لڳي ٿو آءٌ جيترو گهڻو ويچاريندس ان سوال تي اوترو منهنجو ارادو هيڻو ٿيندو ويندو. ساڳي ٻڏتر جي ڪري اڳين ٻن ڏينهن جيان اڄ به وري خالي هٿين ورڻو پوندو. ڪجهه سوچڻ، گذري ويل وقت کي ياد ڪرڻ يا ان ڳالهه تي دليل بازي ڪرڻ ته هيئن نه ڪريان ها، هونئن نه ڪريان ها. هينئن ڪريان ها ته هي ٿي پوي ها، هو نه ٿئي ها. ماضي هئي گذري ويئي- ان کي موٽائي نه ٿو آڻي سگهجي. جڏهن ان کي موٽائي نٿو سگهجي، ان ۾ ڪا درستي، ڪو سڌارو، ڪا ڦيرڦار نٿي ڪري سگهجي ته پوءِ اجايو ويهي ان تي مٿاڪٿ ڪرڻ مان ڀلا هڙ حاصل؟ ڪجي به ڀلا ڇا؟ ماڻهو ويچارو ايترو ته ڪنگال آهي جو هن وٽ ماضي ۽ يادن کان سواءِ آهي به ڇا؟ لاچار آهي ماضي ۾ رهڻ لاءِ. ها پر مون کي ته چڱيءَ ريت پروڙ آهي ته منهنجي لاءِ هڪ ڀيانڪ، اذيت ناڪ، ذلت سان ڀريل آئيندو اوسيئڙي ۾ ويٺو آهي. ماضي پنهنجيءَ جاءِ تي، پر جيتري دير ڪندس، اوترو وڌيڪ ان کان به هٿ ڌوئي ويهندس. مون کي خبر آهي ته بي روزگار- بيڪار ماڻهوءَ ويچاري جو ته ڪو پنهنجو حوالو- ريفرنس ته آهي ئي ڪونه. هن بي جوڙ ۽ يڪ طرفي سماجي ڍانچي- جوڙجڪ ۾ اهڙي شخص لاءِ نه ڪا عزت آهي ۽ نه ئي ڪا جڳهه. بي روزگار ماڻهو ته بس ائين ئي آهي- خوار خراب، نفرتن- ڌڪارن جو شڪار، هر هنڌان ڏتڙيل، تڙيل، سماجي رتبي- حيثيت جي بلڪل هيٺئين ڏاڪي تي بيٺل- بيٺل به نه پر ڪِريل. جنهن جي نه ڪاوڙ، نه خوشيءَ جي ڪنهن کي پرواهه هوندي.

آپگهات جو فيصلو ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ ايتري ڪا وٿي- فاصلو آهي، ان جو احساس مون کي هاڻي هنن ٽن ڏينهن ۾ ٿيو آهي. هونئن به هر ماڻهو ڪڏهن نه ڪڏهن، ڪنهن نه ڪنهن موقعي تي آپگهات جو فيصلو ڪندو ته ضرور آهي پر عمل رڳو بهادر انسان ئي ڪندا آهن. ڪانه ڪا پريشاني ته آهي ئي هر جيئري جيو سان جڙيل، باقي آپگهات اخلاقي ۽ قانوني ۽ وغيره وغيره لحاظ کان خراب آهي يا سٺي، اهو مسئلو منهنجو ناهي. هتي، هيڏو پنڌ ڪري آءٌ ڀلا اهو فيصلو ڪرڻ آيو آهيان ڇا ته دريا ِّ ۾ ٽپو ڏيڻ اخلاقي آهي يا غير اخلاقي، قانوني ۽ سماجي لحاظ کان ٺيڪ آهي يا نه؟ لعنت آهي! منهنجو وڏي ۾ وڏو دشمن ته منهنجو پنهنجو ذهن آهي، آءٌ ته هروڀرو سماج کي ڏوهاري ٺهرايو پيو گهمان. خير.... آهي ته سماج به انتهائي ذليل شيءِ. اهو به انسان تي عذاب جي صورت ۾ نازل ٿيو آهي. سماج ۽ مذهب جو زور رڳو ان ڳالهه تي آهي ته انسانذات جي ٻڌي- اتحاد ٿئي ته جيئن فرد لاءِ ڀڄي نڪرڻ جو ڪو گس، ڪو لنگهه ئي نه بچي ۽ نه ئي فرد وٽ پنهنجي آزادي ۽  پرائيويسي جو حق رهي. سڄو سماج- سڄي دنيا زهر سان ڀريل آهي جنهن ۾ سوچيندڙ ۽ حساس فرد لاءِ ڪابه جڳهه ناهي. هتي ته رڳو چالاڪي، مڪاري، فريب، ڪوڙ، ڊوهه، ٺڳي، ڪمينائپ، دلاگيري، منافقت، خوشامد، پرايا حق ڦٻائڻ سان ئي جيئي سگهجي ٿو. جنهن به شخص ۾ اهي گُڻ ناهن، تنهن کي سماج، مذهب، دنيا جيئڻ ڪونه ڏيندي.

هن آخري نوڪري مان جڏهن ڪڍيو ويو هوس، تڏهن اسلام آباد ڇڏڻ کان اڳ، هن سان سندس آفيس ۾ ملڻ/ موڪلائڻ ويو هوس. مون کي ڏسي هوءَ مـَـرڪي ۽ منهنجي منهن تي به مئل ڦڪي مرڪ تري آئي. ويهندي چيو هوم.

- اڄ توسان فلرٽ ڪرڻ نه آيو آهيان، موڪلائڻ آيو آهيان.

- اهو ته تنهنجي چهري مان لڳي ٿو، پر ٿيو ڇا آهي؟

- پهرين ڪافي پيئار.

- ڪافي ته پيئاريان ٿي، پر ٻڌاءِ ته سهي ڇا ٿيو آهي؟

- منهنجي نوڪري هلي ويئي.

- هاڻي ڇا ڪندين؟

- في الحال ته وڃان پيو.

