سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :36

( 1/1968ع)

لکميچند ’پريم‘

قدم ٿا وڌايون

 

* اسان جي دل کي به ڏس او زمانا!

 

ته ڪيئن چوٽ کائي به ٿا مسڪرايون!

 

سوين سور سيني ۾ سانڍي رکون ٿا،

 

نه ڪنهن کي سليون ۽ نه ڪنهن کي ٻُڌايون.

 

* ٿيو آهه، يا ڪجهه جي ٿيندو رهي ٿو،

 

نه ڪنهن سان به آهي شڪايت، نه شڪوو،

 

نه آهون ڀريون ٿا، نه سُڏڪا ڀريون ٿا،

 

نڪو پنهنجي حالت تي ماتم مچايون!

 

* سهاري جي لالـچ، ڪيو بي سهاري،

 

لُٽيو تن ئي، جن تي ڀروسو ڪيوسين،

 

جڏهن پنهنجي بازُن تي ڀاڙي هلياسين،

 

تڏهن ختم ٿيون سڀ ڪچايون ڦڪايون!

 

* جي رهبر به بڻجي ويو آه رهزن،

 

نه ته به زندگيءَ جو رُڪيو ڪاروان آهه،

 

اسين پاڻ راهون گهڙيندا هلون ٿا،

 

۽ خود کي ئي پنهنجو ٿا رهبر بڻايون.

 

* جڏهن درد حد کان زياده وڌي ويو،

 

تڏهن ٿي پياسين مسيحا اسين خود،

 

نڪو هاڻ آهي دوا جي ضرورت،

 

نه ويڄن طبيبن جا دَر ٿا پُڇايون.

 

* ڀلي ڪو اسان جو وٺي جائزو ۽،

 

ڀلي ڪو اسان تي ڪري نڪته چيني،

 

اسين ”پريم“ پنهنجي خماري ۾ بيخود،

 

ٿي منزل ڏي پنهنجو قدم ٿا وڌايون.

 

(1/1968ع)

احمد خان آصف مصراڻي

غزل

پرينءَ جي پيار جو پيغام آيو،
خدا کان خاص ڄڻ انعام آيو.
هتي هڏڪن ورايو مون کي ۽ هُت،
صنم کي ياد منهنجو نام آيو.
جڏهن ڪنهن عاشقن جو ذڪر ڇيڙيو،
صنم کي ياد منهنجو نام آيو.
جفا هن جي پچائي ٻيا نه سگهيا،
صنم کي ياد منهنجو نام آيو.
اچانڪ سج ٻيو اُڀري پوي ٿو،
جڏهن خورشيد رو بر بام آيو.
ڪشش هڪ دل جي ٻي دل کي ٿئي ٿي،
اکين تي آه پر الزام آيو.
ڪرم ساقي جو خاص الخاص آهي،
ڪڏهن مون ڏي نه خالي جام آيو.
مئي، مستي ۽ هستي مات ٿئي ٿي،
جڏهن هٿ ۾ مئي جو جام آيو.
زرِ حسن ۽ ڏسي نازن جي نقدي،
وٽس وڪجڻ لئه خاص و عام آيو.
ڪيم ديدار اکيون دل جون کُلي پيون،
ڪڏهن القا ڪڏهن انهام آيو.
نه جنهن آغاز ۾ اڳپوءِ جاچيو،
ڏٺم اُن جو بُرو انجام آيو.
خدا جي بندگي ڪر، خدمتِ خلق،
سبق اهڙو ڏيڻ اسلام آيو.
هجئي ”آصف“ جي پارت هر طرح سان،
سڄڻ تو وٽ هو بڻجي سام آيو.

 

(1-2/1988ع)

احسن الهاشمي

غزل

صبح ڪو ڳولهي ته ڏيو، پويون پهر ڳولهي ته ڏيو،
غم نه جنهن جي رات ۾ اهڙي سحر ڳولهي ته ڏيو.
حسن وارو ڪوبه هڪڙو نڪته ور ڳولهي ته ڏيو،
آه ۾ ڪنهن عشق واري جي اثر ڳولهي ته ڏيو.
نااميدي، بي ڪسي، ارمان، حسرت، آرزو،
تن کان آجو مون کي ڪو ابنِ بشر ڳولهي ته ڏيو.
هڪ نظر سان جنهن دلين ذهنن ۾ آندو انقلاب،
دوستو اهڙو به ڪو اهلِ نظر ڳولهي ته ڏيو.
هر مصيبت کي وساري مسڪرائي موت تي،
اهڙي دل ڳولهي ته ڏيو اهڙو جگر ڳولهي ته ڏيو.
پنهنجي سورن ۾ ته سڀڪو روز شب روئي پيو،
ٻين جو همدرد همدم چشم تر ڳولهي ته ڏيو.
سر و قد سهڻي ۾ اميدِ وفا و دلبري،
باغبانو، سرءُ ۾ گل ۽ ثمر ڳولهي ته ڏيو.
الفت و ايثار، همدردي، مروت ۽ خلوص،
مون اوهان بيشڪ ٻُڌا آهن مگر ڳولهي ته ڏيو.
عشق ٿيو روزِ ازل کان ئي سراپا اعتبار،
حسن جي حدِ نظر ۾ معتبر ڳولهي ته ڏيو.
سڀ مسافر منزلِ فردا کان آهن بي خبر،
ڪوبه هڪ مصروف محتاطِ سفر ڳولهي ته ڏيو.
درد وارن جي دوا جت آرزومندن علاج،
حيدرِ صفدر جي در جهڙو ڪو در ڳولهي ته ڏيو.
دشمنن تي مهربان ۽ مهربانن جو غلام،
مون کي ٻيو ڪو احسنِ آشفته سر ڳولهي ته ڏيو.

 

(1-2/1988ع)

بشير مورياڻي

وچ اوڀر

ان ۾ شڪ ناهي ته تو تي ايشيا کي ناز آهه-
تنهنجي عظمت جو، خبر آهي ته ڪهڙو راز آهه.
فيلسوفن، عالمن، پيغمبرن جي سر زمين!
تنهنجو هر هڪ دور دنيا ۾ عجب انداز آهه،
گونجيل هرجاءِ تي تنهنجو چِٽو آواز آهه-
وقت ليڪن ڪونه ٿو توسان کڻي ڪا وک سنئين!