- ڪيڏانهن؟

- واپس- ڄام شوري

- اُتي ڇا ڪندين؟

- ٻي ڪنهن نوڪريءَ جي ڳولا ڪندس.

- ملندي؟

- خبر ناهي؟

- جي نه ملي ته پوءِ؟

- پوءِ...پوءِ.... خبر ناهي پر شايد خودڪشي ڪري ڇڏيان.

- ڪري سگهندين؟

- مون کي ته ڪا رڪاوٽ نظر نٿي اچي، ڪو سماجي ٻنڌڻ، ڪو اهڙو سنٻنڌ، رشتو، ناتو، لاڳاپو، منهنجو آهي ڪونه جو پيرن جو ڏاوڻ بنجي پوي. اڪيلو ماڻهو جو ٿيس.

- آهي... پوءِ به هڪ ٻنڌڻ، جو تنهنجي پيرن جي زنجير بنجي سگهي ٿو.

- ڪهڙو؟

- زندگيءَ جو، جيئڻ جو، زندهه رهڻ جي جبلت جو، ۽ خود تنهنجو پنهنجو ذهن به توسان بغاوت ڪري سگهي ٿو. بهرحال آءٌ توکي مس ڪنديس ڏاڍو. ساري، مون تنهنجي نوڪري وڃڻ لاءِ ساري نه چيو.

تڏهن فقط ڳالهه ڪيم، هاڻي جڏهن فيصلو ڪيو اٿم ته همت جواب ڏيئي ويٺي آهي. سماجي ۽ نفسياتي ڄاڻو- ماهر ڀلي ڪهڙي به بڪواس ڪن ته آپگهات بزدلي آهي، ڪانئرپڻو آهي. بزدلي- ڪانئرپڻو ته اهو آهي ته ماڻهو مفلوج، بدصورت حالتن ۾ جيئرو رهڻ تي سندرو ٻڌي ويهي. آءٌ ته سمجهان ٿو ته اهي دنيا جا بهادر ترين انسان آهن، جيڪي آپگهات ڪن ٿا. انهن ٽن ڏينهن ۾ ئي مون کي خبر پئي آهي ته زندگيءَ کان پلئه آجا ڪرائڻ ڪيڏو نه ڏکيو- مشڪل آهي، ذري گهٽ اڻ ٿيڻو.

پُل جي ٻيءَ ڀر پهچي ويس. هي سڄو چڪر ئي اجايو هليو ويو. نه هتي نه بيهان، هتي بيهڻ خطرناڪ آهي. قانون نافذ ڪندڙ ادارا يا پوليس ڪنهن به شڪ ۾ ٻڌي سگهي ٿي. شڪ جي به ڪهڙي ضرورت آهي. جي هنن کي منهنجو چهرو پسند نه آيو ته به ٻڌي ويندا. پوليس جو ته خير آهي، پر جي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ور چڙهي ويس ته پوءِ انتهائي خطرناڪ، دل ڏاريندر ٽارچر جو شڪار ٿيڻو پوندو، شايد ماڻهو ذهني ۽ جسماني طرح اپاهج به بنجي وڃي.

وري واپس ٻئي ڪناري ڏانهن هلڻ لڳان ٿو. هيڏانهن پڃاري ۽ ڦليلي به ته آهن. انهن ۾ به ته ٽپو ڏيئي سگهجي ٿو. اتي ته آهي به ڪير ڪونه، سواءِ پل جي ڪنڊ تي ويٺل پوليس وارن جي ۽ اُهي به گاهه ۽ بوهه وارين ٽرڪن کان مال ڇڏائڻ ۾ مصروف آهن ۽ اتان اچي مون کي بچائيندا هونئن به ڪونه. پر سنڌوءَ جي پنهنجي رومانيت آهي. جي سنڌوءَ جي رومانيت جي چڪر ۾ ڦاٿس ته پوءِ ٽپو ڪڏهن به نه ڏيئي سگهندس. ائين ذلتن، اذيتن ۾ چچرجي- چچرجي، بڇڙو ٿي، خوار خراب ٿي مرندس. ماڻهو جي پاڻ کي پنهنجو پاڻ کان بچائي، ڇڏائي وٺي ته ان کان وڌيڪ خوشنصيبي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.

اها واقعي حيرت ۽ اچرج جهڙي ڳالهه آهي ته فرد پنهنجي وجود- هستيءَ جو انت آڻڻ جو فيصلو ڪري ته سماجي ۽ رياستي ادارا مڇرجيو پون- هروڀرو جي ٺيڪيداري! ڪيڏي نه وڏي منافقت آهي جو هڪ طرف ته سماج- رياست بي گناهه- معصوم ماڻهن کي ديس ڀڳتي، وطن پرستي ۽ شهادت جا ڀرم ڏيو، بيوقوف بنايو، اجاين- بي سود جنگين ۾ ڌڪيو اجتماعي آپگهات ڪرايو ڇڏين ۽ مٿان وري انتهائي بي شرميءَ سان ان عمل کي گلوريفاءَ ڪيو وڃي ٿو ۽ سماج ۽ رياست جي چرچ تي ٻئي طرف جي فرد پنهنجي مرضيءَ سان آپگهات ڪري ته انهن ادارن کي مرچ پئجيو وڃن ۽ اهو شخص سماج- رياست جي نظرن ۾ ڏوهاري ۽ مجرم آهي. هي اها دنيا آهي، جنهن ۾ انسان زنده رهي ٿو. اهو تمام ضروري آهي ته گڏيل قومن جي بنيادي انساني حقن واري پڌرنامي ۾ آپگهات جي حق کي به مڃيو وڃي. سماج، رياست، قانون يا ٻئي ڪنهن شخص کي اهو حق نٿو ڏئي سگهجي ته هو فرد جي پنهنجي ذاتي زندگيءَ بابت ڪيل فيصلي ۾ هٿ چراند ڪن يا ان فيصلي تي عمل ڪرڻ کان فرد کي روڪين. آپگهات ته فرد جو نجي فيصلو آهي، ان سان ڪابه ٻي ڌر متاثر نٿي ٿئي. آءٌ يا ريشنيل جي اميد ٿو رکان. آپگهات ڪرڻي هوندي سو انهن بيڪار ڳالهين ڏانهن ويهي ڏسندو ڇا؟ يا هن کي ڪنهن جي اجازت جي ضرورت پوندي!