جڳ مڃي ٿو، زندگي، حسن ۽ قدامت تو ۾ آهه،
جوش تو ۾، ولولو تو ۾، حرارت تو ۾ آهه،
آرزو زندهه رهڻ جي تنهنجي سيني منجهه آهه،
موت جي ديون خلاف عزمِ بغاوت تو ۾ آهه،
اي خيابانن جا ملڪ، اي تيل جي چشمن جا ملڪ!
جنهن تي موهت سامراج آهي سا دولت تو ۾ آهه،
پنهنجي جهڪيل ڪنڌ کي ٿورو مٿي ڪرڻو اٿئي،
سامراجين کي مِٽائڻ جي به قوت تو ۾ آهه-
توکي ڦِرڻو آهه، وٺڻي آهي هڪ صورت نئين!

تنهنجي عظمت جو زمانو ساري جڳ کي ياد آهه،
پڻ اهو ڀي ياد آ، توسان جو ٿيو بيداد آهه،
ظاهراً تون بند ۾ ناهين ۽ ملڪ آزاد آهه،
پر سندءِ هر آرزو ويران آ برباد آهه،
اڄ به پيدا ٿي ويا ڪيئي ”هلاڪو“ تنهنجي لاءِ،
اڄ متل ذهنن، دلين ۾ هڪ وڏو بغداد آهه،
ڪير آرامي آ تنهنجي گود ۾ مون کي ٻڌاءِ؟
ننڊ هرڪنهن جي ڦٽل آ، هرڪوئي ناشاد آهه-
عالمي هستين جي سهسين مقبرن جي سرزمين!

جيستائين تو تي آهي اجنبين جو اختيار،
سازشون ٿينديون ئي رهنديون ملڪ لٽبوئي پيو،
جي اڃا اڳتي به توتي ٻاهريون غلبو رهيو،
مسخ ٿي ويندي جا هاڻي آ سندءِ صورت حسين،
”حافظ“ ۽ ”خيام“ ۽ ”جبران“ جي اي سرزمين!
امن تنهنجي تي آ سچ پچ امن عالم جو مدار.

تنهنجي هر ذري ۾ آهي اڄ به تازي زندگي،
تنهنجي هر مشعل ۾ آهي اڄ به ساڳي روشني،
اڄ به ساوڪ ۽ ثمر تنهنجي خيابانن ۾ آهه،
اڄ به هڪ تازي مهڪ تنهنجي گلستانن ۾ آهه،
آرزو جيئڻ جي اڄ ڀي تنهنجي انسانن ۾ آهه،
گونججي ٿي اڄ به تنهنجي وسعتن ۾ هڪ صدا،
اڄ به تنهنجي گود ۾، معلوم آ، اي سرزمين،
ڪيترا حلاج آهن، ڪيترائي فاطمي!

 

(2/1956ع)

حميد شهيد

*

موسم به مست مست، فضائون به مست مست،
منهنجي به چال مست ۽ آئون به مست مست.
هر شئي تي ڪيف طاري آ، ساقيءَ جي سر جو خير،
بادل نشي ۾ چور، هوائون به مست مست.
بادِ صبا جي بين تي جهومن، لڏي لڏي،
زلفن جا ڪارا نانگ بلائون به مست مست.
دڪ دڪ تي دل جي جهومي، جوانيءَ جو انگ انگ،
سازِ دلِ جوان جون صدائون به مست مست.
بدمست ويو بنائي، هي دو آتشه شراب،
نظرون به پرخمار، ادائون به مست مست.
                                                    
 (4/1974ع)

غلام محمد گرامي

اي وطن سنڌ!

تنهنجي پرسوز تمنا جو قسم،

تنهنجي پرجوش تقاضا جو قسم،

تنهنجي پرنور خطِ پا جو قسم،

تنهنجي پرپيچ فضائن کي ڏسي،

ڪيئي رنگين گهڙيون ياد آيون،

ڪيئي شيرين ۽ ڪيئي ولله!

تنهنجي هر عهدِ گذشته ۾ نهان ٿي تاريخ،

اها تاريخ، عيان جنهن کان ايامِ رفته،

ڪيئي لمحات ۽ ڪيئي حالات،

ڪيئي پر عظمت و پر شوڪت و رنگين لمحات،

ڪيئي طوفان حوادث:

ڪيئي فطرت سندا پر هول حوالا آهن،

تنهنجو هر عهدِ بهاران رهيو طوفان به ڪف

تنهنجي هر لمحه رنگين تي خزان جو پاڇو،

تنهنجي هر عهدِ گذشته تي غلاميءَ جي مهر،

تنهجي پرنور جبين تي هو غلاميءَ جو داغ

ڪيئي دلدوز ۽ غمناڪ حوالا آهن:

جي سندءِ ياد کي آلوده و نمناڪ ٿا ڪن!

اي وطن، واديءَ مهراڻ وطن، سنڌ وطن:

اي وطن سنڌ، سندءِ خاڪ ۾ تاريخ ٿي نقش:

علم ۽ فڪر جون پر ڪيف ڪئي شمعون سڙيل،

جن جي خاڪسترِ رنگين ادا کي ڪو سنگهي،

جنهن جي هر ذرهِّء بي قدر ۾ قدرون موجود،

علم جون، فڪر جون، تهذيب و تمدن جون ڪئين،

مهرون- قدرون، ڪئين تعويذ، ڪئين نقش نقوش

ڪاش! تنهنجي ڪا هجي ڪامل و اڪمل تصوير،

جامع و روشن تصوير،

اها تصوير جا آئينه نما ماضي بدست:

اها تصوير جنهن جي خال ۽ خط ۾ ڪا هجي،

دورِ ماضي سندي حالات جي ثابت تقدير،

تنهنجي آئينه تهذيب سندي هڪڙي جهلڪ:

تنهنجي اطراف ۽ اڪناف جي رخ جو پاسو،

ٿا چون هڪڙو دڙو،

يعني تهذيب و تمدن جو نشانِ رفته،

يعني انسان گذشته سندي پر ڪيف حيات،

 

ڪئي گلريز و عطر بيز گل فشان راتيون،

ڪئي پُرڪيف حسين زهد شڪن ۽ رنگين،

ڪئي باذوق، مترنم ۽ تبسم افشان،

ڪئي دلدوز گهڙيون:

ڪيئي پياريون ۽ سحرزا گهڙيون،

تنهنجي آغشته و آلوده پري رخ جو قسم:

تنهنجي هڪ ياد بهار آفرين، ڄڻ جام به دست،

دمِ اعجاز سان وابسته سندءِ علم و هنر،

تنهنجي دم ساڻ وئي جهل جي ظلمات هٽي

روشني وڌندي رهي عارضِ سيمين جو قسم،

نغمه و نور سان تابنده سندءِ حسن و جمال:

تنهنجي تقدير کي احساس جمالِ فردا،

ڏيندا هي اهلِ خرَد اهلِ فنون!