هاڻ ته مون لاءِ هن جا جذبا به ماٺا ٿي برف جيان ڄمي ٿڌا ٿي ويا هوندا شايد (؟) يا شايد نفرت به ٿي ويئي هجيس مون لاءِ! مون لاءِ! ڪجهه به ٿيو هجي مون لاءِ ڪو فرق پوي ٿو ڀلا؟ هونئن به پيار ۽ نفرت جي وچ ۾ ايتري ته سنهي ۽ نازڪ ليڪ آهي، جنهن کي اورانگهڻ ۾ ويرم ئي ڪونه لڳندي آهي. جذبن ۽ پيار جو به ته ساڳئي جو ساڳيو رهڻ ممڪن ڪونهي. پيار، چاهتن، پسندن، ناپسندن، نفرتن جا جذبا به  ته موسمن وانگر ڦرندا، مٽجندا رهندا آهن- وقت آهر جيڪڏهن پيار اهڙو لافاني ۽ اڻمٽ جذبو آهي، جيئن اڪثر چيو ويندو آهي، ته پوءِ ماڻهو ڪنهن وقت، ڪنهن ڪيفيت ۾ اهو ڇو محسوس ڪندو آهي ته هن جنهن سان بي انتها پيار ٿي ڪيو، جنهن کان سواءِ زندگيءَ جي ڪا معنيٰ، ڪو مقصد نه هو، سو هاڻي بلڪل اجنبي آهي. ماڻهو جنهن سان، پاڻ کي مٽائي، ٽٽي پيار ڪندو آهي، تنهن ڏانهن ڪنهن مرحلي تي ورتاءُ به جذبن کان خالي ڇو ٿي ويندو آهي. مون کي ته لڳندو آهي ته پيار به پاڻيءَ جي ڦوٽي جيان آهي، جيڪو هلڪي اڻ لکي ٺوڪر، هوا جي هلڪي جهوٽي سان به ڦاٽي پوندو آهي.

منهنجيون مجبوريون ته شايد هوءَ سمجهي نه سگهي يا شايد هن جي انا جو سوال هو، پر پڪ ئي پڪ اڳتي هلي وقت سان هن کي اهو احساس ضرور ٿيندو ته هن جيڪي ڪجهه چاهيو ٿي، اهو نه ٿي سٺو ئي ٿيو. هوءَ هينئر جڏهن آخري ڀيرو اتفاق سان اچانڪ واٽ ويندي ملي هئي ته لڳو ته ڪونه ٿي ته هن وٽ مون لاءِ ڪا تلخي، ڪا ڪوڙاڻ هئي. ائين سڀ ڪجهه عام رواجي ئي لڳو يا ٿي سگهي ٿو ته هن تلخيءَ - نفرت کي لڪائي ڇڏيو هجي، ظاهر ڪرڻ نه چاهيو هجي. ڪارڻ ته ڪوبه ٿي سگهي ٿو. منهنجي آپگهات جي خبر جو ڪهڙو اثر وٺندي؟ خير اثر ته کڻي ڪهڙو به وٺي، ان سان منهنجو ڇا. ڇا واهياتپڻو آهي، آءٌ ڇا ڀلا ماڻهن جا ردعمل ڏسڻ لاءِ ٿو آپگهات ڪريان ڇا؟ انهن سڀني ڳالهين سان منهنجي آپگهات جو ڪهڙو واسطو. ڪجهه به هجي پر گهٽ ۾ گهٽ هن کي اها ته خبر پئجي ويندي ته ٻاهران سخت نظر ايندڙ اهو شخص اندر مان ڪيترو نه هيڻو، ڪمزور، ڀڳل - ڀريل، ٽٽل ۽ پرزا - پرزا ٿيل هو.

خبر ناهي ڇو ٿو ٿئي. مون سان جيڪي ڏک، تڪليفون، اذيتون، ذلتون آهن - تن لاءِ ڏک ناهي مون کي ۽ نه ڪو پڇتاءُ، ڪنهن سان شڪايت به ناهي، نه قدرت سان نه سماج سان ڪا شڪايت آهي. ڏک ڇو؟ شڪايت ڇا لاءِ؟ اهي حالتون سڄي دنيا ۾ رڳو مون هڪڙي سان لاڳو ناهن. آءٌ ئي ته اڪيلو ناهيان جو اهو سڀڪجهه ڀوڳيان ۽ لوڙيان پيو مون سان گڏ، مون جهڙا ٻيا به انيڪ ڪروڙين - لکين انسان هوندا، مون کان به وڌيڪ بدتر، غير انساني حالتن ۾ رهندڙ - چڳندڙ. مون کي جي ڪاوڙ - غصو آهي ته رڳو ان ڳالهه تي ته اهو سڀ ڪجهه هوندي به مون ۾ اها همت ڇو نٿي پيدا ٿئي ته انهن حالتن کان هميشه هميشه لاءِ ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺان. ائين به ته ناهي ته انهن حالتن کان جند ڇڏائڻ جي ڪا واٽ ئي نه هجي. واٽ ته آهي پر رڳو ٿوري همت جي ضرورت آهي.

ماڻهو جيڪڏهن چريو ٿي پوي ته به انهن تڪليفن کان مڪت ٿي سگهي ٿو. اها ته خير خبر ناهي ته چريو ماڻهو تڪليفن کان مڪت ٿي ويندو آهي پر اهو ضروري آهي ته تڪليفن جو احساس نه ٿيندو هوندو يا خبر ئي نه پوندي هوندي. جڏهن دماغ ڪارڻ ڳولڻ بند ڪري ڇڏيندو ۽ شين، حالتن، ماڻهن جي وچ ۾ سڃاڻپ ڪرڻ جي شڪتي ئي نه رهندي ته پوءِ احساس ڇا جو؟ خبر ڪهڙي؟ چريو ٿيڻ به ته ڪو ماڻهوءَ جي وس ۾ آهي ڇا؟ عجيب بڪواس آهي. سوال ته اهو آهي ته ٻين Options تي ويچارجي ئي ڇو، جڏهن ته هڪ سولو آسان رستو موجود آهي - ان تي عمل ڪرڻ ۾ نيٺ ڏکيائي ئي ڪهڙي آهي؟ هونئن جي آپشنس تي ئي ويچارجي، ويچارڻ ۾ ڪو هرج يا ڏوهه به ڪونهي، ته سماجي اڻ برابري، نا انصافي ۽ وڃايل موقعن واري صورتحال ۾ سماج، رياست خلاف بغاوت به ته ڪري سگهجي ٿي. چوريون، ڌاڙا، ڦر، ٻين جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏجي. هونئن به ته انسان رڳو هروڀرو ڏيکاءُ لاءِ ئي تهذيب ۽ مذهبپڻي جو نقاب اوڍيو پيو گهمندو آهي. جي اهو نقاب ڇڪي لاهي وٺجي ته هر انسان مان هڪ وحشي، خطرناڪ ڪرمنل ئي نڪرندو. ان ڳالهه ۾ ته ذري جو به شڪ ڪونهي ته هر انسان ۾ هڪ ڪرمنل موجود آهي جو ڪڏهن نه ڪڏهن، ڪنهن نه ڪنهن موقعي تي ڪونه ڪو ڏوهه ڪرڻ وارو هوندو آهي يا ڪرڻ چاهيندو آهي. ڳالهه رڳو موقعي ملڻ جي آهي. موقعو ملندي ئي انسان جي اندر جي ڪرمنل ڀڀڪيون ڏيئي اٿي ويهندو آهي. انسان ذات جهڙي ذليل، ڪميڻي مخلوق بنيادي طرح آهي ئي ڪرمنل.

مون کي پنهنجي ذهن تي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو. جيترو وڌيڪ مونجهارا ذهن ۾ پيدا ٿيندا، جيترو وڌيڪ آءٌ دليلن ۾ ڦاسندو رهندس، پنهنجو پاڻ سان آرگيومينٽ ڪندو رهندس، ڪجهه به ڪرڻ جوڳو نه ٿي سگهندس. ائين بيڪار اجايو وقت وڃائيندو، پاڻ کي کپائيندو رهندس. هن دماغ جو نيٺ آءٌ ڇا ڪريان؟

هڪ ساعت لاءِ منهنجون کڄندڙ بيمار وکون بيهجي ٿيون وڃن ۽ مون کي پهريون ڀيرو پُل تان لنگهندڙ ٽرئفڪ جو احساس ٿو ٿئي. پُل جي درن مان تيزيءَ سان نڪرندڙ پاڻيءَ جي گجگوڙ، ٽرڪن، بسن جو تيز آواز ۽ تکا هارن، پُل جي ريلينگ تي ٻئي هٿ رکي اٿاهه - ٽهڪندڙ، گجندڙ پاڻيءَ ڏانهن ڏسان ٿو. هن پاڻيءَ مان ته لاش به نه ملندو. درن مان گجي نڪرندڙ پاڻيءَ جي هوا جي اڇل تي منهن تي پوندڙ هلڪي بوند ۽ تيز - ٿڌي هوا مان ڪيڏو نه سرور پيو ملي. ٻڏندڙ سج جي سنڌوءَ تي پوندڙ لالاڻ، پکين جي اڏام، وڻن جي ساوڪ، سنڌوءَ جو عجيب اسرارن سان ڀريل گوڙ. ان سڀ ڪجهه ۾ هڪ عجيب ڪيفيت آهي، سمجهه ۾ نه ايندڙ. ڇا سونهن اها ئي آهي. اهو سڀ ڪجهه منهنجو بکيو پيٽ ڀريندو؟ هونئن به بکئي پيٽ ۽ سخت تڪليف واري حالت ۾ سونهن جي ڪهڙي ساڃهه ٿي سگهي ٿي. مڃان ٿو ته اها ڪيفيت جا آءٌ هاڻي محسوس پيو ڪريان، مون کي ڪجهه ساعت لاءِ، کن پل لاءِ هلڪو سرور ۽ سڪون ڏيئي ٽينشن کان ڪجهه دير لاءِ آجو ته ڪري سگهي ٿي پر زندهه رهڻ لاءِ اتساهه نٿي ڏيئي سگهي، هن بدصورت زندگيءَ ۾ سونهن ڀري جيئڻ لاءِ موهه پيدا نٿي ڪري سگهي. ڇا چنڊ جي چانڊاڻ، سنڌوءَ جون مستيون ڪندڙ موجون، پکين جون لاتيون، سمونڊ جو سانت ۽ پراسرار ڪنارو، ٿڌي هوا، جهرڻا، خوبصورت نظارا، مڌر سنگيت منهنجي اونداهي مستقبل ۾ اميد جي لاٽ ٻاري سگهن ٿا، منهنجو خالي پيٽ ڀري سگهن ٿا. انهن شين ۾ پيٽ ڀريلين. هوند وارن لاءِ ئي اتساهه، چارم، رومانيت ٿي سگهي ٿي پر مون ۽ مون جهڙن لاءِ نه! منهنجيون تڪليفون ايتريون ته گهڻيون، ذلتون ايتريون ته گهريون ۽ اذيتون ايتريون ته اڻ مئيون آهن جو ڪابه شيءِ، ڪابه سونهن، ڪوبه جذبو مون کي اتساهه يا آٿت نٿو ڏيئي سگهي، جيون لاءِ موهه نٿو جاڳائي سگهي. آءٌ نااميدي، نراسائي، ناڪامي ۽ ان ڇيڙي تي پهچي ويو آهيان، جتي اميد جي به اميد ناهي، آس جي به ڪا آس نه رهي آهي. مون وٽ چونڊ ڪرڻ لاءِ به ڪجهه نه بچيو آهي. منهنجا ته هڙيئي Option کٽي ويا آهن، تڏهن ئي ته ماڻهن سان منهنجي ميل ملاقات، اٿ ويهه ڪافي حد تائين گهٽجي ويئي آهي. گهٽجي ڇا وئي آهي، بس ختم ٿي ويئي آهي. شايد ڪوبه مون سان ملڻ ئي نه چاهيندو هوندو، ڪير مون سان ملندو يا تعلق رکندو به ڇو؟ آءٌ ڪنهن کي ڏيئي به ڇا ٿو سگهان؟ ڪنهن جي ڪهڙي ڪم اچي سگهان ٿو؟ هونئن به قدرتي طور رشتن، ناتن، دوستين جو بنياد ڏي وٺ ۽ لالـچ تي ٻڌل هوندو آهي، جنهن کي پوءِ ماڻهو خلوص، سچائي ۽ بي لوث جا نقاب ڍڪائي، انساني لاڳاپن ۾ لڪل لالـچ ۽ غرض کي لڪائي ڇڏيندا آهن. منهنجي ته ٻي طرح ڪابه بارگين ڪانهي، ان ڪري ظاهر آهي ته ڪنهن به ليکي ۾ نه آهيان.