تنهنجي آغشته و سيمين نظري ماضيءَ کي،

ياد ٿا ڪن هتي اربابِ جنون، اهلِ ڪمال،

تنهنجي هر نقشِ ڪفِ يا جي نظاري جا ڌڻي،

تنهنجي پُر نور رهِ علم و هديٰ جا شائق،

صف بصف شانه بشانه اچي ويٺا آهن:

ڪيئي اربابِ نظر ۽ ڪيئي اربابِ بصر،

ٽوڙي نيندا هي سندءِ جهل جا زنجير گران،

جن جي دل شعله آهنگ روش جي مسڪن،

۽ نگاهن ۾ عيان تن جي مروت جا چراغ:

ڄن ته نڪتو آ خلائن ۾ ستارن جو هجوم،

راهِ ظلمات کي تابنده ۽ زنده رکندا،

تنهنجا اربابِ جنون ۽ سندءِ اربابِ فنون،

نيٺ دوباره سندءِ علم جا ٻرندا ڪي چراغ:

جيڪي عالم کي اُجاريندا، ڪندا روشن تر،

ساري عالم کي ونڊيندا، سندءِ ارمان جو داغ،

ساري عالم کي سڃيندا، سندءِ رخسار جو رنگ،

ساري عالم تي وسائيندا مئي حسنِ حيات،

تنهنجي نغمن جو گداز:

تنهنجي صهبائي بهار!

تنهنجي پرڪيف نگاه!

                        (شاعر نمبر- 1969ع)

ڊاڪٽر اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني

آءُ، پيارا!

ساريان توکي سهڻا سائين! ڏينهن ڏٺي يا اَسر اوير،
جهڙڦڙ جهولي جهوري تنهنجي رات هجي يا صبح سوير،
نير نيڻن مان نئي ڄڻ نارا، هنيين کي هڪڙي تنهنجي هير،
فڪر فراق ڦٽي ڪيس ڦارون، ساهه سمايا تنهنجا سير،

 

آءُ پيارا! پرتئون پائي پورهيت جي تون پِڙ ۾ پير!

 

محب مٺا! مَن ماندو منهنجو، تو لئه ڳولهي ڳوٺ- ڳليون،
روهه رڻن ۾ راڙو تولئه، رمزون تنهنجون روح- رليون،
پيار جو پيوَند پيارا پائي، پوءِ هليو وئين پاڻ پَليون،
ڪنهن سان ويهي وِره ونڊيون ۽ ڪنهن سان ويهي سور سَليون،

 

دير نه ڪر تون دل جا دلبر! هيڻيءَ ڏي اچ هيڪر هير،
آءُ پيارا! پرتئون پائي، پورهيت جي تون پڙ ۾ پير!

 

وَرُ وَرُ تنهنجي وَر ولهيءَ کي تات طلب ٿي تاري يار،
وڻ وڻ وايون واڪا ڪريو، ورهه وسائي واري يار،
کاڄ خوشيون سڀ کهه ۾ پيڙا، بار بره جو باري يار،
پَر پريت جي پاريو پاريان، تو نه پيارا پاري يار:

 

زور نه زابر زاري پنهنجي، سينو ساهي توسان ڪير،
آءُ پيارا! پرتئون پائي، پورهيت جي تون پِڙ ۾ پير!

 

جانب! جوڀن جلوو تنهنجو، جهر جهنگ جوهر جوت جمال،
وِره وِهاٽيا، سُورن ساڙيا، ووڙيو تنهنجو لهن وصال،
گل ڦل باغ بهاريون تنهنجي حسن جو هڪڙو آهه مثال،
توکي ٺاهي ٺاهڻ واري، ڪو ته ڪيو آ قريبَ ڪمال،

 

تنهنجي موهه ۾ مفتون ماندا، مفتي، مُلا، مرد مٿير،
آءُ پيارا! پرتئون پائي، پورهيت جي تون پِڙ ۾ پير!

 

ويرين ويڙهي آهه وڪوڙيو، گوهر! تنهنجي گهرج گهڻي،
”بيخود“ باندي تنهنجي آهي، پاڪ پيارا، پير- پڻي،
واهه وسيلو، حامي هادي، دلبر آهين ڌُر- ڌڻي،
مون ته اوهان ري ڪنهن جي ڪڏهين ڪانه ڳڻن جي ڳالهه ڳڻي،

 

هاڻ ته سيد سونهن ڀريا ڪا مون تي ڪريو نينهن- نبير،
آءُ پيارا! پرتئون پائي، پورهيت جي تون پِڙ ۾ پير!