ڪڏهن ڪنهن تي اعتبار به ڪري ڏس.

هن چيو هو ڪجهه ڪاوڙ مان يا بيزاريءَ وچان يا مون کي ئي ائين لڳو. ڪاوڙ ۾ ته بهرحال مون هن کي ڪڏهن ڏٺو ته ڪونه آهي. مون کي ياد ناهي ان وقت مون ان ڳالهه جو ڪهڙو جواب ڏنو هو. جواب ڏنو به هئم يا ائين لنوائي ويس يا ماٺ رهيس. پر هاڻي ويچاريان ٿو ته هن تي ته کڻي گهڻي ئي اعتبار ڪريان، پر مون کي پنهنجو پاڻ تي به ته اعتبار هجي نه! هن کي اهو ڪين ٻڌايان ها ته آءٌ ته پنهنجو پاڻ تان ئي ويساهه وڃائي چڪو آهيان.

چُڪ ته سڄي منهنجي آهي. مون کان ئي ڪٿي - ڪا نه ڪا ڀُل ٿي ويئي آهي، جنهن جي سزا اڄ آءٌ ڀوڳيان پيو. پر اهو ايئن ڇو پيو ٿئي. آءٌ هتي سنڌوءَ ۾ ٻڏي مرڻ لاءِ آيو آهيان يا پنهنجيون غلطيون ڳڻڻ ۽ ڀلن چڪن جا حساب ڪرڻ آيو آهيان. هاڻي هن حالت ۾ گذري ويل پل جي غلطين، ڀلن چڪن، پنهنجين اوڻاين، ڪمزورين، ڪڌن ڪرتوتن جو ڪهڙو ويهي حساب ڪتاب ڪجي؟ ڪجي به ڇا لا”! سڄي ڄمار ڪڏهن به، ڪنهن به موقعي تي نفعي - نقصان جو جڏهن سوچيو ئي ڪونه ته پوءِ هاڻي ڇو؟ لعنت آهي هن اهڙي سوچ تي. جيڪي ڪجهه ٿيو، سٺو يا خراب، غلط يا صحيح، اهو هاڻي هن وقت منهنجي مٿي جو سور ڇو اچي بڻيو آهي؟ ڇا آءٌ هتي جنهن نيت - مقصد سان آيو آهيان، ان کان لنوائڻ ۽ ڀڄي نڪرڻ جا بهانا پيو ڳوليان؟ اهي حسابن ڪتابن جون ڳالهيون ته اهي وڃي ويچارين جن کي هن دنيا کان ڪجهه ڏيڻو وٺڻو آهي، جن کي سماجي ضابطن، ٻنڌڻن جي پرواهه هجي. جيڪي هر وقت روايتن، رسمن، قدرن، رک رکاءُ، رواداريءَ، مٽي مائٽي جون ڀريون ٻڌيو - مٿي تي کڻيو هلن ٿا ۽ وڏي ڳالهه ته اهڙن ماڻهن وٽ جيئڻ جو زوردار ڪارڻ به موجود آهي. مون کي ته ائين سوچيندي به شرم اچڻ گهرجي. نيٺ ڪيستائين ڏيوالو نڪتل جيون کي گهليندو رهندس.