 

(3/1970ع)

محمد خان ”غني“

يارن جو ههڙو حال آهه

سڻ سڄڻ، پنهنجي وطن وارن جو ههڙو حال آه،
عاشق و معشوق، مہ پارن جو ههڙو حال آه.
زندگي آهي، مگر زنده دلي ٿي ڪانه آهه،
يعني ٿيو تنهنجي طلبگارن جو ههڙو حال آه،
هو به ڪنهن معشوق وانگر لڪ لڪوٽي ڪن پيا،
آسمان ۾، چنڊ ۽ تارن جو ههڙو حال آه.
ٿا پين، پر ڪوبه ماڻي ڪونه ٿو ڪيف و سرور،
پنهنجي ميخانن ۾، ميخوارن جو ههڙو حال آه.
هن خزان جي دور ڪيو، تاراج آهي باغ کي،
گل به ڪومايل، ۽ گلزارن جو ههڙو حال آه.
ٿا وهن واهڙ اڳوڻا، پر اُمنگ ٿي ڪانه آه،
ٿا رهن مايوس، ٿيو يارن جو ههڙو حال آه.
منهنجي دل جي بحرِ غم جيئن، موجزن ”مهراڻ“ آه،
اڄ به اُن جي آر، اوڀارن جو ههڙو حال آه.
سانوڻيءَ جي يار، ڪنهن کي سار هرگز ڪانه آه،
درد دل کان، چشم جي لارن جو ههڙو حال آه.
سي رهن ٿا دوُر ديرا جن جا دلين ۾ ٿيا،
هاءِ! صد افسوس! دلدارن جو ههڙو حال آه.
اڄ به ڳائين ٿا، اڳوڻي ساز تي، وڌ سوز سان،
جهنگ ۾ ٿيو، پنهنجي ٻڪرارن جو ههڙو حال آه.
سنگ سونهري پڪو، ڳاهيو، ڪڻا وٽڙي ويا!
پنهنجي کيتن جو، ۽  لابارن جو ههڙو حال آه.
اڄ به چارا ٿيا اُهي، پر بند ٻيا چارا ٿيا،
ڇا چوان اي يار! بيچارن جو ههڙو حال آه.
منهنجي پيغامن پُڄائڻ کان ڏنو قاصد جواب،
هاءِ هي منهنجي ڳچين ڳارن، جو ههڙو حال آهه.
گنج گوهر علم جو، اڄ قدردان ڪو ڪو رهيو،
پنهنجي دل جي يار شهپارن جو ههڙو حال آه.
سنڌ جو هر آدمي، تنهنجي سلامن تي رنو،
تنهنجي تن يارن ۽ دلدارن جو ههڙو حال آه.
غمزدن جو ڪوبه ٿيو غمخوار ناهي اي ”غني“،
هاءِ! صدافسوس! غمخوارن جو ههڙو حال آه.

                                     (سيارو- 1955ع)

عبدالله ”خواب“                           

تخاطب نئو

مان پسند شعله نوائيءَ جي ٿو تحريڪ ڪريان،
جوت جي ڪلڪ کڻي شعر جا صفحا ٿو ڀريان.
مان ته روداد زماني جي نئين ٿو چاهيان،
وس پڄي هوند روايت جا پنا ساڙي ڇڏيان.
عرش تي پنهنجي تخيل جا ڏِيا ٿو ٻاريان،
چنڊ تارن جي نظارن ۾ ٿو غلطان رهان.
ويس ۾ امن جي ديويءَ جو امين ٿيو آهيان،
روسياهي کي لڪائڻ جا ٿو نت سانگ ڪريان.
جن جي ڪردار ۾ آثار بغاوت جا عيان،
ڇو، قيادت ۾ اُنهن جي ئي رکون ٿا ايمان.
نه اچي گل جي ڪا خوشبوءِ ٿي گلزار منجهان،
دامنِ ابرِ بهاران ۾ شرارا ٿو پَسان.
آسمانن  تي اُڏامن ٿا ڏسو اهلِ جهان،
ڏنيون حجرن ۾ هٿوراڙيون اڃا تائين اسان.
خاڪ مان هوند ڪو اڪسير بنائي ڇڏجي،
ڪيمياگر جي ڪڏهن ڪاڻ نه مورئون ڪڍجي.
آدمي عظمتِ آدم کي ٿا تورين تڪين،
بنت حوا جي ٿو عريان ڏسان زهره جبين.
تون ٿو روداد جي لمحن سان زمانا ٺاهين،
متان پامال روايات جا اوراق ڪرين.
جيڪو فطرت جي وفائن سان بغاوت ٿوڪري،
اهڙو باغي ٿو وفائن جي وري هام ڀري.
پنهنجي مکڙين جي تبسم کي ٿو نڙگهٽ کان جهلي،
باغبان پنهنجو ٿي، پاڙون ٿو گلستان جون پٽي.
کڻ قدم اهڙو جو دنيا جي دلين ۾ ٿي رهين،
پنهنجي ايثار جو دنيا جي دلين کي ڏي يقين.
درِ خسرو جي اڳيان حسن جهڪي جي پوندو،
ڪوهڪن مرڻ قبوليندو، نه هرگز جهڪندو.

 

(شاعر نمبر- 1969ع)

سردار علي شاهه ”ذاڪر“

ڪينجهر

اي ڪشورِ تمدن جي تاجدار ڪينجهر!
* تون ملڪئه محبت، رومان خيز راڻي،
سنڌو جي سر زمين جي ڌن مال جي ڌياڻي،
حسن و جمال تنهنجو ڪونين جي ڪهاڻي،
معلوم ناهه ڇا لئه توکي سڏن مهاڻي:

 

هر ذات جي تون زينت، ڪامڻ ڪنوار ڪينجهر،
اي ڪشورِ تمدن جي تاجدار ڪينجهر!

 

* تون عشق جي امانت، سوغات تون سَمن جي،
پاڪيزگي جي پيڪر، اي جلپري جَڳن جي،
بزمِ جهان جي رونق، آسيس انجمن جي،
هر گلستان جي زينت، چانڊاڻ تون چمن جي:

 

تون مطلعِ محبت ابرِ بهار ڪينجهر،
اي ڪشورِ تمدن جي تاجدار ڪينجهر!

 

* تون تڙ ڌڻي تماچي جي نينهن جي نشاني،
مورت ۾ مَٽ نه تنهنجو، سيرت ۾ ڪوبه ثاني،
جلوو جمال جاذب، جذبات ۽ جواني،
تنهنجي طفيل ساري ماڱر تي مهرباني:

 

عالَم تي تنهنجا احسان آهن اپار ڪينجهر!
اي ڪشورِ تمدن جي تاجدار ڪينجهر!