نه، هاڻي هروڀرو ايئن به ته ڪونهي ته منهنجي مٿي تي ڪو وڏو بار اچي ويو آهي يا منهنجي زندگيءَ جو مقصد ئي اهو هو يا آهي ته   سنڌوءَ ۾ ٽپو ڏيئي پنهنجو انت آڻيان. ڳالهه اها ڪونهي. آءٌ جذباتي بڻجي ته ٽپو ڏيان ڪونه پيو، پر ائين ڪرڻ لاءِ مون وٽ اثرائتا، وزندار ڪارڻ به ته آهن نه. ٺيڪ آهي ڀلا - مون وٽ چونڊ لاءِ آهي به ڇا؟ اهو ئي نه ته يا ته خوار خراب ٿي، بڇڙو ٿي، ڪنو ٿي ڌپ ڪڍان ۽ اذيت ناڪ، ڀيانڪ، مفلوج زندگي جيئان ۽ جبري موت جو انتظار ڪندو رهان. جڏهن به، جهڙي به شڪل ۾ اچي يا اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي، جيڪي ڪجهه بدنماءُ، مڪروهه، بدصورت ٿيڻو آهي، رضا خوشيءَ جي موت وسيلي پنهنجو انت آڻي ڇڏيان. نه هوندو وجود، نه ئي سورن کي حملي ڪرڻ جو وجهه ملندو. پر ڇا انت آڻڻ جو اهو ئي هڪڙو طريقو آهي. پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏيئي، ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀري، ٻڏي مرڻ. لايو اليڪٽرڪ وائر ۾ به ته هٿ وجهي سگهجي ٿو، زهر کائي سگهجي ٿو، جي اهو به ڏکيو لڳي ته پوٽيشيم سينائيڊ جي چپٽي ئي سيڪنڊ جي هڪ حـصي ۾ پنهنجو ڪم ڪري ويندي ۽ وڏي ڳالهه ته خبر به نه پوندي. ضروري آهي ته ماڻهو هروڀرو باهه يا پاڻي ۾ ئي ٽپو ڏيئي، اذيت ناڪ نموني سان پنهنجو انت آڻي. هڪڙو ماڻهو سڄي عمر سور چري، سختيون سهي، وڌيڪ ايذائن کان بچڻ لاءِ مرڻ جو فيصلو ڪري ته مري به اذيت ناڪ نموني سان! جي چونڊ لاءِ ٻيو ڪجهه بچيو ناهي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ وجود کي ختم ڪرڻ جي طريقي لاءِ ته چونڊ موجود آهي. ڪافي Options آهن پنهنجو پاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ. لاجڪ ته خير ائين آهي، پر سنڌوءَ ۾ ٽپو ڏيڻ ۾ هڪ عجيب قسم جي رومانيت آهي. خبر ناهي ڇو سنڌو مون لاءِ هميشه عجيب ۽ پر اسرار رهيو آهي. مون کي سنڌوءَ لاءِ سدائين هڪ انڌي فئسينيشن رهي آهي. خوابن ۾ اڪثر سنڌوءَ کي ڏسندو آهيان- ڪڏهن ان کي پار ڪندو، ڪڏهن ڦاٿل. سمجهي ته ڪڏهن به نه سگهيو آهيان، پر اهو ضروري آهي ته منهنجي انت سان سنڌوءَ جو نالو جڙيل هجي. زندگيءَ ۾ ٻي ته ڪا آس پوري ٿي ڪانه ۽ اها ته...... ڇا ان سان فرق پوندو؟ فرق ته الائي ڪهڙو پوندو انت کان پوءِ! پر پوءِ به الائي..... جي منهنجي وس ۾ هجي ته هي دماغ ۽ سوچ جي سگهه ڪٿي ٻئي هنڌ رکي پوءِ هتي اچان ها پر..... جي آپگهات نه به ڪري سگهيس ته به شايد چريو ٿي ويندس - لڳي ته ڪجهه ائين ئي پيو.

وري به سڄي پُل تان هلندو ڇيڙي تي اچي پهتو آهيان. اتي پُل کان هيٺ ورديءَ وارا ڪارون بيهاري، جهڙتيون وٺي، ڪارن ۾ ويٺل ماڻهن کي ذليل ۽ خوار پيا ڪن. سج به ته لهي ويو آهي هاڻي. هلڪي هلڪي اونداهي ٿي رهي آهي. جيڪڏهن آءٌ صبح جو سويل يا رات جو دير سان اچان ته پوءِ شايد ٽپو ڏيڻ ۾ ڏکيائي نه ٿئي. اڪثر خودڪشيون ان ئي وقت تي ڪيون وينديون آهن. شايد ان وقت تي دماغ ڪنهن به قسم جي مزاحمت نه ڪندو آهي يا شايد دماغ ئي تيار هوندو آهي آپگهات لاءِ ان وقت. جي ڪٿان پئسو هٿ لڳي وڃي ته خوب شراب پي پوءِ اچي ٽپو ڏيان، ان حالت ۾ ته پڪ ئي پڪ ٽپو ڏيئي ويندس. پر پئسو اچي ڪٿان- جو پئسو هجي، ته پوءِ خودڪشي ئي ڇو ڪريان؟ آءٌ هڪ اهڙي شخص کي سڃاڻان جنهن هڪ شام جو وهسڪي جي بوتل خريد ڪئي ۽ ٻئي اسٽور تان پوٽيشيم سينائيڊ خريد ڪئي ۽ هو رات جو گهڻيءَ دير تائين ڏاڍي مزي سان وهسڪي پيئندو رهيو. آخري پيگ ۾ هن شام جو خريد ڪيل پوٽيشيم سينائيڊ به ملائي ڇڏيو ۽ هڪ ئي ڳيت ۾ هو سڄو پيگ خالي ڪري ويو. خالي گلاس چپن تان لاهي هيٺ رکڻ کان اڳ اهو شخص پاڻ پـَـٽ تي ڪري پيو!

اڄ ته منهنجي کيسي ۾ واپس ورڻ لاءِ سوزوڪيءَ جو ڀاڙو به ناهي. جڏهن مون کي واپس ورڻو ئي نه هو ته....! آءٌ ته پنهنجي ليکي هڙئي ٻيڙيون ساڙي آيو هوس. اڄوڪو ڏينهن به ويو بيڪار، اڳين ٻن ڏينهن وانگر. لڳي ته ائين ٿو. جيون ڪيئن به گذريو هجي، پر موت کان مون کي مايوس ٿيڻ نه گهرجي. هڪ نه هڪ ڏينهن ڪامياب ضرور ويندس. نه، سڀاڻي ته پڪ سان ايندي شرط سڌو ٽپو ڏيندس، بنا ڪجهه ڏسڻ - سوچڻ جي. چالاڪي رڳي اها ڪرڻي آهي ته دماغ کي  ڏسڻ - سوچڻ جي مهلت ئي نه ڏجي. هونئن به ماڻهو هروڀرو ٿو ڊڄي، ساهه جي ڏوري ته ڪچي ڌاڳي کان به وڌيڪ ڪمزور آهي. رڳو ٿوري دل کپي، باقي ساهه وڃڻ ۾ ته ويرم ئي ڪانه لڳندي.