 

* گندرن ۾ ناهه غيرت، اُڻتڻ نه آرزو ڪا،
شڪوه بغير ناهي ڪنهن گام گفتگو ڪا،
خودداريءَ نظر جي مطلوب آه خو ڪا،
زنده رهڻ جي ”ذاڪر“ جاکوڙ جستجو ڪا:

 

غيرن کان گهٽ نه آهي مون تي ميار ڪينجهر!
اي ڪشورِ تمدن جي تاجدار ڪينجهر!

 

(شاعر نمبر- 1969ع)

”سليم“ هالائي

غزل

ڪعبي جي جستجو نه ڪليسا جو هو خيال،
مون کي پرستشِ رخِ زيبا جو هو خيال.
ايمان جي آرزو نه، مون کي ڪفر سان ڪو ڪم،
مذهب ۾ منهنجو ان بتِ رعنا جو هو خيال.
ساقي جي نيم باز نگهه مست مون کي ڪيو،
محفل کي مئي جو، جام جو مينا جو هو خيال.
جنهن دوست ساڻ مون کي هي خلوت جي آرزو،
ان کي سدائين سير و تماشا جو هو خيال.
افسوس، مون کي جنهن جي وفا تي غرور هو،
اُن بيوفا کي وعدهِّ فردا جو هو خيال.
پهتو شباب تي سرِ شوريده ۾ جنون،
قلب و نظر ۾ جلوهِّ ليليٰ جو هو خيال.
صحرا ڏي ڇو ڀلا نه وڃي سيرِ دشت لئه،
مجنون کي نيٺ ناقـہ ليليٰ جو هو خيال.
 مجنون جا هئا هتي، ڪڏهن ليليٰ جا هئا قدم،
صحرا ۾ مون کي عظمتِ صحرا جو هو خيال.
دارالشفا ۾ آيو پڇائي مريضِ عشق،
بيمارِ غم کي پاسِ مسيحا جو هو خيال.
ڀانيم ته پيشِ يار جي چوريان بيانِ درد،
ليڪن لبن کي شڪوهِّ بيجا جو هو خيال.
منهنجي رُئڻ تي يار ڪيو ناز ڇو ته کيس،
هر اشڪِ خون تي گوهرِ يڪتا جو هو خيال.
ڪشتي ٽٽي مگر نه ٽٽو عزمِ راهه عِشق،
همت کي ڪيڏو ساحلِ دريا جو هو خيال.
اُن نازنين جي مست نگاهن ۾ اي ”سليم“،
مون کي جمالِ ديدهِّ بينا جو هو خيال.

 

(شاعر نمبر- 1969ع)

مرزا اسد بيگ

ڪافي

سما ڄام سلطان، منهنجي ذات مهاڻي،
تنهنجي توهه تڳان پئي عيبن سان اگهاڻي!
ڇلر ڇَٽَ، سندم پٽَ، ذري گهٽ مياڻي،
مُحابي تو ڄام جي سڄي راڄ راڻي.
سمين سٿ، ڪري ڪٿ، رکي هٿ وهاريئي،
ٻَڌئي ٻانهن ٻيڙو، پنهنجو پاڻ سڃاڻي.
سي سماٽ، اُچي ڳاٽ، ٻرئي لاٽ ٻهڪن،
ڪٿي ڄامزاديون، ڪٿي نوري نماڻي.
ڪنجهر ڍنڍ، گلن ڪنڍ، دلين ڳنڍ، عمر ننڍ،
پٻڻ لوڙهه پوڻيون، پٽن پاڪ پاڻي.
تو اوصاف ۾ ٿيا معاف، ناهي لاف، چوان صاف،
هڻي مهرَ شاهي، ڪيئي معاف مياڻي.
وجهي ڄار، ڪيئي شڪار، ڏسي بار، لڌيئي سار،
ڪري قرب ڏاڍا، ڍڪيئي نياڻي سياڻي.
لڳو نينهن، تنهين ڏينهن، وٺو مينهن مند تي،
مٿي ”قاب قوسين او ادنيٰ“ تو هاڻي.
واه اصيل جي تمثيل، ”اسد“ سيل لطيفي،
اها ڄام نوريءَ، سندي قرب ڪهاڻي.

 

(شاعر نمبر- 1969ع)

”ڪمتر“ نقوي

ڪافي

 

موکيءَ مَٽ مٿئين واءِ اُپٽيا مرد مٿير نه مُڙندا مور،
موج هتي ميخاني ۾ سڀ مست موالي ٿيا مخمور.

 

وڻ وڻ واس مُڪا آريءَ جا،
ڪيچ ڀنڀور سڄو معمور،
ڏکيون ڏِکَ وهارڻ آيو،

 

ناٿ نسنگ نسورو نور.

 

سهڻيءَ کي سڪ آه سُنئالي،
هردم ميهر جو مذڪور،
ساهڙ آئي سڀ وڻ ساوا،

 

درد سڀئي ٿيا دل مان دور.

 

آيو ڄام تماچي تڙ تي،
مئيءَ مهاڻا سڀ مسرور،
ساري جڳ تي سهنج سمي ڪيا،

 

ساهه مان نڪتو سارو سور.

 

”ڪمتر“ تي ڪيو قرب ڪوهياري،
مس مس منٿ ڪيئين منظور،
آيو اڱڻ اچي اگليءَ کي،

 

حاصل ڪاريئين حج حضور.

 

(شاعر نمبر- 1969ع)

بهاول خان لغاري

بيت

آءُ ته ڪانگا! تو ڏيان، کولي دل جو حال،
وڃي چئو مارن کي، منهنجي لڌوَ ڪانه سنڀال،
راتو ڏينهن رِيهون ڪري، جر وهايان جال،
”بهاول“ جو شالَ، جيري مارن سان ميلو ٿئي.
آءُ ته ڪانگا! تو ڏيان، حقيقت ساري،
وڃي چئو مارن کي، ڇو ويٺئو وساري،
قابو آهيان ڪوٽن ۾، ٻيو ڳڻتي ڇڏيو ڳاري،
”بهاول“ کي واري، شال موليٰ ملڪ ملير ڏي.
عمر اباڻن لاءِ، منهنجي دل ماندي،
قضا هت ڪوٽن ۾، قيد ڪري آندي،
ماروئڙن جي ملڪ جا، پُڇايان پانڌي،
”بهاول“ باندي، پهچائج پهنوار کي.
پهچاءِ پنهوارن کي، هي بندياڻي بيحال،
ساريو سانگيئڙن کي، جر وهايان جال،
”بهاول“ هن بند مان، موليٰ ڇڏائي شال،
ڪري ڀلائي ڀال، مون کي ملاءِ ماروئڙن سان.
ملاءِ ماروئڙن سان، مون تي عمر ڪر احسان،
مارن جي مجلس ۾، تنهنجا ڳڻ ڳائينديس خان،
ڀيڻن سان ڀائر ادا، ڪچي ڪن نه ڪانه،
سُڃاڻي پنهنجو شان، ادا ڪڍ بندياڻي بند مان.
ڪڍ بندياڻي بند مان، مون کي آجو ڪر اَمير،
سرتين ساهيڙين سان، وڃي پيئان پاڪ پنير،
جيئري شال اکين سان، وڃي ڏسان ملڪ ملير،
”بهاول“ هن بند ۾، نيڻين وهايان نير،
ڪري واهر وير، مون کي موڪل ماروئڙن ڏي.

 

 

(شاعر نمبر- 1969ع)

جئسنگهاڻي ”سام“

 

شاعر کي خطاب

مڃجي کڻي چمن ۾ فصلِ بهار آهي،
پر بيقرار منهنجو ڇو قلبِ زار آهي!
باغن جي رُوءِ ساڳي گلڙن ۾ بوءِ ساڳي،
دنيائي شاعريءَ ۾ ڇو انتشار آهي؟
ملڪِ خيال جو تون خود بادشاهه آهين،
دل ڇو خسيس باتين سان بيقرار آهي؟
تنهنجا خيال آهن، اي شاه! تنهنجا هٿيار،
ميدانِ فڪر ۾ ڪا ٿيڻي نه هار آهي!
تون آن زبانِ عالم، تون ترجمانِ عالم،
آواز تنهنجو شاعر! جڳ جي پڪار آهي.
نوڪِ قلم سان ڪاٽيا ٿي سر تو هر ستم جا،
اڄ توکي ڪنهن جو ڪنهن جو هت انتظار آهي.
فڪر و نظر سان تنهنجي حل ٿيندا سڀ مسائل،
نظمِ جهان جو توتي دارومدار آهي.
تون ٿو فقط ٻڌين اڄ خالي شڪم جون دانهون،
ليڪن بشر جو دل من پڻ اڄ نزار آهي.
مذهب ٿي قيد پيو اڄ، آهي چڪڙ سياست،
روحِ وقار انسان اڄ اهڙو خوار آهي!
ٿو عقل جو حياتيءَ تي ڀروسو رهي نت،
پر عشق جو اجل تي ڀي اعتبار آهي.

 

حق جي چوڻ کان ڪئن ٿي لرزي زبان انهيءَ جي،
سوليءَ مٿان به جنهن جي دل کي قرار آهي!
ڇا باغ گل ۽ بلبل، ڇا پيٽ جي لڙائي،
سڀ ”سام“ عشق تنهنجي جو ڪاروبار آهي.
حق گوئي، حق شناسي اڄ ”سام“ کي چوي ٿي،
حق جي پرک جي هڪ جا، مقتل ۽ دار آهي.
دنيا کي ”سام“ آتش اڄ حرص جي لڳي آه،
ٺارڻ جي لاءِ آنسو هڪ آبشار آهي.

 

(شاعر نمبر- 1969ع)

”انور“ هالائي

قطعا

(1)

هي مقتل گاهه، هي گردن اوهان جي لطف جا طالب،
پياسو دستِ جانان خنجرِ قاتل اداس آهي،
سخيءَ جي بيرخي اڄ انتها درجي تي پهتي آ،
درِ داتا تي هي منت ڪشِ سائل اداس آهي.

 

(2)

خودي هي منهنجي نه منصور جئن ٿي مات سگهي،
مٽائي پاڻ کي دار و رسن سان پيار ڪيم.
ڪمال منهنجي وفا جو ته ڏس خدا جو قسم،
جفا شعار جي آهن، انهن سان پيار ڪيم.

 

(3)

سڪون مون کي ملي ها جي نه بتخاني جي پوڄا ۾،
خدا سمجهي بتِ بي پير کي ڪئن سر جهڪايان ها.
گريبان جون ڏسي ليڙون ڇو آيو رحم اڄ توکي،
اڃا ديوانگي پنهنجي ڇڏين ها آزمايان ها.

 

(4)

مون بتخاني ۾ جنهن دم پير پاتو اي بتِ ڪافر،
سندم ايمان ان دم ئي ويو ايمان سان لٽجي،
خزان جو خوف ڪريان مان ڀلا ڪهڙو بهارِ دل،
بهارن ۾ ئي منهنجو آ جڏهن ويو آشيان لٽجي.

 

(5)

ڪين ڏي دڙڪا جدائيءَ جا محبت ۾ صنم،
پيار ۾ هي دل اڃا آ نو گرفتارن منجهان،
زندگي شام و سحر جي فڪر ۾ گذري پئي،
پر نه مون اميد لاٿي زلف و رخسارن منجهان.

 

(شاعر نمبر- 1969ع)