گهر وڃڻ لاءِ سپر هائي وي تي پنڌ هلندي ويچاريان ٿو ته جيڪر ڪنهن ٽرڪ يا بس جي هيٺان اچي وڃان - موت به خيرات ۾ کپي مون کي. لعنت آهي هن بئنڪ رپٽ وجود تي.

)مهراڻ- 3 ۽ 4/1993ع(

 حليم بروهي

روپوش

 

مون روپوشن جي لسٽ تي نظر ڊوڙائي. ٻه سؤ کان به وڌيڪ نالا هئا لسٽ ۾. منهنجو ٽيمپر لوز ٿيڻ لڳو. جنهن ضلعي ۾ ٻه سؤ روپوش هجن، تنهن ضلعي جا پوليش آفيسر يا ته رشوتي هئا، يا نااهل هئا. مان اٿيس ۽ لسٽ کڻي ڪانفرنس روم ڏانهن روانو ٿيس. منهنجي وک تکي هئي، تنهنڪري اردلي ڊڪندو منهنجي اڳيان هليو.

ڪانفرنس روم جو در اردليءَ تڙ تڪڙ ۾ کوليو، ۽ در مان اندر داخل ٿيندي مون ڪرڙي نظر صوبيدارن تي ڦيرائي جيڪي ٽپ ڏيئي ڪرسين تان اٿي کڙا ٿيا هئا. مون ڪرسيءَ تي ويهندي صوبيدارن کي ”سٽ ڊائون“ چيو. سڀيئي ويهي رهيا. لسٽ ٽيبل تي رکي ان تي مون پنهنجو هٿ رکيو، ۽ صوبيدارن تي نظر ڊوڙائيندي مون چيو ته ”ٻين ڳالهين تي مان ڪنهن ٻي ميٽنگ ۾ ڳالهائيندس. هن لسٽ ۾ مون وٽ انهن روپوشن جا نالا اهن. ٻه سؤ نالا گهٽ ڪينهن. تمام گهڻا آهن. جنهن ضلعي ۾ ٻه  سؤ ائبسڪانڊر هجن تنهن ضلعي جا پوليس آفيسر يا ته رشوتي آهن يا نا اهل آهن. جيڪڏهن اوهان رشوتي به نه آهيو ۽ نااهل به نه آهيو، ته پوءِ هي ٻه سؤ روپوش ڇو اڃا هن لسٽ تي آهن؟ اها ائبسڪانڊرس جي لسٽ هر هڪ ٿاڻي تي هوندي آهي.  هر هڪ ٿاڻي تي هنن ائبسڪانڊرس جا فوٽا هوندا آهن. مان ڊائريڪٽ ايس. پي. ڀرتي نه ٿيو آهيان. مان صوبيداريءَ مان چڙهي ايس. پي. مان پاڻ ٿيو آهيان. مون کي خبر آهي، ته صوبيدارن کي خبر هوندي آهي، ته سندن تر ۾ ڪهڙا روپوش رهندا آهن. ۽ ڇا ڪندا آهن. مان ڪنهن جي به ائڪسپلينيشن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيان. مان پاڻ به رشوت نٿو وٺان. مون کي صاف ۽ ڪلين ائڊمنسٽريشن کپي. روپوشن جي پشت پناهي بند ڪريو. روپوش کان جيڪو ڀتو وٺندا آهيو، سو بند ڪريو. هن لسٽ تي جيڪي ماڻهو آهن، سي هڪ مهيني اندر گرفتار ٿيڻ گهرجن. هن لسٽ جي ڊيگهه اوهان جي ۽ منهنجي آفيسريءَ تي داغ آهي. ايندڙ مهيني اندر گرفتار ٿيڻ گهرجي. ايندڙ مهيني واري ميٽنگ کان اڳ هيءَ لسٽ ختم ٿيڻ گهرجي. هرڪو پنهنجي ٿاڻي وڃي ۽ پنهنجي حد ۾ رهندڙ روپوس جهلي لاڪ اپ ڪري. ڪوتاهيءَ تي مان اوهان کي رورٽ به ڪندس ۽ سسپينڊ به ڪندس. اڄ مان ڪنهن به ٻئي ڪم جي باري ۾ نٿو ڳالهايان. ايندڙ ميٽنگ کان اڳ هيءَ ائبسڪانڊرس لسٽ ختم ٿيڻ گهرجي.“

لسٽ هٿ ۾ کڻي مان موٽي پنهنجي آفيس آيس. هاڻي منهنجو ٽيمپر آهستي آهستي لهڻ لڳو. پنهنجو پاڻ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ، ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جي بهاني مون لسٽ تي ائين ئي نظر ڊوڙائي. ٻن سون نالن جي لسٽ ۾ سڀ کان مٿي پهرئين نمبر تي ٽنڊي ڄام ٿاڻي جي ويهه سال پراڻي روپوش الله ڏني جو نالو هو. لکيل هو ”الله ڏنو، ولد رحيم ڏنو، ڪاٺير، ويهن سالن کان روپوش، ٽنڊي ڄام ٿاڻي کي ايف.آءِ.آر نمبر 1930/322 ۽ 1930/401 ۾ گهربل.“ هي اهوئي الله ڏنو هو. هن جو نالو ويهن سلان کان پوءِ به ائبسڪانڊرس لسٽ تي چڙهيل هو.

ويهه سال اڳ مان ٽنڊي ڄام ٿاڻي تي صوبيدار هوس جتي ڪن همراهن الله ڏني ڪاٺير کي جهلي آڻي اسان جي حوالي ڪيو، ۽ فرياد لکايائون ته الله ڏني ڪاڍير ۽ سندس ڪنهن همراهه سندن گهر کي کاٽ پئي هنيو ته مالڪ سجاڳجي پيا. سندس همراهه ته ڀڄي ويو، پر الله ڏنو جهلجي پيو. اهو فرياد مون ايف.آءِ.آر بڪ ۾ داخل ڪيو ۽ پوءِ لڳس الله ڏني ڪاٺير تي محنت ڪرڻ، ته پنهنجي همراهه جو نالو ٻڌائي. پهرين مون الله ڏني کي گشا پتا هنيا، پر الله ڏني نالو نه ٻڌايو. پوءِ مون الله ڏني کي خاطري ڏني، ته مان سندس همراهه کي گرفتار نه ڪندس، پر الله ڏني نالو نه ٻڌايو. مون الله ڏني کي واعدو ڏنو، ته مان کيس به ڪيس مان ڇڏائيندس، پر هو هوڏ تان نه لٿو. سو پوءِ مون کنيو پادر ۽ اچي کيس ورتم. بوٽ جا ٿڏا ۽ لتون وغيره هو سهي ويو، ۽ لڪڻ چهبڪ هو سهسائي ويو. همراهه جي نالو ٻڌائڻ کان صفا نابري واري ويٺو. مان به هوس ضدي، سو ٽي ڏينهن ساندهه، صبح شام ۽ ڏينهن رات ماريندو رهيو سانس. هن پنهنجيءَ ساٿيءَ جو نالو ته نه ٻڌايو، پر پاڻ به اوچتو مري ويو. منهن مار مشهور هئي، پر هي پهريون ڀيرو هو، جو ڪو قيدي منهنجي مار ڪري ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ ئي مري ويو هو. هڪڙو سڄو ڏينهن لاش لاڪ اپ ۾ پيو رهيو ۽ مان ٿاڻي ۾ ويٺو رهيس. شام آئي، رات ٿي، ۽ پوءِ صبح ٿيو، پر انهيءَ وچ ۾، رات جي اوندهه ۾، مون ۽ منهنجي ماتحت عملي، الله ڏن جو لاش ٿاڻي پويان کڏ کڻي دفنائي ڇڏيو هو.

سوير صبح منهنجو جمعدار هڪ ٻه سپاهي وٺي ٿاڻي سامهون هوٽل ۾ وڃي ويٺو، ۽ چانهن پيئندي، هوٽل ۾ ويٺل ماڻهن سان ڪچهري ڪندي، شوشو ڇڏي آيو، ته شام جو جوابدار الله ڏني کي حيدرآباد وٺي وڃبو جتي ٻئي ڏينهن صبح جو هن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻو آهي. ويهه سال اڳ ٽنڊو ڄام ننڍڙو ڳوٺ هو، جنهن ۾ فقط هڪ يا ٻه ننڍڙيون هوٽلون هيون. اهو جمعدار وارو شوشو ڪافي هو، ۽ شام تائين اها ڳالهه عام ٿي وئي، ته اڄ الله ڏني کي حيدرآباد وٺي ويندا.

شام جو سج لهڻ کان اڌ منو ڪلاڪ اڳ، چار پنج سپاهي ڊريسن ۾ گهوڙن تي سوار ٿيا، ۽ انهن جي وچ ۾ هڪڙي گهوڙي تي، هڪڙو سپاهي مٿان ڪيل اجرڪ ۾ پنهنجو منهن ۽ ڊريس لڪائي ائين ويٺو، جيئن ڏسندڙ سمجهن، ته الله ڏني کي پوليس حيدرآباد وٺيو پئي وڃي. اهي گهوڙنت ي سوار پوليس وارا، جڏهن ٿاڻي جي احاطي مان نڪري رستي تي آيا، تڏهن سامهون واريءَ هوٽل ۾ اسان جي هڪڙي سپاهيءَ به ڳالهين ڪندي گهوڙي سوارن ڏانهن اشارو ڪري چيو، ته پوليس الله ڏني کي سڀاڻي حيدرآباد ۾ ڪورٽ ۾ چالان ڪرڻ لاءِ وٺيو پئي وڃي. ٿورڙو اڳتي هلي، اجرڪ واري سپاهيءَ گهوڙي کي اڙي هڻي تکو ڪيو، ۽ گهوڙو ڊورائي اڳيان نڪري ويو. ٻين سوار سپاهين ’الله ڏنو ٿو ڀڄي، جهليوس‘ چوندي  پنهنجا گهوڙا  ان سپاهيءَ پويان ڊوڙايا. هوٽل تي ويٺل مڪاڻهن به سمجهيو ته الله ڏنو ٿو ڀڄي، سو اُٿي ماڻهن کي سڏ ڪرڻ لڳا، ته الله ڏني کي جهلڻ ۾ پوليس جي مدد ڪن.

اجرڪ واري سپاهيءَ وڻن پويان پهچي اجرڪ لاهي گهوڙي جي سنجن ۾ لڪائي، ۽ پوءِ پاڻ به الله ڏني جي ڳولها ۾ شامل ٿي ويو. اوندهه ٿيڻ تي سپاهي موٽي ٿاڻي تي آيا، ۽ مون ايف. آءِ، آر بڪ ۾ داخلا ڪئي، ته ڪيئن جوابدار الله ڏنو پوليس ڪسٽڊي مان ڀڄي ويو. ائين الله ڏني ڪاٺير جو نالو ائبسڪانڊرس لسٽ تي آيو ۽ پوءِ سال به سال جيڪا نئين لسٽ ٺهندي وئي، تنهن ۾ هن جو نالو هوريان هوريان مٿي چڙهندو ويو.

هي اهو الله ڏنو ڪاٺير هو، جنهن جو نالو مون اڳيان پيل لسٽ ۾ پهرين نمبر تي هو. مون ڳاڙهي مس پين سان لسٽ ۾ لکيل الله ڏني جو نالو ڪاٽي ان تي پنهنجي صحيح وڌي، ۽ پوءِ ايندڙ ميٽنگ ۾، يا ڪنهن به ٻي ميٽنگ ۾، مون ائبسڪانڊرس لسٽ جو نالو به نه ورتو. مان ڪيئن ٿي اعتبار ڪري سگهيس، ته انهيءَ ائبسڪانڊرس لسٽ مان ڪو هڪڙو روپوش به جيئرو هوندو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com