عبدالفتاح ”عبد“

اي وطن

اي وطن، منهنجا وطن، اي جان کان پيارا وطن.
مَٽ نه تنهنجو ملڪ آ ڪو خاڪ تنهنجي پاڪ آ،
ٿي وڻي وڻڪار تنهنجي، مشڪ کان وڌ خاڪ آ،
رشڪِ جنت! عظمتن جي  هر جڳهه تي هاڪ آ،
گيت تنهنجا ٿا هزارين ديس هر هنڌ ڳائجن:
                                        اي وطن منهنجا وطن.
واديون تنهنجيون ڏسي، ٿي روح کي راحت اچي،
موج مستيءَ ۾ اچي، دل مور وانگر ٿي نچي،
رات ڏينهن تو ۾ نئون هڪ رنگ سهڻو ٿو رچي،
ڪر کڻيو ڪڪريون اچن ۽ خوب کنوڻيون ٿيون کنون،
                                        اي وطن منهنجا وطن.
هير تنهنجي صبح تي پيغام ڏئي ٿي پيار جا،
خوب دل کي ٿا وڻن، منظر سندءِ ڪهسار جا،
ڳائجن تو ۾ قصا راڻي، پنهون، ميهار جا،
تو مٿان دائم رهي ابرِ ڪرم سايه فگن،
                                        اي وطن منهنجا وطن.
سالڪن جو ديس آهين، صوفين جو تون مڪان،
تو جهانن کي ڏنو درسِ امان صدين ڪنان،
قرب جو جاري ازل کان، بحر تو ۾ بيڪران،
ديس! ايندو ڪين ڪي تو ۾ ڪڏهن رنج و محن:
                                        اي وطن منهنجا وطن.
ديس منهنجا! شهر تنهنجا، کيت تنهنجا سڀ وسن،
ريگزارن ۾ به تنهنجي حسن جا جلوا بَکن،
روز و شب جون رونقون سج چنڊ سڀ سهڻا لڳن،
شال تنهنجا ڪاسبي، ڪڙمي ڪمي جهومن نچن:
                                        اي وطن منهنجا وطن.

 

(شاعر نمبر- 1969ع)

بلاول ”پرديسي“

غزل

نه جا اسرار ڄاڻي دل، اُها دل، دل متان سمجهين،
ڪڏهن باطل جي پوڄاري کي تون ڪامل متان سمجهين.
جو فاني حسن آ سو عشق جو حاصل متان سمجهين،
تون هر منزل کي پنهنجي زيست جي منزل متان سمجهين!
سنڀالي هل، حياتيءَ جي ڪٺن راهن ۾ اي راهي!
جو خود گمراهه تنهن کي رهبرِ ڪامل متان سمجهين!
گهڻيئي ڪاروان کائي فريبِ راه لُٽجي ويا،
دلِ نادان! تون گردِ راه کي منزل متان سمجهين!
حقيقي عشق جا گهائل ٿين ٿا صاحبِ منزل،
خرد جي طالبن کي صاحبِ منزل متان سمجهين!
مـہِ دل، دل جي دنيا ۾ سدائين جلوه گر آهي،
تمنا جي ستارن جي سُڃي محفل متان سمجهين!
غمِ جانان ئي آهي دردِ الفت جو سچو درمان،
سُکن جي سيج کي هن زيست جو حاصل متان سمجهين!
تڙپ دل ۾، جگر گهائل، اکين مان اشڪ خون جاري،
تون ”پرديسي“ کي پنهنجي ياد کان غافل متان سمجهين!

 

(شاعر نمبر- 1969ع)

”قلندر“ لڪياري

نظم

آيو وري ساوڻ کڻي سڀ ساز سنڀاري،
                                دل توکي پڪاري!
جڳ کي ڏسي خوشين ۾ پيو منڙو مُنجهاري،
                                آ واڳ تون واري!
جانب سوا هن جڳ ۾ ڀلا ڪهڙو جيئڻ آ،
                                سچ روز مرڻ آ،
آهي اها اميد پئي مون کي جياري،
                                پر غم به ٿو ماري!

مان ويٺو اڃا تائين آهيان آس لڳائي،
                                تو ڇڏيو ڀُلائي،
عاشق هي عمر ڪيئن وڇوڙي ۾ گذاري،
                                هائي ڪو سيکاري!
هي عشق جو آڙاهه سدا دل ۾ ٻري ٿو،
                                ۽ ڪين ٺري ٿو،
آتش نه اجهائي ڪنهين ساوڻ يا سياري،
                                ٻرنديءَ کي ٻاري!
ڇا عيدون براتون، هي ڇا تهوار هي ميلا،
                                هي ساز سريلا،
هر واقعو تنهنجي ٿو اچي ياد ڏياري،
                                ۽ مون کي رئاري!
اي ڪاش ”قلندر“ ڪو اُگهي اکڙيون پرنم،
                                آهين ڪٿي بالم؟
ديوانو اوهان لاءِ ويٺو راهه نهاري،
                                پنبڻين سان ٻهاري!

 

(شاعر نمبر- 1969ع)

قيوم ”طراز“

گيت

ڳوڙها اُگهه تون پنهنجي ڳل تان،

 

يار اسان جا ڀاڳ اِهي ٿي،
سڄڻ اسان جا ڀاڳ اِهي ٿي!

 

* جيون ناهي سيج سُکن جي،
ڏک جا سک تي داءُ -
آشائن جا پير به زخمي،       
گهرا دل کي گهاءَ -  
چنڊ کي آيا چهڪ ڏکن جا،

 

ڪارا ڪارا داڳ اِهي ٿي،
يار اسان جا ڀاڳ اِهي ٿي.

 

* نير وهائي آس وڃائي،     
نسرن ٿا ناسور -      
ويڳاڻن جي وستي دنيا،      
پاڻ پٽن اڄ پور -     
پنهنجا آهنجا پريت پرائي،

 

رئندا رئندا راڳ اِهي ٿي،
يار اسان جا ڀاڳ اِهي ٿي.

 

* ڪيسين آڏو اوندهه هوندي،
آخر چڙهندو چنڊ -    
چانڊوڪيءَ سان جرڪي پوندو،
اونداهين جو کنڊ -    
نيٺ  ته ڏک جو انت به ايندو،

 

ٽٽندا ٽٽندا سانگ اِهي ٿي،
يار اسان جا ڀاڳ اِهي ٿي.

 

(شاعر نمبر- 1969ع)

رشيد ڀٽي

پئروڊي

(مزاحيه)

تنهنجي دنيا زيبا ريشم،
مون وٽ بوٽ نڪو فل سوٽ الا.
 

منهنجي دنيا خيران ساران،
 

تنهنجي دنيا نيلو شبنم،
 

مون وٽ بوٽ نڪو فل سوٽ الا.
 

تنهنجي دنيا ڳاڙها ڪيلا،
 

منهنجي دنيا گوبي شلغم،
 

مون وٽ بوٽ نڪو فل سوٽ الا.
 

تنهنجي دنيا راڻيون باشا،
 

منهنجي دنيا دِڪي دم دم،
 

مون وٽ بوٽ نڪو فل سوٽ الا.
 

تنهنجي دنيا ڦِرڦِر سوٽا،
 

منهنجي دنيا اگڙم تگڙم،
 

مون وٽ بوٽ نڪو فل سوٽ الا.
 

تنهنجي دنيا علي بابا،
 

منهنجي دنيا ”کل جا سم سم“،
 

مون وٽ بوٽ نڪو فل سوٽ الا.
 

تنهنجي دنيا ڀڄ ته پڄان مان،
 

منهنجي دنيا ”آجا بالم“،

 

مون وٽ بوٽ نڪو فل سوٽ الا.

(شاعر نمبر- 1969ع)

”نُور“ شاهين

ڪافي

تو دير سڄڻ ڏاڍي لائي الا،
وڃي جگر هٿئون ٿو جائي.

منهنجا حال هجر ڪيا هيڻا،

 

 

وڌي زخم سڀئي ٿيا ٻيڻا،
آواز حـيـات جـا جهيـــڻـــا،

دل جان جگر تو وهيڻا،
 

 

اجهو ٽڪرا ٿين ٿا ٽيڻا،
ڏاڍا چــــاهـــــه ڇڙايــــم چيڻــــا،

ڇـــا ڦڪيـــون ڪندم ڇا ڦيڻا،

 

جڏهن سور ئــي ٿيــام سڱيڻا،

رکيو خيال نه پر تو پائي الا،

وڃــــي جگر هٿئون ٿو جائي.

مون توسان ڪيون جي وفائون،

 

 

ٿي موٽيون سي ئي جفائون،
تنهنجون رمزون عجب ادائون،

هليون ڪهڙيون هاڻي هوائون،

 

 

جي پيار جي لئه ٿيون سزائون،
ڪئن ماڻيان تنهنجون عطائون،

مون لڌيون ڏکن ســـان لائــــون،

 

مون کــــان وسريو تون ۽ آئون،

وڄي هجر جي پئي شهنائي الا،

وڃــــــي جگر هٿئون ٿو جائي.

جيڪا توسان رهي سکالي،

 

 

جيڪا آهي هاڻ ڏکالي،
جنهن ڌار گهـــڙي ڪـين جالي،

جا آهي وفا جي سوالي،

 

 

ڪين وار سا واپس خالي،
منهنجي معصوم ڀولــــي ڀالي،

تــــون ڪري وئين ڏاڍي اٻالي،

 

مون پيار سان هئي جيڪا پالي،

اها دلڙي دکن دکائي الا،

وڃي جگر هٿئون ٿو جائي.

ٿيون سوز و فراق جون ڪاهون،

 

 

دل لڇيو ڪري پيئي دانهون،
ويون قرب جـــون بند ٿي واهون،

ٿي سُڃ ويونم نگاهون،

 

 

نٿيون يار لڀن تنهنجون راهون،
من تون ئي اچين ڪـــو پاهون،

ٻُڌي   ”شاهين“  سڏڙا  دانهون،

 

ڪٺي دل جون قهري ڪراهون،

من ڪهل پوي توکي ڪائي الا،

وڃـــــي جگر هٿئون قـــًو جائي.

 

(شاعر نمبر- 1969ع)

”ناطق“ حسيني

بيت

الله ڪو هجي، جو سنيهو ڏئي سڄڻين،
ايڏي ڪا اٻوجهه سان، ڪچائي ڪجي،
جانب جدائي ۾، آب اکيان اچي،
لُڇي ۽ پَچي، دلڙي درد فراق ۾!

الله ڪو وڃي، سنيهو ڏئي سڄڻين،
مسڪين تي مٺڙا، ڇو ڀيرو ڇڏئي ڀڃي،
درد ڇڏيو آ دل کي، پڃاري جيان پِڃي،
منت مجيب مڃي، اڱڻ آ عجيب تون!

الله شال ڪو، سنيهو ڏئي سڄڻين،
وساري ولهيءَ کي، ويٺين وڃي ڇو،
ايڏي ڪئي تو، ڪچائي ڪميڻيءَ سان!

اڃا پئي جئين، مرين ڇو نه محبن لئه،
کايو کاڄ سلوڻا، مُرڪيو مست ٿئين،
مٺڙي جي مهر پڻ، لڳئي ڪونه هنئين،
وڍي هوند ڏئين، سر کي سڄڻ ڪاڻ تون.

اڃا توکي ٻاڻ، لالڻ جو لڳو ناه،
سورن ۽ سختين جي، توکي ڪهڙي ڄاڻ،
پهرين وڃائي پاڻ، پوءِ پڇج پريتڻو.

اڃا تو ڪو پنڌ، ڪيو ڪونه پرين لئه،
ڏکن کان ڏڪي هي، قابو رک مَ ڪنڌ،
ويٺي پڪو ڪيئن ٿئي، پرت سندو پيوند،
ڳولهين هرهڪ هنڌ، حبيبن لئه ڪونه ڪو؟

 

(شاعر نمبر- 1969ع)

”راز“ بلڙائي

غزل

خدا ڄاڻي ته دشمن ڇو ٿئين اي آسمان منهنجو،
هزارين بار ٺاهيم پر جلايئي آشيان منهنجو!
اميد و ياس حسرت سان وڃان ٿو ڪُوئي دلبر ڏي،
اٿم ايءُ آسرو منزل تي رسندو ڪاروان منهنجو.
خدا جي واسطي بس ڪر، فلڪ آفاتِ پيهم کان،
سهي صدما سگهي ٿو ڪين جگرِ ناتوان منهنجو.
اسيرِ بينوا آهيان، نڪو همدم رهيو باقي،
اچي مشڪل نظر ۾ ڪيئن، ڪو آهي مهربان منهنجو.
هئو سر، سو به مون صدقي ڪيو سهڻي سندي سر تان،
ٻڌائج ڇا وٺين ٿو آسمان تون امتحان منهنجو؟
اٿم اميد جا دل ۾، خدايا! سا تون پوري ڪر،
اچي دلبر، وَسن ويڙها، منور ٿئي مڪان منهنجو.
رکيو مون ”راز“ سيني ۾، بنائي تنهنجي الفت کي،
ٻين کي ڇو ٻڌايان، تون اچي ٻُڌ داستان منهنجو.
 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com